سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

ڀاڱو پهريون

صفحو ؛ 7

 

 

]باب يارهون[

تيموري (مغل) شهنشاهن جي اميرن جو طبقو

مرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ (جا سنہ 1021 هجريءَ ۾ ٿي)، جڏهن خسرو خان بي پرواهي ڏيکاري ۽ هندوخان سندس هٿان لاچار ٿي پري ڀڄي ويو، تڏهن مير عبدالرزاق هي احوال حـضور ۾ عرض ڪيو، جتان حڪم ٿيو، ته ڪنهن ٻئي امير جي اچڻ تائين هو خسرو خان کي بيدخل ڪري، پاڻ اهي حدون پنهنجي قبضي ۾ آڻي، تنهن ڪري خسرو خان عاقبت انديشي ڪري، جيئن مٿي بيان ٿي چڪو، ملڪ مان هٿ ڪڍي ويو.

مرزا رستم

مرزا رستم بن سلطان حسين مرزا بن بهرام مرزا بن شاهه اسماعيل صفوي، جو پهريائين قنڌار جي آسپاس ۾ راور جي سرزمين جو حاڪم هو، اوزبڪن جي خراسان تي غلبي ڪرڻ کان پوءِ، مقابلي جي طاقت نه ساري، سنہ 1002 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خذمت ۾ پهتو هو ۽ هميشہ ملتان جو گورنر رهندو ٿي آيو، ]سو هاڻي[ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو.

 ”منتخب التواريخ“  ۾ لکيل آهي، ته جهانگير بادشاهه هن کي پنجهزاري ]عهدي[ سان سر بلند فرمائي، ٺٽي جي حڪومت ۽ نگراني عطا ڪري، مير عبدالرزاق معموريءَ کي، ٺٽي جي آباديءَ جي قديمي دستور ۽ هلي چليءَ موجب جمعبندي ڪري، ]جملي پيدائش[ کيس جاگير ۾ ڏيڻ جو حڪم ڪيو، تنهن کان سواءِ ٻه لک رپيا نقد، انعام ۽ مدد خرچ طور حوالي ٿيس. جيئن، ته حـضور ظل الاهي (الله جي پاڇي) کي هن صوبي جي آباديءَ جو ڏاڍو خيال هو، تنهن ڪري ]اهو ملڪ[ مٿئين مرزا کي سپاري اتي جي رهاڪن ۽ رعيت جي دلجوئيءَ ۽ مخلوق جي آرام بابت تاڪيد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ترخاني گورنرن جي ڀڃ ڊاهه واري وقت ۾ ]هي ملڪ[ اعتدال کان نڪري ويو هو. حـضور اعليٰ جي دل ۾ اهوئي خيال هو، ته هو انصاف ۽ عدالت جا شرط جوڳي نموني بجا آڻيندو. هن جي هن سر زمين تي اچڻ کان پوءِ معاملو ابتڙ ظاهر ٿيو. لاچار ٿوري عرصي کان پوءِ کيس موقوف ڪري، ملڪ راجا  ’سنگهه سن‘  جي حوالي ڪيو ويو ۽ فيصلو ٿيو، ته هو (مرزا رستم) جيستائين فريادين کي راضي نه ڪندو، تيسين کيس درٻار ۾ حاضريءَ جي اجازت نه ملندي. ]آخر[ ٻن سالن کان پوءِ اها بندش لاهي، سروپا سان نوازي، پهريائين الله آباد جي صوبي ۽ پوءِ پٽنه ۽ بهار ]جي حڪومت[ سان سرفراز فرمايائونس. پڇاڙيءَ جو شاهجهان جي ڏينهن ۾ گوشي نشيني اختيار ڪري آگري ۾ رهڻ لڳو، ۽ نيٺ گذاري ويو. هي شعر عمدو چوندو هو، جنهن ۾ ”فدا“ (1) تخلص ڪندو هو.

سندس ڀاءُ مرزا مظفر حسين پڻ قنڌار جو والي هو، ۽ اوزبڪن جي غلبي کان پوءِ سنہ 1003 هجريءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ داخل ٿي سنبل ]جو پرڳڻو[ ]94[ جاگير ۾ ورتائين. هن کان پڻ عمدا شعر روايت ٿيل آهن.

مرزا رستم جو پٽ مرزا مراد، شاهجهاني اميرن مان هو ۽  ’التفاتخان‘  لقب هئس. هو پڻ تيز طبع هو ۽ برجستا شعر چيل اٿس.

مرزا مصطفيٰ خان

قصو ڪوتاهه - مرزا رستم کان پوءِ مرزا مصطفيٰ خان نالي هڪ امير ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.

مرزا بايزيد بخاري

هن (مصطفيٰ خان) جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مرزا (1) بايزيد ابن سيد مبارڪ خان ولد لال خان ولد سيد حبيب ولد سيد يعقوب ولد سيد صالح ولد سيد موسيٰ ولد سيد ابراهيم ولد سيد اسماعيل ولد سيد يحييٰ ولد سيد محمود ولد سيد رڪن الدين ولد سيد عبدالله ولد حـضرت مخدوم جهانيان بخاري جهانگيري، جلوس جي پندرهين سال، مطابق سنہ 1028 هجريءَ ۾ دوهزاري منصب حاصل ڪري، ٻه هزار پنج سؤ سوارن سان ٺٽي جو حاڪم مقرر ٿيو. هو هن کان اڳ بکر جو فوجدار هو.

نواب شريف الملڪ

انهيءَ کان پوءِ نواب شريف الملڪ عرف شريف خان يڪ - چشم ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. هن جي وقت ۾ جلوس جهانگيري جي ايڪيهين سال، مطابق سنہ 1035 هجريءَ، ۾ شاهزادو شاهجهان پيءُ کان ناراض ٿي، ڪي ٿورا خاص ماڻهو ساڻ وٺي، عراق عجم ]ڏانهن وڃڻ[ جي ارادي سان ٺٽي پهتو. ٺٽي ۾ ڪجهه وقت رهڻ جو ارادو هئس، پر شريف الملڪ جنگ ڇيڙي وڌي. ڪئين دفعا ٻنهي پاسن کان توبون ۽ تفنگ ڇوڙيا ويا. شهزادي به ٽي ڀيرا شهر جي اوڀر ڏکڻ ۽ اتر کان حملا ڪري شڪست کاڌي، هڪ ڀيري مڪليءَ جي پل جي ڀرسان پير بدر جي ويجهو سخت لڙائي لڳي، جنهن جي مـُـئلن جا هڏا انهيءَ زمين ۾ اڄ تائين ڏسبا آهن.

چون ٿا، ته هڪ ڀيري شاهزادي جي بيگم، جا حامله هئي، ڪجهه ڏاڙهن جي فرمائش ڪئي، جنهن تي شاهزادي خاص پنهنجي هٿ سان هن باري ۾ خط لکيو. هن جواب ڏنو، ته ”آءٌ پاڻهي ٿو بيگم ڏانهن موڪليان“، ۽ هڪدم هڪ فرنگي توب انداز کي وٺي، بيگم جي رهڻ واري تنبوءَ ۾ گولو اڇلائڻ جو حڪم ڏيئي چيائين، ته ”هتي اجهو ههڙا ڏاڙهون ٿيندا آهن“. گولي جي صدمي کان بيگم جو حمل، جنهن جا ڏينهن پورا ٿي چڪا هئا، خطا ٿي پيو.

ڪي چون ٿا، ته شريف الملڪ پاڻ دوربينيءَ ۾ ڏسي، شاهزادي کي نشان بنائڻ جي خيال کان توب کي باهه ڏني هئي، پر اتفاقاً شاهزادو هڪدم اک ڇنڀ ۾ جاءِ مٽائي ويو هو، ۽ نشان خالي ويو. هڪدم ڪاوڙ ۾ جنهن اک سان نشان ٻڌو هئائين، تنهن جو، هٿ هڻي، دوڏو ڪڍي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ وقت کان ڪاڻو ٿيو. جيڪڏهن اها روايت سچي آهي، ته گوياڪ سندس بري ڪم جو نتيجو کيس سندس هٿان مليو.

قصو مختصر، ته انهيءَ جي بدلي ۾ شهزادي جي تخت تي ويهڻ سان کيس شاهي سزا ملي، ۽ سندس شامت کان ٻيا عهديدار رفيق پڻ تهمت هيٺ آيا.

مرزا عيسيٰ خان

مرزا عيسيٰ وڏي جي پٽ جان بابا جو فرزند هو. مرزا غازيءَ جي تخت نشينيءَ جي ابتدا ۾ ابوالقاسم سلطان سان شورش ۾ رفيق هو، ۽ مرزا کان ڇڄي وڃي سميجن ۾ موقعي جو منتظر رهيو. ابو القاسم جي گرفتار ۽ انڌي ڪرڻ کان پوءِ، ساهه جي ڊپ کان، ]شهنشاهه اڪبر[ جي حـضور ڏانهن ڀڄي ويو، جتي ملازمن جي لسٽ ۾ داخل ٿي قسمين قسمين خدمتون ادا ڪيائين. آخر سنہ 1037 هجري ]مطابق[ آخري سال جهانگيري جي ابتدا ۾، جهانگير ]طرفان[ چار هزار سوارن جي عهدي سان ٺٽي جي حڪومت مليس، ۽ جلد ئي ڪرنال جي نگرانيءَ تي مقرر ٿيو. شاهجهاني دور تائين انهيءَ طرح خوشيءَ سان وقت گذاريندو رهيو. سندس رانئڪ مڪليءَ ۾ هر ملڪ جي تماشائين جو تماشاگاهه آهي.

چون ٿا، ته ]رانئڪ لاءِ[ پٿر پاڻ انهيءَ پاسي کان موڪليا هئائين ۽ ارڙهن سالن ۾ تيار ٿي. ان جو خرچ نورائي ديهه جي آمدنيءَ مان ٿيو، جا سندن وڏن جي قبرن جي خرچ لاءِ انعام هئي.

چون ٿا، ته رانئڪ جي تعمير هلندي مرزا وفات ڪري ويو، ۽ سندس ڪامورن کڻي ڪم بند ڪيو، ورنه مرزا جي دل ۾ خيال هو، ته وڏي نشيمن جي سامهون چئني پاسن کان جوڳا نشيمن هڪ ٻئي جي جواب ۾ تيار ڪيا وڃن.

نواب امير خان

خير ڳالهه کـُـٽائڻي - انهيءَ کان پوءِ نواب امير خان مير  ’ابوالبقا‘  ولد نواب قاسم خان  ’نمڪين‘  هروي بن ملا مير سبزواري ]آيو[. شاهه جهان کي جنهن صورت ۾ مٿئين شريف خان جي همراهن تي ڪاوڙ هئي، ۽ ڪڪرالي جي ڄام جي گستاخي، جو سندس لشڪر جي بازار تي حملو ڪيو هئائين، نڪامره ذات جي ڌاراجن جي راڻي ۽ مٿئين راڻي جي جاگير جي اٺن جي سنڀاليندڙ حمل جت جون سهڻيون خدمتون ]به ياد هيس[، تنهن ڪري مٿئين نواب کي شهر تي مقرر ڪري موڪليائين. هو سنہ 1037 هجريءَ جي آخر ۾ روانو ٿي ٺٽي جي شهر ۾ پهتو. ٺٽي تي مقرر ٿيل اڪثر عهديدارن کي موقوف ڪري وٺ هيٺ آڻي، ڪڪرالي جي ڄام کي شاهي سزا ڏنائين. حمل جت ۽ ڌاراجن جو راڻو، حـضور ۾ پهچي سرفراز ٿيا. اميرپور سندس آباد ڪيل آهي ۽ سندس نالي تي سڏجي ٿي. تنهن جو سبب هي آهي جو هو امير ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ دفعو سوار ٿي انهيءَ پاسي کان اچي لنگهيو هو، ڌنارن برپٽ ۾ سندس ڏاڍي خذمت ڪئي هئي، جنهن تي راضي ٿي سندن حال احوال پڇيو هئائين، ۽ کيس معلوم ٿيو هو، ته اها زمين ويران آهي ۽ اتي جا ماڻهو مال چاريندا آهن ۽ سندن وقت ڏکيائيءَ ۾ گذرندو آهي. هاڻي جڏهن ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، تڏهن انهيءَ احسان جي بدلي ڏيڻ لاءِ، انهيءَ زمين جي ڪڇ ڪرائي، مٿين ماڻهن جي نالي ڪيائين، جي سندس حڪم موجب آباد ڪري ڳوٺ ٻڌي ويٺا، هاڻي ]اهو ڳوٺ[ بٺوري، بهرام پور، درڪ، ۽ پليچار جو هيڊڪوارٽر آهي.

مطلب، ته مٿيون امير هڪ عاليشان امير هو. الله تعاليٰ سندس اولاد ۾ برڪت وڌي آهي. امير خاني ماڻهو(1) اهي آهن، جي سنڌ ۽ هند ۾ وڏي عزت ۽ علم ۽ دانائيءَ جي ڪمال ۾ مشهور آهن. سندس ]امير خان[ جي دانائيءَ بابت عجيب نقل مشهور آهن.

نقل آهي، ته هڪ ڏينهن آئيني ۾ منهن ڏسي پنهنجي عڪس تي  ’سلام عليڪ‘  چيائين. حاسدن هن کي دماغ جو خلل سمجهي اچي بادشاهه کي عرض ڪيو. جڏهن کيس خبر پيئي تڏهن عرض ڪيائين، ته ”مون پنهنجي عڪس تي سلام هن ڪري ڪيو هو، جو پنهنجي سونهاريءَ ۾ ٿورا اڇا وار ڏسڻ ۾ آيم، ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾، ته حـضور اعليٰ جي تربيت جي پاڇي ۾ ٻڍو غلام ٿيو آهيان، پنهنجي سونهاريءَ جي تعظيم بجا آندم“. سندس هي عرض حـضور کي پسند آيو. هن عقلمنديءَ ڪري سونهاريءَ جون اهي چڳون بلڪل ڇڏي ڏنيون هيون، جيڪي سندس خيال موجب مڇن کي تاب ڏيئي رهيون هيون. سندس نشانن مان چوڪ عبدالغني ۽ ملڪ مان جي وچ ۾، محلي ڀائيخان ۾، هڪ مسجد، جا هندن جي مڙهي ڊاهي ]ٺاهي ويئي هئي[، يادگار آهي. سندس رانئڪ مڪليءَ جي مقام ۾ آهي. سندس اولاد گهڻو ڪري بزرگ ٿيندا آيا آهن، جيئن ته ضياءُ الدين سيوستان جو فوجدار، ]95[ شمس الدين ۽ ملتفت خان، پنهنجي وقت جو محقق ۽ ولي مير ابو المڪارم تخلص ”مشهود“، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، پڻ سندس اولاد مان آهي، (پڻ) عقلي ۽ نقلي علمن جو جامع مير عبدالرزاق پنهنجي وقت جي عجائبات مان هو.

چون ٿا، ته هو ڪن لفظن اچارڻ ۾ هڪڙ هو. پنهنجي صحيح تدبير سان انهيءَ کي بلڪل لڪائي ڇڏيو هئائين. ڇاڪاڻ، ته جن اکرن جي اچارڻ ۾ هٽڪ ٿيندي هيس، اهي اکر ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيا هئائين. ]ڪمال وري اهو جو[ هر زبان ۾ انهيءَ موجب ڳالهائيندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت هڪ ٻوليءَ ۾ بند ٿيندو هو، ته يڪدم ٻي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪندو هو، سندس سمجهه جي قوت، ٻوليءَ تي ضابطو ۽ علمن جي جامعيت جو اندازو انهيءَ مان ڪري سگهجي ٿو.

مثال: واصل بن عطا وڏو فصيح هو، پر  ’السع‘  هو،  السع انهيءَ کي چوندا آهن، جيڪو ”را“ جي اکر کي اچاري نه سگهي، تنهن ڪري هو اهو تڪلف ڪندو هو، جو ”ر“ جو اکر ڪلام ۾ مطلق نه آڻيندو هو. هڪ ڏينهن کانئس پڇيائون، ته  ’نيزو اڇلائي گهوڙي تي چڙهه‘  کي عربيءَ ۾ ڪيئن چيو ويندو؟ ”مطلب هو، ته هو چوندو: ”اطرح رمحک وارکب فرسک“، پر هن في البديهه چئي ڏنو: ”الق قناتک و اعل جوادک“.

نواب مظفر خان جهانگيري

بهرحال، امير خان کان پوءِ نواب مظفر خان جهانگيري عرف مير عبدالرزاق معموري، جو مٿي لکڻ موجب لوڌي خان کان پوءِ ترخان گهراڻي کان ورتل پرڳڻن جو امين هو ۽ خسرو خان کان پوءِ امانت سان گڏ ٺٽي جو ضابطو پڻ سندس هٿ ۾ هو، سو بالاستقلال ناظم مقرر ٿيو. ٺٽي جي گودري بازار واري جامع مسجد سندس نشانين مان آهي، جا امين هجڻ واري زماني ۾ ٺهرائي هئائين، ۽  ’خضري مسجد‘  جي نالي سان مشهور آهي. چون ٿا، ته اها پهريائين هندن جي مڙهي هئي، جنهن کي  ’نهال درياءَ‘  چوندا هئا، مٿئين نواب سنہ 1017 هجريءَ ۾ اها ڀڃي جامع مسجد ٺهرائي.

سيد ابراهيم

تنهن کان پوءِ مٿي ذڪر ٿيل مير بايزيد بخاريءَ جي پٽ سيد ابراهيم کي حڪومت ملي.

نواب مغل خان

پوءِ سنہ 1057هجريءَ مطابق سنہ 21 جلوس شاهجهانيءَ ۾ نواب مغل خان ٺٽي جي حڪومت تي مقرر ٿي آيو. ڇهه سال مرادون ماڻيائين. سندس حڪومت جي عرصي ۾ سنہ 1059 مطابق سنہ 23 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ملڪ شهزادي اورنگزيب جي حوالي ٿيو. بکر ۽ سيوستان جو علائقو شرطي زمينداريءَ طور عنايت ٿيو، تنهن کان اڳ ملتان جو صوبو انهيءَ شاهي تاج جي هيري کي تنخواه ۾ جاگير مليو هو، تنهن ڪري قاعدي موجب صوبي جا گورنر سندس نائب بنجي ساڻس واسطا رکڻ لڳا.

نواب ظفر خان

انهيءَ کان پوءِ سنہ 1063 هجريءَ مطابق سنہ 37 جلوسيءَ ۾، نواب ظفر خان ٺٽي جو نائب مقرر ٿيو. هو ڇهه سال رهيو، ۽ صاحبقران ثاني ]شاهجهان[ جي ڏينهن جو آخري حاڪم هي هو.  ’مشڪين باغ‘ ، جنهن جو فقط نالو وڃي رهيو آهي، هن ٺهرايو هو.

هن جي ڏينهن ۾ شاهجهاني جلوس جي اوڻٽيهين سال مطابق سنہ 1065هه، ۾ داراشڪوه جو پٽ سپهر شڪوه، هفت هزاري عهدي سان ٺٽي جو سردار مقرر ٿي آيو. شهر جو اڳيون ناظم سندس نائب مقرر ٿيو.

قباد خان

جڏهن صاحبقرآن ثاني (شاهجهان) جي فرزند گرامي، بادشاهه اورنگزيب عالمگير جو وارو آيو، تڏهن سنہ 1069 هجريءَ ۾ قبادخان آيو. اتفاقاً سندس ڏينهن ۾ هن ملڪ جي رهاڪن تي سخت ڏڪار ۽ وبا جي مصيبت آئي، تنهن سان گڏ شهزادو محمد دارا شڪوه به اچي وارد ٿيو، جنهن جي لشڪر جي اچڻ ڪري هيڪاري نئين مصيبت پيدا ٿي.

مشهور آهي، ته ٺٽي ڏانهن اچڻ وقت، دارا شڪوه ]96[ دل ۾ سمجهي رهيو هو، ته اُتي جو قلعو رهڻ جي لائق هوندو، ]سو قلعو[ ڏسڻ سان چاهيائين، ته ”هيءُ ڪنهن جي حويلي آهي؟“ جڏهن ٻڌائين، ته دار الحڪومت ۽ قلعي جو شاهي محلات اهو آهي، تڏهن ڪاوڙجي ٻاهر نڪري انهيءَ کي باهه ڏيڻ جو حڪم ڏنائين. حڪم موجب شهر جي گهاٽ کي باهه ڏنائون.  ’سوخـة گهاٽ‘  نالو اتان پيو.

 

نواب لشڪر خان

خير- قباد خان کان پوءِ، سنہ 1071 هجريءَ مطابق سنہ 3 جلوس عالمگيريءَ ۾، نواب لشڪر خان ٺٽي آيو، ۽ چار سال رهيو.

نواب غضنفر خان

پوءِ نواب غضنفر خان(1) سنہ 1075 هجريءَ مطابق سنہ 7 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو، ۽ ٽي سال رهي گذاري ويو.

نواب سيد عزت خان عرف عزت پير

پوءِ نواب عزت خان عرف عزت پير، جو بکر جو فوجدار هو، سنہ 1078 هجريءَ مطابق 10 جلوس عالمگيريءَ ۾، ٺٽي جي نوابيءَ جي عزت لڌي ۽ پورا ٻه سال گذاريائين.

نواب ابونصرت خان

ان کان پوءِ عالمگير بادشاهه جو مامون نواب ابو نصرت خان، جو هڪ ديندار ۽ پرهيزگار امير هو ۽ شعر گوئيءَ ۾ پڻ مهارت هيس، سنہ 1080 هجريءَ مطابق(2) سنہ 12 جلوس عالمگيريءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٻه سال گذاريائين.

نواب سعادت خان

انهيءَ جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1082 هجريءَ مطابق سنہ 14 جلوسيءَ ۾ نواب سعادت خان کي ٺٽي جي صوبيداري ملي.

نواب سيد عزت خان

اٽڪل ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ، وري نواب سيد عزت خان ٻيو دفعو سنہ 1084 هجريءَ مطابق 16 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ڇهه سال حڪومت هلايائين.

نواب خانه زاد خان

انهيءَ کان پوءِ، سنہ 1090 هجريءَ مطابق سنہ 22 جلوسيءَ ۾، نواب خانه زاد خان ٺٽي جي ڪاروبار جو ناظم ٿي آيو، ۽ اٽڪل پنج ورهيه گذاريائين، هن کي شعر ۾ چڱو ملڪو هو، سند شعر ڪتابن ۾ موجود آهن.

نواب سردار خان

هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، سنہ 1095 هجريءَ مطابق سنہ 27 جلوسيءَ ۾، نواب سردار خان ملڪ جي سرداري ماڻڻ لڳو. هو پورا ٽي سال رهيو. تقديراً سندس ڏينهن ۾ نهايت سخت وبا ۽ ڏڪار منهن ڪڍيو، ۽ انهيءَ وقت جي موت ۽ لڏ پلاڻ ڪري جيڪي هنڌ ويران ٿيا، سي وري ڪين وسيا.

نواب مريد خان

هن جي موقوف ٿيڻ بعد، 1099 هجريءَ مطابق سنہ 30 جلوسيءَ ۾ نواب مريد خان، جو اصل ۾ نومسلم راجا زادو هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. چون ٿا، ته ساڻس ڪيترائي هزار راجپوت ساڻ هئا. شهر جي گهاٽ وٽ پهچڻ تي جڏهن معلوم ٿيس، ته شاهي محلات جي قلعي تائين پهچڻ ۾ ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جي بازار مان ضرور لنگهڻو پوندو، تڏهن ڪجهه هنن جي پاس خاطريءَ ۽ ڪجهه پنهنجي اصليت جي اثر کان ٺٽي جي قاضيءَ، قاضي حسين ڏانهن پيغام موڪليائين، ته ”مون سان راجپوت قوم جي هندن جي وڏي جماعت ساڻ آهي، تنهن ڪري ڳئون ڪـُـهندڙن قاصاين جا دڪان رستي تان کڻائي ڇڏيو، متان هنن ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ تڪليف پيدا ڪن“. جيئن ته شرع پرور بادشاهه جو قانون ههڙن ماڻهن جي مجبور ڪرڻ ۽ ڊيڄارڻ کان بيپرواهه هو، تنهن ڪري قاضي صاحب راتو رات قاصاين کي بازار جي ٻنهي پاسن، ]97[ دستور موجب، اڳيئين کان اڳرن دڪانن سينگارڻ جو تاڪيد ڪيو. مٿيون ناظم، دين پرور شهنشاهه جي حڪم جي تعميل ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، لاچار اڳين حاڪمن وانگيان انهيءَ رستي تان لنگهي ويو ۽ ٻه سال ٺٽي ۾ مقرر رهيو.

جنهن صورت ۾ سندس لشڪر کان مسلمانن کي ڏاڍي تڪليف ٿي پهتي، تنهن ڪري مکيه ماڻهن جي عرض ڪرڻ تي هن نموني جو شاهي فرمان آيو، ته ”سندس  ’هيٺيان ٻه نقطا مٿان ڪري (مريد = مرتد) کي مسلمانن تي حڪومت ڪرڻ کان موقوف ڪريو.“ موقوف ٿيڻ کان پوءِ اکين جي ديد جهڪي هجڻ جي بيماريءَ سببان تغلق آباد عرف ڪلان ڪوٽ جي آبهوا طبع جي موافق ڏسي، ڪجهه وقت اتي ويٺو رهيو، ۽ بادشاهه پڻ سندس دلجوئيءَ خاطر ڪا به روڪ ڪانه ڪئي. قلعي جي ٿوري تعمير ۽ تغلق آباد جي ڪجهه آبادي انهيءَ جي ڪرايل آهي.

نيٺ جڏهن ٻيو ناظم ٺٽي ۾ ويهي دخيلڪار ٿيو، تڏهن هن کي حـضور ۾ گهرايو ويو.

نواب زبردست خان

نواب مريد خان جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ سنہ 1101 هجريءَ مطابق 33 جلوسي، ٺٽي ۾ آيو، پر انهن ئي ڏينهن ۾ گذاري ويو(1)

نواب ابونصرت خان

انهيءَ کان پوءِ ساڳئي سال ۾ نواب ابو نصرت خان ٻيو دفعو آيو، ٻه سال ۽ ڪي مهينا گذاريائين.

نواب حفظ الله خان

هن جي موقوف ٿي هلئي وڃڻ کان پوءِ، شاهجهان بادشاهه جي وزير سعد الله خان جو پٽ نواق حفظ الله  خان، سنہ 1103 هجريءَ مطابق سنہ 35 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو حاڪم ٿي آيو. هي هڪڙو سخي ۽ صاحب توفيق امير هو. پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي عرس جي موقعي تي هزار ماڻهن لاءِ شاهاڻو دسترخوان پکيڙيندو هو، ۽ اول توڙي آخر ۾ پاڻ ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي هٿ ڌئاريندو هو، جنهن وقت شاهزادو محمد معز الدين، ميان دين محمد (ڪلهوڙي) سرائيءَ کي پڪڙي آيو هو، تڏهن هن کي سيوستان واري درياءَ تي پـُـل ٻڌڻ جو حڪم ٿيو هو. جڏهن ڏٺائين، ته شيخ عبدالغني ٺٽي واري کان سندس حڪم موجب دل گهرئي نموني تي ڪم نٿو ٿي سگهي، تڏهن پاڻ بنفس نفيس بندوبست ڪيائين، ۽ سج جي گرميءَ جي جهڙپ کان سندس طبعيت کي تڪليف پهتي، جنهن جي سستيءَ کان سنہ 1112 هجريءَ ۾ سيوستان ۾ گذاري ويو. مير غلام علي آزاد،”يدبيضا“  سندس تاريخ، قرآن شريف جي هن آيت مان ڪڍي آهي: فَلَهُمْ جَنَّاتُ الْمَاْوي نُزُلاً بِمَا كَانُوْ  يَعْلَمُوْنَ (سندس عملن جي انعام ۾ کين رهڻ لاءِ جنتون ڏنيون ويون آهن). ٺٽي جي حاڪم جي رهڻ وارو قلعو، جو اڃا تائين باقي آهي، انهيءَ جو ٺهرايل آهي. هن جي اڻ پوري رهڻ جو سبب هي هو، ته سوانح نگار(1) ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ عرض پيش ڪيو، ته ”مقصد شهر پناهه ]ٺهرائڻ[ هو، پر هي پنهنجي حويليءَ لاءِ قلعو ٺهرائي رهيو آهي“، تنهنڪري انهيءَ جي خرچ جي مجرائي ڪانه ملي ۽ ڪم جتي هو اُتي رهجي ويو. باقي حـصو، مرزا باقي ترخان جي ڏينهن وارو، قائم رهندو آيو. ڪماليت ۽ بلاغت جي صاحب هجڻ ڪري شعر ڏاڍو لطيف چوندو هو.

سعيد خان

عرف خانه زاد خان سعيد خاني چنگيزخاني، سنہ 1113 هجريءَ مطابق سنہ 45 جلوسيءَ ۾، ٺٽي ۽ سيوستان جو ناظم مقرر ٿيو. پاڻ سيوستان ۾ ويهي پنهنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي موڪليائين.

مير امين الدين خان حسين

پوءِ مير امين الدين خان حسين ولد سيد ابو المڪارم، تخلص  ”مشهود“، بن مير ابو البقاء عرف امير خان، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، سنہ 1114 هجريءَ مطابق سنہ 46 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جي حڪومت سان سرفراز ٿيو. ]98[ هو هڪ عاليقدر امير هو. گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۽ عالمن جي صحبت ۾ مشغول رهندو هو. چوڏهن علمن جي بيان ۾ ڪتاب ”رشحات الفنون“ ۽ ڪتاب  ”معلومة الافاق“ سندس تصنيفات مان مشهور آهن.

 ”معلومة الافاق“مان ٻه نقل هتي لکجن ٿا:

نقل - عالمگير جي پوين ڏينهن ۾ ٺٽي جي سماواتي پرڳڻي ۾ نيلوفري ڍنڍ تي، جتي اڪثر برهمڻ، هندو ۽ چاچڪ رهندا آهن، هڪ چاچڪياڻي عورت کي ڇهين مهيني جو ڪچو ٻار ڄائو، جنهن کي انساني عضون مان ڪوبه عضوو ظاهر ڪونه هو. کيس چـُـرندو پـُـرندو ڏسي پيءُ ماءُ کي سندس پورڻ تي دل نه ٿي، ۽ سندس نگرانيءَ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. نيٺ رفتي رفتي انساني عضون، جهڙوڪ: اکيون، ڪن، نڪ، چپ، منهن، هٿ ۽ پير وغيره، جون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون. جيئن ٻار ڄمڻ جي پوري مدت گذري، تيئن هو به صحيح سالم عضون وارو ٻار بنجي پيو ۽ کير ڌائڪ ٻار وانگيان ماءُ جي ببن مان کير ڌائڻ لڳو. سندس پيءُ ماءُ کيس عمرڪوٽ وڃي پاليو. هو ڳالهائيندڙ ۽ اباڻي فن جو ماهر ٿي پيو، ۽ پندرهن سالن تائين جيئرو هو.

مثال - مادي شينهڻ جڏهن ٻچو ڄڻيندي آهي، جو ڄمڻ وقت فقط هڪ گوشت جو ٽڪرو هوندو آهي، ۽ منجهس ڪابه چـُـرپـُر يا حس ڪانه هوندي آهي. هو ٽن ڏينهن تائين انهيءَ حالت ۾ هوندو آهي ۽ شينهڻ هن جي نظرداري ڪندي آهي. تنهن کان پوءِ سندس پيءُ ايندو آهي، جو هن کي لاڳيتيون ڦوڪون ڏيندو آهي ۽ هو چرڻ پرڻ ۽ ساهه کڻڻ ۽ شڪل وٺڻ لڳندو آهي. پوءِ سندس ماءُ اچي کيس کير پياريندي آهي، ۽ هو صورت وٺڻ کان پوءِ ستن ڏينهن گذرڻ کان بعد اکيون کوليندو آهي، ۽ ڇهن مهينن کان پوءِ وقت گذران هٿ ڪرڻ سکندو آهي (عجائب الحيوانات، بحوالہ ”عين الحيات منتخب حيات الحيوان“).

نقل - عالمگير جي ڏينهن ۾، شهر ۾ هڪ حاملا عورت کي سور ڇهه ڏينهن هليا، پر ڇوٽڪارو ڪونه ٿيو. تنهن کان پوءِ (سور لهي ويا) ۽ اهو خيال بلڪل دفع ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ، قادر ڪارساز جي قدرت سان، انهيءَ عورت جي ران جي پاڙ ۾ ڦرڙي پيدا ٿي، جا وڏي ٿي ڦاٽي، ۽ انهيءَ مان هڪ ڇوڪري پيدا ٿي. زخم مرهمن رکڻ سان ميٽجي ويو، ۽ ڇوڪري ستين سال گذاري ويئي. تمثيل - عنايت خان نالي هڪ ٺٽي ۾ رهندڙ پٺاڻ جي زال ويم جي سورن ۾ گذاري وئي. اٽڪل ٽن سالن جي عرصي کان پوءِ، پاڙي جون زالون ڪنهن زيارت جي موقعي تي مڪليءَ جي مقام ۾ ويون. سندن ٻار راند روند ۾ مشغول هئا، ته انهن جي شور ۽ غل تي قبر مان هڪڙو ننڍڙو ٻار منهن ٻاهر ڪڍي، وري اندر هليو ويو. ٻارن هيءُ نئين ڳالهه ڏسي دهشت زده ٿي وڃي پنهنجن مائرن سان ڳالهه ڪئي، جن اچي ڏٺو، ته مٿئين پٺاڻ جي زال جي قبر ۾ انساني شڪل جو هڪ ٻار ڏسڻ ۾ ٿي آيو. وڃي هن کي ٻڌايائون، اچي جاچ ڪيائين، ته معلوم ٿيس ته اها عورت قبر ۾ صحيح سالم ستي پئي آهي، سندس بـُـبـُـن ۾ کير موجود آهي، ۽ هي ٻار جو انهيءَ مان پيدا ٿيو آهي، سو سندس بـُبُن مان کير ڌائي رهيو آهي. آخر هزارين حيلن سان اهو پٽ مئل ماءُ کان ڇني، گهر وٺي آيا، پر جيئن، ته سندس تربيت جو ڪجهه عرصو قبر ۾ گذري چڪو هو، تنهن ڪري هو فقط هيوليٰ (مادي صورت) رهيو ۽ ڳالهائي يا ٻڌي نٿي سگهيو. هو وڏي عمر ماڻي طبعي موت ۾ گذاري ويو. ڪتاب جي لکندڙ اهو ماڻهو ڏٺو هو ۽ هن جو احوال سندس عزيزن کان ٻڌو هو. سندس وفات تي هن وقت تائين اٽڪل ٿورا ڏينهن گذريا هوندا.

نواب يوسف خان ]ترمذي[

قصو ڪوتاهه - هن کان پوءِ، سنہ 1115 هجريءَ مطابق سنہ 47 هجري جلوسيءَ ۾، نواب يوسف خان ]ترمذي[ ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو، ۽ هڪ سال کان پوءِ موقوف ٿيو.

نواب احمد يار خان

پوءِ نواب احمد يار خان - اصل برلاس قوم جو (ماڻهو)، سندس وڏا لاهور جي علائقي خوشاب ۾ رهندا هئا، سندس پيءُ الله يارخان لاهور ۽ ملتان جو گورنر ۽ اٽڪل چاليهه سال غزنين جو فوجدار هو، جيئن ٻئي جلد ۾ مذڪور آهي. مطلب ته مٿيون ]نواب[سنہ 1116 هجريءَ مطابق سنہ 48 جلوسيءَ ۾ ٺٽي جو ناظم ٿي آيو، ۽ ٽي سال حڪومت ڪيائين. هي ]اڃا[ عهدي تي برقرار هو، ته عالمگير بادشاهه سنہ 1118 هجريءَ ۾ 26 ذوالقعد تي گذاري ويو ۽ سندس وڏو پٽ بهادرشاهه پهرين محرم سنہ 1119 هجريءَ تي تخت نشين ٿيو. شاهي محلات جي قلعي جي اڀرندي دروازي جي سامهون عاليجان ]واهه[ واري پـُـل سندس نشاني آهي.

نواب سعيد خان بهادر

پوءِ، مٿئين سعيد خان جو پٽ نواب سعيد خان بهادر عرف عطر خان سنہ 1119 هجريءَ ۾ بهادر شاهه جي حڪم سان ٺٽي آيو، ۽ هڪ سال ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ موقوف ٿيو.

نواب مهين خان

سنہ 1121 هجريءَ ۾ نواب مهين خان ٺٽي جو ناظم ٿي آيو.

نواب شاڪر خان

پوءِ، سنہ 1123 هجريءَ ۾، ٺٽي جي حڪومت نواب شاڪر خان کي ملي.

نواب مهين خان

انهيءَ ئي سال نواب مهين خان ٻيو دفعو آيو. هن جي ڏينهن ۾ بهادرشاهه سنہ 1124 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ سندس پٽ معز الدين جهاندار شاهه گاديءَ تي ويٺو.

نواب خواجہ محمد خليل خان

ساڳئي ئي سال نواب خواجہ محمد خليل خان ناظم ٿي آيو. انهيءَ ئي سال نون مهينن جي عرصي اندر جهاندار شاهه کي لاهي، بارهه جي سيدن جي مدد سان فرخ سير گاديءَ تي ويٺو.

نواب عطر خان

]فرخ سير جي گاديءَ تي ويهڻ سان[ مٿئين سعيد خان جي پٽ سعيد خان (جنهن جو ذڪر پڻ مٿي ٿي آيو آهي) جو پٽ عطرخان ٺٽي آيو. هي ننڍي عمر جو ناتجربيڪار هو، سندس ڪاروبار سمورو محمد يعقوب ڪشميريءَ جي هٿ ۾ هو، تنهنڪري ٿوري وقت ۾ سندس انتظام بگڙي ويو، ۽ مير لطف علي خان سان (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) کيس ڊگهي لڙائي ڪرڻي پيئي. جنهن صورت ۾ مٿئين مير جي حـضور ۾ ڏاڍي رسائي هئي، تنهن ڪري ظاهري شان و شوڪت ۽ موروثي بهادريءَ هوندي به، پوري سال جي گهيري، مورچن جي جنگ ۽ گهڻين اٽڪلن ويڙهائڻ کان پوءِ جنگ جي صف ۾ سوڀارو ٿيندي ٿيندي اوچتو قتل ٿي ويو.

مير لطف علي خان

مير محمد شفيع نالي، جنت آشيان عارفن جي اڳواڻ، مير محمد يوسف رضوي بکري (جنهن جو بيان اڳتي ايندو)، جي اولاد مان هو. مٿئين عطر خان کان ملڪ کسي خودمختياريءَ جو دم هڻڻ لڳو. هو هڪ سال گهيري ۾ رهي، ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ پنهنجي پوري رسائي ڪري، هن ]عطرخان[ کي جنگ جي صف ۾ قتل ڪري، بالاستقلال حاڪم بڻجي ويٺو. هن جي حڪومت جي ابتدا سنہ 1125 هجريءَ کان پوءِ آهي. سنہ 1127 هجريءَ ۾ عطرخان جي قتل کان پوءِ ]99[  ’شجاعت علي خان‘  لقب مليس. هڪ سال وڌيڪ حڪومت هلايائين. هن کان اڳي يا هن کان پوءِ وڏن وڏن عهدن تي مقرر ٿيندو آيو، ۽ ڏاڍي عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذاريائين. ساڻس بهادري ۽ عزت ۾ سندس مٽ ٺٽي ۾ ڪي ٿورا پيدا ٿيا، ڪوبه حاڪم سندس سامهون مـُـڇن کي وَٽ نه ڏيندو هو. نهايت قابل ماڻهو هو، نثر ۽ نظم جو عمدو ملڪو هئس،  ”همت“  تخلص ڪندو هو. آخر سنہ 1145 هجريءَ جي پوري ٿيڻ تي گذاري ويو. مير محمد حسن شاعر، سندس تاريخ   ’اَدْخَله في الجَناتِ‘ مان ڪڍي آهي.

سندس فرزند رشيد مير غضنفر علي ۽ مير ذوالفقار علي حد درجي جي بزرگيءَ جي خوبين سان سينگاريل آهن. مير غضنفر علي 1183 هجريءَ ۾ گذاري ويو، ۽ مير ذوالفقار علي وڏن جو يادگار باقي آهي. الله تعاليٰ مٿئين خان جي اولاد ۾ ايتري، ته برڪت وڌي آهي، جو سندس پوٽن خواهه ڏهٽن مان مردن ۽ عورتن جو تعداد پنجاهه کان مٿي آهي، شل الله تعاليٰ اهلبيت جي گهراڻي ۾ اهڙي برڪت وجهندو رهي.

نواب اعظم خان

نواب اعظم خان ولد صالح بن فدائي خان، خان جهان بهادر عرف مير بابا ڪوڪلتاش جو پوٽو. خافي سيدن مان هو. هو مير لطف علي خان جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، 1128 هجريءَ مطابق سنہ 5 فرخسيريءَ ۾، ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. پهريائين ٿوري وقت لاءِ سندس پاران خواجہ محمد خليل آيو، ۽ پوءِ پنهنجي سر اچي پهتو، ۽ اٽڪل چار ورهيه حڪومت هلايائين.

اتفاقاً، سندس اچڻ، ملڪي ماڻهن لاءِ قسمين قسمين آزارن جو باعث ٿيو، جهڙوڪ: ڏڪار، ۽ حق کي سڃاڻندڙ، شرعيت جي بنياد رکندڙ حقيقت جي سمنڊ جي دريتيم طريقت جي رمزن جي عارف ۽ عليم، خدا آگاهه مرشدن جي مرشد، شيخ عنايت الله صوفيءَ جي شهادت جو واقعو.

چون ٿا، ته اهو الله وارو، بٺوري پرڳڻي ۾ غازياهه (شايد غازي واهه) جي ڪناري تي، جهوڪ عرف ميرانپور جي ڳوٺ ۾، خدا پرست صوفين جي جماعت سان، الله جي يادگيريءَ ۾ مشغول هو، ته بلڙيءَ جي سيدن جي اڻبڻت (ڇاڪاڻ، ته سندس خاندان جا فقير هن نئين سلسلي جي ترقي ڏسي انهن کان ڇڄي هنن سان ملي رهيا هئا) ۽ نور محمد پليجي ۽ حمل جت جهڙن زميندارن جي چرچ تي (ڇاڪاڻ، ته انهن جي زمين ۾ فقير اثر ۽ رسوخ پيدا ڪندا ٿي رهيا) مٿئين ناظم، حـضور ۾ عرض ڪري، خدا يار خان عباسي (ميان يار محمد ڪلهوڙي) ۽ ٻين راڄن جي نالي امداد جو فرمان جاري ڪرائي، بي انداز لشڪر وٺي مٿن حملو ڪيو. پورن چئن مهينن جي گهيري ۽ فقيرن جي راتاهي جي ڌڪ سهڻ کان پوءِ، جنهن ۾ ٻاهرين جي بربادي اچي قريب پهتي هئي، آخر هڪڙي فقير غلطي ڪري اسم ذات (الله) جو نعرو هنيو، ۽ ٻيا به انهيءَ نعري ۾ ساڻس گڏجي پيا، جنهن ڪري پنهنجا پراوا ظاهر ٿي پيا، ۽ گهڻا ترار جو لقمو بڻايا ويا، ]تاهم[ اندرين تي فتح حاصل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر هئي، تنهن ڪري ٺڳي ڪري انهن کي صلح سان وٺي، نائين صفر 1130 هجريءَ تي، جيڪي ڪرڻو هئس ڪري، ٺٽي ]100[ موٽي آيو، ۽ لشڪر جي خرچ جي عيوض واپارين تي پائو وجهڻ شروع ڪيائين. مخدوم رحمت الله طالب علم، جو وقت جو محقق ۽ پير هو، سوکيس منع ڪرڻ لڳو. جڏهن ڏٺائين، ته باز نٿو اچي، تڏهن انهيءَ لاءِ، ته من سندس اک کلي، هو شهر کان ٻاهر نڪري ويو، پر جنهن صورت ۾ مٿئين ناظم جي حق شناسيءَ جون اکيون لالـــچ جي ڪري بند ٿي چـُـڪيون هيون، تنهن ڪري انهيءَ ظاهري ۽ باطني علمن جي جامع (مخدوم) کي شهر جي ٻاهران آڻي، زنجيرن ۽ ڳـَـٽن ۾ ٻڌرائي، ڪيترو وقت قيد رکيائين جنهن ڪري اڪثر خدا وارا ۽ عام خلق مٿس ناراض ٿيا.

نواب مهابت خان

قصو ڪوتاهه، جڏهن فرخ سير رفيع الدرجات بن رفيع الشان ۽ رفيع الدوله، جنهن جو شاهجهان ]ثاني[ لقب هو، جي خلافت جي ستاري غائب ٿيڻ کان پوءِ، 1131 هجريءَ ۾، محمد شاهه بادشاهه غازيءَ جي شهنشاهيت جو سج حڪومت جي آسمان تي هميشہ لاءِ اڀريو (تخت تي ويٺو)، تڏهن شاهه عالم بهادر بادشاهه جي وزير اعظم محمد منعم خان، خان خانان جو پٽ نواب مهابت خان، سنہ 1132 هجريءَ مطابق سنہ 2 جلوسيءَ ۾ ٺٽي تي مقرر ٿيو. هو وڏيءَ عزت وارو امير، ڪم آزار، غريب پرور ۽ سير سلوڪ کان واقف هو. هميشہ فقيري ۽ ڪمال جي صاحبن سان صحبت رکندو هو، شاعرن سان پڻ چٽا ڀيٽي هوندي هيس. شعر جي واديءَ ۾ استادن طرح ڊڪ ڊوڙ ڪندو هو، ۽ ”ڪاظم“ تخلص هوندو هئس. خدا ]پاڪ[ جي مرضيءَ سنہ 1135 هجريءَ ۾ هن سر زمين ۾ گذاري ويو، ۽ سندس لاش لاهور جي رستي کان کڻي ويا.

سلطان محمود خان

کانئس پوءِ سندس صغير پٽ سلطان محمود خان جانشين ٿيو. جيئن ته ڪامورا اڪثر ماليات کائي ٿي ويا، تنهن ڪري فوتي نواب جي بيگم پٽ جي ڪاروبار سنڀالڻ لاءِ رضي محمد خان کي موڪليو هو. سنہ 36 (1136 هجري) ۾ اچي هڪ سال رهيو. پر شاهي محلات واري قلعي ۾ اندر جاءِ نه مليس. نيٺ ٻئي سال نواب سيف الله خان ناظم مقرر ٿيو، ۽ سندس پاران هالا ڪنڊي (هالا) واري سانوريہ قوم جي شاهه عبدالغفور جو ڀاءَ عبد السميع خان نائب ٿي ٺٽي آيو. ]هاڻي[ سلطان محمود خان موقوف ٿي موٽي هليو ويو، پر رضي محمد خان ]اڃا به[ حڪومت جي آسري ۾ ڪي ڏينهن ترسي پيو، ۽ تڪليف هيٺ آيو. هو نواب سيف الله جي اچڻ کان پوءِ دل شڪستو ٿي نڪري ويو.

چون ٿا، ته مٿئين نواب کيس نوڪريءَ جي تڪليف ڏني، پر هو پنهنجي ڪم جي رونق نه ڏسي موٽي هليو ويو. سندس رفيقن مان مرزا عبدالغفار، آقا عبدالڪريم، مرزا محمد حسين ۽ آقا محمد صادق، جن مان هر هڪ نامي گرامي هو، هتي رهجي پيا ۽ ڪافي ترقي ڪري پنهنجي کـُـٽيءَ گذاري ويا.

نواب سيف الله خان

اصل ۾ نواب ابراهيم خان ولد علي مردان خان جو محافظ (باڊي گارڊ) هو، ۽ مهيني ذو الحج سنہ 1137 هجريءَ ۾ ٺٽي آيو. هو هڪ عاليشان ۽ بلند مڪان امير هو. سندس ڏينهن ۾ ٺٽي، جيڪا رونق ورتي، سا وري خدا نصيب ڪري. ساڻس گڏ وڏا وڏا بزرگ هئا، ۽ هو بزرگن سان سندس مرتبي لائق هلت هلندو هو. شيعه مذهب کي ڏاڍو رواج ڏنائين. ]101[ هو  ’امر‘  ۽  ’نهي‘  ۾ تمام گهڻي ڪوشش وٺندو هو، سڀني نشيدار شين کي بند ڪري ڇڏيو هئائين.

چون ٿا، ته هڪڙي لاقيد (بيدين) ماڻهوءَ سندس حـضور ۾ وڃي عرض ڪيو، ته ”نواب! اسان جي معشوقہ کي ڇو اسان کان ڇنو اٿؤ، جنهن کان سواءِ اسان بيقرار آهيون؟“ هن جي مراد ڀـَـنگ هئي. جواب ۾ فرمايائين، ته ”اوهان جي معشوقہ پينانگ ۽ رول ٿي پيئي هئي، تنهن ڪري کيس پردي ۾ وهاريو اٿم“. مطلب ته ڏاڍو خوش اخلاق ۽ پاڪباز حاڪم هو، جهڙس ڪي ٿورا لڀندا. اتفاقاً سنہ 1143 هجريءَ ۾ ڇن جي مرض ۾ گذاري ويو. کيس مڪليءَ تي ٻنهي امامن (؟) جي سامهون دفن ڪيائون. ”دست وي با دامن آلِ عباست“ (آل نبي جي دامن ۾ آهه هن جو هٿ)، تاريخ طور سندس قبر تي چٽيل آهي. سندس پٽ صادق علي خان کانئس پوءِ ڪجهه وقت شهر ۾ رهيو.

نواب دلير دل خان

تنهن کان پوءِ، سنہ 1143 هجريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ نواب دلير دل خان، جو هڪ عاليشان امير هو، ٺٽي جو حاڪم ٿي آيو. ٻه سال نهايت انسانيت ۽ امن امان سان گذاريائين. ايتري ۾ ٺٽي جو صوبو اميرخان کي انعام مليو، ۽ اجاري تي ڏنو ويو.

نواب همت دلير خان

مٿئين دلير خان جي پٽ، نواب همت دلير خان، اهو خيال ڪري، ته متان ڪو ٻيو وڃي سندس پيءُ کان حساب ڪتاب جي طلب ڪري، امير خان کان مقرر ]رقم[ جو مقاطعو ٻڌي، سنہ 1145 هجريءَ ۾ ٺٽي پهتو. اگرچه جاگير مان ڦري اجاري جي صورت ۾ اچڻ ڪري وڏو فرق پيدا ٿي ويو، تاهم هن بختاور اٽڪل چار سال چڱيءَ طرح گذاريا.

نواب صادق علي خان

نيٺ هن جي موقوف ٿيڻ کان پوءِ، مٿئين نواب سيف الله جو پٽ نواب صادق علي خان، 1149 هجريءَ مطابق 19 جلوسيءَ ۾، امير خان کان ]ملڪ[ اجاري تي وٺي اچي ٺٽي ۾ لٿو. پهريون سال جيئن تيئن ڪري پورو ڪيائين، ۽ ٻئي سال ۾ نقصان ڀرڻو پيس. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ نواب خدايار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي عباسيءَ جي وڪيل، حـضور وٽ انتظام ڪري ڇڏيو هو، تنهنڪري صادق علي خان اجاري ۾ کوٽ ڏسي، ملڪ مٿئين خدايار خان جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز الله جي حوالي ڪيو، انهيءَ وقت کان، هندستاني حاڪمن جي حڪومت ٺٽي تان لهي ويئي، ۽ هميشہ لاءِ عباسي (ڪلهوڙ) گهراڻو بکر، سيوستان ۽ ٺٽي جي حڪومت تي سرفراز ٿيو.

جنهن صورت ۾ هن گهراڻي جي حڪومت سمن ۽ ترخانن جي حڪومت کان وڌيڪ، ۽ ارغونن جي شان و شوڪت سان همسر آهي، تنهن ڪري سندن ذڪر نرالي طبقي ۾ ڪجي ٿو ۽ وڌيڪ فائدي ۽ نمڪ جي حق ادا ڪرڻ خاطر، هن سلسلي جي بنياد ۽ سندن وڏن جو اجمالي ذڪر پڻ بيان ڪجي ٿو.

 


 

 

]باب ٻارهون[

عباسي (ڪلهوڙا) خاندان جي حڪومت جو بيان

واقفڪار ماڻهن کي معلوم هجڻ گهرجي، ته نسبدان فرقي جي ڄاڻن ماڻهن جي فيصلي موجب، هي بزرگ ٽولو، رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي حـضرت ”عباس رضي الله عنه“ سان ملي ٿو. هن گهراڻي جو هڪ وڏو ميان  ’اوڍاڻو‘  ڪيچ مڪران ۾ پيرطريقت هو، ۽ گهڻا ماڻهو سندس معتقد هئا. هن گهڻو اولاد ڇڏيو، جي سڀ  ’اوڍاڻي‘  لقب سان سڏجن ٿا. انهيءَ ميان اوڍاڻي جي پنجينءَ پيڙهيءَ ۾،  ’ٿل‘ (1) نالي هڪ بزرگ کاهر ٻيلي ۾ اچي رهيو، ۽ ]102[ ]اهو ملڪ[ گوجر قوم (قبيلي) کان کسي ورتائين. هن کان پوءِ، سندس پٽ  ’بهيل‘  نالي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو. برلس(2) جو قلعو ۽ فوتين جا قـُـبا اڃا تائين سندس نالي جا يادگار آهن.  ’چنيہ‘  نالي هن جو پٽ ڀائرن جي فساد کان، پنهنجن گهڻن پوئلڳن سميت، اچي کنڀايت جي پرڳڻن ۾ اوڍيجا قوم ۾ رهيو. هن ديبال ڪانگڙي تعلقي جي سمي زميندار  ’ڏهره پلال‘  جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان  ’محمد‘  نالي پٽ پيدا ٿيس، جو وقت جي حاڪمن جو ڏاڏو آهي. هو انهن ستن راڻن جي مدد ۽ رفاقت سان، جن جو ذڪر غزنوي ۽ غوري سلطانن جي گورنرن جي بيان ۾ ٿي آيو آهي، ملتان اچي، ملڪ جي حاڪم وٽ رسائي پيدا ڪري، سڀني جو سردار ٿيو، ۽ هرهڪ کان ڌيءُ جو سڱ وٺي  ’ڄام‘  جو لقب حاصل ڪري، بخت جي ڏاڪڻ تي ترقي ڪندو، وڃي وڏي درجي کي پهتو. کيس ٻارنهن زالن مان ارڙنهن پٽ ڄاوا، جن مان هرهڪ کي گهڻو اولاد پيدا ٿيو. انهن مان  ’دائود‘  نالي هڪڙو پٽ، راڻي  ’چني‘  ولد دهتي (ڏيٿي)، جنهن جو بيان اڳي ٿي آيو، جي ڏوهٽيءَ مسمات ’چوليہ‘  مان پيدا ٿيس، ۽ دائود پوٽا انهيءَ جو اولاد آهن، ۽ ڪاڇي جي جبل طرف ڀاج ۾ رهندڙ لاشاري قوم ]مسمات[  ’لاشار‘  مان ]پيدا ٿي[.

قصو ڪوتاهه - ڄام چنيہ ڪيترو وقت روهڙي پرڳڻي جي ڀرالو ]پريان لوءِ[ تعلقي ۾ چنيہ ٻيلي ۾ رهي، آخر سانکره (ساڪري) جي ڪناري تي کنڀايت ۾ گذاري ويو، ۽ اتي دفن ٿيو. مير چاڪر بلوچ ۽ آري(1) ڌاڻي سندس پڦين جا پٽ هئا.

هن کان پوءِ گهڻي عرصي تائين زماني جي انقلاب سببان سندس اولاد مان ڪوبه ناليرو ماڻهو پيدا ڪونه ٿيو. آخر نائين پيڙهيءَ کان پوءِ آدم شاهه ولد ميان کچن (گـَـجن) بن صاحب بن ميان خان بن طاهر بن ميان راڻو بن ميان شاهه محمد عرف شاهم بن ميان ابراهيم بن ميان محمد بن ڄام چينہ، شيخ الياس لنگراچ ۽ شيخ ابوبڪر جتوئيءَ جي واسطي سان، حقيقت جي ڪامل مظهر (ظاهر ٿيڻ جي جاءِ)، دائمي معرفت جي بنياد رکندڙ، مير سيد محمد عرف ميران محمد مهدي جونپوري، جنهن جو بيان ٻئي جلد ۾ آيو آهي، ]جي فيض مان[ ارشاد جي گادي روشن ڪري، سري جي سير ڪرڻ کان پوءِ، تعلقي چانڊوڪيءَ جي هٽڙي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، ۽ کٻڙ ابڙو پنهنجن پوئلڳن سميت ڊبي ڳوٺ مان لڏي، اچي سندس مريدن جي لسٽ ۾ داخل ٿيو. انهن ڏينهن ۾ نواب خان خانان، ميان آدم شاهه وٽ دعا گهرڻ آيو، ۽ نذراني پيش ڪرڻ جو عرض ڪيائين، جنهن تي مٿئين کٻــڙ ابڙي، درخواست ڪري، چانڊين جي لڏي وڃڻ کان پوءِ چانڊوڪي واري زمين جي زمينداري کيس وٺي ڏني. هن جي وقت جي مرشد لال عيسن سان، جو شيخ الشيوخ (مرشدن جي مرشد) شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو. تلهار ۾ محققاڻي ملاقات ٿي هئي. ڏينهن گذرڻ ڪري جيئن مريد گهڻا ٿيا، تيئن زمين جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪيائون. آخر زميندارن جي چرچ تي هو ملتان جي حاڪم جي هٿان شهيد ٿيو. سندس وصيت موجب، ملتان جي حاڪم جي ڪوٽوال آقا شاهه محمد، جنهن کي انهيءَ خدا واري جي جيل واري وقت ۾ ڪافي فيض نصيب ٿيو هو، کيس سکر آڻي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو، ۽ اتان ان شهيد جي رهڻ واري ڳوٺ ۾ وڃي هن جي ٻن صغير فرزندن ]103[ ابراهيم ۽ دائود ۽ سندن پوئلڳن کي، جي انهيءَ وچ ۾ ٽڙي پکڙي ويا هئا، گڏ ڪري اتي رهڻ لڳو. شاهه محمد اصل ڪهيري بلوچ قوم مان سيويءَ جي دري جي ويجهو، چتربار جي سرزمين جو رهاڪو هو.

ميان الياس

هن جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ميان الياس بن داؤد بن آدم شاهه، ملڪ جي گاديءَ جو وارث ٿي، مريدن جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، ۽ آب داڻي جا ڏينهن پورا ڪري گذاري ويو. سندس قبر لاڙڪاڻي ۽ هٽڙيءَ جي وچ تي ڊبي ڳوٺ ۾ آهي.

ميان شاهل محمد

ان کان پوءِ، سندس ڀاءُ شاهه علي عرف شاهل محمد ملڪ جي گاديءَ تي ويٺو. سندس فقير اڳئين کان وڌيا، ۽ پوکي راهيءَ جي وڌائڻ کي لڳي ويا. لاڙڪاڻي جو ]گهاڙ[ واهه سندس کوٽايل آهي. واهه جي ٻنهي ڪپن واري زمين سانگي ۽ ابڙا قوم کان کسي پنهنجي اولاد ۽ ڀائرن ۾ ورهائي، پاڻ حبيباڻي(1) ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. ڄام صديق ۽ جلال خان جهڙن ابڙن سردارن مريديءَ جا حق وساري ٻين زميندارن سان ملي، کيس گهڻين لڙاين کان پوءِ بکر جي حاڪم هٿان قتل ڪرايو. سندس مزار گهاڙي پر ڳڻي ۾ چانڊوڪيءَ جي آس پاس مرنده ڳوٺ (تعلقي قنبر) ۾ آهي.

ميان نصير محمد

هن کان پوءِ مٿئين ميان الياس جو پٽ ميان نصير محمد سنہ 1068 هجري ۾ وڏن جي گاديءَ تي ويٺو. هي مرشديءَ ۾ پنهنجن وڏن کان به لنگهي ويو، ۽ وقت جا ماڻهو سندس جماعت تي حسد ڪرڻ لڳا. نيٺ ملڪي ماڻهن تڪرار ڪري، بکر جي مغلن کي اُٿاريو، جنهن ڪري هو لاچار (ٿي) ٿر ڏانهن هليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، پوک پلاهه، جا انسان جي قوت گذران لاءِ ضروري آهي، جي ذريعن نه هجڻ ڪري، موٽي اچي پنهورن جي حد ۾ رهڻ لڳو. پنهورن جو سردار مير پنهوار، بکر جي حاڪم سان صلاحو ٿي، هڪ زبردست لشڪر، جنهن ۾ سيويءَ جو حاڪم مرزا خان پني پڻ هو، وٺي آيو. ٿوريءَ ٺڪاٺڪيءَ کان پوءِ، مرزا خان کيس صلح سان گهرائي پنهنجي چاچي محبت خان هٿان عالمگير جي درٻار ۾ ڏياري موڪليو. هوڏانهن هـُـتي هو ڳپل عرصو جيل ۾ رهيو، هيڏانهن باقي بچيلن فقيرن تي ڪيئي دفعا حملا ڪيا ويا. نيٺ گهڻي عرصي کان پوءِ خود بخود جيل مان آزاد ٿي، پنهنجي وطن وري آيو. هاڻي سندس دولت ۽ پيريءَ ۾ خدا تعاليٰ کيس ڏاڍي ترقي بخشي، ۽ سندس ڏينهن ۾ ڪو به فساد پيدا ڪونه ٿيو. هو پنهورن جي زمين ۾ اهڙي هنڌ، جنهن جي هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي پاڻي هو، گهاري نالي شهر ٻڌي ويٺو، ۽ ]پنهنجو اصلوڪو ڳوٺ[ هٽڙي فوجي فقير ۽ ڪاڇو عنايت شاهه فقير کي ڏنائين. هي فقير اڳي ڇڙا ڇڙمل هوندا هئا، سي هاڻي زالون پرڻجي ٻارن ٻچن وارا ٿيا، ۽ ملڪ ۽ زمين وڌائڻ جو سٽون سٽڻ لڳا. مير يعقوب خان نالي بکر جي حاڪم سان هڪ ڀيري جنگ ڪري سوڀارا ٿيا. اهڙي طرح ڪيئي دفعا حاڪمن سان چڪريون لڳن ۽ ڪاميابي هنن جي پاسي ٿيندي رهي. سيوستان جي مغلن کان لاکاٽ جو پرڳڻو اجاري تي هٿ ڪيائون. هوڏانهن فريد ڀاڳت جي ڪوششن سان مڪن موري تي قبضو ڪيائون. ساهتي پرڳڻو پڻ سندس تصرف هيٺ آيو، ته فيروز ويراڙ ]هڪ فقير[ انهيءَ سرزمين ۾ نوشهره نالي هڪ شهر ٻڌايو. هاڻي سرائين (ڪلهوڙن) جا ديرا گهڻن هنڌن تي ٿي پيا. آخر ]104[ زماني جي دستور موجب، (ميان نصير محمد) پنجٽيهه يا ڇٽيهه سال مرادون ماڻڻ کان پوءِ، هميشہ واري جهان ڏانهن لڏي ويو، ۽ گهاريءَ ۾ ڳاڙهي دڙي تي دفن ٿيو.

چون ٿا، ته اڳئين سمي ۾ انهيءَ زمين ۾ ٻه نيڪ ڀائر پوکي راهي ڪري پنهنجو وقت گذاريندا هئا. هڪڙو ڇڙو ۽ ٻيو ٻارن ٻچن وارو هو. هڪ دفعي سندن کيتيءَ ۾ ڏاڍي برڪت ڏٺي ويئي. ]سبب ڇا هو،[ ته ڇڙي ڀاءُ، انهيءَ مدنظر تي، ته سندس ڀاءُ جو خرچ گهڻو آهي، پنهنجي ٻار مان ان کڻي ڀاءُ جي کوڙ ۾ ٿي هاريو، ۽ ٻارن ٻچن واري، انهيءَ خيال سان، ته سندس ڀاءُ اڃا دنيا جو مزو نه ورتو آهي، پنهنجو ان سندس کوڙيءَ ۾ ٿي اڇلايو، ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي حال کان ناواقف هئا. ڪيترو به ان کڻي ٿي ويا، ته به سچيءَ نيت جي برڪت سان، اوتروئي پوئتي ٿي رهيو. آخر اَن ڍوئڻ کان ٿڪجي پيا، ۽ پيل ان کي اُتي کڻي ڦٽو ڪيائون. الله تعاليٰ جي قدرت سان اُتي ڳاڙهو دڙو پيدا ٿي پيو، جو اڃا تائين بيٺو آهي.

ميان دين محمد

ڳالهه کٽائڻي، ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي کان پوءِ، سندس پٽ ميان دين محمد ڪلهوڙي ملڪ جي گاديءَ جو وارث ٿيو. سندس عزت وڌڻ لڳي، ته اصلوڪي دستور موجب، حاڪم ۽ زميندار سندس مخالفت تي ڪمر ڪشي بيٺا. مير پنهوار، جنهن جو شهر فتحپور سرائين جي قبضي ۾ هو، سو ]بادشاهه جي[ حضور ۾ دانهين ويو، ۽ مرزا خان پنيءَ جي نالي حڪم ڪڍايائين. هن ٻه ٽي دفعا حملا ڪيا، پر ڪجهه ڪري نه سگهيو. هن جي بدلي وٺڻ لاءِ حضور وٽان امير شيخ جهان آيو، ۽ مير پهنوار جي ڏس تي فقيرن تي حملو ڪيائين. فيروز ويراڙ ديري قلعي مان نڪري سندس سامهون ٿيو، ۽ ڳيريلي جي ڳوٺ وٽ راتاهو هڻي ڏاڍو پريشان ڪيائينس. هوڏانهن، گهاري جي لشڪر به پهچي پهرين سان گڏجي، نئين سر ڪاهيو، جنهن ۾ مٿيون امير، فقيرن جي ترار جو شڪار ٿي ويو، ۽ بکر جي حاڪم الله يارخان ڀڄي جند ڇڏائي. ٻيو دفعو قنبرخان بروهيءَ لشڪر وٺي سرائين تي اوچتو حملو ڪيو، جنهن ۾ سوڀارو ٿيو، ۽ سرائن جي هٿ پير مارڻ کان پوءِ، سرائين جي سردار ميرڻ شاهه سان صلح ڪري موٽي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ پنهورن وري تحرڪ ورتو، جنهن تي سرائين جي فوج گهرام(1) کان مرکهه پور ۽ ٻي ڪيتري زمين کسي ورتي. آخرڪار پنهوار عاجز ٿي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيا. هاڻي باقي سيوي ۽ شڪارپور جي حاڪم پني جو پٺاڻن سان تڪرار رهيو، ۽ ٻه ٽي دفعا پاڻ ۾ جهڙپون ٿيون. نيٺ شيخ جهان جي قتل ۽ الله يارخان جي شڪست جو ٻڌي، شاهزادي محمد معز الدين ]پنهنجي سر[ لاهور کان سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. ميان دين محمد ڪلهوڙي هيءَ خبر ٻڌي، پنهنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد ڪلهوڙي کي کمل ۽ قاسم وڪيلن سان گڏي بکر موڪليو، جن شهزادي جي خدمت ۾ حاضر ٿي، هن کي پاڻ کان راضي ڪيو. شهزادو موٽي ويو، پر سرائين جي نصيب ۾، جو مصيبت لکيل هئي، سو بهارشاهه (شاهه بهاري) جي وڏي ڀاءُ مقصودي کي نادانيءَ کان اچي ڪڏ کنيو، ته شاهزادو اسان جي طاقت ڏسڻ کان سواءِ موٽيو ٿو وڃي، هڪ دفعو کيس پنهنجي طاقت ڏيکارڻ گهرجي، تنهن تي پنهنجي سردار کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ، زبردست فوج سان سوار ٿي وڃي ماٿيلي ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن جي ڦـُـر (ڪيائين) ۽ اُچ جي رهاڪن جو ڪوس (پڻ) ڪيائين، جنهن صورت ۾ کٽي اچي چڪي هئي، تنهن ڪري شاهزادو هيءُ خبر ٻڌڻ شرط، جيئن سمنڊ جوش ۾ ايندو آهي، ]105[ تيئن نهايت ڪاوڙ ۾ ڀرجي موٽي آيو. ميان دين محمد ڪلهوڙو مصيبت ايندي ڏسي پاسو ڪري ويو، ۽ شاهي فوج سيوستان ۾ ويهي، گهاري ۽ ان جي ]آسپاس وارن[ ڳوٺن کي ڦـُـري صاف ڪري، ڇڏيو. سيوستان ۾ ڇهه مهينا رهڻ کان پوءِ، آخر ميان دين محمد ڪلهوڙي صلح ڪري اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هن جي اچڻ کان پوءِ، پوين جي آڻڻ لاءِ هڪ زبردست فوج مقرر ڪئي ويئي. کوڙ جي سر زمين ۾ گاج نئن جي ڪناري تي، ميان يار محمد ڪلهوڙي شاهي فوج سان جنگ ڪرڻ واسطي مقابلي جو نغارو وڄايو، ۽ ڌرين ۾ زبردست لڙائي لڳي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان رت جون نديون وهيون. هـُـن پاسي کان راجا ڪجسنگ ڀٽي ۽ سورجمل اڌيپوري، ۽ هـِـن طرف کان تاجو فقير، جادو فقير ۽ بختاور فقير اوٺوال، هر هڪ گهڻن ماڻهن سان ڪم آيو (ڪسي ويو)، ۽ شڪست مغلن کي آئي. انهيءَ کان پوءِ شاهزادو، ميان دين محمد ڪلهوڙي کي پاڻ سان وٺي موٽي ويو، ۽ ملتان پهچي کيس حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪيائين (مارائي ڇڏيائين). ميان يار محمد ڪلهوڙو قلات هليو ويو. پهرين ته بروهي لڙائيءَ لاءِ سنڀري آيا، ۽ سخت لڙائيءَ کان پوءِ، جنهن ۾ محراب خان هن طرف جي ڄاڻ کان سواءِ قتل ٿي ويو، ٻه فرزند: ميان نور محمد ۽ محمد خان ضمانت طور وٺي، صلح ڪري پاڻ وٽ جاءِ ڏنائون. اهو واقعو 1111 هجريءَ ۾ ٿيو.

ميان يار محمد ڪلهوڙي قلات ۾ ٻه سال پريشانيءَ جي حالت ۾ گذاريا. اڪثر سرائي سردار پڻ پاسڙو وٺي ويهي رهيا، ۽ سندس ملڪ جي گهڻي ڀاڱي تي مرزا خان جي پٽ بختاور خان ]جي ماڻهن[ پٺاڻن قبضو ڪري ورتو. ٻن سالن کان پوءِ سنہ 1113 هجريءَ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي، راڄي فقير ۽ سرائي لشڪر جي اچڻ تي، مريدن کان بيعت وٺي التماس خان بروهيءَ کي مدد ۾ کڻي، پنهنجي موروثي زمين ڏانهن رخ رکيو. پهريائين زيدي کان لنگهي، منزل ڪندا، منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي هٽڙي تعلقي جي نيتڪ ۽ سانوه ڳوٺن ۾ پهتا، جن کي زالون ساڻ هيون، سي اُتي رهجي پيا، پاڻ اڳتي وڌي پهريائين قيصر پنهور کان سامتاڻي وٺي، پوءِ ڳاهن ۾ اچي ڇانوڻي هنيائين. تنهن کان پوءِ، پنهنجي ڀاءُ مير محمد کي سرائي سردارن سان گڏ اڳتي موڪليائين، جنهن وڃي مارکپور ۽ گاهي جمشيد تي قبضو ڪري، فتحپور جو قلعو ڇڏايو. هن فتح کان پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙو پاڻ به اچي سرائين سان مليو. التماس خان بروهي بخت جي ههڙي ياوري ڏسي چيو، ته ”توهان جو خداوند تعاليٰ مددگار ڪافي آهي، منهنجي ضرورت ڪانه آهي“ . ]ائين چئي[ هو موٽي ويو. هاڻي ٽڙي پکڙي ويل سرائي هر طرف کان اچي گڏ ٿيا، ۽ هيءُ گچيرو فتح ڪري، پنهورن جي گادي شڪارپور جو نالو ڦيرائي  ’خداآباد‘  نالو رکي، انهيءَ ۾ رهڻ لڳو، ۽ هيڏي هوڏي فوجون موڪلي گهاري ۽ ڪدياره، لشڪر جي مدد سان آزاد ڪرائي، لاڙڪاڻو بختاور خان جي ڀاءَ الله بخش جي هٿ مان ڇڏايائين. بختاور خان لاچار ٿي ملتان جي شهزادي معز الدين جي خدمت ۾ عريضو موڪليو، ته ”دين محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ وري ههڙي شورش مچائي آهي، هي وقت واهر ڪرڻ جو آهي“. اگرچ هن شهزادي کي پنهنجي مطلب لاءِ گهرايو هو، ليڪن ” مَنْ حَفَرَ بِيْرًا لاَخِيْهِ وَقَعَ فِيهِ “  (کر کڏ کڻي ٻئي جي ڪاڻ ڪري پاڻ) جي مقتضا موجب، نتيجو ابتو نڪتو. اتفاقاً جڏهن شاهزادي سڌو سندس ملڪ جي رستي سان ]106[ رخ ڪيو، تڏهن ملڪ جي برباديءَ جي خوف کان عرض ڪيائين، ته ”هن رستي کان نه اچڻ گهرجي“. شهزادي کي هي مختلف عريضا ڏسي انهيءَ ۾ خلل ڏسڻ ۾ آيو، ۽ انهيءَ پاسي روانو ٿيو. هن کي کٽي کنئي بيٺي هئي، تنهنڪري روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ سخت مقابلي ڪرڻ کان پوءِ قتل ٿي ويو. ايتري ۾ هن طرف جي وڪيلن حاضر ٿي ]بادشاهزادي جي[ دل تي پنهنجي غلاميءَ ۽ اخلاص جو خاطرخواهه اثر وهاريو. شهزادي، بختاور خان کي قتل ڪري ڪجهه وقت اچي بکر ۾ رهيو. سيويءَ جو ديرو بختاور خان جي انتقال ڪرڻ کان پوءِ غازي خان دودائيءَ کي عطا ٿيو، پر هن کان جوڳو انتظام نه ٿي سگهيو، جنهن ڪري ڦيرائي بختاور خان جي ڀاءُ الله بخش خان کي ڏنو ويو، تنهن کان پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان نهارن کي مليو، پر ڪو به پورو انتظام رکي نه سگهيو، ۽ نيٺ ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي وڪيلن جي حوالي ٿيو، ته وڃي پنهنجي مؤڪل (اصيل) کي پهچائين! تنهن سان گڏ هي به حڪم ٿيو، ته ”هن سرفرازيءَ جي عيوض ميان يار محمد  ڪلهوڙو حـضور ۾ حاضر ٿي دست بوسيءَ جو شرف حاصل ڪري“. طلب موجب ميان يار محمد درٻيلي ۾ پهتو، ته خواجہ حسين خان گهڻين نوازشن سان هن حڪم جي منسوخيءَ جو فرمان کڻي آيو، ۽ ديري جي نگراني سندس حوالي ڪيائين. اتان کان شاهي غلامن جي لسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ابتدا ٿي، ۽  ’خدايار خان‘  جو خطاب سندن طرهء امتياز بڻيو.

شاهزادي، خانپور، مير امين الدين خان کي، شڪارپور، سنجرخان، مبارڪ خان ۽ هوت خان دائود پوٽن کي، ۽ سيوستان غلام محمد سکهانيءَ کي ڏيئي، بکر کان ملتان روانو ٿي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ، غازي خان جي پٽ شاهه محمد جي مهم کي منهن ڏيڻ لاءِ ديري ۾ آيو، ۽ سخت لڙاين کان پوءِ به سندس معاملو جتي جو تـِـتي رهيو. آخر هتان مير شهداد خان ٽالپر وڃي پنهنجي سهڻيءَ تدبير سان شاهه محمد جو ڪم پورو ڪيو. هن خدمت اڳئين غلاميءَ سان گڏجي سوَن جي مٿان سهاڳي جو ڪم ڏنو، ]۽ شهزادي[ درجي ۾ اضافي ۽ نئين سر انعامن جي نوازش ڪئي. مير شهداد خان کي پڻ پٽ باران جي زمين جاگير ۾ عنايت ٿي. هنن واقعن کان پوءِ جيڪي شهزادا قلات ۾ هئا، سي پڻ اچي خيريت سان خداآباد پهتا. سيويءَ جي ديري تي پهريائين صاحبزادو مير محمد ۽ پوءِ محمد دائود خان رهيا. هڪ دفعي رحيم خان پرانک ۽ دولت خان پني فساد مچايو، جنهن جي سزا ملين. ٿوري وقت کان پوءِ دائود پوٽا پڻ، سخت لڙاين کان بعد شڪست کائي، هميشہ لاءِ پيش پيا.

هي سڀ معاملا نون سالن ۾ گذريا، باقي ٻيا نو سال عيش آرام ۾ گذريا، ۽ جهوڪ جي جنگ کان سواءِ ٻي ڪا به حرڪت پيدا ڪانه ٿي. مدد جي خدمت جي عيوض سماواتي ۽ چاچڪن جا ڪي ڳوٺ، جهڙوڪ: لڪڙي ۽ ڏنڊو، حجام، دورنگ، رجب، ويسر، پاچاته(1)، تهورو، ديهه سائينڏنو(2) ۽ جهوڪ جي آسپاس دٻي(3) جي ڪجهه زمين جو حـصو، کيس جاگير مليو. نواب شاڪرخان جي وڃڻ کان پوءِ - جنهن جو سبب تاريخن ۾ مفصل بيان ٿيل آهي، روپاه جو پرڳڻو پڻ اجاري تي هٿ ۾ آيس. آخر ارڙهن سالن جي مرادن ماڻڻ کان پوءِ، 15 ذو القعد سنہ 1131 هجريءَ ۾، سومر يا اڱاري ڏينهن، ٻئي جهان جو عام رستو وٺي روانو ٿيو.

ميان نور محمد الملقب به خدايار خان

هن کان پوءِ سندس پٽ ميان نور محمد ڪلهوڙو،  ’خدايار خان‘  جي لقب سان، پيءُ جو ملڪ قبضي ڪيو، صاحبزادو دائود خان ٽي سال مخالف رهيو، پر پوءِ نيٺ اچي ڀائپيءَ جو ناتو رکيائين. حڪومت جي چوٿين سال، مطابق ]107[ سنہ 1135 هجريءَ ۾، دائود پوٽا لڙائي لاءِ اٿيا، ۽ ملا جيئندو ابڙو، جو بکر تعلقي جي جتوئي پرڳڻي ۾ ڪن زرخريد ديهن جو سنڀاليندڙ هو، تنهن سان جهڳڙو ڪيائون. شڪارپور ۽ خانپور جي سرزمين، جا ]آس پاس جي[ ديهن سميت مير عبدالواسع خان جي جاگير هئي، هنن انهيءَ ۾ پڻ دخل ڪري مٿئين خان کي ڪوبه جواب ڪونه ٿي ڏنو، تنهن ڪري ٺاري خدمتگار کي حـضور ۾ موڪلي، ]مٿئينءَ[ جاگير کي پنهنجي حوالي ڪرڻ جي گـُـهر ڪري، هنن کي سيکت ڏيڻ لاءِ متوجهه ٿيو، ۽ ڪجهه لڙاين کان پوءِ کين شڪارپور جي قلعي ۾ گهيرو ڪري آڻ مڃرايائينِ.

قـصو مختصر، ته ملڪ کي چار حـصا ڪري ٻه حصا جاگير جي مالڪ کي ۽ هڪ حـصو دائود پوٽن کي ڏيئي، چوٿون حـصو پنهنجي هٿ ۾ رکي، ضمانت وٺي، موٽي آيو. هيءَ قوم بار بار عهد شڪني ڪري ملڪ ۽ زمين کان دربدر ٿي ويئي. رفتي رفتي خدايار خان سنہ 1139 هجريءَ ۾ شڪارپور ۾ منزل ڪري، دائود پوٽن جي بيخ ڪنيءَ لاءِ لشڪر روانو ڪيو، جنهن وڃي  ’دبلي‘ (1) جي قلعي ۾ کين گهـُـٽيو. آخر سيدن جي منٿ ڪرڻ تي کين امان ملي، ۽ فساد جو خيال بلڪل دل مان ڪڍي ڇڏيائون. هن وقت  ’نهاران‘  جي زمين، جا انهيءَ بدانتظاميءَ واري زماني ۾ دائود پوٽن کي هٿ آئي هئي، سا پوريءَ طرح مالڪن کي موٽي ملي ۽ هو دربدر ٿي وڃي ڏوراهين ملڪ ۾ پيا ۽ وڃي ملتان جي پرڳڻن، جهڙوڪ:  ’پهلي‘  ملڪ امام الدين جويه(2) ۽ فريد خان لکهديره، تاين(3)، بهاولپور، هانسي(1) سمي جو ملڪ، افغانن جي سرحدن جي ويجهڙائيءَ واري زمين، بابا فريد جو پٽن ۽ صير - ۾ رهيا. نيٺ ٻن سالن کان پوءِ پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي، نوڪريءَ جي التجا ڪيائون، جنهن تي لائق گذران عطا ڪري کين بکر تعلقي واري زمين ۾، جا سرائين کي تازي هٿ آيل هئي، جاگيرون ۽ گهر ڏيئي رهايو ويو. ساڳيءَ طرح ملتان جي آسپاس جا مشهور زميندار شيخ حميد ۽ شيخ عثمان روتڪ پڻ ٻارين ٻچين اچي ملازمت ۾ داخل ٿيا.

سنہ 1143 هجريءَ ۾ مراد ڪليري، عرف گنجو، سيويءَ تي مقرر ٿيو ۽ گنجاوه جي زميندار قيصر مگسي، محال شورن جي سردار، ميرو گواري رند، محال سنيءَ جي سائيس گهرام لاشاريءَ جي اولاد، محال ڪڇيءَ جي مالڪ ميرو بلدي، محال ڀاڳ ناڙيءَ جي زميندارن، هر هڪ مهيان(2) اميري ۽ لهپا(3) ماڇيءَ، ڍاڍر جي مالڪن، بازوئي قوم جي ڪالا خان ۽ ٻين ڪوهستان جي بلوچ زميندارن ۽ ڪنکانيءَ جي محالدار بهار خان امراڻيءَ کي، جو هر هڪ هزارين لشڪر جو سردار هو، ماري مات ڪري قلات جي خان عبد الله بروهيءَ سان، جو پاڻ کي  ’ڪوهستان جو شهباز‘  سڏائيندو هو، وڃي هٿ ڳنڍيائين. آخر سنہ 1143 هجريءَ ۾ پنهنجي سر چڙهائي ڪري، گهيري ۽ جنگ سان ڪرته(4) جو قلعو مبارڪ خان کان ورتائين،  ۽ لشڪر اڳتي وڌي اسماعيل خان بروهيءَ کي شڪست ڏيئي، ڪاڪر(5) بروهيءَ کي قتل ڪري سوڀارو ٿيو. هن واقعي کان پوءِ مير عبدالله خان پنهنجون ٻه نياڻيون صاحبزادن کي ڏيئي صلح ڪيو. اتفاقاً سال 1144 هجريءَ ۾ بروهين جي هڪ قوم عهد شڪني ڪري فريدآباد جي ڀر واري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو، جنهن تي ]ميان[ پاڻ پنهنجي سر انتقام وٺڻ خاطر وڃي لاڙڪاڻي ]108[ ۾ منزل انداز ٿيو، ۽ نامور سردارن کي امير عبدالله خان سان جنگ ڪرڻ واسطي موڪليائين. جذ پهر(1) ۾، جتي مير عبدالله خان اڳرائي ڪري آيو هو، ٻنهي ڌرين جو ٽڪر ٿيو. هو ]مير عبدالله[ رستم جهڙي جنگ کان پوءِ، مارجي ويو، ۽ آئيندي لاءِ بروهين جو زور ٽـُـٽي پيو. سنہ 1145 هجريءَ ۾ صاحبزادي محمد مراد ياب خان چونڊ سردارن سان گڏجي،  ’ڪهيارو‘  ۽  ’نرڪار‘  وڃي، مير عبدالله خان جي سوٽ مراد عليءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. سنہ 1146 هجريءَ ۾، صاحبزادو خداداد خان هنن ماڻهن مان شادي ڪري مراد مند ٿيو. هن کان پوءِ نادرشاهه بادشاهه جي اچڻ جا سبب پيدا ٿيا، ۽ اوڏانهن وڪيل اچڻ وڃڻ لڳا. سنہ 1149 هجريءَ ۾ بکر جو ملڪ هٿ آيو. سيوستان انهيءَ کان اڳ هٿ اچي چڪو هو. سنہ 1150 هجريءَ ۾ ٺٽو پڻ، جيئن مٿي بيان ٿيو، قبضي ۾ آيو، ۽ اتي جي نائبيءَ جو شرف شيخ غلام محمد کي نصيب ٿيو. انهيءَ سال نادرشاهه قنڌار فتح ڪري سنڌ جي رستي هندستان ڏانهن وڃڻ بابت لکيو، تنهن ڪري سرحدن مضبوط ڪرڻ خاطر ]پاڻ[ لاڙڪاڻي وڃي، صاحبزادي محمد مراد ياب کي ٺٽي روانو ڪيائين. هو سنہ 1151 هجريءَ جي ذوالقعد مهيني جي آخر ۾ ٺٽي پهتو، ته ڌاراجا جو حاڪم راڻو اجمال ۽ ڪڪرالي جو ڄام ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لڳا، ۽ سامونڊي آرماڙ مٺي درياءَ ۾ وٺي آيا، جنهنڪري پاڻيءَ توڙي خشڪيءَ تي ڪيئي جنگيون، توڙي چڪريون لڳيون. سندن جهازن، ٺٽي جي گهاٽ وٽ پهچي نصرپور تائين ٻنهي ڪپن تي ڦرلٽ ڪئي. آخر جڏهن هن پاسي کان توبون آڻي ڪناري تي بيهاري ڇوڙيائون، تڏهن شڪست کائي موٽي ويا، پر سرائين جي فوج پيڇو ڪري ٻنهي کي زبردستيءَ آڻ مڃائي. تنهن کان پوءِ نادري تفرقو پيدا ٿيو. محمد مراد ياب خان شوال جي ابتدا ۾ ٺٽي مان وڃي پيءُ سان مليو. خدايار خان عمرڪوٽ پهچي اهل و عيال کي تلهار روانو ڪيو، ۽ جنهن رات جي صبح جو پاڻ کي پڻ نڪرڻ جو ارادو هئس، انهيءَ جي صبح جو بادشاهه پنهنجي سر اچي ناگهاني آفت وانگيان عمر ڪوٽ جي ٻاهران ڪڙڪيو. هاڻي جڏهن ڪم هٿان نڪري چڪو هو، تڏهن لاچار خدايار خان گنهگارن وانگيان اچي هٿ ٻڌي حاضر ٿيو. بادشاهه کيس پاڻ سان وٺي اچي لاڙڪاڻي منزل انداز ٿيو، ۽ هڪ ڪروڙ رپيا وٺي، ملڪ وري بخشي، سيوي پٺاڻن ۽ شڪارپور دائود پوٽن کي ڏيئي، عزت افزائيءَ لاءِ  ’شاهه قلي خان‘  جو لقب عطا ڪري، صاحبزاده محمد مراد ياب خان ۽ غلام شاهه کي ضمانت ۾ وٺي، 11 محرم سنہ 1153 هجري ۾، لاڙڪاڻي کان واپس موٽي ويو. ذوالقعد مهيني جي پڇاڙيءَ ۾، جنهن ڏينهن بادشاهه عمرڪوٽ پهتو هو، انهيءَ وقت مغل فوجون سڄيءَ سنڌ ۾ گهڙي پيون هيون. انهن مان صالح خان بيات ۽ شاهه وردي خان کرت، شيخ شڪر الله ۽ مستي خان جويه کي اگهم جي ڳوٺ مان، جو ٺٽي کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي آهي، وٺي شهر ۾ آندو، ۽ شاهي حڪم موجب پاڻ سان وٺي ويا. تنهن کان پوءِ حڪم موجب شهر جا مکيه ماڻهو، آقا محمد ڪريم اصفهانيءَ سان گڏ، ]109[ بادشاهه جي قدم بوسيءَ تي اچي نوازش سان سرفراز ٿي موٽيا.

پوءِ آقا محمد ڪريم رعيت جو وڪيل مقرر ٿيو، ۽ سلطان سامٽيو، شاهه قليءَ جي پاران ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو. هن شورا قوم کي ماري مات ڪيو، جي نادري بدانتظاميءَ ]واري وقت[ مغرور ٿي، کنڊ جي سرزمين، جا ]پرڳڻن جي[ دل آهي، منافي، ڪنرو، آريسر ۽ ڪهير تعلقي چاڪر هاله ۾، هوندي ۽ لڌي شوري جي سرڪردگيءَ هيٺ، ارڏايون ڪري رهيا هئا. تنهن کان پوءِ جلد ئي ونگي تعلقي چاچڪان جي اربابن، ارباب تماچي، طوغاچي، ٺاري، سيلي، ڪاهي، ۽ آسو سومرن تي، جي ڍل ڏيڻ تي تيار نٿي ٿيا، ڪاهي کين نابود ڪيائين.

1155 هجريءَ ۾، مظفر علي خان بيات بيگلر بيگي (سردارن جو سردار) انهن شاهي جهازن جي آڻڻ لاءِ جيڪي سورت بندر ۾ تيار ٿي رهيا هئا، ڪراچي بندر جي رستي، آيو. نواب شاهه قلي خان سندس ملاقات لاءِ ٺٽي آيو، ۽ اڍائي مهينا ٺٽي رهي واپس وريو. 1156 هجريءَ ۾ سردار طهماسپ قلي خان، جلائر، دائودپوٽن کي سيکت ڏيڻ لاءِ آيو. هيڏانهن شاهه قلي خان (ميان نور محمد ڪلهوڙو) وقت جي مصلحتن خاطر پاسو ڪري ويو، تنهن ڪري سنڌ ۾ نئين سر بدانتظامي پيدا ٿي. جنهن صورت ۾ ٺٽي جو ناظم سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله، شاهه قلي خان جي گهرائڻ تي ٺٽو خالي ڪري ڇڏي هليا ويا هئا، ۽ هوڏانهن مظفر علي خان، سردار سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو هو، تنهن ڪري ڪيترا ڏينهن شاهي وڪيل رضا بيگ، هندستاني حڪومت جي باقي رهيل سردار فاضل بيگ، ڌاراجي جي راڻي ۽ ارباب ساجن راتيه(1) جي مدد سان ٺٽي جي نگراني ڪندو رهيو. نيٺ جڏهن شاهه قلي خان سردار جلائر جي ملاقات لاءِ اچي پوره ۾ حاضر ٿيو، ۽ پنهنجي ٽئين پٽ عطرخان کي ضمانت ۾ ڏيئي موٽي ويو، تڏهن سلطان سامٽيو ۽ شيخ شڪر الله وري ٺٽي موٽي آيا.

1157 هجريءَ ۾ شيخ شڪر الله، ڪڪرالي جي حاڪم ڄام هوتيءَ کي نابود ڪري، سندس جاءِ تي ڄام موهر کي مقرر ڪيو. تنهن کان پوءِ سال 1158 هجريءَ ۾، شاهه قلي خان پاڻ ڪانجيءَ جي قلعي تي ڪاهي ان کي زبردستيءَ سان فتح ڪيو. 1159 هجريءَ ۾ انهن ڪڇي ڪافرن کي، جن ڪانجي جي قلعي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ بدين جي ڳوٺن ۽ ٻين هنڌن تي اچي شورش پيدا ڪئي هئي، سيکت ڏيڻ لاءِ، بهارشاهه فقير (شاهه بهاري) ۽ ٻين جي هٿ هيٺ لشڪر موڪليو ويو.

هاڻي سلطان فقير نيڪناميءَ سان گذاري وڃي مڪلي ٽڪريءَ تي آرامي ٿيو، ۽ سندس پٽ مسو فقير سندس جانشين ٿيو. 1160 هجريءَ ۾ نادر شاهه قتل ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ ڌاراچي جي راڻي جي چرچ تي سؤ جابلو ويڙهاڪ ماڻهو ٺٽي جي پسگردائيءَ کي ڦـُـرڻ لاءِ آيا. مسوفقير ۽ شيخ شڪر الله، بولي خان جاکري سان گڏ، کين سامهون ٿيڻ لاءِ، وڏي درجي واري پير (شايد پير پٺو) جي مزار وٽ اچي منزل ڪئي، پر جنهن صورت ۾ لشڪر قبرن مٿان لنگهيو هو، تنهن ڪري ان بي ادبيءَ جي سزا ۾ ٽئين ڏينهن مقابلي ڪرڻ وقت هزارن، سون کان زبردست شڪست کاڌي. راڻي جي انهيءَ اڳرائي ڪري، صاحبزادو محمد خداداد خان وڏو لشڪر ساڻ ڪري ٺٽي آيو. مٿئين ڏوهه ۾ مسو فقير نظامت (گورنري) کان موقوف ٿيو، ۽ بلاول فقير نائچ ]گورنر[ مقرر ٿي، راڻي جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو. راڻو پاڻ سمنڊ ۾ هليو ويو ۽ قلعو ڪن غلامن جي نگرانيءَ ۾ ڇڏي ويو. انهن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن بي انداز لشڪر سان جنگ جوٽي ڏني. ]110[ آخر قلعو جنهن صورت ۾ نهايت اهم هو، تنهنڪري هڪ جڙتو دستاويز جي ذريعي فتح ڪيو ويو. قلعو هٿ ڪري صاحبزادو موٽي ويو. ٿوري وقت کان پوءِ شيخ شڪر الله، راڻي کي بجار جوکئي جي معرفت صلح جي ڳالهين ڪرڻ لاءِ آرماڙ مان هيٺ لاهي قتل ڪرايو.

سنہ 1161 هجريءَ ۾، احمد شاهه بادشاهه درانيءَ هندستان جي بادشاهه سان نادر شاهه جي وقت واريون سرحدون مقرر ڪري، سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي کي  ’شاهنواز خان‘  جي خطاب سان نوازيو. سنہ 1162 هجريءَ ۾، صاحبزاده غلام شاهه ۽ عطر خان ايران کان موٽي آيا. سنہ 1163 هجريءَ ۾، گل محمد خراساني ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو.

انهيءَ ئي سال مراد ياب خان جي مسقط ۾ اچڻ ۽ سندس ساٿي شيخ غلام محمد جي فوت ٿيڻ جي خبر پهتي، ۽ شيخ شڪر الله کي صاحبزادي کي وٺي اچڻ لاءِ آرماڙ وٺي رواني ٿيڻ جو حڪم ٿيو. سنہ 1164 هجريءَ ۾، جهاز مسقط بندر ڏانهن روانا ٿيا، ۽ شيخ شڪر الله جي حياتيءَ جو جهاز موت جي سمنڊ ۾ غرق ٿيو.

صاحبزادو محمد مراد ياب خان پيءُ جي ديدار کان فيضياب ٿيو، ته کيس سڄو دفتر حوالي ڪري خداآباد ۾ وهاري، شاهنواز خان پاڻ اچي نئين ٻڌايل شهر محمد آباد ۾ رهيو. صاحبزادو محمد خداداد خان، جو ڀاءُ جي وڏي سفر ڪري وليعهديءَ جو پڳدار ٿيو هو، تنهن جي ڀاءُ جي اچڻ ۽ وليعهدي کسجي وڃڻ ڪري دماغ خراب ٿي پيو، ۽ هندستان هليو ويو. هيڏانهن محمد مراد ياب خان حڪومت جو ڪاروبار چڱيءَ طرح نه هلائي سگهيو، تنهن ڪري دفتر کانئس کسيو ويو.

سنہ 1166 هجريءَ ۾، سردار جهان خان جي اچڻ جو ٻڌي ٿوري ڳڻتي پيدا ٿي، پر جلد ئي دفع ٿي ويئي. ساڳئي ئي سال جي آخر ۾ خود بادشاهه جي هن طرف کان ٿيندو هندستان وڃڻ جو گرماگرم هل ٿيو، ۽ محرم سنہ 1167 هجريءَ جي چوٿين تاريخ، بادشاهه جي آمد جي پڪي خبر ٻڌي، ]شاهنواز خان[ محمد آباد کان تلهار هليو ويو، ۽ رستي مان تابعداري ظاهر ڪرڻ ۽ شاهي فوج جي رستي بدلائڻ بابت عرض ڪرڻ واسطي، گدومل کي وڪيل ڪري، شهنشاهه جي ڪئمپ ۾ پهتو، پر بادشاهه جي مزاج تي ڪاوڙ غالب هجڻ ڪري ٽن ڏينهن تائين حاضري ڪانه ٿيس. آخر جڏهن نوشهري جي سرزمين تي ڇانوڻي لڳي، تڏهن مٿئين وڪيل جي مراد پوري ٿي پر اتفاقاً، ايتري ۾ ملڪ جو والي، جيسلمير جي سامهون ڪو رهره جي گهاٽ وٽ، خناق جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي، بادشاهن جي بادشاهه جي سڏ کي لبيڪ چئي ساڳئي سال جي ٻارهينءَ صفر تي هميشہ واري جهان ڏانهن روانو ٿي ويو. سڀني اميرن اتفاق ڪري صاحبزادي محمد مراد ياب خان ڪلهوڙي کي، جو انهيءَ ڊپ کان، ته متان اڳي وانگيان کيس ضمانت ۾ وڃڻو پوي، پيءُ جي خدمت مان ڀڄي ويو هو، گهرائي، ساڳئي مهيني جي 16 تاريخ تي حڪومت جي تخت تي وهاريو. هيءُ خبر ٻڌي، بادشاهه ڪن دشمنن جي برغلائڻ تي پنهنجين پهرين ڳالهين کان ڦري ويو، جنهن ڪري محمد اسماعيل خان پني اچي محمد آباد تائين پهتو. هن ٻه ٽي غير مشهور سردار سيد شاهه محمد جي هٿ هيٺ ٺٽي موڪليا، ۽ هڪ دستي ڊڪي وڃي ٿر جي ويجهو ديهه ٺارو هڱورجي کي لـُـٽيو. اسماعيل خان جي ماڻهن جي پويان، گل محمد خان خزانه آفيسر جي پاران صالح خان نالي هڪ ماڻهو، ڍل وصول ڪرڻ لاءِ اچي ٺٽي پهتو. ]پر[ انهيءَ کان اڳ ۾ محمد بيگ شاملو، ٺٽي جي بيٺل ماڻهن کي ڪوٺڻ لاءِ آيو هو، ۽ آقا محمد صالح کي ٺٽي جو نائب ناظم (گورنر) مقرر ڪري، ٺٽي جا مکيه ماڻهو ساڻ وٺي، ڪئمپ ڏانهن روانو ٿي چڪو هو. پويان ايندڙ ماڻهن آقا محمد صالح کي بيدخل ڪري ڇڏيو.

جيئن ته محمد بيگ ]ٺٽي جي[ مکيه ماڻهن کي رستي مان موٽي وڃڻ جي موڪل ڏيئي ]اڪيلو[ اچي ڪئمپ ۾ حاضر ٿيو، ۽ ڍل جي وصوليءَ لاءِ نائب مقرر ڪرڻ ڪري عتاب هيٺ آيو، تنهن ڪري ڍل جي وصوليءَ جو پروانو قاضي محمد محفوظ جي نالي جاري ٿيو، ۽ بيٺل ماڻهن کي وري گهرايو ويو.

هيڏانهن قاضي صاحب جو فرزند رشيد، صالح خان سان ديوانيءَ جي حوالي جي وٺڻ تي تڪرار ٻڌيو ويٺو هو، ته هوڏانهن مرحوم ]ميان نور محمد[ جي وڪيل، سرائي سردارن جو رضانامو، يرغمال (ضمانت) طور محمد عطر خان جي ٻانهن، ۽ سنڌ جي دستوري نذراني کان وڌيڪ نذراني ڏيڻ جي آڇ پيش ڪري، محمد مراد ياب خان جي نالي تي سنڌ جي حڪومت جو پروانو، ۽  ’سربلند خان‘  جو لقب حاصل ڪري، اچي پنهنجي مؤڪل (اصيل) کي اطلاع ڏنو.

هيءُ خبر ٻڌي ٺٽي جا مکيه ماڻهو نئين واليءَ کي ڏسڻ لاءِ رستي مان ئي عمرڪوٽ روانا ٿيا، ۽ محمد مراد ياب خان ملڪ ڏانهن توجهه ڪري ٺٽي جي گورنري شيخ ظفر الله جي نالي تي مقرر فرمائي. اهڙيءَ طرح سنڌ نئين سر، آيت سڳوريءَ  ”اِنَّ الْمُلُوْك اِذَا دَخَلُوْا قَرْيَة اَفْسَدُ وْهَا“  (بيشڪ بادشاهه جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ قدم رکندا آهن، ته انهيءَ کي ويران ڪندا آهن) جي مصداق کان آزاد ٿي.

 

محمد مراد ملقب به نواب سربلند خان(1)

نواب سربلند خان جي عمر ڪوٽ جي قريب پهچڻ تي، ديوان گدومل به حڪومت جو پروانو ۽ سروپاءِ کڻي اچي حاضريءَ جو شرف حاصل ڪيو. حڪم ملڻ تي ڪامورن اتان اچي نصرپور جي سامهون ]نواب جي[ ڪئمپ لاءِ هڪ زمين تيار ڪئي. ]نواب جي[ انهيءَ زمين تي تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ، ٿورن ئي ڏينهن ۾،  ’مراد آباد‘  نالي هڪ وڻندڙ شهر تيار ٿي ويو. ساڳئي ئي سال جي پـڇاڙيءَ ۾، ڪڪرالي جي ڄام جي مهم ڏانهن توجهه ڪري، مناسب لڙاين ۽ صائب تدبيرن سان، سندس شان و شوڪت ڀڃي، کيس ڪوداريه کان ديري ڏانهن ڀڄائي، خورد(2) اوڇه، لنجاري، ميران ۽ ڪجي جي زمين هٿ ڪيائين. ڪجي کي ڇانوڻي مقرر ڪري، هر هڪ جاءِ  محڪم قلعا ٺهرائي، انهن کي مضبوط ڪيائين. هن کان پوءِ ٻه سال ٻيا به ملڪ آرام سان هلايائين. چوٿين سال روش بدلائي اهڙو نمونو اختيار ڪيائين، جو ملڪ جي زوال جو ڪارڻ بڻيو.

سرائي سردارن ۽ عام رعيت کي ايذايائين. جنهن صورت ۾ بادشاهي ماڻهن جي تسلط ۽ زبردستيءَ کان تنگ ٿي پيو هو، تنهن ڪري ملڪ کي صاف ٻهاري، ڪنهن ٻئي پاسي نڪري وڃڻ جو پڪو خيال ڪيائين، انهيءَ ڪري خزانو مسقط بندر ڏانهن روانو ڪندو رهندو هو. ڪڪرالي جي ڄام جو ملڪ سندس رستي ۾ روڪ هو، تنهن ڪري سال جي پڇاڙيءَ ۾ ڄام کي وچان ڪڍي ڇڏڻ ۽ سندس ملڪ بنا ڪنهن رنڊڪ جي هٿ آڻڻ لاءِ، لشڪر مقرر ڪيائين. سرائي سردارن، جن ڄام سان صلح ڪرڻ وقت قرآن کنيو هو، تن کي اها ڳالهه نه وڻي. جنهن صورت ۾ سڀئي ڪڪ ٿي پيا هئا، تنهن ڪري پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪري، ميان غلام شاهه خان ڪلهوڙي جي بيعت ڪري، 13 ذوالحج سنہ 1170 هجريءَ جي رات، پنهنجو انتظام پڪو ڪري، صبح جو سندس حويليءَ تي ڪاهي، کيس سندس پٽن سميت قيد ڪيائون.

ميان غلام شاهه خان

تيرهين ذوالحج سنہ 1170 هجريءَ جي صبح ]112[ جو، حڪومت جي گاديءَ تي ويهي، ڌَڪيل حاڪم جي ظلم هٿان ڦٽيل ماڻهن جي دلين تي مهربانين جي ملم رکي، ساڻن همدردي ڪئي. عنقريب، نئين سال جي پهرين ڏهن ڏينهن گذارڻ کان پوءِ، جڏهن انهيءَ منحوس شهر کي چؤڌاري پاڻي وڪوڙي ويو، اتان لڏي، پيءُ واري محمد آباد جي ڀرسان  ’الهه آباد‘  نالي نئون شهر ٻڌائي، وڃي اُتي رهيو. سڀني اميرن سندس حڪم آڏو سر جهڪايو، مگر محمد مراد ياب خان جي سڳي ڀاءُ احمد يار خان، جو خداآباد ۾ ٿي رهيو، تابعداري قبول نه ڪئي. هوڏانهن بهادر شاهه جو پٽ مقصودو فقير، پيءُ کي هن ڪم ۾ ڀـُـليل سمجهي، ڪنهن ٻي ارادي جي انتظار ۾ ويهي رهيو، پر نيٺ تسلي ڏيارڻ کان پوءِ، ٻاهريون ٻنو رکي، اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو.

ايتري ۾ عطر خان جو ضمانت طور ]بادشاهه جي[ حـضور ۾ موجود هو، تنهن محمد مراد ياب خان جي موقوفيءَ جي خبر ٻڌي، فرياد ڪري، ملڪ ]جو پروانو[ پنهنجي نالي ورتو. هيڏانهن وري احمد يار خان سندس واسطي لشڪر تيار ڪيو. سرائي پنهنجي ڪئي تي پشيمان ٿي چوڻ لڳا، ته ”جنهن صورت ۾ عطر خان کي حڪومت بادشاهه جي پاران ملي آهي، تنهن صورت ۾ اسان کي ضرور هن جي تابعداري (ڪرڻي پوندي)“. غلام شاهه وقت جي مصلحت ڳڻي، ساڳئي ئي سال جي 25 صفر تي، ساري لشڪر سميت ٿر ڏانهن نڪري ويو. ٿورين منزلن کان پوءِ مقصودو، عطر خان جي خطن پهچڻ تي، محمد مراد ياب کي آزاد ڪرائي، اڪثر سرائي سردارن سان گڏجي، اوڏانهن (عطر خان ڏانهن) روانو ٿيو، ۽ غلام شاهه پنهنجن خاصخيلين: راڄي ليکي، ۽ ڪن ٿورن فدائين سان اڳتي هليو ويو.

محمد عطر خان ملڪ خالي ڏسي، ڇالاءِ ته احمد يار خان سندس لاءِ اڳي ئي انتظام ڪري ڇڏيو هو، اچي نوشهري ۾ لٿو. ربيع الثاني جي شروع ۾ محمد مراد به اچي پهتو. کيس ۽ سرائي سردارن کي اهائي اميد هئي، ته عطر خان هيءُ ڪم پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڪيو آهي، پر جيئن جو حڪومت جو ڪاروبار ڏاڍو خود مطلبي آهي، سو عطرخان ڀاءُ جي اچڻ جو ٻڌي، ملاقات کان سواءِ ئي کيس خداباد ۾ رهائڻ جو حڪم ڪيو. اگرچ هن حرڪت جي ڪري هو سڀني جي نظرن مان ڪري پيو، مگر جنهن صورت ۾ هو بادشاهه جي پاران مقرر ڪيل هو، تنهن ڪري لاچار ساڻس ٺهي هلندا ٿي آيا. هاڻي شاهي محصل (ڍل اڳاڙيندڙ ماڻهو) سندس ڏاڍي بيعزتي ڪرڻ لڳا. هو پنهنجي مفلسيءَ ۽ ڍل جي سخت تقاضا کان مجبور ٿي، ملڪ تي ڏاڍو ظلم ڪرڻ لڳو. نيٺ مظلومن جي صبح واري دانهن ۽ ستايلن جي دعا وڃي آسمان تي پهتي، ۽ غلام شاهه ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ڪاميابيءَ جي پڪي اميد رکي، اڌيپور کان بهاولپور موٽي آيو، جتي ٽي مهينا رهي پورو انتظام ڪري، پنهنجي اکين جي ٺار صاحبزادي سرفرازخان کي اهل و عيال سان اتي ئي ڇڏي، پاڻ رمضان جي وچ ڌاري سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. محمد عطر خان اڳتي وڌي سندس سامهون ٿيو، ۽ روهڙيءَ جي ٻاهران امرڪس واهه جي ڪناري تي، رمضان ]مهيني[ جي پوئينءَ تاريخ لڙائي ڪيائون. غلام شاهه وٽ لشڪر ٿورو هو، پر تڏهن به بخت جي تائيد سان تيرن ۽ تفنگن جي ٿوري ڌڪا ڌڪيءَ کان پوءِ، واهه ٽپي هٿئون هٿ جي لڙائيءَ ۾ فتحمند ٿيو. عطر خان، احمد يارخان ۽ مقصودو شڪست فاش کائي، ناڪاميءَ جو منهن ڏسي، ڀڄي ويا. ]غلام شاهه[ ڪامياب ٿي بنا تڪليف جي اچي سينگاريل سنواريل ڪئمپ ۾ لٿو. اهو ڏينهن ۽ ٻيو ڏينهن، جو عيد سعيد جو ڏينهن هو، ]اتي ترسي[ سرائي سردارن جي رنجش مهربانيءَ سان دور ڪري، پاڻ سان همرڪاب بڻائي، روهڙيءَ کان سيوستان پهچي، محمد مرادياب خان مرحوم، جو انهيءَ قريبي عرصي ۾ ]113[ گذاري ويو هو. جي پوين سان واجبي همدردي ڪري، شوال سنہ 1171 هجريءَ جي آخر ۾ اچي الهه آباد ۾ منزل انداز ٿيو. صاحبزادي پڻ سڀني پوئتي رهيلن سان گڏ عنقريب ديدار جو شرف حاصل ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اتان محمد آباد ويا، ۽ باقي سال خير سان گذريو.

سال 1172 هجريءَ ۾ وري ڏڦير، جو اڪثر ڪري بختاورن جي حال جي ڪسوٽي آهي، جا اسباب پيدا ٿيا. هن طرح، ته محمد عطر خان ۽ احمديارخان مٿينءَ شڪست کان پوءِ قلات هليا ويا، جتي محمد نصير خان، ميان غلام شاهه سان اخلاص هجڻ سبب کين پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. آخر هن(محمد نصير خان) جي بيفرمانيءَ ڪري، مٿس شاهي فوج چڙهائي ڪئي. بادشاهه جي فتحمند ٿيڻ کان پوءِ، هنن (عطر خان ۽ احمد يارخان) ڪئمپ ۾ پهچي ڪن وسيلن جي ذريعي (سنڌ) ملڪ جي حڪومت جو پروانو نئين سر حاصل ڪيو. احمد يارخان حضور ۾ رهجي پيو، ۽ عطرخان عطائي خان نالي هڪ امير کي مدد ۾ وٺي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هيڏانهن ميان غلام شاهه وقت جي مصلحت خاطر، ربيع الثاني سنہ 1172 هجريءَ ۾ ديري ڏانهن روانو ٿي وڃي ڪجي پهتو. اورنگا بندر ٽپي ڪجي تي  ’شاهه ڪرهه‘  نالو رکي (ان کي) رهائشگاهه بنايائين. شاهه ڪري (ساڪره) جي آمهون سامهون  ’شاهه بندر‘  نالي هڪ بندر ٻڌائي، حويلي ۽ مضبوط قلعو ٺهرائي، اهل و عيال حريفن جي ٻانهن سميت پنهنجي ناليري فرزند محمد سرفراز خان وٽ ڇڏي، ڀاءُ جي مقابلي لاءِ تيار ٿيو. جنهن صورت ۾ هوڏانهن محمد عطر خان پٺاڻ هٿان ملڪ ويران ڪرائيندو، مقصودي کي لشڪر جو مقدمو بنائي، مقابلي لاءِ اچي رهيو هو، تنهن ڪري ٿورن ڏينهن جي عرصي ۾ سندس استقبال ڪري، وڃي کيس چاچڪن جي سرزمين تي پهتا. پهريائين لڙائيءَ جي ڳالهه ٻولهه هلي، پر آخر مخالف انهيءَ جو ست نه ساري صـُـلح جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ۽ ملڪ کي ٽي حـصا ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. شاهه ڪري (ساڪره) کان نصرپور تائين، ٺٽي جي آسپاس سميت، ميان غلام شاهه جي حـصي ۾ آيو، ۽ ٺٽو (باقي) سموريءَ سنڌ سميت ڀائرن کي مليو. انهيءَ ڪري، ميان غلام شاهه ساڪره تشريف فرما ٿيو، ۽ عطرخان وڃي نوشهري رهيو. رمضان ]شريف[ تائين ]ڪم[ انهيءَ نموني سان هليو، پر جيئن ته ميان غلام شاهه جي نصيب ۾ سڄي حڪومت لکيل هئي، سو ڀائرن ۾ اچي ڦيٽو پيو، ۽ بادشاهه کي به معلوم ٿيو، ته عطرخان کان ملڪ جو ڪاروبار هلي ڪين سگهندو. احمديارخان پنهنجو پٽ ضمانت طور ڏيئي، حڪومت جو پروانو پنهنجي نالي وٺي، سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. ميان غلام شاهه هن حقيقت کان واقف ٿي، رمضان سنہ 1173 هجريءَ ۾، ڪاميابيءَ جو پڪو خيال دم ۾ پيدا ڪري سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. عطرخان هيڏانهن غلام شاهه جي چرپر ۽ هوڏانهن احمديارخان کي ]ايندو ڏسي[، حواس باخته ٿي نوشهري کان ڀڄي ويو. ميان غلام شاهه خان، رمضان جي عيد ڏينهن، نصرپور جي پريان هيءَ خبر ٻڌي اڳتي وڌيو، احمديارخان اوڏانهن ئي رهيو. ]اهڙيءَ طرح[ سمورو ملڪ ميان غلام شاهه کي هٿ آيو.

هن کان اڳ محمد عطر خان جي ڏينهن ۾ ٺٽي کي قسمين قسمين ايذاءَ پهتا هئا. جهڙوڪ: جوکيه قوم جو مولا ٺٽي محلي کي ڦرڻ. هنن ڏينهن ڏٺي جو، دلجاءِ سان انهيءَ محلي جا گهر ڀڃي، اطمينان سان ڦر ڪئي هئي. ]تنهن کان سواءِ[ حاڪم جي بي بندوبستيءَ ڪري پٺاڻن هٿان ]114[ اهڙو ته ظلم ٿيو هو، جنهن کان وڌيڪ خيال ۾ ئي نٿو اچي سگهي.

قصو مختصر، ته ساڳئي سال جي شوال مهيني جي ٻيءَ تاريخ عطر خان جو خط پهتو، ته ”مان ملڪ مان وڃان ٿو، هاڻي توهان ڄاڻو ۽ منهنجو ڀاءُ ڄاڻي“. ميان غلام شاهه اڳتي وڌي ڀاءُ جا رهيل ساٿي هٿ ڪري، لاڙڪاڻي تائين ڪاهي، سڀيئي مرادون ماڻيون. کوسا سردار، جن هن بي بندوبستيءَ وارن ڏينهن ۾ خداآباد کي بريءَ طرح ڦريو هو، سي سڀيئي خونخوار ترار جو لقمو ٿيا، سندن ڳوٺن ۾ سزا طور لشڪر مقرر ٿيو. تنهن کان پوءِ سيوهڻ ڏانهن واڳون واريائين. فتحمند لشڪر، کوسنہ ماڻهن جي ڳوٺن جي وچ واري جويه قلعي ۽ نلي لڪ(1) تي ڪاهه ڪري، ]دشمن کي[ قيد ۽ قتل ڪري، ڪاميابيءَ سان موٽي آيو.

ايتري ۾ خبر پهتي، ته محمد عطرخان ۽ مقصودو، داؤد پوٽه سردارن: خـصوصاً بهادر خان، جي مدد سان، وري دشمنيءَ جو نغارو وڄائي، لڙائيءَ ۽ حملي لاءِ تيار ٿيا آهن، تنهن ڪري بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ  جي سوڀارو لشڪر ساڻ ڪري وڃي اوٻاوڙي تائين پهتو، جتي ڪيترن ناليرن سردارن ۽ خود بهادر خان کي لڙائيءَ جي ميدان ۾ ڪـُـهي، دشمن کي شڪست فاش ڏيئي، فتح سان موٽي آيو.

هاڻي جڏهن دشمنن خواهه ملڪ جي فتح جي طرف کان پوري دلجاءِ ٿيس، تڏهن تاريخ 25 محرم الحرام سنہ 1173 هجريءَ تي نئين وسايل شهر شاهپور ۾ سوڀاري ڇانوڻي هڻي، صاحبزادي کي متعلقين سميت ساڪره کان پاڻ وٽ گهرايائين. هن کان اڳ محمد قائم ڪوڪلتاش، يعني دايو، ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو هو، جنهن وڃي اتي جي غريب رهاڪن کي موقوف ٿيل حاڪم جي ڪامورن جي ظلم زوريءَ ۽ پٺاڻن جي بيحد زبردستيءَ کان ڇڏايو. انهيءَ ئي سال ڪڪرالي جي حاڪم ڄام ڏيسر کي، جنهن ميان غلام شاهه جي ساڪري ۾ رهڻ ۽ سنڌ جي فتح جي ارادي ڪرڻ وارن ڏينهن ۾، سچائيءَ جي دستور جي برخلاف هلت هلي هئي، محمد صديق ڏيسر ۽ ٻين اميرن ملڪ مان تڙي ڪڍيو، تاريخ 7 ماهه صفر المظفر سنہ 1174 هجريءَ تي کيس آباد جي قلعي مان ڪڍي، ڪڇ(1) ڏانهن رلايو. سندس پٽ هر دور جي، جيڪو ديري ۾ تشريف آڻڻ کان وٺي همرڪاب ٿي رهيو، سو ]ساڳيءَ طرح[ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي خدمت ۾ حاضر رهڻ لڳو.

1175 هجريءَ ۾ بادشاهه جي حـضور مان کيس (غلام شاهه کي)  ’شاهه وردي خان‘  جو خطاب، هڪ هاٿي ۽ ٻيون ڪيتريون نوازشون عطا ٿيون. انهيءَ ئي سال دائود پوٽن کي سيکت ڏيڻ لاءِ خانپور تائين ڪاهي ويو. پر اُچ جي سيدن جي سفارش تي انهن جي خطائن کي در گذر ڪري، موٽي آيو.

سنہ 1176 هجريءَ ۾، تاريخ 9 ربيع الثاني، ڪڇ جي ڪافرن کي سڌي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، ۽ رستي ۾  ’سندريءَ‘  جو قلعو فتح ڪيائين. جاڙي جبل تي اٽڪل ڇهه هزار ڪافر ترار جو کاڄ ٿيا. اتان سوڀارو ٿي، اڳتي وک وڌائي، يلغار ڪري وڃي ڀڄ کان ٻارهن ڪوهن تي پهتو. ]رستي ۾[ ڪيئي ڳوٺ ۽ واهڻ ڦريا، لٽيا ۽ تابعدار ٿيا. بستا بندر ۽ لکپت بندر جا قلعا پڻ فتح ٿيا. آخر ڪڇ جي راءِ جي نيزاريءَ ۽ صلح جي دروازي کڙڪائڻ تي، ڪاميابيءَ سان موٽي اچي مٿئين سال جي 2 رجب تي شاهپور پهتو.

سنہ 1178 هجريءَ ۾، دوباره ڪڇ تي ڪاهڻ جو اتفاق ٿيو. رستي ۾ مورو جو قلعو زبردستيءَ فتح ڪري، ڀڄ کان پنجن ڪوهن تي وڃي منزل انداز ٿيا. ڪڇ جي راءِ وسيلا وچ ۾ آندا، جنهن تي صلح ڪري پوئتي واڳون ورايائون.

ڪڇ کان موٽي اچڻ تي گهڻي مٽيءَ ۽ واءُ جي ڪري پراڻي شاهپور کان نئين شاهپور لڏي آيا، ۽ بادشاهه جي درگاهه مان اڳئين لقب سان گڏ  ’صمصام الدوله‘  جو خطاب پڻ عطا ٿيو.

هاڻي عطرخان جا مقصودي فقير جهڙا ساٿي گذاري ويا، تنهن ڪري پشيمان ۽ ناڪامياب ٿي اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ قسمين قسمين عنايتن سان سرفراز ٿي همرڪاب رهڻ لڳو. خدا پاڪ جي فضل سان ڏينهون ڏينهن سندس ملڪ وڌندو ۽ بخت بالا ٿيندو ٿو رهي.

 سنہ 1181 هجريءَ ۾، بادشاهه جي حـضور مان ديرن جي حڪومت سندس نگرانيءَ ۾ ڏني ويئي، ۽ ساڳئي ئي سال جي ربيع الاول مهيني جي شروع ۾ اوڏانهن روانو ٿي، ٽن مهينن جي عرصي ۾ انهيءَ ساريءَ سرزمين کي فسادين کان صاف ڪري، اتي جي سردارن کان ضمانت وٺي، سوڀارو ٿي، 17 رجب تي شاهپور موٽي آيو. اتفاقاً، انهيءَ ملڪ ۾ مقرر ٿيل لشڪر جو اتي جي ٻين رهاڪن، خـصوصاً نصرت نالي اتي جي هڪ ناليري سردار، سان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ڪري پوري هڪ سال تائين لڙائي ٿيندي رهي. انهيءَ عرصي ۾ سردار جهان خان، بادشاهه جي حـضور مان اهو ملڪ پنهنجي نالي تي ڪرائي، هن طرف جي ناظمن کي بيدخل ڪري موٽائي ڇڏيو. وري الله پاڪ جي امداد ۽ بخت جي ياوريءَ سان سنہ 1183 هجريءَ ۾ ديري غازي خان جو قبضو مٿين سردارن کان ڇڏائي ميان غلام شاهه جي انتظام هيٺ ڏنو ويو، جنهن تي نئين سر انتظام قائم ڪرڻ لاءِ اوڏانهن چڙهي ويو ۽ ڪاميابيءَ سان واپس وريو. ديري غازي خان سان گڏ ملتان جي حڪومت پڻ اتي جي حاڪم جي مدد سان ميان غلام شاهه جي نالي ٿي.

جيئن ته هن کان اڳ، مهيني ذو القعد سنہ 1182 هجريءَ ۾، نيرن ڪوٽ، جو هڪ مضبوط جبل آهي، جي سرزمين تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري حيدرآباد جو مضبوط قلعو سنہ 1182 هجريءَ ۾ جڙي راس ٿيو، ۽ مٿس ”حيدرآباد“ نالو رکيو ويو. سندس سامهون ٽڪر جي مٿان شهر ]اڏائي[ رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايائون. ذو الحج مهيني ۾ ديري کان موٽڻ تي اچي انهيءَ قلعي ۾ رهيا.

(سنہ 1184 هجريءَ ۾ ڪن سببن جي بنا تي ديري غازي خان جي حڪومت کان موقوفيءَ جو حڪم ٿيو، ۽ اڳوڻي دستور موجب سردار جهان خان قبضي هيٺ آندو)(1)

جنهن صورت ۾ ]هن ڪتاب جي[ لکڻ واري وقت تائين ايترا حالات ڏٺا ويا آهن، تنهن ڪري ]هاڻي[ قلم جي واڳ هن شاندار حڪومت لاءِ دعا ڏانهن ورائي ويئي. شال ڌڻي تعاليٰ، پيغمبر ۽ سندس سڳوري آل جي مهابي هن سڳوري گهراڻي کي هميشہ عزت ۽ اقبال سان اميدن ۽ مرادن جي ميدان ۾ نامور رکي!(2)

جنهن صورت ۾ مٿين بيانن ۾ ٺٽي جي حاڪمن جا نالا ۽ احوال پابنديءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ۽ گل محمد خراساني کان پوءِ، محمد قائم ڪوڪلتاش کان سواءِ، ٻيو ڪو به مسلمان ناظم مقرر ڪونه ٿيو، تنهن ڪري ملڪ جي حاڪم جي ذڪر تي اڪتفا ڪئي ويئي. هاڻي محمدي دين جي برڪت سان، محرم سنہ 1184 هجريءَ ۾ حبيب فقير نائچ ٺٽي جو ناظم مقرر ٿيو آهي، شال، الله تعاليٰ پنهنجي احسان ۽ ڪمال ڪرم سان مسلمانن جي هن شهر کي اسلام وارن جي گورنريءَ سان مشرف رکندو اچي.

 

****

 


 


(1) نسخو  ”ن“  :  ”فدائي“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”مير“

(1) نسخو  ”ن“  : ”سادات“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”مظفر خان“

(2) اصل ۾ ”در سال هزار و هشتاد و دو هجري“ لکيل آهي، مگر هي غلط آهي، صحيح  ”در سال هزار و هشتاد“ آهي،  ’و دو‘  جو لفظ ڪاتب جي غلطيءَ کان اضافو ٿي ويو آهي.

(1) نسخو  ”ن“  :  ”هڪ شاعر چيو آهي:

’سـبـوي زنــدگـيء خــان زبــردست،                   قضا بيـن از کـجا آورد بـشــکـســـت‘ !

(زبردست خان جي جئڻ جو گهڙو،                 قضا ڏس ڪٿان جو ڪٿي نئي ڀڳو!)

(1) مغل بادشاهن جي ڏينهن ۾ سوانح نگاري هڪ عهدو هوندو هو، جنهن جو ڪم هوندو هو ملڪ جي صحيح حالات کان شهنشاهه کي واقف ڪرڻ.

(1) نسخو  ”ن“  :  ”مثل“

(2) نسخو  ”ن“  :  ”برپس“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”ارسري“

(1) نسخو  ”ن“ :  ”جليپاڻي“

(1) ”گهرام“  شايد ڪنهن پرڳڻي جو نالو ٿو ڏسجي، اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته ڪنهن پنهور زميندار جو نالو هجي. نسخي  ”ن“  ۾  ”از کدام ديسي“  (گدام ڏيسيءَ کان) آهي.

(1) متن ۾  ”پاچهاته“  (شايد  ’پاڇاٽـو‘ ) لکيل آهي..

(2) نسخو  ”ن“  :  ”سارمنه“

(3) نسخو  ”ن“  :  ”دهہ“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”ديلي“

(2) نسخو  ”ن“  :  ”چوبه“

(3) سڀني نسخن ۾ ائين آهي.

(1) نسخو  ”ن“  :  ”هانس“

(2) نسخو  ”ن“  :  ”مهتان“

(3) نسخو  ”ن“  :  ”سرولها“

(4) نسخو  ”ن“  :  ”ڪرنه“

(5) نسخو  ”ن“  :  ”ڪاڪري“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”چند بهر“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”رانسه“

(1) هيءُ عنوان بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ موجود آهي، باقي مصنف جي هٿ سان لکيل نسخي ۾ موجود ڪونه آهي.

(2) نسخو  ”ن“  :  ”خورق“

(1) نسخو  ”ن“  :  ”تلعه  ’چويه‘  و لک  ’تلي‘ “ .

(1) نسخو  ”ن“  :  ”کنج“

(1) هتي ڏنگين ۾ آندل سموري عبارت مصنف جي هٿ اکرين لکيل نسخي جي حاشيي تي موجود آهي. اڃا ٻه ٻه سٽون وڌيڪ لکيل آهن، جيڪي پني ۾ ڪيڙي جي گهڻن سوراخن ڪري پڙهڻ ۾ نه اچي سگهيون. نسخي  ”ن“  ۾ هتي ڪجهه زياده لکيل آهي، جنهن جو ترجمو هتي ڏجي ٿو: ”هن ئي سال ۾ ڪڇ جي راءِ پنهنجي رضا خوشيءَ سان، ايسوجيءَ نالي پنهنجي پيءُ جي هڪ سؤٽ جي نياڻيءَ جو سڱ ڏنو. شاديءَ وقت ٻنهي طرفن کان ڏاڍا تڪلف بجا آندا ويا ۽ بستا بندر ۽ لکپت بندر جو قبضو واپس ڏنو ويو. هلندڙ سال يعني سنہ 1185 هجريءَ جي عجيب واقعن مان هڪ واقعو هيءُ به آهي، ته وند جي سرزمين ۾ اٽڪل هڪ جريب ۾ گوشت جي ٽڪرن جو مينهن وسيو، جنهن ۾ هر هڪ ٽڪرو ڪچيءَ سر کان به وڏو هو. ٻه ٽي ٽڪر ميان غلام شاهه جي ملاحظي لاءِ کڻي آيا. سور جي گوشت جهڙا ٿي ڏٺا، ڪتن کي ڏنائون، پر انهن نه کاڌا“.

(2) ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنہ 1186 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي تاريخ هيٺ ڏنل بيت مان نڪري ٿي، جو ”تحفة الڪرام“ جي بمبئي ڇاپي واري نسخي جي حاشيي تي ڏنل آهي.

غلام شاه کة بوده غلام  ’شاه نجف‘

مقام کرده ارم همدمي بشاة نجف

1186 هجري

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org