حڪيم عبدالرؤف ڪياني (اردو)
مترجم: يوسف سنڌي
حيدرآباد
بـــاعـــزت
رشيد گهڻي وقت کان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندو آيو
هو، پر هن ڀيري عجيب حادثو ٿي گذريو. کيس اوڪاڙا
ويندي لاهور ۾ پنهنجي ماسات سان ملڻو هو. لاهور
ريلوي اسٽيشن تي لهي پليٽفارم مان ٻاهر نڪرندي هن
پنهنجي شلوار ۾ هٿ وڌو ته سندس هٿ جون آڱريون ٽنگن
جي گوشت کي ڇهي ويون.
ان وقت شديد سرديءَ ۾ پرهه ڦُٽيءَ جو وقت هو.
اونداهي ۽ ڪوهيڙو پاڻ ۾ ٻکين پيل هئا.
ڪوهيڙي ۽ اونداهيءَ ۾ صبح تائين فرق ناممڪن هو.
رشيد ڏاڪڻيون چڙهندي ريلوي اسٽيشن جي ٽريڪ جي مٿان
ٺهيل قديم لوهه جي پل تي قدم رکيو ته هن جا قدم
ڏاڪڻيون چڙهڻ جي لاءِ کڄندا ٿي ويا.
سندس دماغ لاهور اسٽيشن کان پري اوڪاڙا جي جانورن
جي فارم ۾ گهمي رهيو هو.
سامهون بيريئر وٽ بيٺل ڊيوٽيءَ تي ڳاڙهي وردي پاتل
همراهه کانئس ٽڪيٽ گُهري ته رشيد ڪٽيل کيسو
ڏيکاريو، ٽڪيٽ ته پئسن سميت ڪو ڳنڍيڇوڙ ڪٽي کڻي
ويو هو. ڊيوٽي آفيسر کيس اڳيان وڃڻ کان روڪي هڪ
پاسي ويهاري ڇڏيو. جڏهن رش گَهٽي ته کيس هڪ آفيس ۾
انڪوائريءَ جي لاءِ پيش ڪيو ويو.
آفيس ۾ ٻه پوليس وارا ۽ هڪ ريلوائي ملازم موجود
هئا.
هن رشيد جي مُنهن ڏانهن ڏٺو ۽ ڪاوڙ مان رڙ ڪري
چيو: تون ڪيتري عرصي کان مفت سفر جا مزا وٺي رهيو
آهين؟
”ڪافي عرصي کان“، رشيد ڏُکاري لهجي ۾ چيو.
”ٺيڪ آهي.. توکي اجهو ٿا ٿاڻي موڪليون.“
رشيد چُپ.
”ڪٿان چڙهيو هئين؟“
”جي! راولپنڊي مان“
”وڏو مزو ورتو اٿئي..... هيڏو سفر، سو به مفت ۾.“
”ٽڪيٽ ته مون ٻه ڏينهن اڳ ورتي هئي، منهنجو کيسو
ڪٽيو ته ان سان گڏ اها به چوري ٿي وئي.“
”کيسو ڪيئن ڪٽيو؟“
”جي آءٌ کاريان اسٽيشن تي لٿو هئس. اتي مون چانهن
پيتي هئي. ان مهل منهنجو کيسو سلامت هو. ان
کانپوءِ خبر ڪونهي، مونکي ڪجهه به ياد نٿو پوي ها
جڏهن ٽرين لاهور پهتي ته هڪ مائيءَ جي ڪپڙن واري
ٿيلهي ڦاٽي وئي آءٌ ان جي مدد لاءِ جهڪيس ته جيئن
کيس ڪپڙا ميڙي ڏيان اتي منهنجي بي ڌيانيءَ ۾ شايد
ڪنهن واردات ڪري ورتي هجي.“
”بهانا نه گهڙ.... سچي ڳالهه ٻڌاءِ.
مون زندگيءَ ۾ تو جهڙا ڪيترا بهاني باز ڏٺا آهن.
اسان جي سامهون ته وڏا وڏا ڏوهاري به سچ نٿا لڪائي
سگهن.“
رشيد پاڻ کي صفا ڦاسندي ڏٺو ته ساڻس پنهنجي مامي
جو ذڪر ڪيو، جيڪو راولپنڊيءَ ۾ ڪنهن ٿاڻي ۾
ايس.ايڇ.او مقرر ٿيل هو.
ايس.ايڇ.او اڪبر جو نالو ٻڌندي ئي ريلوي آفيسر ۽
پوليس وارن کيس ڪرسيءَ تي ويهاريو ۽ راولپنڊي ٿاڻي
۾ فون ڪري ايس.ايڇ.او کي رشيد سان ٿيل واقعي بابت
ٻڌايو ويو.
ايس.ايڇ.او اڪبر کين رشيد جي پارت ڪئي ۽ سندس هر
ممڪن مدد جي لاءِ چيو.
آفيسر ايس.ايڇ.او کي ٻُڌايو ته هن اوهان جي ڪري
رشيد کان ڪنهن به قسم جي پڇا ڳاڇا نه ڪئي. وٽس
موجود ٽرين جي ٽڪيٽ به سندس کيسي ڪٽجڻ سبب گم ٿي
ويئي آهي. اسان کيس ماني کارائي آهي ۽ اوڪاڙا جو
ڪرايو به ڏنو آهي.“
رشيد کي فون تي ايس.ايڇ.او اڪبر سان ڳالهرايو به
ويو.
رسيور رکندي ئي رشيد جي لاءِ ماني به گهرائي ويئي.
ان وقت لاهور کان اوڪاڙا تائين ڀاڙو ستر رپيا هو،
ريلوي آفيسر رشيد کي سئو رپيا ڏنا ۽ کيس ٻن نوڪرن
سان گڏ اوڪاڙا جي بس اسٽينڊ تائين پهچائڻ جي لاءِ
روانو ڪيو.
رشيد وڌيڪ ٽن ڪلاڪن جو سفر ڪري پنهنجي مامي
ايس.ايڇ.او اڪبر جي فارم تي پنهنجي مامي جي پُٽ وٽ
پهتو.
ٻه ڏينهن اتي ٽڪڻ کانپوءِ هُو واپس راولپنڊي پهتو.
هيڏانهن ايس.ايڇ.او اڪبر ڪجهه نالي وارن ڳنڍيڇوڙ
کي جهلي ٿاڻي ۾ پوري ڇڏيو هو.
اُن وقت تائين جانچ جو دائرو محدود هو، رشيد جي
واپس پهچندي ئي جانچ جي ڪاروائي تيز ڪئي ويئي.
ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ راولپنڊي ۽ آسپاس جا لڳ ڀڳ پنج
ڳنڍيڇوڙ بند هئا. انهن ۾ ناليرن بشنين ڳنڍيڇوڙن ۽
نوسربازن شيدا ۽ شاڪڙ ڦاٽ ڦاڙيو ته: ”ايس ايڇ او
صاحب! اوهان کي ته خبر آهي ته ”ماڪو“ اسان جو
استاد آهي. کيس گهرايو وٽس وڌيڪ تفصيل هوندا.“
ڪجهه ڪلاڪن اندر فون ڪال تي ماڪي کي پيش ڪيو ويو.
هن ايندي ئي چيو: ”ايس ايڇ او صاحب! مون گذريل
مهيني جو حساب ڪتاب ته موڪلي ڏنو هو. پوءِ مونکي
ڪهڙي ڏوهه ۾ گهرايو ويو آهي.
”ڳالهه هيءَ آهي ماڪا ته ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي
ڀاڻيجي جو کيسو ڪٽجي ويو هو، ان ۾ ٻه لک رپيا هئا.
اهو واقعو راولپنڊي کان لاهور ريل ۾ سفر ڪندي پيش
آيو آهي.“
”سائين! اوهان کي ته خبر آهي ته قانون ۽ ڳنڍيڇوڙ
جي ڪنهن سان مٽي مائٽي نه هوندي آهي.“ ماڪي مُڇين
کي وٽيندي ۽ ڏند ٽيڙيندي چيو.
ايس.ايڇ.او ڏانهنس سواليا نظرن سان ڏٺو ۽ پنهنجي
ٺونٺ ميز تي رکندي پنهنجي هٿ جي تريءَ کي کاڏي
هيٺان ڏيندي ڪجهه دير سوچيندي، پوءِ هٿ ۾ کنيل
ڏنڊي سان ميز تي ٺڪ ٺڪ ڪندي چيو. ”پوءِ ڇا ڪجي.؟“
”جيئن سرڪار جو حڪم ٿئي.“ ماڪي چيو
”جلدي ٻڌائي ته ڪهڙي رشيد جو کيسو ڪٽيو آهي.“
رشيد کي گهرايو ويو. رشيد کي ڏسندي ئي ماڪي چيو ته
هن رشيد کي سڃاڻي ورتو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هن
راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي رشيد کي ڏهن هزارن ۾
وڪرو ڪيو هو.
”ڇا مطلب؟“ ايس.ايڇ.او ڪاوڙ مان چيو
”مطلب اهو آهي ته اسين ڪاروباري ماڻهو پنهنجي حد
ختم ٿيڻ کان پهرين مالدار مسافر کي ٻي حد جي کيسو
ڪٽيندڙ کي وڪڻي پنهنجي رقم کڙِي ڪري وٺندا آهيون.
رشيد جڏهن بئنڪ مان پئسا ڪڍرائڻ جي لاءِ بئنڪ ويو
ته مون کي ڪافي پنڌ تائين سندس پويان وڃڻو پيو هو.
هيءُ جيئن ئي ٽڪيٽ گهر جي گئلري ۾ پاڻي پيئڻ جي
لاءِ جهڪيو ته مون بليڊ سان سندس کيسو ڪٽڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر هن جي چوڪس نظر اچڻ تي مون پاڻ کي اوپرو
ظاهر ڪندي کانئس ٽرين جي قوتن ۽ شهرن جي اسٽاپن
بابت پڇيو ۽ کانئس سندس آخري اسٽيشن پڇندي مونکي
گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي. منهنجو ساڻس گڏ لاهور تائين وڃڻ
ممڪن نه هو، منهنجي حد جهلم تائين هئي. ان کانپوءِ
ڀولي جي حد آهي. مون جهلم شهر کان رشيد کي ڏهن
هزار روپين ۾ ڀولي کي وڪرو ڪري ڏنو، پئسا کيسي ۾
وڌم ۽ واپسيءَ جي ٽرين ۾ فقط پندرهن سئو رپيا
ڪمايم.... دينا اسٽيشن تي لهندي هڪ پوڙهيءَ پنهنجو
پرس ڪڍيو هو. مون کيس پاڻي جو گلاس ڏيندي وڏي
صفائيءَ سان پندرهن سئو رپيا ڪڍيا رفو چڪر ٿي ويس.
اڳيان جو حال هاڻ ڀولو ڄاڻي ۽ اوهين....“
پوليس اسٽيشن ۾ راولپنڊي کان وٺي لاهور تائين هر
حد جا لليچا، ڳنڍيڇوڙ ۽ کيسو ڪٽيندڙ ٿاڻي ۾ اچي گڏ
ٿيا هئا. ڪو سوپاريون چٻاڙي رهيو ته ڪو وري سگريٽ
مان سوٽا هڻي رهيو هو. ٿاڻي ۾ سڀني جي سُٺي عليڪ
سليڪ هئي. اُتي موجود پوليس وارا ۽ پوليس آفيسر
کيس سندن نالن شيدا جي، يار، شاڪو ۽ ماڪو جگر جي
محبت ڀريل نالن سان سڏي حال احوال پڇندا، مرڪندا
پنهنجي ڪم ۾ لڳا پيا هئا. کيسو ڪٽيندڙ پاڻ کي ٿاڻي
۾ تحفظ جي احساس ۾ محسوس ڪري رهيا هئا. عوامي
جڳهين تي سندن چهرن تي جيڪو ڊپ هوندو آهي، اهو
ٿاڻي تي پهچي ختم ٿي چڪو هو.
پيٽ وڌيل اڍنگين مُڇين، ڏاڙهيون وڌيل ۽ ڪلهن تي
پيل ڳاڙهن ۽ پٽا پٽي رومالن وارا کيسو ڪٽيندڙ واري
واري سان جانچ جي لاءِ پيش ٿي رهيا هئا. سڀني کيسو
ڪٽيندڙ جي پاڻ ۾ گهري دوستي ۽ ڪُٽنبي لڳ لاڳاپو
هو.
ٿاڻي ۾ هڪ پراڻي گهاٽي وڻ جي هيٺان هُو سڀ هڪ ٽولي
جي شڪل ۾ ويٺا هڪٻئي کي پنهنجن گُرن ۽ طريقن بابت
فخريه انداز سان پنهنجا ڪارناما ٻڌائي رهيا هئا ۽
ٽهڪ ڏيندا پنهنجي واري اچڻ تي، نالو پڪارجڻ تي
جانچ جي لاءِ حاضر ٿي پي ويا. ڀولي جي جانچ مڪمل
ٿي ته پندرهن هزارن ۾ رشيد کي خريدڻ واري مانجوءَ
کي جانچ جي لاءِ سڏيو ويو. ڀولي جي حد کاريان تي
ختم ٿيندي هئي ۽ مانجو جي حد شروع ٿيندي هئي.
کاريان کان مانجوءَ پنهنجن خانداني گُرن تي ڀروسو
ڪندي پندرهن هزار روپين ۾ ٻن لکن جو ٻڪرو خريد ڪري
ورتو.
مانجوءَ پنهنجو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ دل ۾ باس باسي
ته ڪاميابي جي صورت ۾ هُو ڀت جي ديڳ چاڙهيندو ۽
غريبن کي کارائيندو.
هن چپن ئي چپن ۾ ڪجهه پڙهي پاڻ تي ڦوڪيو ۽ هڪ نظر
رشيد کي ڏسي، ساڻس گڏ ويهي رهيو. هن ڪڏهن اخبار
پڙهڻ جي بهاني ته ڪڏهن شربت چانهه ۽ هِتان هُتان
جي خبرن چارن وٺڻ جي بهاني ساڻس ڏيٺ ويٺ جي ڪوشش
ڪئي.
مانجوءَ وٽ اهڙو گُر به آهي، جو قابوءَ ۾ نه ايندڙ
شڪار پاڻ مرادو رقم مانجوءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندو
آهي. مانجوءَ آخري گُر آزمائڻ کان اڳ پهرين ننڍا
وڏا گُر آزمايا ته جيئن هن جو هٿ کيسي تائين پهچي
۽ هُو رقم ڪڍي وٺي نه ته هُو ان رقم جيتري وزن جا
جنهن ۾ هزار ۽ پنج سئو وارن نوٽن جي سائز جي ڪٽيل
ڪاغذن جي مٿان هڪ هڪ هزار جو اصل نوٽ هڻي، ٿهي
ٺاهي، کيسي مان اصل رقم ڪڍي ان جي جاءِ تي ٿهي
وجهي ڇڏڻ مانجوءَ جو آخري گُر هو.
هُو هٿ کي هوريان هوريان سرڪائيندو هن جي قميص جي
هيٺان کيسي جي زنجير کولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، پر
جيئن ئي هن جو هٿ رقم تائين پهتو ته رشيد کي ڪجهه
محسوس ٿيڻ لڳو، هن جي حرڪت ۾ ايندي ئي مانجوءَ
پنهنجو هٿ پويان ڪري ورتو.
گجرات جي اسٽيشن تي مانجوءَ جي حد ختم ٿي ته هُو
مايوسيءَ جي عالم ۾ هيٺ لٿو ۽ پندرهن هزارن جو مال
ويهن هزارن ۾ وڪرو ڪري ڇڏيائين.
رشيد کي خبر ئي نه هئي ته سندس هر اسٽيشن تي اگهه
وڌندو پيو وڃي ۽ هڪ کانپوءِ ٻئي جي شِڪنجي ۾
ڦاسندو پيو وڃي.
هاڻ بلي استاد جو وارو هو. گجرات مان ٽرين ۾
چڙهيو. سندس حد گوجرانولا تائين هئي. هُو ڏاڍي
هوشياري اٽل ارادي ۽ حاضر دماغيءَ سان پنهنجي شڪار
طرف وڌيو.
رشيد پنهنجي سيٽ تان اٿيو ۽ واش روم ۾ هليو ويو.
رشيد واش روم ۾ دير لڳائي ته بلي کي کٽڪو ٿي پيو
ته گوجرانوالا تائين سفر تمام گهٽ آهي، ڪٿي ايئن
نه ٿئي جو سندس ويهه هزار روپيا ٻڏي وڃن.
هن واش روم جو دروازو کڙڪايو. رشيد جلدي ٻاهر نڪتو
۽ ”بلو“ معذرت ڪندي اندر گهڙي ويو. ٿوري دير
کانپوءِ هُو واپس اچي سيٽ تي ويٺو. ٿوري دير
کانپوءِ جڏهن هڪ اڌڙوٽ همراهه پنهنجي سيٽ تان اٿيو
ته بلو هڪدم رشيد جي کاٻي پاسي اچي ويٺو. بلو،
رشيد سان باربار پيشاب جي حاجت جي تڪليف جو ذڪر
ڪندو رهيو ۽ نيٺ پنهنجي سڀ کان بهترين گُر آزمائڻ
جو فيصلو ڪيائين.
بلي پنهنجي کيس مان ڏيڍ لک روپيا ڪڍيا ۽ رشيد جي
هٿ ۾ امانت طور ڏيندي هُو ٻيهر واش روم ۾ هليو
ويو. هن دراصل رشيد جو ڀروسو حاصل ڪرڻ ٿي گهريو ۽
هن جي مرضي هئي ته رشيد به مٿس ايئن ڀروسو ڪري ته
هُو ڪنهن ٻي بوگيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٻي اسٽيشن تي لهي
وڃي.
هُو واش روم مان واپس موٽيو ته رشيد رقم سندس
حوالي ڪئي. بلو بار بار رشيد کي واش روم وڃڻ جي
ترغيب ڏيندو رهيو، پر رشيد کي واش روم وڃڻ جي ڪابه
عادت نه هئي.
بلي جي حد ختم ٿي وئي ته هن پنجويهن هزار روپين ۾
ڳنڍيڇوڙن جي مشهور ۽ پنهنجي ڪم ۾ ڀَڙ ”استاد جٽا“
جي حوالي ڪري ڇڏيو....
استاد جٽا پنهنجن سڀني ڪارن ڪرتوتن سان گوجرانوالا
کان رشيد جي پويان لڳي ويو.
هُو هر گُر آمائيندو هو. جٽي استاد اهڙا گُر به
کيڏيا هئا، جو هُو ڏهن ويهن هزارن جي خاطر ڪنهن جي
جان وٺڻ کان به نه ڪيٻائيندو هو.
استاد جٽي گوجرانواله مان مريد ڪو اسٽيشن ڪراس
ڪندي فون تي هڪ ٽئڪسي واري کي اسٽيشن جي ٻاهر
اوسئيڙو ڪرڻ جي لاءِ چيو.
جٽا استاد پنهنجي رٿا کي آخري شڪل ڏي ٿو ۽ لاهور
اسٽيشن کان اڳ ئي رقم حاصل ڪرڻ يا وري ڪنهن
اونداهي هنڌ تي رشيد سان ٻکين پئجي رقم حاصل ڪرڻ
جو خواب ڏسي ٿو. ٽرين جيئن جيئن لاهور اسٽيشن جي
ويجهو پهچي رهي هئي ته ٽرين جي آواز سان گڏ جٽا
استاد جي حَوس ۽ لالچ به وڌنڌي پي ويئي.
ٽرين پنهنجي مقرر اسٽاپ تي بيٺي.
هڪ پوڙهي مائي شاپنگ بيگ ۾ ڪپڙا کڻي ٻن نوجوان
ڇوڪرين سان گڏ پنهنجن خيالن ۾ مگن وڃي رهي هئي. هن
جي ساڄي پاسي هلندڙ نوجوان ڇوڪرين جن جي شلوارن جا
پائنچا مُرين کان مٿي هئا ۽ هنن کي وڏين کڙين وارا
سئنڊل پاتل هئا، ڏاڍي ڏکيائيءَ سان پنهنجن جوتن تي
پنهنجو وزن برقرار رکي پي هليون. هُو چيونگم
چٻاڙينديون پنهنجن آڱرين سان پنهنجن وارن کي
سنوارينديون، وڏي ناز سان هلي رهيون هيون ۽ رشيد
بي خياليءَ ۾ انهن ڏانهن ڏسي رهيو هو.
ان گهڙيءَ استاد جٽا پنهنجو هٿ هلايو ۽ سرجيڪل
بليڊ سان پوڙهيءَ جي شاپنگ بيگ کي ڪٽ هنيو. سڀئي
ڪپڙا رستي تي ڍڳ ٿي ڪري پيا. استاد جٽا رشيد کي
پوڙهيءَ جي مدد لاءِ سڏيو ۽ ساڻس گڏجي ڪپڙا ميڙڻ
لڳو. ٿيلهيءَ مان ڪپڙا ڪرندي ئي رڙ ڪئي. هاءِ
الله. هي ڇا ٿيو، پر پنهنجي جاءِ تان چريون به
ڪونه. رشيد ڪپڙن کي سنڀالڻ سان گڏ ڇوڪرين کي به
ڏسڻ لڳو. جٽا استاد کيس اتي بيهڻ جي لاءِ اشارو
ڪيو ۽ پاڻ هڪ وڏي سائيز جي ٿيلهي وٺڻ جي لاءِ هليو
ويو. ٿوري ئي دير کانپوءِ هن هڪ وڏي شاپنگ بيگ
رشيد جي هٿ ۾ ڏني ۽ ڇوڪرين کي ڪپڙا ويڙهي ٿيلهيءَ
۾ وجهڻ لاءِ چيو. ٽرين جي گوڙ ۽ شور ۽ ماڻهن جي
پيهه ۾ بيٺل رشيد ۽ جٽا استاد ڏانهن ڪنهن جو به
ڌيان نه هو ۽ کين ڪير به نه ڏسي رهيو هو.
ان مهل جٽا استاد هٿيار جو وار رشيد جي کيسي تي
ڪيو ۽ رقم ڪڍندي ئي کين ان ئي حالت ۾ بيٺل ڇڏي گم
ٿي ويو. هاڻ رشيد وٽ پڇتاءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به
نه بچيو هو.
اها ته هن جي قسمت چڱي هئي، جو سندس مامو
ايس.ايڇ.او هو.
ٿاڻي ۾ اڄ جانچ مڪمل ٿي چڪي هئي.
شيدا، شاڪو، ماڪو، ڀولا، مانجو، بلا ۽ جٽا استاد
هڪ ئي قطار ۾ بيٺا هئا.
اُستاد جٽي رقم ايس.ايڇ.او جي حوالي ڪئي ۽ رشيد کي
ڪيترائي ڀيرا وڪرو ڪندڙ سڀئي بشني ٿاڻي مان عزت
سان روانا ٿي ويا.
نور حسين ڪلهوڙو
ڪهاڻيون
ٽُٽل مورِي، ڏينهن ڏٺي جي چوري
هُو پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول ۾ ڇڏي واپس اچي رهيو
هو. صُبح جا اَٺ لڳي ويهه منٽ ٿيا هئا. روڊ سان
گاڏيون ڊوڙي رهيون هُيون. ڪالونيءَ ڏانهن ويندڙ
لنڪ روڊ ٽُٽل موريءَ تي ٻه ٽي ماڻهو منڌل حالت ۾
بيٺل هئا، جيڪي ڊٺل موريءَ جي کڏي کي غور سان ڏسي
رهيا هيا.
هن سوچيو ته.... ٽُٽل موريءَ تي پڪ سان ڪو نقصان
ٿيو آهي. ڪا گاڏي لڳي آهي، پاسي تي رڪشا بيٺل هئو.
هن تڪيندڙ ماڻهن کان پڇيو.....!!؟
خير ته آهي. ٽئي پريشان بيٺا آهيو. ڪو نقصان ته نه
ٿيو آهي!!؟
بيٺل ماڻهن ورندي نه ٿي ڏني.
هن ورجائي ٻيهر انهن کان ٽٽندڙ موريءَ سبب ڪنهن
نقصان ٿيڻ بابت پڇيو.....
آخر ڇا ٿيو آهي......!!!
ٽنهي مان هڪ ڀڻڪو ڏئي چيو.......
اصل ۾ بيٺا ان لاءِ آهيون ته.....
موريءَ مان لوهه جا سريها ڪيئن ڪڍون......
هن کان کل نڪري وئي.....
ڏهين آڙي
هوءَ گهڻو ڀڳي ڊُڪي، اُڏامي، پر بندوق جي ٻئي ڌڪ ۾
مياڻي وڃاڻي ويٺي. سيارو گهڻن پکين جا سِرَ کڻندو
آهي. ازل کان لکين پکي لٽيا. پر ور ور ڏئي سنڌ
ڏانهن ٿي وريا. سائيبيريا جي عضوا ڪپيندڙ ٿڌ....
پکين کي پنهنجي تر مان تڙيندي آهي. نومبر جي مٺڙي
ٿڌ سنڌ ڏانهن کين سڏيندي آهي. سڀ کان پهرين آڙي
ميدان ماري سنڌ پُهچندي آهي. پٺيان ڪرڙا، ٽگوش،
نيرڳ ۽ ٻيا ولرن جا ولر اُڏامي اچي سنڌ ۾ ٽٽندا
آهن. اڃا هنن جي ٿڪاوٽ ۽ غذائيت پوري نه ٿيندي آهي
ته ماري بندوقون کڻي سندن ڪڍ پوندا آهن. سنڌ جي
آڪاش تي جڏهن پکين جا ولر اُڏامندا آهن، تڏهين
آسمان ڪائنات جي تخليقن ۾ رنگ به رنگي ٿي ويندو
آهي. ڄڻ آسمان تي قسمين قسمين گُل ٽڙي پوندا آهن.
پکين جي مٺڙين من لڀائيندڙ ٻولين ۾ سنڌ جو اُفق
موسيقيءَ جي آلاپ ۾ ٻُري اُٿندو آهي.
ڪونج جي درديلي آواز ۾ شاهه جو سُر حسيني هوندو
آهي.
رات جو پهريون ۽ پويون پهر پکين جي مٺڙن ٻولن ۾
نغمگي پيدا ڪندو آهي. سائيبريا جا پکي وڏيون
منزلون هڻي ڪيترائي ملڪ ڇڏي هر سال ذوق ۽ شوق سان
سنڌ ۾ پهچندا آهن. هيءُ پکي سنڌ جي ڪنهن به پکيءَ
سان ڪا کوئنس نه ڪندا آهن. هي پکي سياري جا ٽي
مهينا سنڌ ۾ هوندا آهن. وري واپس پنهنجي ملڪ
سائيبريا هليا ويندا آهن. خوش ۽ ٻلهار ٿيندي سنڌ ۾
پهچندا آهن. ۽ گهڻو ڪُجهه وڃائي زخمي ٿي روئندي
رڙندي ڪنجهندي ڪُڻڪندي واپس ٿيندا آهن.
سندن قافلي جا ڪيئي رفيق سنڌ ۾ ڪُٺا ويندا آهن.
ڪيئي زخمي پکي جسماني ۽ روماني اذيت کڻي، ماريل ۽
وڃايل رفيقن جو درد کڻي لُٽيل قافلي جيان واپس
روانا ٿيندا آهن.
نومبر جي شروعات ۽ پکين جا ولر جيئن ئي لٿا ته....
ماڻهن جا ايترائي ڊنب مارڻ لاءِ پٺيان پئجي ويا.
ايرا، غيرا، نٿو خيرا، شڪاري بڻجي. پکين کي قتلام
ڪندا رهيا. ونجهه، ونجهر، ڄار، ڊٻريون، بندوقون
سوين قسمن جي ڦندن سان پکين کي مارڻ لڳا.
وڏيرو هيبت خان به پنهنجا واٺا وٺي، بندوق ڪلهي ۾
هڻي ڍنڍ تي پُهتو رات جي اونداهه ۾ ملاحن کيس ٻيڙي
تي آڻي، گهاٽي پن، ۽ ڏير جي جهنڊ ۾ آندو.... سڄي
ٻيڙي پن ۽ ڏير جي ساون پنن سان ڍڪي وئي. اٺ ڏهه
واٺا، پٺا اگهاڙا ڪري لانگوٽيون هڻي، وڏيري جي ڌڪ
۽ حڪم تي ڍنڍ ۾ ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا. وڏيرو
چوٿڙيئي جا ٻه ڪارتوس نالي بندوق ۾ ڀري ٻيڙيءَ جي
ماڳ واري تختي تي اونڌو ٿي بندوق تڪي پکين کي
نشانو بنائڻ لڳو.
پکي بي فڪر ٿي، پنهنجي غنت ۽ سرگوشين ۾ ٽٻيون هڻي،
ڍنڍ مان مُٺ گاهه ۽ ڪچڪول ڪڍي پنهنجي پيٽ جي بک
ختم ڪرڻ لڳا.
هيبت خان واٺن ۽ ملاحن کي ساهه ماري ٻيڙيءَ جي تري
۾ ويهڻ لاءِ چيو. سيءُ سندن عضون کي ڪپي رهيو هيو.
سخت سرديءَ ۾ کين رڦڻي وٺي ٿي وئي. پر هيبت خان جي
حُڪم تي، ڍنڍ جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ بُل ڏيڻ لاءِ بلڪل
تيار لڳا ويٺا هُيا.
هڪ وڏيرو ڏهن ماڻهن جي حياتي پنهنجي هٿ ۾ ڪيون
ويٺو هُيو. پکين جون حياتيون بندوق جي نالي تي
تڪيون ويٺو هُيو.
ٻيڙيءَ تي ڪنهن ٿورڙي به سُسُ پس ٿي ڪئي ته وڏيري
ملائي کين ٻوٽ ۾ ڀونڊو ٿي ڏنو. ليٽيل اونڌو وڏيرو
پاسراٽيون ڦيرائي بندوق جو نال اک ۽ نڪ تي تڪي،
پکين جي قطار کي چٽڻ لڳو.
چنڊ نڪري نروار ٿيڻ لڳو هو. پٺن اُگهاڙا ٻيڙيءَ ۾
ويٺل واٺا ساهه مٺ ۾ ڪيون ويٺا هُيا. ڄڻ دم پچائڻ
لڳا.
هيبت خان کي پنهنجي بيلجيم جي بندوق ۽ نشاني تي
ناز هُيو. دنالي بندوق ۾ چوٿڙيا ڪارتوس نڪرڻ لاءِ
آتا هُيا. آڱريون بندوق جي گهوڙي جو لغام ڇڪيون
بيٺيون هُيون. اوچتو ٺڪاءُ ٿيو.
وٺ ڀڻان...... وارو ڀڻان..... ملاح ۽ واٺا لڌڙن
وانگر ڍنڍ ۾ پيا گُهتون هڻي زخميل ۽ تڙپندڙ پکين
کي پڪڙي. ٽنگون ڀڃندي ٻيڙيءَ ۾ اُڇليندا ويا.
هيبت خان حرام ٿيڻ کان بچڻ لاءِ........ پکين کي
تڪڙيون سيرون ڏيندو ويو.
ڀڳل ٽنگن سان هڪ آڙي اُڇل تي ٻيڙيءَ ۾ ڪري نه
سگهي. سندس ٻڌل پر کلي ويا. ٿورڙو وٿيرڪي اُڏامي
کنڀڙيون هڻي ڏير ۽ پن جي جُهنڊ ۾ لڪي وئي.
ترندڙ ۽ اُڏندڙ پکين تي وڏيري چوٿڙيئي جا ٻه
ڪارتوس وهايا. نَوَ پکي نشانو بڻجي ٻيڙيءَ ۾ پيا.
ڏهين زخمي کي ڍنڍ جي پن ۽ ڏير پناهه ڏني.
اُڇل ۾ اوجهل ٿيل ڏهين آڙيءَ جي گهڻي ڳولا ڦولا
ڪئي وئي، پر واٺن کي هٿ نه آئي. ڍنڍ ۽ جهنگ ماءُ
بڻجي کيس تحفظ ڏنو.
بندوق جي ٺڪائڻ تي باقي سڀ پکي اُڏامي، ٻين ڍنڍن
جي نشاني تي پُهتا. واٺا ٿڌ، سيءَ ۽ يک پاڻيءَ ۾
وٺجي ويا.
ٻيڙي ڊوڙائي سُڪيءَ تي پُهتا.
وڏيري هيبت خان ڍنڍ کان ٻاهر نڪرندي ٻنين ۾ رکيل
پلال جي لول کي الڳ ڪرائي باهه ڏني. باهه جا اُلا
آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا مس وڃي واٺا ۽ ملاح
سامت ۾ آيا. وڏيري ۽ واٺن ماريل پکين تي وڏا ڀوڄن
ڪيا. شڪار جون لٻاڙون هڻي وڏيري کي واهه واهه چوڻ
لڳا.
سياري جا ٽئي مهينا پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتا. اپريل
جا صبح شروع ٿيا. حياتيون وڃائيندڙ پکي، شيخ ڪباب،
ٽڪيون ۽ ٻوڙ بڻجي ماڻهن جي پيٽ جو کاڄ بڻيا. زخمي،
۽ معذور بچيل آڙي نه ڪنهن جو کاڄ بڻي نه پنهنجي
ولر جي قافلي جي رفيق بڻجي سگهي.
هوءَ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ حياتيءَ جا ڏينهن ڳڻڻ
لڳي. ڪنهن کي ڪا ڪل نه هُئي ته هڪ آڙي زخمي ٿي
اُڏام کان رهجي وئي. اونهاري جي ڪاڙهن کان بچڻ
لاءِ، ڇاپرن جوڙڻ لاءِ، پن ۽ ڏير ڪٽڻ لاءِ....
ساڳيا ملاح ساڳي ڍنڍ ۾ پُهتا.
اوچتو جهڳٽن مان معذور آڙي، ٿورڙو اُڏامي، ٽٻون
هڻي ڏير ۽ پن ۾ لڪڻ لڳي.
خوشامدڙيا ملاح وڏيري جي خوش بندي حاصل ڪرڻ لڳا.
ڊوڙي وڏيري هيبت خان وٽ پهتا.
وڏيرا سائين.....!!
ڏهين زخميل آڙي اڃا جيئري آهي ساڳي ڍنڍ ۾ آهي.
وڏيري هيبت خان کان ڇرڪ نڪري ويو.
اڙي ميرڀر چوين ڇا پيو....!!! جون جولاءِ جا ڪاڙها
پهچڻ تي آهن. سڀ پکي وهي ويا......
هينئر آڙي ڍنڍ ۾ ڪٿان آئي.......!!!؟
ڀوتار قسم سان سچ ٿا چئون.......
تنهنجي نشاني واري ڏهين آڙي اڃا جيئري آهي.
وڏيري ماڻهن جي لوڌ آڻي..... ڍنڍ جي پن ۽ ڏير جي
جهنگ ۾ ٻڙ ڌڪ مچايو. ضعيف ۽ معذور آڙي. پنهنجي
حياتي بچائڻ لاءِ گهڻيون هٿوراڙيون هڻي لڪڻ لڳي.
ماڻهن جي تڙ ڀيڙ ۽ نشانن مان نڪري، آڙي پڌري
پاڻيءَ تي نروار ٿي.
وڏيري وري ٻيڙيءَ جي اڳ واري ڦرهي تي اونڌو ليٽي
بيلجيم جي بندوق سان نشانو بنائڻ لڳو.
اوچتو ٺڪاءُ سان، ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ پڙلاءِ پيدا
ٿيا. ڍنڍ ۾ اندر ۽ ٻاهر مخلوق ۽ جيوت جو هنيانءَ
ڏڪي ويو.
واٺن جي ڪنن جا پردا ڄڻ ڦاٽڻ لڳا.
ويجهي جي نشاني تي چوٿڙيئي ڪارتوس جا ڇرا معذور
آڙيءَ جي جسم ۾ پيوست ٿي ويا. مٿان ٻيو ٺڪاءُ
ٿيو......!!
سڄي آڙي ڇرن ۾ پروڻ ٿي وئي.
واٺن آڙيءَ کي پڪڙي، جلديءَ ۾ وڏيري آڏو ٻيڙيءَ ۾
اُڇليو، پر تيستائين سندس دم پرواز ٿي چُڪو هئو.
سندس جسم تي هنڌين هنڌين ڇرا آرپار ٿيل هئا.
وڏيري ڪاوڙ مان ڇُري ۽ بندوق کي ٻيڙيءَ ۾ سٽيو
مرده آڙي جي معذور ٽنگن کي پڪڙي ڏير ۽ پن جي جهنگ
۾ اُڇلايو.
پن ۽ ڏير سان گڏ وشال پاڻيءَ ۾ اُداسي ڇائنجي وئي. |