بڪيرا
(نصرپور کان ٽي ڪوهه اورتي (ٺٽي ڏانهن) هڪ سڳورو
ڳوٺ آهي).
شيخ فاضل شاهه قريشي. شيخ فاضل شاهه قريشي، بڪيرا
جي رهاڪن مان، قطب الاقطاب شيخ بهاؤ الدين
ملتانيءَ جي اولاد مان، سن هڪ هزار کان مٿي ڪي سال
گذريا هئا، جو سنڌ ۾ آيو هو. ۽ اچي مٿئين ڳوٺ ۾
رهڻ لڳو. نهايت ڪامل بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو وڏيرو
هو.
چون ٿا ته انهن ڏينهن ۾ مخدوم نوح رحمت الله عليہ
جي خادمن پراڻ جي ڪناري واري آمريءَ جي ڳوٺ تي، جا
خدا جي قدرت سان هڪ متبرڪ جاءِ آهي، جيئن ته
]
اتي جي[
هڪ وڻ جي پاڙ ۾ دريءَ جهڙو هڪ سوراخ ٺهيل آهي ۽
پاڪ دل انسان کان سواءِ ٻئي جو انهيءَ مان لنگهڻ
ناممڪن آهي. اهو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو يادگار
آهي ۽ قديم الايام کان هن سلسلي جي فقيرن جو اتي
ميلو ٿيندو هو، زبردستي قبضو ڪيو ۽ شيخ جي مريدن
جي اتي ڪا به دست اندازي نه رهي هئي. جنهن ڪري
خادمن جي هڪ جماعت ملتان وڃي انهيءَ قطب الاقطاب
(شيخ بهاؤ الدين) جي روضي تي آمريءَ جي دستوري
ميلي جي قبضي لاءِ التجا ڪئي ۽ کين الهام ٿيو ته
عنقريب اسان جي اولاد مان هڪ ماڻهو اتي پهچي اها
جاءِ توهان جي قبضي ۾ ڏياريندو. انهيءَ موجب جلد
ئي، شيخ بهاؤ الدين ملتاني عليہ الرحمة جي اولاد
مان هڪ بزرگ،
شيخ شهر الله. انهيءَ جاءِ تي آيو، مٿئين شيخ فاضل
شاهه کي نياڻيءَ کان سواءِ ٻي اولاد ڪا نه هئي،
تنهنڪري انهيءَ بزرگوار کي کڻي پنهنجو فرزند ۽
نياڻو بنايائين. هن وڏي درجي واري بزرگ شاندار
ڪرامتون ۽ کليل نشانيون ڏيکاري، آمريءَ واري جاءِ،
اصلوڪي دستور موجب، پنهنجي پير جي سلسلي جي مريدن
جي حوالي ۾ ڏياري. کين 1 - شاهه سراج الدين 2 -
شاهه قائم الدين نالي ٻه فرزند ڄاوا. قائم الدين
شاهه ڪا اولاد ڪا نه ڇڏي.
]شاهه
سراج الدين[. شاهه سراج الدين ڪافي پيري مريدي پيدا ڪري، بادشاهه جي درٻار
۾ ڏاڍي عزت حاصل ڪئي. شاهه عنايت الله صوفيءَ سان
جهوڪ جي جنگ جي شروعات هن ڪئي هئي. هو انهن ڏينهن
۾ دهليءَ ۾ هو. کيس ٻه فرزند پيدا ٿيا. 1- فاضل
شاهه 2- مهر شاهه.
]فاضل
شاهه[. فاضل شاهه ڏاڍي پيري مرشدي ڪري لاولد گذاري ويو، کانئس پوءِ
سندس ڀاءُ.
]مهر
شاهه[. مهر شاهه وڏن جي پيريءَ مريديءَ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ چڱي حالت
پيدا ڪيائين.
]شاهه
قائم الدين[. کانئس پوءِ سندس ناليرو فرزند شاهه قائم الدين سندس يادگار
آهي، جو هاڻي وڏن جو گادي نشين آهي.
ڪاتيار
نصرپور جي سماواتي پرڳڻي جي جهونن ڳوٺن مان آهي.
اتي جي بزرن مان:
شيخ ڀرڪيو جکو ولد شاهو ڪاتيار. آهي، جو مخدوم
اسحاق هالائي جي فرزندن
]159[
مخدوم احمد ۽ محمد، جن جو بيان مٿي ٿي آيو، جو
همعصر هو. ابتدا ۾ سخت رياضتون ڪيون هئائين. چون
ٿا ته هڪ دفعي سورهن سالن کان پوءِ روزو کوليو
هئائين. سارو سيارو هڪڙي چادر پهري، درياهه جي
ڪناري تي ويندو هو ۽ غسل ڪري آليءَ چادر ۾ نماز کي
لڳي ويندو هو. جڏهن چادر سڪندي هئي ته وري نئين سر
غسل ڪري، اهائي آلي چادر ڍڪي نماز ۾ مشغول ٿيندو
هو. ساري رات وري وري غسل ڪرڻ ۽ نماز پڙهڻ ۾ جاڳي
گذاريندو هو. اونهاري جي گرم ڏينهن ۾ سارو وقت سج
جي هيٺان رڻ پٽ ۾ گذاريندو هو جتي ڪا به هوا ڪانه
هوندي هئي. آخر رفتي رفتي سندس بدن جي سڄي کل لهي
ويئي هئي. چون ٿا ته هڪ ماڻهو ساڻس گڏ چلي ۾ ويٺو
هو. شيخ جي لاءِ روزاني هڪ وڏي بصري پچائيندا هئا،
جا کائيندو هو ۽ هو ٻيو ماڻهو بک ڪڍندو رهندو هو.
گلاخور ماڻهن کڻي هن ڳالهه کي ورتو. چلي ختم ٿيڻ
کان پوءِ چاليهه ئي مانيون جيڪي کاڌيون هئائين، سي
بنا ڪنهن کوٽ جي ڪڍي کڻي انهن ماڻهن جي اڳيان
رکيائين ۽ چيائين ته جيڪو کاڌو اٿم سو اجهو هيءُ
آهي. مجلس ۾ موجود سڀني ماڻهن انهن مانين مان
کاڌو.
هڪ ڏينهن شيخ وٽ هڪ ماڻهوءَ اچي چيو ته "زال وڃائي
اٿم خبر ناهي مري ويئي يا گم آهي. سندس ننڍا ٻار
بيقرار آهن"
]شيخ[ هڪ نوڪر کي فرمايو ته:"هن ماڻهوءَ جي زال وٺي اچ." هو دروازي
کان ٻاهر نڪري حيران ٿي بيهي رهيو. شيخ هڪل ڪري
چيو ته "اڳتي وڃ" خادم اڳتي ويندو رهيو، نيٺ رات
پئجي ويئي. جيڪا به وک ٿي رکيائين ته
]ائين ٿي معلوم ٿيس[
گويا ڏاڪڻ تان هيٺ لهي رهيو آهي. آخر هلندي هلندي
زمين پنهنجي مٿي جي مٿان ڏسڻ ۾ آيس. اوچتو سندس
نظر هڪ اهڙي شاهاڻي درٻار تي وڃي پيئي جنهن ۾
قسمين قسمين تنبو ۽ فرش فروش هئا. اتي هڪ شخص،
شاهاڻو لباس پهريل، ويٺل ڏٺائين ۽ ڪيترا مرد ۽
زالون سندس اڳيان قيد ٿيا بيٺا هئا. مٿئين خادم
پنهنجي پير جي پاران انهيءَ عورت جي آزاديءَ لاءِ
عرض ڪيو. جواب مليس ته هن عورت نذر جي ادائيءَ ۾
غفلت ڪئي آهي سا ڪانه ڇٽندي. خادم واپس اچي شيخ جي
خدمت ۾ احوال عرض ڪيو. شيخ هڪدم انهيءَ عورت جي
مڙس کي ساڻ وٺي، ساڳئي دستور، اتي پهتو- ضاعفان جي
گهڻي ئي گهر ڪيائين پر جواب ڪونه مليس. تنهن تي
انهيءَ زال جي مڙس کي چيائين ته "تون پنهنجي زال
کي وٺ"- هو زال وٺي هليو ويو.
]
اهو حال ڏسي[
مريدن انهيءَ بزرگ کي چيو ته
]هيءُ ماڻهو[
عورت کي بنا اجازت ورتيون ٿا وڃن" فرمايائين خدا
جو مجذوب ۽ عشق جو مست آيو آهي. جيڪڏهن سڀني کي
وٺي ويندو ته به ڪين ڪڇندس. "هيءُ عجيب نقل عارف
بالله سيد عبدالڪريم جي زبانان رسالي بيان
العارفين ۽ تنبيه الغافلين ۾ بيان ٿيل آهي. ۽
ٻڌايل آهي ته اهو بزرگ جناب پير دستگير عليه
الرحمته هو. کيس چيائون ته "سڀ ماڻهو شيخ
بهاؤالدين ملتانيءَ جا مريد آهن پر تون نه آهين سو
ڇو؟"
]اهو
ٻڌي[ هڪدم کير جو پيالو هٿ ۾ کڻي وٺي زمين ۾ ٽٻي هنيائين ۽ گهڙيءَ ۾
وڃي ملتان کان نڪتو. سجاده نشين
]بزرگ[
پنهنجي گهر واريءَ سان خلوت گاهه ۾ ويٺو هو ته هن
وڃي کير جو پيالو اڳيانس رکيو. فرمايائين ته "ادب
ڌار، ڪٿان آيو آهين؟" چيائين ته "اکيون ٻئي پاسي
اٿم" - پوءِ هٿ ڏئي (بيعت ڪري) زمين ۾ ٽٻي هڻي
هڪدم اچي انهيءَ مجلس ۾ نڪتو، جتان ويو هو
]
160[
] ۽ اچي[ چيائين ته "هاڻي شيخ کي هٿ ڏيئي آيو آهيان" - هڪڙي ڏينهن
چيائين ته "ڪنهن وقت خدائي ديدار جي نور ۾ غرق
هوس. آواز ٿيو ته اي ڀرڪيا ٻانهو ٿيندين؟ چيم ته
نه. وري آواز آيو ته ڀلا نوڪر ٿيندين؟ چيم ته نه.
اهڙو آواز ٽي دفعا وري وري ٿيندو رهيو. پر مون
قبول نه ٿي ڪيو. آخر آواز آيو ته جنهن صورت ۾ نه
ٻانهو آهين نه نوڪر - تڏهن ٻڌاءِ ته ڇا ٿيڻ گهرين
ٿو؟ عرض ڪيم ته خداوندا! ڪجهه نه آهيان ۽ ڪجهه نه
ٿيڻ چاهيان ٿو. هن چوڻ تي خدا تعاليٰ قدرت جو هٿ
منهنجي پٺيءَ تي رکيو ۽ منهنجي معرفت قبول
فرمايائين.
ميرڻ ڪاتيار. ابتدا ۾ هڪ ڏينهن ڀنگ پي ٻيڙيءَ ۾
چڙهيو ٿي ويو ته هڪدم الهي جذبي ۾ بيهوش ٿي ويو ۽
جيڪي ملڻو هوس سو مليس. ماڻهو انهيءَ معرفت جي
ڪيفيت کانئس پڇندا هئا پر هو اهو لڪل راز ڪين
کوليندو هو. اوچتو هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ سان
پنهنجو احوال ظاهر ڪري ويٺو ۽ اها حالت کانئس گم
ٿي ويئي.
]
بس پوءِ ته[
چرين وانگيان ڦرندو ۽ طعام جو ٿالهه مٿي تي کنيون
جوڳين ۽ مستن جي ڳولا ڪندو ٿي رهيو. سيد عبدالڪريم
کيس مخدوم نوح عليہ الرحمة جي خدمت ۾ وٺي ويو ۽
رڳو ڏسڻ سان اڳئين کان به وڌيڪ معرفت جي مرتبي کي
پهتو. اهڙي حالت هٿ آيس، جو جڏهن انهيءَ جو ذڪر
ڪندو هو تڏهن بيهوش ٿي ويندو هو. ڪيترائي دفعا کيس
مئل سمجهي مٿس سورة ياسين پڙهيائون. هن کان روايت
آهي جو چيو هئائين، "حضرت عزرائيل جو مون سان ڪو
به واسطو ڪو نه آهي".
مخدوم عبدالحميد قادري. سماواتي پرڳڻي ۾ ڪاتيار جي
نزديڪ پوچر ڳوٺ ۾ تازو ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي
وقت جو ڪامل هو ۽ وڏيون ڪرامتون سندس يادگار آهن.
]محمد
شريف[. سندس فرزند ميان محمد شريف جيئرو آهي جو ڏاڍين ڪماليت جي وصفن
سان موصوف آهي. پيءُ جي طريقي موجب آئي وئي جي
ڏاڍي خدمت ڪري ٿو ۽ خانقاه ۾ طالبن جي جماعت سان
صبح ۽ شام خفي ۽ جلي ذڪر ۾ مشغول رهي ٿو.
شيخ دهانو. سماواتي تعلقي ۾ سپرين جي راڄ جي
سامهون اوڍيجا قوم جي ڳوٺ ۾ سندن عاليشان درگاهه
آهي - سڄي اوڍيجا قوم سندس مريد آهي - هن جي اولاد
قضا، ملائي، ۽ پيرزادگيءَ جي ڪري، اتي جي ماڻهن جا
مرشد آهن.
خسرو بن محمود. اصل غزنويءَ جي بادشاهن مان آهي.
اوڍيجن جي زمين ۾ سندس شاندار درگاهه آهي، پاڻ
توڙي سندس وزير خدا وارن جي زيارت گاه آهن. سندس
هڪڙي ڪرامت ته هيءَ آهي جو سندس آرام گاه جي آس
پاس واري جهنگ مان ڪنهن کي به ڪاٺي يا ٻي ڪنهن
شيءِ دست اندازي ڪرڻ جي طاقت نه آهي. دست اندازي
ڪندو ته انهيءَ گستاخيءَ جي ڪري هٿ نه هوندس.
]161[
اگهم ڪوٽ
اهو نالو اگهم لوهاڻي جي پويان مليل اٿس، جنهن جو
بيان راجائن جي ذڪر هيٺ ٿي آيو. هن جي سرزمين خدا
وارن جو سرچشمو آهي.
مخدوم اسماعيل سومرو. هڪ وڏو ولي ۽ ناليرو بزرگ ٿي
گذريو آهي. چون ٿا ته ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين
سڄي عمر رياضتن ۾ گذاريائين. تمام شاهوڪار هوندو
هو ۽ قسمين قسمين طعام ۽ نموني نموني جا شربت ٺاهي
حقدارن، ۽ طالب علمن ۽ مسافرن کي ڏيندو هو. پاڻ
جـَـوَن جي مانيءَ تي افطار ڪندو هو. سندس ڪرامتون
حد کان ٻاهر آهن. سنہ 998 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو.
مخدوم صڌو موهيو. هڪ ناليرو عالم، وقت جو پرهيزگار
۽ مخدوم اسماعيل سومري جو دوست هو.
مخدوم عثمان. پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ مخدوم اسماعيل
سومري جو همعصر ۽ ساڳئي ڳوٺ ۾ رهندڙ هو.
درويش دائود ۽ ميان همون. هر هڪ مخدوم اسماعيل
سومري جو همعصر هو. هر هڪ جي مدرسي ۾ اٽڪل 500
ماڻهو قرآن (شريف) جي قرآت ۾ مشغول رهندا هئا، جن
جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا
هئا. مرزا باقي، باوجود يڪ ڏاڍو بخيل هو، تاهم هي
]
بزرگ[
جيڪا به
]آبادي[ ڪندا هئا تنهن تان ڍل ۽ ٻيا انگ ابواب معاف ڪري ڇڏيا
هئائين - هيڏي سخا هوندي به پاڻ هميشه جوَن جي
ماني ۽ لوڻ سان افطار ڪندا هئا. ۽ پنهنجي زمينن جي
پيدائش مسڪينن ۽ مستحقن تي خرچ ڪندا هئا.
شيخ نورالدين.
]هيءُ[
بزرگ اصل سيوستان (سيوهڻ) جو رهاڪو هو. گهمندي اچي
اگهم ڪوٽ وٽان لنگهيو ۽ هيءَ سرزمين کيس پسند اچي
ويئي. وصيت ڪيائين ته ڪٿي به وفات ڪريان ته مون کي
] کڻي[ اچي هت دفن ڪجو. اتفاقاً پنهنجي وطن جي قريب گذاري ويو. جڏهن
سندس جنازو کنيائون تڏهن اهو خود بخود هلڻ لڳو ۽
مٿينءَ زمين کان سواءِ ڪٿي به قرار نه ورتائين.
نيٺ اگهم ڪوٽ کان اٽڪل ٽي ڪوهه ٻاهران انهيءَ
پنهنجي پسند ڪيل جاءِ دفن ٿيو. سندس درگاهه
ارادتمندن جي زيارتگاهه آهي.
درويش سليمان. مٿئين پرڳڻي جو رهاڪو
] هو[. چون ٿا ته چار زالون هونديون هيس. جنهن سان گهڻو پيار هوندو
هوس، تنهن کي، ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ چوندو هو ته "اَي
انڌي! هئن ڪر". هوءَ هڪدم انڌي ٿي پوندي هئي. وري
رحم کائي چوندو هوس ته "شال تنهنجون اکيون ڏسندڙ
هجن" ته اکين سڄي ٿي پوندي هئي. هيءَ حالت ڪيئي
دفعا ٿي هئي. اهڙيءَ طرح سندس زبان مان جيڪي
نڪرندو هو، بلڪل تيئن
]162[ ٿيندو هو.
]شيخ
اسحاق بن سلطان بن بهلول القادري[. ابوالمناقب شيخ جمال الدين عبدالله، جو حضرت غوث الثقلين (شيخ
عبدالقادر جيلاني) جي اولاد مان آهي، جو مريد ۽
خليفو آهي. هو مشهور بزرگ آهي - سندس قبر اگهم جي
ڳوٺ ۾ آهي.
درويش عمر بودلو. هڪڙو مجذوب مطلق ۽ خدا سان واصل
هو. پهريائين ماڻهن کان ٽهندو ۽ جهنگ ۽ جبل ۾ وقت
گذاريندو وتندو هو. پوين ڏينهن ۾ اچي اگهم جي ڳوٺ
۾ رهيو، پنهنجي خواه پنهنجي سامان جي ڪا به خبر ڪا
نه هوندي هيس. جڏهن به ڪو ماڻهو ڪنهن ڪم سان سندس
خدمت ۾ پهچندو هو ته مرادون حاصل ڪري موٽندو هو.
درويش ونهيون، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو آهي، ساڻس
مريدن جهڙيون صحبتون ڪندو هو، اتي ئي دفن ٿيل آهي.
حمزو پرهار. اگهم ڪوٽ جي قديمي مشائخن مان آهي.
خليفو محمد شريف. هن سرزمين جو هڪ قديم ولي آهي.
سيد يونس. اصل متعلوي سيد آهي.
]پاڻ[
۽ سندس پٽ سيد عبدالله، هن وقت
جي پيرن مان آهن. ٻنهي بزرگن جون قبرون نيڪن جو
زيارتگاهه آهن.
سيد فقير. متعلوي جي سيد ڏتي جي اولاد مان آهي.
ويجهڙائيءَ ۾ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي.
جون
چاچڪن جي سرڪار جو هڪ ناليرو شهر آهي.
درويش حاجي سومرو. جون پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽
مخدوم نوح، اسماعيل جاڪي، سيد رڪن الدين ۽ سيد
عبدالڪريم جي صحبتن مان فيض پرايو هئائين. گهڻا
ماڻهو مريد هوندا هئس.
درويش موسيٰ. جون جي آس پاس ۾ رهندڙ ۽ سنڌ جو
مشهور معروف ولي آهي. درويش بهاؤالدين گودڙيو
پهريائين هن جو مريد هو تنهن کان پوءِ مخدوم نوح
عليه الرحمته جي خدمت مان فيض پرايائين.
سيد حميد. سيد محمد مڪي، جنهن جو بيان بکر جي ذڪر
وقت ٿي آيو، جي پوٽن مان آهي. هو داڻي پاڻي جي ڪشش
سببان، پنهنجن ڀائرن کان، جي سيد محمد مڪي جي
اولاد مان بکر ۽ روهڙيءَ ۾ رهندڙ آهن، ڇڄي اچي هن
زمين ۾ رهيو. سندس سڳوري ذات ۾ سڀ انساني خوبيون
موجود هيون. اتيئي گذاري ويو. سندس اولاد مان سيد
محمد علي ۽ سيد محمد باقر ٺٽي لڏي آيا، جيئن اڳتي
هلي ذڪر ٿيندو.
ورياهه
ڀٽي تعلقي جون جي سرزمين ۾ هڪ مشهور ڳوٺ آهي. اتان
جا آهن:
مخدوم نورنگ سومرو. هڪ ڪامل پير آهي. سندس اولاد
مان بزرگي موروثي هلندي اچي ٿي.
مخدوم عبدالحميد. هتي جي عارفن ۽ پنهنجي وقت جي
وڏن
]
عالمن[
۽ پرهيزگارن مان آهي. مٿئين
مخدوم نورنگ جو فرزند هو.
]مخدوم
اسحاق[. سندس فرزند رشيد مخدوم اسحاق، مشهور عالم ۽ پرهيزگار، مخدوم
رحمت الله جو ڏاڏو آهي، جنهن جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾
ٿيندو.
مخدوم الياس. شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي اولاد
مان آهي. هو بزرگيءَ جي خوبين ۽ برگزيدگيءَ جي
وصفن سان موصوف هو. آب داڻي جي ڪشش کان سنڌ ۾ اچي،
هن ڳوٺ ۾ رهي عمر سڳوري پوري ڪيائين.
]مخدوم
عجائب[. کانئس پوءِ مخدوم عجائب رهيو جو سڀني خوبين جو
]جامع[ هو.
]مخدوم
هارون[. سندس پٽ مخدوم هارون وڃي ٺٽي ۾ رهيو- مخدوم ضياءُ الدين، جنهن
جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ٿيندو سو سندس سڳورو فرزند
آهي.
* * *
]باب
ارڙهون[
]بدين ۽ تلهار، ونگي ۽ ولهار وغيره ها شهرن ۽ پراڻ جي ڪناري وارن ڳوٺن جا
بزرگ[
بدين
صوبي سنڌ جو هڪ ناليرو شهر آهي. اتي جي بزرگن مان
آهن:
درويش ڀنڀو ناريجو. ڪرامتن جو صاحب ۽ وڏو
پرهيزگار، بدين جي ويجهو آرامي آهي.
شاهه قادري. حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان آهي
]163[
بدين جي ٻاهران ڏکڻ طرف سندس درگاه خدا وارن جي
مرجع آهي.
]سيد
عارف شاهه[. سندس اولاد مان سيد عارف شاهه پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. هڪ دنيا
سندس بزرگيءَ کي مڃيندڙ هئي.
سيد بهار شاهه. کانئس پوءِ سيد بهار شاهه ڏاڍو
هدايت وارو ۽ سخاوت ۽ فضيلت ۾ مشهور هو - وڏن به
نسبت، گهڻي خلق هن جي مريد ٿي.
سيد موليڏنو. هاڻي سندس سوٽ موليڏنو ۽ انهيءَ جا
فرزند پير جا گادي نشين آهن.
مخدوم طوغاچي. سندس درگاهه بدين جي الهندي طرف
گهڻي وقت کان عام ماڻهن جي زيارت گاه آهي. سندس
گهڻي اولاد ڳوٺاڻي صورت ۾ موجود آهي.
مخدوم صالح. مٿئين مخدوم طوغاچي جو مريد هو. وڏو
ڪامل بزرگ هو. مخدوم طوغاچي جي مزار جي ڀرسان دفن
ٿيل آهي.
]مخدوم
يوسف[. سندس پٽ مخدوم يوسف پڻ وڏن جي رستي تي هلندڙ، عالم ۽ پرهيزگار
هو.
]مخدوم
عثمان[. سندس پٽ مخدوم عثمان پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي گذريو آهي.
]مخدوم
عبدالرحيم[. انهيءَ جو پٽ مخدوم عبدالرحيم، شاهه جهان جي پوين ڏينهن ۾،
ٺٽي جي مفتي جي عهدي تي سرفراز ٿي اتيئي رهڻ لڳو.
]ميان
اسدالله[. هن جو فرزند ميان اسدالله بدين جو مفتي ٿيو ۽ بدين ۾ رهي پيو
- سندس اولاد اتي موجود آهي. مخدوم عبدالرحيم جو
ٻيو پٽ محمد شفيع نالي ٺٽي جي بيان ۾ ايندو.
مخدوم حاجي. سندس درگاهه شهر ۾ اندر آهي ۽ هو قديم
زماني جي مشهور بزرگن مان آهي.
سيد مير. اتي جي مشهور مشائخن مان آهي. سندس
درگاه، بدين جي ڏکڻ پاسي، عام ماڻهن جي زيارت گاه
آهي.
]سيد
عبدالله[. هن جو پٽ سيد عبدالله، ڏاڍي بزرگيءَ ۽ چڱيءَ حالت ۾ حياتيءَ
جو وقت گذاري ويو.
سيد محمد زمان. سندس فرزند سيد محمد زمان هاڻي
سندس جاءِ نشين ۽ گاديءَ ڌڻي آهي. هڪ وڏي جماعت
سندس معتقد آهي.
شاهه نور. هن جي درگاه
] پڻ[ بدين ۾ عام خلق جي زيارت گاه آهي.
قاضي عبدالملڪ. گهڻي علم ۽ عمل ڪري اتي جي پيارن
مان آهي.
]قاضي
امان الله[. هن جو پوٽو قاضي امان الله چڱي حال ۾ رهي گذاري ويو.
]قاضي
ڪرم الله[. هن وقت قاضي عبدالملڪ جي اولاد مان قاضي ڪرم الله حيات آهي.
حافظ دائود. هڪ متبرڪ ملا اتي جو رهاڪو آهي. سندس
وفات سن 1030هه ۾ ٿي، جا ڪنهن ماڻهوءَ هن مصرع مان
لڌي آهي "دائود بدين رفت بفردوس ابد".
سيد اسماعيل ۽ سيد عمر. مخدوم جلال جهانيان جي
اولاد مان سيد حاجي حميد نظام الدين بخاريءَ جا پٽ
آهن ۽ اچي تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ "داهر سادات“
نالي ۾ رهيا. سندن اولاد اتي مشهور آهي. سيد عمر
پاڻ بارگاه ۾ دفن ٿيل اهي. سندس پٽ سيد ميو ۽ سيد
لڌو، پنهنجي وقت جا ناليرا
]
هئا[
۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري
ويا. سيد ميو، سيد حميد، سيد احمد پوئتي ڇڏي ويو.
سيد حميد کي سترهن پٽ ۽ ٻارهن نياڻيون پيدا ٿيون.
جن مان سيد عبدالرحيم سندس ناليرو فرزند ۽ برگزيدو
پونير آهي. سندس پٽ سيد عبدالقدوس چار پٽ
] هر هڪ[ سيد ڀلو، سيد امين، سيد عبدالڪريم ۽ سيد صالح ڇڏي ويو. انهن ۽
اڳين بزرگن جي اولاد اتيئي آهن.
مير سلطان شاهه. خواجه خليل خان جيڪو حاڪمن جي
بيان ۾ مذڪور ٿي آيو، جو ڀاڻيجو هو. مامين جي
موقوف ٿيڻ کان پوءِ سندس جاگير تي ٺٽي ۾ آيو.
ميان ابوالقاسم نقشبندي جي خدمت ۾ مريد ٿي، وڃي
وڏي مرتبي کي پهتو ۽ بدين ۾ رهائش اختيار ڪري،
]164[ هڪ وڏو بزرگيءَ ۽ ڪرامت جو ڌڻي ٿي پيو. خلق جا ٽولا سندس مريد
ٿيا. هڪ خلاصو ڳوٺ سندس نالي پويان سڏجي ٿو. ٿورا
سال ٿيا جو هدايت واري اولاد ڇڏي گذاري ويو آهي.
ملا قيصر. عبداللطيف نالي هڪ فاضل، هوشيار ۽ قابل
شاعر هو. ڇهين ڇهين مهيني عالمگير جي درگاهه ۾
تونرين جو جوڙو کڻي ويندو هو ۽ لائق عزت پائيندو
هو. سندس پوين ڏينهن ۾ هن فاضل دوست بادشاهه، سندس
ٻڍڙائپ تي رحم فرمائي، مناسب وظيفو مقرر ڪري ڏنس
جيئن هو وطن جي ڪـُـنڊ ۾ ويهي آرام سان عمر پوري
ڪري.
شيخ اسماعيل قريشي. شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي
اولاد مان آهي. بدين جي ويجهڙائيءَ ۾، هڪ خلاصي
ڳوٺ ۾، سندس مزار هڪ دنيا جي زيارت گاهه آهي. شيخ
ابن شاهه، جنهن جو اڳتي بيان ٿيندو، سندس اولاد
مان آهي.
شيخ عالم شاهه. هن بزرگ جي اولاد مان شيخ عالم
شاهه، جو سندس جاءِ نشين ۽ ڏاڍو هدايت وارو هو، سو
تازو گذاري ويو آهي.
ميان محمد زمان. اڄ ڪالهه جو مرشد ۽ ميان
ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي ٺٽوي جي
مريدن مان آهي. ڏاڍو هدايت وارو، نقشبندي سلسلي جي
مريدن جي مرجع ۽ وڏين ڪرامتن جو صاحب آهي. هن وقت
بدين جي ويجهو لواريءَ جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو - هڪ دنيا
کي فيض جي درياهه مان سيراب ڪري رهيو آهي. گهڻن
ماڻهن جو اعتقاد آهي ته هن وقت سندس وجود بينظير
آهي. ڪنهن به پيدائش نه هوندي، وٽس عام مهمانخانو
هلي ٿو. عجب هيءُ آهي ته هڪ ٽولو حقيقت کي سمجهڻ
کان سواءِ، رڳو ظاهر تي مٿس طعنه زنيءَ ۾ مشغول
آهي. هنن ڏينهن ۾ الاهي قضا کي پهتو آهي يعني سنہ
1188 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ گذاري ويو.
چاچڪ
بدين جي جون تعلقي ۾ هڪ ڳوٺ ۽ قوم جو نالو آهي.
تنهنڪري انهيءَ طرف کي سرڪار چاچڪان (چاچڪن جو
پرڳڻو) لقب ڏنو اٿن. اتي جي بزرگن مان آهي:
شيخ موسيٰ: شيخ مغل جو پٽ، جنهن جو بيان اڳتي
ايندو - پيءُ کان پوءِ سندس گاديءَ تي ويهي، وقت
جي پرهيزگارن ۽ نامور بزرگن ۾ شمار ٿيو. هميشه
صفائي وارن (صوفين) جي مهمانيءَ لاءِ تيار هوندو
هو ۽ مهمان نوازيءَ جي رسمن بجا آڻڻ ۾ ڏاڍي ڪوشش
وٺندو هو. سندس قبر چاچڪن جي ڳوٺ ۾ عام خلق جي
زيارت گاهه آهي.
ونگو
چاچڪن جي سرڪار کان مٿي هڪ جهونو مشهور معروف ڳوٺ
۽ علحدي سرزمين آهي.
درويش چرڪس ولد ڏنو سرڪي: هڪ دين جو شائق ۽ دين جي
راهه جو سالڪ هو. تحقيق جي ميدان ۾ توفيق جو گهوڙو
سڀني کان اڳي ڪڍي ويو هو. اڪثر درويش سندس نظر کان
ملاحظه ڪندا هئا - هڪ ڏينهن مخدوم بلال جي خدمت ۾
حاضر ٿي پڇيائين ته "فرض جي ادب جو مرتبو وڏو آهي
يا
]پنهنجي[ مخدوم جي خدمتگذاري" مخدوم بلال وراڻيو ته "فرض جي ادب کي
ترجيح آهي" ظاهر ۾ هيءُ جواب سندس مرضيءَ مطابق نه
هو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مخدوم جي دل جي ڦرهيءَ تان
سڀ علم ميسارجي ويا ۽ عاجز ۽ پريشان ٿي وڃي معافي
ورتائين. جنهن تي، درويش جي فيض واريءَ نظر سان،
سندس دل جي پٽيءَ تان جيڪي ڊهي ويو سو سڀئي وري
لکجي ويو - هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ
]165[ جي ڳئون گم ٿي ويئي - هن اچي شيخ چرڪس کان دعا گهري -
فرمايائين "اي خداوندا! جيڪڏهن تنهنجي درگاه ۾
هيءَ ڳالهه سچي آهي ته جيڪو به نذراني کان سواءِ
دعا گهرائيندو سو مراد نه پائيندو ته پوءِ ڳئون
پيدا ڪر". هڪدم گم ٿيل ڳئون پاڻيهي موٽي آئي.
ولهار
پڻ هڪ مشهور معروف ڳوٺ جو نالو آهي.
درويش صدر ولد ڪير اوٺو: سنڌ جو هڪ وڏو مشائخ ۽
سڳورو ولي آهي. سندس مٿي، کاڏي ۽ سڀني عضون تي وار
بلڪل ڪو نه هو. سڄي عمر ڪنوارو ۽ ڇڙو رهي
گذاريائين. ڪنهن وقت ملتان ويو هو ۽ شام جي وقت
ملتان جي راويءَ نديءَ وٽ اچي پهتو ته پـِـير جي
زيارت جي شوق ۾ اتي
]رات[
رهڻ ڏکيو لڳس جنهنڪري ميربحر کي سڏ ڪيائين، ميربحر
پرينءَ - ڀر کان بڪڻ شروع ڪيو ته هن وقت ٻيڙيءَ
آڻڻ جو ڪهڙو وقت آهي؟
]ائين چوڻ تي[
ڪاوڙ ۾ ڀرجي پاڻ سان جيڪو
ڪؤنرو هون، تنهن کي پاڻيءَ سان ڀرڻ جو خادم کي حڪم
ڏنائين، الاهي قدرت سان سارو درياءُ انهيءَ ۾ ماپي
ويو ۽ سڪي واٽ پيدا ٿي پئي. درويش انهيءَ ئي وقت
وڃي شيخ جي زيارت جو فيض حاصل ڪيو. صبح ٿيو ته
درياءَ جي پاڻيءَ سڪي وڃڻ ڪري اچي خلق ۾ ٿرٿلو
پيو. درويش اهو ڪؤنرو کڻي، اچي شيخ جي خدمت ۾ حاضر
ڪيو ۽ احوال بيان ڪري، پاڻيءَ جي موٽائڻ متعلق
صلاح پڇيائين. شيخ فرمايو ته پاڻي ڪم آڻي ڇڏڻ
گهرجي ته هيءَ ڪرامت يادگار رهي. انهيءَ وقت کان
وٺي اها ندي سڪي پيئي آهي، هڪ ڏينهن درويش لسو
ڪاڪڙو شينهن تي سوار ٿي ساڻس ملڻ آيو. درويش صدر
جي اڳيان هڪ کير ڌائڪ گابو ٻڌو پيو هو. درويش لسي
چيو ته "منهنجو شينهن بکيو آهي تنهنڪري هيءُ گابو
انهي کي مهمانيءَ ۾ ڏي". فرمايائين ته "هن جي ماءُ
جهنگ ۾ ويئي آهي، جڏهن ايندي ۽ ٻچو نه ڏسندي تڏهن
پريشان ٿيندي". هن چيو ته "مڙئي خير آهي،
]
ڪئن به هجي پر هيءُ گابو[
ضرور شينهن جو کاڄ ٿيڻ گهرجي". ڏاڍو زور هليو پر
هو باز نه آيو. نيٺ نوڪر کي چيائين، جنهن گابو
کولي شينهن جي آڏو آندو پر درويش صدر جي ڪرامت سان
شينهن گابي کي ڏسندي ئي وٺي ڀڳو. گابو شينهن جي
پٺيان پيو ۽ شينهن لاچار ٿي وڃي جهنگ ۾ لڪو. تنهن
تي گابو موٽي اچي پنهنجي مالڪ جي اڳيان بيٺو -
سندس تربت مٿئين ڳوٺ ۾ آهي.
درويش صابر ولهاري. ذات جو پرند. پويون
]بزرگ[
شاهه عنايت صوفيءَ جو همعصر آهي. ڏينهن جو روزو
رکي ۽ رات جو عبادت ڪري عمر گذاريائين. هميشه قرآن
شريف جو درس ڏيندو هو. حد کان وڌيڪ بزرگي ۽
پرهيزگاريءَ جو صاحب هو.
ميان معروف. سندس پٽ ميان معروف جو قبو مشهور آهي.
ميان مقبول. هن جو پٽ ميان مقبول هن وقت حيات آهي
۽ خدا وارن وٽ قبوليت جي زندگي گذاري رهيو آهي.
ڪوڇو
ونگي ۽ ولهار جي سرزمين ۾ هڪ مشهور ڳوٺ جو نالو
آهي.
سيد ساجن. لقب سوائي اصل مٽيارين جو مخدوم نوح
رحمت الله عليہ جو مريد ۽ پنهنجي وقت ۾ هڪ عمدو
مشائخ ٿي گذريو آهي. گهڻيءَ مشهوريءَ ڪري سندس
احوال ۽ ڪرامتن جو تفصيل نٿو لکجي. سندس درگاهه
خدا وارن جي زيارت گاه آهي ۽ سندس زيارت
]جي برڪت سان[
حاجتمندن جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون. سندس وفات
واري ڏينهن هر سال وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾
خريد فروخت لاءِ گهڻن ئي طرفن کان ماڻهو ايندا
آهن.
] سيد پني لڌو[. هن حضرت جو پوٽو
]166[، سيد پني لڌو، خدا جي واٽ ۾ اهڙو ته محو هوندو هو، جو جهنگلي
جانور يا پکي به کانئس ڪين ٽهندا هئا ۽ شينهن ۽
بگهڙن وغيره جهڙا مرون ساڻس گڏ رهندا هئا. چون ٿا
ته هڪڙي ڏينهن درياهه جي ڪناري تان لنگهيو ته سندس
اچڻ کان ڏيڏر ٽهڻ لڳا. چيائين شايد اڃا مون ۾ غير
ڏٺو اٿن. پوءِ ته اتي ويهي رئڻ ۽ زاريءَ ۾ اٺ پهر
گذاريائين، جيستائين ڏيڏر درياهه مان نڪري ساڻس
الفت ڪرڻ لڳا. مشهور آهي ته پنهنجي جاءِ کان وٺي
ڏاڏي بزرگوار جي آرام گاهه تائين، جو هڪ تير جيترو
پنڌ به ڪين آهي، صبح کان شام تائين پنڌ ڪندو هو.
] تڏهن مس مس پهچندو هو[. دير جو سبب هيءُ هوندو هو ته زمين تي جيڪو به پٿر، ڀتر وغيره
ڏسندو هو، سو کڻي ڳپل وقت تائين انهيءَ ۾ غرق ٿي
ويندو هو ۽ وري وري "سـُـبحـَـانَ اللهِ" جو جملو
چوندو هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس فرزندن قبي يا
حجري ٺاهڻ لاءِ سامان گڏ ڪيو پر اجازت ڪا نه ملين.
تلهار
مشهور ڳوٺ آهي. اتي جي ناليرن بزرگن مان آهي:
سيد مڱيلـڌو. بلڙيءَ واري سيد عبدالڪريم جي اولاد
مان آهي. ڪنهن سبب جي ڪري ڀائرن کان ڌار ٿي، ڪيترو
وقت هن ڳوٺ ۾ سخت رياضتن ۾ گذاري، چڱي حالت حاصل
ڪيائين. اتي جي وڏيري ارباب موسيٰ پنهنجي نياڻيءَ
جو سڱ سيد کي ڏنو. آخرڪار دولت سان گڏ فقيري ۽
فقيريءَ سان گڏ دولت چڱيءَ طرح هٿ ڪيائين.
]سيد
عالي شاهه[. کانئس پوءِ سندس پٽ سيد عالي شاهه، پنهنجي وقت جو ناليرو
بزرگ، نهايت عزت ۽ احترام سان زندگي گذاري ويو.
]مير
حيدر[. هاڻي هن جو ناٺي مير حيدر ولد سيد محمد صالح سندس قائم مقام
آهي.
پراڻ
درياهه جو نالو آهي. سندس ڳوٺ ناليرا ۽
] حال ۽[ مقام جي صاحبن جا گذرگاهه آهن. اتي شيخ بهاؤ الدين ملتاني جو
وهاريل هڪ آمري جو وڻ آهي، جو خدا وارن جو مشهور
معروف زيارتگاهه آهي. هن جي ٿـُـڙَ ۾ دريءَ جهڙي
جاءِ آهي جنهن مان مريد لنگهي ٻاهر نڪري ايندا آهن
۽ جيڪو سچ پچ ڏوهي هوندو آهي سو انهي دريءَ مان
لنگهي نه سگهندو آهي. هر وقت فقيرن جي اچ وڃ لڳي
پيئي هوندي آهي. شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي سلسلي
جا فقير پنهنجا وقت اتي سماع ۽ صحبت ۾ گذاريندا
آهن.
پير خاڪي. هڪ قديم مشائخ پراڻ جي سرزمين ۾ آرامي
آهي.
ابراهيم ناگوراڻي. قوم جو ٿيٻو، قديمي مشائخن مان
آهي. هن سرزمين ۾ سندس مزار الله وارن جي
زيارتگاهه آهي.
سيد حسن باکاڻو. هڪ جهونو مشائخ عمرڪوٽ جي ويجهي
پٽ ۾ آرامي آهي.
سيد لال ڇتو. مينڌري جي پٽ جي جي سرزمين جو هڪ
قديم پير آهي.
تاج محمد کسيلرو. قديمي فقيرن جي سلسلي سان تعلق
رکندڙ سومي فقير، جو حسن باکاڻي جي مقام ۾ آرامي
آهي، جي اولاد مان تازو گذاري ويو آهي. هو پنهنجي
وقت جو ناميارو پير هو، مؤقـِنگيجيءَ ۾ دفن ٿيل
آهي.
درس مظفر. ذات جو هاليپوٽو، بايزيد سمي جي ديهه ۾
نهايت مجاهدن ۽ رياضتن سان زندگي گذاري رهيو آهي ۽
پنهنجي سرزمين ۾ مشهور آهي. مخدوم بهاؤ الدين جي
سلسلي جي خلافت مليل اٿس.
بابو. ذات جو شڪريو - مينڌري پٽ
] 167[ جي زمين ۾ آرامي ۽ قديمي مشائخن مان آهي.
درس ڏاتو ڪاڇلو. پنهنجي وقت جو مشهور بزرگ، پٽ ۾
آرامي ۽ الله وارن جي عام زيارت گاه آهي.
فقير کٿوريو. سو مينٺي(1)
جي زمين ۾ آرامي ۽ قديم مشائخن مان آهي.
حسين فقير راباؤ. پنهنجي وقت جو بزرگ، تازو ٿي
گذريو آهي. سندس قبر مؤحـّي قريب آهي.
]بادل
فقير[. هاڻي سندس پٽ بادل فقير مريدن لاءِ مرجع آهي.
درس اجر. لوريره قوم جو هڪ آڳاٽي سمي جو بزرگ،
پوپرائي جي ڳوٺ ۾ آرامي آهي.
درس بلال. ٿورا ڏينهن ٿيا ته آمريءَ جي آسپاس پراڻ
واهه تي رهندو هو. کانئس ڪيئي کـُـليون کـُـلايون
ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون.
ميان شرف الدين. هاڻي ميان شرف الدين، نهايت سهڻين
وصفن سان موصوف ۽ عام خلق ۾ محترم، سندس جاءِ نشين
آهي.
]باب
اوڻيهون[
]سنڌ
جي غير معلوم شهرن ۽ ڳوٺن جا بزرگ[
ڪن نامي گرامي مشائخن ۽ سنڌ جي عالمن جو بيان جن
جي رهائش ۽ تربت جو، جيئن جڳائي، تيئن پتو نه پئجي
سگهيو آهي ۽ ڪتابن ۾ انهيءَ نالي ۽ ذات سان بيان
ٿيل آهن.
]انهن بزرگن[
جو، سندن وقت سميت ذڪر ڪجي ٿو، جيڪڏهن هنن نالن
وارن بزرگن مان ڪوبه ڪنهن خاص جاءِ جو رهاڪو معلوم
ٿئي ته اتي داخل ڪرڻ فرمائيندا.
ابو علي سنڌي: "نفحات" ۾ شيخ روز بهان جي "شطحيات"
جي شرح کان نقل آهي ته هو بايزيد بسطامي رحمت الله
عليہ جي استادن مان آهي. بايزيد چوي ٿو ته مون ابو
عليءَ کان فنا ۽ توحيد جو علم سکيو ۽ ابو علي مون
کان الحمد ۽ قل هو الله احد.
شيخ عيسيٰ سنڌي: لقب جندالله. شيخ محمد غوث
گوالياريءَ جي خليفي شيخ محمد لشڪر جو مريد هو.
شيخ برهان شطاري برهانپوري سندس مريد ۽ خليفو هو.
(سندس تصنيفات مان تفسير "انوار الاسرار" مشهور
آهي. هو سن 1031هه ۾ فوت ٿيو. سندس پٽ شيخ
عبدالستار، فضيلت، ڪمال ۽ عمدي حال جو صاحب پيءُ
واري ارشاد جي گاديءَ تي ويهي گذاري ويو).
شيخ يوسف سنڌي. اڪبر جو وزير ابوالفضل پنهنجي ڏاڏي
شيخ خضر کي هن جو منظور - نظر شمار ڪيو آهي.
مخدوم بندو ۽ مخدوم هالو. هر هڪ مشهور عالم آهي،
هو راجا ستيه دل جي ڏينهن ۾ هئا.
حاجي ويسر. پنهنجي وقت جو صالح ۽ ناليرو پرهيزگار،
شيخ ڀرڪيي ڪاتيار جو همعصر هو.
درويش لسو ڪاڪڙو. هميشه شينهن تي چڙهي گهمندو هو.
درويش صدر ولد ڪيور، جنهن جو بيان ٿي آيو، جو
همعصر هو.
لڌو بهار. مخدوم نوح جي نظر شفقت جو هڪ منظور نظر
هو.
درويش قطب. مخدوم نوح رحمته الله عليہ جو مريد هو.
عجيب حالت هوندي هيس. هڪ رات بوبڪن ۾ آيو. هڪ
طالب علم کانئس پڇيو ته: ڪنهن جو مريد آهين؟"
وراڻيائين ته "خدا جو مريد آهيان".
]ايتري چوڻ تي شاگرد[
مٿس مڙي آيا ۽ کيس مخدوم جعفر وٽ نيئي تعزير ڏيڻ
چاهيائون.
]هيءُ
حال ڏسي[ چيائين ته بلڪ "خدا منهنجو مريد آهي".
]
هن تي[
پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيا ۽ کيس مخدوم جعفر وٽ وٺي ويا.
مخدوم پڇيس ته "جيئن هي چون ٿا تيئن چيو اٿيئي؟"
چيائين "هائو، خدا مريد هن طرح آهي، جو هو اسان جي
حق ۾ جيڪو ارادو ڪري ٿو سو ضرور ظاهر ٿئي ٿو.
پهريائين پڻ اسان جي پيدا ڪرڻ جو هن جو ارادو هو.
هن ارادي
]
ڦيرائڻ[
جي اسان کي ڪا به طاقت نه آهي. جيڪي به ڪري ٿو سو
اهو ئي ڪري ٿو. ظاهر ۾ مخدوم نوح جو مريد آهيان".
هڪڙي عالم کيس چيو ته اها ڳالهه ڪيئن آهي جو توهان
کي ڪوبه علم نه آهي پر تنهن هوندي به چئو ٿا ته
اسان سان خدا جي دوستي آهي". جواب ڏنائين ته "ٻڌو
ڪين اٿئي ته هڪڙي بادشاهه کي حسن ۽ جمال واريون
هزارين ٻانهيون هيون پر هڪڙي ڏينهن هڪ ڀنگڻ، جا
ماڻهن جي پائخاني سان ڀريل ڇلي مٿي تي کنيون ٿي
ويئي، ڏسي انهيءَ تي مفتون ٿي پيو.
]168[
]ٻڌاءِ ته[ انهيءَ ۾ ڪهڙي ڀلائي ڏٺي هوندائين؟"
درويش مهرار نهريو. پنهنجي وقت جو هڪ بزرگ هو.
ابتدا ۾ هڪ مرشد هوندو هوس جو فوت ٿي ويو. ڪجهه
وقت کان پوءِ سيد عبدالڪريم جي خدمت ۾ حاضر ٿي
حاضرين کي چيائين ته "ڪيترو وقت ٿيو جو منهنجو مڙس
مري ويو آهي، هاڻي حضرت جن کي مڙس ڪيو اٿم".
درويش احمد. پنهنجي وقت جو يگانو ۽ دنيا جو قطب
مخدوم حامد دودائي، درويش عبداللطيف، عالم ڪامل
مخدوم ضياءُ الدين، درويش سمو، مخدوم عيسيٰ ۽ سندس
پٽ ميان عبدالقدوس هر هڪ سيد عبدالڪريم جو صحبتي،
فيض يافت ۽ معرفت ۽ يقين ۾ ناميارو آهي.
ميان عبدالرشيد. بصيرت وارو عالم پنهنجي وقت جو
يگانو عارف ۽ مخدوم نوح جو همعصر هو.
ميان عبدالله ۽ درويش هارون. سيد عبدالڪريم جا
سنگتي ۽ سندس نظر جا نوازيل آهن.
مخدوم يوسف طيونه (تنيو). پنهنجي وقت جو ڪامل زاهد
۽ قرات جي علم ۾ پوري مهارت رکندڙ هو. سندس
عاليشان ڪرامتون زماني ۾ مذڪور آهن. هو سن 938هه ۾
وفات ڪري ويو.
]باب
ويهون[
]بٺوري ۽ ڪڪرالي پرڳڻن جا بزرگ[
نصريہ
بٺوري پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ آهي.
مخدوم صڌو لانگاه. پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ وڏي ۾ وڏو
پير هو. اهڙو ته ترڪ (توڪل) جو صاحب هو جو رات جو
مٽن جو پاڻي به هاري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هو ته
"نئون ڏينهن نئون رزق". سندس ڪرامتون عام جي سمجهه
کان ٻاهر آهن. سندس مزار مٿئين ڳوٺ ۾ ناليرن بزرگن
جي زيارت گاهه آهي. مٽيارن جا سيد، جن مان سيد
عبدالڪريم به آهي، گهڻو ڪري مخدوم جا مريد هوندا
هئا.
]ملا
آجب[. ملا آجب مٿئين مخدوم صڌوءَ جو فرزند ۽ کليل ڪرامتن جو صاحب
هو. هڪ ڏينهن ڪنهن ڳوٺ جو قصد ڪري نڪتو ۽ ٽپهريءَ
جي نماز وقت اچي درياهه جي ڪناري تي پهتو. درياهه
جي اورينءَ ڀر ٻيڙي ڪانه هئي. خادم چيو ته: سياري
جي موسم آهي. ڳوٺ موٽي هلي رات گذارجي ۽ صبحاڻي
هتي موٽي اچي پتڻ ٽپجي". وراڻيائين ته "خير آهي.
اتي ئي رات گذري ويندي". ٿوري رات مس گذري ته الله
جي قدرت سان درياهه هڪڙي واهي جيترو ٿي پيو ۽ آواز
ڏٺائين ته اي شيخ جيڪڏهن ٽپڻ جو ارادو هجي ته اجهو
رستو
]
موجود آهي[
پر شيخ قبول نه فرمايو. پاڻيءَ جي اها حالت ۽ اهو
آواز ڪئين دفعا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيا پر هن فرمايو ته
"اسان جي توڪل خدا تي آهي، توڏانهن التجا ڪانه
آڻينداسون". آخر ٻئي ڏينهن اتان ٻيڙيءَ تي ٽپي
ويا.
]ملا
شهاب الدين[. مٿئين ملا آجب جو فرزند، پنهنجي وقت ۾ صالح، توفيق جو صاحب ۽
نهايت نڪته رس ٿي رهيو.
]ملا
يوسف[. کانئس پوءِ ملا يوسف فقيري ۽ توڪل ۾ معرفت جي مصر جو عزيز
سندس جاءِ نشين ٿيو.
] مخدوم فضل الله[. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ مخدوم فضل الله هڪ بي ريا درويش ۽
وڏن جي طريقي تي هلندڙ هو، جو حياتيءَ جا ڏينهن
پنهنجي حالت کي لڪائي گذاري ويو.
]
شاهه عنايت الله صوفي[. سندس فرزند رشيد، حق کي سڃاڻندڙ پير، شريعت جو بنياد، مرشدن
جو مرشد، پنهنجي وقت جو ولي ۽ الله جي درگاه جو
مقبول شاهه عنايت الله صوفي، اوائل ۾ حق جي ڳولا ۾
ڏاڍو سير ۽ سفر ڪيو ۽ گهڻي وقت کان پوءِ وڃي دکن ۾
شاهه عبدالملڪ سان مليو. انهيءَ بزرگن جي بزرگ
وٽان هو انهيءَ درجي کي پهتو جنهن جي مختصر بيان
کان به زبان قاصر ۽ عاجز آهي.
]169[ پير جي حڪم موجب سخت رياضتون ڪيون هئائين. ظاهري علم شاهه غلام
محمد وٽان، جنهن سندن (مرشد) جي اجازت سان شاهجهان
آباد ۾ فقيريءَ جي گاديءَ کي وقت جي پيرن کان
اعليٰ ۽ اُتم درجي تي رسايو هو، ڪيائين. شاهه غلام
محمد جنهن جو ظاهري
]
علم[
جي تحـصيل جي عيوض
]
هيءُ[
مرشد ٿي چڪو هو، تنهن جي اچڻ کان پوءِ، شاهه
عبدالملڪ جي خدمت مان معرفت جي اعليٰ درجي تي پهچي
وڃڻ جي اجازت حاصل ڪري، ڪجهه وقت کان پوءِ اچي ٺٽي
۾ وارد ٿيا. شاهه غلام محمد جيڪو هن مرشدن جي مرشد
جي ذريعي ڪمال جي چوٽيءَ تي پهچي چڪو هو، سو
پنهنجي مرشد کي ظاهري معبود مقرر ڪري، حضرت شاهه
عنايت الله جي خدمت ۾ اهڙو ته عاجزيءَ ۽ نياز جو
رستو وٺي هلندو هو، جو ٺٽي جي عالمن کيس تعزير
لاءِ شريعت جي ڪورٽ ۾ حاضر ڪرايو. جيئن ته خدا
وارن کي هميشه
]ظاهر جي[
عالمن کان تڪليفون پهچنديون آهن تنهن ڪري
]
هيءُ به[
پنهنجي مرشد شاهه عنايت الله جي اڳيان سجدهء تعظيم
بجا آڻڻ ڪري ظاهر وارن جو طعنو يعني شرعي تعزير
جهلي ارشاد موجب
] شاهه[ جهان آباد هليو ويو ۽ اتي ڪيترو وقت فقيريءَ جي خانقاهه کي
روشن ڪرڻ کان پوءِ گذاري ويو. سندس خدمتن مان
هزارين ماڻهو واصل بالله ٿيا.
هن کان پوءِ شاهه عنايت الله ميران پور ۾، جو جهوڪ
جي نالي سان مشهور آهي، رهي پيري مريديءَ جو غلغلو
شروع ڪيو. هن جي محض فقرن جي جماعت ڪن سلسلسن جي
پيرن جي اک ۾ ڪنڊي وانگيان چڀڻ لڳي.
]نيٺ[
انهيءَ ملڪ جي زميندارن جهڙوڪ: پليجاڻي جو زميندار
نور محمد ولد منبه ولد راڌو ولد بابو پليجو ۽ حمل
بن لاکو بن حمل بن لاکو، سيد عبدالڪريم عليہ
الرحمة جي پوٽن جهڙوڪ سيد عبدالواسع ولد سيد
عبدالغني ولد سيد عبدالدليل ولد سيد دين محمد ولد
سيد عبدالڪريم، سان صلاحڪار ٿي، فقيرن سان جهڳڙو ۽
کؤنس بازي شروع ڪئي ۽ ڪنهن وقت فقيرن تي اُوچتو
حملو ڪيائون جنهن ۾ الله وارن جو هڪ وڏو ٽولو
مخدوم تان قربان ٿي ويو. شهيدن جا وارث جهان پناهه
جي حـضور ۾ دانهين ويا ۽ بادشاهي قانون موجب هنن
(قاتلن) جي زمين سندن حوالي ٿي. ڪيئي غريب ۽ ٻيا
ماڻهو هندوستاني ڪامورن جي ظلم کان
] ڀڄي اچي[ فقيرن جي امن واري دامن هيٺ آباد ٿيا. جيئن ته
]
حديث شريف[
"اشد البلاء علي الانبيا ثم اولياء ثم امثل ثم
امثل" (سخت ۾ سخت آزمائشون نبين تي اينديون آهن،
تنهن کان پوءِ ولين تي، تنهن کان پوءِ، انهن جهڙن
تي، تنهن کان پوءِ انهن جهڙن تي) جي هن جي تقاضا
موجب هن ڪاملن جي ڪامل جي شهادت جو وقت اچي چڪو هو
تنهن ڪري هڪ دفعو وري به سڀني منحوس رهاڪن ٺٽي جي
حاڪم کي پاڻ سان شامل ڪري، فقير جي بغاوت
]جو بهانو[ ظاهر ڪري، بادشاهي درٻار مان بيخڪنيءَ جو حڪم جاري ڪرايو - ۽
جيئن حاڪمن جي بيان ۾ گذري آيو، سنڌ جي سڀني پرڳڻن
جون فوجون گڏ ڪري مٿس ڪاهي آيا ۽ کيس سن 1130هه ۾
شهادت جي درجي تي رسايائون - هزارين فقير اچي حاضر
ٿيا ۽ پنهنجي مرشد جي شهادت جي شمع تي پرواني
وانگيان قربان ٿيا.
شاهه عزت الله. هن شيخ شهيد جو ناميارو فرزند شاهه
عزت الله نهايت هدايت ۽ بزرگيءَ سان رهي سن 1186هه
۾ آخرت جو رستو وٺي روانو ٿيو.
شاهه سلام الله. شاهه سلام الله پڻ هن وڻ جو ميوو
آهي. هن ڪيئي سال رڻ پٽ ۾ سمر کان سواءِ مستيءَ جي
حالت ۾ رياضتون ڪندي گذاريا -
]170[
ٿورن سالن کان ڪجهه سمجهه سان
ٿيو آهي - پر مشهوري پسند نه ڪيائين جنهنڪري شهرن
۾ قدم نه رکيائين.
]
انهيءَ هوندي به[
سندس فدائين جي هڪ ٽولي سکن تي ڏکن کي ترجيح ڏيئي.
سندس دامن هٿا نه ڇڏي - کانئس ڏاڍيون ڪرامتون
ٿينديون هيون. جنهن وقت ۾ ميان غلام شاهه خان ۽
محمد عطر خان ٻئي ڀائر پاڻ ۾ ملڪ تي وڙهي رهيا
هئا، تڏهن ڪنهن ماڻهوءَ سندن تڪرار جو احوال
ڪهاڻيءَ طور سندس حضور ۾ بيان ڪيو. پاڻ فرمايائين
ته تاج جو مالڪ غين (غلام شاه) آهي. باوجوديڪ ڪنهن
به عقلمند کي ويساهه نه ٿي آيو پر تنهن هوندي به
ٿورڙو وقت ئي ڪينَ گذريو ته غلام شاهه خان ملڪ جو
وارث ٿيو - اهڙيءَ طرح جيڪي به سندس زبان مان
نڪرندو هو سو تقدير سان پورو ٿيندو هو - ڪڏهن ڪڏهن
ڪنهن به پڇندڙ جي سوال کان سواءِ سندس زبان ڪرامت
بيان مان تنبيهه طور ڪي جملا نڪري ويندا هئا جن
مان ايندڙ وقت جا حالات معلوم ٿيندا هئا ۽ جيئن
چوندو هو تيئن ٿيندو هو. تقديراَ َ هن کان ٿورو
وقت اڳي ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو.
]ميان
محمد زاهد[. هاڻي خدا آگاه مرشد، شاهه ابراهيم صوفيءَ جو فرزند ميان محمد
زاهد شاهه عزت الله جي فرزنديءَ جي تعلق سببان
صوفي خاندان جي شمع روشن ڪري رهيو آهي.
هن خامڪار جو قلم هن خاندان جي بزرگيءَ جي وصفن جو
بيان ڇا ڪري ڇا ڪندو. باوجوديڪ هزارين مريد مرشد
جي شهادت واري فساد ۾ ڪم آيا ۽ هن خاندان جو ڪو به
فرد مشائخيءَ کي پسند نه ٿو ڪري تڏهن به سنڌ ۾
هزارين مريد ظاهر توڙي مخفي موجود آهن - ٻين ملڪن
۾ پڻ هن گهراڻي جي توسل جي برڪت سان وڏا وڏا مشائخ
ڪماليت جا صاحب بڻجي پيا آهن.
اپلان
بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي. هتي جي رهاڪن
کي اپلان جي قوم چوندا هئا. شاهه عالم پرچي جو
اڳتي مذڪور ٿيندو، هن سرزمين جو آهي.
درويش احمد. قوم جو رونجهو، سيد عبدالڪريم جو همصر
۽ بزرگيءَ ۽ ڪمال ۾ ولين جي لسٽ ۾ داخل آهي.
هٽڙي
پڻ بٺوري پرڳڻي جو هڪ ڳوٺ آهي.
قاضي حسن. وڏو عالم، سير ۽ سلوڪ جو صاحب ۽ سيد
عبدالڪريم جو همعصر آهي.
درويش صابر سومرو. مخدوم نوح رحمته الله عليه جي
فيض جي نظر جو خاص نوازيل ۽ ڪمال وارن جي خوبين
سان موصوف آهي.
دٻي
پڻ بٺوري پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي.
درويش جوڻو. بزرگيءَ ۽ ولايت ۾ مشهور آهي. سيد
عبدالڪريم جو همعصر هو.
راهوٽ
هڪ مشهور ڳوٺ جو نالو آهي.
مخدوم صدرالدين راهوٽي. هڪ عالم، ڪامل ۽ علمن جو
جامع ٿي گذريو آهي.
مولانا ضياءُ الدين. سندس پٽ مولانا ضياءُ الدين
وهبي خواه درسي علمن جو جامع ۽ مرزا شاهه حسن جو
همعصر هو. پهريائين تعليم ۽ تدريس
]
ڏنائين پر[
پڇاڙيءَ ۾ گوشه نشين ٿي ويهي رهيو ۽ خلق جي پاڻ وٽ
آمد رفت جو دروازو بند رکي گذاري ويو.
شيخ عبداللطيف. عقلي خواه نقلي علمن ۾ هڪ متبحر
عالم ٿي گذريو آهي. مٿئين مولانا ضياءُ الدين جو
همعصر ٿو ڏسجي.
دائرو
درڪ پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي.
مخدوم حسن هر پره. بلند درجن جو مالڪ آهي. نقل آهي
ته هڪ ڏينهن وجد جي حالت ۾ پيغمبر صلي الله عليه
وسلم جي حضور ۾ وڃي پهتو. هڪ ماڻهو خوشبوءِ جو ذرو
آنحضرت صلي الله عليه وسلم وٽ تحفو کڻي آيو. حضرت
رسالت مآب هن کي انهيءَ جي وراهڻ جو حڪم فرمايو.
انهيءَ وقت انهيءَ خوشبوءِ جو ڪاغذ مٿي تي مهٽيو
هئائين. چون ٿا ته حياتي پوري ٿيڻ تائين اها
خوشبوءِ مٿي ۾ هوندي هيس.
بـُـلڙي
هڪ مشهور ڳوٺ جو نالو آهي.
سيد ابراهيم شاهه. مشهور پير پرڏيهي - سندس قبر
بلڙيءَ جي ڳوٺ جي آسپاس آهي. هن جي قبر جي چوڌاري
]171[ گهڻا وڻ آهن جيڪو به ساهه وارو انهن جي پن کي هٿ لائيندو هو سو
هڪدم مري ويندو هو. سيد عبدالڪريم سندس قبر جي
مٿان اچي چيو ته جيڪي ماڻهو جيئرا آهن سي نفس ٿا
مارين ۽ تون، جو مئل آهين، سو وري جيئرا ٿو مارين.
چون ٿا ته انهيءَ ڏينهن کان وٺي انهيءَ بزرگ مان
اها جلالي نڪري ويئي.
سيد جلال. سيد عبدالڪريم جو وڏو ڀاءُ وقت جو عارف
هو. ڀاءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو. سيد عبدالڪريم
کان نقل آهي ته: ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ساڻس گڏ کائي
رهيو هوس ته اوچتو کاڌي جي ٿالهي غائب ٿي ويئي.
منهنجو ڀاءُ هڪدم ڳوٺ کان ٻاهر نڪري ويو ۽ وڻن جي
وچ مان اها ٿالهي کڻي آيو. اها حالت ڪيترا دفعا
ٿي. ظاهر ۾ معلوم ٿو ٿئي ته ٿالهيءَ جو کڻي ويندڙ
ڪو جن هوندو.
سيد عبدالڪريم. ولد سيدالله مٽياري سيدن مان هو.
سندس ولادت سن 944 ۾ ٿي. پهريائين سخت رياضتن ۾
گذاريائين جهڙوڪ صبح جو مسجد ۾ ٻانگ چئي جماعت جي
گڏ ٿيڻ تائين وظيفن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. نماز
پڙهڻ کان پوءِ به اشراق تائين اهڙي نموني سان وقت
گذاري گهر تشريف آڻيندو هو ۽ گهر جو ڪاروبار جهڙوڪ
]ماني[ پچائڻ، کارائڻ وغيره جو پورو ڪرڻ کان پوءِ گدائي ڪري فقيرن کي
ڍؤ ڪرائي، هر مٿي تي رکي، ڏاند ڪاهي، ٻنيءَ ۾
ويندو هو ۽ سج لڙڻ تائين وقت هر ڪاهڻ ۾ گذاري،
ڏاندن جو گاهه لڻي گهر ايندو هو. پوءِ ڏاندن کي
گاهه وجهي ٻپهريءَ جي نماز جي تياري ڪندو هو. ٻانگ
ڏيئي نماز جماعت سان پڙهي وري دستور موجب ٻنيءَ ۾
وڃي ڏاندن جو گاهه لڻندو هو ۽ ڏاندن کي پاڻي پياري
موٽي ايندو هو.
]
تنهن کان پوءِ[
ٽپهري، سانجهي ۽ سومهڻيءَ جي
نماز پڙهي، گهر جي ڪم ڪار ۽ فقيرن کي گدائي ڪري
کارائڻ کان واندو ٿي پنهنجي ڳوٺ کان راهوٽ جي ڳوٺ
ڏانهن نڪرندو هو. رستي ۾ سڀ ڪنهن ڳوٺ جي مسجدن جو
پاڻي ۽ ڀترن جي خبرچار لهي، ستلن جي خدمت ڪري اتان
اڳتي وڌندو هو سڌو ٺٽي تائين. مسجدن جي اهڙي طرح
سنڀال ڪندو، سامو ئي واهه تري سڄيءَ مڪليءَ جي
زيارت ڪري، ٺٽي جي شهر ۾ دستور موجب مسجدن جي خدمت
ڪري وڃي پير پٺي جي زيارت ڪندو هو. اتان وٺي هر هڪ
ڳوٺ جي ساڳيءَ طرح مسجدن جي خدمت بجا آڻيندو، باک
ڦٽيءَ مهل اچي پنهنجي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندو هو ۽ اچي
اول وقت ۾ مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو هو. ماڻهو خيال ڪندا
هئا ته شايد سيد کي ننڊ نٿي اچي جو ههڙو سويل بانگ
ٿو ڏئي - ڪنهن کي به هن سير ۽ سلوڪ جي، جو پنهنجي
جاءِ تي هڪ ڪرامت آهي، خبر نه هوندي هئي. ڪيئي سال
انهيءَ دستور گذاري انهيءَ درجي تي پهتو جنهن تي
پهتو. تهجد جي پهرئين رڪعت ۾ ايڏو ته گريه ۽
بيخودي مٿس غالب ٿي ويندي هئي، جو پرهه ڦٽڻ تائين
سامت ۾ نه ايندو هو ۽ کيس ٻي رڪعت هٿ ڪانه ايندي
هئي. پاڻ تعجب فرمائيندو هو ته ماڻهو تهجد ڪيئن ٿا
ادا ڪن. قصو مختصر ته سندن ڪرامتون ۽ بلند مقامات
حد ۽ حساب کان ٻاهر آهن - ڪتاب بيان العارفين ۽
تنبيہ الغافلين انهن مان ڪن ٿورين سان ڀريل آهي.
سيد محمد يوسف رضوي بکري، مخدوم نوح، مخدوم آدم
سميجو ڪلي ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽ ٻين وڏن وڏن مشائخن سان
صحبتون ڪري فيض پرايو هئائين. حضرت مخدوم نوح عليه
الرحمته وٽان ڏاڍو فائدو حاصل ڪري، سندس اشاري
موجب وڃي مٿيئن جاءِ تي رهيو هو. سندس وفات سن
1030 ۾ ٿي.
کين اٺ فرزند هئا. 1 - سيد للو، جنهن تي ڏاڏي
بزرگوار جو نالو رکيل هو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو.
]172[. 2- سيد عبدالرحيم - ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح رحمته الله
عليه چيو هو ته هن جي ڄمڻ ۽ وڏي ٿيڻ تي خدا جو شڪر
بجا آندم ۽ چيم ته الحمدلله جو سيد عبدالڪريم ثاني
پيدا ٿيو. آهي. اتفاقاَ َ پيءَ جي حياتيءَ ۾ گذاري
ويو. وڏي درجي جو صاحب هو. 3 - سيد جلال - هن تي
چاچي بزرگوار جو نالو رکيل هو جو مٿي بيان ٿي آيو.
پنهنجي وقت جو عابد پيدا ٿيو هو. پيءُ جي حياتيءَ
۾ هڪ ڏينهن هالن کان موٽيو ٿي آيو ته کيس چورن
شهيد ڪري ڇڏيو. 4 - سيد برهان - شاندار ڪماليتن جو
هڪ برهان پيدا ٿيو هو. خدا تعاليٰ کيس ڏاڍي قوت
عطا ڪئي هئي. هيءُ پڻ پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري
ويو. 5 - سيد للو ثاني - مٿس ڏاڏي ۽ ڀاءُ جو نالو
رکيو ويو. هڪ مجذوب سالڪ پيدا ٿيو هو ۽ سير و
سياحت ۾ مشغول رهندو هو. پيءُ کان پوءِ پڻ ڪجهه
وقت جيئرو هو. 6 - سيد دين محمد - پيءُ جي ڏينهن ۾
گوشي ۾ گذاريندو هو. نهايت شان شوڪت ۽ بي پرواهيءَ
جو مالڪ هو ۽ جيئن اڳتي ايندو، پيءُ کان پوءِ سندس
جانشين ٿيو. 7- سيد محمد حسين - پيءُ هن کي خادم
الفقرا جو لقب ڏنو هو ۽ خادمن کي چئي ڇڏيو هئائين
ته جنهن وقت دعا جي ضرور پئيوَ ته هن کي عرض ڪجو.
8- سيد عبدالقدوس- ننڍپڻ ۾ پيءُ جي هٿن ۾ گذاري
ويو. سيد عبدالڪريم سندس بابت چيو هو ته خدا
تعاليٰ کان گهريو اٿم ته اهڙو پٽ عطا ڪري جنهن کان
خدائي ڳالهيون پڇان. چون ٿا ته هو راند ڪرڻ وقت
ٻارن کي گڏ ڪري، حلقو ٻڌي ذڪر کي لڳي ويندو هو.
]سيد
دين محمد[. سيد عبدالڪريم وفات وقت پنهنجي سڳوري پٽ سيد دين محمد کي سڏي
ولايت جي امانت سندس حوالي ڪئي. جيئن ته هو انهيءَ
کان اڳ ڪپڙن جو شوقين هو، سو پيءُ کان پوءِ مٿو
ڪوڙائي، ڪفن ڍڪي، ڪاري چادر ڪلهن تي پهري سجاده
نشيني جي گاديءَ تي ٿي ويٺو ۽ پيءُ جو نالو هر
نموني جي بزرگيءَ ۽ عزت ۾ قائم رکيائين.
]سيد
عبدالدليل[. انهيءَ کان پوءِ سندس سڳورو فرزند سيد عبدالدليل وڏن جي
گاديءَ تي ويٺو ۽ هدايت جو رستو ڏيکاريندو رهيو.
]سيد
عبدالغني[. کانئس پوءِ هن جو فرزند رشيد، فقيري ۽ هدايت جي دولت جو مالڪ
پنهنجي بزرگن جو جانشين ٿيو.
]سيد
عبدالواسع[. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد عبدالواسع وڏن جي مسند تي ويٺو.
]سيد
محمد زمان[. سندس انتقال کان پوءِ سيد محمد زمان ڏاڏي جي مزار پر انوار جي
مسند جو سنڀاليندڙ ٿيو ۽ پنهنجي وقت ۾ نالو پيدا
ڪيائين.
]سيد
مقيم شاهه[. تنهن کان پوءِ سيد مقيم شاهه وڏن جي مصلي جو وارث هو.
]سيد
عبدالواسع[. هاڻي سيد عبدالواسع ولد سيد محمد زمان وڏن جو گادي نشين آهي.
سيد حبيب شاهه. سيد عبدالڪريم جي پاڪ اولاد مان
آهي. سدائين وجد ۽ حال جو صاحب هوندو هو ۽ نهايت
استغراق جي حالت ۾ رهندو هو. چون ٿا ته گهڻو ڪري
ائين ٿيندو هو جو سندن نامي گرامي فرزند سيد
عبداللطيف، جنهن جو بيان مٿي گذري آيو، سندن خدمت
۾ حاضر ٿي اچي ڳالهه ٻولهه ڪندو هو ته پاڻ
فرمائيندا هئا ته "تون ڪير آهين؟" هو (شاهه
عبداللطيف) ورائيندو هو ته "توهان جو غلام
عبداللطيف آهيان". پاڻ فرمائيندا هئا ته مون "ڪو
نه ٻڌو". سندس وفات جي تاريخ هن جملي مان نڪري ٿي.
"الموت جسريو صل الحبيب الي لقاء الحبيب" (موت هڪ
پل آهي جا دوست کي دوست جي ديدار ڏانهن پهچائي ٿي)
هي تاريخ مخدم محمد صادق نقشبنديءَ جي ڪڍيل آهي. ۽
] هجري سن موجب سنه 155هه نڪري ٿو[ سندس سڳوري فرزند سيد عبداللطيف ڀٽ ڌڻيءَ جو بيان مٿي گذري
آيو.
]درس
محمد امين[. درس محمد امين - لقب نانڪ - بهرامپور جي سرزمين تي رهندڙ هڪ
پير هو. هي هڪ وڏو بزرگ، ڪرامتن ۽ رياضتن جو صاحب،
برگزيدو ۽ نيڪ هو.
]سيد
جمن نانگو[. هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي
]173[ پنهنجي ڀائٽي سيد جمن نانگي کي پنهنجو قائم مقام ڪيو هو. هو پڻ
حال جو صاحب آهي.
]سيد
سماهبو[. مٿئين سيد امين محمد جو ڀاڻيجو سيد سماهبو روپاهه جي پرڳڻي ۾
ڀين جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو ۽ مشهور ڪرامتن جو ڌڻي آهي.
ڳاهوٽ
مشهور ڳوٺ آهي.
]هيٺيان
ماڻهو[ اتي جا آهن.
]حسن
ستيو[. هڪ ڪامل ولي هو - هڪ ڏينهن وڻ هيٺان ويٺو هو. ڪنهن ٽاريءَ تان
جهرڪيءَ وٺ اڇلائي جا اچي فقر تي پيئي. جهرڪي
انهيءَ وقت مري ويئي ۽ اچي پٽ تي ڪري. ويٺلن چيو
ته جهرڪيءَ جي مرڻ جو سبب تون آهين. چيائين ته مون
کي خبر ڪا نه آهي پر خدا جو شڪر آهي جو هن، انهيءَ
پکيءَ جي ايتري گستاخي به برداشت نه ڪئي. هڪڙي
ڏينهن ڪنهن عالم کان پڇيائين ته "بهشت ۾ سماع
هوندو" عالم وراڻيو ته "نه" فقير چيو ته پوءِ اسان
جو بهشت سان ڪهڙو ڪم؟
منڇر
ٺٽي جو تابع هڪ پرڳڻو آهي. اتي جي بزرگن مان هڪ
مرد (1)
نهايت ڪامل فقير ٿي گذريو آهي. جنهن ۾ ماڻهن جو
اعتقاد هوندو هو. سندس مزار اُتي معتقدن لاءِ
مشهور زيارتگاهه آهي.
]مير
ڪمال الله[. مير ڪمال الله مهدوي ميران مهديءَ (سيد محمد مهدي) جو پوٽو
هو. چون ٿا ته جڏهن سيد ڪمال الدين ڄائو هو ۽ سيد
ميران هن کي ڏسي پڇيو هو ته هن جو نالو ڇا آهي
تڏهن کيس ٻڌايائون ته لالن. فرمايائين ته هيءُ
لالن پالڪيءَ ۾ وهندو ڇاڪاڻ ته هيءُ هڪ بزرگ ماڻهو
ٿو ڏسڻ م اچي. آخر هو فاضل خان جي ناٺي هجڻ جي
برڪت سان جيڪي ٿيو سو ڏيهن ڏٺو.
]سيد
عبدالحليم[. سيد ڪمال الدين جو پٽ سيد عبدالحليم پڻ هڪ برڪت ڀريو پيدا
ٿيو. سندس اولاد جت تعلقي ڪڪرالي جي سرزمين ۾
رهندا آهن.
سيد محمد. مٿئين سيد ميران جو نياڻو هو ۽ ڪرامت جو
صاحب رهي گذاري ويو.
]سيد
عبدالرحيم[. سندس فرد سيد عبدالرحيم پڻ هڪ جماعت جو مرشد هو.
]سيد
ڪريم ڏنو[. سيد ڪريم ڏنو پڻ وڏن جي قدم تي هلڻ وارو ۽ سهڻين عادتن سان
سينگاريل آهي. هاڻي سيد ڪريم ڏني جا پٽ سيد ستار
ڏنو(1)
.... جت تعلقي ڪڪرالي جي زمين ۾ رهن ٿا.
ڪڪرالہ
سمنڊ جي ڪناري سان لاڳيتي هڪ سرزمين جو نالو آهي.
جا اصل سنڌ جي حڪومت ۾ داخل هئي، پر پوءِ ڊگهو
عرصو سمن ڄامن جي هٿ هيٺ رهي. آخر ميان غلام شاهه
خان جي حڪومت جي ڏينهن ۾ وري موٽي ملي. هن زمين ۾
ڪيئي بزرگ آهن جن مان ڪي
]
هيٺ ڏجن ٿا[.
درويش صالح. شاندار ڪرامتن سان مشهور آهي. سن هزار
هجريءَ کان اڳ ٿي گذريو آهي.
پير لاکو. پکار جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي. جيڪو به
سندس قبر تي ڪوڙو قسم کڻندو هو ته رت ٿي ڇڙندو هو.
سيد عبدالڪريم (بلڙيءَ وارو) سندس قبر تي اچي چيو
ته "اي لاکا! ماڻهن حياتيءَ ۾ شوخي ۽ ڪاوڙ ڇڏي
ڏني، پر تون مرڻ کان پوءِ به نٿو ڇڏين". انهيءَ
کان پوءِ اڄ تائين جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوڏر کڻي اچي
سندس قبر ٿو کوٽي يا ڊاهي ته به کيس ڪا تڪليف نٿي
پهچي.
شيخ اسماعيل. آڳاٽو پير، کليل ڪرامتن جو صاحب، اتي
آرامي آهي. ديري جي اڪثر ماڻهن جو مقام اتي آهي.
پير ڪومن:
(1) ديري کين الهندي طرف خدا وارن جي زيارت
گاهه آهي.
شيخ راڄن: شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي اولاد مان
آهي. ڪڪرالي جا سڀئي ڄام سندس مريد آهن. ۽ سندس
اولاد مان گهڻن کي سڱ ڏنا اٿن. سندس اولاد
پيرزادگيءَ جي هدايت سان موجود آهي.
شيخ مغل ڀين: ناليرو ۽ کليل ڪرامتن جو ڌڻي، بزرگ
آهي. هڪ دنيا سندس مريد آهي. سندس مزار ديري کان
اڀرندي طرف ستن اٺن ڪوهن تي مشهور آهي.
شيخ ابڙو هالاڻي: هڪ قديم پير، مغل ڀين جي ڳوٺ کان
اٽڪل ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي هڪ جدا ڳوٺ ۾ آرامي
آهي.
پير ڪجريو: کاري جي سرزمين ۾ سمنڊ جي ڪناري هڪ ڳوٺ
۾، جو سندس نالي پويان سڏجي ٿو، عام ماڻهن جي
زيارتگاهه آهي. جتي عام خاص ماڻهن جا مطلب پورا
ٿين ٿا.
شيخ لال. کاري جي زمين جو هڪ قديم ولي ۽ مشهور
ميلي جو مالڪ آهي.
مخدوم جلال محمد. وڏو عالم، تقرير ۽ تحرير جو ڌڻي،
پنهنجي زماني ۾ بينظير ٿي گذريو آهي. هن جهڙو سڀني
علمن جو جامع ٻيو ڪونه هو. مخدوم محمد معين ٺٽوي
هن کي اڪثر عالمن تي نهايت فوقيت ڏيندو هو. هو هڪ
وڏو عالم هو. تاهم نجوم ۽ طب جي علم ۾ بقراط ثاني
۽ بو علي اول هو. ايڏي ڪمال هوندي به عام ماڻهن
جيان نهايت سادگيءَ سان حياتي گذاريندو هو. ۽
دولتمندن کي ڪنهن به وقت پاڻ ڏانهن رجوع ٿيڻ جو
موقعو نه ڏيندو هو. تازو ڪي ٿورا سال ٿيندا جو
گذاري ويو آهي.
مخفي نه رهي ته ڪڪرالي جي بزرگن مان هي ڪي ٿورا
نالا، جن جو بيان ٿي گذريو
]174[
سي درياءَ جي پرئين ڀرسان تعلق رکن ٿا. هاڻي
اورئين ڀر جي بزرگن جي نالن سان تبرڪ ورتو وڃي ٿو.
]قاضي
قطب الدين[. قاضي قطب الدين اصل ٺٽي جا ماڻهو آهن. ڪن پيڙهين کان ڪڪرالي
جي قضا جا مالڪ ٿيا ۽ درياءَ جي اوريئن ڀر اورنگا
بندر ۾ رهڻ لڳا.
]قاضي
محمد شريف[. کانئس پوءِ سندس پٽ قاضي محمد شريف شريعت جي گاديءَ کي
سينگاريو.
]قاضي
هدايت الله ۽ ٻيا[. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ قاضي هدايت الله، تنهن کان پوءِ هن
جو ڀاءُ قاضي محمد فاضل شريعت جي پابندي ۽ ڏاڍي
عزت سان مٿين خدمت
]
بجا آڻيندا رهيا[
سڀ بزرگ خاص رنگ ۽ خوبين جا مالڪ هئا. هاڻي اتي
قاضي محمد فاضل جي اولاد موجود آهي. پر جنهن صورت
۾ قاضي محمد فاضل جي اولاد صغير آهي تنهنڪري اها
(قضا واري) خدمت ٻين جي هٿ چڙهي ويئي آهي. ڪن ٽڪرن
۾ هي برائي نام قاضي آهن جن ۾ قاضي محمد فاضل جي
فرزند قاضي محمد خليل جو نالو آهي.
حاجي قائم الدين. گهڻو عرصو بغداد ۾ گذاري، پيرن
جي خدمت ڪري، پيران پير جي خلافت جي ذريعي ڪڪرالي
۾ آيو ۽ اچي اورنگا بندر ۾ رهيو. پنهنجي وقت جو
وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي.
]ميان
ڪبير محمد ۽ ميان پير محمد[. سندس پٽ ميان ڪبير محمد هو. انهيءَ کان پوءِ هاڻي ميان پير
محمد سندس اولاد مان باقي آهي ۽ ڏاڍو هدايت وارو
آهي.
درويش گل شاهه. قلندرانه مشرب رکندو هو ۽ ولايت جو
صاحب هو. اورنگا بندر ۾ گذاري ويو.
]شيخ
رحمت الله[. شيخ رحمت الله پڻ نهايت سالڪ مرد هو. اصل هندوستان جو هو.
پوءِ اچي اورنگا بندر ۾ رهي گذاري ويو. سندس تربت
عام ماڻهن لاءِ زيارتگاهه هئي. هاڻي درياءُ پائي
ويو آهي.
]شيخ
محمود[. هڪ ناليرو بزرگ، دريا جي اورينءَ ڀر آراميل آهي.
]سندس مزار[.اڀن شاهه جي ڏکڻ طرف عام ماڻهن لاءِ مشهور زيارت گاهه آهي.
سيد يقيق. هڪ مشهور معروف بزرگ اورنگا بندر کان
اٽڪل ڇهه ڪوهه اتر طرف دفن ٿيل آهي. سندس درگاهه
تي حاجتون پوريون ٿين ٿيون ۽ هر قسم جي بيمارن
لاءِ
]
گويا ڪ[
ڪرامت جو شفاخانو آهي.
ابن شاهه. شيخ بهاؤالدين ملتاني جي پيڙهيءَ مان،
شيخ اسماعيل قريشي، جنهن جو بيان بدين جي بزرگن ۾
ٿي آيو، جي اولاد مان ڏاڍو مشهور آهي.
]سندن مزار[ اورنگا بندر کان اٺن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ ٽڪريءَ تي آهي جا "اڀن
شاهه جي ٽڪري" جي نالي سان سڏجي ٿي: سندس اولاد
بهاؤالدين پور جي ڳوٺ ۾ رهي ٿي. ۽ انهن مان ناليرا
بزرگ پيدا ٿيا آهن.
]ابن
شاهه جو اولاد[. جهڙوڪ شيخ امام الدين، اڀن شاهه ثاني ۽ شيخ امام الدين ثاني.
جن مان هر هڪ ڪرامتن ۽ نشانن جو صاحب هو. ۽ شيخ
عليم الدين جي مائٽيءَ سبب ڪيترو عرصو ٺٽي ۾ رهيو
۽ ٻه پٽ شيخ صدر الدين ۽ شيخ بدرالدين ڇڏي ويو. جي
ٻئي سڳورا بهاؤالدين پور جي ڳوٺ ۾ لڏي آيا ۽ گذاري
ويا. شيخ عليم الدين جو ٽيون پٽ شيخ پني لڌو هن
وقت انهيءَ سلسلي جو پڳدار ۽ ڪامل مرشد زنده آهي.
شيخ صدرالدين جو پٽ شيخ مڱي لڌو پڻ هڪ وڏي درجي
وارو، ناميارو بزرگ هو. هاڻي گذاري ويو آهي. ڪو
اولاد ڪو نه ڇڏيو اٿس.
مخفي نه رهي ته جڏهن سيوهڻ تعلقي جي بزرگن جي ذڪر
کان پوءِ درياهه جي پرينءَ ڀر رهندڙ بزرگن جي بيان
کان فراغت حاصل ٿي تڏهن هاڻي درياهه جي اورينءَ
ڀر، ٺٽي تائين، رهندڙ بزرگن جو ذڪر شروع ڪريون ٿا.
|