سوچ – لوچ
سنڌي ادبي بورڊ ۾ علمي ادبي سرگرميون:
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽن ڏينهن جي علمي ادبي سرگرمين
جي حوالي سان 11- فيبروري 2020ع کان 13- فيبروري
2020ع تي محترم چيئرمين صاحب پاران ادبي بورڊ ۾
قائم ’مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ‘ آڊيٽوريم ۾
ادبي ميلي جي تقريب ڪوٺائي وئي، انهيءَ تقريب جو
آغاز پهرين ڏينهن تي ڪتابن جي نمائش سان ٿيو،
افتتاح پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ايم.اين.اي ۽
سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين محترم سائين
مخدوم جميل الزمان صاحب جن ڪيو انهيءَ موقعي تي
بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ ۽ بورڊ
جي معزز ميمبرن، سيڪريٽري ۽ بورڊ جي ملازمن شرڪت
ڪئي. ميلي جي افتتاح دوران مخدوم جميل الزمان بورڊ
جي چيئرمين ۽ بورڊ انتظاميه کي شاندار ميلو لڳرائڻ
تي مبارڪباد پيش ڪئي. بورڊ جي چيئرمين مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته گذريل
صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ اٽڪل 642 ڪتاب ڇپرائي علمي
ادبي خدمت ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي. انهيءَ
تقريب کي ڊاڪٽر دُرمحمد پٺاڻ صاحب پڻ خطاب ڪيو.
انهيءَ ڏينهن تي شام جو ماهوار ’سرتيون‘ رسالي جي
30 سالن جي خدمتن تي پڻ پروگرام ٿيو جن ۾ ناليوارن
ليکڪائن شرڪت ڪئي ۽ نڪور شاعري ۽ مقالا پڙهي داد
حاصل ڪيو. پروگرام جي ٻئي ڏينهن تي ٽماهي ’مهراڻ‘
جي 65 سالن ۽ ماهوار ’گل ڦل‘ جي 60 سالن جي ادبي
خدمتن تي پروگرام ٿيو، جنهن ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي
۽ ماهوار ’گل ڦل‘ رسالي جي ادبي خدمتن تي ناليوارن
اديبن تفصيلي روشني وڌي ۽ شام جو مشاعري جو پڻ
اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ ناليوارن شاعرن پنهنجون
لکڻيون پيش ڪيون.
ٽئين ڏينهن تي صبح جي نسشت ۾ محترم حميد سنڌيءَ جي
تعزيتي ميڙاڪي ۾ پڻ ناليوارن ليکڪن مرحوم حميد
سنڌيءَ جي خدمتن کي خراج پيش ڪيو، ان بعد شام جو
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪَهي آيل سُگهڙن جي ڪچهريءَ جو
پروگرام ٿيو.
انهيءَ موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم
سعيدالزمان ’عاطف‘ پاران فيصلو ڪيو ويو ته ٽنهي
ڏينهن جي مختلف نشستن ۾ ٿيل تقريرن پڙهيل مقالن،
شاعري ۽ سُگهڙن جي صنفن تي هڪ اسپيشل نمبر شايع
ڪيو ويندو. جنهن ۾ ٽنهي رسالن جا ايڊيٽر پنهنجي
حصي جو مواد جمع ڪندا جنهن جي نگراني ايڊيٽوريل
بورڊ ڪندو.
ڪورونا وائرس:
اسان جي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس، جيڪا
وبا جي صورت اختيار ڪري ڊسمبر 2019ع کان انتهائي
تيزيءَ سان پکڙجي چڪو آهي. هيءَ وبا جنهن وڏي
تعداد ۾ انساني زندگيءَ کي گهڻو متاثر ڪيو آهي،
انهيءَ سبب سڄي دنيا جا انسان وڏي خوف ۽ ويچارگيءَ
۾ ڦاٿل آهن. ۽ وڏي تعداد ۾ موت جو خوف زندهه
انسانن جي ذهنن کي وڪوڙي چڪو آهي، پر ان جي باوجود
پاڪستان سميت سڄي دنيا هن وبا جي وئڪسين لاءِ هر
طرح جا حيلا هلايا. کوجنا ڪئي ۽ ڪيترائي طريقا
آزمايا آهن، پر پوءِ به هن وبا جي مڪمل نجات ڳولهڻ
۾ اڃان ڪاميابي حاصل نه ٿي آهي، جڏهن ته سڄي دنيا
۾ هن وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي طور فئس ماسڪ جي
استعمال، هٿن کي صاف رکڻ لاءِ صابڻ ۽ سينيٽائزر جو
استعمال ۽ سماجي فاصلو رکڻ تي زور ڏنو پيو وڃي ته
جيئن هن وبا کي وڌيڪ پکيڙڻ ۽ انسانن کي موت کان
بچائي سگهجي. ان سلسلي ۾ نه صرف ترقي يافته ملڪن،
پر ترقي پذير ملڪن به پنهنجي وسيلن آهر پنهنجي
ملڪن جي عوام کي هن وبا کان بچاءُ لاءِ شعور پيدا
ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، گذريل سال ڊسمبر کان پکڙجندڙ
وبا جي مڪمل خاتمي ۾ اڃان خبر نه آهي ته ڪيترو وقت
گهربل هوندو، پر ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڏسيل
رهنما اصولن تي عمل سان هن وبا تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾
پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي سٺي ڪاميابي حاصل
ٿي آهي. ڪورونا وائرس سبب معاشي مشڪلاتن توڙي ترقي
جي رفتار کي پوئتي ڌِڪڻ واري صورتحال تي ڪيترن ئي
ملڪن ضابطو آڻي نون ۽ جديد اُپائن سان نه صرف مالي
مشڪلات ۾ بهتري آندي آهي ۽ گڏوگڏ معاشي بهتري لاءِ
ڪافي اُپاءُ به ورتا آهن، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن
وبا نه صرف حڪومتن، بلڪ عوام کي جنهن طرح سخت
متاثر ڪيو آهي، اها هڪ وڏي پريشاني جو ڪارڻ آهي.
پر حڪومتن طرفان کنيل قدمن سان نه صرف هن وبا کي
ضابطو آڻڻ سان گڏ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ ۽
بهتر علاج ڳولهڻ ۽ معاشي صورتحال کي هڪ دفعو ٻيهر
ترقي جي راهه تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي رهي آهي.
سڄي دنيا کي هن اوچتي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ
سهوليتن کان وانجهيل هئڻ سبب اوتروئي نقصان کي
منهن ڏيڻو پيو آهي، پر اها وڏي ڪاميابي آهي ته
پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ هن وبا جي خاتمي
لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان طرح سنڌ حڪومت
جي ڪارڪردگيءَ جو عمل پڻ ساراهه جوڳو آهي حڪومت جي
وقتائتن قدمن سان سنڌ جي عوام کي فائدو رسيو آهي.
سنڌ ۾ صحت جي سهوليتن کي بهتر ڪيو ويو ۽ گڏوگڏ
سرڪاري اسپتالن ۾ وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سهوليت کي
مسلسل بهتر ڪري ڪورونا وبا جي نقصانن کي روڪيو ويو
آهي، اهڙي طرح تعليمي نظام کي بچائڻ لاءِ ڪافي
ڪارائتا قدم کنيا ويا آهن ۽ وڌيڪ بهتري آڻي لاڪ
ڊائون جي عرصي ۾- آن لائين تدريس ۽ امتحانن کي
ممڪن بڻايو ويو آهي. هڪ طرف ته حڪومتي سطح تي
اُپائن سان ڪورونا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪيو پيو
وڃي، ته ٻئي طرف خود عوام کي به گهُرجي ته اهي فئس
ماسڪ پائڻ سان گڏ هٿن کي صاف رکن، هٿ ملائڻ ۽
سماجي گڏجاڻين کان پاسو ڪن ته جيئن هن وبا کان
نجات حاصل ڪري سگهجي.
پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا.....
محترم عبدالقادر جوڻيجو
محترم عبدالقادر جوڻيجو 3- مارچ 2020ع تي اسان کان
جدا ٿي ويو، الله پاڪ مغفرت فرمائي ۽ سندس پوين کي
صبر جي توفيق عطا ڪري. بورڊ جو چيئرمين صاحب،
سيڪريٽري ۽ بورڊ جو اسٽاف سندن فاتح پڙهي آيا.
محترم عبدالقادر نئون ڪوٽ (ٿرپارڪر) لڳ جنهاڻ جي
ڳوٺ ۾ 13- سيپٽمبر 1945ع ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي
تعليم بعد تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو، ۽ سندس پوسٽنگ
خانصاحب عبدالڪريم ’ڪريم‘ پلي جي ڳوٺ لڳ ٿي. سندس
لکڻ موجب سندس ادبي گرومنگ عبدالڪريم پلي صاحب ڪئي
۽ ان سان گڏ سندس ڀائرن محترم راڄ محمد پلي ۽
محترم ولي محمد وفا پلي جو به حصو پَتي رهيو. جڏهن
محترم شيخ مبارڪ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وائيس
چانسيلر ٿي آيو ته کيس سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر مقرر
ڪيائين. عبدالقادر صاحب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو
چيئرمين پڻ رهيو. هُن سنڌي ادب ۾ هڪ ڪهاڻيڪار جي
حيثيت سان ڇپجڻ شروع ڪيو ۽ بعد ۾ سندس ٽيليويزن جي
ڊرامن سڄي ملڪ ۾ کيس مشهور ڪيو. اخباري ڪالم ۽
خاڪا به لکيائين. سندس ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن. مرحوم
عبدالقادر جوڻيجو ٻه ڀيرا سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ
آف گورنرس جو ميمبر به رهيو، انشاءالله ايندڙ
مهراڻ جي پرچن ۾ سندس ادبي خدمتن متعلق ڀرپور مواد
شايع ٿيندو.
محترم الهڏتو وگهيو
سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري محترم الهڏتو
وگهيو 18- اپريل 2020ع تي جيري جي ڪينسر سبب بورڊ
جي رهائشگاهه ۾ 61 سالن جي عمر ۾ دم ڌڻيءَ حوالي
ڪيو. محترم الهڏتو وگهيو 1975ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
ڄام
شوري ۾ جونيئر ڪلارڪ طور مقرر ٿيو ۽ مختلف عهدن تي
ترقيون ماڻڻ ۽ انتظامي عهدن تي رهڻ کان پوءِ 2011ع
۾ بورڊ جو سيڪريٽري رهيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ بورڊ
مان ڪيترائي اهم ڪتاب شايع ٿيا ۽ 6- مارچ 2019ع تي
60 سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيائون. هن سنڌي زبان ۾
ڪهاڻيون به لکيون.
الهڏتي وگهئي صاحب جي تدفين ڪنڊياري ڀرسان سندن
ڳوٺ حاجي خان ۾ ٿي. بورڊ جو چيئرمين صاحب،
سيڪريٽري ۽ بورڊ جا ملازم سندن فاتح ۾ شامل ٿيا،
سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده چيئرمين ۽ بورڊ آف
گورنرس جي ميمبرن، سيڪريٽري ۽ بورڊ جي اسٽاف پاران
پونيئرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪجي ٿو.
محترم عطا محمد ڀنڀرو
سنڌي ادب ۾ جن ليکڪن مترجم جي حيثيت سان پنهنجو
پاڻ مڃايو انهن ۾ محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب جو
نالو اهم آهي. پاڻ انگريزي مان سنڌي ۾ لڳ ڀڳ 25 کن
ڪتاب ترجمو ڪيائون. هي سڀ ڪتاب سواءِ هڪ ٻن مسودن
جي شايع ٿيل آهن، عطا محمد ڀنڀرو صاحب سنڌ ڌرتي جو
عاشق ۽ سنڌي ۽ انگريزي زبانن جو ڄاڻو هئو، سندس
وفات سبب نه صرف سنڌي ادب هڪ اهم مترجم کان محروم
ٿيو آهي، پر سنڌ شناسي جي هڪ اهم عالم کان محروم
ٿيو آهي. سندس حياتي تي هڪ تاثر اسان هن پرچي ۾
ڏنو آهي جيڪو سائين نواز علي شوق صاحب تحرير ڪيو
آهي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان سندن هڪ تازو ترجمو ڪيل
ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي، سندس وفات تازو 3- جون
2020ع تي ٿي.
محترم تاج بلوچ
تازو 6- جون 2020ع تي اسان کان سنڌي ادب جو معروف
شاعر ۽ معتبر ايڊيٽر جناب تاج بلوچ صاحب به وڇڙي
ويو. محترم تاج بلوچ صاحب پنهنجي ٽهيءَ جو صاحبِ
فن شاعر هو ۽ ساڳي وقت هڪ مڃيل نقاد پڻ هو. سندس
شاعري مختلف رسالن کان علاوه چئن ڪتابن جي صورت ۾
به اسان وٽ موجود آهي: (1) لفظن جو ماتم (1978ع-
شاعري)، (2) خوشبوءَ جو زهر (شاعري) (3) دل جزيرو
اُداس سپنن جو (2002ع- شاعري)، (4) چچريون چچريون
خواب (2011ع- شاعري)، (5) جديد ادب جو تجزيو
(2014ع). هيءُ پنجئي ڪتاب اسان وٽ تاج بلوچ صاحب
جي فني ۽ فڪري معيار جا شاهد آهن، پر تاج بلوچ
صاحب جو جيڪو اصلي وڏو ڪم آهي اُهو آهي ماهوار
’سوجهرو‘.
ماهوار ’سوجهرو‘ جي اهم ادبي پليٽ فارم تان هن نه
صرف پراڻن ۽ ڪهنهءِ مشق اديبن جي ادبي ڪاوشن کي
نمايان ڪيو، بلڪ نون ۽ سيکڙاٽ اديبن ۽ شاعرن جي هڪ
مڪمل کيپ پڻ تيار ڪئي. تاج صاحب جن نون ۽ سيکڙاٽ
اديبن جي تربيت ۽ همت افزائي ڪئي اُهي هن وقت سنڌي
ادب جا مڃيل ڪهاڻيڪار، نقاد، مضمون نگار ۽ شاعر
آهن.
تاج بلوچ صاحب کي سندس خدمت طور نه صرف سنڌي ادب ۽
سنڌ ۾ هڪ رسالي جي مالڪ طور بلڪه سنڌي ادب جي چند
نامور ايڊيٽرن مان هڪ اهم ايڊيٽر طور پڻ ياد ڪيو
ويندو.
25- مئي 1940ع ۾ سندس ولادت ٿي ۽ اسي (80) سالن جي
بزرگانه عمر تائين پنهنجي سموري زندگي سنڌي ادب کي
ارپي، مشاعرا ۽ ڪانفرنسون مچائي، پنهنجو نالو عزت
۽ وقار سان دنيا ۾ ڇڏي وڃي پنهنجي مالڪِ حقيقي سان
مليو.
محترم عبدالغفار صديقي
سنڌ جو ناميارو تعليمدان ۽ اديب جناب عبدالغفار
صديقي ولد نجم الدين صديقي 7- جون 1939ع تي پاٽ
شريف ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي فارسي ۽ عربي تعليم
پنهنجي ڳوٺ مان ۽ انگريزي تعليم نوشهروفيروز جي
مدرسي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪري، نورمحمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد مان 1956ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس
ڪري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1974ع ۾
گريجوئيشن ڪرڻ بعد بيورو آف ڪريڪيولم ۾ نوڪري
ڪيائين، 1982ع ۾ مسجد اسڪولن ۾ سنڌ صوبي جو چيف
ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو. 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1994ع ۾ انسپيڪٽر ٽيچرس ٽريننگ
ڪاليج جون خدمتون سرانجام ڏنائين. پاڻ ادبي خدمتون
پڻ جاري رکيائين. سندس ادبي ذوق جا شاهد اُهي سڀ
ڪتاب آهن جيڪي سندس ايامڪاري ۾ بورڊ مان شايع ٿيا.
لطيف فهمي سندس خاص موضوع هئو. پاڻ سير و سياحت جي
سلسلي ۾ ڪافي ملڪن جا دؤرا پڻ ڪيائين. پاڻ ديني
خدمتن جي سلسلي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪافي
ليڪچر پڻ ڏنائون. دينيات ۽ لطيفيات کان علاوه
تاريخ ۽ تعليم پڻ سندن ليڪچرن جا موضوع رهيا.
سندن تعليمي، ادبي ۽ انتظامي خدمتن طور لطيف،
شهباز ۽ سگا ايوارڊ پڻ کيس کي ڏنا ويا.
پاڻ سنڌي ادبي بورڊ، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ شاهه
عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف گورنرس جا
ميمبر پڻ رهيا، کين ڊپٽي سيڪريٽري ايجوڪيشن پڻ
مقرر ڪيو ويو. پاڻ ايڊيشنل ڊائريڪٽر بيورو آف
ڪريڪيولم جي عهدي تان رٽائر ڪيائون.
سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي هن اهم خدمتگار 1-
جولاءِ 2020ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کين ڪلهوڙا
ڪالوني جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. پاڻ 3 فرزند ۽
چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيائون. ڌڻي در دعا آهي ته رب
تعاليٰ کين پنهنجي جوارِ رحمت ۾ رکي ۽ پونيئرن کي
صبر جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
هِن ئي عرصي ۾ اسان جو نوجوان شاعر سيد احسان شاهه
هاشمي ۽ تازو ڪهنه مشق شاعر پير بخش پياسي به
پنهنجي پيارن کي داغِ جدائي ڏيئي وڃي، پنهنجي
حقيقي مالڪ سان مليا. الله پاڪ کين پنهنجي جوارِ
رحمت ۾ رکي. سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين صاحب، بورڊ
آف گورنرس جا ميمبر صاحبان، سيڪريٽري، بورڊ جا سڀ
ملازم ۽ ٽماهي ’مهراڻ‘ جو سمورو سٿ هنن سڀني سنڌي
ادب جي نامور ليکڪن ۽ شاعرن جي پوئينرن سان سندن
غم ۾ شريڪ آهي.
انشاءالله مهراڻ جي ايندڙ پرچن ۾ اسين پنهنجن هنن
معزز شخصيتن تي مقالا ۽ تاثر پيش ڪنداسون.
محترم مخدوم عقيل الزمان
مخدوم محمد امين فهيم جو فرزند ۽ موجوده سجاده
نشين مخدوم جميل الزمان جو ننڍو ڀاءُ مخدوم عقيل
الزمان بيماريءَ سبب 12- سيپٽمبر 2020ع تي اسلام
آباد جي خانگي اسپتال ۾ گذاري ويو. مرحوم مخدوم
عقيل الزمان ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جو ڊپٽي ڪمشنر پڻ
رهيو، پاڻ پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي ۽ ڊپٽي
سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز رهيا. سندن تدفين هالا
۾ ڪئي وئي. بورڊ آف گورنرس جي ميمبرن، سيڪريٽري ۽
بورڊ جي ملازمن پاران موجوده سجاده نشين مخدوم
جميل الزمان صاحب ۽ سندن چاچي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي
موجوده چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ ۽ مخدوم
خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪجي ٿو.
جيئن ته ڇهن مهينن کان ڪورونا وائرس جي وبا سبب
سڄي دنيا سان گڏ اسان جو پاڪستان پڻ متاثر ٿيو.
جنهن سبب علمي ادبي ادارن جو ڪاروهنوار متاثر ٿيڻ
جي ڪري لاڪ ڊائون دوران آفيسون بند هئڻ سبب بورڊ
مان نڪرندڙ ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالو پڻ وقت سِر شايع
ٿي نه سگهيو آهي. ۽ هيءُ 2 ۽ 3 پرچو اپريل-
سيپٽمبر 2020ع جو گڏيل شايع ڪري رهيا آهيون ته
جيئن آڪٽوبر- ڊسمبر 2020ع جو پرچو وقت سِر شايع
ڪري سگهجي.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر ’مهراڻ‘
ميين شاهه عنات ۽ سندس گروهه جي شاعرن جي ڪلام جي تصحيح ۾ ڪافي
دشواريون پيش آيون. اول ته ميين شاهه عنات جي زبان
نهايت ڳوڙهي ۽ لغت آميز آهي، جنهن کي سمجھڻ ايترو
آسان نه آهي. ٻيو ته نسخو ن آڳاٽي سنڌي صورتخطي ۾
لکيل آهي، جنهن کي سولائيءَ سان پڙهڻ مشڪل هو،
البت نسخي ق جي صاف سنڌي صورتخطي ۽ سگهڙن جي ڪن
زباني روايتن مان قدري رهنمائي ٿي، پر تنهن هوندي
به ڪافي انوکا الفاظ ۽ اصطلاح تحقيق طلب رهيا.
ٽيون ته اهڙا بيت جي ن توڙي ق ۾ ڪين هئا ۽ فقط
ڪنهن هڪ قلمي ماخذ يا زباني روايت ذريعي مليا،
انهن کي ڀيٽڻ لاءِ ٻيو ڪو ذريعو ڪونه هو، جنهنڪري
انهن جي تحقيق ۽ تصحيح تي ڪافي غور ڪرڻو پيو.
مثلاً: ڪي بيت فقط ’ديواني شاهه جي درگاه‘ جي مسجد
جي ديوار تي نهايت مشڪل ۽ ميساريل صورتخطيءَ ۾
مليا، جن جي صحيح پڙهڻي قائم ڪرڻ ۾ ڄڻ جبل ٽاڪڻو
پيو. مجموعي طور سان ڪلام جي هن ذخيري جو ڪافي وڏو
حصو بالڪل نئون ۽ غير مانوس هو، جنهنڪري ان جي
عبارت توڙي معنيٰ سولائي سان ذهن ۾ نٿي آئي. هن
انوکي ۽ ڳوڙهي ڪلام جي ڳوڙهي سٽاء ذهن تي ڪافي بار
وڌو، مگر مسلسل غور ۽ مشوري سان ۽ مختلف روايتن کي
ڀيٽڻ سان اندازاً 99 سيڪڙو کان به زياده مواد کي
پوريءَ طرح سمجھي ان جي تصحيح ڪئي وئي آهي ۽ ان کي
زيرن
زبرن
سان شايع ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته پڙهندڙ کي
آسانيءَ سان ذهن نشين ٿي سگهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(ڪتاب: ميين شاهه عنات جو ڪلام سنڌي ادبي بورڊ تان
ورتل)
لافاني ڪلام
شاهه عنات رضوي
(جنم: 1030هه اندازاً- وفات: 1125هه اندازاً)
وائي
سَڀَتِ ٿئـــــي سڻائــــــــي،
ميــــــــان بـــــــادل!
وس ته وسن ڏينهڙا
ڍَٽُ وٺو پَٽُ پارِڪَرُ، سُڄي
اِيَ سَرهائي-
وس ته وسن ڏينهڙا
هُئِي اَريـٖـجِي، عِناتُ چئي،
ريـٖـلـٖـي ڀُون رِجائِي-
وس ته وسن ڏينهڙا |
(ڪتاب: ’ميين شاهه عنات‘ جو ڪلام تان کنيل)
ٻُڍل فقير
(جنم: 1865- وفات: 12 آڪٽوبر 1939ع)
بيت
چڙهي چوٿين ڏينهن کي، ڏسي ڏونگر جا ڏاڪا
پنڌ اڻاوا پٽيون، جيل کي جهاڪا
آڌيءَ رات اُٿي ويا، بار ٻَڌي بانڪا
جنهن سان لعل لهي وٺان، سرتيون سڌ ڏيو سا ڪا
ڪوڪ منهنجي ڪا ڪا، مَن ٻاروچو ٻڌي اچي.
اچي رسيس روهه ۾، پنجين ڏينهن ڪو پَهه
تنهن تان پٽي وار پڻي ڪيا، ڪونه ڇڏيائين ڳهُه
عشق آري جام جي، ڪئي محبت ۾ مَحِ
جيڪي لکيو لوح قلم ۾، سو ساهه برابر سَهُه
روح! رضا ۾ رَهه، ته مليئي ٻاروچو ٻڍل چوي.
ڇهين ڏينهن ڇڻي پيس، موٽي ڳوڙها مٿي ڳل
سا هلي هوت بلوچ ڏي، پلي ته ڪنهن جي پَلَ
عشق آري ڄام جي، ڪيس ريءَ سيراهي سَل
اچي جاڳيس جيءَ ۾، جوراڻا ۽ جَل
هڪڙيءَ ساڻ هڪل، پئي پهڻ کي پرزا ڪري.
(ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحمة الله عليہ تان کنيل)
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
(جنم: 1152هه- وفات: 1192هه)
بيت
اُتِران ٿي عِيدَ، ڏَکڻَ ڏٺو چنڊُ،
جُڙيو پُڙيو جَنڊُ، گَجي ٿو گِرهوڙَ ۾.
اَٽڪلَ اَکڙَين، وڃي پيئي لاکَ تي،
ڪارو ڪينَ پَسَنِ، لوڪُ مِڙوئِي لاکِيو.
آڌِيءَ اُٿِي ڪَري، ڀيرَڻُ ڀيريو جن،
ڪاپو سندو تن، اَڻَ توريو ئي اَگهيو.
اَکِ اُبِتي وار، سُبَتِيءَ سُورُ پِرائيو،
ٻِئي ڏَنہُ ڪِيمَ نِهار، سڄڻ ريسارو گهڻو.
اَکِ پِريان جي اَکِ ۾ جَنيِن پائي اَکِ،
سڄڻ گَڏئو تن کي، ٻيا مِڙيئِي مَک.
اک پريان جي اک ۾، پيهي ويئي اک،
ماڻهو اُهوئِي ڀانئَيان، ٻيا مڙيئي مَک.
(ڪتاب: شهيد گرهوڙي صاحب جو ڪلام تان کنيل)
حمل فقير
(جنم: 1225هه - وفات: 1296ع)
ڪافي
اجهو آرياڻي ايندو، اديون آرياڻي ايندو، نال نماڻي
نيندو.
1. ايندو ايندو ڪين ڇڏيندو، گولي گڏ نيندو
2. ڪاهي ايندو ڪيچ ڌڻي، ڏيهه مبارڪون ڏيندو
3. ننگ نماڻي جو آهي، ڇَنَان ڪين ڇڏيندو
4. هيڪر حمل سان موٽي ملندو، وچئون وڇوڙو ويندو.
(ڪتاب: حمل فقير جو ڪلام مان ورتل)
پير سيد علي اصغر شاهه ’اصغر‘ راشدي
(جنم: 1278هه- وفات: 1354هه)
انتخاب
آمد چمن ۾ آهه ڪنهين گلعذار جي،
جاروب- ڪش ڏسان ٿو نسيم بهار جي.
اي هجر بي نصيب! ذرا دل کان ٿي پري،
خلوت سرا آ خاص ايها ڪنهن نگار جي!
زاهد دماغ- چوس مڙي ويو مسيت ڏي،
ساقي، اٿي صلاح ڪيو پنهنجي ڪار جي!
ابرو ڪمان، تير
مژہ،
زلف جو ڪمند-
شايد اٿس خيال ۾ مرضي شڪار جي!
هڪ دل هزار ناز، ڪندي ڇا مقابلو،
ڪٽ ناز جي وڌيڪ ڍري آ ترار جي!
دشمن به شال هجر سندو ڪين ٿئي شڪار،
وڌ موت کان هيءَ سخت گهڙي انتظار جي!
گهونگهٽ وجهڻ، نقاب ڍڪڻ، منهن پري ڪرڻ،
پهرين پسو مبارڪ پر جي پيار جي!
(ٽه ماهي مهراڻ ’سوانح نمبر‘ 1/1990ع تان کنيل)
خليفو محمد امين درس پلي
(جنم: 1907ع- وفات: 1957ع)
عباسي دور
بغداد سان بيداد ڪيو خوب هلاڪو،
حڪم ڏي ٿو قتل عام جو مردار سفاڪو؛
ولي عهد خليفي جو خليفي سان قتل ٿيو،
قتل عام گهٽن ۾ ٿيا اتي جا به رهاڪو.
دنيا ۾ بلند خوب هو وقار عباسين،
شهنشاهه نميا منجهه ٿي درٻار عباسين؛
خاقان جهڙا شاهه ڀريندا هئا خراجون،
بلند شان سان اهڙي هئي سرڪار عباسين؛
زندان جو مهمان ٿيو قيد شهنشاهه،
ٿيو امين دل حزين ۽ اسير بيگناهه؛
ڀڃي قول ۽ اقرار دغا ساڻ جهلائي،
ڪري قتل وڏو ڀاءُ پوءِ مامون ٿيو شاهه.
(ٽه ماهي مهراڻ ’سوانح نمبر‘ 1/1990ع تان کنيل)
پير ڀاون علي شاهه ’ساقي‘
(جنم: 1886ع- وفات: 1918ع)
غزل
هئاسون موت تي راضي، رضا کي ڇا ٿيو حاصل،
اسان کي ماريو محبت، قضا کي ڇا ٿيو حاصل؟
ڪري ها نرم- دل ان کي، ڏنئين جنهن حسن جي دولت،
بنائي سنگدل بت کي، خدا کي ڇا ٿيو حاصل؟
ٿي آهي نيم- بسمل دل، صنم جي تيغِ ابرو سان،
رهي سا ڦٿڪندي دل، دلربا کي ڇا ٿيو حاصل؟
شڪايت آهي مينديءَ سان، مَکيان پيرن کي خونِ دل،
عبث ٿيو موت عاشق جو، حنا کي ڇا ٿيو حاصل؟
(ٽه ماهي مهراڻ ’سوانح نمبر‘ 1/1990ع تان کنيل)
سيد حاجي محمد حافظ شاهه
(جنم: 1287هه- وفات: 1337هه )
ڪانگا ڪهي هيءَ ڪيفيت، نئي پرين جي پيش ڪر!
بعد بيحد بندگين جي ڪج ادب آزيون اپر،
سو سلامن سوکڙيون ڏئي، چئج خاطو هيءَ خبر:
عشق جو آڙاهه بي انداز منجهه آٽي اندر،
ٿا جدائيءَ کان جلن ان جوش ۾ جيرا جگر.
ڪانگ تون هي عرض منهنجو ڪج ٻڌي ٻانهون ٻيهر:
هاڻ ”حافظ شاهه“ سان ڇڏ ڏوٺ ڏاڍايون ڏمر.
(ٽه ماهي مهراڻ ’سوانح نمبر‘ 1/1990ع تان کنيل
مخدوم محمد امين فهيم
(جنم: 4- آگسٽ 1939ع- وفات: 21- نومبر 2015ع)
ولي محمد ولي سروري
(جنم: 1936ع- وفات:
25 آگسٽ 2003ع
)
فرد
سڄڻ کي تحفو ڏنم دل، مگر نه ورتائين،
چيائين ويشنو آهيان، ڪباب ڪونه کپي.
پري کان وڃي پيئون پيرين اکيون،
جهڪي وئي جبين سنگِ در کان اڳي!
لڙڪ وهنجارين لاشو عشق جو،
سرنگون شل حسن جو پرچم هجي.
ڪيم دربان کي سجدو ديد خاطر،
ٿيس مشرڪ فقط هڪ مدّعا ۾.
اکيون ٿيون فروزان شبِ انتظار،
ويو خونِ دل تيل بنجي ٻري.
حضورِ يار آخر جان به لب پهتس،
وڏي درجي وڃي ادنيٰ نسب پهتس.
پڇين ٿو وحشتِ دل جا اگر شاهد،
ته هي منهنجي جبين، هو سنگِ در شاهد.
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2-3/1969ع تان کنيل)
احمد خان مدهوش
(جنم: 15- اپريل 1931ع- وفات: 26- جون 2010ع)
نعت
ٿو پڪاري جهان، مصطفيٰ مصطفيٰ،
تون وسارين متان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
ڇا ننڍو، ڇا وڏو ڇا ٻچو، ڇا جوان،
آ زبان درزبان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
بحروبر جهر جهنگل، مان هِتان يا هُتان،
ٿو ٻڌان ۽ سُڻان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هي ڪتيون، هي نکٽ، ۽ ستارا رَوان،
ڪهڪشان، ڪهڪشان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هن جو نالو مٺو راتيان ڏينهان پڙهان،
صبحُ سانجِهي چوان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هاءِ ”مدهوش“ مان، جنهن گهڙي دم ڏيان
هيئن چوندو رهان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
(ڪتاب: ’اکين جا سنيها‘ (شاعري) تان کنيل)
*
غازي الدين نشتر ناٿن شاهي لغاري
(جنم: 15- مارچ 1929ع- وفات: 17- اپريل 2018ع)
رباعي
هر ڪُفر کي ايمان، چئي ويٺاسين،
هر ڍور کي انسان، چئي ويٺاسين؛
۽ وقت جي طاغوت کي پڻ اي ’نشتر‘،
رحمان ۽ يزدان، چئي ويٺاسين!
طوفان سان لَڙڻ وارو سفينو آهيان،
هڪ شير سپاهيءَ جو سينو آهيان؛
والله! اڃا ڀي جي پُڇو ٿا مون کان،
مزدور سندو پاڪ پَسينو آهيان!
فرعون جي دنيا سان بغاوت آهي،
شداد جي جنّت کان شڪايت آهي؛
جنهن حُسن زليخا کي مَڃايو ناهي،
ان صورتِ يوسف کان حقارت آهي!
سازش جي طريقي سان گهُرايا وياسين،
ويهاري، ڪچهري ۾ اُٿاريا وياسين؛
ايڏو ته اچي بار ٿياسين، ’نشتر‘،
جو ڌوهه نڪو ڊوهه، تَڙايا وياسين!
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2-3/1969ع تان
کنيل)
مخدوم محمد امين فهيم
(جنم: 4- آگسٽ 1939ع- وفات: 21- نومبر 2015ع)
(’مهراڻ‘ 4-3/2016ع ’مخدوم محمد امين ”فهيم“‘
نمبر تان ورتل)
*
ولي محمد ولي سروري
(جنم: 1936ع- وفات:
25 آگسٽ 2003ع
)
فرد
سڄڻ کي تحفو ڏنم دل، مگر نه ورتائين،
چيائين ويشنو آهيان، ڪباب ڪونه کپي.
پري کان وڃي پيئون پيرين اکيون،
جهڪي وئي جبين سنگِ در کان اڳي!
لڙڪ وهنجارين لاشو عشق جو،
سرنگون شل حسن جو پرچم هجي.
ڪيم دربان کي سجدو ديد خاطر،
ٿيس مشرڪ فقط هڪ مدّعا ۾.
اکيون ٿيون فروزان شبِ انتظار،
ويو خونِ دل تيل بنجي ٻري.
حضورِ يار آخر جان به لب پهتس،
وڏي درجي وڃي ادنيٰ نسب پهتس.
پڇين ٿو وحشتِ دل جا اگر شاهد،
ته هي منهنجي جبين، هو سنگِ در شاهد.
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2-3/1969ع تان کنيل)
احمد خان مدهوش
(جنم: 15- اپريل 1931ع- وفات: 26- جون 2010ع)
نعت
ٿو پڪاري جهان، مصطفيٰ مصطفيٰ،
تون وسارين متان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
ڇا ننڍو، ڇا وڏو ڇا ٻچو، ڇا جوان،
آ زبان درزبان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
بحروبر جهر جهنگل، مان هِتان يا هُتان،
ٿو ٻڌان ۽ سُڻان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هي ڪتيون، هي نکٽ، ۽ ستارا رَوان،
ڪهڪشان، ڪهڪشان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هن جو نالو مٺو راتيان ڏينهان پڙهان،
صبحُ سانجِهي چوان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
هاءِ ”مدهوش“ مان، جنهن گهڙي دم ڏيان
هيئن چوندو رهان، مصطفيٰ مصطفيٰ.
(ڪتاب: ’اکين جا سنيها‘ (شاعري) تان کنيل)
غازي الدين نشتر ناٿن شاهي لغاري
(جنم: 15- مارچ 1929ع- وفات: 17- اپريل 2018ع)
رباعي
هر ڪُفر کي ايمان، چئي ويٺاسين،
هر ڍور کي انسان، چئي ويٺاسين؛
۽ وقت جي طاغوت کي پڻ اي ’نشتر‘،
رحمان ۽ يزدان، چئي ويٺاسين!
طوفان سان لَڙڻ وارو سفينو آهيان،
هڪ شير سپاهيءَ جو سينو آهيان؛
والله! اڃا ڀي جي پُڇو ٿا مون کان،
مزدور سندو پاڪ پَسينو آهيان!
فرعون جي دنيا سان بغاوت آهي،
شداد جي جنّت کان شڪايت آهي؛
جنهن حُسن زليخا کي مَڃايو ناهي،
ان صورتِ يوسف کان حقارت آهي!
سازش جي طريقي سان گهُرايا وياسين،
ويهاري، ڪچهري ۾ اُٿاريا وياسين؛
ايڏو ته اچي بار ٿياسين، ’نشتر‘،
جو ڌوهه نڪو ڊوهه، تَڙايا وياسين!
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2-3/1969ع تان
کنيل)
شيخ اياز
(جنم: 23- مارچ 1923ع- وفات: 28- ڊسمبر 1997ع)
وائي
گُهلُّ ڏکڻ آڙي نيڻَ ٿا نِنڊَ ڪن!
گيتَ گونجارجِي واءُ مان ٿا وَرَن،
نيڻ ٿا ننڊ ڪن!
جيءَ جا جهولڻا جهانءِ ۾ ٿا جُهلن،
نيڻ ٿا ننڊ ڪن!
سانت جي سِيرَ ۾ ٿا تنبورا تَرن،
نيڻ ٿا ننڊ ڪن!
چَنڊ جا ناکئا ناوَ سان ٿا ڏسِن،
نيڻ ٿا ننڊ ڪن!
پَٽَ جهڙا پرين پارَ کان ٿا اَچن،
نيڻ ٿا ننڊ ڪن!
راتڙيون جاڳندي، جَهر آئِي نه تَن،
نيڻ ٿا ننڊ ڪن!
گُهل ڏکڻَ آڙي نيڻ ٿا ننڊ ڪن!
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2/1969ع تان کنيل)
’بردو‘ سنڌي
(جنم: مارچ 1922ع- وفات: 26- آڪٽوبر 1988ع)
غزل
منهنجو ڪوئي ميت نه يار،
جڳ جا ڏکڙا ڳل جو هار.
پنهنجا پنهنجو ڪين چوَن، ڌارين تي ڪا ناهه ميار:
روئڻ سان هِري ويا نيڻ، پَل پَل ڇم ڇم لُڙڪ هزار.
سهڻي کي وٺي ننڊ کڻي، منهنجو من ٿي ميهار.
راهه تڪيندي رات کُٽي، پرهه ڦُٽي وئي ڏسندي پار.
اڱڻ اسان جي پير ڀري، سهڻو سائين جيءَ جيار.
خوابن ۾ تون آءُ هلي، هڪڙي پَل لئه هينئون ٺار.
توبن روح آ کوهه ڦٽل، هاءِ حياتي دل تي بار.
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2/1969ع تان کنيل)
نارائڻ شيام
(جنم: 25- جولاءِ 1922ع- وفات: 10- جنوري 1989ع)
ڪلام
ڪيڏو سورن جو سامان،
سک جو هو نه ڪوئي امڪان.
سيتل ڇايا ڪنهن جي ياد، رڻ جو پنڌ ٿيو آسان.
تنهنجو صدين جو وشواس،
تنهن ۾ منهنجو هاڻ گمان.
ڦوٽو پاڻيءَ جو هو ڪالهه، اچ ته اٿاهه سمنڊ انسان.
جاڳيو آهين ٿيءُ سجاڳ، ڪيسين سپنن جو احسان.
صبح ڪ شام جي آهه شفق،
’شيام‘ اٿيئي ڏس جو ڌيان.
ڪتاب: ’درناياب عرف يادِ رفتگان‘ سنڌي ادبي بورڊ
تان کنيل
’پروانو‘ ڀٽي
(جنم: 16- فيبروري 1934ع- وفات: 01- ڊسمبر 2016ع )
غزل
سمجهين ڪين تون سگهندين مٺڙا مستانن جي ٻولي،
ديوانن جي ٻولي آهي فرزانن جي ٻولي.
حورن ۽ پرين جي دنيا بيشڪ سهڻي آهي،
غور ڪندين ته اتي به ته ٻڌندين انسانن جي ٻولي.
چپڙن تي تالا ۽ خيالن تي بندش ۽ پڻ پهرا،
اهلِ جنون ويا سمجهي، آخر ارمانن جي ٻولي.
هيڏي دل ۽ هيڏو جگر گهرجي ٿو سچ چوڻ جي لئه،
تون ته حقيقت کي به چوين ٿو افسانن جي ٻولي.
سڀڪجهه ڳالهه اشارن اندر لمحن ۾ ٿي ويئي،
شمع ئي سمجهي ٿي هِت آخر ’پروانن‘ جي ٻولي.
(ٽه
ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2/1969ع تان کنيل)
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘
(جنم: 24- ڊسمبر 1900ع- وفات: 19- نومبر 1982ع)
رباعي
فاني ٿي اُها شيءِ بقا سمجهين ٿو،
گهٽ چيز کي تون وڌ ڇو ڀلا سمجهين ٿو؛
ٿي بحرِ جهان ۾ عمر مانند حباب،
غافل تون زندگيءَ کي ڇا سمجهين ٿو؟
زيبا نه اٿئي دوست، ڪڏهن ڪبر و خودي،
پاڪي جي به دعويٰ ته ڪري ڇا خاڪي؛
آهن جي عمل جنهن جا سٺا، برتر آهه،
معيارِ شرافت نه ٿي عالي نسبي!
فطرت جي اُها نشونما آهه اڃا،
تجديد زوال ۾ ارتقا آهه اڃا؛
انسان بدليو، جهانِ فاني بدليو،
ليڪن جو خدا هو سو خدا آهه اڃا!
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2/1969ع تان کنيل)
سيد گل حسن شاهه ’مجذوب‘
(جنم: 1910ع - وفات: 11- نومبر 1988ع)
ڪلام
سر ۾ سودا آهي سنگِ در ملي،
در تنهنجو ليڪن نٿو دلبر ملي.
تشنه لب آهيان مان اي پيرِ مغان،
ميڪدي مان مون کي ڀي ساغر ملي.
تنهنجا عشوه، تنهنجا غمزه تنهنجو ناز،
تنهنجو ثاني ڪونه ٻيو دلبر ملي.
بحرِ الفت ۾ ٿئي جو غوطه زن،
ٿو انهيءَ غواص کي گوهر ملي.
لامڪان ۾ گر مڪين ناهين ته پو،
ڇو نٿو ’مجذوب‘ تنهنجو گهر ملي.
ڪتاب: دُرّناياب عرف يادِرفتگان، سنڌي ادبي بورڊ
تان ورتل
نورجهان نور ’شاهين‘
(جنم: 18- آگسٽ 1936ع- وفات: 20 سيپٽمبر 1995ع )
گيت
مان دکياري پريت جي ماري ويٺي نير وهايان!
توبن جيون ساٿي اجڙيون آهن جيون راهون،
منزل منزل ڳولين توکي منهنجون اُداس نگاهون،
آءٌ اياڻي نينهن نماڻي پريت ڪري پڇتايان!
پريت جي پياس انوکي ساجن ڪير سگهي ٿو لاهي،
چاهت مٽجي ڪين ٿي هرگز ڪيڏو کڻي ڪو چاهي،
برهه جي باهه ٻري ٿي
من ۾ جيئن جيئن مان ٿي اجهايان!
جيون نيا دک جي ساگر ۾ ٿي لوڏا کائي،
مان دکياري پريم مسافر ’شاهين‘ پار پڄائي،
دور ڪنارو ناهي سهارو واٽون پئي واجهايان!
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2/1969ع تان کنيل)
مرزا اسد بيگ ’اسد‘
(جنم: 18- سيپٽمبر 1913ع- وفات: 10- اپريل 1990ع)
غزل
صورت مان ٿئي عيان ته ڪڇان ڇا زبان سان،
خاموش گفتگو آهي، تو مهربان سان.
بيتاب باهِه عشق جو دونهون اُٿڻ ته ڏي،
ٺهندو ٻيو آسمان منهجي آه و فغان سان.
داغِ جگر کان پاڪ گريبان جي چاڪ کان،
ڇيڙيان هي داستانُ وري ڪهڙي بيان سان.
آسان ناهي مفت ۾ حاصل ٿئي سَنَد،
فطرت جي مدرسي مان ملي امتحان سان.
علم ۽ ادب جون خدمتون جنهن ملڪ ۾ ڪيون،
ٿيو واسطو ’اسد‘ جو انهيءَ خاندان سان.
(ٽه ماهي مهراڻ ’شاعر نمبر‘ 1-2/1969ع تان کنيل)
خراسان جو آخري تيموري سلطان حسين بايقرا(863-
912هه) ۽ سنڌ جو والي ڄام نظام الدين(866- 914هه)
نه فقط همعصر هئا، بلڪ هم ذوق به هئا. علمي ۽ ادبي
سرپرستيءَ ۾ هڪجهڙا هئا، جنهنڪري هرات ۽ ٺٽو هڪ
ئي وقت ۾ شاعرن،
۽ عالمن جو ڳڙهه
بنيل هئا، ۽ سندن درميان هڪجهڙائيءَ جو هي به هڪ
عجيب اتفاق آهي ته، جنهن وقت تيمورين جي هن آخري
سلطنت جي طاقت ختم ٿي! ته عين ان وقت سنڌ ۾ سمن جي
سلطنت جو ڏيئو به گل ٿي ويو. آزاد سنڌي حڪومت جو
هي آخري ادب پرور شاهه، ڄام نظام الدين سمون نه
فقط علم دوست ۽ هنر پرور هو، ليڪن خود به فارسيءَ
جو شاعر هو. هي رباعي سندس آهي:
اي آنکه، ترا نظام الدين مي خوانند
تو
مفتخري، مرا چنين مي خوانند
گر در ره دين، از تو خطائي افتند
شک نيست که ترا کافر لعين مي خوانند.
مولانا عبدالعزيز ابهري پنهنجي خاندان سان گڏ، هن دور ۾ ئي سنڌ
پهتو ۽ مستقل طور هتي ٽڪي پيو. هن هتي علم جي
اشاعت ۽ واڌاري لاءِ هڪ وڏي مدرسي جو بنياد رکيو.
علامه جلال الدين دواني(908هه) به، هن سلطنت جي علم پروريءَ جي هاڪ ٻڌي هتي اچڻ ٿي گهريو، ليڪن سندس ٻه شاگرد، مير شمس
۽ مير معين، سلطان نظام الدين کان سفر جو خرچ وٺي، جيسين اتي پهتا، ان کان اڳ علامه دواني آخرت جي
سفر تي روانو ٿي چڪو هو.
حسام الدين شاهه راشدي
(مترجم: غلام محمد لاکو ’مهراڻ‘ مقالا نمبر
4/1984ع
ص 14 تان کنيل) |