سيد منظور شاهه لڪياري
ٽنڊو جان محمد
نظم
ها، جي مون کان پڇين ٿو جنم سنڌ جو،
ابتدا آه آدم جو دم سنڌ جو!
سنڌ واسي ٻڌو هيءَ تصديق آ،
هِن جي مٽي مان آدم ٿيو تخليق آ،
پيار وارن تي ٿيو آ ڪرم سنڌ جو!
هن جي محبت ۾ موسيٰ به مستان هو،
هير ٿڌڙي رسولِ خدا هو چيو،
حق ۽ سچ تي رهيو آ علم سنڌ جو!
هِن جي مهراڻ جو آه رتبو وڏو،
هي ئي مِترا، اگني ۽ اندرا رهيو،
سو ته پوڄيو ويو ٿيو ڌرم سنڌ جو!
هي ’مهاديو‘ گوتم جي روحن جي جاءِ،
هن کان جنهن ڀي گهريو جهول ڀرجي مليا،
ماءُ جيان پيار آهي نرم سنڌ جو!
هيءَ جا بڻجي وئي بابُ اسلام جو،
عِلم جو آستان، روشني جو ڏيئو،
هر قدم سوجهرو، دمبدم سنڌ جو.
هن جا دودا به هئا، هن جا راڻا به هئا،
سنڌ جي درد وارا، سياڻا به هئا،
پرزا پرزا ٿيو، اڄ ڀرم سنڌ جو!
هيءَ جا ڪلهه ڀي لُٽي اچ به لٽجي پئي،
هن جي ڇاتي غيرن سان سٿجي پئي،
صاف ڏسجي پيو، سو زخم سنڌ جو!
گر جي مالڪ پڇي، توکي ڇا ٿو کپي،
مال ملڪيت يا ڪو دم فقيري کپي،
مان چوان اي خدا! ڏي صنم سنڌ جو!
هي درويش ولين جي آرام گاهه،
هن جي مٽي ٿي ’منظور‘ خاڪ شفا،
آهي محبت ڦٽن لئه، مرهم سنڌ جو!
خليل عارف سومرو
جوهي
غزل
مِٽيءَ عاشقيءِ کي ڄڻيو،
مِٽيءَ شاعريءَ کي ڄڻيو.
مِٽيءَ سان ملي جو مِٽي،
مٽيءَ زندگيءَ کي ڄڻيو.
مٽي مان جُڙيو چنڊ هو،
مِٽيءَ پَرٿوي کي ڄَڻيو.
ستارا مِٽيءَ مان ٺهيا،
مِٽيءَ هر نديءَ کي ڄڻيو.
مِٽيءَ موهه ۾ مَنڊ هو،
مِٽيءَ روشنيءَ کي ڄَڻيو.
مٽيءَ مان ڦُٽا سُر سڀئي،
مِٽيءَ راڳڻيءَ کي ڄَڻيو.
مِٽيءَ سُونهن سُرهاڻ ۽،
مِٽيءَ آگهيءَ کي ڄَڻيو.
مٽيءَ ماءُ عارف بَڻي،
مِٽيءَ هن ڪويءَ کي ڄَڻيو.
مصروف چانڊيو
عمرڪوٽ
غزل
سانجهه نيري بيقراري چاهتون،
درد ڳوڙها سوڳواري چاهتون.
نينهن ڪورو، خواب ڪنوارو، نرم دل،
تار تازي دل اُڌاري چاهتون.
ياد سوچن ۾ ٻڏل، چنڊ کي تڪڻ،
چڻنگ جواني رات ڪاري چاهتون.
هُو پري آ ڪير هن کي چئي وڃي،
پيون مرن تولاءِ پياري چاهتون.
ڪيترو مالهڻ کپائيندي اڃان،
گرم جهولا، گل کاري چاهتون.
اس نٽهڻ پير نازڪ دڳ تتل،
اوٽ ٿوهر، گرم واري چاهتون.
محبتون گهرجن ته اچ تون سنڌ ڏي،
سونهن سوڀيا سڪ ساري چاهتون.
ڪير ٿو ’مصروف‘ ڪنهن جي ڪم اچي،
چپ ڀڻڪا سوچ طاري چاهتون.
مايا ساگر اوڏ
ٽنڊوالهيار
وائي
تن من تڙپي توسِوا!
خالي دل جو ڪاڪ،
تن من تڙپي توسِوا!
نيڻن کان ننڊ ڏور آ،
روح به آ رولاڪ،
تن من تڙپي توسِوا!
سَنڌُ سَنڌُ سارو سُورُ آ،
چِڪيا چاهت چاڪ،
تن من تڙپي توسِوا!
تون راڻو آن روح جو،
کول ته دل جا تاڪ،
تن من تڙپي توسِوا!
مان تُنهنجي پيرن سندي،
’مايا ساگر‘ خاڪ،
تن من تڙپي توسِوا!
محمد منٺار هوت
جهڏو
غزل
هينئين ۾ هئي عجب هلچل، جڏهن تو موڪلايو پئي،
وُٺا اکڙين منجهان بادل، جڏهن تو موڪلايو پئي.
وڃڻ ويلي ڪيم منٿون، رهي پئو رات اڄ هڪڙي،
هُئي ٻڏتر ۾ منهنجي دل، جڏهن تو موڪلايو پئي.
مهل سا موڪلائڻ جي، سڄڻ سڪرات مون لئه هئي،
”وَما فيها“ کان هئس غافل، جڏهن تو موڪلايو پئي.
الله ڄاڻي ڪڏهن ورندين، رنس ڏاڍو اهو سوچي،
ويا ڳوڙهن سان ڀرجي ڳل، جڏهن تو موڪلايو پئي.
ويا سڀ ’هوت‘ کي وسري، مزا ’منٺار‘ دنيا جا،
سڄڻ ٿي پيس، صفا وياڪل، جڏهن تو موڪلايو پئي.
معشوق ڌاريجو
غزل
گَهٽائن جي بدل آهين، هوائن جو بدن آهين،
اسان جي ديد جي دنيا، پرين! دل جو وطن آهين.
چوان ڇا موتيو، مُگرو، صنوبر ۽ صندل آهين،
مٺا! منهنجا قسم تنهنجو، سڄو سارو چمن آهين.
رليا هون راتيون گڏجي، ٿڪا ناهيون ٿڙيا ناهيون،
لڳي ٿو چنڊ تون منهنجو، اڙي او يار! سن آهين،
لڳي ٿو آءٌ سرمد هان، اڀيچند يار! تون آهين.
سڄڻ منهنجا تون منهنجي لئه، صفا ماهي ٻيو چن آهين،
اکين ۾ اوتيان توکي، ڏسان دل جي دري کولي،
مٺا ’معشوق‘ جوئي تون، تن آهين ۽ من آهين.
وائي
سارا خواب ڇڏي-
رڻ ڏي نيٺ هليو ويو.
پنهنجون ساريون خواهشون،
مٽيءَ منجهه گڏي-
رڻ ڏي نيٺ هليو ويو.
يارو! ڪنهن جي جيءَ ۾،
پنهنجي جاءِ اڏي-
رڻ ڏي نيٺ هليو ويو.
چوندو ويو ’معشوق‘ ٿو،
مون کي يار سڏي-
رڻ ڏي نيٺ هليو ويو.
قاضي منظر حيات
حيدرآباد
ترائيل
اسپتالون: عذابُ- گهَر آهن!
رَوڄُ- رَاڙو، رَڙيون، ڪُوڪُون!
مَوت-جَيون جا منظرَ آهن،
اسپتالون: عَذابُ- گهر آهن!
سُک- سُورن جي سَنگهر آهن!
آٿتون، سَکڻا دلاسَا ۽ دَوائون!
اسپتالون: عذابُ- گهَر آهن،
روڄ راڙو، رڙيون، ڪُوڪُون!
*
پيارَ- گُلن تي بيٺل پَهرو،
پَوپٽ ڪيئن اُڏرن!
وقت هَٿاران گهاءُ هِي گَهرو،
پيارَ- گُلن تي بيٺل پَهرو.
گرهڻ گهَيريو آهي چهرو،
ڏُکَ ۾ نيڻَ ٽِمن!
پيارَ- گُلن تي بيٺل پَهرو،
پَوپٽ ڪيئن اُڏرن!
رحيمداد جوڳي
ٺري ميرواهه
منهنجي ماءُ مون کي ٿڃ بدران لڙڪ پياريندي هئي!
• منهنجي ڄمڻ کان پهريان
منهنجي ماءُ منهنجو نالو رکي ڇڏيو هو
ائين به چوندي هئي
ته مان ڇوڪرو ڄمندس!
منهنجو هڏ ڪاٺ پيءُ جهڙو آهي
ائين بابا چوندو هو
منهنجو بابا در اوڙ هو پڪو سانورو
۽ رنگ ۾ ماءُ جهڙو آهيان ڀورو
منهنجي ماءُ مون کي ٿڃ بدران لُڙڪ
پياريندي هئي!
تڏهن کان
اڄ ڏينهن تائين مان رُنو ناهيان
ڏک
منهنجو پيءُ هاري هو
منهنجون اکيون اڄ به فجر جو اُٿي
زمين تي
وڇوڙي جو هر ڪاهڻ وينديون آهن!
پارس حميد
غزل
ائين جي ڀلجي وينديون اکيون،
پوءِ ته الجھي وينديون اکيون.
رشتن پٺيان رلندي رلندي،
نيٺ ته ٿڪجي وينديون اکيون.
منهنجون راتيون روشن ٿينديون،
تو ۾ رڱجي وينديون اکيون.
جوڳڻ تنهنجي نانگ بدن سان،
ٻکجي ڪکجي وينديون اکيون.
توڏي ڪيئن ڏسان مان مرڪي،
ڳل تي ڇپجي وينديون اکيون.
وڻجارن جا ڀڻڪا آهن،
ڪنهن جون رلجي وينديون اکيون.
واءُ. وڇوڙو ڌوڻي ٿو پيو،
پن پن ڇڻجي وينديون اکيون.
تو کان وسري مان جي ويندس،
صحرا بڻجي وينديون اکيون.
'پارس' تو سان ملندي منهنجون،
سونيون بڻجي وينديون اکيون.
مخمور مهراڻوي
عمرڪوٽ
غزل
حقيقت کي ٻڌڻ وارا ڪِٿي آهن،
سڻي سڏڙا اچڻ وارا ڪِٿي آهن.
خبر؟ ڪئڙم، خطا ڪهڙي، ٻڌڻ کان بس،
صدا دل جي سڻڻ وارا ڪِٿي آهن.
دلاسن ۾ رکيم دلڙي، مڃي پر ڪيئن،
دلاسا دل ڏيڻ وارا، ڪِٿي آهن.
شمع ظاهر جلي محفل ڀريءَ ۾ پئي،
سڙي، کامي، پچڻ وارا ڪِٿي آهن.
قضا جو ڪم، جزا ’مخمور‘ لوڙهي پيو،
دعا دل سان ڪرڻ وارا ڪِٿي آهن.
اشرف پلي
لطيف نگر
نظم
ياد جا شيشا ڀڄن ٿا روح ۾،
منهنجي نيڻن ۾ نمي آهي اڃان،
هُو نه برسي بادلن جيئن مون مٿان،
پوءِ به دل ٿي آگمي آهي اڃان!
تار جوڀن کي ترڻ جو هئو جنون،
ٻار ۾ ڪنهن سان ٻڏڻ جو هئو جنون،
لهر سان گڏ گڏ زلڻ جي عمر هئي،
ڇوڪريون، جن جي ڇُلڻ جي عمر هئي،
سي ڪناري تان وري واپس ويون،
عشق تو ۾ ڪا ڪمي آهي اڃان!
اُڃ ٿي سيراب ٿيڻ لئه تون ڊُڪين،
لوڪ گيتن ۾ رلين، ڀٽڪي ورين،
ننڊ ايندي ئي منهنجي بازو ۾ اچي،
تون به ترندي تنهن ترازو ۾ اچي،
ڪونه توري هجر جنهن ۾ پاڻ کي،
سونهن وٽ سا ساهمي آهي اڃان.
تنهنجو ميلو تنهنجي ئي تجريد مان،
اي مٽي تنهنجي ڪيان تقليد مان،
تون ملين مون سان ته ننڍڙو جز ٿيان،
مان ملان توسان ته پورو ڪُل ٿيان،
اڄ به پنهنجي رابطن جي رنگ جو،
سو تسلسل باهمي آهي اڃان.
اَمر کُهاوڙ
(ميرپور ماٿيلو)
وائي
درشن رِيءَ اکيون،
ٿي پيون روئڻ هارڪيون!
هُوءَ جا ويئي پرڻجي،
هُن جُون سڀ سکيون
ٿي پيون روئڻ هارڪيون!
پلپل پيڙائون پسن،
هُو جي نينهن ڪَکيون
ٿي پيون روئڻ هارڪيون!
ڪُسجي ويون خواهشون،
جن جُون باک بکيون
ٿي پيون روئڻ هارڪيون!
وَرهين کان وڇڙيل اکيون،
اکين ساڻ ٻکيون،
ٿي پيون روئڻ هارڪيون!
جوهر بروهي
فريدآباد
غزل
اسان هون پيار پانڌيئڙا اسان کي پيار ٿو گهرجي،
جو وڇڙيل آهه ورهين کان، اهو دلدار ٿو گهرجي.
اسان هون سنڌ ساگر ۽ اسان هون سنڌ جا ساکي،
ڀٽائي گهوٽ جهڙو، گهوٽ جلويدار ٿو گهرجي.
اسان هون ساهتي، ڪاڇو، ڪچو، ٿر، لاڙ، اترادي،
جو گهائي روح غيرن جو ته اهڙو وار ٿو گهرجي.
سموري زندگي گذري آهي، پيار پاليندي،
نشاني پيار منهنجي لئه اَمَر شهڪار ٿو گهرجي.
درازا، ڀٽ کان جاري آ، سفر پنهنجو صدين تائين،
رسائي روح تائين سو سڄڻ سالار ٿو گهرجي.
اسان رنگن، تماشن ۾ عقيدو ڪونه رکندا هون،
اسان سانڍيون ڀترڀونءِ جا، اهو وهنوار ٿو گهرجي.
ڊنا ناهيون، جهُڪيا ناهيون، مفادن تي مٽياناهيون،
ارادو کيرٿر جهڙو، هنيون هالار ٿو گهرجي.
سوين جوهر هتي آيا، ويا، ڌرتي ته دائم آ،
حياتي جيتري آ، عشق جو اظهار ٿو گهرجي.
اُداس لُنڊ
جوهي
غزل
پنڌَ پنهنجو اٿم سوجهري جي طرف،
آهي هر هڪ قدم سوجهري جي طرف،
ڪيترن ئي انڌيرن مان آيو ڪڍي،
عشق تنهنجو صنم سوجهري جي طرف،
ساڻ مون سان هلو مان کڻي هان وڌيو،
اڄ وطن جو عَلم سوجهري جي طرف،
غور سان جي تون پڙهندين ته ويندا وٺي،
توکي منهنجا نظم سوجهري جي طرف،
مون سان ٽيئي سفر ۾ پيا گڏ هلن،
شعر ڪاغذ قلم سوجهري جي طرف،
سِج اُميدن جو اُڀرڻ لڳو آ اداس،
قوم ويندي ڏٺم سوجهري جي طرف.
سرور نواز ٻگهيو
ڪوٽڙي
ڪافي
هڪ جام پيئڻ هُون آيا، تو وٽ هلي او ساقي!
نظرن سان پياريو پنهنجي، آهيون سڀئي پِياڪي.
سُک چين ڪين آهي، دلڙي اُداس آهي،
توکي ڏسڻ لئه سُهڻا، ڏاڍي پياس آهي.
اڄ روح ساڻ پياريو، ڪو غم رهي نه باقي،
ٻيو جام ڪي گهرجي، نه ئي انعام گهرجي.
درشن ٿو گهرجي هڪڙو نه خيال خام گهرجي.
کن پل جي لاءِ تو وٽ، آهيون ٿيا اوطاقي،
تو وٽ ڪواب ناهي ڪوثر جواب آهي،
جو ڪجهه به آهي، سائين پر لاجواب آهي.
تون مجسمهءِ محبت، ۽ پاڻ تنها خاڪي.
نيڻن مان جام اوتي، دل ساڻ پياريو سڀ کي،
تنهنجي اڱڻ تي آهيون کلندي کيڪاريو سڀ کي.
ملي مرڪ اهڙي ’سرور‘ جنهن ۾ پئي رولاڪي.
بيتابُ ناپر
شڪارپور
غزل
نيت نمرود جهڙي ۽ ڪُفر ڪردار ڇو آهي!
عزت، ايمان، مذهب تي مٿانهون وارُ ڇو آهي!
قلم کي ڪوٽ جي کيسي ۾ رکندي سال گذري ويا،
شناخت شخصيت جي ٿي مُضر هٿيارُ ڇو آهي!
لهن ٿا دُرَ نماڻن جا، مرن ٿا لَعل امڙين جا،
يزيدي وقت جهڙو روز هت ونهوار ڇو آهي!
سڙن ٿا ٿانوَ آويءَ ۾ مٽيءَ جو رُوح ٿو روئي،
ٿڌي پاڻيءَ جي چشمي ۾ پيو ڪنڀارُ ڇو آهي!
سُندر آ سنڌ جي ڌرتي، سندرتا ساهُه موهي ٿي،
پڇين ٿو بي خبر، مون کان ته سنڌ سان پيارُ ڇو آهي!
گلن جون پارتون جنهن کي ڪيون تنهن باغ کي ڀيليو،
هتي هَم خُون هوندي ڀي ادو اغيارُ ڇو آهي!
خدا جي واسطي انسان! ڏي انسان کي اهميت،
اوهين ڪارائتا بهتر ٻيو بيڪارُ ڇو آهي!
انعام ٽکڙائي
ٽکڙ
غزل
محبت جي ڏنل پوري صدا ڪير ڪري ٿو،
هت فرض عشق جو به ادا ڪير ڪري ٿو!
محبوب جي هٿڙن تي ڏسي رنگ حِنا جو،
منهن ڦيري وڃڻ واري خطا ڪير ڪري ٿو!
پُرجوش جواني جي تپش جڏهن جلائي،
زلفن کانسواءِ ڇانَوَ عطا ڪير ڪري ٿو!
مون عشق جي گهرائي کي ماپڻ ٿي گهريو پر،
سوچيم ته ڀلا ايڏي بقا ڪير ڪري ٿو!
مان غمزده ناهيان تون ڀلين جيڪو کپئي ڪر،
هِن دؤر ۾ سمجهان ٿو وفا ڪير ڪري ٿو!
مغموم نگاهن جي ادائن سان ڪُهي وئين،
نه ته پنهنجي مرڻ لاءِ دعا ڪير ڪري ٿو!
هر گام گهٽي مون کي سندس عشق رلايو،
هن وقت ۾ نه ته ڪنهن جي پُڇا ڪير ڪري ٿو!
’انعام‘ محبت جو، آ معراج صنم سان،
انسان کي نه ته يار خدا ڪير ڪري ٿو!
ياسين ڪنڀر
پنوعاقل
مُحمَّدُ مِيرُ ﷺ
عطر عنبير توکان گهٽ،
ڏکڻ جي هِيرَ توکان گهٽ.
مٺو ماکي ڪمند کان تون،
مکڻ کنڊ کير توکان گهٽ.
آيا جيڪي به پيغمبر،
محمّدؐ! مير توکان گهٽ.
مزو آ ملڪ تنهنجي ۾،
سڀئي اڪسير توکان گهٽ.
بهادر چوٽ جو تون ئي،
وڏا شمشير توکان گهٽ.
سٺو آهين مدينه تون،
اُچو ڪشمير توکان گهٽ.
پرين تون پاڪُ پاڪن کان،
تڏهن تطهير توکان گهٽ.
لِکي ’ياسين‘ ٿو نعمتون،
شمع تنوير توکان گهٽ.
قادر داد خشڪ
نوشهروفيروز
ڳولا
مان
جنھن
کي ڳوليان ٿو
زمين جي ھڪ ڇيڙي کان
ٻئي ڇيڙي تائين
آسمان جي ھڪ طرف کان
ٻئي طرف تائين
دريائن جي پاتال ۾
ڪنن ۾ لھرن ۾
سمنڊ جي گھرائي ۾
۽ ڪنارن تي
ستارن جي روشني ۾
چنڊ جي زرد چانڊوڪي ۾
سج جي چمڪندڙ تپش ۾
بکايل ٻار جي بک ۾
بارش جي بوندن ۾
ڪٿي ڪٿي نه مان
ھن کي ڳوليو آھي
پر ھو ته منھنجي
اندر ۾ موجود آھي
سڀني لقائن ۾
ترتيب ۽ بي ترتيب ۾
اھو پالڻھار مون ۾ پيھي ويو آھي
|