]باب
پنجويهون
[
ٺٽي شهر جي الله وارن ۽ آسپاس جي اوليائن ۽ سالڪن
مجذوبن جو طبقو
(ٺٽي شهر جي) مشهور معروف الله وارن جو طبقو
هن ۾ ٽي باب آهن. پهريون باب انهن ڪن مکيه الله وارن جو بيان، جيڪي خود شهر
۾ ۽ انهيءَ جي آسپاس آرامي آهن.
سيد ڪمال شيرازي، سيد ملوڪ مازندراني ۽ شيخ يعقوب جي ٽن يارن مان هڪڙو يار
درس امين، جيڪي هن کان اڳ مناسب جاين تي بيان ٿيل
آهن، اگرچه خود ٺٽي ۽ آس پاس جي بزرگن ۾ داخل آهن.
پر خواه مخواه ڳالهه کي دهرائڻ مان فائدو نه ڏسي،
اڳئين بيان تي اڪتفا ڪئي ويئي.
سيد شاهه منبه: غوث الثقلين (پيران پير) جي اولاد مان آهي. هي سڳورو، سيد
ڪمال شيرازي، جنهن جو بيان ٿي آيو - ۽ سيد شاهه
عبدالله حسين - جو اڳتي بيان ٿيندو - شاهه بيگ
ارغون جي ڏينهن ۾ سيد شڪر الله شيرازيءَ سان گڏجي
ٺٽي آيا هئا. چئني بزرگن جي پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هئي.
انهن مان هن سڳوري جي قاضي سيد شڪر الله سان ڏاڍي
سنگت هوندي هئي. پاڙي جي ويجهڙائيءَ ڪري، جتي
هينئر آرامي آهي، اتي هڪ مريد جي گهر ۾ اچي رهيو ۽
پرهيزگار ۽ ڇڙو ڇڙمل رهي گذاري ويو.
سندس ڪرامتون ظاهر ۽ سندس مناقبن جون نشانيون مشهور آهن. هن جي زيارت عالم
خلق الله جي حاجت روائي ڪندڙ آهي. هن جي پيرانديءَ
۾ ماءُ ۽ پٽ جون ٻه قبرون آهن. جيڪي سندس خادم
هئا. جن جي گهر هيءُ بزرگ رهندو هو.
پير بدر: هڪ وڏو ولي ارغونن جي ڪاهه وقت شهيد ٿيل ۽ جتن جي پاڙي ۾ رهندڙ
مشهور معروف آهي. هن بزرگ جي بلند مرتبي متعلق
عجيب داستان ٻڌا ويا آهن. اڄ تائين سندس زيارت
ڪرامت کان خالي نه آهي.
پير عباس: درويش آجر جي وقت جو هڪ بزرگ آهي جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو. سندس
حالات عجيب ۽ ڪرامتون بي نظير آهن.
پير شاهي: ملڪ امان جي چوڪ جي سامهون،
]245[
جتي هاڻي دفن ٿيل آهي، اتي ئي گهر هوندو هوس، مرزا
عيسيٰ جي ڏينهن ۾ فرنگين جي لشڪر جي حملي ۾ شهيد
ٿيو.
شاهه مسڪين: هڪ ڪامل فقير ۽ ڪن جي چوڻ موجب هڪ عالي نسب سيد - جتي دفن ٿيل
آهي اتي ئي تڪيو هوندو هو. فرنگين جي فساد ۾ شريڪ
ٿي، خود ٺٽي شهر جي ڪمال جي صاحبن ۾ آرامي آهي. ۽
بزرگيءَ جي برتري ۽ ڪمالات جي فوقيت ۾ مشهور آهي.
ميان ابوالقاسم نقشبندي چوندو هو ته ٺٽي ۾ هن جهڙو
ڪامل بزرگ ٻيو ڪو دفن ٿيل ڪونه آهي. بيشڪ سندس
زيارت سان هر قسم جون مرادون پوريون ٿين ٿيون.
سيد محمود: سرهين جي محلي ۾ هڪ وڏو مشائخ ۽ عمدو ولي آهي.
چون ٿا ته پهرين سندس قبر ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي، هڪ ماڻهوءَ گهر ٺاهڻ جو ارادو
ڪيو، زمين کوٽيائون ته زمين ۾ اندر هڪ سالم جسم
دفن ٿيل ڏسڻ ۾ آين، انهيءَ ئي رات خواب ۾ معلوم
ٿين ته اهو بزرگ سيد محمود نالي هڪ اهل الله آهي.
انهيءَ وقت کان وٺي خلق الله جو زيارت گاهه آهي.
سيد محمود: هڪ وڏو ولي هو. اناج بازار جي اوڀر ۾ سندس مزار زيارت گاهه آهي.
هيءُ مٿئين سيد محمود کان ٻيو آهي، قاضين جو محلو
هن سڳوري جو خاص مريد آهي.
پير لاکهو: اصل قوم جو ڪنڀر وڏو صاحب حال جو بزرگ ٻجهي ٿو. ماڻهو سندس زيارت
نهايت تبرڪ جي خاطر بجا آڻيندا آهن.
محمد مڪائي نيرن ڪوٽي: اناج بازار ۾ آرامي آهي. وقت جو هڪ وڏو بزرگ ٻجهي ٿو.
ڪن جو عقيدو آهي ته هتي انهيءَ ساڳئي شيخ مڪائيءَ
جو ظهورو آهي، جنهن جي درگاهه نيرون ڪوٽ ۾ مشهور
آهي. بهرحال سندس زيارت حاجتمندن جي حاجتن پوري
ٿيڻ لاءِ هڪ عجيب وسيلو آهي.
پير لڌو: ويجهي زماني جو هڪ ولي آهي. هو گدا بازار جو هڪ دڪاندار هو ۽ ڪپاهه
وڪڻندو هو. دڪان تي هميشه پنهنجي اڳيان مٽيءَ جا
ٽڪرا رکندو هو ۽ جيڪو به مريض اها مٽي کائيندو هو
ته شفاياب ٿيندو هو. انهيءَ وقت جا الله وارا سندس
صحبت مان مرادون پائيندا هئا - تازو گذريو آهي -
هن کان ڪي سال اڳ سندس صحبتين مان ڪي ماڻهو ڏسبا
هئا. قصو ڪوتاهه، جڏهن وفات ڪيائين تڏهن وصيت موجب
کيس سندس دڪان ۾ دفن ڪيائون. تقديراً انهيءَ سال
مينهن وسڻ بند ٿي ويو. بدفال ماڻهو حاڪم کي چوڻ
لڳا ته انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن بزرگ جو شهر
جي اندر دفن ٿيڻ ئي برسات جي بند ٿيڻ جو سبب آهي.
انهيءَ تي حڪم ٿيو، ته سندس لاشي کي اتان ٽڪريءَ
ڏانهن کنيو وڃي. اتفاقاً جنهن صبح جو مزور قبر
ڊاهڻ لاءِ تيار ٿيا، انهيءَ جي رات تي اهڙو سٺو
مينهن وسيو جو بدفال ماڻهن جي زبان بند ٿي ويئي.
انهيءَ کان پوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ انهيءَ بزرگ سان
ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪئي. هاڻي سندس زيارت سوالين جي حاجت
روائيءَ جو سبب آهي.
سيد ابراهيم: تحقيق موجب مخدوم راجو قتال جو پوٽو آهي. چون ٿا ته سندس پيءُ
وٽ وڏن جي ورثي ۾ هڪ ڪاٺ جو پيالو هوندو هو، جو
جڏهن طعام يا پاڻيءَ سان ڀريندا هئا تڏهن انهيءَ
مان هزارين ماڻهو ڍاپندا هئا.
]سندس والد[
جي گذري وڃڻ کان پوءِ، خادم ساڳيو پيالو هن وٽ کڻي
آيا. هن اهو وٺي ڀڃي ڇڏيو. چيائونس: تو هي ڇا ڪيو،
وڏن جي نشاني هو. وراڻيائين: اسان ۽ توهان کي هن
مان رڳي مشهوريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا حاصل ٿيندو.
پوءِ اتان سفر ڪري ٺٽي ۾ گذاري ويو. سندس قبر
ڪشمشين جي محلي ۾ الهندي طرف مشهور آهي. ڪيئي بزرگ
هن جي زيارت مان فيضياب ٿيا هئا.
شاهه ڪرڪنج: هڪ مستانو فقير،، مغلواڙي جي اترئين ٻيلي جي ڪناري تي، جتي سندس
مزار آهي، اتي فقيراڻو تڪيو هوندو هوس. سيد احمد
شيرازي ڏاڍي ارادي سان سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو هو.
هن کيس وقت جي قطب سيد محمد مراد جي پيدا ٿيڻ جي
خبر ڏني هئي ۽ پاڻ کي انهيءَ ٻار جو مريد ظاهر ڪيو
هو. معتبرن کان ٻڌل آهي ته سيد احمد جڏهن سندس
خدمت ۾ ايندو هو تڏهن هيءُ ڏاڌي نياز سان سندس
تواضع بجا آڻيندو هو. جنهن وقت سيد مراد جو نطفو
هن کان ماءُ جي پيٽ ڏانهن منتقل ٿي ويو
]246[
تنهن کان پوءِ هيءُ پنهنجي جاءِ تان چرندو به ڪين
هو، ۽ چوندو هو ته منهنجو تواضع انهيءَ وقت جي قطب
سان هو جيڪو هاڻ تنهنجي پٺيءَ مان نڪري ويو آهي.
پوين ڏينهن ۾ سير ڪندي شهيد ٿي ويو ۽ پنهنجو سر
کڻي اچي انهيءَ جاءِ تي ڪريو جتي دفن ٿيل آهي.
جنهن تي کيس دفن ڪيائون - سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ
پوئين رات جو هڪ شينهن اچي پڇ سان سندس آستاني کي
ٻهاري ڏيندو هو. اتي جا رهندڙ خواه زيارتي اها
حالت ڪيڏي عرصي تائين ڏسندا رهيا.
شاهه شمس: هڪ حق سان واصل ۽ ڪامل مطلق بيپرواهه ۽ قلندرانه زندگي گذاريندڙ
هو. خدائي محبت جي جوش جي غلبي کان هڪ جاءِ آرام
ڪونه هوندو هوس. جذبي جي وقت کانئس عجيب ڪرامتون
صادر ٿينديون هيون ۽ ناياب مڪاشفن جا راز کلندا
هئا. شاهه ڪرڪنج جو صحبتي ۽ همعصر هو. نقل آهي ته
هو (شاهه ڪرڪنج) چوندو هو ته هيءُ شمس، شمس
تبريزيءَ کان هڪ قدم مٿي آهي. سندس مزار شاهه
ڪرڪنج عليه الرحمة جي پاڙي ۾ آهي.
پير ڇٽو: ميان لال ڇٽو، شاهه وجيہ الدين، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، جو پٽ ۽ شاهه
جميل جو مريد آهي. جيئن بيان ٿيندو، پاڻ کي جيئري
درياهه ۾ لڪائي ڇڏيو هئائين - هڪ مشهور جهونو بزرگ
آهي. سندس مزار ٺٽي جي اُڀرندي طرف ناليري آهي. هن
بزرگ جو ظهور ڪيترن ئي شهرن ۾ بلڪ خود ٺٽي ۾ پڻ ٻن
ٽن جاين تي آهي. انهن مان هڪڙي ٺٽي جي الهندي طرف
تندسر جي ڪناري تي آهي. ڪن جي چوڻ موجب هيءُ
(تندسر جي ڪناري وارو) بزرگ ساڳئي نالي سان ٻيو
بزرگ آهي. انهيءَ ڪري اتي علحده ميلو لڳندو آهي.
پير البو: اصلي نالو مارک اٿس، ڄام نظام الدين جو ناٺي هو. ظاهراً انهيءَ
بتخاني جي ڀڃڻ کان روڪڻ لاءِ آيو هو. جنهن جي جاءِ
تي مسجد صفه اڏائي ويئي آهي. هن سيد مراد شيرازيءَ
جو مريد ٿي، دنيا کي پوريءَ طرح ترڪ ڪري ڇڏيو. هڪ
ڏينهن مٿئين سيد جتي هو هن وقت دفن ٿيل آهي،
انهيءَ جاءِ تي بيٺل کٻڙ جي پاڙ جو ڏندڻ آڻڻ جو
حڪم ڏنس، هن اتي پهچي جتي به زمين ٿي کوٽي، اتي
وڏو خزانو ڏسڻ ۾ ٿي آيس، جڏهن ٻن ٽن جاين تي کوٽڻ
سان خزاني کان سواءِ ڪجهه به نظر نه آيس، تڏهن پير
جي خدمت ۾ موٽي اچي احوال عرض رکيائين. هن (پير)
فرمايس ته جيڪي ڏٺئي ٿي سو ڇو نه کڻي آئين؟ عرض
ڪيائين ته جڏهن انهيءَ کي ڇڏي ڏنو اٿم تڏهن منهنجو
انهيءَ سان ڪهڙو ڪم؟ انهيءَ تي کيس البو يعني بي
طمع جو خطاب ڏنائون. قصو ڪوتاهه، پير جي فيض ۽
پنهنجي سچي طلب جي برڪت سان وڏي درجي کي رسيو. هو
پير جي حياتي ۾ گذاري ويو ۽ الله وارن جي زيارت
گاهه بڻيو، سيد مراد رحمة الله عليه سندس زيارت تي
گهڻو ويندو هو.
پير بابو: اصل نالو ڪو ٻيو هوندو هوس. فقيرن جي صورت ۾ انهيءَ جاءِ تي تڪيه
۾ گذا ريندو هو، جتي دفن ٿيل آهي. ڪي چون ٿا ته
بخاري سيدن مان آهي ۽ ڪي کيس متعلوي (مٽياري) سيدن
ڏانهن منسوب سمجهن ٿا.
]بهرحال[
ناليرو ۽ ڪمال جو صاحب هو. هڪ ڏينهن کيس خبر پئي
ته سيد مراد شيرازي پير البي جي زيارت تي وڃي ٿو،
۽ هن رستي کان موٽندو، هو اڳ جهلي بيهي رهيو.
اتفاقاً سيد انهيءَ رستي کان ڪين موٽيو - هو پورو
هفتو بيٺو رهيو. سيد جڏهن وري پير البي جي زيارت
ڪري اچي سندس رستي کان لنگهيو ۽ ٻڌايائين ته هو
ستن ڏينهن کان سندس ديدار جي اميد رکيو بيٺو آهي،
تڏهن مٿس توجهه جي نظر ڪري سندس ڪم تڪميل کي
پهچائي فرمايائين: ته بيشڪ تون سچو بابو آهين يعني
بابو جهڙو آهين جو
]هڪ
هندو فقير[ مشهور رياضت ڪندڙ آهي. قصو ڪوتاهه سيد کيس مقصد پوري ڪرڻ لاءِ
ٿوري سير و سياحت جي هدايت فرمائي. هو بظاهر
ڪڪراله جي سرزمين ۾ سير ڪري رهيو هو ته ڪهيري قوم
جي هڪ جماعت کيس شهيد ڪري ڇڏيو. اتان پنهنجو سر هٿ
۾ کڻي پنهنجي آرام گاهه ڏانهن ڊوڙي آيو ۽ اتي پهچڻ
تي شهر جي ڪنهن ماڻهوءَ ڏسي وڃي ٻين کي ٻڌايو جنهن
تي اچي کيس دفن ڪيائون. سندس درگاهه زيارتين جو
مقصد ۽ عاشقن جو مطلب آهي.
پيردادن: هڪ وڏي ۾ وڏو پير ۽ ڪامل اوليا آهي. هڪ مٿي اگهاڙو، وارن کنڊريل ۽
تڪيه وارو فقير هو. ڪي چون ٿا ته سيد محمد يوسف
رضويءَ جو همعصر آهي ۽ ڪي چون ٿا ته انهيءَ کان
اڳي ٿي گذريو آهي. بهرحال مٿئين سيد جو پنهنجي
اولاد کي حڪم آهي: ته جيڪڏهن ڪنهن مشڪل وقت مون
تائين پهچي نه سگهو ته هن کان دعا جي مدد گهرجو.
بيشڪ سندس درگاهه سوالين جا مقصد پورا ڪندڙ آهي.
سيد ابراهيم: هڪ وڏي ۾ وڏو بزرگ
]بلڪ[
پيرن جو پير، ظاهراً بخاري، تندسر جي اورئين ڪناري
تي عام خلق جي زيارت گاهه ۽ وڏي طاقت جو صاحب ۽
زيارتين لاءِ بيمثل آهي.
حاجي شيخ بهاؤ الدين: شيخ بهاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان سمن جي
حڪومت جي ڏينهن ۾
]247[ حج تان موٽندي، ٺٽي پهچي، گذاري ويو. ظاهري فضيلت ۾ ڪمال جو
درجو رکندو هو ۽ عمدن مشائخن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪي
چون ٿا ته هو سيد علي شيرازيءَ جي مريدن مان آهي.
فضيلت ۽ شريعت جا صاحب سندس زيارت کي ڏاڍو پسند
ڪندا آهن ۽ مرادون ماڻيندا آهن.
پير لونگ: هو هڪ مشائخ ۽ ڪامل ولي، اڀرندي طرف هڪ ڪوهه پنڌ تي ببه لائي جي
ڳوٺ ۾ رهندڙ هو. انهيءَ جاءِ تي سندس مزار مريدن
جون مرادون پوريون ڪندڙ ۽ سوالين جا مشڪل حل ڪندڙ
آهي.
ڪي ماڻهو کيس شيخ جميل جو پٽ شمار ڪن ٿا ۽ انهيءَ شيخ جا سجاده نشين پنهنجو
نسب انهيءَ سان ملائين ٿا، پر معلوم ٿو ٿئي ته هو
شاهه جميل جو پٽيلو آهي. جيئن مذڪور ٿيندو. سندس
قبر به اتي آهي ۽ هتي سندس ظهوري جي جاءِ آهي.
درويش آچر: هڪ ڪمال جو صاحب بزرگ ببه لائي جي ويجهو، مشائخانه ڪمالات جو
صاحب ٿي گذريو آهي ۽ زيارتين جو مقصد آهي.
مخفي نه رهي ته ٺٽي جي آباد سرزمين ۽ ان جي آسپاس ۾ رڳو ايترا الله وارا
آباد ناهن جو هزار تي هڪڙي جو به بيان ڪري سگهجي.
قصو ڪوتاهه، شهر جي وچ جون اڪثر قبرون شهيدن جا
دفن گاهه آهن. جيئن جامع فرخ جي ٻاهران جيڪو شهيدن
جو گنج آهي، تنهن ۾ تيرهن سون کا زياده ماڻهو آهن،
جي سڀيئي نيڪ غير الله کان بيزار ۽ فرنگين جي هٿان
الله سان واصل ٿيل آهن. اميربيگ جي بازار وارو
شهيدن جو گنج پڻ اٽڪل ڪجهه سون ماڻهن تي مشتمل
آهي. اتي جا خدا وارا پڻ گهڻو ڪري، ساڳئي فساد ۾
شهادت کي رسيا آهن. اهڙيءَ طرح شهر ۽ آسپاس جون
ٻيون قبرون سڀ الله وارن جون آهن - مگر راقم
الحروف، انهن سڀني جي احوال جي تحقيق نه هجڻ ڪري،
بزرگن جي نالن مان هن قدر تي اڪتفا ڪئي آهي.
جيڪڏهن ڪنهن پياري کي وڌيڪ توفيق ٿئي ته هن ڪتاب ۾
داخل ڪري عند ذڪر الصالحين تنزل الرحمت (صالحن جي
ذڪر وقت رحمت نازل ٿئي ٿي) جهڙو ثواب حاصل ڪري ۽
مؤلف کي ممنون فرمائي.
مڪليءَ تي آراميل اولياءَ الله مان ڪن ٿورن
جي بيان ۾
اگرچه ساموئيءَ جي بيان جي ابتدا کان وٺي مڪليءَ ٽڪريءَ ۽ ٺٽي متعلق پهريان
بيان سمورا انهيءَ شاندار ٽڪريءَ ڏانهن منسوب
بزرگن جا آهن. پر هتي حال جي صاحبن جي مرجع ۽ ڪمال
وارن جا ڪجهه نالا تبرڪاً ذڪر ڪجن ٿا. تمام ظاهر
آهي ته هن رحمت جي سرچشمي ٽڪريءَ ۽ ان جي آسپاس ۾
آرامي بزرگ قلم جي نوڪ ۽ زبان جي اشارن سان ڪڏهن
به چڱيءَ طرح بيان ڪونه ٿي سگهندا. تنهن هوندي به
بقول ”مالا يدرڪ کلہ لا يترڪ کـُـلہ“ (جا ڳالهه
سڄي پروڙي نه سگهجي ته سڄي ڇڏي به نه ڏجي) جيترو
تحقيق ٿي سگهيو آهي، ان تي اڪتفا ڪئي ويئي آهي.
جيڪڏهن ڪنهن سڳوري کي زياده تحقيق جي سعادت نصيب
ٿئي ته هن کي هن ثواب ۾ داخل ٿيڻ گهرجي.
شيخ نعمت الله: شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان هڪ وڏو بزرگ آهي.
سندس وجود مسعود نهايت ڪمال ۽ وڏين ڪرامتن جي برڪت
سان خدا جي خالص نعمت هو. سمن جي حڪومت جي ڏينهن ۾
ٺٽي ۾ آيو ۽ گذاري ويو. سندس درگاهه اتر طرف سندس
فرزند رشيد شيخ جي جي درگاهه جي پويان، اهل الله
جي زيارت گاهه آهي.
شيخ جيو: شيخ نعمت الله جو فرزند وڏو ولي ۽ عارف ڪامل آهي. ڪرامت جي گهڻن
شعاعن ۽ هدات جي ڏاڍي نور جي سببان سندس خطاب
”مڪليءَ جو ڏيو“ آهي. سڀڪنهن ماهه پهرين سومر جي
رات سندس درگاهه تي وڏو اجتماع ٿيندو آهي ۽ هر سال
مٿئين تاريخ تي عجيب ميلو لڳندو رهي ٿو. شهر ۽
ٻهراڙيءَ جا خادم رات اتي عبادت ۾ گذاريندا آهن ۽
فقير وجد ۽ سماع ڪندا آهن جنهن ڪري عجيب حالت ڏسڻ
۾ ايندي آهي. نهايت نورانيت ۾ هيءَ درگاهه سڄيءَ
مڪليءَ ٽڪريءَ تي ممتاز آهي. زيارتي سندس دعا جي
مدد سان هر قسم جون مرادون لهندا آهن.
ميان لال: هڪ وڏو بزرگ ڪمال جو صاحب شيخ جي اوڀر ۾ دفن ٿيل آهي. چون ٿا ته
مخدوم عثمان عرف لعل شهباز مرونديءَ جو ڀاءُ يا
سوٽ آهي
]248[ ]ذوق[
جا صاحب سندس زيارت ڏاڍي نياز سان ڪندا آهن.
شيخ مغل چاچڪ: وڏو ولي، اهل دل ۽ ڪرامت ۽ ڪشف ۾ ڪامل هو. چون ٿا ته مرزا
شاهه حسن ارغون نصرپور جي هڪڙي رئيس کي قيد ڪيو
هو. سندس عزيز پهريائين شيخ مغل جا مريد هئا. هن
وقت انهيءَ کي وساري وڃي شيخ ڀرڪيي وٽ ملتجي ٿيا.
هن کين سوا ڳئون آڻڻ جو تاڪيد ڪيو. هو پنهنجي ڳوٺ
مان ڳئون ڪاهيون ٿي ويا ته شيخ مغل درياءَ جي
ڪناري تي، جتي هر روز غسل ڪرڻ لاءِ ويندو هو، کين
ڏٺو ۽ احوال ٻڌو. اگرچه ظاهر نه ڪيائين پر دل ۾
غيرت آيس. هو ماڻهو جڏهن شيخ ڀرڪيي وٽ آيا تڏهن هن
چيو ته مون جيڪو طلسم تيار ڪيو هو سو شيخ مغل
توهان سان رستي ۾ ملاقات ڪري ٽوڙي ڇڏيو. هيئنر
انهيءَ قيديءَ لاءِ موت کان سواءِ ٻيو ڪو رستو
ڪونهي. آخر ائين ئي ٿيو. شيخ جي مزار مڪليءَ جي
ٽڪريءَ تي اهل الله جي زيارت گاهه آهي.
شيخ طلحہ: شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو اولاد ۽ ڪامل ولي آهي. چون ٿا ته هڪ
ڏينهن سيد مراد شيرازيءَ جي زيارت لاءِ ويو ۽
پڇيائينس ته ”پيري ڇاکي چوڻ گهرجي؟” اتفاقاً پريان
هڪ ٻلو مئو پيو هو جو ڳري سڙي ويو هو. سيد مراد
]انهيءَ
ڏانهن[ اشارو ڪري چيو ته ”اٿ“ ۽ هڪدم اٿي کڙو ٿيو. پوءِ چيائينس ته
پيري ”اجها هيءَ آهي“. انهيءَ کان پوءِ شيخ کان
پڇيائين ته ”شيخي ڪهڙي شيءِ آهي؟“ هڪدم سندس (شيخ
طلحه) حڪم سان دڪان تان هڪ ڪافر کي وٺي آيا جنهن
کي ممبر تي وهڻ جو حڪم ڏنائين ۽ هو ديني واعظ ڪرڻ
۾ مشغول ٿي ويو.
]شاهه
کي[ چيائين ته ”شيخي هن کي چئبو آهي“. هيءُ قصو سيد عبدالڪريم جي
زبان مان سندس رسالي ۾ ڏٺو ويو آهي. ”تذڪرة
المراد“ هن جي ابتڙ ڳالهه ڏٺي ويئي آهي. جنهن ۾
شيخ طلحه جي بدران شيخ بدر الدين حليم جو ذڪر آهي.
بهرحال ڪمال وارن جا هن قسم جا مرتبه ظاهر آهن ۽
حقيقي موافقت ۽ ازلي اتحاد جي ڪري هڪڙي جي ڪرامت
ٻئي جي ڪرامت چئي سگهجي ٿي، شيخ طلحه جي مزار
مڪليءَ ٽڪريءَ تي الله وارن جي زيارت گاهه آهي.
شيخ حسين سومرو: سيد محمد حسين عرف پير مراد شيرازي جي خاص مريدن مان آهي.
هڪ ڏينهن (سيد) سير ڪري رهيو هو ۽ مٿس مهربان ٿي
وضوءَ جو بچيل پاڻي کيس پيئڻ لاءِ ڏنائين، مٿس
اهڙي حالت طاري ٿي جو يڪدم وجد ۾ اچي چوڻ لڳو ته
اها حالت هٿ آئي اٿم جو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ
کان سواءِ ڪو به انهيءَ کان واقف نه آهي. ڪلا قوم
سندس اولاد آهي ۽ انهيءَ وقت کان وٺي مٿئين سيد جي
گهراڻي جا مريد آهن.
درس ڀنڀو: سيد علي شيرازيءَ جو هڪ ڪامل مريد آهي ۽ مقبري جي اڀرندي پاسي
آرامي آهي.
شيخ حماد نيرون ڪوٽي: هڪ مشهور معروف ولي ٿي گذريو آهي. سندس مزار سيد علي
شيرازيءَ جي آرام گاهه جي ڀرسان آهي.
مراد پليجو: ذات جو پليجو. رهندڙ ڳوٺ نورائي، هڪ ڪمال جو صاحب، سيد علي
شيرازيءَ جو مريد ۽ انهيءَ درگاهه جي مقام ۾ آرامي
آهي.
پير آسات ۽ سندس اولاد: مجذوب سالڪ ۽ محبوب واصل، مخدوم عربي هالائيءَ جو
ڀاءُ آهي. سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جي خدمت
۾ مريديءَ جو شرف حاصل ڪيائين. اهل الله جي هڪ
جماعت هن کي اڪثر مشائخن کان جهونو شمار ڪيو آهي.
سندس مزار مشهور آهي.
سندس اولاد مان محمد حسين نالي هڪ حال جو صاحب فقير ٿي گذريو آهي. هن جا پٽ
احمد ۽ محمد
]249[ ٺٽي ۾ هوندا هئا. انهن مان احمد جهان آباد ۾ شاهه غلام
محمد صوفيءَ جي خدمت ۾ گذاريندو هو ۽ فقيرن جو
لنگر سندس هٿ ۾ هوندو هو. چڱيءَ حالت سان موصوف
رهي زندگي گذاريائين.
ميان مٺو فقير: مخدوم نوح جو مريد ۽ ڪمال جو صاحب هو. جامع فرخ ۾ گهڻو
گذاريندو هو. آڪر ۾ سندس حجرو مشهور آهي. مير سيد
علي شيرازيءَ جي ميلي کان واندا ٿي فقير اتي اچي
گڏ ٿيندا آهن. پير آسات جي ڏاڪڻ جي هيٺان دفن ٿيل
آهي. سندس ملفوظات مان آهي ته: جڏهن منهنجو مٿو
بلندي ڏانهن مائل ٿو ٿئي تڏهن مٺو يعني سور جو
ستايل ۽ بدحال ٿيان ٿو ۽ جڏهن خوديءَ جو خيال ڌاري
مٿو مٿي ٿو کڻان تڏهن مٺو يعني کوٽو آهيان پر جڏهن
ڪسر نفسي ڪري پنهنجو مٿو نياز مان هيٺ جهڪايان ٿو
تڏهن مٺو سڏينم ٿا ۽ مٺو ڪري کائينم ٿا.
فقير بهاؤالدين گودڙيو: مخدوم نوح جو وڏي ۾ وڏو مريد ۽ ظاهر ڪرامتن ۾ مشهور
آهي. سندس مزار مٿئين مٺي فقير جي ڀرسان آهي.
سلطان کمر: جناب مخدوم نوح جي مريدن مان هڪ فقير آهي. سندس حجرو آڪر ۾ مشهور
آهي. اتي پڻ ميان مٺي فقير جي حجري وانگيان فقير،
سيد علي شيرازيءَ جي ميلي کان واندا ٿي، اچي گڏ
ٿيندا آهن.
جمن جتي: سمن جي ڏينهن ۾ مشهور معروف آهي. جتي دفن ٿيل آهي اتي تڪيو هوندو
هوس. هميشه ڇڙو رهيو. سندس ڪرامتون سج کان وڌيڪ
ظاهر آهن.
مخدوم جمعو: هڪ وڏو ولي، ڪامل متقي، فضيلت ۽ ڪمال ۾ مشهور، حال ۽ قال سان
موصوف ۽ سيد علي شيرازيءَ جو همعصر آهي. سندس
درگاهه مڪلي تي مشهور آهي.
درويش آچر: اصل ٺٽي جو ڀوڳڙي آهي. سندس ڪماليتون بيان کان ٻاهر آهن. سيد علي
ثاني شيرازي سندس مريدن مان آهي. چون ٿا ته هڪ
ڏينهن هو پنهنجي دڪان تي ستو پيو هو ۽ سيد علي
ثاني سندس پير مهٽڻ ۾ مشغول هو ته درويش حليم - جو
اڳتي مذڪور ٿيندو - اچي انهيءَ گهٽيءَ مان لنگهيو.
]ڏسي[
چيائين ته ”هـُـتي هو نمونو ۽ هتي هي روش“. درويش
آچر انهيءَ ننڊ مان، جا عين بيداري هئي، مٿو مٿي
کڻي چيو ته ”اهي گهڻا آهن، هو گهڻن ۾ ٿورا هيءُ
ٿورن ۾ ٿورا آهن“. درويش حليم جواب ٻڌي وڌيڪ ڪجهه
نه ڪڇيو ۽ هليو ويو. سيد پڇيو ته ”هيءُ ڪهڙو
گفتگو هليو جو منهنجي ڪوتاهه سمجهه ۾ نه آيو“.
فرمايائين ته درويش حليم ”هتي“ جي لفظ مان اشارو
ڏنو ته پيغمبر صلي الله عليہ وسلم جي خدمت ۾ ههڙو
باادب آهين ۽ خدمت بجا آڻيندو رهين ٿو ۽ ”هتي“ مان
اشارو هوس ته سندس اولاد شريف کان ڪم ٿو وٺين.
جواب ۾ چيومانس ته: هڪڙو ٽولو اهڙو آهي جو ٻين کان
پنهنجو نفع گهڻو گهرندو آهي، اهڙا ماڻهو گهڻا آهن.
ٻيو فرقو اهو آهي جو ٻين جو فائدو پاڻ کان وڌيڪ
گهرندو آهي. اهڙا گهڻن ۾ ٿورا آهن پر ڪي ماڻهو
اهڙا به آهن جو پنهنجو نقصان قبول ڪري به ٻين کي
نفعو رسائيندا آهن. اهڙا ماڻهو ٿوري ۾ ٿورا آهن.
چون ٿا ته شهر جي سيدن، انهيءَ ساڙ کان ته سندن فرزند، مريد ٿيندي فقير سان
ملندا ٿي ويا، کيس شهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. جنهن
تي هو گجرات هليو ويو، سيد علي درويش جو ڏس پڇائي،
درويش کي وڃي سڪرات جي حالت ۾ ڏٺو. هو سڄي امانت
سيد کي ڏيئي گذاري ويو. اگرچه پوين ڏينهن ۾ سيد
مخدوم نوح جو مريد هو. ليڪن جيڪي مليو هوس سو هن
درويش جي فيض
]250[ جي بدولت هو. رازدان ماڻهو چون ٿا ته درويش جو لاشو مخفي طرح
مڪليءَ تي آندل آهي. پر غيب جي ڄاڻن کان سواءِ ٻئي
ڪنهن کي هن حقيقت جو ڪشف ڪونه ٿيندو آهي.
ميان احمد ۽ ميان محمد: اصل بغداد جا ويٺل، وڏا ڪرامت جا ڌڻي، ميرڪن جي مقام
جي اڀرندي ۾ دفن ٿيل آهن. معرفت جا صاحب سندن
عاليشان بزرگي ڏسي، سندن زيارت کي وڏي ڪاميابي
سمجهندا آهن.
سيد شاهه عبد الله حسني: قطب الاقطاب، غوث الثقلين حضرت پير دستگير عليہ
الرحمت جي اولاد مان مٿي ڄاڻايل يارن يعني سيد
منبه، سيد ڪمال ۽ سيد قاضي شڪرالله، جو وڏي ۾ وڏو
يار آهي. هو سڳورو شاهه بيگ ارغون جي ڏينهن ۾
گجرات کان ٺٽي اچي، مخفي طرح ٽڪريءَ تي انهيءَ
جاءِ تي گوشه نشين ٿي ويهي رهيو، جنهن جاءِ تي
سندس مزار آهي. هن حياتيءَ جا ڏينهن مجرد (ڇڙو)
رهي خدا جي يادگيريءَ ۾ پورا ڪيا. اتفاقاً گهڻي
وقت گذرڻ ڪري سندس قبر ڊهي ويئي ۽ جيئن بيان ٿي
آيو، ڳپل عرصي گذرڻ کان پوءِ سيد حافظ الله
گجراتي، شيخ يعقوب ۽ خليفي ابوالبرڪات کي مڪليءَ
تي وڃي، سندس ڊٺل نشان کي ظاهر ڪرڻ جو اشارو
فرمايو. انهيءَ وقت کان وٺي سندس مزار نيڪن جو
مڪمل مقصد ۽ يادگار آهي. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي جيڪو
فيض آئي وئي کي هن بزرگ مان ملي ٿو تنهن جي بيان
جي قلم کي طاقت نه آهي.
درويش ڀرڪيو لنگ: هن جو مڪليءَ جي دامن ۾ تڪيو هوندو هو ۽ ڪجهه وقت نعارو
وڄائيندو هو. شهر جا ماڻهو سندس خدمت ۾ وڃڻ فرض
سمجهندا هئا، ٽڪريءَ واري سمن جي قبرستان جون اڪثر
عمارتون، خصوصاً سهسي لنگ جون ماڙيون ڊاهي، انهيءَ
جي پٿرن مان چونو ۽ گچ ٺاهي، هڪ وڏو منارو تيار
ڪيو هئائين. رات جو انهيءَ تي ڏيو ٻاريندو هو.
سوداگر، عربي سمنڊ ۾، سنڌ جي بندرن جو رستو انهيءَ
بتيءَ جي ذريعي مقرر ڪندا هئا ۽ سندس خدمت ۾ اچي
نذرانا رکندا هئا. ايتري ته دولت هئس جو سنڌ جو
حاڪم مرزا باقي ساڻس حسد ڪرڻ لڳو. هن مقرر ڪري
ڇڏيو هو ته ننڍو خواهه وڏو جيڪو به وٽس ويندو تنهن
کي ضرور سندس خدمت ڪرڻي پوندي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته
هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي سندس زيارت ڪرڻ ويو تنهن
کي به خدمت جي تڪليف ڏنائين. مخدوم نوح اها ڳالهه
ٻڌي دل ڪوسي ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو مرزا
باقيءَ جلد ئي کيس مخفي طرح شهيد ڪرائي ڇڏيو.
ٺٽي جي آسپاس جا اولياءَ
سيد احمد غوث: هڪ مشهور معروف بزرگ ڪمال ڪماليت ۽ وڏي ڪرامت جو ڌڻي ٿي گذريو
آهي. سندس مزار فتحي ٽڪر تي نامي گرامي آهي. چون
ٿا ته سڀڪنهن محرم جي مهيني ۾ قتل واريءَ رات، اتي
شهيدن جو روحاني ميلو لڳندو آهي. ڪيترن اکين وارن
اهو ميلو پنهنجي روحاني اکين سان ڏٺو آهي.
مير ڪمال الدين ابو اسحاق: حضرت عليءَ جي اولاد سڳوريءَ مان انهيءَ ٽڪريءَ
تي دفن ٿيل آهي. سندس پٿر جي قبر الهندي طرف واقع
آهي.
ميان ابوبڪر: هڪ ڪمال جو صاحب درويش، سيد ميران محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد
۽ کانئس فيضياب آهي. هن جي قبر ساڳئي ٽڪر تي سندس
نالي سان مشهور ۽ حـضور جي صاحبن لاءِ نامي گرامي
زيارت آهي.
درويش الهڏتو لوهر: اصل سيد عبدالڪريم (بلڙيءَ واري) جو مريد ۽ وڏي ڪرامت جو
ڌڻي عيدگاهه جي ڏکڻ ۾ آرامي آهي. سندس زيارت پورو
تبرڪ رکي ٿي.
]پير لاکو ۽ سندس اولاد[:
هڪ ڪامل سيد ۽ نامي گرامي ولي آهي، جنهن زندگيءَ
جا ڏينهن ڍڪ ۾ گذاريا، پاڻ کي سيد ڪونه سڏائيندو
هو. سندس رائنڪ ٽڪريءَ تي پير شيخ عليءَ جي اوريان
مشهور آهي.
مخدوم بايزيد جو هڪ ناليرو عالم ۽ ڪامل آهي سو سندس سڳو ڏوهٽو هو.
سيد ابراهيم، جنهن جي مزار ڪنڀرن جي ڳوٺ جي ڪناري تي، زيارتين جي مرڪز آهي،
سو سندس اولاد مان نامور آهي.
سيد ابراهيم: هڪ عجيب ڪمال جو ڌڻي ۽ بينظير حال جو صاحب هو. هميشه گودڙي
پهريو، گوشه نشينيءَ جي نموني سان ڪلان ڪوٽ ۾
گذاريندو هو. جنن جا ٽولا سندس مطيع هوندا هئا.
سيد ابراهيم عرف ڪذا، جنهن کي عام ماڻهو جنن جي
ٽولي سان مخصوص ڄاڻندا آهن، سو اهوئي آهي. سندس
مزار
]251[
ڪلان ڪوٽ واري قلعي جي ڀت
هيٺان راز محرم حضرات لاءِ زيارت ڪامل آهي.
درويش داؤد عرف داد درس: هڪ وڏيءَ ڪرامت وارو نامي گرامي بزرگ آهي. چون ٿا
ته هڪ ڏينهن پنهنجن مريدن سان، انهيءَ ڍنڍ ۾ جيڪا
ڪلان ڪوٽ جي مٿان سندس نالي سان مشهور آهي ۽ جتي
هاڻي دفن ٿيل آهي، ڌائي ٻچي راند ۾ مشغول هو. جيئن
رسم آهي هڪڙي ٻئي کي ٿي ورتو ۽ اهو کاتل وري ٻين
جي پويان ٿي ڊوڙيو ۽ ٻيا وٺي ٿي ڀڳا ۽ آڳ واري
انهن جي پويان ڊوڙي جنهن کي وٺي ٿي سگهيو تنهن کي
ٿي ورتو. اتفاقاً آڳ درويش تي اچي ويئي ۽ سڀئي وٺي
ڀڳا. درويش جنهن کي ٿي ورتو تنهن کي پاڻيءَ ۾ غوطو
ڏياري حقيقت جي بحر جو واقف بنائي ٿي ڇڏيو. اهڙن
ڪيترن نصيب وارن کي هن پاڻيءَ ۾ واصل بالله ڪري
ڇڏيائين. هو سيد مراد شيرازيءَ جو همعصر ِٻڌجي ٿو.
برسات جي موسم ۾ مٿس خاص ميلو لڳندو آهي“
درويش سيد حليم: ڏاڍو ڪمال جو صاحب ۽ مٿي ڄاڻايل درويش آچر جو همعصر آهي.
سندس مزار مٿئين درويش داؤد عرف داد درس جي درگاهه
جي قريب اهل الله جي مشهور زيارت گاهه آهي.
]شيخ پٺو ديولي ۽ سندس سجاده نشين[:
سندس نالو حسين بن راڄپار بن لاکو بن سخيره ۽ سندس
والده جو نالو سلطاني بنت مراد بنت شرفو آهي. هو
قوم جو اپلان آهي قاضي محمود علامه جي تحقيق موجب
هو هڪ جهوني ۾ جهونو ولي ۽ سڳوري ۾ سڳورو خدا جي
راهه جو واصل آهي. سندس تعريف ڇا ڪري سگهبي؟ ڇاڪاڻ
ته سندس بلند شان مان فقط هڪڙي ذري لاءِ به دفتر
ڪافي نه ٿيندو. هن جهڙو ڪمال جو صاحب سڄيءَ سنڌ ۾
ڪو ڇڊو پيدا ٿيو هوندو. هيءُ بزرگ ابتدا ۾ انهيءَ
ٽڪريءَ جي هڪ غار ۾، جنهن تي هاڻي دفن ٿيل آهي،
ائين لڪل رهندو هو جيئن لعل کاڻ ۾ لڪل هوندو آهي.
شيخ بهاؤالدين ملتاني پنهنجن مشهور معروف يارن
سميت اچي اتان لنگهيو ۽ دل جي نور سان صحيح ڪيائين
ته هن شاندار ٽڪر ۾ هڪ عاليشان لعل لڪل آهي. تنهن
تي وڃي کيس گمناميءَ جي گوشي مان ڪڍي، پنهنجو مريد
ڪري، ظاهر ڪيائين. انهيءَ ڏينهن کان وٺي سندس
هدايت ۽ مرشديءَ جي پيشانيءَ جو نور دنيا وارن تي
جلوه افگن ٿيو. هن جي وفات سن 646 هجري ۾ ٿي آهي.
سندس درگاهه سڄيءَ سنڌ ۾ ممتاز بلڪ سڀني طرفن ۾
مشهور آهي.
هتي جا سجاده نشين ڪمال بزرگيءَ ۾ مشهور آهن. هن وقت شيخ صابو جي انتقال کان
پوءِ شيخ ساجن پير جي نظر جي برڪت سان ننڍي خواهه
وڏي لاءِ مرجع آهي. ٻارهين ربيع الاول ميلي جي
ڏينهن هو شيخ
]پٺي[ جي دستار مٿي تي رکي، مريدن جي وڏي انبوهه سان گڏ، خانقاهه کان
مينار تائين، جنهن جي وچ تي قدري مفاصلو آهي، ڏاڍي
نورانيت سان پهچندو آهي ۽ عجيب روحانيت ڏسڻ ۾
ايندي آهي.
]پير
جي[ ڪرامت جي اثر کان مٿين دستار، باوجوديڪ مٿس ڪافي عرصو
گذري چڪو آهي، هڪ نرالي رنگ ۾ جلوهه افروز ۽
نورافگن هوندي آهي. بيشڪ هيءُ پڻ انهيءَ بزرگ جي
ڪرامت سمجهي سگهجي ٿي.
شيخ جميل: سيد عبدالهادي بن سيد ابوالعطاس، امام موسيٰ ڪاظم جي اولاد مان
آهي. چون ٿا ته لوهارڪي ڌنڌي سان مشهور هو. قصو
مختصر، هڪ وڏي طاقت جو صاحب آهي. سورٺ (جهوناڳڙهه)
جي سرزمين ۾ گرنار جي سامهون جبل تي سندس ”چله
گاهه“ (چلي پچائڻ واري جاءِ) تان هڪ دنيا قسمين
قسمين فيض پرائي رهي آهي. سندس ڪرامتون ظاهر آهن
]252[ بيان جي ضرورت نه آهي. پير پٺي جي استدعا تي مٿينءَ ٽڪريءَ تي
آيو ۽ اتي دفن ٿيو. چار خليفا هئس.1- شاهه وجيه
الدين، جو اڳتي بيان ٿيندو، مٿئين شيخ جميل شاهه
جي احاطي جي پيرانديءَ ۾ آرامي آهي، 2- شيخ زڪريا
3- شيخ ممون، 4- شيخ ڪرم، جو پير جي جتين وٽ دفن
ٿيل آهي.
چون ٿا ته شيخ جميل سڪرات وقت وصيت ڪئي هئي ته ٻه ماڻهو هڪ ماڻهو ڇاڱو (ڇهه
آڱريو) ڇوڪرو آڻيندا ۽ اهوئي منهنجو جاءِ نشين
ٿيندو. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻه ماڻهو پاله لونگ
نالي هڪ ڇوڪرو وٺي آيا ۽ اهوئي ڇوڪرو هو جنهن کي
شاهه جميل پنهنجو پٽ سڏيو هو. گادي نشين پنهنجو
نسب انهيءَ سان ملائيندا آهن. هاڻي شيخ براق جي
انتقال کان پوءِ شيخ ممون مريدن جو مشهور مرڪز ۽
پير جي ڪمال شفقت سان معروف آهي.
ملا خليفو سندي. اصل سومرن جي شهر محمد طور- جيڪو درڪ جي پرڳڻي ۾ هو- جو هڪ
مکيه رهاڪو هو. سمن جي ڏينهن ۾ اچي ساڪري ۾ آباد
ٿيو. جناب شيخ المشائخ شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي
پاران مريد ڪندو هو. پنهنجي وقت جو وڏي ۾ وڏو ڪامل
بزرگ ۽ ڪمالات ۾ وڏي شرف جو مالڪ هو.
شاهه وجيه الدين ۽ سندس اولاد: سيد فتح شاهه جو فرزند، امام محمد تقي بن
امام علي موسيٰ رضا جي اولاد مان، شاهه جميل جي
فيض جي نظر جو نوازيل آهي. سندس مزار شاهه جميل جي
رائنڪ جي پيرانديءَ کان خدا وارن جي زيارت گاهه
آهي. هن چار پٽ ڇڏيا. جن مان 1-شاهه حسن، ڪوهستان
کان چئن ڪوهن تي هنور جي مٿان آرامي آهي، 2- شاهه
ڪهور جهول ۾. سندس اولاد هڪ وڏو ڳوٺ وسايو آهي.
شيخ امروز سندن اڳواڻ آهي، 3- شاهه آري، شاهه جميل
جي درگاهه جي اتر طرف واري هيٺاهين زمين ۾ دفن ٿيل
آهي. چون ٿا ته ڪهاڙي سندس حوالي هوندي هئي. پير
کان پوءِ پاڻ کي جيئري قبر ۾ پوري ڇڏيائين. هن جي
قبر وٽ ڏندڻ مان، کٻڙ جو وڻ ڦٽو آهي جو يادگيري
لاءِ هڪ نشان آهي، 4- شاهه لال ڇٽو. هن بزرگ جي
قبر مقرر ڪانه آهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ جتي به سر
ڪڍيو اٿس اتي سندس قبر ٺاهي ڇڏي اٿن. ڳالهه ٿا ڪن
ته هن پاڻ کي درياءَ ۾ لڪائي ڇڏيو هو. سندس مزار
”تندِسر“ جي ڪناري تي آهي.
درس علاؤالدين سومرو: سيد علي ثاني شيرازيءَ جو همعصر آهي. ٻنهي جي وچ ۾
گهڻائي سوال جواب سنڌي زبان جي بيتن ۾ مذڪور آهن.
نيٺ هن سيد عليءَ کي اهڙو پتو ڏنو جو دعويٰ ڇڏي
اچي مريد ٿيو. اصل شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي
سلسلي جو مريد آهي. سندس ڪرامتون شمار کان ٻاهر
آهن. هن جي مزار شيخ جميل ۽ پير پٺي جي وچ تي اهل
الله جي زيارت گاهه آهي.
شيخ عبدالوهاب: محمد طور ۾ رهندڙ عباسي خليفن مان هڪ وڏي ۾ وڏو خليفو هو.
مرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي پسگردائيءَ جي هڪ
ڳوٺ ۾ رهندو هو. جهنگلي جانور، ڦاڙيندڙ خواه
کائيندڙ سڀ سندس مطيع هوندا هئا. جملي خليفن جي
سلسلي جو سردار هو. مرزا باقي ماڻهن جي گهڻي رجوع
تي ساڙ کائي کيس محمد خليل مهردار هٿان قتل ڪرائي
ڇڏيو.
شيخ ابوتراب عرف حاجي ترابي: اصل عباسين جو گورنر آهي، جو سنڌ جي ڪن جاين جو
حاڪم هو ۽ تبع تابع مشهور آهي. جيئن مٿي ڄاڻايل
آهي، هو شهيدن مان آهي. سندس مزار کچي جي ڳوٺ،
جيڪو ناري ۽ لتي شهر جي بدران آباد ٿيل آهي ۽ کوڙي
جي ڳوٺ، جو رسول آباد يا محمد طور ثاني جي بجاءِ
وسيو آهي. جي وچ ۾ آهي. ٺٽي کان اٽڪل چئن ڪوهن تي
سندس مزار مشهور معروف آهي. سندس گنبذ تي تعمير جي
تاريخ سن 171 هجري موجود آهي.
شيخ سند قنذراني، لال جوان، پير دادن، قبول حبشي، ڇتو مشائخ ۽ پير ڪپور هرهڪ
ناليرو شهيد شيخ ابوتراب جي ڀرسان دفن ٿيل ۽ الله
وارن جو زيارت گاهه آهي. حاجتمند ماڻهو هرهڪ جي
زيارت مان وڏو بهرو وٺن ٿا.
شيخ جاڙيو: آڳاٽي سمي جو بزرگ آهي، سندس مزار مشهور ٽڪريءَ تي، جا ”شيخ جاڙي
جو ٽڪر“ جي نالي سڏجي ٿي، نيڪ ٻانهن لاءِ زيارت
گاهه آهي. سندس قبر تي سيد حسين سلطان جاڙيو ولد
امام سيد ابواحمد عبدالله اڪبر بن امام سيد
ابوصالح موسيٰ بن امام ابي عبدالله 7 رجب سن 666
هجري تي رحلت ڪئي
]لکيل آهي.[
پير ڪريم: هڪ آڳاٽو بزرگ، عظيم الشان ڪرامتن جو صاحب، ساڪري جي سرزمين ۾
مشهور آهي. گدڙ هن پير جي حڪم ۾ آهن ۽ ضرورت وقت
سندس مجاورن جي حڪم سان اچي حاضر ٿيندا آهن. سندس
وفات سمن جي دور جي وچ ڌاري ٿي آهي.
]لال انس[: ساڳيءَ طرح لال انس ساموئي جي اتر طرف درياءَ جي ڪپ تي ٽڪريءَ
تي آهي.
درس وريو: هڪ قديم زماني جو بزرگ، پنهنجي وقت جو ناليرو ۽ آزاد نيڪن جو
زيارت گاهه آهي.
درس وريي جي اولاد ۾ نامي گرامي فقير ٿيندا آيا آهن، هر مهيني جي سومر ڏينهن
انهيءَ تي هڪ عمدو ميلو لڳندو آهي.
ملا موج دريا: شڪر گهاٽ جي اورينءَ ڀر، بندر لاهري جو آڳاٽي سمي ۾ ديول بندر
جي نالي سان مشهور هو- جي ڀرسان، اهل الله جو هڪ
وڏو مرڪز آهي
]253[ سندس اولاد، جي پنهنجي وقت ۾ ملن جي نالي سان مشهور آهن، سي
اڪثر ڌارا جا بندر جا رهاڪو آهن.
سيد محمود شيرازي: هڪ بزرگيءَ ۾ نامي گرامي بزرگ لاهري بندر جي ڏکڻ طرف
مشهور معروف آهي.
بلو خان لوڌي: هڪ بزرگ نشانين ۽ ڪرامتن جو ڌڻي ديول بندر عرف لاهري بندر جي
دڪي واريءَ زمين تي دفن ٿيل، هڪ آڳاٽي سمي جو وڏو
پير آهي.
شيخ نور الدين دريائي: مشهور معروف بزرگ، اعليٰ درجي جي ڪرامتن جو ڌڻي
ڌاراجا بندر جي مٿان، عربي سمنڊ جي ڪناري تي دفن
ٿيل ۽ ڏاڍي تصرف جو صاحب آهي.
]سندس
درگاهه[ صفائي ۽ حضور واري جاءِ آهي جنهن ۾ الله وارن جو ارادو مشهور
آهي.
لعل موسيٰ: مخدوم لعل شهباز عليه الرحمة کان فيض ياب آهي. سندس آمد سمن
حاڪمن جي ڏينهن جي ابتدا ۾ ٿي هئي.
مخفي نه رهي ته لاهري بندر، جو آڳاٽي زماني ۾ ديول بندر جي نالي سان مشهور
هوندو هو، هڪ عجيب شهر سيدن سڳورن ۽ وقت جي فاضلن
جي رهڻ جو هنڌ هو، هاڻي ڪجهه سالن کان
]زماني
جي[ حادثن سببان شهر رهاڪن سميت برباد آهي ۽ اتي جي باقي آبادي
ڌاراجا
]بندر[
جي برابر واري زمين ڏانهن منتقل ٿي ويئي آهي.
ڌاراجا بندر هڪ آڳاٽو بندر نڪامره قوم جو تخت گاهه
آهي، جن ۾ قديم الايام کان پيڙهي به پيڙهي ناليرا
سردار پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مان:
]راڻو عبيد[: راڻو عبيد خاص عجيب احوالن جو صاحب ٿي گذريو آهي. جنهن صورت ۾
هن جي عجيب احوال جو ذڪر ڪيفيت کان خالي نه آهي
بلڪ الاهي عجائبات مان هڪ عجائب آهي تنهنڪري سندس
بيان ڪيو وڃي ٿو.
راڻو عبيد نڪامره، ڌاراجا جو والي، سن 1000 هجري ۾ زنده هو ۽ ڪڪرالي جي حاڪم
ڄام جرار جو همعصر هو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ڏينهن
ڄام جرار کي اچي اکين ۾ سخت سور پيو - راڻو کيس
پڇڻ لاءِ ويو. پاڻ ۾ ڏاڍي محبت هجڻ ڪري، ڄام جرار
هن جي گوڏي تي مٿو رکي چيو ته مون کي ڪا سچي ڳالهه
کڻي ٻڌاءِ مانَ، خدا تعاليٰ انهيءَ جي برڪت سان
منهنجي اکين جو سور لاهي - راڻي چيو: سچ جو شاهد
خدا ڪافي آهي - مون کي فلاڻن ڏينهن ۾ اچي سمنڊ جو
سير ڪري پرينءَ ڀر معلوم ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو -
سو ڪجهه رسد ۽ سامان سوڌا جهاز پاڻ سان کڻي سمنڊ ۾
گهڙي پيس. ڳچ مدت پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اچي اهڙي هنڌ
پهتس جتي اڳ ۾ ڪوبه ماڻهو نه پهتو هو. چيم ته اڃا
به اڳتي وڃڻ گهرجي شايد ٻئي ڪناري جو پتو پئجي
وڃي. اتفاقاً انهيءَ ڪن وٽان لنگهڻ ٿيو جنهن کي
ظلمات سڏيندا آهن. سڀيئي جهاز انهيءَ ڪـُـن ۾ غرق
ٿي ويا. جڏهن منهنجي جهاز ڪـُـن ڏانهن رخ رکيو
تڏهن مان ٽڪري تي هڪ وڏو وڻ ڏسي ٽپو ڏيئي وڃي
انهيءَ کي چنبڙيس. وڻ ۾ هڪ وڏي زبردست پکيءَ جو
آکيرو هو. مون کي رات وڻ تي پيئي. صبح جو انهيءَ
پکيءَ کي چنبڙي پيس، جنهن اڏائي اچي هڪ جبل جي
ڪناري تي ڇڏيو. آءٌ حيران هوس ته ڪٿان جو ڪٿي اچي
پهتو آهيان. الله پاڪ انهيءَ پکيءَ يعني سيمرغ جي
مدد سان مون کي اتان آزاد ڪيو. هاڻي آبادي جي ڳولا
۾ ڊوڙڻ لڳس - اوچتو هڪ عبادت گاهه جي زيارت جو شرف
حاصل ٿيو ۽ جناب حسنين رضي الله عنهما جي روحانيت
جي زيارت ٿي جن مون کي سلامتيءَ جي خوشبخري ڏني.
ٿڪل هوس اتيئي ننڊ کڻي ويم
]254[. ]ايتري
۾[ اتي پرين جي هڪ ٽولي اچي نڪتي، ۽ مون کي پاڻ سان کڻي ويئي. خدا
ٿو ڄاڻي ته آءٌ ڪٿي رهندو هوس. ناز ۽ نعمت جي ڪا
ڪمي ڪانه هيم. ٿوري وقت کان پوءِ وطن جي حب ۽
دوستن جي ياد ۾ آءٌ غمگين رهڻ لڳس. پرين جي سردار
منهنجو اهو حال ڏسي، دلداري خاطر پڇا ڪئي.
ٻڌايومانس ته مون کي سفر ۾ بيشمار ڏينهن گذري ويا
آهن. خبر نٿي پويم ته منهنجن پوين جو ڪهڙو حال
هوندو. وراڻيائين ته جيڪڏهن موٽڻ جو پڪو وعدو ڪرين
ته توکي اتي پهچايان. مون وطن ۾ اٺن ڏينهن رهڻ جو
وعدو ڪيو، جنهن تي هڪ گهڙيءَ ۾ مون کي پنهنجي ڳوٺ
جي ٻاهران اچي ڇڏيائون.
]ويندي
وقت[ چيائون ته اٺين ڏينهن کان پوءِ فلاڻي وقت اسان هتي اينداسون
تون حاضر رهج. مان اچي پنهنجي اهل عيال سان مليس ۽
اهو وعدو دل تان لاهي ڇڏيم. خدا جي قدرت سان وعدي
جي وفائي مون کي نصيب نه ٿي. انهيءَ کان پوءِ ڊگهو
عرصو گذري چڪو آهي، پر انهيءَ لذت جي يادگيري اڄ
به دل جي دامن ڇڪي ۽ حيرت ۾ وجهي رهي آهي، ليڪن
وقت هٿان نڪري ويو آهي. ڳالهه کي هتي پهچائي
چيائين ته جيڪڏهن منهنجي هيءَ ڳالهه سچي آهي ته
شال خدا تعاليٰ تنهنجين اکين جو سور لاهي. الله
پاڪ جي قدرت: ڄام جرار، جو ڳالهه شروع ڪرڻ کان ئي،
فرق محسوس ڪري رهيو هو، سو بلڪل چڱو ڀلو ٿي اٿي
کڙو ٿيو ۽ خدا جو شڪر ۽ منهنجي تعريف ڪرڻ لڳو.
سالڪ مجذوبن جي بيان ۾
جيئن ته هن ٽولي مان گهڻا مٿين بيانن جي ضمن ۾ جدا جدا جاين تي مذڪور ٿي چڪا
آهن ۽ هي ٽولو گهڻو ڪري ظاهر وارن جي اکين کان
ڳجهو آهي، هنن خدا وارن سڀني کي ڪي ٿورا ماڻهو
ڄاڻن ٿا، تنهنڪري هتي ڪن ٿورن نالن تي اڪتفا ڪئي
وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪو پيارو وڌائيندو ته احسان جو
لائق ٿيندو.
وطايو: مجذوب، سالڪ، ڪامل، پنهنجي وقت جي مجذوبن ۾ وڏيءَ معرفت وارو ٿي
گذريو آهي. سندس بلند درجي جو ٿورو بيان مخدوم
حمزي واعظ جي ذڪر ۾ گذري چڪو آهي. هن کان ئي روايت
آهي جو چيو هئائين ته شريعت طريقت جي زيرناف آهي.
يعني جهڙيءَ طرح مرد لاءِ زيرناف بلوغت جي نشاني
آهي. ساڳيءَ طرح شريعت جي پابندي سالڪ ماڻهوءَ کي
طريقت جي راهه ۾ بالغ بنائي ٿي.
مٽو مجذوب: مجنونن جي جماعت ۾ ناليرو غيب کان واقف ۽ يقين جي رستي جو
کوليندڙ هو. چون ٿا ته جڏهن ملا محمد جهانگيري
تمام مفلسيءَ کان مجبور ٿي حضور ۾ (جهانگير جي)
حاضر ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيو. تڏهن مڪليءَ جي قبرن
کان موڪلائڻ لاءِ اوڏانهن ويو. حسن اتفاق سان
موٽندي وقت ڏٺائين ته ٽڪريءَ جي دامن ۾ هو هڪ ٻئي
مست سان گڏ هڪ لاش جي مٿان بيٺو آهي ۽ ٻئي هن جي
پيٽ مان ڪا شيءِ ڪڍي کائي رهيا آهن. مٽوءَ جي نظر
جڏهن ملا تي پيئي تڏهن انهيءَ لاش جي ڪيڙن جي هڪ
لپ ڀري، ڊوڙي اچي سندس وات ۾ وجهي چيائينس ته
کاءُ. هن سان به بخت يار هو ۽ هن ٽولي جو نهايت
معتقد هو سو بنا ڪنهن ڪراهت جي اهي ڪيئان چٻاڙڻ
لڳو. ٻيو مجذوب اهو حال ڏسي هڪدم ڊوڙندو آيو ۽
چيائين: اي مٽو! شايد ٻئي جهان ملا کي عطا ڪري
رهيو آهين. پوءِ ته ٻنهي هٿن سان ملا جي هيٺين ۽
مٿئين ڄاڙي وٺي باقي رهيل ڪيڙا،
]255[
جيڪي اڃا نه ڳٿا هئائين، زور سان سندس وات مان
ڪڍي ڇڏيائين. انهن ڪيڙن کائڻ جي برڪت سان ملا
]جهانگير
جي[ حـضور ۾ وڃي مشهور مرتبي کي رسيو.
وٽو: مجذوب سالڪ، يقين جو صاحب ۽ مٿئين مٽوءَ جو همعصر هو. سندس احوال سمورو
ڪرامتون ئي ڪرامتون آهي. ڪڏهن به ڪنهن سان
ڳالهائيندو ڪين هو. حاجتمند ماڻهو سندس چرپر مان
پنهنجي مطلب جو نتيجو ڪڍندا هئا. ۽ جيئن خيال ڪندا
هئا تيئن ٿيندو هو. هڪ ڏينهن کيس ڪنهن ڳوٺ وٽ
ڀڄندو ڏٺائون. ڪنهن نه سمجهيو ته ڇا کان ڀڄي رهيو
آهي. تقديراً جلدئي نهمردين جي هڪ فوج انهيءَ ڳوٺ
۾ پهچي اتي جي ماڻهن کي بيخبريءَ جي حالت ۾ لٽيو ۽
قتل ڪيو.
ڪامل مجذوب: سندس وڏا لوهار هئا. هن پاڻ کي طلب جي کوري ۾ تپائي، رڻ پٽن ۾
ٿي گذاريو. ڪڏهن ڪڏهن جيڪڏهن ڪا رات يا ڏينهن ڪنهن
ڳوٺ ۾ ايندو هو ته اتي جي رهاڪن کي ضرور ڪنهن نه
ڪنهن قسم جي خوشي رسندي هئي. تنهن ڪري ڪيترائي
ماڻهو کيس پنهنجن ڳوٺن ۾ اچڻ لاءِ دعوتون ڏيندا
هئا پر جيستائين، دل ۾ ازخود خيال نه ايندو هوس،
نه قبوليندو هو. سائل جو جواب، جيڪڏهن وڻندو هوس
ته، ڪنهن سنڌيءَ بيت ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو جو تقدير
سان ٺهڪي ايندو هو.
موٽو مجذوب: پنهنجي وقت جو هڪ مشهور معروف مجنون هو. ڳالهه ٿا ڪن ته ٺٽي جي
حاڪم کي نهمردين جي قوم کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪوهستان
وڃڻو پيو - سو حال جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ کيس
ٽڪر جي دامن ۾ ٿي ڳوليائون. نيٺ هڪ ٽوليءَ کيس
خسرو خان جي تلاءَ جي ڀرسان وڃي لڌو. ڏٺائون ته
وڻ جي هڪ ڪاٺيءَ تي سوار ٿي چهبڪ هڻي رهيو آهي ۽
چوي پيو ته اي وڻ تنهنجي مٿان هڪ سوار آهي تنهن جي
طاقت اٿيئي يا نه. اوچتو وڻ جو هڪ وڏو ڏار چيرجي
اچي زمين تي ڪريو. پوءِ وڻ تان لهي انهيءَ ٽوليءَ
ڏانهن منهن ڪري چيائين ته هن وڻ جو اهوئي وڏو ڏار
هو جنهن کي چڙهي ڀڳوسون. حاڪم جا ماڻهو چڱي فال
وٺي موٽي ويا. حسن اتفاق اهڙو بڻيو جو جڏهن حاڪم
چڙهي ڪري دشمنن جي ڳوٺ ۾ پهتو تڏهن انهيءَ ڳوٺ جو
سردار اوچتو مري پيو. سڄي ڳوٺ مان مقابلي ڪرڻ لاءِ
ڪوبه ماڻهو ٻاهر ڪونه نڪتو ۽ هن (حاڪم) جيڪي چيو
سو قبول ڪيائون. اهڙيءَ طرح جنهن کي به ڪو مشڪل
پوندو هو، سو هن مجذوب جي ڳالهائڻ مان دليل وٺي
پنهنجي مقصد ڏانهن راهه لهندو هو.
صابر مجذوب: اصل ڌوٻي ٻڌجي ٿو. عجيب حال جو مالڪ هو. ماڻهن جي دروازن تي
پاڻيهي وڃي سڏ ڪندو هو ۽ جيئن چوندو هو تيئن ٿيندو
هو.
سڄڻ: پاڻ کان بيخبر هڪ سالڪ هو. جڏهن بک لڳندي هيس تڏهن جيڪي به زمين تان
لهندو هو سو کائيندو هو. ماڻهو دل ۾ مرادون رکي
ڪيترائي طعام سندس آڏو کڻي ويندا هئا. جنهن جي
شيءِ قبول ڪندو هو سو ضرور مراد ماڻيندو هو.
شاڪر: هڪ مست مخدوم زادو آهي. ماٺ ۾ گذاريندو هو. جنهن تي
]256[ ڪاوڙجي ڪجهه چوندو هو ته اهو چوڻ تقدير سان ٺهڪي ايندو
هو.
ملوڪ: هڪ ڪامل مخدوم ۽ حال جو صاحب هو.
حبيب شاهه: اصل ڏاهري قوم جو آهي. ابتدا ۾ سندس پيءُ ماءُ چڱڀلائيءَ جي حالت
۾ کيس پرڻايو. نيکيٽيءَ جي رات زال سان هڪ صحبت
ڪري گم ٿي ويو ۽ ٻارهن سالن کان پوءِ مستن جي لباس
۾ مٿي ۽ پيرين اگهاڙو شهر ۾ موٽي آيو ۽ گهڻو ڪري
پير منبه تي گذاريندو هو. دلين جي ڳالهين کان ڏاڍو
واقف هو. سائل کي مقصد ٻڌائڻ کان سواءِ ئي پورو
جواب ڏيئي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ضرورت وقت ڪنهن
ماڻهو کان ڪا شي گهرندو هو جا ضرور انهيءَ وٽ
هوندي هئي ۽ ڏيندو هوس. هڪ ڏينهن مير حيدر ابوتراب
ڪامل امير خانيءَ سان گڏ کائي رهيو هو. ماني سان
گڏ مڇيءَ جو شوروو هو. هن مير مڇيءَ مان ڪجهه کائڻ
گهريو پر هن کيس روڪيو. آخر هڪ وقت، جڏهن هن جي
نظر ٻئي پاسي هئي، مير مڇيءَ جو ذرو ڀڃي وات ۾
وجهڻ گهريو ته هڪدم هن اهو سندس وات مان ڪڍي باقي
مڇي ٻاهر اڇلائي ڇڏي. اتي ٻلي بيٺي هئي تنهن مڇيءَ
کائڻ شرط زمين تي ڦٿڪي ساهه ڏنو.
هڪ ڏينهن مير محمد عطا اميرخانيءَ جي ڏيڍيءَ تي اڻ سڏيو اچي، منهن تي چادر
تاڻي سمهي پيو. ٽي راتيون ۽ ڏينهن ستو پيو هو ۽
ڪڏهن پاسو به نه ٿي ورايائين. سيد عبداللطيف تارڪ
(ڀٽائي) انهيءَ ڏيڍيءَ جي ماڙيءَ تي رهيو پيو هو.
سو مجذوب جي ننڊ جو احوال ٻڌي هيٺ لهي آيو ۽ سندس
سيرانديءَ کان ويهي فرمايائين ته: اي ديوانا هيءَ
ننڊ ڪٿان سکيو آهين، جو توکي جيڪي ننڊ ۾ نصيب آهي
اهو اسان کي سجاڳيءَ ۾ به نه آهي.
هو نادر شاهي مغلن جي آمد وارن ڏينهن ۾ شهر مان گم ٿي ويو ۽ وري پتو نه پيو
ته جيئرو آهي يا مري ويو.
عبدالقدوس: اصل عدلائي مخدومن مان آهي، عجيب حالت هوندي هيس. ماٺ ڪيون پيو
ڦرندو هو ۽ ماڻهن جا ڪاڪوس ڀنگين کان صاف ڪرائيندو
رهندو هو. باوجوديڪ هڪڙي ڏينهن به شهر کان پير
ٻاهر نه ڪڍيو هئائين ۽ هر روز ماڻهو کيس ڏسندا
رهندا هئا تڏهن به ڪن ماڻهن، جيڪي بيت الله جي
زيارت تي ويا هئا، کيس اتي ڏٺو هو. ڪن معتبرن جو
ته هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته هو هر روز صبح جي
نماز وقت بيت الله جي جماعت ۾ حاضر هوندو هو.
عنايت مجذوب: سالڪ مجذوبن جي سلسلي ۾ باخبر هو. گهڻو ڪري کانئس ڪرامتون ظاهر
ٿينديون هيون ۽ وٽائنس ڪيترن ئي حاجتمندن جا مقصد
پورا ٿيندا هئا.
سيد قاسم: هڪڙو حق جو بيخود سالڪ، ڪيترو عرصو جامع فرخ جي محراب جي پويان
واريءَ سرزمين تي رهندو هو.کانئس ڏاڍيون ڪرامتون
ظاهر ٿينديون هيون.
سناسي مجذوب: عجيب مجذوب، بيخود سالڪ ۽ سڄو اگهاڙو ڦرندو ۽ ڪجهه چوندو وتندو
هو، جو ڪنهن به ماڻهو کي سمجهه ۾ نه ايندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ تي توجهه فرمائيندو هو ته
انهيءَ کي خلوت ۾ تسلي ڏيندو هو، ۽ سندس ڪيترا
مشڪل حل فرمائيندو هو. نادر شاهي مغلن جي اچڻ وارن
ڏينهن ۾ گم ٿي ويو.
نور شاهه: اصل هندوستاني آهي کانئس عجيب اسرار مريدن جي مشاهدي ۾ آيل ٻڌبا
آهن. قصو مختصر، هڪ داناءُ، باخبر مجذوبن جي لباس
۾ گدائي تي گذاريندو هو. سندس گفتگو اڪثر
بيفائديون ڳالهيون هوندو هو، پر حقيقت ۾ گهڻن کي
فيض رسائيندو هو. جذبي جي حالت ۾ نيڪ ڪرامتون ظاهر
ٿيڻ انهيءَ جو يادگار آهي.
بولو کيدو: پنهنجي وقت جو مشهور مجذوب سالڪ آهي.
]257[
ماڻهو سندس ڏاڍا معتقد آهن. کانئس گهڻيون ڪرامتون
ڏٺيون ويون آهن. تازو حاجي بانڪي جي درگاهه جو ڏيو
کڻي سندس قبر تي هاريائين. جنهن تي هڪ مير بحر کيس
گاريون ڏنيون ۽ سيکت ڏيڻ لاءِ پادر پير مان
لاٿائين. هن ڪاوڙ جي چيس ”اي ڪسڻ جي لائق
ڳالهائيندڙ“ بس انهيءَ ئي ڏينهن سندس زبان مان
اهڙو ڳالهاءُ نڪتو جو جلد ئي سندس سسي وڍي
ڇڏيائونس.
دوسو مجذوب: ڪڏهن هوش ۾ ته ڪڏهن بيهوش گذاريندو هو.
يارو ۽ پارو: ٻئي حال جا صاحب مجذبوب ٿي گذريا آهن.
جيو مجذوب: پڻ ڏاڍي مستيءَ جو ڌڻي فيض وارن مجنونن جي شمار ۾ ٿي گذريو آهي.
ڇٽو: مجذوبن سالڪن مان آهي. هڪ وڏي جماعت سندس ارادي سان وابسته آهي. اگرچه
گهڻو ڪري سڀ ڪنهن ماڻهوءَ سان نٿو ملي، پر ڪڏهن
ڪڏهن کانئس وڏيون ڪرامتون ظاهر ٿين ٿيون.
لونگ مجذوب: چون ٿا ته هيءُ اصل ۾ پني جي ڳوٺ جي ماڻهن مان آهي. هيءُ جنهن
وقت پيٽ ۾ هو تڏهن سندس ماءُ ۽ پيءُ حج تي ويا
هئا. تقديراً سندس ماءُ ٻن مهينن جي پيٽ سان گذاري
ويئي، جنهن کي دفن ڪيو ويو. سندس پيءُ اتي رهجي
پيو. ٻن سالن کان پوءِ ڪو ماڻهو سندس ماءُ جي قبر
وٽان اچي لنگهيو ۽ هڪ ٻار کي قبر کان ٻاهر نڪرندو
۽ ماڻهو ڏسي وري اندر ويندو ڏٺائين. اهو حال جڏهن
ماڻهن ڪيئي دفعا ڏٺو، تڏهن جاچ ڪيائون. معلوم ٿين
ته الله جي قدرت سان هڪ فوت ٿيل عورت کي ٻار ڄائو
آهي ۽ سندس ٻنهي آڱرين ۾ ٻه سوراخ آهن، جن مان کير
پي رهيو آهي. خير ڪيئن به ڪري سندس پيءُ کيس اتان
گهر وٺي آيو. وڏي ٿيڻ تي مجذوبن جي صورت ۾ ٿي پيو،
۽ حال ۽ ڪرامت جي ڌڻي مستن جهڙي زندگي گذاريندو
هو. ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ ڏانهن متوجهه نه رهيو.
ڪي ڪي حاجتمند منجهائنس ڪڏهن ڪڏهن فيض پرائي، ساڻس
مريدن وارو رستو هلندا هئا.
لائقڏنو: پڻ هڪ حال جو صاحب مجذوب آهي. سندس عجيب حالتون ڏسي ماڻهو سندس
ڏاڍا معتقد آهن. اڪثر ماڻهن جي دلين جون خبرون
ڏيندو ۽ ڳجها مشڪل دور ڪندو آهي.
باب ڇويهون
خاتمه: ٺٽي ۽ سنڌ جي الهندي طرف وارو جابلو علائقو
۽ اتي جا بزرگ
اگرچه جبلن جا عجائبات ڳڻڻ کان ٻاهر آهن، ليڪن هنن حرفن جي جامع (مير قانع)
نموني طور خرار مان هڪ لپ اختيار ڪئي آهي ته جيئن
ٻيءَ آباديءَ جا حالات بيان ٿي چڪا تيئن ڪوهستان
جي به ٿوري حقيقت معلوم رهي. هن کان بعد جيڪڏهن
ڪنهن کي وڌائڻ جي توفيق ٿئي ته فائدي کان خالي نه
ٿيندو.
جبل مهر
هن جي آسپاس ۾ هڪ نهايت وڏو ٽڪر آهي. انهيءَ جي هڪ وڏي پٿر مان الله جي قدرت
سان هڪ صفي جهڙي جاءِ ٺهي پيئي آهي. جنهن مان
پاڻيءَ جو قطرو قطرو ٽمي ٿو، ۽ هيٺان هڪ ننڍڙي حوض
۾ گڏ ٿئي ٿو. هيءُ پاڻي هڪڙو هڪڙو ڦڙو ٿي هڪ ٻئي
پويان پيو ٽمي ۽ اٽڪل ڏيڍ مشڪ پاڻي حوض ۾ جمع رهي
ٿو. هن کان نه ڪڏهن وڌي ٿو نه گهٽجي ٿو. هڪ وڏي
راڄ جي ماڻهن ۽ چوپاين جي پيچ انهيءَ تي مقرر آهي.
پاڻي اصل ڪٿان ٿو اچي، تنهنجي ڪابه خبر ناهي.
پڻ انهيءَ صفي جي هڪ پاسي ۾ هڪ ديڳ لڙڪي رهي آهي. مشهور ائين آهي ته اها جنن
جي تيار ڪيل آهي ۽ ڪن ماڻهن جي اعتقاد موجب انهيءَ
۾ خزانو آهي، پر جيئن ته ڪنهن به انسان جي ڪوشش جو
هٿ اتي پهچي نٿو سگهي، تنهن ڪري حقيقت جو پتو نه
پيو آهي.
پڻ مهر جي ويجهو پاڻيءَ جي هڪ نئين مٿين جبلن تان لهي ٿي ۽ هيٺئين جبل ۾ هڪ
گهر جي شڪل ٺهي وئي آهي. جنهن کي متعدد ٿنڀا آهن.
انهيءَ ۾ پٿر جو هڪ حوض ٺهي پيو آهي جنهن ۾ هميشه
چيلهه جيڏو پاڻي
]258[
۽ ڪڏهن ڪڏهن آدميءَ جي هڪ ٻن
پرهن جيترو پاڻي موجود رهندو آهي. جابلو ماڻهو جو
اهو عقيدو آهي ته جنن ۽ ديون جو ٺهيل آهي.
پڻ جبل مهر جي مٿان پٿر جا ٽي حوض ٺهيل آهن جيڪي سدائين مينهن جي پاڻيءَ سان
ڀريل هوندا آهن. انهن جو پاڻي نهايت مٺو ۽ صاف
آهي. هن جبل تي ماڻهو ڪو ورلي چڙهندو آهي ڇاڪاڻ ته
واٽ نهايت خطرناڪ آهي.
پٻ جبل
تمام صفائيءَ ۽ حـضور واري جاءِ آهي. منجهس انب ۽ انجير وغيره جا پاڻهي پيدا
ٿيندڙ گهڻا وڻ آهن. رائنڪ لڪ ۾ ٻه صاف حوض آهن جن
جو عمق (اونهائي) بي انتها چيو وڃي ٿو. اتي هڪ
ڪامل ولي الله شاهه بلاول جي درگاهه دعا گهرندڙن
جي دعا قبول پوڻ ۽ دل ڪٽيل ماڻهن جي اندر صاف ٿيڻ
جي جاءِ مشهور آهي.
پڻ انهيءَ جبل ۾ هڪ ٽڪريءَ تان اٽڪل چئن پنجن نارن جيترو پاڻي ٽمي ٿو جنهن
تي ڪيلي، انب، ناريل ۽ ڏاڙهونءَ جا گهڻا وڻ آهن.
لاهوت
پٻ ۾ هڪ عجيب جڳهه آهي.
جبل جي اندر هڪ قدرتي صفي ۾ دري ٺهي پيئي آهي، جنهن ۾ پٿر جا ٻه ڪڙا ٺهيل
آهن. فقيرن انهيءَ ۾ رسا ٻڌي ڇڏيا آهن جن کي جهلي
اندر ويندا آهن. اندر هڪ گهر وانگيان آهي جنهن جي
ڇت سموري ڳئون جي ٿڻن جهڙيءَ شڪل جي آهي. مشهور
آهي ته اڳئين زماني ۾ سڀني ٿڻن مان کير ٽمندو هو.
هاڻي ڪن ٿورن مان پاڻيءَ جو ٽيپو ٽيپو ٽمي ٿو. سڀ
ڪنهن پستان (ٿڻ) جي شڪل جي هيٺان زمين واري پٿر ۾
چڍو ٺهي پيو آهي. اهي چڍا هميشه پاڻيءَ سان ڀريل
رهن ٿا نه گهٽجن ٿا نه وڌن ٿا.
گهر ۾ اندر هڪ غار آهي جنهن ۾ رستو آهي جنهن جي ڪا انتها ڪانهي. چون ٿا ته
انهيءَ رستي کان اڍائن ڏينهن جي عرصي ۾ حجاز جي
سرزمين تي پهچي سگهجي ٿو. ڪن ست ڏينهن چيو آهي.
آڳاٽي سمي ۾ فقيرن انهيءَ رستي جو سير ڪيو هو.
پڻ گهر ۾ اندر تغار جهڙو هڪ پٿر رکيل آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته آڳاٽي سمي ۾ الله
وارن مان چاليهن فقيرن - تر جو هڪڙو داڻو انهيءَ ۾
گهي سڀني کائي قوت ڪيو هو.
منگهي جو طوق
مشهور جبل آهي. حاجي منگهو نالي هڪ اهل الله بزرگ، شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ
جو همعصر اتي دفن ٿيل آهي. هيءَ جاءِ بزرگ ماڻهن ۽
صاحب توفيق هدايت وارن لاءِ حـضور ۽ صفائيءَ واري
۽ دعا جي قبوليت جي جاءِ آهي. انهيءَ ڪري هي جبل
منگهي جي طوق جي نالي سان مشهور آهي. جبل جي ڪناري
وٽ اٽڪل ٻن نارن جو گرم پاڻي هڪ حوض ۾ وهي رهيو
آهي. اتي مور نالي هڪ واڳو رهي ٿو. هڪڙي جي مرڻ
کان پوءِ ٻيو سندس جاءِ وٺي ٿو ۽ کيس به اهوئي
ساڳيو لقب ملي ٿو. معتقد ماڻهو گهٽن ۽ گابن جهڙا
نذر آڻي اتي قربان ڪندا آهن ۽ پهريائين گوشت جو
ٽڪرو مور کي پيش ڪندا آهن. جيڪڏهن هن کاڌو ته قبول
آهي جيڪڏهن نه ته نه.
پڻ انهيءَ حوض جي برابر ٻيو چشمو آهي. ٻنهي تلائن جي وچ تي هڪ پٿر آهي.
جيڪڏهن گرم حوض جو پاڻي انهيءَ پٿر تي هاري، اهو
ساڳيو پاڻي پٿر جي هيٺان ڪنهن ٿانءَ ۾ جهلبو ته
تمام ٿڌو ڏسڻ ۾ ايندو. انهن ٻنهي چشمن جو پاڻي
گهڻو ڪري هڪ کڏ ۾ وهي ٿو جتي هزارين واڳو رهن ٿا.
هن پاڻيءَ جي ٻنهي ڪنارن تي
]259[
باغات آهن.
پڻ انهن ٻنهي چشمن جي ڀرسان پٿر جي کوهه جي شڪل آهي. انهيءَ جو پاڻي هنن
ٻنهي پاڻين کان ٻيءَ طرح ٿڌو ۽ مٺو آهي. انهيءَ
کوهه ۾ هڪ واڳو رهي ٿو جنهن کي هنج سڏين ٿا. هن
کوهه کي حاجي منگهي جو لوٽو چوندا آهن.
پڻ حاجي منگهي جي جبل ۾ مخدوم لعل شهباز جي ڪندريءَ نالي هڪ نهر آهي، جنهن
جي ٻنهي ڪنارن تي وڻندڙ باغ ۽ فقيرن جا ايڪانت
ڀريا تڪيا آهن.
تاريخ
شکر، خـدا کـه تذڪـره تحفة الکرام،
انــدر ســه جلــد يـافـته تزيـين اختتام.
هـر جـلـد اوسـت روضـهء اخـبـار دلکشا،
نظار گيش مفت شود ديده شـاد کام.
قانع اگرچه نـيـست سزاوار ذکـر خـيـر،
ليکن بفيض اهل خبر يافت اين مرام.
باشد کنند اهـل دلـش يـاد بـعـد مرگ،
يـعني کـه يـادگار نـکو ماند مستهام.
سـال تـمامـيـت چو نمود از خرد سوال،
”اينک چہ منتخب“ ز دل آمد مرا پيام.
1181
شڪر خدا ٿيو واجب، جو تحفة الڪرام،
ٿيو ٽن حـصن ۾ پــورو بازيــب ور نظام.
هـر جلــد ان جـو آهـي هـڪ باغ پر بــهـار،
جيڪو ڏسي انهيءَ کي ٿئي خوب شادڪام.
قـانـع اگـرچه لائق تـعـريـف جـو نــه آهــه،
پر اهل دل جي فيض مان حاصل ٿيس مرام.
من! موت کان پوءِ هن کي ڪن ياد اهل ذوق،
يـعنـي هـي يـادگـار ڇـڏيـو آهـي هـن غلام.
جڏهـين ڪيـم عقـل کان تاريخ جو سوال،
”ڪهڙو نه منتخب آهي“ دل کان مليو پيام.
****
شکـر خـدا کـه يـافـته تـزيين انتخاب
اين ”تحفة الڪرام“ بآذين انتخاب.
سال تماميت چو نمودم ز دل سوال،
هاتف زده نداکه ”نو آئين انـتخاب“ .
1181
شڪر خدا جو تيار ٿيو منتخب غريب،
هي تحفة الڪرام کليو واه وه! نصيب.
سـال تمام بابـت دل کـان ڪـيم سوال،
هاتف ندا ڪئي ته نئين طرز آ عجيب.
*****
***
*
|