سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

ڀاڱو ٻيو

صفحو ؛ 9

 

]باب پندرهون[

]سيوستان ۽ دشت باران پرڳڻن جا ڳوٺ ۽ اُتي جا بزرگ[

سيوستان

هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجين ولايت ۾ آهي، سندس لام قب نه (157) ۽ منڍ الول (67) آهي. هڪ قديمي شهر سنڌ جي اولاد سهوارن جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو مٿي بيان ڪيل ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاهه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کان پوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاهه بيگ اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاهه حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو. جڏهن سنڌ جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه جي دربار جي گورنرن جي حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاهه ٿيو. نواب خدا يار خان جي حڪومت جي ڏينهن کان وري اصلوڪي دستور موجب باقي سنڌ ۾ داخل آهي.

سندس جبل تي واهي جو چشمو عجائبات مان آهي. ڪيترائي مريض انهيءَ مان غسل ڪرڻ ڪري شفاياب ٿيندا آهن. سدائين ساڳيءَ طرح ڀريل ]رهي ٿو[ ۽ پاڻيءَ جي اچڻ جي جاءِ معلوم ڪانهي. مقرر ڏينهن تي هندو اُتي پوڄا لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن.

ٻي ] 135[ هڪ ٿنڀي جاءِ آهي، جا جبل ۾ هڪ وڏي صفحي هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي. ماڻهن جي اعتقاد موجب هيءَ قدرتي ٺهيل آهي. ماڻهو سير ۽ صفائيءَ لاءِ اُتي ويندا آهن ۽ سندس ڇت تي چڙهي نظارو ڏسندا آهن. چون ٿا، ته چئن يارن يعني: مخدوم جلال جهانيان، شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد ۽ شيخ بهاءُالدين اتي ويهي مڪاشفا ڪيا آهن. هڪ ناليري جاءِ ۽ سڳورو مڪان آهي.

شيخ عثمان مروندي(1): عرف مخدوم لعل شهباز بن سيد ڪبير الدين محمد بن سيد صدر الدين، امام جعفر صادق عليہ السلام جي فرزند امام اسماعيل جي اولاد، مٿين چئن يارن مان هڪ آهي، جن گڏجي سير سفر ڪيو هو. سنہ 662 هجريءَ  ۾ جڏهن ملتان پهتو، تڏهن دهليءَ جي بادشاهه سلطان غياث الدين جي فرزند سلطان محمد، جو هڪ عابد زاهد نوجوان هو، عالمن صالحن ۽ شاعرن سان صحبت هوندي هئس، شيخ بهاءُالدين زڪريا ۽ شيخ فريد شڪر گنج سندس مقرب هئا، امير خسرو ۽ امير حسن دهلوي سندس ملازمت ۾ داخل هئا، تنهن کيس ]اتي ئي[ رهڻ جي تڪليف ڏني، پر قبول نه ڪيائين. شاهه شمس بو علي قلندر جي خدمت ۾ پهتو، ته انهيءَ چيس، ته هندستان ۾ ] اڳ ئي[ ٽي سؤ قلندر موجود آهن ] تنهنڪري[ بهتر آهي، ته توهان وري سنڌ ڏانهن تشريف فرما ٿي وڃو. انهيءَ اشاري تي سيوستان اچي رهڻ گهريائين. اتفاقاً  جنهن زمين ۾ هاڻي آراميل آهي، انهيءَ زمين تي فاحشه عورتون رهنديون هيون. شيخ جي اچڻ تي ]اهو اثر ٿيو جو[ جيڪو به انهن زالن وٽ آيو سو ]مٿن[ قادر نه ٿيو. صبح جو سڀني عورتن شيخ جي اچڻ جي خبر ٻڌي اچي توبهه ڪئي. تنهن کان پوءِ شيخ کي زمين جي هڪ ٽڪر کي آباد ڪرڻ جو خيال ٿيو. انهيءَ خيال کان احاطي ڪڍڻ لاءِ هڪ مزور وٺي آيو ۽ پاڻ لٺ هٿ ۾ کڻي بيهي رهيو. زمين جو مالڪ اچي منع ڪرڻ لڳو، پاڻ کيس لٺ هنيائين ۽ هو مري ويو، جنهن تي کيس دفن ڪري ڇڏيائون. ميت جا وارث باز پرس ڪرڻ لاءِ شور ڪري آيا، تنهن تي فرمايائون ته:  ”مون ته ڪتو ماريو آهي، اجهو زمين ۾ پوريو پيو آهي.“  ٻاهر ڪڍيائون، ته سچ پچ ڪتو نڪري آيو. ڄاتائون، ته فقير ڪرامت جو ڌڻي آهي، جنهن ڪري معتقد ٿي پيا ۽ زمين سندس حوالي ڪيائون. سندس ٻيون ڪانيون ۽ ڪرامتون ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن ۽ هن مختصر ]ڪتاب[ ۾ ڪيتريون ماپنديون؟ سندس وفات سنہ 673 هجريءَ ۾ ٿي. هو ڇڙو ۽ پرهيزگار ]رهي[ گذاري ويو. سندس اڳيان متولي جيڪي گذريا آهن، تن جي تحقيق کان مجبور ٿي تبرڪ طور ڪن ٿورن جو بيان ڪجي ٿو.

مخفي نه رهي، ته هن درگاهه جي سنڀال قديم الايام کان شيخن جي حوالي آهي، جا اڄ تائين پشت به پشت، لاڳيتي ]سندن هٿ ۾[ رهندي اچي. سيدن جو به هن ڳالهه سان تعلق سندن مائٽيءَ جي ڪري پيدا ٿيو آهي.

شيخ مکڻ: قديمي شيخن مان درگاهه جو متولي ۽ ڪنجي بردار هو. مٿس پير جي ڏاڍي مهرباني هئي. چون ٿا، ته سادات، جي شيخن جا ڏوهٽا آهن، تن جڏهن سجادهه جي هٿ ڪرڻ کان پوءِ درگاهه جي ڪنجيءَ جي لالــچ رکي ۽ هنن مقابلي جو ست نه ساري ڪـُـنجي ڏيئي ڇڏي، تڏهن سيدن ڪيتري به ڪوشش ڪئي پر در نه کليو. لوهار کي ڪلف ڀڃڻ لاءِ وٺي آيا، ته ڌڪ هڻڻ سان سندس هٿ سـَـڪي پيو. هن عجيب ڳالهه ڏسڻ تي سيد ]پنهنجي[ ڪئي تي پشيمان ٿيا ۽ ڪـُـنجي شيخن جي حوالي ]136[ ڪيائون. هن کان پوءِ ڪـُـنجيءَ ۾ سيدن جي ڪا به دست اندازي ڪانه آهي ۽ ٻه گاديون ٿي پيون آهن، جيئن معلومات آهر بيان ٿيندو.

مير صلاح الدين. اصل لڪعلوي (لڪيءَ) جي سيدن سڳورن مان آهي. پنهنجي ذاتي صلاحيت جي وسيلي، دين خواهه دنيا جي سڌاري ۾ ڪوشش ڪري، نالو ڪڍيائين ۽ درگاهه جي سجادهه نشينيءَ جي دولت نصيب ٿيس. سندس وجود پنهنجي پير جي نظر فيض اثر جي برڪت سان مريدن ۽ متعلقن جي هر طرح جي سڌاري جو باعث ٿيو. ڀڳي ٺوڙهي ٽڪر تي هڪ قلعڙو سندس يادگار آهي.

]سيد پير شاهه[: سندس فرزند رشيد سيد پير شاهه پيءُ جي قائم مقامي ۽ درگاهي جي سجادهه نشينيءَ سان سرفراز ٿيو. هو رياضت جو صاحب هو. سڄي رات عبادت ڪندو هو. سياري خواهه اونهاري ۾ نفل جي سڀڪنهن ٻارهين رڪعت کان پوءِ نئون غسل فرمائيندو هو. سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏاڍيءَ سڪ سان سندس زيارت جي درخواست ڪئي پر هن قبول نه ڪئي. نيٺ هو سندس خدمت ۾ آيو، تنهن تي ٻين سيدن ۽ خادمن کيس ڏاڍي تڪليف سان ٻاهر ڪڍيو. ڏسڻ سان چيائين، ته هن کان پوءِ دنيا ۾ رهڻ چڱائي نه آهي ۽ جلد ئي گذاري ويو.

]سيد نور شاهه[: تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ سيد نور شاهه سجادهه نشين ٿيو. هن جو ظاهري نمونو ابدالن جهڙو بي جوابداراڻو ۽ رنداڻو هو، پر حقيقت کان ايڏو، ته بهرو مليل هئس جو جيڪي به سندس زبان مان نڪرندو هو، سو تقدير سان ٺهڪي ايندو هو. پير جي مٿس حد کان وڌيڪ مهرباني هئي. هفتي ۾ هڪ دفعو ٻاهر نڪرندو هو ۽ پيئڻ جو سامان ساڻ هوندو هئس. سندس وڏا خرچ ڏسي ماڻهو منجهس ڪيميا جو شڪ ڪندا هئا.

]سيد حيدر شاهه[: کانئس پوءِ سندس ڀاءُ حيدر شاهه جاءِ نشين ٿيو، جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجي هدايت واري پٽ نذر شاهه کي گاديءَ تي وهاريو.

]نذر شاهه[: هن کي حال توڙي قال مان وڏو نصيب مليل هو. هيءُ پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو.

]اسد شاهه[: تنهن کان سندس ڀاءُ اسد شاهه پيءُ جي درگاهه معليٰ جو سجادهه نشين ٿيو، هاڻي سيد حيدر شاهه گذاري ويو.

سيد نهال شاهه: کاٻڙوٺي جي سيدن مان آهي، جو سيوهڻ سان تعلق رکندڙ هڪ ڳوٺ آهي. اصلي متولي شيخن کان زبردستي مخدوم عليہ الرحمة درگاهه جي سجادهه نشينيءَ جو مالڪ ٿيو. پير جي گهڻي فيض سببان مٿي ذڪر ڪيل لڪعلوي سيدن جي اولاد جي سجادهه نشينن کان وڌي ويو ۽ درگاهه جي دروازي جي ٻاهران تخت تي وهڻ جي خصوصيت عطا ٿيس. اها رسم سندس جاءِ نشينن ۾ هلي اچي.

]مير خضر شاهه[: سندس گذرڻ کان پوءِ مير خضر شاهه پير جي خاص توجهه سان سجادهه نشين ٿيو.

]سيد موج دريا[: انهيءَ کان پوءِ سيد موج دريا ولد ساجو شاهه گادي نشين ٿيو. هن بزرگ جي وفات تازي ٻڌجي ٿي.

مخفي نه رهي، ته جڏهن حضرت مخدوم جي بيان جي مناسبت تي ڪن سجادهه نشينن جو بيان ٿي چڪو تڏهن پهريائين انهيءَ سرزمين تي رهندڙ بزرگانِ دين جو ذڪر ڪري ٻين سيدن جي ٿوري حالات لکي ويندي.

]قاضي ابو سعيد[: ولد قاضي زين الدين بکري نهايت فضيلت ۽ حاضر جوابيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ يگانو ۽ انهيءَ ملڪ ۾ نامي گرامي ٿي گذريو آهي.

]قاضي قاضن[: قاضي ابو سعيد جو پٽ قاضي قاضن ]پنهنجي[ وقت جو ]137[ سرگروهه ٿيو. هو قسمين قسمين فضيلتن سان سينگاريل هو. قرآن جو حافظ ۽ قرات جو علم چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. فقہ، تفسير، حديث، تصوف، تعويذات ۽ انشاء پردازيءَ ۾ ڪافي دسترس هيس، سلوڪ جي رستي ۾ ڏاڍيون رياضتون ڪيون هئائين. حرمين شريفين جي زيارت ڪري ڏاڍو سير سفر ڪيو هئائين. آخر سيد محمد مهدي جونپوريءَ جي مريدن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو، جنهن ڪري ظاهر جا علماءِ مٿس طعن ڪندا هئا. مرزا شاهه حسن کان بکر جي قضا ]جو عهدو[ وٺي وڃي پنهنجي ڏاڏي جي اباڻي جاءِ تي پهتو. وڏي عمر ۾ انهيءَ کان استعيفيٰ ڏيئي پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر الله جي حوالي ڪيائين ۽ سنہ 958 هجريءَ ۾ گذاري ويو.

] قاضي نصر الله[: قاضي قاضن جو ڀاءُ قاضي نصر الله ظاهري خواهه معنوي ڪماليتن سان سينگاريل هو. وڏن جو طريقو پوريءَ طرح روشن رکندو آيو. قسمت جي ڏينهن پوري ٿيڻ کان پوءِ عزت ۽ ناموريءَ سان گذاري ويو.

]شيخ محمود[: وڏي ۾ وڏو عالم، ڀلي ۾ ڀلو متقي ۽  ]پنهنجي[ وقت جو ناميارو ٿي گذريو آهي.

] مخدوم راهو[: سندس اولاد مان قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهو پڻ انهيءَ سرزمين جي ناليرن مان آهي.

] قاضي ڏتو سيوستاني[: سندس فرزند قاضي ڏتو سيوستاني، ڪيترن باطني عالمن جي صحبت پرائي، فيض جي نظر حاصل ڪئي هئي.  ]پهريائين[ ڪو وقت پيءُ جي خدمت ۾ فضيلت حاصل ڪري پوءِ حديث ۽ تفسير جو علم مخدوم بلال جي خدمت ۾ رهي مطالع ڪيائين. گهڻو علم مخدوم محمود فخر پوٽي ۽ مخدوم عبدالعزيز هرويءَ کان ]پڻ[ پرايائين.

قرآن شريف جا ارڙنهن تفسير مطالعي هيٺ آڻي انهن جون معنائون ۽ دقائق ياد ڪيائين. علم جفر ۽ ٻين عجيب علمن مان وڏو حصو هٿ ڪيو هئائين. حافظو اهڙو ته ]قوي[ هئس، جو اڪثر ڪتاب ياد پڙهي ويندو هو. مرزا شاهه حسن کانئس تلقين ورتي هئي ۽ کيس مخدوم ۽ استاد جو لقب ڏنو هئائين، هو باغبان جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي.

]قاضي سائينڏنو[: حـضرت فاروق رضي الله عنہ جو اولاد ۽ وقت جو وڏو عالم ۽ متقي هوندو هو. شرعيت کي طريقت سان ۽ طريقت کي حقيقت سان شامل رکندو آهي. سيوستان بلڪ سڄي سنڌ ۾ نامي گرامي ٿي گذريو آهي.

]شيخ مير محمد مشهور "ميان" مير[: سندس فرزند ارشد شيخ مير محمد (معروف "ميان مير") دنيا جي ولين جو اڳواڻ ۽ وقت جو قطب هو. ظاهري فضيلت ۾ ڪو به ساڻس مٽ ڪو نه ٿيو. سندس ولادت سيوستان ۾ سنہ 957 هجريءَ ۾ ٿي. سندس والد، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، والده ۽ همشيره هر هڪ حال ۽ ڪشف ڪرامات جون پڻ صاحبائون هيون. سٺ سالن کان مٿي لاهور جي شهر ۾ رهي شيخ خـضر قادريءَ جو مريد ٿيو. اٺاسي ورهين جي ڄمار ۾ سنہ 1045 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس قبو هاشم پور ۾ آهي. سندس مريدن مان هڪ وڏي جماعت ڪرامتن جا صاحب ۽ خدا کي پهتل آهن. دارا شڪوه سندس مريد ٿيو هو ۽ سندس حالات ۾ رسالو به لکيو هئائين(1).

مير سيد ڪلان: ڪربلا معليٰ جي عظيم القدر سيدن مان آهي. انهيءَ مبارڪ سرزمين مان نڪرڻ کان پوءِ پهريائين قنڌار ۽ پوءِ سنڌ جي فتح ٿيڻ کان پوءِ، اچي سيوستان جي پسگردائيءَ ۾ رهيو. گهڻو وقت شيخ عثمان مروندي ] 138[ جي مزار پر انوار تي گذاريندو هو. زهد ۽ تقويٰ ۾ بينظير هو، کيس گهڻو اولاد ٿو. مير معصوم بکري سندس اولاد مان آهي.

مير عبدالله سلطان: عرف خان عريض ولد مير ابوالمڪارم بن مير غياث الدين جيڪي مٿي ذڪر ٿي آيا. بکر ۾ ٿي گذريا پر هي سيوستان ۾ ڄائو اُتي ئي ۽ نپنو. جهانگير جي ڏينهن ۾ مرزا غازي بيگ سان گڏ هو، جڏهن مرزا کي شاهي نوازش سان قنڌار پڻ ٺٽي سان گڏجي مليو، تڏهن هيءُ قاصد ٿي ايران جي بادشاهه وٽ ويو ۽ انهيءَ سفر ۾ خراسان جي بادشاهه جي زيارت جو شرف حاصل ڪري موٽي آيو. مرزا جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي تي مقرر ٿيو. شاهه جهان جڏهن تخت تي ويهڻ سان، بي ادبي ڪرڻ ڪري، شريف الملڪ تي ڪاوڙيو ۽ نواب امير خان اچي ] مٿئين[ نواب جي ڪامورن کي تڪليفون ڏنيون، تڏهن هن مير ۽ سندس ڀاءُ چيو، ته جنهن صورت ۾ نمڪ حلاليءَ جو بدلو اهو آهي، ته پوءِ گوشي ۾ ويهڻ گهرجي. ائين چئي عهدو ڇڏي ڏنائين. مرزا عيسيٰ گهڻو ئي ڀڙڪاين پر جواب ڏنائين، ته پيري اچي ويئي آهي ۽ نوڪريءَ جي طاقت نه رهي آهي. آخر ملا محب علي سنڌي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي ذريعي، اولاد سميت مدد معاش طور ڄـــام تماچيءَ جــي سيريءَ مان پنجاهه هـــزار درم پـگهار وٺــي ٺــٽي هليو ويـو. اتــي هــيءُ ] سڳورو[ 16 شعبان سنہ 1054 هجريءَ ۾ گذاري ويو. سندس اولاد ٺٽي ۾ رهي پيو. شعر عمدو ]چيل[ اٿس.

سيد عبداللطيف: ولد سيد عبدالرزاق بن سيد اسماعيل بخاري جنهن جو بيان مٿي ٿي چڪو، راقم الحروف جو نانو سيد عبداللطيف عرف سيد مهتو، جنهن جو اڳتي هلي بيان ٿيندو، جو ڏاڏو هو ۽ سيوستان ۾ رهندو هو. جهانگير بادشاهه جي حضور مان سيوهڻ جي پسگردائيءَ ۾ ڪڇيءَ جي ڳوٺ ۾ جاگير مليل هئس. ذاتي بزرگيءَ ۽ سهڻين صفتن ڪري وقت جي بزرگن ] جي لسٽ[ ۾ داخل هو.

]ملا داؤد سيوستاني[: فضيلت ۽ علم جو صاحب ۽ وقت جي متبرڪ عالمن مان هو.

] نورالحق[: چون ٿا، ته سندس فرزند رشيد نورالحق جي طبع، ننڍپڻ ۾ غبي هئي. قرآن پڙهڻ تي پڻس ڪيترو به ماريندو هئس پر فائدو ڪو نه ٿيندو هو. هڪڙي ڏينهن کيس ڪنهن سوڙهي ڪوٺيءَ ۾ کڻي بند ڪيائين. هو ڏاڍو رنو پر پڻس کيس معافي نه ڏني. آخر رئندي رئندي کيس ننڊ کڻي ويئي، ته هڪ نوراني مرد، جو حضرت خضر هو، وٽس آيو ۽ چيائينس، ته "ڪيترو سمهندين، اٿ، اڄ کان پوءِ جيڪي به پڙهندي، سو توکان نه وسرندو" جاڳڻ تي ڏٺائين، ته جنهن سبق جي ياد ڪرڻ لاءِ پڻس کيس ماريو ٿي، سو سندس حافظي جي پٽيءَ تي پٿر تي ليڪي وانگيان ٿي ويو آهي. ]بس پوءِ ته[ پيءُ ۽ ماءُ کي سڏي وٺي قرآن پڙهڻ شروع ڪيائين. جڏهن پيءُ ماءُ کيس بند مان ٻاهر ڪڍيو، تڏهن جيڪي به چيائونس ٿي، سو هڪدم ياد ٿي ڪيائين. نيٺ رفته رفته "استاذ" جي لقب وارو طالب علم ۽ مشتاقي لقب وارو شاعر ٿيو، جنهن وقت مرزا صاحب هندستان جي سفر ۾ هن رستي کان لنگهيو، تڏهن هن کي ڏسي سندس شعر پسند ڪيو هئائين. هن وقت هو نيڪيءَ ۽ پرهيزگاريءَ سان سينگاريل ۽ علم ۽ فضيلت سان سنواريل مرد ٿي پيو هو. سندس اولاد ۾ اها صلاحيت، علم ۽ شاعري اڄ تائين هلندي اچي ٿي. جيئن، ته سندس اولاد مان نورالحق نالي هڪڙو فضيلت ۽ صلاحيت وارو نوجوان زندهه آهي ۽ ٻيو محمد عليءَ نالي بلاغت جو صاحب ۽ شاعر مزاج ماڻهو پڻ سندس اولاد مان باقي آهي.

ابوبڪر سيوستاني: سندس وقت ۽ حالات جو ڪو به پتو ڪونهي. باقي فقط ايترو آهي، جو پنهنجي نالي ۽ جاءِ جي تعريف، پنهنجي شعرن ۾ پاڻ بيان ڪئي اٿس جنهن مان سندس بلاغت معلوم ٿئي ٿي.

ميان عبدالحليم(1): وقت جو بزرگ ] هو[ ۽ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ حياتي گذاري ويو.

]وجيه الدين ۽ سندس ڀائر[: سندس پٽ: وجيہ الدين، ناصر الدين ۽ محمد رفيع، هر هڪ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ وقت گذاري ٻڍو ٿيو آهي.

قاضي محمد وارث: عدلاني مخدومن مان چڱيءَ حالت ۾ گذريو آهي.

] قاضي امين الدين[: سندس پٽ قاضي امين الدين هڪ فضيلت ۽ انسانيت وارو مرد ]هو، جو[ ]140[ هاڻي تازوگذاري ويو آهي.

قاضي دين محمد: دڪائي مخدومن مان بزرگاڻي اخلاق ۽ فضيلت جو صاحب اڃا تائين جيئرو ۽ ناميارو آهي.

مخفي نه رهي، ته هي ٻٽي نالا، جيڪي ذڪر ٿيا، سي سمنڊ مان هڪ قطرو آهن، پر پنهنجي التزام موجب جيترو ٿي سگهيو، سو تبرڪاً لکيو ويو، جيڪو وڌائيندو تنهنجو احسان ٿيندو.

]هاڻي[ جڏهن انهيءَ شهر جي بيان کان واندا ٿياسين، تڏهن انهيءَ جي ڳوٺن ۽ آسپاس جي بزرگن جو بيان شروع ڪريون ٿا. اتي پڻ جيتري معلومات آهي، تنهن تي اڪتفا ڪئي ٿي وڃي ۽ (وڌيڪ) الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو.

پاٽ

سيوستان جي پرڳڻي جي آسپاس ۾ هڪ ڳوٺ آهي.

حيدر هروي: "تحفتهء سامي" ۾ سندس لقب "ڪليجه" (جيرو) لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته ابتدا ۾ جيرن پچائڻ جو ڪم ڪندو هو. کيس "ڪليج" جو لقب پڻ ڏيندا هئا. فرهنگ رشيديءَ ۾ ڪلوج ڪاف مفتوح ۽ واو معروف سان معنيٰ وڏو جيرو ]لکيل آهي[: هو هڪ ديوان جو مالڪ شاعر آهي. مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ پنهنجي ملڪ کان سنڌ ۾ آيو ۽ هميشہ لاءِ اچي مٿئين ڳوٺ ۾ رهي گذاري ويو.

ٽلٽي

انهيءَ شهر جو هڪ ڳوٺ ٽلٽي به آهي، جتي جو:

مخدوم بلاول: وڏو عارف ۽ واصل بالله هو. ظاهري علم ۾ ] پڻ[ وڏو شان رکندو هو. رات جو پاڻيءَ سان ڀريل هڪ ڪونار ۾ ويهندو هو، ته ذڪر جي جوش ۽ حال جي غلبي کان پاڻي جانڊهه وانگيان چڪر هڻڻ لڳندو هو. صبح جو هو ٻاهر نڪري ويندو هو، ته به پاڻي چڪر ۽ جوش ۾ هوندو هو. جيستائين درياءِ  نه هاريندا هئا، تيستائين بس نه ڪندو هو.

هڪ ڏينهن مخدوم لعل شهباز جي زيارت لاءِ ويندي ٻيڙيءَ ۾ ويٺو هو ] هوڏانهن[ ميربحر گارگند ۾ مشغول هو ۽ ڪنهن جي به چوڻ سان بس نٿي ڪيائين. مخدوم صاحب پنهنجي ٽوپي سندس مٿي تي رکي، ته هڪدم اجائي بڪواس کان بس ڪري قال الله ۽ قال الرسول ۾ مشغول ٿي ويو. جيستائين ٽوپي مٿي تي هيس، تيستائين اهو حال هئس. ٻيڙيءَ تان لهڻ کان پوءِ ملاح جي مٿي تان ٽوپي لاٿائين ۽ هو اڳئين دستور موجب بڪوات کي لڳي ويو.

ڪاهان

هڪ مشهور معروف ڳوٺ آهي.

مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري ] ۽ سندس پٽ[: تبحّر ۽ تحقيق جي مصر جو عزيز علم ۽ تحقيق جي ملڪ جو شهنشاهه هو. هو ڄام فيروز جي ڏينهن ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ جي بغاوت ڪري، پنهنجن ٻنهي عالي گوهر، سراسر فضل ۽ سر تاپا هنر فرزندن: مولانا اثير الدين، جنهن جي فضيلت ۽ ڪماليت جو آواز آسمان جي ايٿر کان لنگهي ويو هو، ۽ مولانا يار محمد، جو علمن جي جامعيت ۾ يگانو هو، سان گڏ هرات کان ڳاهن جي ڳوٺ ۾ تشريف فرما ٿي مواليد ثلثه وانگيان انهيءَ سرزمين کي علم جي اشاعت سان روح ۽ سرور جو سرچشمو بنائي ڇڏيائين. هو هميشہ لاءِ اُتي رهي پيو ۽ اتيئي حياتيءَ جي ڪتاب جي مطالع کان اک بند ڪيائين (وفات ڪري ويو) مشڪواة شريف جي شرح ۽ اڪثر مروج ڪتابن جي حاشين وغيره جهڙيون عجيب غريب تصنيفون يادگار ڇڏي ويو.

درٻيلو

ناليري جاءِ آهي.

قاضي ابراهيم: وڏو عالم، پرهيزگار، حضرت خليل وانگيان سلوڪ ۽ رضا جي رستي جو سالڪ هو.

]قاضي عبد الله[: سندس فرزند رشيد قاضي عبدالله، علم، مٿئين مخدوم عبدالعزيز ابهريءَ جي خدمت مان سکيو هو. پورو پورو متقي ۽ پرهيزگار هو. شاهه بيگ ]141[ جي فتح کان پوءِ درٻيلي کان باغبان ۾ لڏي آيو. سنہ 934 هجريءَ ۾ گجرات ۽ اتان مدينہ طيبہ ڏانهن هليو ويو ۽ هميشہ لاءِ اُتي رهي سڪونت اختيار ڪري گذاري ويو.(1)

]شيخ رحمت الله[: سندس فرزند ارشد شيخ رحمت الله جو وجود خدا جي خاص ۽ نسوري رحمت هو. فضل ۽ ڪمالات جي فن سان سينگاريل ۽ ] پنهنجي[ وقت جو بينظير هو. مناسڪ الحج متعلق هن جا ٽي رسالا يادگار آهن.(2)

]شيخ حميد[: شيخ رحمت الله جو ڀاءُ شيخ حميد ولد قاضي عبدالله مذڪور علوم عقليءَ ۽ نقليءَ ۾ تعريف جو لائق ۽ ڪامل هو. حديث ۽ تفسير ۾ وڏي دسترس هئس. خان اعظم ڪوڪہ سان گڏجي مڪي ]شريف[ ويو ۽ ] وڃي[ اهل حديث جو پيشوا بڻيو.(1)

مولانا سعد: علم ۾ ڪامل ۽ ڪماليت ۾ ملڪين مشهور هو.

]شيخ عبدالله متقي[: سندس فرزند شيخ عبدالله متقي تفسير ۽ حديث جي علم ۾ وقت جو بي نظير هو. سنہ 947 هجريءَ ۾ گجرات هليو ويو جتان مٿئين قاضي عبدالله سان گڏجي حرمين شريفين وڃي پنهنجا پيارا ڏينهن پورا ڪيائين. سڀني علمن ۾ سندس عمديون تصنيفون ۽ رسالا لکيل آهن.

عبداللطيف: هڪ قابل طالب علم هو. شرح ملا ]جامي[ تي پرڪار نالي سندس حاشيو لکيل آهي، جنهن ۾ ڪلام جي بحث ۾ "الڪلام ماتضمن ڪلمتين حقيقته او حڪما اي يڪون ڪل واحدة منهما في ضمنہ فالمتضمن اسم فاعل هو المجموع و المتضمن اسم مفعول ڪل واحد من الڪلمتين فلا يلزم اتحاد هما" جي شرح هنن ٻن بيتن ۾ داخل ڪئي اٿس:

قام زيد هيئت مجمو عيـش  اسم فاعل از تضمن مي شمر،

ور بخواهي اسم مفعولي ازو   هيئـتِِ افــراديش راڪـن نـظر.

لڪعلوي (لڪي)

هڪ ناليرو شهر سيدن جي رهڻ جو هنڌ آهي. اُتي جو جبل سنڌ جو هڪ نهايت سوڙهو لـَـڪُ آهي.

]سيد علي بن عباس[: پهريون سيد، جيڪو ا]تي اچي رهيو، سو سيد علي بن سيد عباس بن سيد حسين بن سيد ارشد بن سيد زيد بن سيد جعفر بن سيد عمران بن سيد هارون بن سيد عبدالله اشرف بن قاسم بن عبدالله بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام آهي، جيئن بيان ٿي آيو.

چون ٿا، ته مٿئين سيد جي اچڻ کان ٿورو اڳ دلو راءِ، جنهن جو بيان مٿي گذري آيو، جي ظلم کان اروڙ ۽ ڀانڀرا (برهمڻ آباد) جا شهر ويران ۽ برباد ٿي چڪا هئا. دلو راءِ پنهنجي ڀاءُ ڇٽي بن آمر جي هدايت ڪرڻ تي، بـُـرن ڪمن کان توبہ تائب ٿي پشيمان ٿي اچي سيد جي خدمت ۾ پهتو ۽ پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ سيد جي نڪاح ۾ ڏنائين، جنهن مان چار پٽ: 1. سيد محمد 2. سيد مراديو 3. سيد حاجي عرف ڀرڪيو ۽ 4. سيد چڱو پيدا ٿيا ۽ انهن مان چار قبيلا ٺهي پيا. ڪن جو چوڻ آهي، ته چوٿينءَ صديءَ هجريءَ ۾ دلو راءِ جو ڀاءُ ڇٽو ولد آمر دانهن کڻي بغداد جي خليفي وٽ ويو هو ۽ مٿئين سيد کي سامره جي رهاڪو سؤ عربن سميت سنڌ ۾ وٺي آيو. سومرن جا وڏا اهي (عرب) آهن.

مٿئين سيد علي جي فرزند سيد چڱي، سيد حسين نالي هڪ پٽ ڇڏيو، جنهن مان سيد محمد، انهيءَ مان سيد محمود انهيءَ مان سيد بهاءُالدين، انهيءَ مان سيد حسين، انهيءَ مان سيد عبيد، انهيءَ مان سيد نٿو، انهيءَ مان سيد عبيد، انهيءَ مان سيد بايزيد، انهيءَ مان سيد فريد، انهيءَ مان سيد يونس، انهيءَ مان سيد ڪهير ]پيدا ٿيو[: هنن بزرگن مان هر هڪ کي گهڻو اولاد آهي، ناواقفيءَ سبب انهن جي بيان کي نه پهچي سگهيا آهيون. سيد ڪهير کي سيد ايوب، سيد فريد، سيد يعقوب، سيد يحيٰ نالي چار پٽ هئا. سيد يحيٰ جو اولاد سيد سماڀو عرف سيد ڪهير آهي. چون ٿا، ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن خسيس سبب تي اچي سيدن ۾ سخت جنگ ۽ وڏو فساد پيدا ٿيو، جنهنڪري ڪيترا سيد رنج ٿي هيڏي هوڏي پاسو ڪري هليا ويا. انهن مان سيد ڪهير ٺٽي هليو ويو.

آمري

آمريءَ جو ڳوٺ دلو راءِ جي پيءُ آمر جي ] نالي[ پويان ] سڏبو[ هو. هن وقت سيد عليءَ جي اولاد وارن چئن قبيلن مان هڪ قبيلي جي رهڻ جو هنڌ آهي.

]سيد صدرالدين[: عرف صدر بن سيد محمد، روشن نشانين ۽ ظاهر ڪرامتن جو مالڪ، وقت جو ولي، زماني جي مشائخن جو سردار، سيدن جو فخر ۽ جملي برڪتن جو جامع هو. سندس اولاد سنڌ ۾ نجيب خاندان ۽ اصل گهراڻي هجڻ ۾ مشهور آهي. سندس ڪجهه اولاد سيوستان ۾ رهي ٿو، جيئن انهن مان ڪيترا نالا بيان ٿي آيا ۽ ڪي ٻيا سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. هتي تبرڪاً اصل جاءِ تي رهندڙ ڪي نالا لکجن ٿا.

]سيد محمد[: مٿئين سيد صدر جي اولاد مان وقت جو ڪامل هو. سندس وفات جي تاريخ هن مصرع مان نڪتي آهي  ”ع. درود، خدا بر محمد بود“  (هجي شل محمد تي رب جي صلواة). چون ٿا، ته ٻٽي هزار صلواة جا هر روز وظيفو هوندو هئس. گويا تاريخ جو هيءُ مصرع سندس انهيءَ شغل جي مد نظر تي هڪ عجيب اتفاق آهي.

]سيد اول شاهه[: سندس پٽ سيد اول شاهه هڪ مجذوب سالڪ، محبوب جي دربار ۾ واصل ۽ بلند درجن جو مالڪ هو.

]سيد ابوالحسن[: سيد محمد جو ٻيو پٽ سيد ابوالحسن ڪماليت جو صاحب ۽ شرعيت جو پابند مخدوم نوح عليہ الرحمة جي سلسلي جو مريد هو.

]سيد عبدالرسول[: سندس فرزند سيد عبدالرسول بزرگيءَ سان وڏن جو نالو روشن ڪيو ۽ پنهنجي وقت جي ناليرن ۾ داخل ٿيو.

]سيد محمد شجاع[: مٿئين سيد صدر جي اولاد مان نقشبندي طريقي ۾ پنهنجي وقت جو نامور رهيو آهي.

سيد محمد اشرف: ڀلي ۾ ڀلن ماڻهن ]142[ جي جماعت ۾ داخل ۽ بزرگيءَ جي لباس ۾ ڍڪيل هو.

]سيد ابوبڪر[: وڏن سيدن مان آهي. شاهزادي محمد معزالدين سندس خدمت ۾ حاضر ٿي دعا جي استدعا ڪئي هئي ۽ جلد ئي سيد جي واعدي موجب، مراد حاصل ٿيس.

سيد غازي خان: ظاهري خواهه معنوي ڪماليتن جو صاحب ۽ لڪعلوي سيدن جو سرگروهه هو. انهيءَ ڳوٺ جا جملي سيد سندس صلاح ۽ مرضيءَ جي مخالفت جائز نه سمجهندا هئا.

سيد حمزه: هن وقت وڏو بزرگ ۽ سيدن جو پيشوا آهي.

سن

هڪ ناليرو ڳوٺ آهي.

سيد حيدر: ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ مولانا عمر ۽ مخدوم بلاول جي خدمت ۾ حاضر ٿي واضح حالات، ڪشف ۽ يقين جو صاحب ٿيو. سندس گهڻو اولاد بزرگيءَ سان موصوف آهي. سندس ڪرامتن مان هڪڙي ڪرامت هيءَ آهي، ته هڪ ڏينهن ماڻهن جي انبوهه ۾ بيٺو هو. سڀني ماڻهن ڏانهن ڏسي چيائين، ته مون وٽ خدا ڏانهن ايترا رستا آهن، جو هنن ماڻهن مان هر هڪ کي جدا جدا رستي سان اصل مقصد ڏانهن پهچائي سگهان ٿو. جيئن ڪنهن کي به ٻئي جي خبر ڪا نه پوندي.

ڦڪا

هڪ مشهور ڳوٺ آهي.

سيد حسن شاهه بخاري: هڪ بي غرض ۽ توحيد جي طريقي جو سالڪ مرد آهي. وڏن کان وٺي نيڪن ۽ مشائخن جي سلسلي ۾ داخل، حتي المقدور خدا جي رستي ۾ مشغول ۽ حاجتمندن جي مشڪل ڪشائي ڪندڙ آهي. عباسين ۽ ڪلهوڙن جو گهراڻو سندن مريد آهي.

]غفور شاهه[: مٿئين حسن شاهه جو ڀائيٽو غفور شاهه پڻ ظاهري ۽ باطني ڪماليتن مان موصوف آهي.

ريل

هڪ سرزمين، ولين جي رهائش گاهه آهي. ريل جا، درويش مشهور آهن. راقم الحروف معلومات آهر، انهيءَ بهار جي خوشبوءِ سان زماني جي دماغ کي معطر ڪري ٿو.

شيخ موسيٰ: شيخ ابوالفضل (1) جو پنجون ڏاڏو آهي، جئن هن پاڻ ڪچڪول ۾ لکيو آهي. هو نائين صديءَ هجري  ۾ اچي اتي رهيو ۽ پنهنجو خاص وقت گوشي نشينيءَ ۽ يادِ خدا ۾ گذاري وفات ڪري ويو.

]شيخ خـضر[: شيخ خضر سندس اولاد مان آهي. هو ڏهينءَ صديءَ ]هجري[ ۾ سير سفر جي خيال سان نڪري ناگور جي شهر ۾ پهتو، جتي مخدوم جهانيان جي جاءِ نشين شيخ بخاري اچي، شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌيءَ جو مريد ٿي، ظاهري ۽ باطني سير ڪري، سنڌ موٽي آيو ۽ سال 911 هجريءَ ۾ کيس شيخ مبارڪ ڄائو.

]شيخ مبارڪ[: هو عقلي توڙي نقلي علمن ۾ متبحر ۽ بزرگ هو. پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن اڪبر آباد ۾ گذاريائين. هڪ سؤ ويهه سال عمر هئس. شيخ فياض بخاري ۽ شخ عمر ٺٽويءَ جو مريد هو. سندس ٻن اڪمل فرزندن: شيخ فيضي ۽ شيخ ابوالفضل جو بيان پنهنجي جاءِ تي ٿي آيو.

درويش يحيٰ: مولانا عالم بکريءَ، جنهن جو بيان ٿي آيو، جو فرزند، هڪ وڏو ولي آهي. ريل جي ويجهو رهندو هو. هڪ رات سخت مينهن وسيو ۽ اونداهي ٿي پيئي. درويش نماز پڙهي رهيو هو. ڇت مان پاڻي ٽمي ]143[ سندس چادر تي پيو ]تنهنڪري[ دائيءَ کي ڏنائين، ته درياءَ تي نيئي ڌوئي، سڪائي جلد کڻي اچ. ]دائيءَ[ چيو، ته رات اونداهي، مينهن سخت ۽ سج گم آهي، مان ڪيئن درياءَ تي وڃي سڪائينديس. فرمايائين، ته تون ڪوٺيءَ کان نڪري ڏس، ته ڇا ٿو ٿئي؟ دائي اڃا ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتي، ته کيس روشن ڏينهن ۽ سج نظر آيو. درياءَ تي پهچي، چادر ڌوئي، يڪدم خشڪ ڪري گهر موٽي آئي، ته اڳئين وانگر اهائي رات قائم ۽ مينهن وسندو ڏسڻ ۾ آيس.

مخدوم نجيم: ريل جي بزرگن جو سردار، مريدن جي وڏين ٽولين جو صاحب ۽ مخدوم نوح عليہ الرحمة جو همعصر هو.

درويش ابراهيم: ريل جي درويشن جي جماعت مان ]حضرت ابراهيم[ خليل وارين صفتن جو مالڪ ۽ انهيءَ جي رستي تي هلندڙ هو.

دشت باران

]هيءَ[ سرزمين عارف باالله بزرگن جي کاڻ آهي.

شيخ هوٿي لاکو: ]پنهنجي[ وقت جي پيرن جو پير هو. اڪثر مٿي کان پيرن تائين ڳاڙهو لباس پهريندو هو. تير ڪمان هٿ ۾ کڻندو هو ۽ خانقاهن ۾ وجد ۽ سماع جي غلغلي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ابتدا ۾، جڏهن اڃا سندس شان جو سج پرده جي ڪڪر ۾ ڍڪيل هو، وڃي هڪ ڳوٺ ۾ لٿو. ڳوٺ جي رئيس جو فرزند ڪيتريءَ مدت کان پري ڪٿي بند هو، جنهن صورت ۾ کيس اوڏانهن وڃڻ جي طاقت ڪانه هئي، تنهنڪري دعا جي مدد واسطي خدا وارن جي هڪ جماعت کي دعوت ڪئي هئائين. اتفاقاً هن به انهيءَ معرڪي ۾ پهچي ماني گهري، پر جماعت کيس حقارت جي نظر سان ڏٺو ۽ کاڌي جي پرگهور ڪانه ڪيائون. ]جنهن تي[ شيخ چيو ته: ]هيءُ[ کاڌو توهان کي تڏهن حلال ٿيندو، جڏهن دعوت ڪندڙ جي فرزند کي هڪدم حاضر ڪندؤ، جيڪڏهن توهان کان نٿو ٿي سگهي، ته مون تي ڇڏي ڏيو. سڀني تعجب کائي اهڙو ڏکيو ڪم شيخ جي حوالي ڪيو. هن هڪدم ڇوڪري کي ٻانهن کان وٺي کڻي مجلس ۾ حاضر ڪيو. معلوم ٿيو، ته ڇوڪرو انهيءَ ملڪ ۾ تيل وٺڻ لاءِ بازار وڃي رهيو هو، پر شيخ، خداوند ڪريم جي قدرت سان، اتان هتي پهچائي ڇڏيو. انهيءَ وقت کان وٺي سندس مشهوريءَ جو غلغلو دنيا ۾ مشهور ٿيو.

سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ هڪڙي شخص کان، جو سندس جنازي سان ]مقام ڏانهن[ ويل هو، روايت ڪن ٿا، ته هن، شيخ کي جنازي جي نماز ۾، پنهنجي ڀرسان ڏسي، حال جي زبان سان ]کانئس[ سوال ڪيو ته: اهو ڪيئن، جو پنهنجي جنازي جي نماز پڙهي رهيا آهيو؟ جواب ڏنائين ته: هن حالت کان عجب نه کاءُ ۽ اسان کي زندهه سمجهه. سندس مزار پرانوار، دشت جي ڪنڊ ۾، ساگره جي ڪناري تي، مورياني ڳوٺ ۾، الله وارن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي.

]شيخ احمد ۽ شيخ محمد[: مٿئين شيخ هوٿيءَ جا ٻه فرزند: شيخ احمد "الله پاڪ جي حضور ۾ پهتل" ۽ شيخ محمد، هميشہ آزاد، سنڌ جي ناميارن بزرگن ۽ وڏن ۾ وڏن اوليائن مان آهن. شيخ احمد هميشہ عبادت ۽ مجاهديءَ ۾ ڪوشان رهندو هو ۽ هڪ گهڙي ذڪر کان خالي نه هوندو هو، ۽ شيخ محمد، قرب جي مقام باطني شغل ] ۾ مشغول رهڻ ڪري[ ظاهري نفلي عبادتن ڏانهن توجهه ڪونه ڪندو هو. ٻنهي بزرگوارن جون ڪرامتون ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. سندن تربتون ساڳيءَ جاءِ تي پيءُ بزرگوار جي ڀر ۾ آهن.

هارون مڱريو. هڪ وڏي درجي ۽ ڪلي ڪرامتن جو مالڪ درويش، مخدوم شيخ احمد ۽ شيخ محمد ]144[ جو همعصر دشت ۽ تل جو رهاڪو هو. هڪ ٻئي سان محققانہ ۽ عارفانہ صحبتون ڪندا هئا.

درويش ابراهيم ولد ناگو در ٿيٻو: هميشہ اناج ۽ زمين جي ڀاڄين تي قوت گذران ڪندو هو، ۽ سڀني رواجي طعامن کان منهن موڙيو هئائين. پکي نالي هڪ ڪاتيار، جو هن جو وڏي ۾ وڏو خادم هو، تنهن کي هڪ ڏينهن ۾ خيال آيو، ته شيخ جي غذا ته اجها هيءَ آهي، سندس پائخانو ته ڏسان ڪهڙو آهي؟ سو هڪ ڏينهن ڪؤنرو کڻي، ساڻس ڪاڪوس تائين گڏجي ويو، ۽ درويش جي اٿڻ کان پوءِ، مشڪ کان وڌيڪ خوشبودار ٻه اڇا آنا ڏسي کڻي پڳ ۾ رکيائين.

چون ٿا، ته شيخ جي موت واريءَ بيماريءَ ۾ سندس گهر واري ڪڻڪ جون ٻه بـُـسريون پچائي کڻي آئي، ته منَ اهڙي وقت ڪجهه کائي]ڏسي[ چيائين ته  ”هاڻي "جڏهن حياتيءَ جو روزو مماتيءَ جي ٽپهريءَ تي اچي پهتو آهي، تڏهن هن شيءِ تي ڪيئن ڀڃندس! ]باقي[ منهنجي طرفان هيءَ اجازت آهي، ته جيڪڏهن ڪو به ماڻهو، ضرورت وقت، ههڙي مٺي ماني پچائي منهنجي نالي ڏيندو، ته سندس حاجت پوري ٿيندي". انهيءَ وقت کان وٺي، انهيءَ پاسي جي ماڻهن ۾ رواج ٿي ويو آهي، ته حلال جي وجهه جي ڪڻڪ جو هڪ ٽويو، هڪ هٿ سان پيهي، هڪ سير ڳڙ ۽ گيهه سان پچائي، سندس روح پرفتوح جي نالي کارائيندا آهن ۽ مرادون پائيندا آهن.

مؤمن نالي سندس پٽ هڪ حادثي ۾ گجرات جي ڪنهن قلعي ۾ قيد هو. وفات وقت سڏي چيائين، ته "ابا مؤمن! اچي مون کي غسل ڏي". هن قدرت الاهي سان ڪيترن مهينن جي پنڌ تي، پيءُ جو آواز ٻڌي چيو ته: "مان هتي قلعي ۾ قيد آهيان، ڪيئن اچان؟" فرمايائينس، ته "منهنجو هٿ وٺي هليو اچ". خدا جي قدرت سان هڪدم اچي پيءُ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس تجهيز ۽ تدفين کي لڳي ويو. شيخ جي مزار دشت جي سڪرباري ڳوٺ ۾ آهي.

پکو ڪاتيار. مٿئين شيخ ابراهيم جو هڪ وڏو خادم، حال ۽ ڪرامت جو صاحب هو.

درويش جکرو نند: دشت جو هڪ وڏو ولي ۽ ڪرامتن جو صاحب آهي. سندس تربت آمريءَ ۾ آهي.

]درويش اسماعيل[: درويش اسماعيل ولد قمرالدين، هڪ ناليرو بزرگ عارف ۽ حقيقت جو صاحب آهي. درويش هالي کي، هن سندس وصيت موجب، ڪشف جي وسيلي معلوم ڪري، خودبخود هڪ ڏينهن جي پنڌ تان اچي، آمريءَ جي ڳوٺ ۾ غسل ڏنو هو.

درويش پنيو ناريجو: دشت جو هڪ وڏو ولي آهي. هڪ رات پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ الله جي ذڪر ۾ مشغول ويٺو هو، ته ڪن شرير سوارن اچي فقير کي زبردستيءَ پنهنجي اڳيان ڪري، سونهون ٿي، رستي ڏيکارڻ لاءِ چهبڪ هنيا. درويش ڦٽيل دل سان اڳيان ٿيو. اڃا ٻٽي وکون ئي ڪين هليو، ته گهوڙن جا پير پٿرن تي ٿاٻڙجڻ لڳا. پٿرن جو آواز ٻڌي سوارن چيو، ته "هن زمين ۾ اڳي ته پٿر ڪو نه هوندا هئا، هينئر جبل ڪٿان آيو؟" فرمايائين، ته "هيءَ زمين نه آهي بلڪ "ڪوهه ڪاف" آهي، جو توهان ٻڌو هوندو". ائين چئي سوارن کي اتي موت جي منهن ۾ ڇڏي، پاڻ هڪدم پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ موٽي آيو. سندس وفات سال 900 هجريءَ ۾ ٿي. سندس قبر "ريده" ڳوٺ جي سامهون "رين" نديءَ تي آهي.

درويش هالو سهتو: دشت جو هڪ وڏو ولي آهي.

طهارت ۽ پاڪائيءَ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو. ]145[ هميشہ پاڻيءَ جا ٻه ڪؤنرا، هڪ استنجا ۽ ٻيو وضوءَ لاءِ، پاڻ سان رکندو هو. هڪ ڏينهن هيٺ مٿانهين زمين تان لنگهڻ ڪري، پاڻيءَ جا ٻئي ڪؤنرا سندس هٿ مان نڪري، هڪ ٻئي تي لڳي ڀڄي پيا. درويش فرمايو، ته "خبردار! متان پاڻي هاريو اٿو!" خدا جي قدرت سان ٻئي ڀڳل ڪؤنرا سڄا ٿي پيا ۽ پاڻيءَ جو هڪڙو ڦڙو زمين تي نه هاريو. فوت ٿيڻ وقت وصيت ڪئي هئائين، ته "منهنجو کٻو پير ننڍپڻ ۾ ڳئونءَ جي ڇيڻي ۾ ڀرجي پيو هو، تنهنڪري غسل ڏيڻ مهل انهيءَ تي پاڻيءَ جا ويهه ڪؤنرا هارجو". ائين ڪيو ويو. سندس تربت آمريءَ ۾ آهي.

درويش علاءُالدين ٻگهيو: دشت جي ناليرن ولين مان هو. سندس زبان مقبول ۽ سيفي هئي. جيئن چوندو هو، تيئن ضرور ٿيندو هو. سندس دعا جو تير ڪڏهن به اجابت جي نشان کان نه گٿو. سنہ 900 هجريءَ ۾ گذاري ويو. دشت ۾ برهمڻ آباد جي قريب آرامي آهي.

قاضي صڌو ولد حماد: سندس پيڙهي سهره خطيبه جي قاضين سان ملي ٿي. دشت جي ولين مان آهي. هڪ ماڻهوءَ وٽ ڪا سـَـنڍ گهوڙي هوندي هئي، تنهن اچي انهيءَ جي سائي ٿيڻ لاءِ قاضيءَ کي دعا جو عرض ڪيو ۽ باس باسي. هن (قاضي) کي ليمو هٿ ۾ هو، سو کيس گهوڙيءَ کي کارائڻ لاءِ ڏنائين. الله پاڪ جي قدرت سان گهوڙي ڍُڪي ٿي پيئي ۽ مقرر وقت کان پوءِ هڪ بي بها ٻهاڻ ڄڻيائين. جو جڏهن وڏو ٿيو، ته کيس انهيءَ جي قيمت ۾ تمام گهڻا پيسا ملڻ لڳا. اتفاقاً قاضيءَ جو انهيءَ ماڻهوءَ جي جاءِ وٽان لنگهڻ ٿيو ۽ اهو بد مذهب باس جي ڏيڻ کان جوَن جي پوک ۾ لڪي ويو. هن جي لڪي وڃڻ کي قاضيءَ دل جي نور سان معلوم ڪري ورتو. ڇا ڪيائين جو پڳ مان ٽڪر ڦاڙي کڻي انهيءَ ڏانهن هوا ۾ اڇلايائين. پڳ جو ڪپڙو نانگ بنجي گهوڙيءَ جي مالڪ جي آڱر ۾ ڏنگ هڻي ورتو. هن جا ساٿي نانگ ماري کيس قاضيءَ جي خدمت ۾ کڻي آيا. قاضيءَ دعا ڪئي هو چڱو ڀلو ٿيو. پر پنهنجي ڏوهه کان باز نه آيو. قاضيءَ سندس دل جو حال معلوم ڪري، خادم کي چيو، ته ”انهيءَ ٻهاڻ کي وڃي چؤ، ته "اسان جي امانت واپس ڏي". پيغام پهچڻ سان اهو ٻهاڻ ساڳيو ليمو وات مان اڇلائي مري ويو. تنهن کان پوءِ انهيءَ مئل نانگ جي کڻي اچڻ جو حڪم ڏنائين ]ڏٺائون ته[ ساڳيو ڪپڙو هو!

چون ٿا، ته هن سميجن ماڻهن کان، جي سندس مائٽ هئا، سڱ گهريو، نيکيٽيءَ واريءَ رات زالون، رسم ۽ دستور موجب، ڀوڳ چرچي ۽ اجائي سجائي ڳالهائڻ کي لڳي ويون ۽ درويش کي ڏاڍو تنگ ڪيائون. هنن کي ڪيترو ئي چيائين پر خبردار نه ٿيون، پاڻ وڌيڪ ڀوڳ چرچا ۽ گارگند ڪرڻ لڳيون. لاچار ڪوٺيءَ جو در بند ڪري کين وڏي آواز سان منع ڪيائين. ]انهيءَ هوندي به[ جڏهن هو وڌيڪ چرچن جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون تڏهن ڪاوڙجي چيائين ته: ”هيءَ ته شايد ڪو گڏهين جو ولر آهن، جو سمجهه ڀري ڳالهه نه ٿيون مڃين". قدرت الاهيءَ سان اهي سڀ زالون گڏهيون ٿي پيون ۽ گڏهين وانگيان هينگون ڪرڻ لڳيون. هيءُ ٻڌي انهن زالن جا مڙس اچي قاضيءَ جي پيرن تي ڪريا ۽ سندن لـڄ رکڻ لاءِ ] عرض ڪيائون[. انهن ماڻهن جي عاجزيءَ تي رحم جي نظر فرمايائين، ۽ اهي زالون راتو واهه پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي شرمنديون ٿي گهرن ڏانهن موٽي ويون. قاضيءَ جي وفات سنہ 900 هجريءَ ۾ ٿي. سندس تربت ونهيري ڳوٺ ۾ آهي.

درويش رڪن الدين ولد ديتو (ڏتو): الله پاڪ جي درگاهه جو هڪ وڏو مقبول بندو آهي. گهڻو ڪري عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف رهندو هو. هڪ ڏينهن مسجد ۾ ستو پيو هو، ته اوچتو مسجد جي امام نفلن کان فارغ ٿي تڪڙو گهر وڃڻ گهريو، ۽ چادر ڇنڊيائين جنهن ڪري ڪي ٻه ٽي ڪک وڃي درويش جي منهن تي پيا. هڪدم امام جون ٽنگون کيريون ٿي ويون ۽ هلڻ کان لاچار ٿي پيو. سمجهيائين، ته هيءَ سندس نادانستہ ڪيل ڪم جو نتيجو آهي، جنهن کان فقير جي منهن تي ڪي ڪک پيا آهن. جلد ئي وڃي فقير جي پيرن تي ڪريو ۽ چڱو ڀلو ٿيو. ]هوڏانهن[ درويش کي ڪا به خبر ڪا نه هئي.

چون ٿا، ته پوين ڏينهن ۾ وجد جي غلبي ۽ ذڪر جي جوش کان سندس هڪ عجيب حالت ٿي پيئي هئي. جڏهن به ڪو بلند آواز يا ڏاڍيان ڳالهائڻ سندس ڪن تي پوندو هو، ته هڪدم وٺي درد ڀري دانهن ڪندو هو، ۽ انهيءَ دانهن جي ٻڌڻ سان، اهو آواز ڪندڙ ساهه ڏيندو هو. سندس وفات سنہ 988 هجريءَ ۾ ٿي هئي.

مخدوم محمد امين: پنهنجي وقت جو موحد ڪامل، جو ويجهڙائي ۾، پٽ باران(1) جي سرزمين ۾، داسوڙيءَ جي ڳوٺ ۾، ٿي گذريو آهي، مخدوم ميدنہ طالب علم نصرپوري سندس مريد هو.

بوبڪان (بوبڪ)

ناليرو ڳوٺ ۽ خدا وارن جي رهڻ جي جاءِ آهي.

]مخدوم جعفر[: مخدوم جعفر ولد مخدوم ميران، جنهن جو ذڪر اڳتي ٿيندو، مخدوم نوح جو همعصر، ڪماليتن جو جامع ۽ زبردست عالم ٿي گذريو آهي. چون ٿا، ته هڪ ڏينهن مخدوم نوح رحمته الله عليہ فرمايو، ته "مان خدا تعاليٰ کي هنن اکين سان ڏٺو آهي". ] مخدوم جعفر[ فرمايو، ته توهان هنن اکين سان ڪو نه ڏٺو هوندو. هن حقيقت جي ظاهر ڪرڻ خاطر، توهان کي گهرجي، ته جڏهن به توهان تي اهڙي حالت پيدا ٿئي، تڏهن ڪنهن خادم کي پنهنجين اکين بند ڪرڻ جو امر فرمايو، پوءِ به جيڪڏهن خدا تعاليٰ جو ديدار قائم آهي، ته پوءِ يقين ڄاڻو، ته اُها اک هيءَ ]ظاهري[ اک ۽ اُهو ديدار هيءُ ]رواجي[ ديدار نه آهي". مخدوم (نوح) هن تجربي ڪرڻ کان پوءِ فرمايو، ته "جي نه هجي ها جعفر، ته نوح ٿئي ها ڪافر". "عجالته الطالبين" ۾ هيءُ عجيب نقل کانئس روايت ٿيل آهي، ته مون کي عبدالقادر بن ابراهيم بن محمد مديني (منوره) علي ساکنها الف الف صلواة و سلام جي امامن کان روايت ڪري، محرم سنہ 959 هجريءَ ۾، ٻڌايو ته مڪي شريف جو گورنر طورسينا جبل تان، انهيءَ جاءِ وٽان جتي حضرت موسيٰ پنهنجي رب سان ملاقات ڪئي هئي، هڪڙو پٿر کڻائي آيو، جنهن کي جيترو به ڀڳوسين ٿي، ته سندس اندران ڳاڙهي رنگ تي قدرتي اڇي رنگ سان "لاَ الهَ الاَّ اللهُ مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ" لکيل ڏٺوسون ٿي. وڏي ٽڪر ۾ سڄو ڪلمو ۽ ننڍي ۾ ڪجهه حـصو ]ڏسڻ ۾ آيو ٿي[. هن وڌيڪ ٻڌايو، ته انهي جاءِ جي سڀني پٿرن ۾ اها خاصيت آهي، جنهن تي مون چيو، ته "هيءَ شايد آيت سڳوري "اِخلـَـع نـَـعلـَـيکَ اِنـَـکَ بـِـالوَاد اِلمقدسِ طـُـوي" (تون جتي لاهه، ڇاڪاڻ، ته طوي جهڙيءَ پاڪ واديءَ ۾ آهين) جو هڪ راز آهي!" مخدوم مذڪور زماني جي عجائبات مان هو ۽ سندس اولاد ۾ فضيلت ۽ ڪمال اڄ تائين هليو ٿو اچي(1).

]مخدوم عبدالغني ۽ مخدوم نورالدين[: مخدوم عبدالغني ۽ مخدوم نورالدين، جن تي ڪماليت ۽ فضيلت ختم هئي ۽ سندس جهڙو هر فن موليٰ ڪو نه هو، سي سندس ]مخدوم جعفر جي[ اولاد مان هئا. هڪڙو محمد مراد ياب خان ڪلهوڙي جي حڪومت وارن ڏينهن ۾، ۽ ٻيو ميان غلام شاهه خان ڪلهوڙي جي زماني ۾ گذاري ويو. سندس اولاد اڃا تائين ]سندن[ يادگار موجود آهي.

حڪيم عثمان: ]پنهنجي[ وقت جو يگانو ۽ نهايت تجربي جو صاحب هو.

ميان عبدالواحد: وڏيءَ عمر جو پير مرد، حال جو صاحب، نجوم ۽ رمل جو ماهر، پڻ اتي جو آهي. نادر شاهه وارن ڏينهن ۾ خدا آباد ۾ ڏٺو هوم.

مٿين ڳوٺن ۾ هن وقت خواهه اڳوڻي زماني ۾ ڳاڻاٽي کان ٻاهر بزرگ هوندا، پر معلومات آهر هن قدر تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي، جنهن کي به وڌيڪ تحقيقات جي توفيق ٿيندي سو ثواب کان خالي نه رهندو.

 

 

* * *

 


 

 

]باب سورهون [

]هالا ڪنڊي پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اُتي جا بزرگ[

هالا ڪنڊي (هالا)

 

هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرامگاهه آهي. هن وقت نئون ٻڌل آهي. ڪيئي دفعا درياءَ جي اٿل سبب اُتي جي رهاڪن کي لڏڻو پيو آهي.

مخدوم اسحاق: اصل قوم ڀٽي، شيخ بهاءُالدين ] 148[ زڪريا ملتانيءَ جي خاندان جو مريد، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بينظير، ۽ الله تعاليٰ جي وڏين ولين مان هو. سندس ڪرامتون ۽ مناقب ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد سندس پٽ آهن، جن جو بيان اڳتي ايندو.

مخدوم احمد: هڪ تمام وڏو ولي آهي. هو هميشہ گوشـهء گمناميءَ ۾ وقت گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ذڪر ۽ سماع جي مجلس ۾ به ويندو هو، ته مٿس اهڙي حالت پيدا  ٿيندي هئي، جا بيان کان ٻاهر آهي.

سندس هڪڙي ڪرامت هيءَ آهي، ته هڪ وڏيري جي پٽ کي اچي موتمار بيماري ٿي، هن مخدوم احمد کي خدا وارن جي جماعت سميت دعوت ڪئي. ماني کڻي آيا، ته مخدوم ٻن ٻن کي گڏجي ويهڻ جو امر ڪيو، ۽ پاڻ اڪيلو رهجي ويو. پاڻ رُڪن نالي خادم کي فرمايائين، ته "هن دعوت ڪندڙ ماڻهوءَ جي پٽ کي وٺي اَچ، ته مون سان گڏجي کائي". قضا الاهيءَ سان انهيءَ وقت اهو ڇوڪرو فوت ٿي ويو هو پر پڻس انهي بزرگ جي تشريف آوريءَ جو ملاحظه ڪري، ] اها ڳالهه[ ظاهر نه ڪئي هئي. هن ] خادم[ وراڻيو، ته "سندس حالت سخت آهي، اچي ڪين سگهندو". مخدوم فرمايو، ته "انهيءَ کان سواءِ ڪين کائيندس". نيٺ اهو رُڪن، ڇوڪري جي مٿان ويو ۽ هو مخدوم جي پيغام تي يڪدم جيئرو ٿي اُٿي ويهي رهيو ۽ مخدوم جـــي خــدمــت ۾ اچي حاضـر ٿي ساڻس گــڏ کاڌائين. ] وڌيڪ[ ٻڌايائين، ته "منهنجو روح قبض ڪري چوٿين آسمان تي کڻي ويا هئا، جتان مخدوم هتي موٽائي آندو آهي".

چون ٿا، ته هو پوين ڏينهن ۾ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) آيو. اتفاقاً هڪ سوناري (ڇوڪري) سماع جي مجلس ۾ هڪ بيت سوز گداز سان پڙهيو، جنهن جي ٻڌڻ سان مخدوم ساهه ڏنو. سندس جنازو هالا ڪنڊيءَ کڻي آيا. نقل آهي، ته رستي ۾ انهيءَ مان ذڪر جلي ڏاڍيان ٻڌڻ ۾ ٿي آيو.

هن ظاهري علم ۽ باطني علم جا ڪي نڪتا مخدوم عبدالرشيد جي خدمت مان پرايا هئا. سندس وفات سنہ 936 هجريءَ ۾ ٿي.

]مخدوم فتح الله[: سندس فرزند رشيد مخدوم فتح الله پيءُ جي رحلت کان پوءِ وڏن واري پيروي اختيار ڪري، ارشاد جي مسند چڱيءَ طرح هلائي.

]مخدوم احمد ثاني[: تنهن کان پوءِ، مخدوم فتح الله جي پٽ مخدوم احمد ثانيءَ، ولايت ۽ ڪماليت جي گاديءَ تي ويهي، پنهنجو برڪت ڀريو وقت ڏاڍيءَ هدايت ۽ ارشاد سان گذاريو.

]مخدوم عبدالحميد[: انهيءَ کان پوءِ، هن جو پٽ مخدوم عبدالحميد، جو سهڻين صفتن ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو، وڏن جو نالو تمام سهڻي نموني ۾ روشن ڪندو رهيو.

]مخدوم عمر[: کانئس پوءِ، سندس پٽ مخدوم عمر، ڏاڍو هدايت وارو، پنهنجي وقت جو نامور ۽ معرفت جي رستي جو سالڪ پيدا ٿيو. هن سڳوري جون ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. هن ٽي پٽ، هر هڪ مخدوم حسين، مخدوم ابراهيم ۽ مخدوم عبدالرؤف ڇڏيا.

مخدوم محمد ابراهيم ولد مخدوم عمر حال ۽ ڪمال جو صاحب ٿي گذريو.

]مخدوم فتح الله (ثاني) [: سندس، ڪمال جي زيور سان سينگاريل مخدوم محمد ابراهيم جو فرزند، مخدوم فتح الله، يقين جي رستي ۾، پنهنجن وڏن جي سلوڪ واري واٽ وٺي، چڱيءَ طرح هليو.

]مخدوم عبدالحميد ثاني[: هو گذاري ويو، ته سندس فرزند مخدوم عبدالحميد ثاني وڏن واريءَ ارشاد جي گاديءَ تي ويٺو. هن جي ذات گرامي اڄوڪي وقت ۾ خالص تبرڪ ۽ نج غنيمت هئي. مخدوم عبدالرؤف، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، کان پوءِ عقيدتمندن کي ] 148[ عجيب فيض ڏنائين. هو مديني منوره ۾ گذاري ويو.

]مخدوم رحمت الله[: (مخدوم عبدالحميد ثاني کان) پوءِ سندس پٽ مخدوم رحمت الله، خدا جي خاص رحمت ۽ ڪمال ۽ فيض جي وصفن سان سينگاريل هو. هو ڦوهه جوانيءَ ۾ گذاري ويو.

]مخدوم عبدالرؤف[: مٿي ذڪر ڪيل مخدوم عمر جو فرزند پنهنجي وقت جو عارف ۽ ڪامل ٿيو. هو اڄوڪي زماني جي مشائخن ۾ ممتاز رهيو. سمجهه واري ٿيڻ کان وٺي وفات جي وقت تائين سمورو وقت سندس اخلاق سهڻا رهيا، ۽ هميشہ عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهندو هو.

سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو، ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. هو سنہ 1166 هجريءَ ۾ وڃي خدا جي رحمت سان واصل ٿيو. هالن جي قاضي زادي شيخ ابراهيم هن جي تاريخ "کان وليارؤف الخلق" (هو هڪ، خلق تي نهايت مهربان ولي هو). ] مان ڪڍي آهي[ ۽ محمد پناهه رجا ٺٽويءَ سندس چونڊ حالات هڪ بليغ شعر ۾ نظم ڪيا آهن، پر طوالت جي خوف کان هتي ذڪر نٿا ڪريون.

کانئن پوءِ ڪو فرزند ڪو نه رهيو.

]مخدوم نعمت الله[: هاڻي مٿئين مخدوم عبدالحميد ثانيءَ  جو فرزند مخدوم نعمت الله، ڏاڍيءَ بزرگيءَ ۽ ڪمال سان وڏن جي گاديءَ کي سينگاري ويو آهي ۽ حال جو صاحب آهي.

]حاجي دين محمد[: حاجي دين محمد پڻ مخدوم عبدالحميد جو فرزند ۽ انساني ڪماليتن سان موصوف آهي... (1) جو وڏو ڀاءُ مخدوم عبدالحميد، مخدوم عبدالرؤف جي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجو وارو ڏاڍي بزرگيءَ سان وڄائي گذاري ويو هو.

]مخدوم محمد[: مٿئين مخدوم اسحاق جو ٻيو فرزند، ]ظاهري[ علمن جي تحصيل ڪماليت جي درجي کي پهچائي، باطن جي صفائيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين. اڪثر خلق الله جي ڪمن ڪارين سان، خدا ڪارڻ، حاڪمن وٽ ايندو ويندو رهندو هو. ظاهري شرع جي مخالفت سهي ڪين سگهندو هو. هڪ وقت ڪنهن حاجتمند جي ڪم سان ڄام نظام الدين وٽ ٺٽي آيو هو. ڄام چيس، ته "تنهنجي ڀاءُ مخدوم احمد جي ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم. هن جي زيارت جو ڏاڍو شوق اٿم، تنهنڪري جيستائين هو اچي تيستائين تون هتي ترسي پؤ." فرمايائين ته  ”منهنجي ڀاءُ کي نه تنهنجي پرواهه آهي، نه منهنجي". انهيءَ گفتگو ۾ هئا، ته مخدوم احمد اچي ڄام جي مجلس ۾ وارد ٿيو. ڄام سندس زيارت ڪري، ڏاڍي عقيدتمنداڻي خدمت ڪئي. موٽڻ وقت مخدوم احمد ڀاءُ کي چيو، ته "اچ ته جئين آيو آهيان تيئن زمين کي سوڙهو ڪري هلي هالئين پهچون، ۽ ٽپهريءَ جي نماز اُتي ادا ڪريون." مخدوم محمد وراڻيو، ته "توهان مرضيءَ جا مالڪ آهيو باقي مان ته في سبيل الله پنڌ ۽ محنت جي تڪليف  ]جو ثواب[ هٿان ڪو نه ڇڏيندس."

هن بزرگ جي اولاد ۾ پڻ معرفت جي رستي جا سالڪ ۽ وڏا وڏا عارف پيدا ٿيا آهن.

مخدوم محمد يوسف: مخدوم عبدالرؤف واري وقت جي لڳ ڀڳ، خاص ڪرامتن جو صاحب ٿي گذريو آهي. هڪ دفعي پنهنجي تصرف سان درياءَ کي آڻي بازار ۾ وهايو هئائين.

]مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب[: مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب پڻ هر هڪ پنهنجي وقت جو ڪامل هو.

مخدوم عبدالرشيد: هڪ وڏو عالم ۽ ڏاڍو متقي هو. ]ماڻهن جي[ وڏي جماعت کانئس علمي خواهه عملي ڪمال پرائي، پنهنجي وقت ۾ هدايت واري ٿي. مٿيان مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد پڻ انهن مان آهن.

درويش زڪريا: مٿئين مخدوم اسحاق جو ڀائيٽو ]149[، هدايت جي راهه جو سالڪ ۽ خدا آگاهه هو.

شيخ فخر الدين صغير: شيخ ابو نجيب سهرورديءَ جي اولاد مان، وڏي ۾ وڏو ولي ۽ هدايت جي رستن جو وڏي ۾ وڏو ڄاڻو، سالڪ هو. هالن ۾ آرامي آهي. هو مخدوم نوح جو پنجون ڏاڏو آهي. سندس زيارت اهلِ دل لاءِ فخر آهي، ۽ سندس درگاهه ۾ ايترو ته قبوليت جو فيض آهي، جو اتي سوالين جو هر مشڪل حل ٿئي ٿو.

شيخ ابوبڪر. هالن جو هڪ ڪامل ۽ جهونو ولي آهي. انهيءَ سرزمين ۾ سندس مزار اهل الله جو زيارتگاهه آهي. مخدوم نوح جو ستون ڏاڏو شيخ فخرالدين ثاني پڻ انهيءَ سڳوري جي مقبري ۾ دفن ٿيل آهي.

درويش رڪن ڀرا: مخدوم احمد جو خاص خادم ۽  ]خدا[ جي دائمي رضا ۽ قرب جي رستي جو واصل هو.

مخدوم عربي ڌياڻو: پير آسات جو ڀاءُ آهي، جو مڪليءَ تي آرامي آهي، ۽ اڳتي بيان ٿيندو.

چون ٿا، ته هڪ هنڌ ويهي قرآن شريف جا 140 ختما ڪڍيا هئائين. جڏهن قرآن پڙهندو هو، تڏهن پکي اڏامڻ کان ۽ پاڻي وهڻ کان بيهي ويندو هو. هڪ ڏينهن پنهنجي خانقاهه ۾ ويٺو هو، ته اوچتو سندس هٿ سمنڊ جي گجيءَ ۾ ڀرجي پيو ۽ انهيءَ مان پاڻيءَ جا ڪي قطرا هيٺ ٽميا. هڪ حال محرم خادم ڏاڍيءَ عاجزيءَ سان هن راز جي حقيقت پڇي. فرمايائين، ته "منهنجو پٽ بايزيد حجاز جي سرزمين ۾ منهنجن معتقدن جي ٽوليءَ سان سمنڊ ۾ سوار آهي. اوچتو ٻيڙي ڪـُـنَ ۾ غرق ٿيڻ لڳي. انهيءَ جماعت منهنجي پٽ کي سفارشي بنائي باس باسي، تنهنڪري هٿ هڻي ٻيڙي کي ڪـُـنَ مان ڪڍي ڪناري تي پهچائي  ڇڏيم". ٿوري وقت کان پوءِ اهي ماڻهو نذر کڻي آيا ۽ احوال ڪيائون، ته "جڏهن ٻيڙيءَ مان آسرو پليوسين، تڏهن هڪڙي غيبي هٿ اسان جي ٻيڙيءَ کي اچي ڪـُـنَ مان ٻاهر ڪڍيو". سنہ 980 هجريءَ ۾ گذاري ويو (1)، ۽ هالن ۾ دفن ٿيل آهي.

]مخدوم بايزيد[: مخدوم بايزيد مٿئين مخدوم عربيءَ جو فرزند آهي، پنهنجي پيءُ کان چڱو بهرو پرائي، سچ، استقامت، هدايت ۽ فيض جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي ڏاڍو فائدو رسائيندو رهيو. هاڻي سندس اولاد مان محمد عالم نالي هڪ ماڻهو جيئرو آهي. هو سيد عبداللطيف تارڪيءَ جو خليفو ۽ سندس فقيرن جي جماعت ۾ داخل آهي.

مخدوم مولانا ابوبڪر بن داؤد بريد هالائي: بلند مقامن ۽ احوالن جو صاحب هو. مخدوم نوح وٽانئس فيض پرايو هو.

سيد عبداللطيف حسيني: اُتي جي جهونن بزرگن مان آهي. سندس مقام علحده عام خلق الله جو زيارتگاهه آهي. هو گهڻو اولاد ڇڏي ويو، جن مان هاڻي سيد فتح محمد گادي نشين آهي. هن جو ٻيو اولاد متفرق ڳوٺن ۾ خصوصاً ڪجن جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.

مخدوم نوح ولد نعمت الله: هو صديقي نسب جو آهي. مشرق ۽ مغرب جي امام پنهنجي پيڙهي پاڻ هن طرح ٻڌائي آهي: نوح بن نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين بن مخدوم سرور بن شيخ فخرالدين صغير، جو هالن ۾ مدفون آهي، بن شيخ عزالدين بن شيخ فخرالدين ثاني، جو شيخ ابوبڪر جي مقام ۾ دفن آهي، بن شيخ ابوبڪر ڪتابي، ڪوٽ ڪروڙ جو رهندڙ، بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصيرالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ ابو نجيب ضياءُ الدين، عبدالقاهر سهروردي رحمة الله عليہ، جو سهروردي سلسلي جو منڍ آهي ۽ مخدوم نوح تي سهروردي طريقو ختم آهي. اهو شيخ ابو نجيب بن شيخ ابرهيم بن شيخ وجهه الدين بن شيخ محمد عمر بن شيخ عبدالله بن شيخ رضاء الدين محمد بن شيخ مسعود بن شريف ابو القاسم بن شيخ محمد عمر بن حضرت عبدالرحمان بن امير المؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ ۽ حضرت شيخ شهاب الدين، شيخ عبدالله بن شيخ ابراهيم بن وجهه الدين جو فرزند آهي. (مـخدوم نوح) ستن ڏينهن جو هو، ته نماز جي ٻانگ ٻڌي تمام چٽيءَ زبان سان ڪلمو طيب پڙهيو هئائين. کانئس (پاڻ بابت) روايت آهي، ته: "چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون کي جيڪي ملڻو هو، سو حـضرت عليءَ کان مليو". نقل آهي، ته ارڙهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڏينهن مخدوم عربيءَ سان گڏ خانقاهه ۾ مراقبي ۾ مشغول هو. مخدوم عربي قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو. هو اٺاويهين سيپاري تي پهتو هو، ته هـِـن کي عالم بالا جو شوق دامنگير ٿيو، ]سو ڇا ڪيائين جو[ مخدوم عربيءَ جي قرآن شريف ٻڌڻ جي ادب جو خيال رکي، ظاهري جسم اُتي ڇڏي پاڻ آسمان جي سير تي هليو ويو، ۽ مخدوم عربيءَ ختم پورو نه ڪيو هو، ته موٽي آيو. فقير بهاءُالدين گودڙيو چوي ٿو، ته هڪڙي ڏينهن ٺٽي ۾ سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد جلال جي جاءِ تي ويٺا  ]150[ هئاسون، ته مخدوم فرمايو: حـضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ ۽ حـضرت علي رضي الله عنہ اچي لنگهيا. حـضرت علي تڪڙو اچي فرمايو ته اٿ، جو توکي ]حـضرت[ محمد رسول الله سڏي ٿو ۽ حـضرت ابوبڪر آهستي آهستي اچي رهيو هو. حڪم موجب روانو ٿيس، ته ائين ڏسڻ ۾ آيم گويا لڪي جبل تي چڙهي رهيو هئس، آخر جڏهن مجلس ۾ پهتس تڏهن حضرت عيسيٰ (روح الله) کي ويٺل ڏٺم. اوچتو مون کي هڪ لکيل ڦرهي هٿ ۾ ملي ۽ حـضرت عيسيٰ کان سبق ورتم. مٿو مٿي کنيم، ته حضرت رسول ڪريم تي نظر پيم  ]ڏٺم[ ته پاڻ گوڏا اونڌا ڪيو ويٺا آهن. مون حـضرت ]صلي الله عليہ وسلم[ ڏانهن توجهه ڪري نئين سر سبق پڙهيو. حضرت ابوبڪر صديق فرمايو، ته يا رسول الله! هيءُ منهنجو اولاد آهي. چون ٿا، ته هيءُ حـضرت (مخدوم نوح) ڪنهن وقت ٺٽي آيو. ظاهر جي عالمن ٻڌو هو ته هن ڪجهه پڙهيو ڪونهي، تڏهن به قرآن شريف جي آيتن جون معنائون چڱيءَ طرح بيان ٿو ڪري. سو هو ]گڏجي[ سندس ڏسڻ لاءِ ويا. ]انهيءَ وقت[ مخدوم هڪڙيءَ آيت جي تفسير ۾ مشغول هو. راوي چوي ٿو، ته مون کي تسبيح هٿ ۾ هئي ۽ هر معنيٰ تي داڻو ڦيرائيندي ٿي ويس. جڏهن ماٺ ڪيائين، تڏهن ڳڻيم، ته جملي اسي داڻا ٿيا هئا. جيئن ته سندس عادتن ۽ ڪرامتن جي بيان لاءِ خلاصو ڪتاب گهرجي، تنهنڪري هن مختصر ۾ هن قدر تي اڪتفا ڪجي ٿي. سندس وفات خميس جي ڏينهن، 27 ذي القعد سنہ 998 هجريءَ ۾ ٿي، ۽ هن جي درگاهه هالن جي شهر ۾ مشهور آهي.

]مخدوم جلال[: (مخدوم نوح رحمة الله جو) فرزند رشيد مخدوم جلال بزرگيءَ ۽ شائستگيءَ جي نشانين ۽ ڪمال جي خوبين ۾ بيمثال ٿي گذريو آهي.

]ميان ابراهيم[:مخدوم جلال جو ڀاءُ ميان ابراهيم هو، جو پڻ وقت جو بزرگ ۽ فقيرن جي جماعت جو مرشد هو.

]ميان محمد زمان[: هاڻي ميان محمد زمان وقت جو پيرزادو ۽ مخدوم مرحوم جو گادي نشين آهي.

مخدوم صدرالدين راهوتي: هالا پرڳڻي جي پسگردائيءَ ۾ جائيه ڳوٺ ۾ رهندو هو. هميشہ واعظ فرمائيندو هو، جنهن ۾ ڏاڍو اثر هوندو هو. چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ نه ڍڪيندو هو. سندس بلند درجي جا احوال، مشهور آهن ۽ سچن جي جماعت ۾ سندس ڪمالات جي يگانگي معروف آهي.

]مخدوم مراد[: مخدوم صدر الدين راهوتيءَ جو فرزند رشيد مخدوم مراد هڪ وڏو عالم ۽ نهايت پرهيزگار هو. هو حسن مقري درويش (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) جو همعصر هو.

]قاضي منور[: قاضي منور مخدوم مراد جي اولاد مان هو. چون ٿا، ته هڪ ڏينهن قيمتي لباس پهريو رستو وٺيو ٿي ويو، ته سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کيس ڏسي چيو، ته:"تنهنجو ڏاڏو ته چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ ڪين پهريندو هو، توکي هيءُ ڪنهن کان ورثو مليو آهي"؟ ايتري چوڻ تي مٿس ڏاڍو اثر ٿيو ۽ وڃي سلوڪ وارن جي سلسلي ۾ شامل ٿيو.

شاهه ديوانو هالاقـءي: هڪ وڏو مشائخ ۽ ڏاڍين ڪرامتن جو صاحب آهي. مخدوم عربيءَ سان گڏ دفن ٿيل آهي.

درويش قاسم: ڌنڌو ڪورڪو هوندو هو، پر مخدوم نوح (هالاقـءيءَ) جي مريديءَ جي برڪت سان معرفت جي ڪارخاني مان وڏو نصيب پرائي، حقيقت جي تانيءَ ۽ پيٽيءَ کان خوب واقف ٿيو هو.

مخفي نه رهي، ته جڏهن الله پاڪ جي توفيق سان هالن جي مبارڪ سر زمين جي ڪن حقيقت وارن جي مختصر احوال کان فراغت ٿي،]151[ تڏهن ان جي آسپاس جي ڳوٺن جي ڪن چونڊ خدا وارن جو ذڪر ڪجي ٿو ۽ بزرگن جي روحن کان توفيق ۽ امداد جي درخواست آهي. والله علم بالصواب (سنئين راهه خدا کي معلوم آهي).

ڀاڻوٺ

(مشهور ڳوٺ آهي)

درويش حسن مقري: هي اصل واڍو هو، دل جي ڦرهيءَ کي صفائيءَ جي رَندي سان لسو ڪري، چٽي، سينگاريو هئائين. چون ٿا، ته هڪ طهارتخانو هوندو هئس، ۽ جڏهن به وضو ڪرڻ لاءِ انهيءَ ۾ ويندو هو، تڏهن بيخود ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن جو هڪ مائٽ ڊکڻ سندس ملاقات لاءِ آيو. اتفاقاً درويش طهارتخاني ۾ وضوءَ لاءِ ويل هو. هن اندر وڃي ڏٺو، ته درويش ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو. هو دهشت کان ٻاهر نڪري آيو. هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گهريائين، ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي. درويش بيخود ٿي ويو ۽ باقي ڏينهن ۽ رات ٻئي ڏينهن جي ٻپهريءَ تائين بيهوش پيو هو. ڪنهن کي به هوش ۾ آڻڻ جي طاقت نه ٿي. ٻئي ڏينهن جڏهن ٻانگي ساڳئي وقت جي ٻانگ شروع ڪئي، تڏهن هوش ۾ اچي پڇيائين، ته "شايد اڃا ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي؟"

هڪ ڏينهن مخدوم مراد ولد مخدوم صدرالدين راهوتي سندس زيارت لاءِ آيو، ۽ جيئن سواريءَ جو ڍڳو ٻاهر ٻڌي هن جي حاضريءَ ۾ آيو، ته خادمن ٻڌايس، ته ستن ڏينهن کان درويش وضوخاني ۾ ويل آهي. ]اهو ٻڌي[ حيران ٿيو. ايتري ۾ درويش به ٻاهر نڪري آيو. مخدوم چيس، ته "ست ڏينهن فرض  ]خدا جا[ وڃايا اٿيئي". فرمايائين ته "تون پنهنجي ڍڳي جي وڃي خبر لهه، هن ڳالهه ۾ ڇو پيو آهين؟" اتفاقاً  مخدوم کي اچي ٻڌايائون، ته سندس ڍڳو گم ٿي ويو آهي. ڏاڍيءَ ڳولا کان پوءِ ڍڳو لهي، پنهنجيءَ جاءِ تي هليو ويو ۽ وري فقير تي اعتراض نه ڪيائين.

خانوٺ (کاڻوٺ)

مشهور ڳوٺ آهي. اُتي جا رهاڪو سيد اصل متعلوي (مٽياري) آهن.

چاندو شاهه: هاڻي تازو ڏاڍو حال جو صاحب ۽ سلوڪ جي رستي جو واقف ٿي گذريو آهي. هو نهال شاهه مداريءَ جو معتقد ۽ خليفو هو، جو گنجي ٽڪر تي آرامي آهي ۽ اڳتي بيان ٿيندو.

ڀٽ

هالن کان ٽن ڪوهن تي هيٺاهين زمين ۾ آهي، جا هالن جي تابع آهي.

]سيد شاهه عبداللطيف[: سيد شاهه عبداللطيف جن جو آرام گاهه محترم ۽ مزار مبارڪ اُتي جي عجائبات مان آهن. هو سڳورا سيد عبدالڪريم جي اولاد مان سيد حبيب شاهه جا فرزند تارڪ  ]جي لقب سان[ مشهور آهن. سيد حبيب شاهه خدا وارو مرد هو. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ "الموت جسر يوصل الحبيب اليٰ لقاء الحبيب" (موت هڪ پل آهي، جا دوست کي دوست جي ملاقات ڏانهن رسائي ٿي) آهي. هن زماني ۾ شاهه عبداللطيف رحمة الله سان ولايت ۾ مٽ ڪو به ڪو نه آهي. سندن ڪرامتن جون نشانيون ۽ مناقبن جون خبرون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن. هن مختصر ۾ ڪيتريون ماپنديون. امي (اڻپڙهيل) هجڻ جي باوجود به خدا تعاليٰ سندس سيني جي ڦرهيءَ تي سڀ علم لکي ڇڏيا هئا. چون ٿا، ته مرزا (مغل) بيگ ارغون جنهن جي نياڻي حـضرت جن جي نڪاح ۾ هئي، سو پهريون سندس ڏاڍو دشمن هو. جڏهن وفات ڪيائين، ته حضرت جي هڪ مريد "بود خبيث" جي جملي مان سندس تاريخ ڪڍي هئي. هن عارف ڪامل هيءُ ٻڌي في البديهه فرمايو: ائين چوڻ نه گهرجي بلڪه چئو، ته "يڪ مغل به بوده" - حساب ڪيائون، ته ٺيڪ ساڳئي سال جي تاريخ نڪري آئي. حقيقت هيءَ آهي، ته امي ماڻهوءَ کان ههڙو واقعو صادر ٿيڻ ڪرامت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.

جنهن ڏينهن هن دنيا مان لاڏاڻو فرمايائون، ته انهيءَ ڏينهن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو. سندن مزار متبرڪ انهيءَ ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باصفا جڳهه آهي. سندس قبر تي هڪ عاليشان قبو ٺهيل آهي. جيسلمير جي راجا نغارا نذر ڏنا آهن جي صبح و شام  ]وڄايا ويندا آهن[ سندس درگاهه تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور، نهايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو (1) .

]سيد جمال شاهه[: هاڻي انهيءَ ولي جو جاءِ نشين سيد جمال شاهه ڳجهين خواهه ظاهر ڪرامت سان مخصوص آهي ۽ فقيرن جي سلسلي ۾ ڪيترا ناليرا خليفا اٿس.

جهيجا

مشهور ڳوٺ آهي جنهن ۾:

شيخ طاهر: جي درگاهه عجيب برڪت ڀري آهي، هن ولي جي ذات گرامي وقت جي عجائبات مان  ]هئي ۽ هو[ عجيب نموني سان رهندو هو. هندو کيس لال اڏيرو ۽ مسلمان شيخ طاهر سڏيندا آهن. بهرحال هڪ معتبر کان نقل آهي، ته هي حقيقت جي شراب جو سرمست، پهريائين جهنگ ۾ گذاريندو هو، هڪ ڏينهن کائڻ لاءِ ڪّجهه پاٻيون هٿ ۾ هئس، ته اوچتو هڪ اٺ وڳ مان ٽهي اچي شيخ جي جهوپڙيءَ وٽ پهتو. جيئن ته الله پاڪ جي بيمثال ذات جو جلوو مخلوقات جي هر فرد ۾ موجود آهي، تنهنڪري شيخ به انهيءَ اٺ کي حقيقت جي اک سان ڏسي چيو، ته اي خدا! جنهن صورت ۾ هن مسڪين تي احسان ڪيو اٿيئي تنهن صورت ۾ جيڪو حال حاضر آهي سو کائڻ گهرجي، اُٺ ڊنل هو سو ڪو نه بيٺو ۽ هيءُ منٿون ڪندي، سندس پويان ڊوڙڻ سان وڃي، انهيءَ مرتبي کي پهتو، جنهن کي پهتو، انهيءَ وقت کان سندس شهرت دنيا ۾ پکڙجي ويئي. هن جي رحلت کان پوءِ سندس درگاهه خلق الله جي زيارت گاهه آهي، اتي هر سال عجيب ميلو لڳندو آهي. ساريءَ سنڌ مان هندو زالون اچي گڏ ٿينديون آهن ۽ پردو لاهي گهٽين ۽ سيرن ۾ گهمنديون وتنديون آهن. لال اڏيري جي نالي تي جيڪو به کين نچڻ لاءِ زور ڀريندو آهي، ته مڙسن يا ٻين عزيزن جي موجود هوندي به هو انهيءَ کان انڪار نه ڪنديون آهن، ڏسڻ شرط آهي نه ٻڌڻ.

]مير محمد منعم[: اُتي جي رهاڪو سيدن مان مير محمد منعم زمينداريءَ جي دولت جو مالڪ ۽ وڏيءَ طاقت وارو مهمان نوازي، سخا ۽ بخشش جي ذريعي، سڀ ڪنهن آئي وئي جي خوشيءَ جو گهورو هو. هو پنهنجي وقت جو هڪ مشهور معروف  ]انسان[ ٿي گذريو آهي. سندس فرزند سيد اسدالله پڻ پيءُ جو يادگار ٿي گذريو آهي. اباڻين خوبين ۾ هو پيءُ کان به وڌيڪ مشهور معروف هو.

کيبر

مشهور ڳوٺ آهي.

درويش نوح کيبرائي: ڌنارپ تي گذر ڪندو هو، ۽ ڪرامت ۽ حال جو صاحب هو. حديقته الاوليا ۾ مذڪور آهي، ته جڏهن شيخ حماد جماليءَ جي تصرف سان ڄام تماچي دهليءَ کان ٿي آيو، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، تڏهن هن (درويش نوح) کيس کيبرن جي ڳوٺن ۾ ٻڌايو هو، ته ٽن ڏينهن کان وٺي ڄام تماچيءَ جي نالي پڙهو گهمي رهيو آهي، حالانڪه اهو ڄام جوڻي جو وقت هو.

انڙپور

اڳوڻن ڏينهن ۾ ڄام انڙ جو آباد ڪيل هڪ ڳوٺ آهي. تازو درياءَ سندس سموري زمين پائي ويو آهي.

مخدوم ساهڙ لنجار: هڪ وڏو آزاد  ]انسان[ ۽ وقت جي صالحن مان هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ رات يا ڏينهن جي ڪا به گهڙي ]پاڪ[ پروردگار جي ذڪر کان واندو نه رهندو هو. ]153[ سندس مجلس ۾ دنيوي گفتگو ڪڏهن به ڪو نه هلندو هو، جنهن تي به توجهه جي نظر ڪندو هو، ته هو ولايت جي درجي کي رسي ويندو هو. عادت موجب سوئرن جو هڪ ولر سندس پوک ۾ اچي نقصان ڪري ويندو هو. ڪڙمي وٽس دانهن کڻي آيا. خادم کي فرمايائين، ته سوئرن کي وڃي پيغام ڏي، ته "اسان جي پوک جي ويجهو نه اچو" انهيءَ پيغام کان پوءِ سوئر وري نه آيا. چون ٿا، ته جڏهن به مٽيارين ۾ ايندو هو تڏهن رات جو پير ڊگها ڪري نه سمهندو هو. چوندو هو، ته چؤطرف ساداتن جا گهر آهن، تنهنڪري ادب جي تقاضا اها آهي، ته ڪنهن به طرف پير ڊگها نه ڪريان. انهيءَ کان روايت آهي، ته چوندو هو: مون پير کان ٻڌو آهي، ته جنهن ۾ ٽي گڻ ڏسو، ته انهيءَ مان ضرور فائدو وٺو، جو توهان جو مرشد اهو آهي. هڪ ته سندس اڳيان رهو، ته توهان کي خدا ياد اچي. ٻيو ته جيڪي ڳالهائي سو توهان جي دل ۾ ويهي وڃي، ٽيون ته سندس صحبت ڇڏڻ توهان کي ڏکي لڳي، اهو اتيئي دفن ٿيل آهي.

بوهري

آڳاٽو ڳوٺ آهي.

سيد حمزو: اصل مٽياريءَ جو هو. هو معرفت جي درياءَ جو ٽوٻو ۽ يقين جي خوبين جو جامع ۽ نقشبندي سلسلي جو رهبر ٿي گذريو آهي.


 

 

]باب سترهون [

ساگري درياءَ جي ڪناري وارن متفرق ڳوٺن جا بزرگ

 

جيتوڻيڪ ساگري جي ڪناري تي آرام ڪندڙن سڀني بزرگن جي واقفيت ڏکي آهي، تڏهن به برڪت واسطي، انهن مان ڪن ٿورن تي اڪتفا ڪجي ٿي.

شيخ موسيٰ آهيداڻي: اصل هندستان جي بزرگن مان آهي. سلطان علاءُالدين جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ ۾ آيو هو. سندس مزار ساڱري نديءَ جي ڪناري تي آهي. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ ستت ئي هڪ سوداگر قافلي کان ڇڄي ويو. بار سان لڏيل اٺ ساڻ هئس. اوچتو اٺ جو پير ترڪي پيو ۽ ] انهيءَ جي ٽنگ[ ڀڄي پيئي. آبادي ڏور هئي ۽ هيءُ ماڻهو اڪيلو، تنهنڪري رهي به نٿي سگهيو. پر اڳتي وڃڻ به مشڪل هئس. حيران هو، ته ڇا ڪري؟ اوچتو شيخ جي قبر ڏسي وڃي التجا ڪيائين. رات پئجي چڪي هئي سا آرام سان گذاريائين. صبح جو اٺ چڱو ڀلو ڏٺائين جنهن تي ڌڪ جو ڪو به نشان ڪو نه هو ۽ هو بار سميت پنهنجو رستو وٺي روانو ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ انهيءَ اٺ کي، سندس وطن ۾، ڪنهن خوفناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري خيرات ڪيائين، ته انهيءَ جي ڀڳل ٽنگ جي هڏي ۾ ميخ لڳل ڏسڻ ۾ آيس. هن سمجهيو، ته هيءَ شيخ جي ڪرامت آهي. هن بزرگ کان اهل بيت جي محبت ۾ ڏاڍيون ڳالهيون مشهور آهن. گهڻي مشهور هجڻ ڪري اهي بيان نه ڪيون ويون آهن.

درويش ونهيون چانهيو: هڪڙو وقت جو مشائخ ۽ قال ۽ حال جو صاحب، وڏو ولي ]ٿي گذريو[ آهي. هو حضرت رسالت مآب جي مجلس اقدس ۾ ويندڙ هو. سندس ڪرامتون بيان کان ٻاهر آهن. سندس وفات ]جو سن[ 1100هه ] آهي[ عربي تاريخ "مات في عشق" ۽ ان جو فارسي ترجمو "در عشق جان بپسرده" ] سندس وفات جي[ سال سان موافق آهي. ساڱري جي ڪناري تي تورڪيءَ (1) جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي.

درويش آلو: هڪڙو مجذوب مطلق ۽ عارف بالله هو. هو اصل هندستان جو هو پر سنڌ ۾ اچي نڪتو هو. ماٺ ڪيو پيو گهٽين ۾ گهمندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو حرف چوندو هو جو سمجهه ۾ ايندو هو. هو جهنگن ۾ وڃي ڪاٺين ۽ ڪانن جون ڀريون آڻي ماڻهن کي ڏيندو هو. هو ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب هو ۽ سندس وسيلي سان ڪيترن ماڻهن جا مقصد ۽ مرادون پوريون ٿينديون هيون - سندس مزار ساڱري جي ڪناري تي آهي.

درويش پلي: ذات جو سميجو ساڱري نديءَ جي ڪناري تي ]154[ رهندو هو. شيخ هوٿي بن لاکي جو سنگتي هو. ڏاڍو خوش طبع هوندو هو. هڪ ڏينهن مڇيءَ جي شڪار واسطي ڪـُـنڍي وجهي گهڻي دير تائين انتظار ڪيائين پر جڏهن مڇي ڪا نه ڦاٿي تڏهن چيائين "خدايا ڏي يا وٺ" ايتري ۾ درياهه جي ڪناري واري اها زمين جنهن تي ويٺو هو سا ڦاٽڻ لڳي، ڊپ وچان اٿي چوڻ لڳو، ته "عجب آهي جو کيس ڏيڻ ڏکيو ٿو لڳي ۽ وٺڻ آسان".

درويش لڌو: جن ماڻهن تي درويش ونهي جي نظر فيض ٿيل هئي، تن ۾ هڪ مکيه ماڻهو هو. مرشد جي توجهه جي برڪت سان وڏي مرتبي کي پهچي، ڪشف ۽ حضور جو صاحب ٿي پيو هو.

مولانا عباس: شيخ ونهي جو هڪ مکيه خادم هو، جو برگزيده درجي وارو ۽ حال ۽ قال جو صاحب هوندو هو.

مخدوم آدم ٿيٻو: وڏيءَ منزل وارو آهي. سندس صحبت فيض کان خالي نه هوندي هئي.

درويش ڇتو: هڪ اهل دل ۽ ولايت جو صاحب هو. گهڻن ئي مشائخن جي خدمت مان فيض پرايو هئائين. مخدوم آدم ٿيٻي جو خاص مريد هو.

شيخ صڌو نوهريو: هڪ وقت جو عارف ۽ ]پنهنجي[ زماني جو بزرگ ۽ شيخ ونهي جو همعصر هو.

نصرپور

جيئن مٿي بيان ٿي آيو، سلطان فيروز سنہ 751 هجريءَ ۾ نصر نالي هڪ امير کي ساڱري جي ڪناري تي قلعو ٺاهڻ جو حڪم ڪيو هو. اهڙيءَ طرح هي شهر آباد ٿي هن جي نالي پويان نصرپور سڏجڻ لڳو. درياءَ جي هيٺان هجڻ ۽ باغات جي ڪثرت کان شهر تفريح گاهه ٿي پيو آهي.

چون ٿا، ته ترخاني سردارن ساري سنڌ مان، هن سر زمين کي پنهنجي رهائش لاءِ پسند ڪيو هو. اڄ تائين سندن نسل (1) باقي آهي. ڪجهه سالن کان درياهه انهيءَ پاسي کان وهڪرو ڦيرائي ويو آهي، جنهنڪري اُتي جا باغات ويران ] ٿي ويا آهن[ ۽ باغن جي جاءِ تي ڪلر پيو ڏسجي. هتي جي سرزمين بزرگ خيز آهي.

قاضي خير الدين. حال ۽ قال جو صاحب هو. سندس ڏينهن ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي دستن جي بيماري ٿي ويئي. دست ڪنهن به دوا سان بند نٿي ٿيا. سندس عزيزن نااميد ٿي کيس کڻي جوار جي پوک ۾ پيهي تي سمهاريو ۽ سندس پيٽ کليل منهن واريءَ مشڪ وانگيان سدائين وهي رهيو هو. اوچتو هو (قاضي خير الدين) اچي اتان لانگهائو ٿيو ۽ ڏسي رحم اچي ويس. مٿس شفا ڀري نظر وڌائين، ته هڪدم چڱو ڀلو ٿي پيو. حديقة الاوليا جي مصنف معتبرن کان روايت ڪئي آهي، جنهن لاءِ هو ئي جوابدار آهن، ته اهو بيمار انهيءَ کان پوءِ چاليهه سال صحت ۽ دلجمعيءَ سان زندهه رهيو. اشتها موجب جيڪي هٿ ايندو هئس سو کائيندو رهندو هو. سندس پائخاني جو رستو بند ٿي ويو هو ۽ بهشتين وانگيان حاجت ضروريءَ جي تقاضا کان مطلقاً آزاد ٿي چڪو هو. سندس قبر نصرپور جي ڏاکڻين طرف هڪ ڪوهه پنڌ تي آهي.

شيخ محمود معروف به شاهه سيستان قادري. حضرت پير دستگير عليہ الرحمة جو حقيقي پوٽو مشهور آهي. آڳاٽي زماني ۾ سندس مزار درياءَ جي پرينءَ ڀر هوندي هئي ۽ ڪو به هن جي قبي ۾ اندر نه وڃي سگهندو هو. گهڻي زماني گذرڻ کان پوءِ انهيءَ زمين کي پاڻي پائي ويو ۽ سندس لاشو ٻيءَ زمين ۾، جا اڄ درياهه ]155[ جو وچ آهي، کڻي آيا. اتي پڻ خلق الله سندس زيارت لاءِ ايندي هئي، ۽ سڀ ماڻهو ڪٽهڙي کان ٻاهران زيارت ڪندا هئا. ٽيون ڀيرو، جڏهن پاڻيءَ جي اٿل آئي، تڏهن نئين سر انهيءَ جاءِ تي دفنايائون جتي اڄ آرامي آهي. انهيءَ کان پوءِ سندس زيارت عام ]آهي[ ۽ ڪٽهڙي ۾ اندر وڃڻ پڻ مقرر ٿي ويو آهي. سندس ڪرامتون قديم الايام کان ارادتمندن جون ڏٺل آهن ۽ قلم يا خيال انهن کي احاطي ڪرڻ کان عاجز آهي.

هاڻي مير محمد زمان رضوي وڏن کان ورثي طور انهيءَ درگاهه خلائق پناهه جو گادي نشين مقرر آهي. نهايت بزرگ ۽ تمام ڪامل شخص آهي.

شاهه هاشم رضوي. اتي پهريائين ]اهو[ آيو. هن وقت جي رضوي سيدن جو ڏاڏو بزرگوار آهي. وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل ٿي گذريو آهي. هن کان اٽڪل ٽيهه ۽ ڪي سال اڳ پاڻيءَ جي اٿل ڪري سندس لاش، ٻين سيدن جي لاشن سان گڏ، اصلوڪيءَ جاءِ تان ڪڍي کڻي آيا، جيڪي معتبر ماڻهو انهيءَ ڪامل جي لاشي سان گڏ هئا، تن کان روايت آهي ته باوجود هن جي، جو مٿئين سيد جي وفات کي ٻه سؤ ويهه سال گذري چڪا هئا، قبر مان صحيح سالم نڪتو. هڪ انگورن جو ڇڳو تازو پڪل ۽ ڪي نباتن جا داڻا پڻ سندس ساڄي پاسي جي هيٺان لڌائون، جيڪي مريدن پاڻ ۾ وراهي کاڌا. ٻيون ڪرامتون انهيءَ مان سمجهڻ گهرجن.

شاهه هاشم رضوي ثاني: پشت به پشت سندس پوٽو ۽ سجادهه نشين هو. انهيءَ جا حالات پڻ تحرير ۽ تقرير کان ٻاهر آهن. حياتيءَ خواهه مماتيءَ ۾ سندس ڪرامتون دنيا ۾ مشهور آهن. سندس مريديءَ جي وسيلي هڪ دنيا ديني خواهه دنيوي مرادن ۾ بهره ياب ٿي چڪي آهي، سند گهڻائي محققانه شعر چيل آهن.

]سيد نورالله[: کانئس پوءِ سيد نورالله پڻ وڏن جي رستي تي هلي معرفت وارن جو رستو وٺي وقت گذاري ويو.

]پني لڌو شاهه[: انهي کان پوءِ سندس فرزند حميد پني لڌو شاهه پيءَ جي گاديءَ تي ويهي وڏن جي بزرگيءَ جون رسمون چڱي طرح جاري رکندو آيو.

]شاهه نجم الدين[:  تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ شاهه نجم الدين ڪمال ۽ معرفت جي روشنائيءَ سان بزرگيءَ جي ستاري کي چمڪايو ۽ عقيدتمندن جي دلين کي سچائيءَ ۽ هدايت جي زيور سان سينگاريل رکيو.

]غلام حيدر شاهه[: کانئس پوءِ شاهه غلام حيدر وڏن جو جاءِ نشين ٿيو. هاڻي هن سڳوري جي ذات با برڪات وڏن جي ڪارنامن جي يادگيريءَ لاءِ غنيمت آهي.

هن مبارڪ سرزمين ۾ گهڻائي رضوي سيد بزرگ ٿي گذريا آهن. ٿورن نالن سان تبرڪ وٺجي ٿو.

شاهه غياث الدين ولد شاهه نور الله مذڪور:بزرگيءَ ۾ ڪامل ٿي گذريو آهي.

]شاهه وجه الدين[: انهيءَ کان پوءِ شاهه وجه الدين رهيو، جو بزرگانه وصفن سان موصوف رهي زندگي گذاري ويو.

]سيد بزرگ[: هن وقت بزرگيءَ جو خاتمو سيد بزرگ وڏن جي نشاني ]باقي آهي[. جو چڱي بزرگانه حالت ۾ وقت گذاري رهيو آهي.

سيد يار محمد رضوي: پهريائين نوڪري ڪندو هو پوءِ وڏن جي فقيريءِ واري رستي کان واقف ٿي توڪل جي ترهي تي زندگي گذارڻ لڳو ۽ چڱي حال جو مالڪ آهي.

مير محمد شاڪر رضوي: هن وقت جي بزرگن مان پرهيزگاري ۽ وڏن جي سڀني گڻن سان موصوف آهي. عام خاص ماڻهو سندس مريد آهن.

سيد محمد ظهير ولد سيد سلطان رضوي ]156[: انساني ڪماليتن سان موصوف آهي.

مير محمد صديق: ڏاڍو پرهيزگار طالب علم زندهه آهي.

سيد عبدالله ۽ سيد عبدالرزاق: پيءُ ۽ پٽ ٻئي شهيد آهن. چون ٿا ته شهيد ٿيڻ کان پوءِ پنهنجا سر کڻي اچي دفن ٿيڻ واريءَ جاءِ وٽ پهتا. ماڻهن ڏسي کين دفن ڪيو. ٻنهي بزرگن جي درگاهه عام مخلوق جي زيارت گاهه ۽ عرضدارن لاءِ مشڪل ڪـُـشا آهي.

سيد احمد عرف شاهه غوري: حـضرت پيران پير شاهه عبدالقادر جيلاني رحمته الله عليہ جي اولاد مان آهي. ]شهر جي[ ڏکڻ پاسي سندس درگاهه حاجتمندن لاءِ فيض جي کاڻ ۽ هر مشڪل حل ٿيڻ جو سرچشمو آهي.

بي بي نور ڀري: دبه گرن جي قوم مان هڪ مجذوبه سالڪ، وقت جي ڪامل ۽ ثاني رابعه هئي. سندس مزار نصرپور جي بازار جي وچ ۾ مريدن لاءِ جاءِ پناهه آهي. قاضي مسعود، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي وقت ۾ زندهه هئي. وڏيون وڏيون ڪرامتون ڏيکاريندي هئي.

شاهه عنايت الله رضوي: سنڌي زبان جو ڪامل شاعر آهي. سندس شعر عارفن جي زبان جو ورد ۽ يقيني حقيقتن تان پردو کڻندڙ آهي. نصرپور جو رهاڪو هو. سندس مزار شيخ موسيٰ آهندانيءَ جي مقام ۾ عام خلق لاءِ زيارت گاهه آهي. سندس اولاد لکمپر نالي هڪ ڳوٺ ۾ رهي ٿو.

شاهه عنايت الله: حـضرت پير دستگير جي اولاد مان نصرپور ۾ آرامي آهي. سندس زيارت جي فيض کان زيارتين جون طرحين طرحين مرادون پوريون ٿين ٿيون. سندس اولاد باقي آهي.

قاضي مسعود قريشي عثماني: ظاهري خواهه باطني علم جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو ولي ۽ ڀلي ۾ ڀلو پير ٿي گذريو آهي. علم سان گڏ فقيري به هوندي هيس. سندس پٽ حافظ حبيب الله نالي ۽ انهيءَ جو پٽ ميان عزت الله هر هڪ ڪمال جو صاحب هو. هن وقت ميان عزت الله جو ڀائٽيو محمد يار نالي توفيق ڀريو انسان آهي.

قاضي محمود: مٿئين قاضي مسعود جو ڀاءُ شهر جو مکيه ماڻهو ۽ ڏاڍي مروت سان زندگي گذاريندو هو. سندس پٽ ميان فتاح وڏو متقي پيدا ٿيو هو، جو شاهه هاشم ثاني رضويءَ جو مريد هو.

ميان عبدالقدوس: وقت جو پير ۽ مٿئين قاضي محمود ۽ قاضي مسعود جو همعصر هو.

محمد اشرف: سندس پٽ محمد اشرف کي ڪروڙ گريءَ جي نوڪري هوندي هئي ۽ ڏاڍي انسانيت سان ڏينهن گذاري ويو.

محمد حسن: مٿئين محمد اشرف جو پٽ محمد حسن نالي وڏن جي خوبين جو مالڪ ۽ مشهور هو. تازو ديوان گدومل سان گڏ ديرن ۾ قتل ٿي ويو.

شيخ نٿو: نصرپور جي ڀانرو قوم جي زميندارن مان هو. اڀرندي طرف ڪوهه پنڌ تي دفن ٿيل آهي. سندس درگاهه هر قسم جي خلق الله لاءِ زيارت گاهه آهي.

شيخ تودهن دمياري: وقت جو ڪامل پير هو. سندس درگاهه بڪيرن جي پاسي ڏانهن ٻن ڪوهن جي پنڌ تي عام خاص ماڻهن لاءِ زيارت گاهه آهي.

مخدوم سينهرو: اصل زميندارن مان هو. سندس مزار دنيا وارن جي زيارت گاهه ۽ معرفت جي صاحبن جي جاءِ پناهه آهي.

سيد دين محمد] 157[: اصل مٽيارن جو ]پوءِ[ نصرپور ۾ رهندڙ، ڪمال جي صاحبن ۾ يگانو هو.

سيد محمد غوث: سندس فرزند سيد محمد غوث پنهنجي وقت ۾ بزرگيءَ جي خوبين سان موصوف هو.

سيد قادر شاهه: هاڻي سيد قادر شاهه ڏاڍو ڪامل ۽ وڏن جو يادگار آهي.

سيد عبدالـصمد: مٿئين سيد دين محمد جو ڀائٽيو پڻ کليل ڪماليتن جو صاحب هو.

سيد اسحاق: اصل بخاري هتي جو هڪ پير آهي. سندس درگاهه خدا وارن جي زيارت گاهه آهي.

سيد محمد محسن: هاڻي هن جو فرزند سيد محمد محسن جيئرو جاڳندو موجود آهي.

سيد اڀن شاهه: اصل بخاري، ڪوٽڙيءَ جي سامهون پنهنجي ڳوٺ ۾، جو "سيد اڀن جي دهه"، سڏبو آهي آرامي آهي. سندس درگاهه تي مريدن جون حاجتون پوريون ٿينديون آهن.

سيد عبدالرحمان بخاري: هن جي اولاد مان آهي، جنهن جون ڪرامتون مشهور آهن. کيس گهڻو اولاد آهي.

سيد عنايت الله: سيد عبدالرحمان جو ڀاءُ، حال ۽ ڪرامتن جو صاحب، تازو گذاري ويو آهي.

قاضي حاجي: هن سرزمين جي اڳوڻن بزرگن مان آهي. ميان ابوالبقا محتسب مشهور، جو ملڪين مشهور ۽ عزت جو مالڪ رهي ڪري تازو گذاري ويو آهي، سو سندس اولاد مان آهي.

قاضي عبدالوهاب: اُتي جي ناليرن ۽ برڪت ڀرين قاضين مان هو. سندس گذرڻ کان پوءِ هن جي جاءِ تي سندس ڀائٽيو قاضي ابوالحسن قضا جي عهدي تي مقرر ٿيو.

قاضي محمد مير: هن جو پٽ قاضي محمد مير هن وقت حيات آهي ۽ قضا جو موروثي عهدو چڱيءَ طرح پيو هلائي.

قاضي مخدوم عبدالرحمان: هڪ وڏو عالم ۽ نهايت فاضل هو. شاهه جهان جي ڏينهن کان وٺي عالمگير جي بادشاهيءَ جي سموري ]عرصي[ تائين، حرمين شريفين جي نذرن جو متولي هو. کيس خدمت جي شرط تي عمدي جاگير مليل هئي.

]مخدوم محمد اڪرم[: سندس وڏو فرزند مخدوم محمد اڪرم ڏاڍو مروت ۽ فضيلت وارو ٿي گذريو آهي.

]ميان مدني[: ميان مدني، جو مدينه طيبه ۾ ڄائو هو، سو انهيءَ وڻ جو ميوو ۽ انهيءَ باغ جو وڻ آهي.

حفيظ يار خان ۽ عابد يار خان: ٻئي نالي نشان وارا ڀائر مٿئين قاضي عبدالرحمان جا فرزند آهن.

قاضي عبدالرحمان ثاني: سڳورن وڏن جي نسبت ڪري ڏاڍو عزت وارو ۽ ]پنهنجن[ بزرگن کان چڱيءَ طرح واقف رهي، زندگي گذاري، مدينه متبرڪ ۾ وفات ڪري ويو ۽ مخدوم حيات سنڌيءَ جي مقبري ۾ دفن ٿيو. حاجي قائم سنڌي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو، ۽ ميان عبدالحميد هالائي، جنهن جو بيان ٿي آيو، پڻ انهيءَ مقبري ۾ مدفون آهن.

قاضي روح الله: پڻ اُتي جي نامور بزرگن مان آهي.

مخدوم ميان ميدنه: ڪماليت جي فن جو جامع، متبحر عالم، فقه جي علم ۾ اڪثر عالمن کان وڌيڪ ماهر، سڀني ڪماليتن ۾ خلق الله ۾ مشهور ۽ سلوڪ ]جي رستي کان[ واقف تازو ڪمال جي عمر کي پهچي گذاري ويو آهي.

]ميان عبدالله[: سندس فرزند ميان عبدالله ظاهري علمن مان پورو بهرو پرائي، هاڻي حقيقت جي علم ڏانهن متوجه آهي.

ميان نور محمد طالب علم: مخدوم حاجي محمد قائم جو شاگرد، فقهي فضيلتن ۽ علمي ڪماليتن ۾ پنهنجي وقت جو ]158[ وڏو رهبر آهي. ڪجهه عرصو ميان غلام شاهه خان جي لشڪر ۾ قضا جي عهدي تي سرفراز هو.

مخفي نه رهي، ته اصل شهر جي رهاڪن مان ڪن مکيه ماڻهن جي ذڪر کان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ آس پاس جي رهاڪن جو بيان شروع ڪجي ٿو.

ميان احمد عطائي: نصرپور جي پسگردائي مان تعلقي سماواتيءَ ۾ ڪمال جو صاحب، پنهنجي وقت ۾ مکيه ماڻهو ۽ حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي.

]مخدوم حاجي هارون[: هاڻي سندس ناٺي مخدوم حاجي هارون بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺل آهي.

پير ورو: روپاهه جي سرزمين ۾ گجر ڪوٽ جي ويجهو تازو گذاري ويو آهي.

احمد شاهه: هاڻي سندس پٽ، احمد شاهه نالي، سندس جاءِ نشين آهي جنهن ۾ عام خاص ماڻهن جو اعتقاد آهي.

 


(1) مير قانع پنهنجي دستخطي نسخي جي پهرئين صفحي تي سندس نسب نامو هن طرح ڏيکاريو آهي. مخدوم عثمان عرف لعل شهباز مروندي بن سيد ڪبير بن سيد شمس الدين بن محمد يحيٰ بن سيد....... بن سيد محمود شاهه بن سيد احمد شاهه بن سيد هادي بن سيد مهدي بن سيد غالب بن سيد منصور بن....... بن امام الجن والانس محمد جعفر الصادق عليه السلام.

(جيڪي خال آهن، اُتي جا نالا ڪيڙو کائي ويو آهي ۽ پڙهڻ ۾ نه آيا.)

(1) بادشاهه نامي، جو خاص شاهه جهان جي احوال ۾ لکيل آهي، جي ص 329 تي ميان مير جو ذڪر هن طرح ٿيل آهي: سندس سڳورو وطن سيوهڻ آهي، جو ملتان جي صوبي جو تابع آهي. قادري طريقو رکندو هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ دارالخلافت (لاهور) ۾ اچي گمناميءَ  جي گوشي ۾ عمر گذاريائين. دنيوي تعلقات ۽ شاديءَ جو خيال اصلي ڪونه ڪيائين. ڪنهن به ماڻهوءَ کي تيستائين تلقين نه ڪندو هو، جيستائين هو دنيا جي شين کان متنفر نه ٿيندو هو. شاهه جهان سندس خدمت ۾ ٻه دفعا حاضر ٿيو هو. هڪ ڪشمير وڃڻ کان اڳ ۾ ۽ ٻيو ڪشمير کان موٽي اچڻ کان پوءِ، جو ٽن هفتن کان پوءِ واقعو ٿيو هو. وڏي عمر هجڻ ڪري هو اکين کان سڄو ٿي پيو هو ۽ سال 1044هه ۾ وفات ڪري ويو. شاهه جهان بار بار چوندو هو، ته هندوستان جي درويشن مان ڪماليت کي پهتل فقط ٻه ڄڻا ڏٺا اٿم. هڪ ميان مير ٻيو شيخ فضل الله برهانپوري.

مترجم ميان مير جي درگاهه پنهنجين اکين سان ڏٺي آهي جا لاهور ڇانوڻي اسٽيشن جي بلڪل قريب آهي. عام ماڻهو لاهور ڇانوڻي اسٽيشن کي سڏيندا ئي "اسٽيشن ميان مير" آهن. ميان مير جو قبو هڪ وسيع ميدان جي وچ ۾ سنگ مرمر جي ٿلهي تي بيٺل آهي. چوڌاري کليل صحن آهي. صحن کي چوڌاري شاليمار باغ ۽ شاهي مسجد جي احاطي جي نموني تي هڪ قلعي نما احاطو آهي. الهندي پاسي ڏانهن واري ڀت دارا شڪوه ٺهرائي هئي. ميان جي قبي کي فقط ڏکڻ ڏانهن هڪ دروازو آهي. دروازي جي مٿان ڪجهه بيت لکيل آهن، جيڪي هن وقت ياد نه رهيا آهن پر آخري مصرع آهي:  ”بفردوس والا ميان مير شد“ . جنهن مان تاريخ وفات سنہ 1045هه نڪري ٿي.

دارا شڪوه سندس خاص مريد هو. هن "مڪنية الاوليا" نالي هڪ ڪتاب فارسي زبان ۾ خاص سندن تاريخ ۽ توصيف ۾ لکيو آهي، انهيءَ ڪتاب مان معلوم ٿو ٿئي، ته سندس ولادت 975هه ۾ ٿي هئي. سندن والده جو نالو بيبي فاطمہ هو، جا سنڌ جي مشهور جيد عالم قاضي قاضن جي نياڻي هئي، ۽ پنهنجي وقت جي رابعہ هئي. سندس همشيره جو نالو بيبي جمال خاتون هو. سندس مرشد، شيخ خضر سيوستان جي جبلن ۾ رهندو هو. پاڻ انهيءَ جو مريد ننڍپڻ ۾ ٿيو هئو. سندس وفات 17 ربيع الاول اڱاري ڏينهن، پهر ڏينهن چڙهئي ٿي هئي- والله  اعلم.

(1) نسخو "ن" عبدالحڪيم

(1) ڪتاب النور السافر في اخبار القرن العاشر (357) ۾ لکيل آهي ته "شيخ، علامہ گهڻن فنن جو ماهر، عبدالله  بن سعدالدين مدني سندي سنہ 984 هه جي ذوالحج مهيني ۾ مڪي شريف ۾ وفات ڪري ويو. هيءُ هڪ زبردست عالم ۽ جيد و متبحر امام هو. هن جون ڪيتريون تصنيفون آهن، جن مان هڪڙو سهرورديءَ جي عوارف تي حاشيو آهي". اسان جي خيال ۾ هيءُ شيخ عبدالله  اهو ساڳيو قاضي عبدالله  آهي، جنهن جو ذڪر مير علي شير قانع هتي ڪري رهيو آهي. اگرچه مير قانع سندس والد جو نالو قاضي ابراهيم لکي ٿو، پر ٿي سگهي ٿو، ته انهيءَ قاضي ابراهيم کي سعدالدين جي لقب سان سڏيو ويندو هجي.

(2)   النور السافر في اخبار القرن العاشر (ص 440) ۾ شيخ رحمت الله جي وفات جو قصو هن طرح ڄاڻايل آهي: 12 محرم سنہ 993 هه ۾ شيخ، فاضل، عالم، محدث، فقيہ، رحمت الله بن عبدالله  السندي، حنفي، مديني منوره جو رهاڪو مڪي ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس اُتيئي دفن ڪيو ويو. هو هڪ علم تي عمل ڪندڙ عالم ۽ الله جو صالح بندو هو. ڪنهن فاضل سندس وفات جي تاريخ ابجد جي حساب موجب ڪڍي آهي، جا "رحمة الله قدنال مراده" (شال خدا تعاليٰ رحمت ڪريس هو پنهنجي مقصد کي پهتو) نڪتي. هن ۾ اگرچه ٻه عدد وڌن ٿا، پر جيڪڏهن تاريخ جو مادو حال سان مناسب هوندو آهي، ته پوءِ فن جي ماهرن وٽ اهڙي واڌاري جي اجازت آهي. ماڻهو جنهن وقت کيس دفن ڪري فارغ ٿيا، ته هڪدم مينهن وسڻ لڳو. اسان جي دوست شيخ فاضل محمد بن شيخ عبداللطيف جامي مڪي عرف مخدوم زاده سندس مرثيي ۾ چيو آهي، جنهن ۾ انهيءَ واقعي ڏانهن پڻ اشارو ڪيو اٿس، جيئن چيو اٿس ته: رحمت الله لا تفارق مثوي - رحمت الله بالحيا والغمام.  ”الله  تعاليٰ جي رحمت مينهن ۽ جهڙ جي صورت ۾ رحمت الله جي جڳهه کان جدا نه ٿي ٿئي.“

(1)  النور السافر (ص 440) ۾ لکيل آهي، هن (شيخ رحمت الله ) کي هڪ ڀاءُ هو، جنهن جو نالو حميد هو. هو علم ۽ بزرگيءَ وارو سهڻن اخلاقن جو مالڪ، نهايت متواضع، ڏاڍو عقلمند، وڏي درجي ۽ کلي فضيلت جو صاحب هو. پڇاڙيءَ ۾ هن کي وڏي عزت نصيب ٿي هئي. هو مڪي شريف ۾ 9 ورهيه رهيو ۽ اتيئي سنہ 1009 هه ۾ وفات ڪيائين. کيس پنهنجي ڀاءُ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. هن جي عمر اٽڪل 90 ورهيه هئي. مطلب ته هو سلف صالح جي نشاني هو. شال خدا مٿس رحمت ڪري. شيخ حميد عربي زبان جو هڪ وڏو شاعر هو. النور السافر ۾ سندس شعر به نقل ٿيل آهي.

شيخ حميد جو ذڪر خلاصة الاثر جي اعيان القرن الحادي عشر ۾ به آهي. اتي کيس فاروقي سڏيو ويو آهي. خلاصة الاثر ص 327 جزء ثاني.

(1) هي شيخ ابوالفضل ساڳيو اڪبر بادشاهه جو وزير، آئين اڪبري ۽ رقعات ابوالفضل جو مصنف، شيخ فيضيءَ جو ڀاءُ ۽ شيخ مبارڪ جو پٽ آهي. هتان معلوم ٿيو، ته شيخ ابوالفضل ۽ فيضي اصل سنڌي آهن. والله  اعلم بالصواب.

(1) ساڳيو دشتِ باران، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو.

(1) مخدوم جعفر "حل العقود في طلاق السنود" نالي هڪ عجيب غريب ڪتاب تصنيف ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌين جي طلاق ڏيڻ جا نمونا ۽ انهن جا شرعي احڪام بيان ڪيا اٿس. اهو ڪتاب ڪن جهونن ڪتبخانن ۾ اڄ تائين موجود آهي. هن مان ڏهينءَ صديءَ جي سنڌ جي تمدن ۽ زبان تي ڪافي روشني پوي ٿي. هن ڪتاب کان سواءِ مخدوم جعفر جي ٻي عجيب غريب تصنيف آهي "الفطانة في مرمة الخزانہ". هن ڪتاب ۾ حنفي فقہ  جي مشهور ڪتاب "خزانة الروايات" جي تنقيح ۽ ترميم ڪيل آهي. "عجالته الطالبين" به مخدوم جعفر جي تصنيف آهي.

هن بزرگ جي پيدائش ۽ وفات جون تاريخون معلوم نه ٿي سگهيون آهن. البت تاريخ معصوميءَ مان هيترو پتو پوي ٿو، ته هيءُ سڳورو مرزا شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاهه وقت زندهه هو. جنهن ڪري چئي سگهبو، ته سندس وفات سنہ 920 هجري کان پوءِ ٿي آهي.

(1) هتي نسخي "ن" ۾ هڪ نالو لکيل آهي، پر اڏوهيءَ جو کاڌل آهي ۽ پڙهڻ ۾ نٿو اچي. ڇاپي نسخي، ۾ ته هتي عبارت ڏاڍي منجهيل آهي: لکيل آهي ته "مخدوم عبدالحميد برادر بزرگ در حيات مخدوم عبدالرؤف بيزرگيءَ اتم گذشته بود". ظاهر آهي، ته هن عبارت جي ڪا به صحيح معنيٰ نٿي نڪري سگهي.

(1) نسخي "ن" ۾ سنہ 908 هه آهي.

(1) ڇاپي نسخي ۾ شاهه صاحب جي تاريخ وفات متعلق هي قطعو لکيل آهي جو اگرچه ڪتاب جي عبارت سان بلڪل غير مربوط آهي، پر جنهن صورت ۾ فائدي کان خالي نه آهي، تنهنڪري حاشيي تي لکي ڇڏي ٿو:

                        شــاهه صاحب ذوالمواهــب سـيدِ عبداللطيف

                        آنڪ قطب وقت خود بوده ست ازمـردان حق

                        چـون ز جام ارجعي مخمور نوش وصـل شد

                        گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق. 1165هه

اهي ساڳيا بيت مسجد شريف جي هڪ ديوار تي، جا قبي جي اتر طرف آهي، اڪريل آهن، ڪنهن جا چيل آهن تنهن جي خبر ڪانهي!

(1) نسخه "ن" نور کي.

(1) ب، ۾ "دفن" آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org