سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

ڀاڱو ٻيو

صفحو ؛ 12

 

]باب چوويهون [

شهر ٺٽو ۽ اتي جا خاندان، بزرگ عالم ۽ شاعر

ٺـٽو

هڪ بهترين ۽ منتخب شهر، جو معرفت وارن جي جاءِ ۽ يقين جي ڌڻين جو وطن آهي. اتي جي زمين جي خاصيت آهي جو هوءَ فضيلت ۽ ڪمال جي کاڻ ۽ اتي جي مٽي طبعاً حال ۽ قال جي صاحبن جي پيدا ٿيڻ جو هنڌ آهي. آڳاٽي سمي ۾ سندس زمين مٿان سمنڊ جو پاڻي وريل هو. گهڻن ڏينهن گذرڻ ڪري جڏهن سمنڊ جو پاڻي ڇڏي ويو، تڏهن خشڪ پٽ رهجي ويو. پوءِ وري اروڙ جي شهر جي ويران ٿيڻ ۽ سنڌو نديءَ جي سيوهڻ ڏانهن وهڪري مٽائڻ ڪري، جيئن بيان ٿي آيو، زمين مٿان پاڻي وري ويو. جڏهن محمد طور جو شهر سومرن سردارن سميت ويران ٿي ويو ۽ وقت جي حڪومت سمن ڄامن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن مڪلي ٽڪريءَ جي دامن هيٺان، اتر طرف وارن باغن جي ڀرسان، ساموئيءَ نالي شهر ٻڌائون. ۽ هاڻي جيڪي واهڻ ۽ پرڳڻا آباد آهن، سي دستور موجب آباد رهيا. ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو سنه 900هه جي پوين مهينن ۾ نجومين کي، نئين شهر جي آباد ڪرڻ لاءِ، هڪ اهڙي زمين چونڊجڻ جو حڪم ڪيو، جا خوشي پيدا ڪندڙ هجي، جتي جا رهاڪو ڪم و بيش آرام پسند هجن، هميشه سير و تفريح ۾ زندگاني گذارين ۽ سندن فطرت ۾ ڪماليت جي لياقت هجي. اهڙين وصفن ۽ خصوصيتن سان ٺٽي جي سرزمين چونڊي ويئي، جنهن جي اڀرندي ۾ ڪجهه باغ هئا ۽ وچ شهر ۾ ميربحر ٿي رهيا. هن وقت ٺٽو ٻن معنائن سان آباد آهي. ڪي چون ٿا ته معنيٰ آهي "ته ته" يعني "هيٺاهين هيٺاهين" ۽ ڪن جو چوڻ آهي ته ٺٽه يعني ٺٽ، جا سنڌين جي اصطلاح ۾ ”ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ" جي معنيٰ رکي ٿي.

مخفي نه رهي ته هيءَ سرزمين، جئن تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو، پراڻي زماني ۾ به ٺٽي جي نالي سان سڏبي هئي ۽ جئن ته سنڌ جي مٿئين طرف کي عام ماڻهو سرو چوندا آهن ۽ هن هيٺئين طرف کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. اهو ٺٽي جي وجه تسميه (نالي جو سبب) جو کليو ثبوت آهي.

 ۽ جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقلابي حادثن کان ڀنڀور، ديول، بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر، جي ساڪوره جي سرزمين ۽ انهيءَ جي لاڳيتو واقع هئا، ويران ٿيڻ لڳا تڏهن اتي جا اڪثر باشندا هن شهر ڏانهن لڏي آيا. تڏهن گوياڪه  ”ته ته“  جي مصداق، موجب هاڻوڪي آبادي، انهن مٿين آبادين جو مجموعو آهي.

ڄاڻڻ گهرجي ته جڏهن ديول چوٿين ولايت ۾ آهي ۽ سندس ڊگهائي ڦاڪ ف ب ل 112 ۽ ويڪرائي ڦاڪ ل ي 450 مقرر هئي ۽ ٺٽي جي زمين پڻ انهيءَ سان ويجهي آهي، تڏهن گهڻو ڪري انهي جي ئي حڪم ۾ آهي. حڪيم مير عبدالرزاق اصفهاني، تخلص مشرب، جو سڀني علمن - خـصوصاً جعفر، حڪمت ۽ نجوم جي علمن ۾ - وڏي مهارت رکندو هو ۽ نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد جي ڀاءُ داؤد خان وٽ ڪيترو عرصو گذاري سن 1127 هجري ۾ گذاري ويو، تنهن کان ڪيترن معتبرن روايت ڪئي آهي ته ٺٽي جي زمين دراصل يونان جي زمين جي شاخ آهي. اهوئي سبب آهي ]185[ جو ڪماليت جا صاحب اڪثر انهيءَ زمين ۾ پيدا ٿين ٿا.

مطلب ته سڄيءَ سنڌ ۾ ههڙي لطافت ۽ صفائيءَ واري، سير و سياحت جي لائق ٻي ڪا به جاءِ ڪانه آهي. هتي جو صبح غمگينن جي دلين تان غم جي ڪٽ لاهيندڙ ۽ شام مسافرن لاءِ صبح جيئن وندرائيندڙ آهي. هتي جا رهاڪو هرهفته ٽوليون ٽوليون ٿي مڪليءَ يا باغن ۾ دل وندرائڻ لاءِ محفلون ڪندا آهن ۽ ههڙا معمولي شين تي به فراغت دوست ماڻهو ڪي ٿورا لڀندا.

مطلب ته هن شهر جون خوبيون ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. طوالت جي خوف کان مختصر طور بيان ڪري هاڻي ڪن سڳورن خاندانن، ولين، عالمن ۽ ٻين باڪمال مکيه ماڻهن جا ڪجهه حالات طبقن وار بيان ڪجن ٿا. شروعات اهل بيت جي برگزيده طبقي سان ڪجي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهي ئي موجودات جي ڪتاب جي بسم الله آهن. انهيءَ ۾ پڻ سندن تشريف آوريءَ جي قدامت جو لحاظ رکيو ويندو.

 

سيدن جو طبقو

اگرچه، هن ملڪ ۾، سيدن جي اچڻ جو وقت پوريءَ طرح معلوم ته نه ٿو ٿي سگهي، تاهم بالفعل، انهن خاندانن جو ذڪر واجب آهي جن جو نالو نشان اڃا تائين باقي آهي. جيئن هي وڻندڙ ڪتاب هنن بزرگن جي بيان جي برڪت سان حادثن جي مصيبت کان امان ۾ رهي ۽ بزرگن جي حالات جي تحقيق واري فائدي کان پڻ خالي نه هجي.

]هتي ڇاپي نسخه ۾  ”عجيبه“  جي عنوان سان مير امين الدين خان جي ڪتاب معلومة الافاق مان ڪي عجيب نقل آندا ويا آهن پر ميرقانع جي هٿ اکرين لکيل نسخي ۾ اهي ساڳيا نقل مير امين الدين جي بيان ۾ مٿي ذڪر ڪيا ويا آهن. اسان پڻ اهي نقل اتي لکي ڇڏيا آهن. تنهن ڪري هتي ڪونه ٿا لکون. قلمي نسخي ۾ پڻ هتي لکيل ڪونه آهن[

 

انجوي شيرازي سيد

هنن جي خاندان جي شرافت ۽ گهراڻي جو خالص هجڻ اڳين خواهه پوين جي ڪتابن ۾ مذڪور آهي.

سيد محمد ۽ سيد احمد. پيءُ ۽ پٽ، بزرگيءَ جي سڀني خوبين جا جامع ۽ ڪمال جا صاحب بسم الله الرحمان الرحيم سڳوريءَ جي عددن مطابق سال 786 هجري ۾ ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ تشريف فرما ٿي، منڇر جي پرڳڻي ۾ مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ رهاڪو ٿيا. ]186[ سيد محمد، جو ميران محمد جي لقب سان مشهور هو. حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪرڻ کان پوءِ (1) اِرْجِعِيْ اِلي رَبِّكِ رَاضِيَة مَرْضِيَّه - جو سڏ قبوليت جي ڪن سان ٻڌي روانو ٿي ويو (گذاري ويو).

هن عالي مقام جي بلند مقاميءَ جي ثبوت لاءِ هڪ ئي نڪتو ڪافي آهي ته جڏهن سندس اولاد مان سيد علي ثاني مڪليءَ تي قبو ٺهرايو تڏهن ]اهو قبو[ تيستائين اهل الله جي لاءِ زيارت گاهه نه بڻيو ۽ منجهس روح ۽ صفائي پيدا نه ٿي جيستائين، خواب جي حڪم مطابق، هن بزرگ جو لاش مراد اوٺيءَ جي ڳوٺ مان کڻائي هتي نه آندائون.

قصو ڪوتاهه، مرحوم پيءُ کان پوءِ سيد احمد الله وارن جي صورت ۾ اتي رهندو آيو. خدا وارن سان گهڻي صحبت ڪندو هو. هڪ ڏينهن شيخ عيسيٰ جي زيارت لاءِ ساموئيءَ ۾ آيو، قاضي نعمت الله عباسي، وقت جو هڪڙو وڏو عالم، کانئس اڳيئي شيخ جي خدمت ۾ ويٺو هو. شيخ سيد جي تشريف آوريءَ کي نهايت عزت جي لائق سمجهي، تعظيم سان پيش آيو پر قاضي بلڪل نه چريو. نيٺ سيد صحبت پوري ڪري اٿيو. وڃڻ وقت پڻ شيخ اڳئين کان به گهڻي تعظيم بجا آندي. قاضيءَ پڇيو ته  ”موٽڻ وقت سيد جي غائبانه هيتري تعظيم ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟“  جواب ڏنائين ته ”سندس پٺي ۾ زماني جو قطب ڏسڻ ۾ ٿو اچيم. جيڪڏهن منهنجي حياتيءَ وفا ڪئي ته انهيءَ جو مريد ٿيندس!“. هوڏانهن سيد قاضيءَ جي هن روش کان رنج ٿي دل ۾ ڦٺيون هڻندو اٿيو هو. سيد جي هن رنجش جي تاثير کان قاضي اڃا گهر پهتوئي ڪين ته اکين جي ديد گم ڏٺائين، جنهن جو کيس ڪو به سبب معلوم ٿي نه سگهيو. فاطمه نالي سندس ڌيءَ رات جو خواب ڏٺو جنهن جو مطلب هيءُ هو ته مٿئين سيد سان شادي ڪرڻ مان چار سڳورا موتي پيدا ٿيندا، جن مان هڪڙو نهايت نور سان دنيا کي روشن ڪندو. قاضي ٻئي واقعا صبح جو وڃي شيخ عيسيٰ کي ٻڌايا ۽ ]شيخ جي[ اشاري موجب نياڻي سيد جي نڪاح ۾ ڏيئي کيس پنهنجي گهر ۾ رهايائين - خواب جي مطابق مقرر وقت اندر، سيد مان چار پٽ ٿيا. 1- سيد علي، 2- سيد جعفر 3- سيد محمد شريف 4- سيد محمد حسين

آخر عام مخلوقات جي دستور جي تقاضا موجب اهو سڳورو به  1 محرم 845  هجري ۾ گذاري ويو. کيس عباسي قاضين جي مقام ۾ دفن ڪيو جو اڳتي هلي سندس اولاد جي سيدن جو مقام مقرر ٿيو.

]سيد علي[: سيد علي، بن سيد احمد، بن سيد محمد، عرف سيد ميران محمد، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هڪ آڳاٽو ولي ۽ سڳورو واصل بالله پيدا ٿيو. سندس ڪرامتن ۽ احوالن جو ڪو شمار ڪونهي. کانئس پوءِ ٻه ناليرا، الاهي جلال ۽ جمال جا مظهر، وڏي نسل ۽ اولاد جا ڌڻي، فرزند يادگار رهيا. 1- سيد جلال ۽ 2- سيد جمال.

]سيد جلال[: مٿئين سيد عليءَ جو فرزند پيءُ جهڙو حال ۽ قال جو صاحب پيدا ٿيو. ماڻهن کي فقيريءَ ۽ حق جي راهه ڏانهن رستو ڏيکارڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين.

]سيد علي ثاني[: سندس فرزند رشيد، سيد علي ثاني، جيڪو سير ۽ سلوڪ ۾ وڏن کان به وڌيڪ توفيق وارو ۽ نهايت متقي هو، تنهن ڪيئي دفعا بيت الله جي زيارت ڪئي هئي. ۽ حـضر خواهه سفر ۾ گهڻن ئي بزرگن جي زيارت ڪئي هئائين. هن درويش آجر کان فيض پرايو هو ۽ مخدوم نوح جو مريد هو. هن جون ڪرامتون ۽ بزرگيءَ جون نشانيون حد ۽ شمار کان ٻاهر آهن. ازان سواءِ هن چڱا نشان ڇڏيا آهن. جهڙوڪ مڪليءَ وارو نور ۽ روشنائيءَ سان ڀريل قبو. وڏي جماعت سندس فيض جي نظر سان وڏي ڪمال کي پهتا. رسالو  ”آداب المريدين“  ]187[ جو دين جي بزرگن جو دستور العمل آهي، سندس يادگار آهي. سو سن 971 هجري ۾ گذاري ويو.

]سيد جلال ثاني[: سندس ناليرو فرزند، سيد جلال ثاني آهي، جو پڻ حسب ۽ نسب جي بزرگيءَ ۽ شان ۾ وڏن وانگيان ناليرو ٿي گذريو آهي ۽ پيءُ ۽ ڏاڏي جو سجادهه نشين هو. مرزا باقي ترخان جي پٽ مرزا صالح پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ هن بزرگ کي ڏنو هو ۽ انهيءَ ئي سڱا بنديءَ جي ڪري مرزا محمد باقي کيس اڪبر بادشاهه جي حـضور ۾ موڪليو هو.

]سيد مير محمد[: سندس وفات کان پوءِ سندس فرزند سيد مير محمد، جو وڏي شان ۾ مشهور معروف هو، ۽ ترخان نامو، سندس تاليف آهي.

]سيد بزرگ[: انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد بزرگ، وڏن جا قائم مقام، بزرگيءَ جا گادي نشين ۽ ممتاز شخصيتون ٿي گذريا آهن.

]مير زين الدين[: انهيءَ کان پوءِ مير زين الدين عرف مير لطف الله، ڪمال جو صاحب، بزرگن جو مرجع ۽ سهڻين وصفن جو مالڪ ٿي گذريو آهي. پنهنجي وقت ۾ سيدن جو سردار ۽ رئيسن جو اڳواڻ هو. علمي لياقت ڏاڍي هوندي هيس. سندس تاليف ڪيل ڪتاب، حرزالبشر، مشهور آهي. هو شعر استادن جهڙو چوندو هو ۽ قانع تخلص ڪندو هو.

ڏسجي ٿو ته سندس تصنيفات، حادثن جو شڪار ٿي سندس سڳوري ذات وانگيان اکين کان مخفي ٿي ويون. هو سن 1130 هجري(1) ۾ گذاري ويو. هن ڪتاب جي لکندڙ (مير قانع) رضواعنه جو جملو سندس ]وفات جي[ سال موافق لڌو آهي.

هو ٻه پٽ ڇڏي ويو. هڪ سيد غلام علي ۽ ٻيو سيد عبدالولي. سيد عبدالولي، ڀاءَ جي سجاده نشين هوندي به جيستائين جيئرو هو، تيستائين بزرگيءَ جي دستور کي چڱي شان شوڪت سان هلائيندو آيو. ڪجهه سال ٿيندا جو گذاري ويو آهي. هڪ پٽ سيد ابراهيم نالي ڇڏيو اٿس. سيد غلام علي دستور موجب وڏن جو سجاده نشين رهندو آيو. هاڻي سندس فرزند مير لطف الله وڏن جو جانشين آهي.

]مير علي اصغر[: مير علي اصغر، ولد سيد فضل الله، بن سيد جلال ثاني، دستور موجب پيءُ وانگيان پنهنجن ڪرامتن سان نهمردين جي قوم ۽ ٻين جابلو راڄن جي فتوحات (نذر نياز) تي متصرف آهي. هن جماعت لاءِ مينهن جي مدد ۾، جنهن تي سندس زندگيءَ جو دارومدار آهي، سندس عجيب تصرف نمايان آهن.

چون ٿا ته سيد جلال ثاني لوهه جي ڪمان پـُـٽن جي وچ ۾ اڇلي هئي. انهيءَ لاءِ ته منجهانئن جيڪو انهيءَ ڪمان کي ڪشيندو سو جابلو راڄن جو سنڀاليندڙ ٿيندو. پيءُ جي ارشاد موجب سيد فضل الله اها ڪمان موڙي ڏيکاري ۽ راڄ سندس توسل ۾ رهيا. مينهن جي ضرورت وقت هيءُ پيءُ ۽ پٽ ڪامل تصرف ڪندا هئا. مير علي اصغر وڏي عمر جو ٿي گذاري ويو. جنهن صورت ۾ پنهنجو ڪو به اولاد ڪونه هوس، تنهن ڪري
        
]مير حسن علي[ مير حسن علي ولد سيد عبد الله بن سيد مير محمد بن سيد جلال ثاني، سندس ناٺي هجڻ جي تعلق سببان، گاديءَ تي ويٺو.

]مير لعلمير[:هاڻي مير حسن عليءَ جو فرزند رشيد مير لعلمير والد بزرگوار جو قائم مقام ۽ بزرگيءَ ۾ مشهور آهي.

]سيد جمال[: وڏي سيد عليءَ جو فرزند سيد جمال ٻنهي جهانن جي بزرگيءَ ۾ بيمثال ٿي گذريو آهي. هو ٻه فرزند 1- سيد علي محمد ۽ 2- سيد عبدالقدوس نالي ڇڏي ويو. سيد علي محمد ڪوبه فرزند ڪونه ڇڏي ويو ]باقي[ سيد عبدالقدوس، جو قدسي صفتن ۽ انساني خوبين سان موصوف ٿي گذريو آهي، انهيءَ اولاد ڇڏيو. جن مان:

]سيد الهڏنو[: سيد الهڏنو عرف سيد الو، ولد سيد شيخو(1) بن سيد احمد، بن سيد عبدالقدوس، مٿئين مير علي اصغر جو ناٺي هو. هو اولاد ڇڏي ويو، ۽ بزرگن جو نالو زندهه رکندي مقرر مدت کان پوءِ وفات ڪري ويو.

]سيد احمد[: ٻيو سيد احمد عرف سيد وڏو، ولد سيد حامد، بن سيد احمد، بن سيد عبدالقدوس هو. ]اهو پڻ[ وفات وقت ]188[ اولاد ڇڏي ويو. اگرچه سندن ٻيو اولاد پڻ موجود آهي. پر بندهه تبرڪ خاطر صرف هي نالا ذڪر ڪيا آهن.

]سيد جعفر[: سيد جعفر، بن سيد احمد، بن سيد محمد عرف ميران محمد، جنهن جو بيان مٿي گذري آيو، وڏين بزرگين ۽ عجيب نشانين جو مالڪ ۽ شاندار خوبين جو صاحب پيدا ٿيو هو. آب داڻي موجب گجرات ملڪ جي نهر والا شهر ۾ وڃي ممتاز طرح پيري مرشدي جاري رکيائين ۽ ڀائرن وانگيان انهيءَ سرزمين جي وڏن پيرن مان شمار ٿيڻ لڳو. هن اتي شادي ڪئي، جنهن مان سيد احمد نالي هڪ عالي مقام فرزند ڄائو. هو جڏهن وڏو ٿيو تڏهن سندس والد کيس پنهنجي جاءِ تي وهاري پاڻ سنڌ ڏانهن موٽي آيو ۽ گذاري ويو، سندس اولاد اتي آهي جن جو مختصر حال ٻئي جلد ۾ مذڪور آهي(1).

]سيد قاضي ميان[: مٿئين سيد جي اولاد مان هاڻي سيد قاضي ميان ٿوري وقت کان، اتي جي ناظم جي مائٽيءَ ۽ قضا جي عهدي جي تعلق سببان، ڀروج ۾ رهي ٿو. هڪ نهايت انسانيت وارو مرد آهي.

]سيد حمزو[: سيد احمد بن جعفر جي اولاد مان سيد حمزي نالي هڪ نهايت نوراني پير سن 1165 هجري ۾ سورت بندر ۾ ڏٺو ويو، جو سير ڪرڻ لاءِ اتي آيو هو. سندس پيشانيءَ مان ڪماليت بکي رهي هئي. هاڻي پڻ اتي ئي ٻڌجي ٿو. هن بزرگ جي اولاد مان ٻيا به ڪي ماڻهو سپاهين جي لباس ۾ نظر مان گذريا آهن.

سيد محمد شريف: ولد سيد احمد، بن سيد محمد عرف ميران محمد، جنهن جو ذڪر ٿي آيو، خانداني شرافت سان، شرف ۽ بزرگيءَ جو گادي نشين رهي، زندگي گذاري ويو آهي. سندس ٿوري اولاد پيڙهيءَ به پيڙهيءَ رهندي اچي.

]سيد لطف الله ۽ سندس اولاد[: سندس اولاد مان سيد لطف الله يادگار آهي. انهيءَ کان سيد مؤيد خان، پوءِ سيد محمود، پوءِ سيد لطف الله، وري سيد محمود، انهيءَ کان پوءِ سيد لطف الله عرف مير لطن ]پيدا ٿيا[. هيءُ بزرگ فقيري ۽ توڪل جي رستي جو سالڪ ۽ حـضرت شاهه عنايت الله صوفيءَ جي معتقدن مان هو. شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، سان پڻ مريدانه صحبت هوندي هيس. تسليم ۽ رضا جي درجي ۾ رهي، چڱي حالت ۾، هن بيبقا جهان کان موڪلائي، ويو. کانئس پوءِ سيد خادم عرف سيد ياسين پوئتي رهيو. انهيءَ کان پوءِ هاڻي سيد فضل علي وڏن جو يادگار آهي.

سيد محمد حسين: ولد سيد احمد، بن سيد محمد عرف ميران محمد، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، سندس ڄمڻ جي خبر، وقت جي صاحب، شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ ڏني هئي. ازانسواءِ ٻين ولين جهڙوڪ بيرکر گنج قلندر(1)، جو اڳتي مذڪور ٿيندو، کي پڻ خبر پئجي ويئي هئي. سندس ڄمڻ جي تاريخ قرة اعين (اکين جو ٺار) مان سن 831 هجري جي مطابق نڪري ٿي. هو ڄام فتح خان بن ڄام سڪندر سمي جي ڏينهن ۾ ڄائو هو.

چون ٿا ته ڄمڻ وقت اکيون نٿي کوليائين. شيخ عيسيٰ کي وڃي ٻڌايائون ته هو هڪدم زيارت لاءِ ڊوڙندو آيو. ۽ هن شيخ عيسيٰ جي منهن تي اکيون کوليون. شيخ ]ڏسي[ چيو ته هيءُ ئي اهو ماڻهو آهي جنهن جي مريديءَ لاءِ مون کي انتظار هو. الحمد [ جو مراد پوري ٿي. تنهن کان پوءِ ٽئين ڏينهن گذاري ويو. باقي ٻيون ڪرامتون، جي حمل، ٿـڃ پياڪي، پالپڻي ۽ ٻين وقتن تي کانئس ظاهر ٿينديون رهيون، سي حاجي محمد حسين  ’صفائي‘  جي جوڙيل رسالي تذڪرة المراد ۾ بيان ٿيل آهن. سندس ذات سڳوريءَ جو مٽ سندس ڏينهن ۾ ته ڇا پر گذريل خواهه ايندڙ زماني ۾ به سنڌ اندر ڪو ورلي پيدا ٿيو هوندو. ڪيترا مشائخ سندس مريدي جي لاڳاپي تي فخر ڪندڙ آهن. هڪ وڏي جماعت سندس صحبت جي فيض سان هدايت جي رستي کي پهتي ۽ ولين ۽ متقين جي سلسلي ۾ داخل ٿي آهي. اڪثر ڪري ظاهري شريعت جي پابندي، وعظ نصيحت ۽ طالبن کي ارشاد ڪرڻ ۾ پنهنجا برڪت ڀريا ڏينهن گذاريندو رهندو هو.

نقل آهي ته شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو پوٽو شيخ صدر الدين، پيري مرشدي جي غلغلي سان ٺٽي ۾ منزل انداز ٿي، سندن زيارت لاءِ آيو. ٻئي بزرگوار گڏجي وڏي جامع مسجد، ]189[ جا هاڻي مسجد ولي نعمت جي نالي سان مشهور آهي، ۽ اصل ۾ سمن بادشاهن جي ٺهرايل هئي، ڏانهن روانا ٿيا. شيخ، واٽ ۾ هڪ مئل ٻلي ڏسي، اشارو فرمايو ۽ هوءَ هڪدم جيئري ٿي، اٿي کڙي ٿي. سيد مسجد ۾ ويهي هڪ خادم کي فرمايو ته ٻاهر نڪري جيڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ اچيئي، تنهن کي سڏ ڪر. خادم هڪ برهمڻ کي وٺي آيو. هو مسجد ۾ لنگهي، هڪدم ممبر تي چڙهي، وعظ ۾ مشغول ٿيو ۽ بسم الله جي لفظ جون چوڏهن معنائون ٻڌايائين. اتي سيد، شيخ کي چيو ته مئل کي جيئرو ڪرڻ بدعت آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مان ماڻهن کي ايذاءُ پهچي ٿو ۽ موت جو عذاب ۽ سزا وري وري چکڻي پوي ٿي. پر مئل دل کي جيارڻ، مشائخن جو طريقو آهي. جنهن تي شيخ، دل جي تصديق سان فرمايو ته تون مشائخن جي مراد آهين ۽ تو وٽان ئي مرادون حاصل ٿينديون. انهيءَ وقت کان وٺي، هن شاهه خدا آگاهه تي ”مراد“ جو لقب پئجي ويو. پاڻ انهيءَ لقب جي بدلي ۾ شيخ صدر الدين کي ”حليم“ جو لقب عطا ڪيائون ۽ انهيءَ تي پڻ اهو لقب يادگار رهيو. مسجد صفه سيد جي آثارن مان آهي. جا دراصل هندن جي هڪ عاليشان مڙهي هئي. هن جو ذڪر رسالي تذڪرة المراد ۾ موجود آهي. چون ٿا ته اهو بتخانو ڄام نندي جي وزير لکسير ناليءَ هندوءَ جو هو. جڏهن سندس گهر مسجد بنجي ويو، تڏهن هن سيد بزرگوار جي خدمت ۾ حاضر ٿي، مولي نالي پنهنجي پوٽي جي حق ۾ دعا گهرائي. پاڻ فرمايائونس ته شهر جي اتر پاسي ڏانهن اچي رهيو. ]انهيءَ پاسي ڏانهن[ جيترو به شهر هوندو سو تنهنجي پوٽي جي نالي مشهور ٿيندو. مولي ٺٽي مان اهوئي مطلب آهي.

جنهن صورت ۾ هن دار فانيءَ مان دار باقيءَ ڏانهن لاڏاڻو ڪرڻ، نبين، ولين ۽ عام مخلوقات جو دستور آهي. تنهن ڪري هيءُ پڻ مقرر مدت گذرڻ کان پوءِ سن 893 هجري ۾ متڪئين علي الارائڪ(1) جي جماعت ۾ وڃي داخل ٿيو.  ”ساجد مخلص“  سندس تاريخ آهي.

هن سڳوري کي عباسي قاضين جي قبيله مان شادي ڪرڻ تي ٽي عالي گوهر فرزند ۽ ٽي پاڪدامن نياڻيون، زماني جي زينت، پوئتي رهيون. 1- سيد منصور، 2- سيد نعمت الله ۽ 3- سيد حماد. جنهن صورت ۾ هر هڪ جي اولاد گهڻي آهي. تنهن ڪري صرف سجاده نشينن ۽ ڪن ٿورن ٻين نامي گرامي بزرگن جو بيان تبرڪ طور ڪيو وڃي ٿو.

]سيد منصور[: مٿئين سيد محمد حسين جو هدايت وارو فرزند سيد منصور پيءُ بزرگوار کان پوءِ پيري مرشدي جي سلسلي ۾ پيءُ جو سجاده نشين ٿي رهيو. هو سڀني خوبين جو جامع ۽ شاندار ڪرامتن جو صاحب هو.

]سيد منصور جو اولاد[: کانئس پوءِ، سندس ناليرو فرزند، سيد احمد، بزرگيءَ جي گاديءَ جو مسند نشين ٿيو، ۽ وڏن جو دستور سهڻي نموني سان زندهه رکندو آيو. تنهن کان پوءِ سيد احمد جو فرزند، سيد محمد طاهر، وڏن جو جانشين ٿيو. هن ٿوري وقت کان پوءِ حرمين شريفين جي زيارت جو ارادو ڪيو، جنهن صورت ۾ سندس فرزند سيد عبدالرحمان صغير هو، تنهن ڪري پنهنجي صهري سيد شمس الدين ولد سيد حسين بن سيد منصور کي پنهنجي گاديءَ تي وهاريائين. هن شرط تي ته جڏهن سندس مٿيون فرزند لائق ٿيندو، تڏهن گادي سندس حوالي ڪندو. ٿوري وقت کان پوءِ خبر آئي ته سيد محمد طاهر اتي گذاري ويو. اتفاقاً سيد شمس الدين، هتي انهيءَ کان اڳ گذاري ويو. جيئن سيد محمد طاهر جو فرزند سيد عبد الرحمان اڃا ٻار هو تنهن ڪري سيد شمس الدين جو پٽ ]190[ سيد حسين پيءُ جو جاءِ نشين ٿيو. آخر سيد عبدالرحمان ولد سيد محمد طاهر وڏو ٿي مرحوم پيءُ جي امانت جو دعويدار ٿيو. اتي سيدن سڳورن سيد حسين جي بزرگيءَ جي ادب ۽ سندس محروميءَ جي ڊپ کان ٻه گاديون مقرر ڪيون.

سيد عبدالرحمـــٰـن ولد سيد محمد طاهر، ٻن گادين جي فيصلي کان پوءِ، صفحه جي بيٺڪ، اضحي جي گوشت جي تقسيم، ۽ سواريءَ ۾ مقدم ۽ پهريون نمبر مقرر ٿيو. سيد عليءَ جي جاءِ نشين جي بيٺڪ کٻي پاسي ۾ مقرر ٿي.

سيد عبدالرحمـــٰـن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ سيد منصور، تنهن کان پوءِ هن جو پٽ سيد عبدالرحمــــٰـن، پوءِ انهيءَ جو پٽ سيد محمد طاهر، انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد شجاع عرف سيد ناٿن وڏن جي گاديءَ سان سرفراز ٿيا. هاڻي سيد محمد طاهر عرف سيد ميرمحمد ولد سيد محمد شجاع پهرينءَ گاديءَ جو سجاده نشين، وڏن وارين خوبين جو مالڪ آهي.

مٿي لکيل موجب ٻي گادي، سيد شمس الدين، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، جي پٽ سيد محمد حسين کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد کي ملي، انهيءَ کان پوءِ هن جو پٽ سيد محمد فاضل عرف سيد موٽڻ شاهه ٻيءَ گاديءَ جو وارث ٿيو. هو نهايت جلاليت ۽ ڪرامت سان گذاري ويو. هن جون ڏاڍيون ڪرامتون مشهور آهن. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد خليل کانئس پوءِ هن جو سڳورو پٽ سيد علي ٻيءَ گاديءَ جو سجاده نشين ، نهايت بزرگيءَ جي شان سان وڏن جو يادگار آهي.

سجادهه نشينن جي بيان کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ مٿئين پير جي اولاد مان ڪن ناليرن ماڻهن جو ذڪر تبرڪاً ڪجي ٿو.

مير محمد محسن: مٿئين مير جي سڳوري اولاد مان چڱي حالت ۾ زندگي گذاريندو هو. هو وقت جي حاڪمن وٽ ممتاز هو. وقت جي شيخ مير مرزا جان جو ناٺي ٿيو جنهن مان ٽي فرزند پيدا ٿيس. پهريون مير محمد ڪلان جيڪو پنهنجي ميرزائي شان سان چڱو وقت گذاري ويو. هاڻي سندس پٽ مير اسد الله وڏن جو يادگار آهي. 2- مير ابن، جو پنهنجي مرضيءَ سان فقيري اختيار ڪري، صاحب حال جو رهي، حياتيءَ جو وقت گذاري، اولاد ڇڏي ويو. ۽ 3- مير غلام علي عرف مير کولو، جو سالڪن ۾ اويسي مشر ۽ حال ۽ قال جو صاحب رهي ڪري تازو گذاري ويو آهي.

]مير عبدالقدوس[: مير عبد القدوس، ولد سيد حامد، بن سيد حسن، بن سيد حامد، بن سيد شرف الدين، بن سيد حسين بن سيد منصور، جنهن جو بيان ٿي آيو، هڪ وقت جو وڏو عالم، بزرگيءَ جي شان جو مالڪ ۽ پاڻ جهڙن ۾ ممتاز پيدا ٿيو. سندس فوت ٿيڻ جي تاريخ 1146 هجري آهي. آيت سڳوري  ”هـُـم مـُـڪـَـرمـُـون فـِـي جناتِ النـِـعيم“  هن واقعي جي مطابق آهي.

]مير منصور علي[: هاڻي سندس حقيقي پٽ مير منصور علي، هڪ جوان وڏن جي راهه تي هلڻ جي توفيق رکندڙ يادگار آهي.

مير محمد نعيم: مٿئين پير جي اولاد مان، ارشاد ۽ چڱيءَ حالت جو صاحب پيدا ٿيو ۽ وڏن واري سلوڪ جي رستي تي پوريءَ طرح هلي، گذاري ويو. سندس فرزند يادگار آهن.

مشهدي سيد

جي نجابت جي صفت ۾ مشهور آهن.

سيد يعقوب ۽ سيد اسحاق: ٻئي بزرگ ڀائر ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾، سن 901 هجري ۾، مشهد مقدس کان لڏي اچي ساموئيءَ ۾ وارد ٿيا جا ٺٽي جي ٻجهڻ هوندي به اڃا ڪن پيارن جي رهائش گاهه هئي. سيد يعقوب جي حالت ڪماليتن سان سينگاريل هئي.

چون ٿا ته شينهن تي سوار ٿي آيو هو. عمرڪوٽ جي ويجهو سومرن جي گهراڻي جون ست پاڪدامن نينگريون ]191[ سما قوم جي ڪن رئيسن جي ظلم کان سندس پناهه ۾ اچي ساموئي پهتيون هيون، جيئن مٿي بيان ٿي آيو. آڪريه قوم جا وڏا جيڪي آڪره جا رهندڙ ۽ لوهارڪو ڌنڌو ڪري وقت گذاري رهيا هئا سي پڻ جڏهن سيد اچي انهيءَ پاسي ڏانهن لنگهيو، تڏهن سندس مريد ٿي خدمت ۾ رهڻ لڳا. آڪر انهيءَ قوم جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. انهن جي اولاد اڄ تائين مٿئين سيد جي مريد آهي.

قصو ڪوتاهه ته سيد يعقوب پنهنجي زندگيءَ جو مقرر وقت گذاري سن 922 هجري ۾ هن دنيا مان سفر جو سامان ٻڌي ويو. سندس مزار ساموئيءَ ۾ آهي. هو پويان اولاد ڇڏي ويو. جن مان ڪي اڃا تائين تعلقي ڪڪرالي جي داري ديهه ۾ رهن ٿا. ڪي ٻين پاسن ڏانهن لڏي ويا آهن ۽ ٿورا آڪر ۾ رهي اتي گذاري ويا.

]سيد ملوڪ شاهه[: ٺٽي ۾ سيد ملوڪ شاهه پنهنجي وقت ۾ هڪ وڏو ڪمال ڌڻي ۽ حال جو صاحب ٿي گذريو آهي. هو قاضي سدوءَ جو مريد هو. سندس قبر مٿئين قاضيءَ جي ڀرسان مشهور آهي.

]سيد جلال الدين ۽  سندس اولاد[: ٻيو سيد جلال الدين، جو بزرگيءَ جي اخلاق سان سينگاريل ۽ بزرگن واري اعليٰ سلوڪ تي رهي گذاري ويو. کانئس پوءِ هڪ سيد خير الدين، ٻيو سيد شريف باقي رهيا. سيد خير الدين جي اولاد ۾ پشت به پشت عمدن اخلاقن سان موصوف ۽ فقيريءَ ۽ رضا جي راهه ۾ ڪامل سيد پيدا ٿيندا ۽ گذرندا رهيا آهن. هاڻي سيد محمود عرف سيد بولو سندن يادگار باقي آهي. سيد شريف جي اولاد مان پڻ هڪ ٻئي جي پويان بزرگ گذرندا آيا آهن هاڻي سيد سائين ڏني جو اولاد سيد ملوڪ ۽ سندس ڀائر وڏن جو يادگار موجود آهن.

مٿين سيد يعقوب جو ڀاءُ سيد اسحاق پڻ ظاهري ۽ باطني ڪماليتن سان سينگاريل هو. پويان ڪا اولاد ڪانه ڇڏيائين. ڀاءُ سان گڏ دفن ٿيل آهي.

]سيد احمد ۽ سيد محمد[: سيد محمد عابد مشهديءَ جا فرزند سيد احمد ۽ سيد محمد جنهن وقت ايران ۾ شيعه مذهب جي غلبي ۽ غلو جي سببان ]سن 906 هجري[ مطابق تعداد لفظ مذهب ناحق، ۾ ايران جي اڪثر شهرن جي بزرگن ۾ اچي تفرقو ۽ لڏ پلاڻ پئي هئي، تنهن وقت حرمين جي ارادي سان لڏي سير ڪندي اچي سنڌ جي ملڪ مان لنگهيا ۽ سن 910 هجري ۾ ساموئي ۾ منزل انداز ٿي، دريا جي موسم جي انتظار ۾ رهي پيا. اتفاقاً سيد محمد جيڪو ظاهري ۽ باطني ڪماليتن سان سينگاريل هو، تنهن ٻئي جهان جو سفر اختيار ڪيو ۽ اولاد ڇڏي ويو. سندس وڏو ڀاءُ دل شڪستو ٿي اڪيلو رهجي ويو جنهن ڪري ٽڪي پيو. انهيءَ ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن شاهه بيگ اچي سنڌ پنهنجي قبضي هيٺ آندي ۽ ارغونن جي هڪ جماعت کي مغلواڙي محلي ۾ رهايائين، جتي اڳيئي شافعي المذهب مغلن جي هڪ ٽولي رهندي هئي ۽ باغات ۽ کلي هوا ۾ اتي جي زمين ممتاز هئي، تڏهن سيد کي پڻ بزرگيءَ جي صفتن سان سينگاريل ڏسي کڻي رهايائين ۽ کيس لائق وجهه معاش مقرر ڪري ڏنائين. دل شڪستو سيد، فوتي ڀاءُ جي تعلق سببان ۽ پڻ انهيءَ ڪري جو هي زمين اصل کان وٺي ڪشش ڪندڙ آهي، هميشه لاءِ هتي رهي پيو ۽ چڱيءَ حالت ۾ هڪ جماعت جو مرشد ٿي، ڪمال وارن جي شڪل ۾ گذاري، عمر جو مقرر حصو پورو ڪيائين.

]سيد احمد جو اولاد[: کانئس پوءِ سندس ناليرو فرزند سيد محمد، پيءُ جو جانشين ٿيو ۽ ڪمال جي صفتن سان زندگي گذاريائين. کانئس پوءِ سيد داؤد انهيءَ کان پوءِ سيد احمد، انهيءَ کان پوءِ سيد يعقوب، هر هڪ پنهنجو دورو بزرگيءَ ۽ ڪمال سان پورو ڪيو.

سيد يعقوب جي اولاد مان ٽي ڀائر هر هڪ سيد اسماعيل، سيد جلال ۽ سيد جمال ]192[ پيءُ سان گڏ هندوستان ڏانهن لڏي ويا ۽ اولاد سميت وڃي اتي رهيا.

سيد يعقوب کان پوءِ سندس فرزند رشيد سيد داؤد، پيءُ جي جاءِ تي بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. هو هر قسم جي ڪمال سان سينگاريل هو. آخر شهيد ٿيو.

سندس پٽ سيد محمد ظاهري علمن ۾ فائق هو. باطني علم ۾ پڻ چڱو بهرو هوس.

انهيءَ کان پوءِ سيد ابوالمڪارم بلند اخلاقن ۾ مشهور هو. سيد علي بن سيد شرف الدين کان، جو حـضرت غوث الثقلين جي اولاد مان سير و سياحت جي خيال کان ٺٽي آيو هو، خلافت حاصل ڪئي هئائين. ظاهري علمن ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. جهانگير بادشاهه سندس ڪمال جون خبرون ٻڌي، کيس اولاد جي معاش لائق وظيفو ٻڌي ڏنو. جڏهن خسرو خان چرڪس سندس حويليءَ جي ڀرسان جامع مسجد تعمير ڪرائي تڏهن انهيءَ جو متولي به کيس بنايو ويو. سندس وفات جي تاريخ، 1065 هجري،  ”ستون دين فتاد“  مان ڪڍي اٿن.

کانئس پوءِ سندس پٽ سيد مرتضيٰ پڻ پيءُ واري ڪماليتن جي زيور سان سينگاريل هو ۽ فضيلت ۾ مشهور رهي ڪري پنهنجا برڪت ڀريا وقت پورا ڪيائين. درس للو، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، سندس وقت ۾ سندس پاڙي ۾ رهڻ لڳو هو.

هن کان پوءِ، سندس پٽ، سيد محمود ڏاڏي مرحوم جي خلافت تي ويهي مريدن خادمن جو مرشد بڻيو.

تنهن کان پوءِ سندس پٽ محمد اشرف نهايت مسڪينيءَ ۽ تقويٰ سان حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪيا. هاڻي سيد محمود عرف سيد پيرڏنو، جو صغير بچيو هو، وڏن جي خلافت جو جانشين آهي.

]سيد محمد قاسم[: سيد محمد قاسم بن سيد محمد بن سيد داؤد شهيد، جنهن جو بيان ٿي گذريو، مٿئين سيد احمد مشهديءَ جي اولاد مان، حق جي طالبن جي لسٽ ۾ داخل ۽ حال جو صاحب پيدا ٿيو. هو سيد جعفري رضوي بکري، جنهن جو بيان ٿيندو، جي هٿان سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو خليفو ٿيو. پير جي ميلي تي ٺٽي جي خلق کي پاڻ سان وٺي وڃڻ ۽ موٽائي آڻڻ، سندس ذمي آهي. شعبان مهيني ۾ هڪ خلاصو ميلو، ٺٽي ۾ سندس جاءِ تي ٿيندو آهي، جنهن ۾ فقير ٽولين جون ٽوليون اچي گڏ ٿيندا آهن. سندس وفات جي تاريخ  ”في جنة العالية“  (1054) مان ڪڍي اٿن.

]سيد لطف الله[: سندس ڀاءُ سيد لطف الله عرف سيد لطف پڻ حسبي خواهه نسبي ڪمالات سان موصوف ٿي گذاريو آهي.

]سيد محمد قاسم جو اولاد[: سيد محمد قاسم کان پوءِ سندس سڳورو فرزند سيد فقير محمد پنهنجي ڀلاري پيءُ جو جاءِ نشين بڻجي خاص بزرگيءَ سان ٿي گذريو.

انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد عابد وقت جو بزرگ ۽ هدايت جي آئيني جو روشن ڪندڙ ٿيو.

کانئس پوءِ سيد حامد شاهه پوئتي رهيو. جڏهن هو گذاري ويو ۽ حقيقي اولاد ڪونه ڇڏيائين تڏهن خلافت جي دستار سندس کير - پياڪ صغير ڏوهٽي جي سر تي رکيائون ۽ سندس ناٺي سيد نظر علي ولد سيد محمد طاهر، عرف سيد مير محمد، جو پير مراد شيرازي انجوي جي سجاده نشين جي پيڙهيءَ مان هو، هن سلسلي جو بااختيار سنڀاليندڙ مقرر ٿيو. هو دستور موجب پنهنجي ميلي، ۽ سيد عبدالڪريم جي ميلي تي خلق کي وٺي وڃڻ جو سنڀاليندڙ آهي.

سيد نظر عليءَ جو صغير پٽ ٻه - ٽي سال ناني جي دستار جو مالڪ رهي ننڍپڻ ۾ ئي گذاري ويو.

هاڻي يارهن سالن جو نينگر مير نجم الدين هن بزرگيءَ جي بار جو کڻندڙ آهي. ۽ سندس ڏاڏنگ مان سيد پير ڏنو، سيد محمد حسن ولد سيد ابوالبقا، ۽ سيد عماد الدين بن سيد ابوالبقا بن سيد محمد بن سيد داؤد شهيد کان سواءِ ٻيو ڪوبه موجود ڪونهي.

شيرازي عرف شڪر الاهي سيد: هنن جا وڏا حسب ۽ نسب جي بزرگيءَ ۽ شان ۾ مشهور ۽ سندن قديم بزرگي معتبر ڪتابن ۾ مذڪور آهي.

]قاضي سيد شڪر الله[: قاضي سيد شڪر الله، ولد سيد وجہ الدين، بن سيد نعمت الله، بن سيد عرب شاهه، بن امير نسيم الدين محمد عرف مير ڪشاهه، بن امير عطاءَ الله جمال الدين محدث، بن فضل الله بن مير عبدالرحمان، بن عبد اللطيف حسيني دشتڪي - امير نسيم الدين، امير جمال الدين، سندس چاچي مير لعل الدين ۽ سندس ڪن سؤٽن جو بيان، جهڙي طرح قاضي نور الله شوستري حبيب السير کان ]193[ نقل ڪيو آهي ۽ جيئن روضته الصفا، هفت تعليم ۽ ٻين معتبر ڪتابن ۾ مذڪور آهي، تيئن بجنسي ٻئي جلد ۾ لکيو ويو آهي. هتي ٻيو دفعو لکڻ جي جرات نٿي ڪجي.

جيئن تاريخ طاهري وغيره ۾ لکيل آهي، مٿيون سيد سن 906 هجري ۾ هرات کان قنڌار ۽ اتان شاهه بيگ جي حڪم سان سن 927 هجري ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ مرزا شاهه حسن ولد شاهه بيگ جي ڏينهن ۾ هن نئين فتح ٿيل سر زمين ۾ قضا جي عهدي سان سرفراز ٿيو. اصل ۾ سندن آمد واپارين جي شڪل ۾ ٿي هئي.

نقل - شاهه حسن امتحان خاطر هڪ واپاري کان گهوڙا خريد ڪري قيمت ادا ڪرڻ ۾ سستي ڪئي. واپاري مايوس ٿي شريعت جي ڪورٽ ۾ دعويٰ لاءِ اچي حاضر ٿيو. جنهن صورت ۾ دين جي قاعدي ۽ دعوائن جي فيصلي ۾ شاهه ۽ گدا برابر آهن تنهن ڪري قاضي بادشاهه ڏانهن سمن موڪلي ۽ ديندار بادشاهه پڻ هڪدم اچي حاضر ٿيو. جنهن صورت ۾ هن کان اڳ دستور هو ته مدعي ۽ مدعاعليه کي هڪ هنڌ بيهي دعويٰ بابت سوال جواب ڪرڻو هو، تنهن ڪري قاضي بندوبست ڪري ڇڏيو هو جيئن بادشاهه مدعيءَ کان هڪ وک به مٿي نه وڌي سگهي. جڏهن بادشاهه جو مقصد رڳو امتحان وٺڻ هو تڏهن هڪدم مدعيءَ کي راضي ڪري ڇڏيائين. هاڻي قاضي اٿي هميشه جي دستور موجب بادشاهه جي خدمت بجا آندي ۽ موزون جاءِ تي ويهاريو. ٿوري دوستانه صحبت کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي بادشاهه چيو ته  ”ڪمر ۾ هيءُ خنجر انهيءَ لاءِ آندي هيم ته جيڪڏهن توهان منهنجي رعايت ڪري، شريعت جو قانون ڇڏي ڏيو ۽ خدمتگارن مان ڪوبه سيديءَ ۽ بزرگيءَ جو خيال رکي چُون چرا نه ڪري ته مان پنهنجي هٿ سان هن هٿيار جي ذريعي سيکت ڏيندس“ . سيد پڻ گاديءَ جي هيٺان اگهاڙي ترار ڪڍي ڏيکاري ته  ”مان پڻ اهو خيال ڪيو هو ته متان بادشاهه شريعت جي خلاف هلت ڪري ۽ انهيءَ وقت ڪوبه ماڻهو ويجهو اچڻ جي جرات نه ڪري ته مان پاڻ هن ترار سان شرعي سياست بجا آڻيندس“ . هن نقل جو مضمون تاريخ طاهريءَ ۾ لکيل آهي.

قصو ڪوتاهه، اها صحبت پوري ٿي ته ٿورن ڏينهن کان پوءِ قاضيءَ هن خدمت کان استعيفا ڏيئي چيو ته  ”بشريت جي ڪمزوريءَ کان ڪوبه خالي نه آهي. آءٌ هيءُ ڳرو بار کڻي نٿو سگهان“ . آخر سندن ئي ڏس تي قاضي شيخ محمد اُچ واري کي گهرائي انهيءَ خدمت تي مقرر ڪيو ويو.

بزرگن کان ٻڌو ويو آهي ته جتي پاڻ اچي رهيا ۽ انهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سندن اولاد رهندو اچي، اتي انصار قبيلي جان پويان رهندا هئا. گهڻي زماني گذرڻ ڪري انهن مان ڪو ڪو نه رهيو. سيد شڪر الله جي اولاد مان  سيد محمد محسن، ولد سيد علي اڪبر، ولد سيد عبدالواسع کان ٻڌو ويو آهي ته انهيءَ قبيلي جا ڪي ماڻهو سنڌ جي ٻاهراڙين ۾ رهندا آهن ۽ انهن مان هڪ پوڙهو ماڻهو، ڪڏهن ڪڏهن ٺٽي ۾ ايندو هو ته اسان سان ملڻ به ايندو هو. مقام جو چبوترو، جنهن ۾ بزرگ آرامي آهن، سو به پهريائين انهن جو هو. ڪي قبرون اڃا موجود آهن.

چون ٿا ته آڪر جي رهاڪو انصارن جو هڪ ٻيو قبيلو ڏاڍي طاقت ۽ مشهور دولت وارو هڪ وڏو قبيلو هو. مشهور خواجه، خواجه شڪر جي اولاد، جن جا وڏا شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ سان گڏ برهان پور کان آيا هئا، سي به دراصل انهن جا گماشتا هئا. ]194[ آخر سندن دولت جي زوال کان پوءِ ٺٽي جي الهندي واري مشهور محله ۾ خواجن ناميارو عروج حاصل ڪيو. انهن کان پوءِ ڪشمشي واپارين جي قوم ڪنڌ کنيو ۽ پنهنجو وارو وڄايائون.

قصو ڪوتاهه، سيد قاضي شڪرالله انصارن مان شادي ڪري، انهيءَ قبيلي مان سيد ظهير الدين نالي هڪ پٽ ڄڻيو جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو.

چون ٿا ته مٿئين سيد سان ٽي ٻيا به وڏا ڪمال جا صاحب بزرگ ٺٽي آيا هئا ۽ انهن دوستن جي وچ ۾ هڪ خاص اتحاد هوندو هو. اهي سيد منبه، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله آهن جن مان هر هڪ جو بيان پنهنجي جاءِ تي ايندو. سيد شڪر الله وفات جي وقت پنهنجي ناليري پٽ کي وصيت فرمائي هئي ته  ”پنهنجي اولاد کي مشڪل پيش اچڻ وقت هنن يارن مان ڪنهن به هڪڙي ڏانهن رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪري“ . انهيءَ فيصلي موجب سيد شڪر الله ثاني جي ٻنهي فرزندن سيد محمد حسين ۽ سيد ظهير الدين ثانيءَ جي اولاد، سيد منبه سان تعلق رکندڙ آهي. سيد نظام الدين جي اولاد، سيد ڪمال سان لاڳاپيل ۽ سيد عبدالرحمان جي اولاد، سيد عبدالله جي دامن کي جهليندڙ آهي. سيد شڪر الله جي قبر سيد عبدالله جي درگاهه جي الهندي ۾ خدا وارن لاءِ زيارت گاهه آهي.

]مير ظهير الدين[: سندس انتقال کان پوءِ سندس هدايت وارو پٽ مير ظهير الدين ولد سلام عرف مير جادم والد بزرگوار جو جانشين ٿيو. هو فضيلت ۽ چڱيءَ حالت جو مالڪ هو. ظاهر ۾ پرهيزگاري، شريعت جي پابندي ۽ درس تدريس ۾ ۽ باطن ۾ فقيريءَ جي واٽ ۽ وڏن جي طريقي تي هلڻ ۾ مشغول هو. وفات ڪرڻ وقت ٻه پٽ 1- سيد شڪر الله ثاني، ۽ 2- سيد عبدالرحمان نالي ڇڏي ويو.

سيد شڪر الله ثاني: پيءُ ۽ ڏاڏي جي وصفن سان سينگاريل پيدا ٿيو هو ۽ زماني ۾ نالي نيڪيءَ سان زندگاني گذاريائين. کانئس پوءِ چار برگزيدا فرزند پوئتي رهيا. 1- سيد محمد حسين، 2- سيد نور محمد، 3- مير ظهير الدين ثاني، ۽ 4- سيد لطف الله.

]سيد محمد حسين ۽ سندس اولاد[: سيد محمد حسين پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽ حسبي خواهه نسبي ڪماليت سان موصوف هو. هو ٻه پٽ 1- سيد مير محمد 2-سيد عبدالواسع ڇڏي ويو.

سيد عبدالواسع پڻ ٻه پٽ ڇڏيا 1- سيد علي اڪبر 2- سيد علي اصغر. هر هڪ فضيلت ۽ حالت ۾ وڏن جي رسمن جو يادگار هو.

سيد علي اڪبر ٻه سڳورا فرزند ڇڏي ويو. 1- سيد ابوالقاسم 2- سيد محمد محسن.

سيد ابوالقاسم، سيد شاهه والي نالي هڪ پٽ ڇڏيو. جيڪو بزرگيءَ جي صفتن سان موصوف ۽ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ زندگي گذاري ويو. هو مخدوم رحمت الله جو شاگرد هو.  ”تحفة المجالس“  جهڙو ڪيترن علمن  جو جامع نسخو سندس يادگار آهي. املا، انشاءِ ۽ شعر ۾ صاف طبيعت ۽ ڪافي ذهنيت جو مالڪ هو. قاضي محمد يحيٰ جي ڀاءُ قاضي محمد امين جي وفات جي تاريخ  ”الحافظ لحدود الله“  1139(1) مان ڪڍي هئائين. سن 1150 هجري ۾ تعلقي ڪڪرالي ۾ پنهنجي جاگير جڳت پور جي ڳوٺ ۾ گذاري ويو. سندس لاش شهر ۾ کڻي آيا. سندس شاگرد لطف الله ڪتابي وفات جي تاريخ  ”قدفات في عشقه“ (2) مان لڌي آهي.

کانئس پوءِ ٻه فرزند رهيا 1- مير سراج الدين ابو القاسم 2- مير محمد ناصر - مير محمد ناصر دلي دوستن کي جوانيءَ ۾ ئي جدائي جو داغ ڏيئي سن 1178 هجري ۾ گذاري ويو. سندس فرزند مير شڪر الله عرف ڇتن نالي يادگار آهي.

مير شاهه وليءَ جو وڏو فرزند مير سراج الدين ابوالقاسم، وڏن جي وصفن سان ]195[ موصوف، وڏن جو يادگار ۽ گادي نشين ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ آهي. اتفاقاً 23 ذوالقعد سن 1184 هجري(3) ۾ گذاري ويو. شعر جو چڱو ملڪو هوس. قرآن شريف مان تاريخ ڪڍڻ ۾ ته معجزو ڪري ڏيکاريندو هو. اخلاص خاطر شعر جي مشق راقم الحروف وٽ ڪندو هو.

]سيد عبدالرحمان ۽ سندس اولاد[: وڏي سيد ظهير الدين والاسلام عرف مير جادم جوپٽ سيد عبدالرحمان ٽي پٽ ڇڏي ويو. 1- سيد محمد، 2- سيد وجه الدين ۽ 3- سيد عنايت الله.

سيد محمد، سيد عبدالعلي نالي هڪ پٽ ڇڏيو، جنهن کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو. پٿر جي قبر چبوتري سان، سندس دفن ٿيڻ جي جاءِ آهي.

سيد وجه الدين پڻ سيد محمد سعيد نالي هڪ پٽ ڇڏيو جنهن کي پڻ ڪو به يادگار ڪونه آهي.

سيد عنايت الله ولد سيد عبدالرحمان وفات ڪرڻ کان پوءِ سيد اسد الله پويان ڇڏيو. سيد اسد الله کي ٻه پٽ ٿيا 1- سيد عنايت الله عرف سيد بولو ۽ 2- سيد محمد، جنهن ڪو پٽ ڪونه ڇڏيو

سيد عنايت الله عرف سيد بولي کان پوءِ ٻه پٽ رهيا 1- سيد غلام شاهه 2- سيد غلام اوليا - سيد غلام شاهه تازو ٽي پٽ ڇڏي گذاري ويو.

سيد غلام اوليا ڦوهه جوانيءَ ۾ ظاهري خواهه باطني علمن جي تحصيل ڪري، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ وڏو درجو حاصل ڪري، هميشه جي دستور موجب، هر روز سيد عبدالله جي زيارت تي ويندو هو، ۽ پنهنجا برڪت ڀريا وقت چڱن ڪمن ۾ صرف ڪندو هو. هو ڪرامتن جو ڌڻي ٿي پيو هو ۽ عين جواني ۾ هن فاني جهان کي رخصت ڪري، مريدن جي خاص جماعت ڇڏي ويو. هر مهيني جي 21 تاريخ، سندس وفات جي ڏينهن مطابق مريدن جي جماعت سندس زيارت تي اچي، ختمو ۽ خيرات ڪري مشڪلاتون حل ڪرائيندا آهن.

]سيد نور محمد ۽ سندس اولاد[: سيد شڪر الله ثاني جو پٽ سيد نور محمد، پنهنجي وقت ۾ علم ۽ معرفت جو پورو پورو مظهر ۽ دين ۽ يقين وارن جو مرجع هو.

پاڻ گذاري ويو ته سيد نظام الدين يادگار رهيو. سيد نظام الدين علم ۽ ڪمال ۾ منظم ۽ حال توڙي قال ۾ توفيق جو صاحب هو. چار پٽ ڇڏي ويو. 1- سيد نعمت الله، 2- سيد نور محمد ثاني، 3- سيد فضل الله ۽ 4- سيد محمد شفيع.

سيد نعمت الله فضل ۽ ڪمال جو علمبردار ۽ بزرگيءَ جي سڀني خوبين جو جامع هو.

سندس انتقال کان پوءِ سيد عطاءُ الله ڏاڏي جي اولاد ۾ نهايت ممتاز حيثيت ۾ گذاريو. هن شان و شوڪت ۾ مير لطف الله شيرازي ۽ ٻين وڏن رئيسن جو مٽ رهي، زندگي گذاري، ٻه فرزند سڳورا 1- سيد عبدالله ۽ 2- سيد محمد ناصر ڇڏي ويو.

سيد عبدالله نهايت ڪمال جو صاحب هو ۽ نقشبندي سلسلي سان تعلق هوس. وفات کان پوءِ ڪوبه اولاد ڪونه ڇڏيائين.

سيد محمد ناصر تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ بينظير پيدا ٿيو.

چون ٿا ته سڄي عمر ۾ ڪڏهن به ڪنهن زال جو منهن ڪونه ڏٺو هئائين ۽ حيوانن ۾ نر ۽ ماديءَ جو فرق نه ڪري سگهندو هو. نقشبندي سلسلي ۾ وڏو ڪمال حاصل ڪري، مريدن جو مقصد ۽ حاجتمند جو مرجع رهيو.

نقل آهي ته مٿئين سيد جي ڏينهن ۾ اوچتو اچي ڏڪار پيو. ماڻهو مهانگ ۽ وبا ۾ گرفتار ٿي وڃي ولين جي قبرن تي ملتجي ٿيا. هڪ بزرگ خواب ۾ ڏٺو ته جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪامل پرهيزگار، جنهن عمر ڀر پنهنجي اُوگهڙ به نه ڏٺي هجي، ٻاهر نڪري باران نماز پڙهائيندو ته پوءِ البت دنيا تي رحمت جي مينهن جي پالوٽ ٿي سگهندي. پوري ٺٽي ۽ ان جي آس پاس ۾ سيد جي شخصيت کان سواءِ ٻيو ڪو اهڙو ماڻهو ڪونه لڌو. هڪڙي بزرگ پڻ خواب ۾ سندن ڏس ڏنو. نيٺ ماڻهو ]196[ قاضي محمد حسين ڏانهن ويا جنهن کين تڪليف ڏني. اگرچه پاڻ، ڏيکاءَ ۽ ڪرامتن جي مشهوري، جا هن خاندان ۾ منع آهي، جي خوف کان قبول نٿي ڪيائون پر سندن والده پڻ تحريڪ فرمائي. چون ٿا ته جڏهن سندن والده کين ]ٻاهر نڪري نماز پڙهائڻ جي[ تڪليف ڏيڻ لڳي تڏهن چيائين ته  ”هن نموني ظاهر ٿيڻ کان پوءِ شايد هن جهان کان موڪلائڻو پوندو“ . جنهن تي سندس توفيق واري ماءُ فرمايو ته  ”جيڪڏهن خدائي ارادو اهڙي طرح جاري ٿيڻو آهي ته دنيا جي آرام جي مقابلي ۾ جيڪا به سندن رضا هجي سا ڀلي ظاهر ٿئي“ . تقدير جو اتفاق ڏسو جو باران نماز، جا خلق تان مهانگ ۽ وبا جي مصيبت رفع ٿيڻ جو باعث ٿي، کان پوءِ، سيد دنيا کان سفر ڪري ويو. جيئن ته شادي ڪانه ڪئي هئائين تنهن ڪري اولاد ڪونه ڇڏيائين.

سيد نور محمد ثاني ولد سيد نظام الدين، جنهن جو بيان ٿي گذريو، ٻه فرزند ڇڏي ويو. 1- سيد ابوالقاسم، ۽ 2- سيد نظام الدين ثاني.

سيد ابوالقاسم وڏن جي رستي تي چڱيءَ طرح هلي، وفات وقت سيد مير ڪشاهه پويان ڇڏي ويو. هو فضيلت ۾ ممتاز هو. ۽ پنهنجي مامي قاضي محمد يحييٰ سان گڏ هندستان وڃي وجه معاش ۽ اولاد پيدا ڪيائين. ٿوري وقت کان پوءِ گذاري ويو ۽ پٽ ڪونه ڇڏيائين.

سيد نظام الدين ثاني، فقہ ]جي علم[ ۾ سڀني کان وڌيڪ توفيق وارو ۽ ٻين علمن ۾ وڏو عالم سڳورو پيدا ٿيو. طبيعت جي جذبي جي وس ٿي، جهان آباد (دهليءَ) ڏانهن هليو ويو ۽ فتاوري عالمگيريءَ متعلق ٻين عالمن جا ڪيئي مشڪل حل ڪيائين. بادشاهه کي خبر پيئي، تنهن عهدي قبول ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ڇاڪاڻ ته بادشاهه جي قاعدي موجب علم وارن کي نوڪر جي نالي سان نه سڏيندا هئا. ]سيد[ انهيءَ کان انڪار ڪيو. تنهن تي بادشاهه وظيفي قبول ڪرڻ جي تڪليف ڏني ته به سيد راضي نه ٿيو. نيٺ جلد ئي، اتي آخرت جو سفر اختيار ڪيائين. کانئس پوءِ ٻه فرزند رهيا هڪ سيد عرب شاهه، ٻيو سيد احمد.

سيد عرب شاهه کي پڇاڙيءَ ۾ جذبي جي حالت پيدا ٿي پيئي، وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين.

سيد احمد جو هڪ فرزند سيد عطاءُ الله نالي باقي آهي. جنهن خدا جي قدرت سان شادي ڪري فرزند ڄڻيا ۽ سڀني جي وفات ڪرڻ ڪري عين جوانيءَ ۾ مجذوب ٿي پيو.

وڏي سيد نظام الدين بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله ثاني جي فرزند سيد فضل الله ٻه فرزند ڇڏيا 1- سيد رحمت الله عرف سيد مهتو، ۽ 2- سيد ابوالحسن.

سيد رحمت الله وقت جو وڏي ۾ وڏو متقي ۽ ڀلي ۾ ڀلو ولي هو. هن سيد ڪمال جي درگاهه تان فيض پرايو هو. ۽ ڪمال جي صاحبن مان هڪ وڏيءَ جماعت جي صحبت ۾ رهي، نقشبندي سلسلي جي نسبت ممتاز حيثيت جو مالڪ ٿيو هو. هو پڪن مريدن جي هڪ جماعت ڇڏي ويو جا اڃا تائين هر مهيني جي پنجين تاريخ سندس وفات جي ڏينهن مزار تي ختمو، زيارت ۽ خير خيرات ڪندي، ڏاڍو فيض پرائيندي اچي. هو پويان سيد محمد صادق کي ڇڏي ويو، جو وڏيءَ عمر کي پهچي فاني جهان ڇڏي ويو ۽ نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائين.

مٿئين سيد فضل الله جي پٽ سيد ابوالحسن، سيد ابوالبقا نالي هڪ پٽ ڇڏيو.

وڏي سيد نظام الدين، بن سيد نور محمد، بن سيد شڪر الله ثاني جو فرزند سيد محمد شفيع، حق جي واٽ جو سالڪ، مشهوريءَ کان پري ڀڄندڙ هو، ۽ نهايت فضل ۽ ڪمال سان رهي گذاري ويو.

هن سيد محمد جعفر نالي هڪ پٽ ڇڏيو جو بزرگيءَ ۽ چڱيءَ حالت ۾ رهي گذاري ويو.

هن کان پوءِ سندس پٽ، سيد بزرگ نالي، جاءِ نشين ٿيو، جيڪو ڦوهه جوانيءَ ۾ مجذوب ٿي پيو ۽ ڪجهه وقت انهيءَ حالت تي رهي گذاري ويو.

]سيد مير محمد[: سيد مير محمد بن سيد حسين ولد سيد شڪر الله ثاني، سيد محمد حسين نالي هڪ پٽ ڇڏي ويو، انهيءَ سيد محمد سعيد نالي هڪ پٽ ڇڏيو. ]197[ انهيءَ مان سيد محمد مير نالي فرزند پيدا ٿيو، جنهن نرينه اولاد ڪانه ڇڏي.

]سيد علي اصغر ۽ سندس اولاد[: سيد علي اصغر، ولد سيد عبدالواسع، بن سيد محمد حسين، بن سيد شڪر الله ثاني، ٽي پٽ ڇڏي ويو: 1- سيد حبيب الله عرف سيد ساجو، 2- سيد فتح محمد عرف سيد ڦتو، ۽ 3- سيد محمد فاضل.

سيد حبيب الله ٽي پٽ ڇڏي ويو: 1- سيد محمد حسين عرف ماڪر پيو، 2- سيد صالح محمد عرف سيد ٺاريو ۽ 3- سيد مڱيلڌو.

سيد محمد حسين عرف مير ماڪر پيو پير قمر الدين نالي فرزند ڇڏي ويو. باقي سيد صالح محمد عرف سيد ٺاريو ۽ سيد مڱيلڌو حيات آهن.

سيد فتح محمد عرف مير ڦتو چار پٽ ڇڏي ويو: 1- سيد مراد علي ]عرف[ پارو، جيڪو سن 86 هجري ۾ گذاري ويو ۽ سندس پٽ مير ذوالفقار علي يادگار آهي. 2- سيد علي جيڪو فرزندن سميت حيات آهي، 3- سيد محمد فاضل: هو پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو ۽ ٻه فرزند ڇڏي ويو، 4- سيد فقير محمد: جيڪو پڻ پيءُ جي نشاني باقي آهي.

]سيد محمد محسن[: سيد محمد محسن ولد سيد علي اڪبر بن سيد عبدالواسع بن سيد محمد حسين بن سيد شڪر الله ثاني. ڏاڍي بزرگيءَ سان وڏيءَ عمر ۾  25 ربيع الثاني سن 1158 هجري ۾ گذاري ويو ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين.

]سيد ظهير الدين ثاني ۽ سندس اولاد[: سيد ظهير الدين والاسلام عرف جادم ثاني ولد سيد شڪر الله ثاني، علم، عمل، پرهيزگاري ۽ تقويٰ ۾ وڏن جي وصفن جو نچوڙ هو.

کانئس پوءِ سيد محمد مقيم بزرگيءَ جي رستي تي مقيم (قائم) رهيو. هو ٻه پٽ: 1- سيد محمد ڪاظم 2- سيد محمد سعيد ڇڏي ويو.

سيد محمد ڪاظم عجيب حالتن جو مالڪ هو، ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن ننڊ ۾ جنهن کي عين بيداري سمجهڻ گهرجي، خلوت ۾ پيو هوندو هو ۽ ماڻهو هن جي قلبي ذڪر ٻڌندا هئا. آخر پاڻيهي جاڳندو هو. اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ڪماليتون هيس، جيڪي شمار کان ٻاهر آهن. هو ٻه پٽ 1- سيد محمد عارف 2- سيد عزت الله ڇڏي ويو.

سيد محمد عارف، قوت، بهادري ۽ سير و شڪار جي خوبين ۾ وقت جي عجائبات مان هو. شادي ڪرڻ کان پوءِ عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو ۽ ڪو نرينه اولاد ڪونه ڇڏيائين.

سيد عزت الله نيڪيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾، وڏن جي رستي تي چڱيءَ طرح هلي گذاري ويو. سندس رحلت جو واقعو سن 1161 هجري ۾ آهي.  ”بارحمت ايزدي پيوست“  سندس تاريخ آهي. هو ڇهه فرزند ڇڏي ويو. 1- سيد فخر الدين، 2- سيد يار محمد ، 3- سيد امين محمد، 4- هنن ورقن جو ڪارو ڪندڙ بنده علي شير، 5- سيد محمد صلاح عرف سيد محمد شاهه، ۽ 6- سيد ضياءُ الدين.

سيد فخر الدين حياتيءَ جو وقت ڏاڍي بزرگيءَ هوندي به سادگيءَ جي نموني تي گذاري 22 ذوالقعد سن 1184 هجري(1) وڃي خدائي رحمت کان واصل ٿيو. مير حيدر علي نالي هڪ صاحب توفيق فرزند ڇڏيائين.

سيد يار محمد بزرگانه وضع سان، نهايت انسانيت ۽ حسبي خواهه نسبي ڪمال سان موصوف رهي تاريخ 19 شعبان سن 86 (1186) ۾ رحلت ڪري ويو. ٻه فرزند 1- مير ڪريم الدين 2- مير عظيم الدين ]ڇڏيائين[. مير عظيم الدين جو سمجهه سان ٿيندي ئي نهايت بلاغت سان ڀريل، موزون طبع رکي ٿو، هن وقت تائين زندهه آهي.

سيد امين محمد(1) ٻنهي پٽن 1- سيد صدر الدين، ۽ 2- سيد محمد انور سميت ]زندهه آهي[.

هن ڳالهه جو لکندڙ بنده علي شير پڻ ٻن تازه ڄاول فرزند مير غلام علي ۽ مير غلام ولي الله، جن جي نالن جا عدد سندن ڄمڻ جو سال ڏيکارين ٿا، سان يادگار موجود آهي.

سيد محمد صالح عرف محمد شاهه، غريبي حال ۽ مسڪيني نموني سان نهايت سادگي ۽ بي نفسي ]جي حالت[ ۾ (گذاري) خدائي گهر موجب 22 جمادي الثاني سن 1186 هجري ۾ دوستن کي جدائيءَ جو داغ ڏيئي ويو.

مير ضياءُ الدين وڏن جي يادگارن جي سلسلي ۾ زندهه آهي.(2)

سيد محمد سعيد ولد سيد محمد مقيم بن سيد ظهير الدين والاسلام عرف جادم ثاني، هڪ فرزند سيد محمد اشرف نالي ڇڏي ويو. سيد محمد اشرف وڏن واري نهايت غربت واري وضع ۾ رهي، ٻه فرزند 1- سيد جادم،2- سيد محمد سعيد نالي ڇڏي، گذاري ويو.

سيد جادم اوچتو ڦوهه جوانيءَ ۾ وڃي رب جي رضا سان واصل ٿيو.

سيد محمد سعيد شادي ڪري ٻار ڄڻيا ۽ اهل عيال سميت هن بي بقا گهر مان لڏي ويو ۽ ڪوبه نالو وڏن جي يادگار طور ڪونه ڇڏيائين.

سيد شڪر الله جي اولاد مان ڪن جا نالا ناواقفيت سبب هن ڪتاب ۾ داخل نه ٿي سگهيا آهن. اميد ته اها تقصير معاف ڪئي ويندي.

سيد ڪمال ۽ سيد جمال: ٻئي بزرگوار، ڀلارن جو نچوڙ، ڀائر، اصل حسيني گهراڻي شيراز جا رهندڙ، مٿئين سيد شڪر الله جي دوستي ۽ رفاقت ۾ ٺٽي ۾ آيا آهن. جنهن صورت ۾ ٻنهي ڇڙوڇڙمل رهي زندگي گذاري، تنهن ڪري کانئس پوءِ ڪابه اولاد ڪانه رهي.

سيد ڪمال نهايت گهاٽو يار، ]198[ انهن چئن يارن ۾ داخل آهي، جن جو بيان سيد شڪر الله جي ذڪر ۾ ٿي آيو. وفات کان پوءِ رهڻ واري حويليءَ ۾ دفن ٿيو سندس زيارت جي برڪت ملڪين مشهور ۽ سندس توسل جون ڪرامتون، خاص خواهه عام ماڻهن ۾ مذڪور آهن.

سيد جمال گذاري ويو ته کيس سيد عبد الله جي درگاهه جي الهندي ۾ سيد شڪر الله جي ڀرسان دفن ڪيو ويو. صاحب دل ماڻهو سندس زيارت کان فيضياب ٿيندا رهن ٿا.

سادات مازندراني عرف لوڌي

سندن وڏو، سيد بدر الدين مازندران ڇڏڻ کان پوءِ شاندار درگاهن(1) جي زيارت سان مشرف ٿي سن 967 هجري ۾ عربي سمنڊ جي رستي ديول بندر تي لهي، رهڻ لاءِ ٺٽي روانو ٿيو، جڏهن ساڪوري پرڳڻي جي هالا ڳوٺ ۾ پهتو تڏهن انهيءَ ڳوٺ جي ناليري بزرگ سيد سلطان شاهه برقعه پوش عرف لوڌي، سيد جي اچڻ جي خبر ٻڌي کيس اتي رهڻ جي تڪليف ڏني. هن جي صحبت سندس دل کي ڪشش ڪئي ۽ سيد بدر الدين هميشه لاءِ اتي ئي رهجي پيو. تقدير ٿوري وقت کان پوءِ سيد سلطان شاهه گذاري ويو. سندن نياڻيءَ جي شادي سيد بدر الدين سان ڪرايائون. سيد کي مقرر وقت ۾ انهيءَ معصومه مان ٽي پٽ ڄاوا. 1- سيد لوڌي، 2- سيد جنيد، 3-مير ڪمال الدين محمد.

سيد لوڌي ۽ سيد جنيد ٻئي انهيءَ ڳوٺ ۾ گذاري ويا. سندن ۽ سندن اولاد جون قبرون انهيءَ ڳوٺ ۾، جو گهڻي عرصي کان ويران آهي، يادگار آهن.

]سيد ڪمال الدين ۽ سندس اولاد[: سيد ڪمال الدين محمد، سهڻين ڪماليتن سان سينگاريل پيدا ٿيو. هو گهڻو ڪري مڪليءَ جي بزرگن جي زيارت کان فيضياب ٿيندو هو. اتي سيد ظهير الدين والاسلام عرف مير جادم وڏي سان سندس ملاقات جو اتفاق ٿيو. رفتي رفتي ڳالهه دوستيءَ کان وڌي وڃي اتحاد کي پهتي، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ سيد ڪمال الدين اچي، ٺٽي ۾ مٿئين سيد جي پاڙي ۾ رهيو ۽ اتحاد جو سلسلو وڌيڪ مضبوط ڪيائين. هو ٽي پٽ هر هڪ 1- مير ابوالفتح 2- مير مظفر 3-مير عبدالخالق، ڇڏي ويو.

مير ابو الفتح وفات وقت ٽي فرزند ڇڏيا 1- سيد محمد 2- سيد محمد پناهه 3- سيد محمد شاهه. مير عبدالخالق کان پڻ ٽي پٽ، 1- مير بيگ محمد 2- مير جهنڊو 3- مير سيد(1) رهيا.

مير سيد محمد ولد سيد ابوالفتح بن مير ڪمال الدين، جنهن جو بيان ٿي آيو، ٻه پٽ ڇڏيا. 1- مير عبدالعلي 2- مير عبد النبي.

مير عبدالعلي شريعت جي پابندي ۽ علمي قابليت ۾، پنهنجي وقت ۾ ناليرو ٿي رهيو. سڪرن جي محلي ۾ مهر نالي هندن جي مڙهي زوريءَ ڀڃي، مشهور مسجد ٺهرايائين.

کانئس پوءِ سيد محمد عرف مير شيخو رهيو. جنهن جا پٽ 1- سيد محمد ملوڪ، 2- سيد محمد پناهه، 3- سيد محمد شاهه، ۽ 4- سيد عالم شاهه، هئا.

انهن مان سيد محمد ملوڪ ٻه پٽ 1- سيد محمد پناهه 2- سيد محمد شاهه ڇڏي ويو. سيد محمد پناهه هڪ پٽ ڇڏي وفات ڪري ويو. ۽ سيد محمد شاهه اڃا تائين حيات آهي. سيد عالم شاهه عرف مير جمال الدين عمر جهان آباد (دهليءَ) ۾ گذاري، پوين ڏينهن ۾ روهڙيءَ اچي هميشه لاءِ رهجي پيو. کانئس پوءِ ٻه پٽ رهيا سيد وجه الدين ۽ 2- سيد محمد ثاني.

مٿئين سيد ڪمال الدين جي ٻي اولاد پڻ پنهنجي وقت ۾ ناليري ٿي. جن مان ڪي ٺٽي جي ٻين محلن ۾ رهندڙ آهن.

هڪڙو سيد مير ]199[ سنگ تراشن جي محلي ۾ رهي ٿو. مٿئين سيد مير جي اولاد مان سيد بيگ محمد ۽ سيد ٺارو پتي هٽ بازار جي پويان رهن ٿا.

سيد بيگ محمد مٿئين جي اولاد مان يادگار باقي آهن.

]سيد سعد الله[: سيد سعد الله(1) ولد سيد فضل الله بن سيد مظفر بن سيد عبدالخالق، جنهن جو بيان ٿي آيو، ناليرو مرد ٿي گذريو آهي. سندس اولاد مان سيد جهنڊو پٽن سميت ۽ سيد مظفر موجود آهن.

سيد عبدالنبيءَ جي اولاد مان سيد محمد خليق گهڻن سالن کان مٿي لکيل مهر واريءَ مسجد ۾ گم ٿي ويو. سندس فرزند نالي سيد گل موجود آهي.

سيد هدايت الله بن سيد عبدالنبي جا ٻه فرزند سيد جمن ۽ سيد ابو البقا حيات آهن.

مٿئين مير ڪمال الدين مازندرانيءَ جي اولاد مان سيد محمد ملوڪ، هڪ الله وارو آهي جو شاهه دادن جي درگاهه جي ڀرسان جمنا جي زمين ۾ آرامي آهي. حضرت پير رحمة الله  عليہ جا خليفا هر سال ربيع الثاني مهيني جي 11 تاريخ جي پڇاڙيءَ ۾ اتي اچي گڏ ٿيندا آهن. معتبر ماڻهن کان ٻڌو ويو آهي ته هو نواب لشڪر خان جي حڪومت واري سن1071 هجري ۾ بٺوري پرڳڻي جي خالصه جو حاڪم هو ۽ هڪ هندو، جنهن پاڻ کي وقت جو صاحب ۽ موحد ٿي سمجهيو، تنهن سان لڙائي ڪندي شهيد ٿيو. سندس لاشو اتان کڻي آيا. هن وصيت ڪئي هئي ته جتي منهنجو لاشو اچي ويهي، مون کي اتي دفن ڪجو. ]سندس لاش[ اچي انهيءَ زمين تي قرار ورتو جتي سندس قبر آهي ۽ عام خلق لاءِ زيارت گاهه ٿيو.

]سيد علي مازندراني[: سيد علي بن سيد عبدالقدوس مازندراني. خط نسخه، خط ثلث ۽ ٻين خطن ۾ مشهور سيد عليءَ جو مٽ هو. هو مخدوم الياس خوشنويس جو شاگرد آهي، جنهن جي شاگرديءَ جي برڪت سان ڪئين بزرگ خوشنويسيءَ ۾ ناليرا آهن.

عرب شاهي، سبزواري ميرڪ سيد

جيڪي حال جي بزرگيءَ ۽ خـصلتن جي عمدگيءَ جي ڪمال ۾ مشهور آهن.

]ميرڪ شيخ محمود[: ميرڪ شيخ محمود، ولد ميرڪ ابو سعيد، بن امير علي شاهه سبزواري عرب شاهي، ميرڪ ابو سعيد شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ جو ڏوهٽو آهي. هو سبزوار مان لڏي اچي قنڌار ۾ ويٺو هو. سندس پٽ هر هڪ شيخ ميرڪ محمود، جنهن جو ذڪر ٿي آيو، ۽ ميرڪ بايزيد، شاهه بيگ ارغون جي قنڌار مان نڪري، سنڌ فتح ڪرڻ وقت، ساڻس گڏجي سنڌ ۾ آيا. ميرڪ بايزيد بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ ميرڪ محمود اچي ٺٽي ۾ رهيو. هو نهايت فضيلت، سخا، زهد ۽ تقويٰ ۾ ممتاز رهي، سالن جا سال شيخ الاسلاميءَ جي اعليٰ عهدي تي سرفراز هوندي به ڪيترن طالب علمن کي ڪامل فيض عطا ڪندو رهيو. خط نستعليق ۾ ڏاڍو ماهر هو. سندس وفات محرم سنه 962 هجري ۾ ٿي.  ”رفت ميرک آه آه“  سندس تاريخ آهي. پنهنجي اولاد جي محلي ۾ هڪ عاليشان مسجد ۽ مقام جي مشهور رائنڪ سندس تعمير آهي. ٽي پٽ هر هڪ 1- شيخ مير محمد، 2- ميرڪ عبد الباقي ۽ 3- ميرڪ عبدالرحمان ڇڏي ويو.

شيخ مير محمد: هڪ اعليٰ درجي جي خوبين سان موصوف ۽ انساني فضيلتن سان مخصوص ميرڪ هو. سال 970 هجري ۾ گذاري ويو. جامع فتاوي پوراني سندس يادگار آهي. ظاهر اولاد ڪونه ڇڏيائين.

ميرڪ شيخ عبدالباقي: پيءُ کان پوءِ شيخ الاسلامي جي عهدي تي پيءُ جو جانشين ٿيو. سڀني علمن، خصوصاً هيئت ۽ حڪمت جي علم ۾ ڪامل هو. مولانا عبدالخالق گيلاني، جو مولانا مرزا جان ۽ شاهه فتح الله جو همعصر هو، پڻ ڪي علمي باريڪ نڪتا وٽائنس حل ڪيا. اقليدس (جاميٽري) ۾ ايتري ته دسترس هيس، جو ڪيتريون پنهنجون شڪليون ايجاد ڪيون هئائين جيڪي سڀني کي ]200[ پسند آيون هيون.

]سيد شيخ محمود ثاني ۽ سندس اولاد[: سيد شيخ محمود ثاني ولد ميرڪ عبدالباقي، پيءُ جي وفات کان پوءِ شيخ الاسلامي جي عهدي تي رهي سڳورا وقت گذاريا. هو ڪمالات ۾ پنهنجي وقت جو بينظير هو. سن 1020 هجري ۾ وفات ڪيائين.  ”ع يافت ميرک مقام محمودي“  سندس تاريخ آهي. ٽي پٽ ڇڏيائين 1- ميرڪ عبدالباقي لقب سيد خواجه، 2- ميرڪ شاهه خواجه ۽ 3- ميرڪ عبدالوهاب ثاني.

ميرڪ عبدالباقي، جو سيد خواجه جي لقب سان ملقب هو، سو لائق ڪمالات سان سينگاريل ۽ پنهنجي موروثي شيخ الاسلامي سان موصوف رهي، زندگي گذاري ويو. سندس وفات سن 1058 هجري ۾ ٿي.  ”مير عبدالباقي آسوده بفردوس نعيم“  سندس تاريخ آهي. هو ٻه پٽ: 1- ميرڪ عبدالهادي ۽ ميرڪ محمد مهدي ڇڏي ويو.

موروثي شيخ الاسلامي ميرڪ عبدالهاديءَ کي ملي. هو حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪري گذاري ويو ۽ اولاد ڪانه ڇڏيائين. سندس وفات سن 1086 هجري ۾ لکن ٿا.  ”هادي اهل ڪرم يافت مقام محمود“  هن جي تاريخ جو مادو آهي.

ڀاءُ کان پوءِ وڏن جو عهدو يعني شيخ الاسلامي، ميرڪ محمد مهديءَ هٿ ڪئي. هن جي گذاري وڃڻ تي، سندس پٽن هر هڪ 1- ميرڪ محمد شفيع، ۽ 2- ميرڪ امير محمد جي هوندي به مٿيون عهدو سندس چاچي ميرڪ عبدالوهاب کي نصيب ٿيو. هو پنهنجي قسمت جا ڏينهن نهايت شان ۽ عزت سان گذاري سن 1112 هجري ۾ وفات ڪري ويو ۽ پٽ ڪونه ڇڏيائين.

تنهن کان پوءِ مٿئين ميرڪ محمد مهدي جو پٽ ميرڪ محمد شفيع چڱيءَ حالت ۾ گذاري ويو ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين.

ميرڪ محمد مهديءَ جو ٻيو فرزند، ميرڪ مير محمد، هڪ فرزند ميرڪ محمد افضل نالي ڇڏي گذاري ويو ۽ اهو پنهنجي چاچي ميرڪ محمد شفيع جي انتقال کان پوءِ بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. هو سن 1145 هجري ۾ ٽي پٽ 1- ميرڪ محمد احسن، 2- ميرڪ محمد محسن ۽ 3- ميرڪ عطاءَ الله، ڇڏي وفات ڪري ويو.

ميرڪ محمد احسن هڪ نهايت چڱو ماڻهو ۽ وڏن جي سهڻين وصفن جو خاتم پيدا ٿيو. ايران جي بادشاهه نادر شاهه جي اچڻ ۽ دهليءَ جي بادشاهه کان گادي کسڻ کان پوءِ سخت تڪليفون سهي داغستان ويو ۽ شيخ الاسلامي جو عهدو جو گهڻي وقت کان ڪالعدم ٿي چڪو هو، سو نئين سر حاصل ڪري، حياتيءَ جا ڏينهن انسانيت ۽ امتياز سان ڏاڍيءَ ترقي ۾ گذاريائين. هو سن 1167 هجري ۾ گذاري ويو.  ”جنت الماوي مقام احسن است“  مان سندس تاريخ نڪري ٿي.

هاڻي سندس ڀاءُ ميرڪ محمد محسن وڏن واري شيخ الاسلامي جي عهدي تي آهي. سندس ٽيون ڀاءُ ميرڪ عطاءَ الله عرصي کان گذاري ويو آهي. ڪا به اولاد پوئتان ڪانهيس.

ميرڪ شيخ محمود ثاني جو ٻيو فرزند ميرڪ شاهه خواجه ٻه فرزند 1- ميرڪ عرب شاهه ۽ 2- ميرڪ محمد عابد، ڇڏي ويو.

ميرڪ عرب شاهه کان ميرڪ محمد وارث، بزرگيءَ جي ورثي جو وارث ٿيو. سندس وفات سن 1159 هجري ۾ آهي. سندس پٽ ميرڪ عبدالرزاق تازو گذاري ويو آهي. سندس پٽ باقي آهن.

ميرڪ محمد عابد، هڪ ناليرو فرزند ميرڪ محمد جعفر نالي ڇڏيو. هو ٽي پٽ 1- ميرڪ محمد عابد، 2- ميرڪ بزرگ ۽ 3- ميرڪ محمد پناهه عرف مهتو ڇڏي ويو.

ميرڪ محمد عابد عرف مراد عليءَ کان ]201[ چار پٽ پوئتي رهيا هرهڪ 1- ميرڪ محمد نقي، 2- ميرڪ محمد جعفر عرف ڇتو، 3- ميرڪ ڦتو ۽ 4- ميرڪ چاندو.

ميرڪ محمد بزرگ، جو سن 1179 ۾ گذاري ويو، تنهن ٻه صغير پٽ خير الله ۽ ميرڪ ورايو پوئتي ڇڏيا.

ميرڪ محمد پناهه عرف مهتو 1173 هجري ۾ گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ مير روشن علي نالي رهيو.

]مير عبدالرحمــٰن ۽ سندس اولاد[: ميرڪ شيخ محمد وڏي جو فرزند ميرڪ عبدالرحمان وڏن جي فضيلتن ۽ صالحن جي شاندار خوبين سان سينگاريل ۽ بزرگيءَ ۽ قابليت سان نهايت شامل رهي، ممتاز حيثيت ۾ رهي گذاري ويو. کيس ٻه پٽ هئا. 1- ميرڪ عبدالواسع، ۽ 2- ميرڪ عبدالرحيم.

ميرڪ عبدالواسع ڏاڍو فاضل ۽ وڏو بزرگ هو. هو شاعريءَ ۾ استاذ هو. کانئس پوءِ ٽي پٽ رهيا. 1- ميرڪ محمد معين عرف لالا، 2- ميرڪ محمد حسين ۽ 3- ميرڪ روح الله.

ميرڪ محمد معين ٻه پٽ 1- ميرڪ محمد نعيم ۽ 2- ميرڪ محمد تقي ڇڏيا.

ميرڪ محمد تقيءَ کي هڪ پٽ هو. ميرڪ علي احمد عرف مير الڻ. هو سال 1166 هجري ۾ گذاري ويو. سندس پٽ ميرڪ محمد تقي عرف اڀن، هن وقت وڏن جو يادگار آهي.

ميرڪ محمد حسين ولد ميرڪ عبدالواسع بن ميرڪ عبدالرحمان هڪ مجذوب سالڪ ۽ ڪشف ۽ حالت جو صاحب هو. سوالين جي دلين جون ڳالهيون معلوم ڪري، بغير سوال جي سندن عرض جو غرض پورو ۽ ڪئين مشڪلات حل ڪندو هو. ڪنهن به وقت سندس زبان مان غيب جي خبرن ظاهر ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو حرف ڪونه نڪرندو هو. ڪو اولاد ڪونه ڇڏيائين.

ميرڪ روح الله پڻ پنهنجي ڀاءُ ميرڪ محمد حسين وانگيان ڪو پوير ڪونه ڇڏيو.

ميرڪ عبدالرحيم ولد ميرڪ عبدالرحمان ٻه پٽ ڇڏيا: 1- ميرڪ احمد، ۽ 2- ميرڪ ابوسعيد. ٻئي ڀائر پنهنجي جاگير ڌورکيه(1) جي ڳوٺ ۾ رهي گذاري ويا. ٻنهي جي اولاد اتي موجود آهي.

]شيخ عبدالوهاب[: شيخ عبدالوهاب ولد شيخ بايزيد بن شيخ ابوسعيد، مٿئين شيخ ميرڪ محمود جو ڀائيٽو آهي. جيئن مٿي لکي آياسون، سندس پيءُ اچي بکر ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي ۽ سندس اولاد اڃا تائين اتي آهي. جهڙي طرح سکر جي بيان ۾ ذڪر ٿي آيو. شيخ عبدالوهاب ٺٽي ۾ اچي، نهايت بزرگيءَ سان وڏن جي طريقي کي زندهه رکڻ ۽ سڀني علمن ۾ ماهر هجڻ جي حالت ۾ سن 970 هجري ۾ گذاري ويو.

سادات عريضي سبزواري

]مير عبدالله سلطان[: مير عبدالله سلطان ولد مير ابو المڪارم بن مير غياث الدين محمد(1) عرف سلطان رضائي سبزواري، جو  ’حبيب السير‘  جي مصنف آخوند مير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو هو.

مٿين بزرگن جو ٿورو بيان بکر ۽ سيوستان جي احوال ۾ ٿي آيو آهي ۽ جيئن لکي آيا آهيون، مير عبدالله سلطان پنهنجي ڀاءُ مير عبدالرسول سان گڏ، شاهه جهان بادشاهه جي ڏينهن ۾ اچي هميشه لاءِ ٺٽي رهيو هو. مير عبدالرسول وفات وقت ڪو پوير ڪونه ڇڏيو.

باقي مير عبدالله سلطان، جو پنهنجي وقت ۾ انسانيت جي فنن جو جامع ۽ مشهور شاعر هو، سو پنج پٽ 1- مير شڪر الله، 2- مير محمد قاسم، 3- مير عبدالرحمان، 4- مير محمد عارف، ۽ 5- مير محمد عالم، ڇڏي ويو.

انهن مان مير محمد قاسم ۽ مير محمد عالم ڪابه نرينه اولاد ڪانه ڇڏي.

مير شڪر الله ڏاڍي بزرگيءَ سان رهي گذاري ويو]202[ ٻه پٽ: 1- مير محمد عالم ۽ 2- محمد هاشم ڇڏيائين. ٻنهي هن فاني جهان کان موڪلائڻ وقت ڪا نشاني ڪانه ڇڏي.

مير محمد عارف پنهنجي زماني جو مشهور معروف ماڻهو هو. مير محمد نالي هڪ پٽ يادگار ڇڏيائين. اتفاقاً انهيءَ پڻ ڪوبه نرينه اولاد پويان ڪونه ڇڏيو.

مير عبدالرحمان، حسب ۽ نسب جي بزرگيءَ سان، هن گهراڻي جي شمع روشن ڪئي. وفات کان پوءِ ٻه پٽ مير ابوالبقا ۽ مير علي اصغر ڇڏي ويو. مير علي اصغر حرمين شريفين زادهما الله شرفا و تعظيما جي زيارت لاءِ ويو ۽ اتي وڃي الله کي پهتو.

مير ابوالبقا عرف بهرور علي، جو هن برگزيده خاندان جو خاتمو هو، سو عزت وارو ٿي گذريو آهي. شاعريءَ ۾ وڏي دسترس رکندو هو. مير حيدر الدين ابوتراب ڪامل جهڙي ڪامل ۽ عامل استاد جو شاگرد هو. محمد شاهه بادشاهه جي پوين ڏينهن ۾ گذاري ويو. سندس تاليف مان تاريخ چراغ هدايت عرف بهرور شاهي ۽ ڪي منتخب اشعار باقي آهن. هڪڙي معصومه نياڻيءَ کان سواءِ ٻي ڪا به اولاد ڪانه ڇڏيائين. هاڻي هن خاندان جي اولاد ۾ ڪوبه مرد موجود ڪونه آهي.

ڪاشاني سيد

مير غروري ڪاشاني ] ۽ سندس اولاد[: مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ معتبر سيد هو. انهيءَ زماني ۾ آب داڻي جي ڪشش سببان پنهنجو اصلوڪو وطن ڇڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. جڏهن نواب خان خانان سنڌ، مرزا جاني بيگ کان فتح ڪئي، تڏهن حـضور خلافت پناهه، (اڪبر بادشاهه) سيوستان، لاهري بندر ۽ ضربخانو، خلاصي طور شاهي غلامن (پنهنجي) جي هٿ ۾ رکي، باقي ملڪ مرزا جاني بيگ جي حوالي ڪيو. ٿوري عرصي گذرڻ کان پوءِ هو (مير ڪاشاني) جهانگير بادشاهه جي دربار عاليءَ مان ضرب خاني جي داروغپ جي عهدي سان سرفراز ٿيو. شعر نهايت اعليٰ درجي جو چوندو هو. شعر جو ديوان ۽ ڪي ٿوريون لطيف مثنويون يادگار ڇڏي ويو. کيس ٻه پٽ هئا 1- مير محمد منعم 2- مير جنگلي.

مير محمد منعم والد جي انتقال کان پوءِ شاهه جهان جي ڏينهن ۾ ساڳيو عهدو ماڻيو ۽ حياتيءَ جا ڏينهن ڏاڍيءَ عزت سان گذاريا. هو پڻ شعر عمدو چوندو هو.  ’حسيني‘  تخلص هوس ۽ هڪ رنگين ديوان ڇڏي ويو.

مير جنگليءَ پڻ پنهنجو وقت شان مان سان گذاري پورو ڪيو. کانئس پوءِ ٽي پٽ 1- مير علي رضا، 2- مير ڪامران ۽ 3- مير محمد اشرف، پوئتي رهيا.

مير ڪامران گهراڻي جي سونهن هو. ساڳئي عهدي تي رهي حياتيءَ جا ڏينهن نهايت اميري ۽ ڪاميابيءَ سان پورا ڪري ويو. هن ٻه پٽ ڇڏيا 1- مير علي يار ۽ 2-مير الله يار. مير علي يار تازو گذاري ويو آهي. هڪ پٽ سندس نشاني موجود آهي.

بکر جا رضوي سيد

هنن جا وڏا بکر ۾ بزرگيءَ ۽ سهڻين خصلتن ۾ مشهور آهن. سندن نسب جي سچائي مشهور آهي. انهن مان آهي:

]سيد عبدالرزاق[: سيد عبدالرزاق ولد سيد جادم عرف جادو، جو سيد محمد يوسف، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، جو ڀاءُ آهي. سندس اچڻ جو تفصيل معلوم نه ٿي سگهيو. ظاهري ڪابه اولاد ڪانه ڇڏيائين. هو پنهنجي وقت جو صاحب هو. سندس مزار، شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي پويان، قاضي عبدالله جي چوکنڊي جي الهندي ۾ عام خاص ماڻهن جي زيارت گاهه مشهور آهي.

]مير محمد يوسف[: مير محمد يوسف ولد مير جادم، سيد مبارڪ شاهه کان فيض پرايو هو. هو سيد محمد جونپوريءَ جي هڪ وڏي مريد شيخ دانيال جي مهربانيءَ جي نظر جو تربيت يافته هو. بکر ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن ۽ سوٽن کان جدائي اختيار ڪري ]203[ اچي ٺٽي ۾ رهيو. گهڻو ڪري مڪليءَ تي، انهيءَ جاءِ تي عبادت جي گوشي ۾ گذاريندو هو، جتي سيد ميران محمد مهدي اچي منزل انداز ٿيو هو، جتي سراين جي شادماني جي جاءِ آهي ۽ سلطان سامٽيو آرامي آهي.

نقل - سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري کان نقل آهي ته سيد ابراهيم بخاريءَ نالي هڪ هندوستاني فقير مٿئين ڳوٺ ۾ آيو هو. کيس حال جو صاحب ڏسي سندس خدمت ڪندو هوس. هڪ ڏينهن سنڌ جي زندهه پيرن متعلق پڇا ڪيائين. مون هر هڪ جو نالو کڻي، سندس صفتون بيان ڪيون. سڀ ٻڌي چيائين ته جيڪي صفتون تو بيان ڪيون آهن تن مان سيد محمد يوسف هڪ بزرگ ۽ معرفت جي ولايت جو بادشاهه ٿو ڏسجي. ڪجهه عرصي کان پوءِ مسجد مان گم ٿي ويو. گهڻوئي ڳوليم پر پتو ڪونه پيو. آخر انهيءَ ئي ڏينهن ياد آيم ۽ دل ۾ چيم ته شايد سيد محمد يوسف جي زيارت لاءِ ويو هوندو. يڪدم روانو ٿيس. مڪليءَ تي، مٿي ذڪر ڪيل جاءِ تي پهچي، فقير کي سيد جي خدمت ۾ نهايت محفوظ ۽ باحضور ڏٺم. جيئن ته فقير انهيءَ وقت مٿي ۽ پيرين اگهاڙو هو ۽ سير و سياحت جو پڪو ارادو هوس تنهن ڪري، سيد کيس پهرڻ لاءِ جتي سڳوري عطا فرمائي. فقير مون کي چيو ته هن جتيءَ مان ٽوپي ٺهرائي کڻي اچ. مان ٺٽي وڃي ٽوپي ٺهرائي کڻي آيس ۽ فقير اها پهري روانو ٿيو. مان به سندس پويان لڳس. آخر وڃي انهيءَ ٻيڙيءَ تي چڙهيو، جيڪا بندر کان سمنڊ ڏانهن ٿي ويئي. مون کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ جو عرض ڪيو پر نه قبوليائين. دعا گهريم ته چيائين ته تنهنجو ڪم عنقريب سنڌ ۾ جاري ٿيندو.

مطلب ته سيد جون ڪرامتون بيان کان ٻاهر آهن. سندس درگاهه سچي عقيدي وارن لاءِ ڏکن جي مصيبت کان نجات ۽ سندس زيارت خادمن لاءِ عزت جو باعث آهي.

عباسي قاضين مان شادي ڪري برگزيده ۽ حال ۽ قال جي صاحب اولاد ڄڻيائين. سندس نياڻي سڳوري وڏي ٿي ته پنهنجي وڏي ڀاءُ مير ڪمال الدين جي فرزند، سيد اسحاق کي بکر مان گهرائي، شادي ڪرايائين. جنهن مان پڻ نيڪوڪار اولاد يادگار رهي، جن جو بيان اڳتي ٿيندو.

]سيد ابراهيم[: مير محمد يوسف رضويءَ جي پرهيزگار فرزند مان سيد ابراهيم ممتاز ۽ ڪرامت جو ڌڻي ٿي گذريو آهي. هڪ ڏينهن ننڍپڻ ۾ اچي والد بزرگوار جي حجري جو ڪڙو کڙڪايائين. پڇيائينس ته  ”ڪير آهي؟“  وراڻيائين:  ”سيد ابراهيم“ . فرمايائينس ته ۽ فقير (ابراهيم) يا رڳو ابراهيم چوڻ گهربو هو. ائين ڪرڻ سان ڪا عزت گهٽجي ڪانه ها ۽ هيئن ڪرڻ سان ڪا وڏائي حاصل ڪانه ٿي ٿئي“ . بس ايتري چوڻ سان هن توفيق واري کي فقيري جي رستي تي هلڻ جي توفيق عطا ٿي پئي ۽ وڃي وڏي درجي کي پهتو.

]سيد اسحاق[: مٿيون سيد اسحاق به پنهنجي پيءُ، چاچي ۽ ٻين وڏن وانگيان، خاص بزرگيءَ جي حالت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور معروف ٿي رهيو. پنهنجي چاچي جي پاسي ۾ دفن ٿيل آهي ۽ پير پرڏيهي جي نالي سان مشهور آهي.

]سيد ڪمال الدين[: سندس پٽ سيد ڪمال الدين، سيد محمد يوسف جو ڏوهٽو ۽ پنهنجي ڏاڏي بزرگوار، جيڪو بکر ۾ مدفون آهي، جو همنام، ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو صاحب هو. سندس اولاد مان ڪي نالا بيان ڪجن ٿا.

سيد محمد جعفر: سيد محمد يوسف جو پوٽو ۽ هن جي گاديءَ جو مالڪ آهي. هن پهريائين سيد عبدالڪريم جي سلسلي ۾ داخل ٿي، زيارتي جماعت، جا ٺٽي کان بلڙيءَ ويندي يا واپس ايندي، تنهنجي مهماني پنهنجي سر تي کنئين. پر اڳتي هلي اها سيد قاسم مهديءَ جي حوالي ڪيائين.

هو ڏاڍو ڪرامتن جو صاحب هو. چون ٿا ته هڪ بيواهي ٻڍي عورت پنهنجن ٽن نياڻين جي شاديءَ جي ڳڻتيءَ ۾ حيران ٿي هن ]سيد[ جي درگاهه ۾ التجا کڻي آئي. نيٺ هڪ ڏينهن توجهه ڪري، ڪجهه لکي ڏيئي چيائينس ته ”هيءُ پير دادن جي مزار جي سامهون واريءَ زمين ڏانهن کڻي وڃ. اتي توکي هڪ آباد شهر]204[ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ توکي جيڪي شيون شاديءَ واسطي گهربل آهن، سي سڀ موجود هونديون. تون پنهنجي ضرورت مطابق جيڪي کڻي سگهين سو هڪ ئي دفعي کڻج ۽ وري اميد نه رکج“ . اشاري موجب پوڙهي پٽ سان گڏجي وڃي، ڪپڙا، سون، چاندي، ٿانو ٿپا، روڪڙ، جيڪي به گهربو هوس سو کڻي آئي. ٻيهر پڻ سڌ ڪيائين پر ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس.

سيد محمد عرف سيد ڦتو: سيد محمد جعفر کان پوءِ سندس پٽ سيد محمد عرف سيد ڦتو ڏاڏي جي گاديءَ تي ويٺو. فقيريءَ سان گڏ کيس دنيا به حاصل هئي. چڱيءَ حالت ۾ حياتي گذاريائين. سندس محققانه شعر ۽ طالبن کي مڪمل فيض پويان يادگار آهي.

]مير مرزائي[: تنهن کان پوءِ سندس پٽ ميرمرزائي، لقب سيد محمد جعفر ثاني، پيءُ کان پوءِ ڏاڏي جي گاديءَ جو سنڀاليندڙ ٿيو ۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. هاڻي سيد علي حيدر ولد مير مرزائي وڏن جو گادي نشين آهي.

]سيد عنايت الله[: مٿئين سيد ڪمال الدين جو فرزند سيد عنايت الله، خدا جي خالص عنايت هو. هو عجيب حالتن جو مالڪ هو، پنهنجي ناليري فرزند مير ڪمال الدين احمد خان جي دولت ۽ عزت جي ڏينهن ۾ ڪڏهن به دنيا ڏانهن رخ نه رکيائين. بلڪ پنهنجين ٻن پاڪ ڀينرن سان پٽ کان ڌار رهي، هميشه الله جي يادگيريءَ ۾ وقت گذاريندو رهيو. پنهنجي هٿ سان پوکي راهي ڪري قوت گذران پيدا ڪندو هو ۽ جيڪي وڌيڪ ٿيندو هوس سو خدا جي واٽ ۾ خيرات ڪندو هو.

چون ٿا ته هڪ ڀيري سندس پوک ۾ اچي برڪت پيئي ۽ هميشه جي پيدائش کان ٻيڻي پيدائش ٿي. بچتو ڏوڪڙ پنهنجي پٽ کي ڏنائين ته پير پٺي تي وڃي پنهنجي مرحوم ڏاڏي جي اولاد سيدن جي دعوت ڪري ۽ پاڻ پٽ جي دنيوي شان شوڪت جي باوجود به فقيرن جي لباس ۾، ڪونرو ڪلهي تي کڻي، پيرين پيادو، اوڏانهن روانو ٿيو. ]هوڏانهن[ سندس پٽ مير ڪمال الدين خان ڪيئي قسم پـُـر تڪلف طعام تيار ڪرائي، کاڌي ونڊڻ لاءِ ڪيئي زرنگار چينيءَ جا ٿانو موجود ڪرايا هئا، هيڪر ته اهي ٿانو ڏسي، لٺ کڻي، اهي سڀ ڀڃي ڇڏيائين جن جي قيمت هڪ وڏي رقم هئي. کائڻ وقت عادت موجب هڪ قسم جو کاڌو کائڻ ويٺو ۽ جيڪو پاڻيءَ جو ڪؤنرو ساڻ هوس تنهن مان انهيءَ ۾ پاڻي وجهي بي مزي ڪري کائڻ شروع ڪيائين.

چون ٿا ته هو پٽ جي حڪومت وارن ڏينهن ۾، فقط ٻه يا ٽي دفعا سندس گهر آيو ۽ جڏهن ڪشف جي وسيلي هن دنيا مان لاڏاڻو قريب ڏٺائين تڏهن گهرجون ڪنجيون ننڍي ڀيڻ جي حوالي ڪري، الوداع ڪيائين. وڏيءَ ڀيڻ کي خيال ٿيو ته شايد ڪنهن رنجش سببان ڪنجيون منهنجي هٿ ۾ نه ڏنيون اٿن ۽ انهيءَ فڪر ۾ غمگين ٿي ويهي رهي. سيد دل جي نور سان، اها ڳالهه معلوم ڪري فرمايو ته مون ڄاڻي ٻجهي توکي گهر جي سنڀال جي تڪليف نه ڏني ڇاڪاڻ ته تون مون کان پو فقط ڪن ڏينهن جي مهمان آهين. ننڍي ڀيڻ گهڻو وقت زندهه رهندي تنهن ڪري هن تڪليف لاءِ موزون آهي، آخر ائين ئي ٿيو.

]مير ڪمال الدين احمد خان ۽ سندس اولاد[: مٿئين سيد عنايت جو فرزند مير ڪمال الدين احمد خان، فاضل خان، جنهن جو ذڪر ٿيندو، جي داماديءَ جي بدولت، وڏي عزت، نوڪرن ۽ چاڪرن ۽ مکيه عهدن جو مالڪ بڻجي، وقت جي اڪثر وڏن ماڻهن کان وڌي ويو. هو ظاهري چڱي لياقت رکندو هو. ۽ تصنيفن، جهڙوڪ ديوان حافظ جو شرح ۽ اصطلاحات رضويه جو صاحب آهي. سندس وفات سن 1132 هجري ۾ ٿي. هن جي ستن پٽن مان ٽن پٽن کي اولاد ٿيو.

هڪڙو مير مرتضيٰ، جيڪو ٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪماليت جي سڀني فنن جو جامع ٿيو. علمي فضيلتن کان سواءِ سپاهگريءَ جي سڀني فنن ۾ بي نظير هو. خوشخطيءَ کي پڻ ستن قلمن تائين ]205[ رسايو هئائين. مرزا صائب جو شاگرد آقا تعظيما جڏهن ٺٽي آيو هو، تڏهن سندس طبيعت کي ڏاڍو پسند ڪري کيس  ’الهام‘  تخلص عطا ڪيائين.

چون ٿا ته سندس تربيت، سندس ناني فاضل خان جي جاءِ نشينيءَ لاءِ ڪئي وئي هئي. فاضل خان جي رحلت کان بعد عالمگير جاءِ نشين جي گهر ڪئي. مٿيون مير اڃا نڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو ته بادشاهه جي وفات جي خبر دنيا ۾ پکڙجي ويئي. هيءُ تنهن کان پوءِ درٻار ۾ وڃي شاهه عالم بهادر بادشاهه جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ طبع اقدس کي پسند آيو. اتفاقاً سندس عمر جو بهار، جو اڃا ترقي ڪري رهيو هو، موت جي خزان جي هٿان فنا ٿي ويو. اهو واقعو سن 1126 هجري ۾ ٿيو.

سندس پٽ مير ذوالفقار علي، هن خاندان جي ناليرن جي صورت ۾، ڏاڍي بزرگيءَ ۽ ماڻهپي سان ]رهي[ تازو گذاري ويو آهي. ڪوبه نرينه اولاد ڪونه ڇڏيائين.

ٻيو مير غلام علي، ٽي پٽ هر هڪ مير مهر علي، مير نياز علي ۽ مير راز علي ڇڏي ويو. مير راز علي سن 1180 هجري ۾ ڦوهه جوانيءَ ۾، جڏهن سندس شادي ٿيڻ واري هئي، دوستن جي دل تي جدائيءَ جو ڏنڀ ڏيئي ويو. سندس وفات، جا هڪ عام ماتم ۽ غمن جي درياءَ جي جوش جو طوفان هو، تي اڪثر شاعرن، درد مندن جي دلين ۾ چڀندڙ، درد ڀريون تاريخون چيون آهن. محرر پڻ پنهنجي هن طبع زاد مصراع تي اڪتفا ڪئي آهي.  ”بجوار رسول يافت مقام“ ، ]جاءِ مليس رسول جي پاڙي[. هاڻي مير مهر علي ۽ مير نياز علي وڏن جا يادگار حيات آهن.

مٿئين مير ڪمال الدين جي ]ٽئين[ فرزند مير شاهه حيدر جي وفات کان پوءِ سندس ناميارو فرزند  مير امير علي پنهنجي اولاد سميت، نهايت ماڻهپي سان، حياتيءَ جي محفل ۾ رونق افروز آهي.

]مير محمد شفيع[: مٿئين مير محمد يوسف جي اولاد مان سيد يار محمد جو فرزند مير محمد شفيع، لقب لطف علي خان، پنهنجي اولاد سميت حاڪمن جي طبقي ۾ مذڪور آهي، دوباره نه لکيو ويو.

]مير محمد رفيع[: مٿئين سيد جي اولاد مان مير محمد رفيع، خدا پرست بزرگ، پر مشهوري ناپسند ڪندڙ، پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪري ويو.

]مير نجم الدين[: سندس پٽ مير نجم الدين، مخدوم محمد معين جو شاگرد ۽ ڀاڻيجو هو. استاد جي حياتيءَ ۾ ئي علمي مدرسو وڻندڙ طريقي سان سينگاري، طالبن جي هڪ جماعت کي تڪميل ڪرايائين. عجيب تصنيفن جو مالڪ آهي. منطق جي يڪروزي رسالي جي تتبع ۾، انهيءَ کان به عمدو ۽ وڏو رسالو، جنهن ۾ مختلف علوم اچي ٿا وڃن، هڪ ڏينهن ۾ تصنيف ڪيائين. فارسيءَ ۾ نخشبيءَ کان به بهتر طوطينامه نثر ۾ لکيائين. شعر به سٺو چوندو هو ۽ ”عزلت“ تخلص ڪندو هو. هو هڪ غنيمت هو پر تقديراً سندس حياتيءَ وفا نه ڪئي. هو سن 1160 هجري ۾ وفات ڪري ويو. سندس اولاد مان مير نثار علي خاص شان مان سان زندهه آهي.

سيد محمد يوسف جي اولاد مان، سيد محمد رضا، سيد محمد افضل، سيد محمد زمان وغيرهم جهڙا ڪيئي بزرگ، حال ۽ چڱيءَ حالت جا صاحب ٿي گذريا آهن جن مان ڪيترن جي اولاد خاندان جي شمع روشن ڪري رهي آهي. اختصار جي خيال کان اختصار ڪيو ويو.

بخاري سيد

]سيد محمود بخاري[: سيد محمود بخاري بن سيد حاجي حميد نظام الدين، ارغونن جي ڏينهن ۾ گجرات کان اچي ٺٽي جي سيته محلي ۾ رهيو. هو مسجد فرخ ۽ عيدگاهه جو امام ۽ خطيب هو ۽ نهايت بزرگيءَ ۽ سهڻيءَ حالت ۾ زندگي گذاريائين.

سيد طيب: مٿئين سيد محمود جي اولاد مان پنهنجي وقت جو نامور ۽ چڱيءَ حالت ۽ فضيلت جو مالڪ هو.

]سيد رحمت الله[: کانئس پوءِ سيد رحمت الله پوئتي رهيو. چون ٿا ته ننڍپڻ جي ڄمار ۾ هڪڙي ڏينهن ]206[ هو پنهنجي پيءُ سان فرخ جي جامع مسجد ۾ هو ته هڪڙو ڪمال جو صاحب فقير نالي سيد ابراهيم گودڙيو، جنهن جا جن گهڻو ڪري تابع هئا، مسجد جي در تي ويٺو هو. جڏهن پيءُ ۽ پٽ مسجد مان ٻاهر نڪتا تڏهن پيءُ کي چيائين ته هيءُ پٽ خدا جي نالي تي مون کي ڏي. پيءُ، جنهن جو فقيرن ۾ ڏاڍو اعتقاد هوندو هو، تنهن هڪدم پٽ کڻي فقير جي حوالي ڪيو. فقير نينگر کي پنهنجي جاءِ تي وٺي ويو جا مڪليءَ ٽڪريءَ تي ڪلا ڪوٽ جي سامهون هئي. جڏهن ڪجهه وقت رهڻ کان پوءِ گذاري ويو تڏهن پنهنجو سمورو علم سيد کي عطا ڪري ويو. سيد رحمت الله فقير کان پوءِ، وڏن جي اصلي ماڳ تي موٽي آيو ۽ وڏي پيري مرشدي ڪري گذاري ويو.

]سيد جهنگل[: سندس اولاد مان سيد جهنگل پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. سيد مير، جيڪو نقارچين جي محلي ۾ رهندو هو، سو مٿئين سيد جهنگل جي اولاد مان هو. هو پڻ هڪ مکيه ماڻهو هو. وفات وقت ڪوبه نرينه اولاد ڪونه ڇڏيائين.

]سيد قاسم[: سيد قاسم پڻ مٿئين سيد جهنگل جو اولاد هو، جيڪو ابدالن جي نموني ۾ رهي لاولد گذاري ويو.

]سيد لطف الله ۽ سندس اولاد[: مٿئين سيد محمود جي اولاد مان سيد لطف الله رانيه جي ڳوٺ ڏانهن لڏي ويو. اتي جا ماڻهو سندس اعتقاد جا اقراري آهن. کيتي وغيره جو چاليهون حـصو، سندس ۽ سندس اولاد جي نالي وقف آهي. سندس حالات عجيب و غريب ٻڌا ويا آهن. راقم الحروف جو ڏاڏو سيد محمد ڪاظم هن جو ناٺي هو.

مٿئين سيد لطف الله جو پٽ سيد عبدالرزاق فقيري ۽ بزرگانه حالت ۾ گذريو آهي. هو ٻه پٽ: 1- سيد محمد فاضل ۽ 2- سيد ساجن ڇڏي ويو.

سيد محمد فاضل شادي کان پوءِ مجذوب ٿي پيو. انهيءَ حالت ۾ کانئس وڏيون وڏيون ڪرامتون ظاهر ٿينديون هيون.

ارباب بولو، جو هن وقت انهيءَ ڳوٺ جي رهاڪن ۾ وڏي ۾ وڏي عمر وارو آهي، کان ٻڌو اٿم ته  ”مون هڪڙي وقت پوک ڪئي هئي، مخدوم نوح جي فقيرن مان هڪ ٻيو سيد، سيد ساجن نالي اسان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، جنهن کي پڻ، سندس بزرگيءَ جو لحاظ رکي، ڪن پوکن جو چاليهون حـصو ۽ ڪجهه نذر ]پيران[ پير جي نالي تي ڏيندا هئاسون. منهنجي پوک جو پيراڻو چاليهون حـصو مٿين سيدن ۾ گڏجي پيو. ٻئي گهر ڪندا رهيا پر مان، انهيءَ ڊپ کان ته متان هڪڙي کي ڏيان ۽ ٻئي جو حق مارجي وڃي ۽ ناراض ٿئي، خيرات جي ادائي ۾ دير مدار ڪري رهيو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن عين سجاڳيءَ ۾ هڪ نوراني پير مون کي فرمايو ته سيد محمد فاضل جو حـصو ڇو نه ٿو ادا ڪرين؟ ڇا پنهنجي ڀلائيءَ جو خيال ڪونه اٿيئي؟؟ هڪدم اها خيرات، جا جمله پنج روپيا هئي، پڳ جي ڪنڊ ۾ ٻڌي روانو ٿيس. واٽ تي سيد ساجن مليو ۽ چيائين ته مون پنهنجي دعويٰ ڇڏي. سيد محمد فاضل جو حق جلد ئي ادا ڪر“. پوءِ ته اتان ئي سيد محمد فاضل جي گهر جو رستو ورتم ]هوڏانهن[ سيد محمد فاضل اڳيئي گهر کان ٻاهر نڪتو بيٺو هو. پنهنجي جذبه جي تقاضا موجب مون کي گار ڏيئي چيائين ته آخر دلجاءِ ڪيئي. هاڻي پڳ کول ۽ خيرات ڏي.

مٿيئن سيد عبدالرزاق جو پٽ سيد ساجن ڀاءُ کان پوءِ تمام چڱين حالتن ۾ زندهه رهيو. سندس وفات واري ڏينهن راقم الحروف معتبرن جي هڪ جماعت سان حاضر هو. هن جون عجيب حالتون ۽ ڪرامتون ڏٺيون ويون. هاڻي سندس فرزند سيد ٺاريو ۽ سيد ڏاتر ڏنو باقي آهن.

]سيد محمد شجاع[: مٿئين سيد بخاريءَ جي اولاد مان سيد محمد شجاع بن سيد فيض الله بن سيد فتح محمد بن سيد جعفر بن سيد جمال بن سيد ڪمال، وڏن کان وٺي سندن دستور موجب، ستيہ جي محلي ۾ رهي، جامع فرخ ۽ عيدگاهه جي امامت ۽ خطابت جي خدمت سان ]207[ سربلند رهندو آيو. هو بزرگانه حالت ۾ گذاري جنت ڏانهن روانو ٿيو. سن 1138 هجري جي مطابق سندس تاريخ  ”شجاع“  آهي.

سندس فرزند سيد سعد الله، مٿين خدمتن کانسواءِ، واهن، کوهن کوٽائڻ ۽ ٺٽي جي قلعي اڏائڻ جي نگراني ۽ داروغپ ۽ بادشاهه جي پاران بيت المال (شاهي خزاني) جي داروغپ جي عهدن تي رهي، زماني ۾ ممتاز رهي ويو. هاڻي سندس پٽ سيد روح الله ۽ سيد عليم الدين وڏن جو يادگار آهن.

]سيد عبدالمجيد ۽ سندس اولاد[: سيد عبدالمجيد بن سيد عبداللطيف ولد سيد عبدالرزاق بن سيد اسماعيل بخاري. سيد اسماعيل بخاري ۽ سيد عبدالرزاق جو احوال مٿي بيان ٿي آيو. مير عبداللطيف جيئن مٿي گذري آيو، سيوستان ۾ رهندو هو. سيد عبدالمجيد سيوستان کان ٺٽي آيو ۽ شاهجهان جي دربان مان، سيوستان جي تنخواهه جي عوض ٺٽي تي تنخواهه ]جو پروانو[ ورتيون آيو. سندس جاءِ ميرڪن جي محلي جي اڀرندي ۾ ڪشمشين جي محلي جي پويان، ٻيلي جي ڪناري تي هئي. بزرگيءَ ۾ هڪ وڏيءَ جماعت جو پير ٿي گذريو آهي. شيخ ڪالي قريشيءَ جو اولاد پيرزادا سندس سچا مريد هئا ۽ نذر نياز ڏيندا هئا.

سندس پٽ سيد عبداللطيف عرف مٽو پنهنجي وقت جو بينظير ۽ نهايت ڪامل ساماڻو پر عين جوانيءَ ۾ گذاري ويو. راقم الحروف سندس حقيقي ڏوهٽو آهي. نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائون. فقير (مير قانع) سندن رحلت جو سال سن 1124 هجري جي مطابق، آيت سڳوري ”اللَّهُ لَطِيفٌ بِعِبَادِهِ يَرْزُقُ مَنْ يَشَاءُ وَهُوَ الْقَوِيُّ العَزِيزُ“ (الله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي رزق ڏئي ٿو ۽ اهو سگهارو غالب آهي- سورة الشوريٰ آيت19) مان لڌو آهي.

امير خاني سيد

سندن وڏو ڏاڏو مير ابوالبقا، ولد قاسم خان نمڪين هروي بن ملا مير سبزواري، جنهن کي نواب امير خان سڏيندا هئا، حاڪمن جي ذڪر ۾ بيان ٿي آيو.

]مير ابوالمڪارم ۽ سندس اولاد[: مير ابوالمڪارم، تخلص شهود ولد نواب امير خان، پيءُ جي نوابيءَ هوندي فقيريءَ جو رستو اختيار ڪري، ڪاملن جو درجو حاصل ڪيائين. حـضرت سليمان عليه السلام ۽ بلقيس جي قصي بابت سندس هڪ ڪارآمد مثنوي  ”پريخان سليمان“  مشهور ۽ يادگار آهي. ظاهري علمن جو پڻ جامع هو. سيوهڻ ۾ دفن ٿيل آهي.

جيئن بيان ٿي آيو، سندس پٽن مان مير امين الدين خان حسين ٺٽي جي حڪومت تي سرفراز ٿي، اچي هميشه لاءِ رهيو.

مير امين الدين خان اسماعيل سندس پٽ آهي، جيڪو پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي عمدن عهدن تي سرفراز ٿي، زماني ۾ ناميارو ۽ هڪ مکيه رئيس ٿي گذريو. سندس اميريءَ جو شان، شوڪت ۽ طاقت بي مثال آهي.

سندس فرزندن مان مير محمد غوث، نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد جي حڪومت جي ڏينهن ۾ عهديدارن جو بخشي ۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ ممتاز ٿي گذريو آهي.

هاڻي هن جو هڪ هدايت وارو فرزند نالي مير محمد ڪريم الدين پيءُ واري عهدي تي مقرر آهي. ٻيو مير ابوالمفاخر بزرگيءَ ۽ اميريءَ ۾ نهايت ممتاز رهي، هڪ پٽ يادگار ڇڏي گذاري ويو.

نواب امين الدين خان جو پٽ مير محمد عطا، وڏن جي پيرويءَ تي وڏيءَ عزت ۽ افتخار سان گذاريو آهي. ٻه فرزند ڇڏيائين.

مير محمد گدا ولد نواب امين الدين خان تازو هڪ پٽ يادگار ڇڏي وفات ڪري ويو آهي.

مٿئين مير ابوالمڪارم  ”شهود“  جو فرزند مير رضي الدين محمد اعليٰ درجي جي خوبين سان موصوف هو. شعر ۾ وقت جو ڪامل ٿي گذريو آهي. فدائي تخلص ڪندو هو. ديوان جو صاحب آهي. سندس شعر مان زماني جي دماغ کي ظاهري خواهه باطني ڪماليتن جي خوشبوءِ اچي ٿي. سن 1120 هجري ۾ گذاري ويو. هن ڪتاب جي جوڙيندڙ لکڻ وقت هيءُ بيت سندس تاريخ جي مطابق لڌو آهي.

بـسکـه بـفـوتش همه کـردنـد هي

هي رضي الدين شده تاريخ وي.

(هي ٿي سندس موت تي سڀني ڪئي - هـَـي رضي الدين تڏهن تاريخ ٿي)

هن جو فرزند رشيد مير حيدر الدين ابوتراب، ]208[ تخلص ڪامل، هڪ محقق، پرهيزگار ۽ ڇڙوڇڙمل ٿي گذريو آهي. انهيءَ جناب جي ڪماليتن ]جي تفصيل لاءِ[ ڪتاب گهرجن. ڪئين اهل دل سندس صحبت کي ظاهري خواهه باطني فيضن جو سرمايو ڄاڻندا هئا. اڪثر وڏا ماڻهو ساڻس ارادتمندانه سلوڪ رکندا هئا پر هن دنيا ڏانهن توجهه اصلا ڪونه ڪيو ۽  ”ڪـُـن في الدنيا کانک غريب اوعا برسبيل“  (دنيا ۾ اهڙيءَ طرح رهه گويا تون مسافر يا واٽهڙو آهين) جي حڪم تي عمل ڪري، وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو. هندي ۽ سنڌي ايهام، (هنر) ڏوهڙي ۽ ڪبت خواهه فارسيءَ ۾ سندس بي ساخته چيل ]شعر[ جا نسخا مشهور آهن. راقم الحروف شاعريءَ جي مشق هن استاد ڪامل وٽ ڪئي آهي.

مير حفيظ الدين ولد مير حافظ الدين بن مير ابوالمڪارم  ”شهود“  هن وقت ڪمال جو صاحب ۽ حال ۽ قال جي صاحبن ۾ برگزيدو آهي. نثر خواهه نظم ۾ سندس ڪماليتون دو معني سہ معني بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ ايهام (هنر) ۾ موجود آهن. نظر جي گهٽتائيءَ ۾ ڪنن جي ڳرائي جيڪڏهن سندس لاءِ روڪ نه هجن ها ته هو شعر ۽ انشا ۾ مير حيدر الدين ابوتراب  ”ڪامل“  جو ثاني آهي. ]هيءُ به[ انهيءَ استاد وانگيان پرهيزگار ۽ ڇڙوڇڙمل رهي زندگي گذاري رهيو آهي.

اگرچه هن خاندان ۾ ٻيا به بزرگ ۽ بزرگزادا گذريا ۽ موجود آهن پر بنده پنهنجي پابنديءَ موجب مٿين ٿورن نالن تي اڪتفا ڪئي آهي.

]قاسم خاني سيدن جو گهراڻو[: سندن ٻيا سوٽ قاسم خاني نالي سان هڪ وڏي لياقت وارو گهراڻو ٿي گذريو آهي. هنن گهڻو ڪري عهدي دارن جي صورت ۾ زندگي گذاري. انهن مان:

قاسم خان نمڪين جي اولاد مان مير محمد رحيم، جنهن جو بيان بکر جي ذڪر ۾ گذريو، چڱي حال ۾ هو.

کانئس پوءِ مير محمد ڪريم رهيو ۽ وڏن جي پيرويءَ تي، سهڻن اخلاقن سان موصوف رهي، گذاري ويو. ۽ ڪو به يادگار ڪونه ڇڏيائين.

مٿئين قاسم خان جو پوٽو ابوالنصر پڻ بزرگن جي نموني ۾ گذريو آهي.

انهيءَ جو جاءِ نشين مير شيرافگن ٿيو جنهن پڻ حياتيءَ جو وارو بزرگي سان وڄايو. هو مير محمد عابد نالي هدايت وارو فرزند ڇڏي ويو ۽ انهيءَ وفات کان پوءِ ڪابه نشاني يادگار ڪانه ڇڏي.

مٿين مير محمد قاسم خان جي پوٽي مير محمد اسلم پڻ ڏاڍي ماڻهپي سان حياتي گذاري. هن کان پوءِ مير محمد ڪامل رهيو، جو پڻ نيڪن جي نموني تي زندگي گذاري ويو ۽ اولاد ڪانه ڇڏيائين.

مير محمد نعيم پڻ، مٿئين قاسم خان جي پوٽن مان، وڏن جي قدم تي ٿي گذريو آهي. انهيءَ کان پوءِ مير محمد صالح عرف مير قلندر باقي رهيو. هو پٽ ڇڏي ويو جو ساري گهراڻي جو يادگار آهي.

متفرق سادات

اگرچه هن آزادن جي زاد و بوم سرزمين تي گهڻائي بزرگ ٿي گذريا آهن پر راقم الحروف تبرڪ جي رسم طور ڪن ٿورن نالن تي اڪتفا ڪئي آهي.

]سيد محمد ۽ سندس اولاد[: هن بزرگ جي اصل وطن جي ڪابه خبر ڪانه پئجي سگهي آهي ۽ سندس اولاد مان به سواءِ ذڪر ٿيل نالن جي ٻئي ڪنهن جو پتو ڪونه آهي. باقي انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته پنهنجي وقت جو ناليرو آهي.

سندس پٽ سيد محمد هاشم مرزا جاني بيگ ترخان جو همعصر آهي. ساڳئي وقت مرزا جي مدح ۾ شاندار قصيدا چيل اٿس. هن جي تاليفات مان هڪ نسخو نالي سير السلاطين، جو نهايت عمدو چيو اٿس ۽ مرزا جاني ڏانهن منسوب ڪيو اٿس، يادگار آهي.

مٿئين سيد محمد هاشم جو فرزند سيد عبدالقادر پنهنجي وقت جو ناميارو هو. سنڌ جي بزرگن جي بيان ۾ رسالو  ”حديقته الاوليا“  سندس نشاني آهي.

استرآبادي سيد

]سيد محمد باقر ۽ سيد محمد طاهر[: سيد محمد باقر عرف اڪرائي ۽ سيد محمد طاهر دلوال عرف ..... ٻئي پٽ سيد حسين صحرائي بن مير حيدر استرآباديءَ جا آهن. ٺٽي ۾ شاهه منبي جي مزار جي الهندي پاسي، ڀائي خان جي محلي ۾ انهيءَ هنڌ رهندا هئا، جتي پوءِ مرزا حسين جي جڳهه ۽ تنهن کان پوءِ انگريزن جي ڪوٺي ٿي.

]سيد محمد حسن ۽ سندس اولاد[: سيد محمد حسن مرزا باقيءَ جو همعصر ۽ ساڻس متعلق هو.

مير طاهر تخلص نسياني سندس پٽ آهي، تاريخ طاهري انهيءَ جي تصنيف ڪيل آهي. هاڻي گهڻي وقت کان سندن اولاد هڪ ماڙي ۾ رهندا آهن ۽ سندن لقب باغائي ۽ صحرائي آهي. هنن جي وڏن جي مزار جي رائنڪ، عبدالله شاهه جي درگاهه جي پويان اُتر جي طرف يادگار آهي.

]سيد عبدالغفور ۽ سندس اولاد[: ڪمالات جو جامع ۽ مکيه ماڻهن جي لسٽ ۾ داخل آهي. سندس گهراڻي جي تحقيقات ڪانه ٿي سگهي آهي. سندس ٻه ناليرا پٽ 1- سيد عبدالرشيد ۽ 2- سيد عبدالرؤف مشهور آهن.

سيد عبدالرشيد پنهنجي وقت جو علامه پيدا ٿيو. عالمگير جي ڏينهن ۾ جهان آباد (دهلي) ۾ نالو پيدا ڪيائين. سندس تصنيفات مان ٻه فرهنگ عربي ۽ فارسي منتخب ۽ مناظري جي فن ۾ هڪ نسخه رشيدي نالي مشهور آهي. وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين.

سيد عبدالرؤف پنهنجي وقت ۾ مشهور هو. پويان ڪو نرينه اولاد ڪونه هوس. سيد محمد شريف شيرازيءَ جو اولاد مير لطف الله عرف مير لطن سندس حقيقي ڏوهٽو آهي.

]مير محمد ۽ سندس اولاد[: هن بزرگ جي اصل جو پڻ چڱيءَ طرح تحقيق نه ٿي سگهيو آهي. فقط هيترو هو ته سندس پٽ مير محمود، قاسم خاني سيدن مان شادي ڪري قاسم خاني مشهور ٿي ويو. قصو ڪوتاهه مير محمد نهايت بزرگ ٿي گذريو آهي.

سندس پٽ مير محمود عرف مير محمودي وڏن عهديدارن جي سلسلي ۾ داخل هو ۽ بزرگن جي سهڻين خوبين سان زندگي گذاريائين.

کانئس پوءِ مير محمد بزرگ جاءِ نشين ٿيو، جو بزرگيءَ جي وصفن ۾ دنيا جو ساراهيل هو، هو نهايت آسودو هو ۽ وڏيءَ عمر کي پهچي گذاري ويو. اولاد ڪانه ڇڏيائين.

]سيد محمد علي ۽ سيد محمد باقر ۽ سندن اولاد[: جون جي ڳوٺ ۾ رهندڙ سيد حميد جا پٽ سيد محمد علي ۽ سيد محمد باقر اصل بکر جا رهندڙ هئا، جن جو بيان ٿي آيو. ٻئي بزرگ آب داڻي موجب جون جي ڳوٺ مان لڏي اچي ٺٽي ۾ بکر جي رضوي سيدن جي محلي ۾ ويٺا.

سيد محمد باقر، مير عبدالستار پويان ڇڏيو، جنهن مقرر عمر مٿئين محلي ۾ پوري ڪري وفات ڪئي ۽ اولاد ڪانه ڇڏيائين.

سيد محمد عليءَ جو مير محمد فاضل جاءِ نشين ٿيو. هو انهيءَ محلي مان لڏي، وڃي مسواڪ ڪشان (ڏندڻ ڏيندڙ) جي محلي ۾ ويٺو خوشنويسيءَ ۽ ٻين ڪمالن ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور آهي. کانئس پوءِ ٻه پٽ رهيا. 1- سيد محمد بزرگ 2- سيد نظام الدين. ٻئي ڀائر عالمگير جي ڏينهن جي شروعات ۾، درٻار ۾ حاضر ٿي، شاهي عهديدارن جي سلسلي ۾ داخل ٿيا.

مير محمد بزرگ قرآن شريف جو حافظ، طالب علم ۽ خوشنويس، پنهنجي پيءُ ۽ شاهه بندر جي خوشنويس محمد شفيع جو شاگرد هو. مٿين ڪماليتن ظاهر ڪرڻ کان پوءِ بادشاهه جو منظور نظر ٿي حڪم موجب ڪجهه وقت هدايت الله زرين، راقم جو شاگرد رهيو. ۽ سيد نظام الدين بادشاهه جي همرڪابيءَ ۾ دکن ۾ گذاري ويو.

قصو ڪوتاهه سيد محمد بزرگ ايڪيهه سال همرڪاب ۽ شاهزادي محمد ڪام بخش جي مشق جو استاد رهي، دين پرور بادشاهه جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٺٽي هليو آيو ۽ سن 1152 هجري تائين نهايت بزرگيءَ ۽ عزت سان عمر گذاري، اسي ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

هاڻي سيد محمد بزرگ جو پوٽو مير منور ولد سيد اعظم فتح باغ ۾ رهندڙ آهي.

مٿئين مير محمد بزرگ جو سوٽ سيد عبدالرحيم چڱيءَ حالت ۾ گذريو آهي.

کانئس پوءِ سيد جلال وڻندڙ حال سان رهيو. هاڻي سيد جلال جو پٽ سيد حامد مٿئين محلي ۾ انهيءَ خاندان جو يادگار باقي آهي.

سيد مير محمد: ظاهراً مٽيارين جي سيدن مان آهي. بزرگيءَ ۽ عزت ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ نشانين ۽ ڪرامتن ۾ دنيا ۾ معروف هو. خواجن جي محلي ۾ رهندو هو، ببالائي ڳوٺ جا رهاڪو، جي اڪثر سومرا آهن، سندس پڪا مريد آهن. وفات ڪرڻ وقت نرينه اولاد ڪانه ڇڏيائين.

]سيد سعد الله[: مٿئين سيد مير محمد جو ڏوهٽو سيد سعد الله ولد سيد بيگ محمد مازندراني، سندس بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويهي، سدائين توڪل، تقويٰ، ڇڙائي ۽ لڪ ۾ رهي، مريدن جي جماعت جو مرشد رهندو آيو. هن جي وفات سن 1167 هجري(1) ۾ اسي ورهين جي ڄمار ۾ ٿي. هاڻي ]210[ سندس خاص مريد عبدالڪريم عرف مرزا ڪريم بيگ ولد مرزا قلي بيگ گادي نشين آهي.

علوي جامي بزرگ

هي بزرگيءَ جي باغ جو وڻ ۽ شرافت جي سرمايي جا مور آهن. انهن مان آهن:

]خواجه محمد ۽ سندس اولاد[:پيرن جي پير، احمد جام، جنهن جي بزرگي قلم جي تحرير ۽ سمجهڻ سمجهائڻ کان مٿي آهي، ۽ جو ٻئي جلد ۾ مشائخن جي بيان ۾ مذڪور آهي، جي اولاد مان خواجه محمد ولد خواجه احمد. هيءُ بزرگ اتفاقاً پنهنجي اصلي وطن جام لنگر مان اچي ٺٽي منزل انداز ٿيو. پهريائين ته مٽي مائٽيءَ جي سلسلي ۾ قاسم خانين وٽ رهڻ لڳو پر پوءِ لڏي اچي انهيءَ محلي ۾ ويٺو جنهن ۾ هينئر رهن ٿا. سندس بزرگيءَ جو ڪمال هر قائل جي قال کان مٿي آهي. جنهن صورت ۾ تيموري خاندان جا بادشاهه اصل کان وٺي هن گهراڻي جا مريد آهن تنهن ڪري هيءُ بزرگ جهانگير جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي شهر ۾ نهايت ممتاز بلڪ اڪثر وڏن ماڻهن جو پيشوا ٿي رهيو.

سندس گذرڻ کان پوءِ هن جي فرزند خواجه احمد، پيءُ بزرگوار جو قائم مقام ۽ وڏي ۾ وڏن نيڪن ۽ سڳوري ۾ سڳورن برگزيدن جي سلسلي ۾ داخل رهي زندگي گذاري. هن ٻه پٽ 1- خواجه عطاءُ الله ۽ 2- خواجه امان الله ڇڏيا.

خواجه عطاءُ الله وڏي طاقت ۽ بزرگيءَ سان گڏ ڏاڍو سخي پيدا ٿيو هو. سندس سخاوت، دل ۽ هٿ متعلق ڪئين قصا مشهور آهن.

چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن پنهنجي گهر جي دروازي تي بيٺو هو ته ائين هڪڙي عورت بازار کان اچي سهڙي ۽ خواجه جي ڏسڻ سان کڻي منهن تي چادر وڌائين. خواجه خوش طبعي طور چيس ته  ”اي نيڪ عورت! بازار مان منهن اگهاڙو ڪيو ٿي آئينءَ، هينئر ڇا ٿيو اٿئي؟ جو مون کي ڏسي کڻي منهن ڍڪيو اٿئي“ . وراڻيائين ته  ”جن جي اڳيان منهن کولي ٿي لنگهيس سي سڀئي انسانيت کان ٻاهر هئا. توکي سچو پچو انسان ڏسي پردو ڪيو اٿم“ . خواجه انهيءَ نيڪ عورت جي جواب کان ڏاڍو خوش ٿيو. اتفاق سان انهيءَ وقت سندس جاگير کاٽ مان اٽڪل سؤ خرار اَن آيو هو. گماشتن کي حڪم ڏنائين ته اهو سمورو اَن زال جي گهر کڻي وڃو، ڇاڪاڻ ته مون کي انسانن جي ٽولي ۾ ڳڻيو اٿس.

سندس وفات کان پوءِ، هن جو ناليرو فرزند خواجه محمد هاشم جاءِ نشين ٿيو. هاڻي سندس پٽ خواجه رحمت الله ۽ خواجه فتح الله حيات آهن.

خواجه امان الله بزرگيءَ جي شاندار نيڪين جي مجمع ۽ ڪمال جي صاحبن جي مرجع هو. شعر جي واديءَ ۾ پڻ علمبردار هو. سندس تصنيفن مان  ”بهمن نامه“ ، جنهن ۾ ست قصا نظم ڪيل آهن، ۽  ”هفت اختر“  جنهن ۾ ست ڪهاڻيون آهن، يادگار آهن. ٽي پٽ ڇڏي ويو.

پهريون خواجه خير الله. هاڻي سندس فرزند خواجه محمد خليل موجود آهي، ٻيو خواجه فضل الله انهيءَ جا ٽي پٽ هر هڪ خواجه سيف الله، خواجه سعد الله ۽ خواجه شهر الله نالي، ميان عبدالملڪ جي زمين ۾ پيرزادن وٽ گذارين ٿا، جيڪي سندس ماما آهن. ٽيون خواجه عنايت الله، سندس فرزند خواجه اسد الله هو. هاڻي خواجه اسد الله جو پٽ خواجه امير الله نالي کچي جي ڳوٺ ۾ اتي جي پيرزادن وٽ رهي ٿو جيڪي سندس ماماڻا آهن.

]خواجه شهاب الدين ۽ سندس اولاد[: خواجه ]عبيد الله[ احرار جي اولاد مان خواجه شهاب الدين ولد خواجه مير ڪمال الدين علوي آهي. جنهن صورت ۾ همايون بادشاهه ايران کان موٽڻ وقت پراڻي ارادي جي مدنظر تي، خواجه مير ڪمال الدين جي زيارت جو شرف حاصل ڪري، دعا جي مدد جي درخواست ڪئي هئي، تنهن ڪري جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه، پراڻي مريدي ۽ پيءُ جي عقيدتمنديءَ جي حقن کي خيال ۾ آڻي مٿئين خواجه ڪمال الدين کي زيارت جي استدعا ڪئي هئي. هن ڪراڙپ جو عذر پيش ڪري پنهنجي پٽ خواجه شهاب الدين کي بادشاهه جي حـضور ۾ روانو ڪيو. هو ڪيترو عرصو بادشاهي دربار ۾ گذاري، والد جي خدمت ۾ موٽي ويو. ڳپل عرصي کان پوءِ خواجه ]211[ مير شهاب الدين، مير محمد حسين گيلاني جيڪو شاهه بيگ سان گڏ ٺٽي اچي رهيو هو، جي نياڻيءَ جنهن سان مڱيل هو، سان شادي ڪرڻ جي ارادي سان، والد بزرگوار کان اجازت وٺي هن طرف آيو ۽ مراد حاصل ڪري، آب داڻي جي ڪشش سببان هميشه لاءِ رهي پيو، ڏاڍي بزرگيءَ ۽ وڏي شان شوڪت سان گذاري ويو.

مٿيون خواجه ڪمال الدين پڻ هرات مان نڪري ارغونين سان گڏجي ٺٽي آيو. هو جاگير سببان ڪلان ڪوٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ اتيئي گذاري ويو. سندس مزار فتحي جي ٽڪر تي آهي، جو فتحي نگر ]جي نالي سان[ مشهور آهي. کانئس پوءِ چار پٽ رهيا. 1- خواجه مير نجم الدين، 2- خواجه مير شمس الدين، 3- خواجه مير رضي الدين ۽ 4- خواجه مير شهاب الدين، جنهن جو بيان ٿي آيو.

کانئس پوءِ (خواجه شهاب الدين) خواجه مير ابوتراب باقي رهيو. هو گهڻو ڪري پنهنجي جاگير تي نيرون ڪوٽ گذاريندو هو. سندس نالي تي هڪ باغ آهي جنهن جو هن وقت رڳو نالو وڃي رهيو آهي. وفات کان پوءِ اتي ئي دفن ٿيو.

انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ خواجه مير قاسم، برگزيدين خصلتن سان، ٺٽي ۾ وڏن جو نالو روشن ڪيو.

هن کان پوءِ خواجه محمد مير وڏن جي گاديءَ تي ويٺو ۽ فضيلت ۽ چڱيءَ حالت ۾ گذاري ويو.

انهيءَ کان پوءِ خواجه محمد شريف وڏن جي بزرگيءَ جو ڏيو چڱيءَ طرح روشن ڪيو. خوشنويسيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ مشهور ٿي رهيو ۽ مير سيد علي خوشنويس جو شاگرد آهي.

تنهن کان پوءِ خواجه مرتضيٰ نهايت قابليت ۽ انسانيت سان وڏن جي بزرگيءَ جو نالو زندهه رکيو. هو آغاز پيدائش کان وٺي هن وقت تائين مشهور ماڻهن جي لسٽ ۾ زندهه آهي. پهريائين صاحبزاده محمد داؤد خان، پوءِ ميان نور محمد تنهن کان پوءِ محمد مراد ياب خان، انهيءَ کان پوءِ ميان غلام شاهه ۽ هاڻي محمد سرفراز خان سنڌ جي حاڪمن جي حضور ۾ ڏاڍي اعتبار سان ملازم آهي. بي نظير خوشنويس آهي. ستن ئي قلمن ۾ ڪو به مٽ ڪونهيس، طبابت ۾ مير عبدالرزاق تخلص مشرب جو شاگرد آهي. سندس هٿ بيمارين جي شفا ۾ تبرڪ جو حڪم رکي ٿو.

حسني سيدن جو طبقو

]مير محمد حسين ۽ سندس اولاد[: انهن مان آهي حضرت پير جو اولاد مير محمد حسين گيلاني هروي، جو نهايت بزرگيءَ ۽ ڪمال سان، هرات مان نڪري، شاهه بيگ سان گڏجي ٺٽي آيو ۽ اچي انهيءَ محلي ۾ رهيو جنهن ۾ هاڻي خواجه محمد مرتضيٰ رهي ٿو. خواجه مير شهاب الدين، جنهن جو بيان ٿي آيو، سندس نياڻو هو.

سندس وفات کان پوءِ هن جو پٽ مير عبدالله، لقب نازڪ، پيءُ جي جاءِ تي بزرگيءَ سان ويٺو، انهيءَ کان پوءِ مير عبداللطيف نازڪ طبع ۽ پاڪيزه خصلتن سان مشهور معروف ٿي رهيو، تنهن کان پوءِ مير عبدالعزيز پنهنجي وقت جو عزيز ٿي رهيو. پوءِ سيد عبد الله ثاني وڏي عزت سان وڏن جو نالو زندهه ڪيو.

کانئس پوءِ هن خاندان جو خاتمو، سيد محمد رضا بزرگانه حالت ۾ گذاري ويو. هن جي وفات ٺٽي جي گورنر خواجه محمد خليل جي ڏينهن ۾ ٿي هئي. سندس اولاد مان ڪو ڪونه رهيو. جيئن ته پهريائين خواجه مير شهاب الدين، مير محمد حسين جو نياڻو ٿيو هو تيئن اها وڏن واري رسم پوين ۾ رهندي اچي، خواجه محمد شريف مير محمد رضا جو نياڻو هو. هاڻي خواجه مير محمد مرتضيٰ، مير محمد رضا جو ڏوهٽو آهي.

]سيد نور شاهه ۽ سندس اولاد[: پوءِ پيران پير جي اولاد مان سيد نور شاهه ٺٽي جي پسگردائيءَ ۾ آيو. پهريائين نادره(1) ۽ پوءِ گهڻو وقت کچي ۾ گذاريائين. پيريءَ ۽ بزرگيءَ ۾ پنهنجي وقت ۾ بينظير هو. سندن جايون ٺٽي ۾ شوراين جي محلي ۾ مشهور آهن. ٺٽي جا اڪثر خليفا سندس سرداريءَ جا قائل آهن. هن جي گذرڻ کان پوءِ سندس پٽ خليفه برخوردار، علم ۽ معرفت جو برخوردار بڻجي پيءُ جو قائم مقام ٿيو.

تنهن کان پوءِ خليفي بريشاهه بزرگيءَ جو وارو وڄايو.

پوءِ سيد نور شاهه وڏن جي ورثي جو وارث ٿيو.

هاڻي سيد پني لڌو هن ناليري خاندان جي بزرگن ]212[ جو يادگار کچي ۾ رهندڙ آهي.

شيخ بهاؤ الدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد سڳوري جي گهراڻي جو طبقو: هي سڄي سنڌ جي بزرگن ۾ جهونا ۽ سيدن سڳورن کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ عزت وارا آهن.

]پير شيخ عالي ۽ سندس اولاد[: شيخ بهاؤ الدين ملتانيءَ جي پوٽن ۾ وڏي ۾ وڏو پير آهي. ترخاني زماني ۾ فقيرن وانگيان اڪيلوئي اڪيلو سير ڪندو، ٺٽي ۾ انهيءَ جاءِ تي لٿو جتي هاڻي سندس اولاد رهي ٿو. اتي مير سيد علي شيرازيءَ جو باغ هو. هيءُ نار جو آواز ٻڌي شپ باشيءَ جي ارادي سان هڪ وڻ هيٺان ترسي پيو. باغائي شام جي وقت نارجا ڍڳا ڇوڙي شهر ڏانهن هليو ويو. پر جيئن ته شيخ جي دل جو، نار جي آواز سان، تعلق ٿي پيو هو تنهن ڪري خدا جي قدرت سان نار سڄي رات ڏاندن جي وهڻ کان سواءِ وهندو رهيو. صبح جو باغائي اچي ڏٺو ته نار سڄي رات وهندو رهيو آهي ۽ پاڻي، ٻارين ۾ ضرورت کان زياده وهي، ڪن وڻن کي نقصان رسايو آهي. هو نار وهائڻ جي تهمت فقير تي رکي، سيد عليءَ جي خدمت ۾ دانهن کڻي ويو ته فقير ههڙي حرڪت ڪري ڪيترن وڻن کي نقصان رسايو آهي. سيد نوڪرن کي فقير کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيڻ جو حڪم ڏنو. روڪ ٿيڻ تي فقير باغ کان ٻاهر نڪتو ته اهو وڻ جنهن جي پاڇي ۾ ويٺو هو ۽ اهو گلن جو ٻارو، جنهن جي ديدار ۾ مشغول هو، بروقت فقير سان گڏ اڳتي رڙهڻ لڳو. ماڻهن فقير جو هيءُ تصرف ڏسي، وڃي سيد عليءَ سان ڳالهه ڪئي. سيد پاڻ به صاحب دل هو ۽ فقيرن جي خدمت کي سعادت جو سرمايو ڄاڻندو هو. سو خبر ٻڌڻ شرط اٿي کڙو ٿيو. ڊوڙي اچي محققانه ملاقات ڪيائين ۽ فقير جو باغ جي ٽڪري سان دلي شوق ڏسي ساري زمين کيس نذراني طور ڏيئي ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ شيخ جو غلغلو ظاهر ٿيو ۽ هڪ دنيا سندس مريديءَ جي سعادت حاصل ڪئي. هو گهڻو ڪري هڪ ئي ٽڪريءَ تي انهيءَ هنڌ گذاريندو هو جتي هاڻي دفن ٿيل آهي. ڪجهه زماني گذرڻ کان پوءِ شادي ڪري چار پٽ ڄڻيائين.

1- ابو محمد، هن کان ننڍپڻ ۾ وڏيون ڪرامتون ظاهر ٿيون. چون ٿا ته هڪ ڏينهن بيٺو هو ته اوچتو ڏسندڙن کي سندس ٻئي پنيون مٽيءَ ۽ گپ سان ڀريل ڏسڻ ۾ آيون. خادمن جي پڇا ڪرڻ تي وراڻيائين ته هڪڙو خادم ٻيڙيءَ تي چڙهيو ٿي آيو، ٻيڙي وڃي گپ ۽ چڪ ۾ ڦاٿي، اسان کي ياد ڪيائين ۽ اجهو ٻيڙي ٻاهر ڪڍيو ٿو اچان. ٿوري وقت کان پوءِ انهيءَ ساڳئي خادم اچي، ساڳيو احوال ساڳي تاريخ مطابق بيان ڪيو. هو پيءُ جي حياتيءَ ۾ گذاري ويو.

2- صالح محمد عرف فاضل محمد، 3- ولي محمد. هيءُ ٻئي ڀائر پڻ پيءُ جي حياتيءَ ۾ فوت ٿي ويا.

4- شيخ محمد واصل، هيءُ پيءُ جي ڪماليتن سان موصوف ۽ يادگار پيدا ٿيو. پيءُ جي وفات واري ڏينهن، فقيرن جي دستور موجب، ميلو ڪرائيندو هو، جو ٽن ڏينهن تائين رهندو هو. سيد علي شيرازيءَ جي فرزند سيد جلال، هن رشڪ تي اهو ميلو بند ڪرائي ڇڏيو ته انهن جو ميلو سيد عليءَ جي ميلي کان اڳ ۾ ٿيندو هو ۽ فقير پهريائين هن ميلي مان ٿي پوءِ سيدن جي ميلي تي پهچندا هئا. سيد جي منع ڪري فقير حاضر نه ٿيا پر اتفاق اهڙو بڻيو جو سيدن جي ميلي وقت اهي فقير به ڪونه آيا جيڪي ٻين ڳوٺن مان اچي ميلي کي مچائيندا ۽ سماع (سمنهن) ڪندا هئا. سيد جلال ڳڻتيءَ ۾ پئجي، مراقبو ڪري معلوم ڪيو ته فقيرن جي نه اچڻ جو سبب رڳو پير شيخ عاليءَ جي ميلي کي روڪڻ آهي. ]هڪدم[ شيخ محمد واصل سان ]213[ دوستيءَ جو رستو رکي، دستور موجب ميلي جي اجازت ڏنائين ته انهي ئي ڏينهن فقير اچي پهتا. جڏهن فقيرن کان دير جو سبب پڇيائون تڏهن هنن ورندي ڏني ته سارو ڏينهن پنڌ ٿي ڪيوسون پر رات جي وقت وري اچي ٿي ساڳين پيرن تي بيٺاسون. نشان پتو ڳولڻ جي ڏاڍي ڪوشش ٿي ڪئي سون پر تر جيترو تفاوت به معلوم نه ٿي ٿيو. اڄ، بغير ڪنهن پريشانيءَ جي ٽن ڏينهن بلڪ وڌيڪ پنڌ تان اچي پهتا آهيون. انهيءَ وقت کان وٺي ٻنهي پيرن ۾ دوستيءَ جو رستو جاري ٿيو. هڪ ٻئي جي ميلن تي فقيرن سميت حاضر ٿيندا هئا ۽ اها رسم قائم رهندي آئي.

شيخ محمد واصل جي نياڻي، شاهه عبدالله قريشيءَ ملتانيءَ جي اولاد جي هڪڙي فرد شيخ ضياءُ الدين(1) سان پرڻائي ويئي جنهن مان شيخ محمد ملوڪ(2) نالي هڪ فرزند پيدا ٿيو جو ننڍي ئي گذاري ويو. شيخ ضياءُ الدين پاڻ به هندوستان ڏانهن سير تي هليو ويو ۽ واپس ڪونه آيو.

]شيخ محمد رضا ۽ سندس اولاد[: سندس ڀاءُ شيخ محمد رضا هتي هو ۽ شيخ محمد واصل جي وفات کان پوءِ، سندس پنهنجي اولاد نه هجڻ ڪري، پير شيخ عاليءَ جي گاديءَ تي ويهي بزرگن جي خصوصيتن سان موصوف رهي گذاري ويو. کاري تعلقي ڪڪرالي وارا قريشي پيرزادا سندن سوٽ ۽ ڏاڏنگ مان آهن.

شيخ محمد رضا کان پوءِ سندس پٽ شيخ زين العابدين عرف شيخ مٺن بزرگيءَ جي گاديءَ تي ويٺو. ابتدا ۾ هن ڏاڍيون ڪرامتون ڏيکاريون ۽ پوين ڏينهن ۾ پاڻ کي انهن کان روڪي لڪ جي ڪوشش ڪندو هو. آخر وڏيءَ عمر ۾ نهايت عزت سان رحلت ڪري ويو.

هاڻي سندس پٽ دائم شاهه وڏن جو قائم مقام آهي. دائم شاهه کان پوءِ سندس پٽ ميان ڀورو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ، شيخ زين العابدين عرف ميان متن جو ٻيو پٽ ميان ورياهه گاديءَ تي ويٺو. سن 1201 هجري ۾ ميان ورياهه گذاري ويو ۽ ساڳئي شيخ جو ٽيون پٽ شيخ غلام شاهه گادي نشين ٿيو.

]شيخ ڪالو قريشي ۽ سندس اولاد[: شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان، وقت جو بزرگ، زماني جو عاليشان مناقبن جو صاحب، ڪرامت جو درياءُ،  ترخانن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ آيو. جنهن صورت ۾ سنڌ جا اڪثر رهاڪو هن گهراڻي جا مريد آهن، تنهن ڪري ننڍا خواهه وڏا سندس تشريف آوريءَ کي تبرڪ سمجهڻ لڳا. خسروخان چرڪس، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، هن بزرگ کي پنهنجي نياڻي ڏيئي گهر ڄاٽو بڻايو. اهوئي سبب آهي جو شيخ جي اولاد خسرو خان جي حويليءَ ۾ رهي ٿي.

هن جي گذري وڃڻ کان پوءِ سندس خدا آگاهه فرزند شاهه عبدالله جاءِ نشين ٿيو.

انهيءَ کان پوءِ هن جو، حقيقت شناس، عارف، ڪامل فرزند شيخ رحمت الله رهيو. هن پنهنجي مقرر عمر پوري ڪرڻ وقت ٻه ناليرا موتي ڇڏيا.

هڪ شيخ عبدالباقي، هن خسرو خان چرڪس جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ مرادون ماڻيون. پهريائين نصرپور ۾ حاڪم رهي، نوڪرن، چاڪرن، ٻيلين ۽ ٻانهن جو صاحب ٿي رهيو. پڇاڙيءَ ۾ وڏن جي رستي تي هلي هن دار الفنا کان دار البقا ڏانهن رحلت ڪري  ويو.

انهيءَ کان پوءِ شيخ عمادالدين ڏاڍي شان مان سان دين ۽ دنيا ٻئي هٿ ۾ رکيا.

سندس گذرڻ کان پوءِ هن جو پٽ شيخ عبدالرزاق، حال ۽ سهڻن اخلاقن جو مالڪ ٿي رهيو. تنهن کان پوءِ سندس پٽ شيخ محمد شفيع، وڏن جي پيروي تي، ڏاڍي صدق ۽ استقلال سان رهيو. هاڻي سندس پٽ شيخ ضياءُ الدين بهاؤالدين پور ۾ پنهنجن عزيزن، اتي جي پيرزادن ۾ رهي ٿو.

ٻيو شيخ عبد الله، هيءُ وڏن جي اخلاقن جو حامل، خدا آگاهه ۽ وڏي پڄنديءَ وارو پيدا ٿيو. رحلت وقت ٻه ناميارا پٽ ڇڏيائين.

پهريون شيخ سلام الله. هو فقيريءَ جي رستي تي هلي، هدايت ۽ ارشاد جي رستي جو سالڪ ٿي، رياضتن ۽ ڪرامتن جو مالڪ بڻيو. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي اولاد ۽ سجاده نشين سيد عبدالغنيءَ جو صحبتي ۽ مريد هو. انهن پيرن ]214[ جي ميلي ڏينهن بتين ٻارڻ جي خدمت خاص سندس حوالي هئي ۽ اڄ تائين اهو ڪم سندس اولاد ڪندي اچي. ٺٽي واري الهڏتي زرگر، سيد عبدالڪريم جي وڏي ۾ وڏي مريد، جي پڻ زيارت ڪري ڏاڍا فيض پرايائين. کيس ٽي پٽ ٿيا. 1- شاهه مراد، 2- شاهه عبدالله ۽ 3- شاهه رحمت الله. هر هڪ وقت جو بزرگ ٿيو.

انهن مان شاهه رحمت الله تمام ماڻهپي ۽ انسانيت سان گذريو آهي. ميان درگاهي شاهه نالي هڪ ناليرو فرزند ڇڏيائين، جو پڻ وڏن وانگيان وڏو تصرف جو صاحب ٿي گذريو آهي. هاڻي سندن فرزند گرامي ميان موٿو شاهه وڏن جو قائم مقام آهي ۽ ورثي موجب شاهه عبدالڪريم (بلڙيءَ واري) جي درگاهه جي روشنائيءَ جي خدمت بجا آڻيندو آهي. هو گهڻو ڪري کاري جي ڳوٺ ۾ رهندو آهي.

ٻيو شيخ عزت الله، مشائخن وارين ڪماليتن سان زندگي گذاريائين. گهڻو ڪري کاري جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. کانئس پوءِ ٻه پٽ رهيا 1- ميان راجن شاهه ۽ 2-شيخ عبدالباقي.

ميان راجن شاهه وڏن جي پيرويءَ تي رهي گذاري ويو. فقير محمد نالي هدايت وارو پٽ ڇڏيائين جنهن ڪوبه فرزند ڪونه ڇڏيو.

شيخ عبدالباقي جڏهن اباڻن ڪماليتن سان زندگي گذاري هن دار فانيءَ کان دار باقيءَ ڏانهن راهي ٿيو، تڏهن ميان ٺاري نالي هڪ ناميارو فرزند ڇڏي ويو. هاڻي سندس نشاني ميان صالح محمد، وڏن جي نالي زندهه رکڻ لاءِ، نيڪيءَ سان حيات آهي.

قاضين جو طبقو

هيءُ نهايت فضل ۽ ڪمال سان ماڻهن ۾ مشهور ۽ عام خاص لاءِ مرجع هئا.

]قاضي نعمت الله ۽ سندس اولاد[: قاضي نعمت الله انهن قديمي قاضين مان آهي جن جو نسب حضرت عباس جي اولاد سان ملي ٿو ۽ جيڪي عباسي گورنرن جي وڃڻ کان پوءِ، پوئتي رهجي ويلن مان آهن. ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچيءَ جي ڏينهن ۾ عالمن جو پيشوا ۽ پرهيزگارن جو اڳواڻ هو. جيئن بيان ٿي آيو، سيد احمد شيرازيءَ جي شادي هن جي نياڻيءَ سان ٿي هئي. جنهن مان چار بلند بخت گوهر پيدا ٿيا.

سندس پٽ قاضي سائينڏنو وڏي ۾ وڏو عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلو پرهيزگار هو. هو ڪمالات جي جامع هجڻ ۾ بينظير ۽ فضيلت ۾ بيمثال هو.

قاضي نعمت الله ثاني سندس پٽ آهي. هو وقت جو علامه ۽ زماني جو زبردست عالم هو. هو پنهنجي وقت ۾ عالمن جي مرجع ۽ عارفن جي معرفت جو سرچشمو هو. مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي سندس همعصر هئا. هن جو پٽ رحمت الله وڏن جي ڪماليتن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ٿي رهيو. سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ شيخ عبدالشهيد ڪلان بزرگن جي گاديءَ تي ويهڻ جو شرف حاصل ڪيو. سماواتي پرڳڻي ۾ کاري نالي دهه هن جو يادگار آهي.

انهيءَ جو پٽ شيخ عطاءُ الله بزرگيءَ ۾ ملڪين مشهور ٿي گذريو آهي. تنهن کان پوءِ شيخ عبدالشهيد ثاني وڏن جي گاديءَ تي مرادن ماڻڻ لاءِ ويٺو. کانئس پوءِ شيخ احمد وڏن جي بزرگيءَ جو وارث پيدا ٿيو. انهيءَ مان شيخ ابوالحسن پيدا ٿيو، جو هن گهراڻي جو خاتمو هو. هن جڏهن عمر جو مقرر عرصو گذاري هن بي بقا جهان کي الوداع ڪيو، تڏهن پويان ڪو به اولاد يادگار ڪونه ڇڏيائين.

]قاضي حماد ۽ سندس اولاد[: عباسي گورنرن جي دور پوري ٿيڻ کان پوءِ باقي رهيل قاضين مان آهي جن جو نسب حضرت عباس جي اولاد سان ملي ٿو. هو فضيلت ۽ ڪمال ۾ نهايت ڪامل ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ نهايت سڳورو هو.

سندس فرزند قاضي صدو وڏي ۾ وڏو پرهيزگار ۽ خاص عام جي ارادتمنديءَ جو مرڪز هو. علمي خواهه عملي گهڻين ڪماليتن جي ڪري سڳورن جو سردار ٿي پيو هو. ڪيترن الله وارن جي صحبت مان فيض پرايو هئائين ۽ حال جي صاحبن مان هڪ وڏي گروهه کي ڪمال جي درجي تي رسايائين. سندس مزار شيرازي سيدن جي مقام ۾، جو اصل سندن وڏن جو قبرستان هو، صاحب دل انسانن لاءِ هڪ مرادن پائڻ جي درگاهه مشهور آهي.

]قاضي محمود علامه ۽ سندس اولاد[: قاضي نعمت الله ثانيءَ جو سوٽ، مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقي جو همعصر علامه آهي، جو فضيلت ]225[ ۽ ڪمال ۾ بينظير ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هو گهڻين تصنيفن جو صاحب هو. جهڙوڪ، تذڪرة الاوليا ۽ درسي ڪتابن تي عمدا حاشيه. هن کان پوءِ ٻه ناليرا پٽ يادگار رهيا.

هڪڙو قاضي عبداللطيف، طبع جي نزاڪت ۾ سندس مٽ ڪو ورلي هو. هو حد درجي جو فاضل هو. وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين.

ٻيو قاضي قطب الدين، علم ۽ عمل جي دائري جو قطب ۽ فضيلت ۽ ڪمال ۾ مشهور هو. هن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ شيخ عبدالمجيد موروثي بزرگيءَ سان گڏ وڏو پرهيزگار ٿي گذريو. کانئس پوءِ سندس پٽ شيخ محمد زاهد وڏن جو نالو روشن ڪندڙ ۽ سچ ۽ استقلال جو صاحب پيدا ٿيو. انهيءَ کان پوءِ شيخ ابوتراب، وڏن جي هليءَ چليءَ موجب، وڏيءَ هلنديءَ پڄنديءَ وارو ٿي گذريو. تنهن کان پوءِ شيخ محمد زمان جاءِ نشين ٿيو. جو پڻ خوش خلق ۽ سليقي مند انسان هو. هڪ پٽ ڇڏي فوت ٿي ويو.

قاضي وجہ الدين: وقت جو يگانو، ترخاني حاڪمن جو همعصر ۽ مٿئين عباسي گهراڻي جو فرد هو. تقديراً وفات وقت اولاد ڪونه ڇڏيائين.

قاضي عتيق الله عباسي: اصل سيوهڻ جو رهاڪو هو. مرزا جاني بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ ٺٽي ۾ اچي ملا محمد علي ديوان کان سڱ ورتائين. هڪ باڪمال، صاحب حال، ]دنيا کان[ بي تعلق ۽ خدا سان با تعلق مرد هو. سندس فرزند شيخ عزت الله انشا جي فن ۾ بينظير پيدا ٿيو.

شيخ عبد الرشيد: مٿئين قاضي عتيق الله جي گهراڻي مان، حال ۽ قال وارو طالب علم هو. قاضي ابراهيم، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، سندس شاگرد آهي.

قاضي عبدالله بن تاجو: اصل سيوهڻ جي قاضين مان، عباسي گهراڻي جي گورنرن کان پوءِ ]سنڌ ۾[ رهجي ويل قبيلن جي بزرگن منجهان آهي. علم ۽ تقويٰ جو هڪ وڏو مرڪز ۽ مقصد هو.

چون ٿا ته هن دين جي بزرگ جو لاش، جيئن بيان ٿي آيو، ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ازغيبي اچي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي نڪتو ۽ دل جي صاحبن کي خواب جي ذريعي معلوم ٿيو. هاڻي سندس مزار، شيخ حماد جماليءَ جي رائنڪ جي پويان، عام ماڻهن لاءِ زيارت گاهه بلڪ حاجتمندن جي حاجت روائيءَ جو ذريعو آهي. علم جا طالب، لاڳيتيون ست خميسون سندس زيارت ڪري، ڪمال حاصل ڪرڻ ۾ مدد پنندا ۽ مرادون پائيندا آهن.

]قاضي شيخ محمد اُچي ۽ سندس اولاد[: آل جعفر(1) ڏانهن منسوب ۽ وقت جي مشهور علمائن مان آهي. پهريائين هرات کان اُچ آيو هو. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ جڏهن سيد ميران مهدي جونپوري ٺٽي آيو ۽ وقت جي عالمن مٿس ڪفر جي فتويٰ ڏني تڏهن هن قاضيءَ، انهيءَ ولي اڪمل جي تڪفير سان تعلق رکندڙ، ظاهري عالمن جي دليلن کي نهايت مناسب رد ڪد ڏنو. ڇاڪاڻ ته هيءُ پاڻ حقيقت جو ڄاڻو ۽ اهل حال جي مقام کان واقف هو. سيد ميران ]مهدي[ هن جي حال ڏانهن توجهه فرمائي، سندس اولاد ۾ بزرگي ۽ سرسبزي دائم ۽ قائم رهڻ لاءِ دعا ڪئي. اهوئي سبب آهي جو مختلف حادثن جي باجود به هن خاندان تي انقلاب جو اثر نه ٿو ٿئي.

قصو ڪوتاهه ته اُچ ۽ ملتان جي بدانتظاميءَ کان پوءِ مٿيون قاضي اچي بکر ۾ رهيو، پر اڳينءَ گهڻي مشهوريءَ جي بنا تي اُچ ڏانهن منسوب رهندو آيو. جڏهن قاضي سيد شڪر الله شيرازي ٺٽي جي قضا کان استعيفا ڏني، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، تڏهن مرزا شاهه حسين، مٿئين قاضي سيد، جنهن جا هن سان قديمي وطن هرات ۾ ئي خانداني تعلقات هئا ۽ انهيءَ تعلقات کي قائم رکڻ لاءِ هتي پڻ هڪ ٻئي جي ڀرسان مقام ۽ لاڳاپو پيدا ٿي پيو هو، جي رٿ موجب، هن کي گهرائي انهيءَ معزز عهدي تي سرفراز فرمايو. قديمي نجابت ۽ ميران سيد محمد مهدي جونپوريءَ جي دعا جي برڪت سان اهو عهدو موروثي طور سندس اولاد لاءِ وقف آهي. مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت جي اوائل ۾ سندس حياتيءَ جو دفتر ويڙهجي ويو. شيخ احمد ۽ شيخ فريد نالي ٻه عالي گوهر پٽ ڇڏيائين.

شيخ قاضي احمد وڏو فاضل ۽ ڪامل هو. نيڪ عاقبت واري پيءُ جي وفات کان پوءِ، قضا جي جليل القدر عهدي تي سرفراز ٿيو.

انهيءَ کان پوءِ سندس ڀاءُ شيخ قاضي فريد، جو سڀني علمن جو جامع ۽ وقت جو يگانو هو، شريعت جي ڪورٽ ۾ عزت جي گاديءَ تي ويٺو. هن ٻه فرزند ڇڏيا. 1- شيخ علي محمد ۽ 2- شيخ نور محمد.

پيءُ کان پوءِ قاضي شيخ علي محمد شريعت جي مسند تي ويهي، ٻه نامور پٽ هر هڪ قاضي محمد حسين ۽ شيخ فريد ثاني يادگار ڇڏي وفات ڪري ويو.

شيخ فريد ثاني ٽي پٽ ڄڻيا. جن مان هڪڙو شيخ علي اڪرم آهي. جو  سڀني عزت وارن کان اڳرو هو. سندس پٽ شيخ زين الدين ڏاڍيءُ بزرگيءَ سان رهي وڏيءَ عمر ۾ گذاري ويو. پٽ ۽ پوٽي هوندي به ڪا نشاني ڪانه ڇڏيائين.

قصو مختصر قاضي شيخ علي محمد کان پوءِ سندس ڀاءُ قاضي شيخ نور محمد ڪجهه عرصو وڏن جو قائم مقام رهي ڏاڍيءَ ڪماليت سان گذاري ويو.

انهيءَ کان پوءِ قاضي شيخ علي محمد جو پٽ قاضي محمد حسين شان و شوڪت سان مسند نشين ٿي وڏي بزرگيءَ ۽ عزت سان برڪت ڀريا وقت پورا ڪيا.

کانئس پوءِ سندس فرزند سڳورو قاضي محمد يحيٰ، جنهن کي پيءُ پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي، نظر گهٽجي وڃڻ ڪري، پنهنجو قائم مقام بنايو هو، تنهن شريعت جي گاديءَ تي ويهي وڏن جي طور طريقي کي تمام چڱيءَ طرح عمل ۾ آندو. شيخ عبدالباسط ٺٽوي سندس جلوس جي تاريخ  ”نافذ الامر“  (سن 1103) مان ڪڍي آهي.

سندس مراد منديءَ جا ڏينهن پورا ٿيا ته سندس ڀاءُ قاضي محمد امين گادي نشين ٿيو. جيئن بيان ٿي آيو، ميرشاهه ولي هن جي مسند نشينيءَ جي تاريخ  ”الحافظ لحد ودالله“  (1138 هجري) مان لڌي آهي. هن ڪجهه وقت قضا جي عهدي سان گڏ شاهي ديوانيءَ جي نائبي پڻ ڪئي. نيٺ سن 1160 هجري ۾ گذاري ويو. هاڻي سندس ٻه پٽ شيخ عبدالله ۽ شيخ عبدالرؤف يادگار آهن.

هن کان پوءِ وڏن جي ميراث مٿئين قاضي محمد يحيٰ جي فرزند قاضي محمد محفوظ کي ملي ۽ هو شاندار خوبين ۽ عاليشان خصلتن سان زندگي گذاري، سن 1173 هجري ۾ گذاري ويو.

تنهن کان پوءِ سندس فرزند گرامي قاضي محمد يحيٰ هاڻي قضا جي مسند تي رونق افروز آهي. تقديراً 9 محرم سن 1188 هجري تي بيوقتو آخرت جي سفر تي روانو ٿيو ۽ ٻه صغير پٽ محمد حسين ۽ محمد حفيظ ڇڏيائين.

هاڻي مٿئين قاضي محمد امين جو پٽ قاضي عبد الله وڏن جو گادي نشين آهي.

قاضي محمد حسين جي ٽئين پٽ شيخ محمد باقر علمي خواهه عملي گهڻين ڪماليتن سان گڏوگڏ فقيرن جي صحبت اختيار ڪئي ۽ مجذوب سالڪ ٿي پيو.

سندس پٽ شيخ غلام علي علم حاصل ڪري، وقت جو هڪ وڏو ڪامل ٿي، وڃي جذبي جي حد کي پهتو ۽ مجذوبن جي سلسلي ۾ رهي عمر پوري ڪيائين. هاڻي ميان مهر علي سندس يادگار آهي.

اگرچه هن گهراڻي ۾ ٻيا پڻ ناليرا پيدا ٿيا آهن پر اختصار خاطر هن قدر تي بس ڪئي ويئي آهي.


(1) تون پنهنجي رب ڏانهن موٽي اچ. اهڙي حالت ۾ جو تون پنهنجي رب کان راضي آهين ۽ رب توکان راضي آهي. (قرآن شريف سوره الفجر)

(1) نسخه  ”ن“  يکهزار و صد وسي ودو (سن 1132 هجري)

(1) نسخو  ”ن“ : سيد سچو ڏنو.

(1) تحفة الڪرام (ج 2 ص 31-32) ۾ سيد احمد شيرازيءَ جو ذڪر هن طرح بيان ٿيل آهي: سيد احمد انجوي شيرازي، سيد احمد شيرازي، جنهن جو بيان ٺٽي جي ذڪر ۾ ٿيندو، جي پٽن سيد علي ۽ سيد مراد جي ڀاءُ سيد جعفر جو فرزند آهي. سيد جعفر ٺٽي مان نڪري پهريائين نهر والا ۽ پوءِ گجرات پهتو. هو پنهنجي فرزند رشيد سيد احمد مٿئين کي، بالغ ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو گادي نشين بڻائي، پنهنجي وطن ڀائرن وٽ موٽي ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سيد احمد گجرات ۾ نهايت بزرگيءَ سان حياتي گذاري. سندس درگاهه خدا وارن جي مرجع آهي. اتي (گجرات ۾) سندس اولاد مان ڪي ئي حال ۽ ڪرامت جا ڌڻي بزرگ ٿيا آهن.

(1) نسخه  ”ن“ : تبرڪه گنج.

(1) هيءَ آيت سڳوري بهشتين جي حق ۾ نازل ٿي آهي. مطلب ته بهشتي جنت ۾ گاديلن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هوندا ۽ ٻيا هيڏي هوڏي جو نظارو ڏسندا.

(1) الله جي حدن جو نگهبان.

(2) هو هن جي (الله جي) عشق ۾ وفات ڪري ويو.

(3) نسخه  ”ن“  هزار وصد و هشتاد و پنج (سن 1185 هجري)

(1) نسخه  ”ن“  بسال هزار و صد و هشتاد و پنج (سن 1185 هجري)

(1) نسخه  ”ن“  ۾ هتي  ”عرف سيد موتو“  زياده آهي.

(2) ياد رکڻ جي قابل آهي ته مصنف پنهنجي دستخطي نسخه ۾ هن جاءِ تي ڏاڍي ڊاهه ڊوهه ڪئي آهي. ترجمي ۾ لکيل مضمون ڪجهه متن ۾ ته ڪجهه حاشيه تي لکيل آهي. جو سوڌي سمجهائي هتي رکيو ويو آهي.

(1) يعني ڪربلا معليٰ وغيره اهل بيتن جون عراق عجم واريون درگاهون.

(1) هتي فقط مير سيد لکيل آهي ٻيو ڪو نالو لکيل ڪونه آهي.

(1) نسخه  ”ن“  : نور الله.

(1) نسخه  ”ن“  آهورکيه.

(1) نسخه  ”ن“  محمود

(1) نسخه  ”ن“  درسال هزار و صد و هشتا دو هفت.

(1) بمبئي ڇاپي واري نسخي ۾ نارره لکيل آهي. اسان هي لفظ مير مراد علي خان جي نسخي تان درست ڪيو آهي.

(1) نسخه  ”ن“  بهاؤ الدين

(2) نسخه  ”ن“  محمد

(1) نسخه  ”ن“  آل احمد.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org