]باب
ايڪيهون[
]مٽياري، نيرون ڪوٽ، گنجو ٽڪر ۽ اتي جا بزرگ[
متعلوي (مٽياري)
هڪ ناليرو شهر عالي نسب سيدن جي رهڻ جو هنڌ آهي.
]175[
هتي جا سيد سڄي سنڌ ۾ پکڙيل آهن ۽ جدا جدا جاين تي
رهن ٿا. انهن مان اڪثر معرفت جا صاحب بزرگ پيدا
ٿيا آهن. جيئن اڳين بيانن ۽ ايندڙ بيانن مان واضح
ٿئي ٿو.
سيد حيدر. پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ولي، کليل نشانين
۽ ظاهري ڪرامتن جو صاحب هو. کيس گهڻي اولاد هئي جا
خانداني نجابت ۽ نسب جي پاڪائيءَ ۾ مشهور آهي.
انهن مان ڪيترا ته جدا جدا جاين جي مناسبت تي بيان
ٿي آيا آهن. هن شهر جي رهندڙن سيدن وغيره مان ڪي
ٿورا نالا تبرڪاَ َ رسم طور بيان ڪن ٿا.
سيد للو. سيد عبدالڪريم، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو،
جو والد بزرگوار آهي. پنهنجي وقت ۾ خدائي فيض جي
پالوٽ جي جاءِ ۽ دائمي شهود جو سرچشمو هو.
سيد رڪن الدين. ساڳئي سڳوري خاندان يعني مٿئين
سيدن جي گهراڻي جي باغ جو پنهنجي وقت جو مشهور
] گل[ هو. انهيءَ کان ئي روايت آهي جو چيو هئائين ته "تيرن جي بٿي
ڀريون ويٺو آهيان ۽ پيو ٿو هڻان. ڪن جي ڪنن کان ۽
ڪن جي منهن کان نڪرندا ٿا وڃن پر ڪنهن کي سڌو تير
ڪونه ٿو لڳي جو ڪري پوي. هي تير جنهن کي به لڳندو
ته اهڙو ڪرندو جو وري نه اٿندو.
سيد عالي. اتي جي سيدن جي چئن قبيلن مان ڪڙيي
قبيلي مان آهي. نهايت بزرگيءَ جي حالت ۾ حياتي
گذاري ويو.
]سيد
لالن[. سندس پٽ سيد لالن ڪمال ۽ عمدي حال جو صاحب پيدا ٿيو. چون ٿا
ته هڪڙي ڏينهن سندس معصومه ڀيڻ کي اچي خيال پيدا
ٿيو ته اسان جي نسب جي صحت جي ڪهڙي ثابتي آهي؟ ۽
اها ڳالهه پنهنجي ڀاءُ سان ڪيائين. هن چيس ته مان
توکي دلجاءِ ڏياريندس. رات جو حضرت پيغمبر عليه
السلام جي زيارت سان مشرف ٿي. ۽ اشارو ٿيس ته صبح
جو توهان جي نسب جي صحيح هجڻ جي نشاني توهان کي
پاڻيهي اچي ملندي. اتفاقاَ َ صبح جو ميان
عبدالباقي واعظ، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، ڏندڻ ۽
درود حاضري کڻي اچي دروازي تي سڏ ڪري، چيو ته
"توهان جي ڏاڏي مون کي هي توهان جي نسب جي صحيح
هجڻ جي نشاني عطا فرمائي، توهان جي خدمت ۾ پهچائڻ
جو حڪم ڪيو آهي".
چون ٿا ته سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد هن کي نهايت
نيزاريءَ سان زيارت لاءِ گهرائي، نادر شاهه جي آمد
وغيره جهڙيون اڳڪٿيون کانئس معلوم ڪيون. مٿئين
شاهه صاحب اتان موٽي اچي فرمايو:"مشهوري اسان جو
مقصد نه هئي، هاڻي هن فسادخاني مان لڏڻ ڀلو آهي".
۽ جلد ئي گذاري ويو.
سيد شهمير. اتي جو هڪ بزرگ زادو آهي. سنت جي زنده
رکڻ ۽ اسلامي مقدمن جي حمايت ۾ تمام ڏاڍو مبالغو
ڪندو هو. سدائين انهيءَ ڪم ۾ مشغول رهندو هو ۽ هر
ديني ڪم ۾ طالب علمن جي جماعت وٺي دين پاڪ جي
تقويت لاءِ دل و جان سان ڪوشش ڪندو هو. هاڻي تازو
گذاري ويو آهي.
ميان عبدالباقي واعظ. ميان ابوالقاسم نقشبندي
ٺٽوي، جنهن جو بيان اڳتي ٿيندو، جي خدمت مان فيض
پرايو هئائين. سندس ڪجهه ڪرامت ته مٿئين بيان مان
ظاهر آهي. مطلب ته سندس وعظ جي صحبت ڪيترن گمراهن
کي هدايت جي رستي تي آنيندي هئي. مشهور آهي ته هو
وعظ جي سڀ ڪا مجلس نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي
جناب مان اجازت وٺي پوءِ برپا ڪندو هو ۽ نئين سر
اجازت وٺڻ کان سواءِ ڪڏهن به وعظ نصيحت جي مجلس نه
ڪندو هو.
سهار
هڪ مشهور ڳوٺ آهي.
درويش حسين. مٿئين ڳوٺ جي رهاڪو، اصل ڌوٻي، حال ۽
قال جو صاحب پيدا ٿيو هو. هو سيد عبدالڪريم
(بلڙيءَ واري) جو همعصر هو.
درويش ڀنڀو سهار. هڪڙي ڏينهن ماڻهو کيس سفارش لاءِ
حاڪم وٽ وٺي ويا. حاڪم پٽيوالن کي چئي ڇڏيو هو ته
جڏهن درويش اچي ته کيس ايترو ته مارجو جو وري اچڻ
جي سڌ نه ڪري. انهيءَ فيصلي موجب پٽيوالن کيس ڏاڍي
مار ڏيئي تڙي ڇڏيو. اڃا ٿورو پنڌ مس ڪيو هئائين ته
ٻين ماڻهن، جيڪي ڏنڊ ۾ ڦاٿل هئا،
]176[ ۽ هن احوال کان بيخبر هئا، تن کيس سفارش جي تڪليف ڏني
جنهن تي هو موٽي حاڪم جي دروازي تي آيو. دربانن
ٻئي احوال وڃي حاڪم کي ٻڌايا. هن چيو ته درويش حال
جو صاحب آهي. ۽ گهرائي معافي وٺي ٻئي ڪم پورا
ڪيائين. سندس زمانو سيد عبدالڪريم جي زماني کان اڳ
معلوم ٿئي ٿو.
نيرون ڪوٽ (حيدرآباد)
اصل سنڌ جي هڪ راجا نيرون ڏانهن منسوب آهي. جيئن
مٿي ذڪر ٿي آيو ته ديول وٽ بديل جي شهيد ٿيڻ کان
پوءِ، هتان جي حاڪم، جنهن جو نالو سمني هو(1)،
پاڻيهي پاڻيهي حجاج وٽ پناهه وٺي، تابعداري قبول
ڪري، امان نامو وٺي ڇڏيو هو. ۽ جڏهن ستت ئي محمد
بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ آيو ۽ ديول فتح ڪري،
هيڏانهن (نيرون ڪوٽ) ڏانهن رخ رکيائين، تڏهن
انهيءَ امان جي دستاويز جي ذريعي، محمد بن قاسم جي
حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري، مددگار بڻيو.
]نيرون[ هن ملڪ جو هڪ جهونو ناليرو قلعو آهي. جو گهڻي وقت کان ڊهي ويو
هو ۽ سندس شهريت وڃي هڪ ڳوٺڙي جيتري بيٺي هئي. سنه
1182 ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هن جاءِ کي پنهنجي
خاص رهڻ لاءِ پسند فرمائي، مضبوط قلعي ۽ شاندار
شهر جو بنياد رکيو. ڪن لاشن جي نڪرڻ وقت ماڻهن کي
ڪي عجائبات ڏسڻ ۾ آيا. هتي ستلن ڪيترن بزرگن، جن
کي فوت ٿئي سوين سال گذري ويا هئا، جا لاشا بلڪل
صحيح سلامت نڪتا. انهن مئلن مان هڪ زال ۽ مرد
پراڻين قبرن مان اهڙا ته تازا نڪتا جو گويا ڪ زنده
آهن. چون ٿا ته اهي هڪ ٻئي جا عاشق معشوق هئا.
نئين قلعي ۽ شهر جو نالو حيدرآباد مقرر ٿيو. قلعي
جي مضبوطيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! واقعي هن کان اڳ
سنڌ ۾ ههڙو قلعو ڪو ورلي لڀندو هوندو.
]
هيٺيان ماڻهو[
اتي جي بزرگن مان آهن.
شيخ مڪائي (شاه مڪئي). هڪ وڏي ۾ وڏو ولي ۽ پهريون
اسلامي حاڪم آهي جو سنڌ جي فتح کان پوءِ هتي حڪومت
ڪرڻ ويٺو. سندس درگاهه الله جي ولين ۽ خدا جي
معرفت وارن جي زيارتگاهه ۽ مرجع آهي.
]شاهه
بخاري[. شاهه بخاري پڻ مٿئين شهر کان ٽن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ برڪت ڀري
درگاهه ۽ زيارتين جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي!
ناياهو
نيرون ڪوٽ جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي.
درويش بادو. مخدوم نوح جو مريد آهي. چون ٿا ته
جڏهن پهريائين مخدوم نوح جي خدمت ۾ حاضر ٿيو تڏهن
فرمايائينس ته چئو ”لآ اِلهَ اِلاَّ اللَّهُ
مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللَّهِ“ ڪلمه طيبه پڙهڻ سان،
جيئن مڇي تئي تي ڦٿڪندي آهي تئن ڦٿڪڻ لڳو. آخر ڏڪي
ڏڪي بيهوش ٿي ڪري پيو. ۽ مردي وانگيان زمين تي سيخ
ٿي پئجي رهيو. مخدوم جي حڪم تي کيس حجري ۾ کڻي ويا
جتي ٽي ڏينهن بيخبر پيو هو - پوءِ جيڪي ٿيو سو
ڏيهن ڏٺو.
رڪن پور
شيخ رڪن الدين ملتاني. جنهن جو بيان ٿي آيو آهي،
جي نالي سان هڪ مشهور ڳوٺ آهي.
شيخ ريحان جهنگلي. ذات جو سومرو، اتي جو ڪامل آهي.
شيخ رڪن الدين ملتاني سندس زيارت لاءِ آيو هو تنهن
کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ جو نالو سندس نالي پويان سڏجڻ
۾ آيو.
شيخ ريحان جو اصلي نالو چنيسر هو. چون ٿا ته
اتفاقـاًڪنهن وقت شيخ رڪن الدين ۽ مخدوم لعل شهباز
اچي اتي نڪتا ۽ کيس ماني، کير ۽ ماکي کارائڻ لاءِ
زور ڀريائون.
هڪڙو قدرتي جنڊ پيدا ٿي پيو جنهن جو هڪ پٿر اڃا
باقي آهي ۽ جنهن ڪنڊي جي وڻ مان ماکي لاٿي هئائون،
اهو ڪنڊو پڻ يادگار ۽ ماڻهن جو زيارت گاهه آهي.
شيخ قطب. سندس فرزند شيخ قطب پڻ وقت جو قطب هو ۽
رڪن پور ۾
]177[
آرامي آهي. هر مهيني جي چوڏهين تاريخ اوچتو، بنا
تياريءَ جي هڪ وڏو ميلو لڳي ويندو آهي. ۽ اڌ رات
تائين هر قسم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن.
]شيخ
دودو[. مٿئين شيخ محمد قطب جي ڀاءُ شيخ دودي جي قبر پڻ ڀاءُ سان گڏ
آهي. چون ٿا ته جڏهن شيخ دودو شهيد ٿيو هو، تڏهن
مخدوم لعل شهباز فاتحه خوانيءَ لاءِ اچي پٿر ۾
ويٺو هو. اِهو
(1)
پپر جو وڻ جنهن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو هو، سو اڄ تائين
موجود ۽ نيڪن جي زيارت گاهه آهي.
]شيخ
عنايت[. هاڻي پيڙهيءَ جي دستور موجب شيخ ريحان جو سجاده نشين شيخ
عنايت پڻ چڱيءَ حالت جو مالڪ آهي.
]شيخ
ڪريمڏنو[. ۽ شيخ قطب جو خليفو شيخ ڪريمڏنو پڻ اتي رهي ٿو.
شيخ ابراهيم. مٿئين شيخ ريحان جهنگليءَ جي اولاد
مان پنهنجي وقت جو صاحب هو. هڪ ڏينهن سيد علي
شيرازيءَ جي زيارت لاءِ آيو. تسبيح هٿ ۾ هيس. هٿ
ڏنائين ته سيد فرمايس ته "توهان کي پڻ تسبيح هٿ ۾
آهي". وراڻيائين ته ڏٻري ۽ ضعيف گهوڙي لاءِ ته
چهبڪ ضروري آهي پر تازو ۽ تکو گهوڙو به چهبڪ کان
سواءِ نه ٿو سونهين".
شيخ ريکن. مٿئين شيخ ريحان جهنگليءَ جو اولاد آهي.
سندس تربت تعلقي چاڪر هالي ۾ خدا وارن جي
زيارتگاهه ۽ پرهيزگارن جي مرجع آهي.
ڍوري هڱورو
هڪ مشهور ڳوٺ آهي. جتي مٽياري سيد گهڻا رهن ٿا ۽
انهيءَ خاندان مان ڪيئي بزرگوار اتي پيدا ٿيا آهن.
سيد هارون. بيمثال (الله) جي قرب واري درجي جو
مالڪ آهي. پوئين زماني وارن ۾ فقيري ۽ رضا ۾ گهڻن
فقيرن جو سردار ٿي گذريو آهي. سندس ڪيئي کليل
ڪرامتون ۽ محققانه شعر آهن. سندس قبر ڳوٺ جي
ٻاهران عام مخلوق جي زيارت گاهه آهي. اڄوڪي وقت جي
ناليرن مان آهي.
سيد شيريزدان. سيدن جو مشهور سرگروه، شان شوڪت،
دولت، احسان ۽ سخاوت ۾ مشهور آهي، تازو هن ڳوٺ ۾
گذاري ويو.
سيد الهيار. زميندارن جي صورت ۾ نهايت طاقت جو
صاحب ۽ ذاتي ڀلائيءَ جو مالڪ هو. الله وارن جي
ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ خدير جون نشانيون ڇڏي ويو
آهي. ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويو آهي. گهڻي اولاد ڇڏي
اٿس.
]سيد
محمد[. سيد محمد پڻ هڪ دولتمند ماڻهو ڪڙمين جي ويس ۾ انهيءَ طرف جو
مشهور صاحب توفيق، حيات آهي.
درويش زڪريا. ذات جو ٿهيم، شيخ ابراهيم ولد
ناگوريه ٿيٻي جو همعصر، هڪ ناليرو بزرگ آهي.
گنجي ٽڪر تي آرامي بزرگ
هن ٽڪر کي "گنجو ولين جو منجو" جي لقب سان ياد ڪيو
ويندو آهي. جيئن ته انهن سڀني جي احوال جي معلومات
ناممڪن آهي، تنهنڪري جيڪي هٿ آيو سو تبرڪاً لکجي
ٿو.
شيخ ڀريو ويرداس. هڪڙو موحد مجذوب، وجد ۽ مستيءَ
جي راهه جو سالڪ هو. اصل ۾ برهمڻ آهي. هميشه
جهنگلن ۽ جبلن ۾ ڳائيندو ۽ جهنگلي جانورن سان
گذاريندو هو. آدمين کان ٽهندو هو. پوئين وقت ۾ اچي
گنجي ٽڪر جي دامن تي رهيو. ماڻهو هڪڙو هڪڙو ٿي
سندس زيارت تي ويندا هئا ۽ هو هر هڪ جو دلي مطلب،
ٻڌائڻ کانسواءِ معلوم ڪري، شافي جواب ڏيندو هو.
حديقته الاوليا جي مصنف روايت ڪئي آهي ته مان سندس
خدمت ۾ حاضر ٿيو هوس. هو هڪ سنڌي بيت پڙهي رهيو
هو. دل ۾ خيال آيم ته خبر ناهي اهو بيت سندس آهي
يا ڪنهن ٻئي جو. منهنجي پڇڻ کانسواءِ ئي چيائين ته
هي بيت اسحاق لوهر جو آهي. ٻيون به ڪيتريون
ڳالهيون دل ۾ آندم ۽ جواب ورتم.
نقل آهي ته هڪ ماڻهو سندس زيارت لاءِ ويو ۽ هو
بکيو هو.
]178[
چيائينس ته فلاڻي ٿوهر جي وڻ وٽ رکيل ديڳڙي کڻي
اچي چلهه تي رک. هن ائين ڪيو ته پٿرين جي مٺ
انهيءَ ۾ وجهي ڍڪڻ ڏيئي ڇڏيائين. ايتري ۾ جهنگل
مان هرڻين جو ولر آيو. انهن مان کير ڏڌائين ۽
ديڳڙيءَ مان عمدو طعام ڪڍي هن کي کارايائين. سندس
وفات سنه 903هه ۾ ٿي ۽ سندس قبر گنجي ٽڪر جي دامن
۾ آهي.
]درويش
بديڻ[. درويش بديڻ ولد راهو سنڌ جو هڪ ڪامل مشائخ، گنجي تي آرامي
آهي. گهڻيئي مالدار اولاد ڇڏي ويو آهي. جيڪي
انهيءَ بزرگ جي برڪت سان بنا ڪنهن ڌنڌي ۽ پوک
پلاهه جي چڱيءَ طرح گذاري رهيا آهن. ۽ پير جي دعا
سان وٽانئن کير ڪونه کٽندو آهي.
درويش ڇتو: درويش بديڻ جي اولاد مان درويش ڇتو،
وڏين ڪرامتن جو ڌڻي، مٿئين درويش جو جانشين ٿيو.
هاڻي سندس پٽ موليڏنه انهيءَ جو گادي نشين آهي.
نهال شاهه مداري. متاخرن ۾ هڪ وڏو ڪامل ولي آهي.
هو ويجهڙائيءَ ۾ وڏن مناقبن سان موصوف ۽ طالبن جي
مرادن جو مرڪز هو.
]باب
ٻاويهون[
ستيار ۽ پليجار پرڳڻن وغيره جا ڳوٺ ۽ اتي جا بزرگ
رائدن
لنڊن جي ڳوٺن مان هڪ مشهور معروف ڳوٺ آهي.
درويش راڄو ستيو دل. هڪ مجذوب مطلق ۽ واصل بالله
شخص هو. هميشه پيرين ۽ مٿي اگهاڙو گهمندو وتندو هو
۽ ڪٿي به سڪونت اختيار نه ڪندو هو. سندس زبان مان
جيڪي به نڪرندو هو سو ڪپيندڙ ترار جو حڪم رکندو
هو. چون ٿا ته کيس جڏهن ڪو معاملو پيش ايندو هو،
تڏهن اٿي بيهي سر ۽ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو
هو. ۽ جيڪي چوندو هو سو ٿيندو هو. ڪنهن وقت ڪڇ جي
سرزمين مان لنگهندي، مينهن جي ڌڻ وٽ آيو ۽ ڪجهه
کير يا ڌونري جي گهر ڪيائين. اتي ڪو مڙس ماڻهو ڪو
نه هو. زالون ساڻس بي ادبيءَ سان پيش آيون. هو جوش
۾ آيو ۽ نعرو هڻي هليو ويو. اتفاقاَ َ مينهون انهن
ڦرن سميت، جيڪي ٻڌا پيا هئا، اچي ٽٺيون ۽ سموريون
گم ٿي ويون. پوري سال تائين سندن ڪو به نشان ڏسڻ ۾
ڪو نه آيو. پوري سال کان پوءِ درويش وري اچي اتان
لنگهيو. زالن درويش کي سڃاڻي مردن کي ٻڌايو ۽ سڀئي
رئندا رڙندا اچي سندس پيرن تي ڪريا ۽ احوال ڪري
ٻڌايائون. درويش چيو "توهان مينهن جو وٿاڻ، رسا ۽
ڪلا تيار رکو، شام جي وقت سموريون موٽي اينديون"-
شام جي وقت ائين ئي ٿيو- ڌنارن کان پڇيائون ته
"توهان هيترو وقت ڪٿي هئا؟" جواب ڏنائون ته "اسان
ته دستور موجب صبح جو ويا آهيون ۽ شام جو موٽي آيا
آهيون!" سندس وفات جو سال 977هه ۽ تربت مٿئين ڳوٺ
۾ آهي.
دندي (ڏندي)
مشهور ڳوٺ آهي.
شيخ ممون. شاهه جميل جو مريد، هڪ آڳاٽو پير هن
جاءِ تي آرامي آهي- مقرر ڏينهن تي انهيءَ تي وڏو
ميلو لڳندو آهي.
شيخ ڪپور ۽ شيخ نظام الدين. ٻئي شهيد ڏندي تعلقي ۾
آرامي آهن. سڄي سنڌ جي خواجه قوم سندن معتقد آهي.
۽ مقرر چوڏهينءَ تي سندس ميلي تي اچي حاضر ٿيندا
آهن.
ستيار
هڪ پرڳڻي جو نالو آهي.
شيخ لوڌي. حضرت غوث الثقلين (پيران پير) جو اولاد،
عام ۽ خاص جو زيارتگاهه آهي.
مخدوم يعقوب پليجو. وقت جو عارف، ستيار پرڳڻي جي
ٽاري ڳوٺ جو رهندڙ آهي. چون ٿا ته ڪنهن سائل اچي
کانئس ڪجهه گهريو. چيائينس ته جهنگل ۾ وڃي منهنجي
غلام کان هڪ ميهن وٺي. غلام پيغام ٻڌي کيس اهڙي
مينهن ڏيئي ڇڏي جا هر روز ڇهه ڪاسا کير ڏيندي هئي.
مخدوم اها ڳالهه ٻڌي غلام کي چيو ته جنهن صورت ۾
منهنجي پڇا کان سواءِ تو بهترين مينهن
] 179[ ڏيئي ڇڏي آهي، تنهنڪري توکي آزاد ڪيم ۽ اها ڳالهه فخر
طور وڃي گهر واريءَ سان ڪيائين. هن چيو ته جڏهن تو
ههڙي احسان جي بدلي ۾ غلام کي آزاد ڪيو آهي تڏهن
منهنجا به جيڪي تنهنجي مٿان حق آهن سي هن توفيق جي
شڪراني ۾ بخشيم. نقل آهي ته هو هڪ ڏينهن جماعت سان
گڏجي منڱن جي پوک ۾ ويو. ڪجهه پچائڻ لاءِ ٺڪر جي
ننڍڙي سوراخدار ڪـُـني کان سواءِ، ٻي ڪا ديڳ ڪانه
هئي. هن انهيءَ جي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو. خادمن انهيءَ
کي چلهه تي پاسيرو ڪري رکيو جئن انهيءَ جي سوراخ
مان پاڻي نه هارجي، فرمايائين ته سڌو ڪريو ڇاڪاڻ
ته ماڻهو گهڻا آهن ۽ کاڌو گهڻو تيار ڪرڻو آهي.
الاهي قدرت سان انهيءَ ۾ ايترو ته کاڌو پڪو جو
انهيءَ مان انهيءَ وڏي جماعت کائي ڍؤ ڪيو. کاڌي
کائڻ کان پوءِ چيائين ته هر هڪ ڪوڏر کڻي انهيءَ
ڪـُـني کي هڻي، پر هو ڪنهن کان نه ڀڳو.
چون ٿا ته هڪ هندو نياڻيءَ جي شاديءَ واسطي مائٽن
کان اڌ خرار ساريون وٺي هڪ سوالي ڍڳي تي ڳوٺ ڏانهن
کنيو ٿي ويو. اتفاقاَ َ جڏهن درياءَ تان لنگهيو ته
بار سميت وڃي پاڻيءَ ۾ ڪـِـريو ۽ گم ٿي ويو. هيءُ
معرفت جي درياءَ جو ٽوٻو پڻ اچي اتان لنگهيو ۽
هندوءَ کي ڍڳي جي ٻڏڻ جي غم ۾ بيقرار ڏسي چيائينس
ته "وڃ، وڃي فلاڻيءَ جاءِ کان ٽٻي هڻ، اتي توکي هڪ
ڪچهري ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪو ماڻهو توکي انهيءَ
ڪچهريءَ جو رئيس ڏسڻ ۾ اچي، تنهن کي منهنجو پيغام
ڏج ۽ پوءِ جيڪي گهرندين سو توکي ملي ويندو". اشاري
موجب هندوءَ ٽٻي هنئين ته کيس سڪل ميدان ڏسڻ ۾
آيو. اڃا ٿورو اڳتي ويو ته هڪ وڏي ڪچهري ڏٺائين
جنهن ۾ هڪ ماڻهو تخت تي ويٺو هو. هن مخدوم جو
پيغام پهچايو ته هـُـن پنهنجي خدمتگارن کي چيو ته
مون توهان کي چيو ڪو نه ٿي ته اجهو ٿو يعقوب وٽان
ڍڳي ۽ اَن جي گهرڻ لاءِ ماڻهو اچي. بس پوءِ ته ڍڳو
اَن سميت سندس حوالي ڪيائون ۽ هن پاڻ کي اوچتو سڪل
ڪناري تي ڏٺو. مشهور آهي ته اهو هندو انهيءَ اناج
جي ذريعي عاليشان هلندي پڄنديءَ وارو ٿي پيو هو.
مٿيون مخدوم مرزا شاه حسن ارغون جو همعصر هو.
نورائي
مشهور ڳوٺ آهي.
شيخ اسماعيل قادري. پنهنجي زماني ۾ وقت جو صاحب ٿي
گذريو آهي. هن تي ساليانو وڏو ميلو لڳندو آهي.
]شيخ
محمد صلاح[. هاڻي سندا اولاد مان شيخ محمد صلاح پيڙهيءَ به پيڙهيءَ ورثي
جي ذريعي سجاده نشين آهي. هن ۾ خلق جو اعتقاد آهي
۽ بزرگيءَ جي حالت ۾ حياتي گذاري ٿو.
مخدوم عمر. تعلقي نورائيءَ جي قديمي مشائخن مان هڪ
وڏي ۾وڏو پير آهي.
اسحاق فقير. اصل ڪرهيلن جي ڳوٺ جو ماڻهو آهي. پر
نورائيءَ ۾ گذاري ويو. پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي
گذريو آهي. ماڻهن جو منجهس ڏاڍو اعتقاد هو.
علي اصغر. حضرت غوث الثقلين (پيران پير) جي اولاد
مان هاڻي وڏن کان مليل ورثي موجب بزرگيءَ ۽ ڪرامت
جي گادي سينگاري رهيو آهي. سندس حياتيءَ جو وقت
نيڪن جي وصفن سان سينگاريل آهي.
شال
مشهور ڳوٺ آهي.
شيخ اسماعيل قريشي. شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جي
اولاد ۽ ڪامل ولي آهي. شال جي سامهون ٽڪر جي پاسي
ڏانهن منهين جي نئن جي ڪناري تي آرامي آهي، سندس
اراده جي برڪت سان هڪ دنيا جا مشڪل مطلب پورا ٿين
ٿا.
ڦٽو
مشهور واهڻ آهي.
سيد قادر ڏنو شاهه. ميان اسحاق سڪريه، جنهن جو
بيان اڳتي ايندو
]180[
جي مريدن مان، هن وقت وڻندڙ حال ۾ وقت گذاري رهيو
آهي. سندس شاندار ڪرامتون ڏسي، ميان غلام شاهه خان
جيترو هن جو معتقد آهي اوترو ڪنهن جو به ناهي.
تازو گذاري ويو آهي.
دٻو
پليجار پرڳڻي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي.
سيد ڦتو. وقت جو پير ۽ زماني جو بزرگ ٿي گذريو
آهي. سندس درگاهه ننڍن خواه وڏن جي زيارت گاه ۽
حاجتمندن جي مراد آهي. مقرر ڏينهن تي انهيءَ تي
وڏو ميلو لڳندو آهي.
سميجا
مشهور ڳوٺ آهي.
ميان ڇٽو. سندس درگاهه انهيءَ ڳوٺ ۾ خدا وارن جو
مرڪز آهي.
اسحاق فقير سڪريو. پنهنجي ڏاڏي سڪريه جي ناهر هڪ
وڏي جماعت جو مرشد، چڱي حال ۽ نيڪ خصلتن جو ڌڻي ٿي
پيدا ٿيو آهي. درويشاڻي نموني جو نهايت پابند آهي.
درويش ڏاتار ڏنو. مٿئين ميان اسحاق فقير جو فرزند
هاڻي درويشيءَ ۽ ڪرامت ۾ وڏن جي قدم تي زندگي
گذاري ٿو.
]باب
ٽيويهون[
سونڊا، ڪينجهر، ساموئي، مڪلي جي ٽڪري،
۽ مڪليءَ تي مدفون بزرگ
سونڊا
سونڊا شهر جي نالي جو سبب هيءُ آهي ته هن ٽڪر تي
هڪ ڪامل فقير رهندو هو، جو سر سونڊر جي راڳ تي
ڏاڍو مهربان ٿيندو هو ۽ خوش ٿي محتاجن جون حاجتون
پوريون ڪنديون هو. تنهنڪري عام ماڻهن جي زبان تي
هي ٽڪر انهيءَ راڳ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ڄام
تماچي هن شهر جو بنياد رکيو ته به اهو ئي نالو
ڏنائينس- عوام "ر" جي تخفيف ڪري سونڊا چوڻ لڳا.
وڌيڪ علم الله وٽ آهي!
هڪ مشهور ڳوٺ آهي. سندس ويجهو آڳاٽي سمي ۾ هيم ڪوٽ
نالي پراڻو قلعو هوندو هو. ۽ هاڻي هندن جو تيرٿ
آهي. هڪڙي ٽڪر مان پاڻي سمي ٿو. انهيءَ جي هيٺان
هڪ قدرتي چشمو "جهم" جي نالي آهي اتي هڪ پٿر آهي
جو هندو قوم پوڄا لاءِ کوڙيو آهي. چون ٿا ته
انهيءَ ڳوٺ جي مخدومن اهو پٿر ڪئين دفعا کڻي
درياءَ ۾ اڇلايو هو پر وري به ساڳئيءَ جاءِ تي
قائم ڏسي بس ڪري ويهي رهيا.
مخدوم رمضان ويداني. ناليرو پير ۽ شاندار ڪرامتن
جو ڌڻي، عام مخلوقات جو زيارت گاهه ۽ خدا کي پهتلن
جو مرڪز آهي.
مخدوم ملا آري. هڪ ڪامل مشائخ ۽ سيد علي شيرازيءَ
وڏي جو مريد هو، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندوَ. چون ٿا
ته، ڪينجهر ڍنڍ جا ملاح ۽ مڇي ماريندڙ قوم گندرا
اصل سندس مريد هئا. جڏهن هيءُ مٿئين سيد جي خدمت ۾
مريد ٿيو، تڏهن انهن کي نذر طور انهيءَ سلسلي ۾
داخل ڪيائين. اڄ تائين اها قوم انهيءَ دستور موجب،
سيد علي شيرازي جي اولاد وارن سيدن سان تعلق رکندي
اچي.
ملاآري اصل هنڊ قوم مان آهي، سندس مزار انهيءَ
جاءِ تي عام خلق لاءِ زيارت گاهه آهي.
]مخدوم
ملا بايزيد[. سندس پٽ مخدوم ملا بايزيد پڻ بزرگيءَ ۽ فقيريءَ سان موصوف ٿي
رهي ويو آهي. ۽ پيءُ جي ڀرسان دفن ٿيل آهي.
]ملا
ابوبڪر[. ملا بايزيد جو پٽ ملا ابوبڪر پڻ پيءُ ۽ ڏاڏي وانگيان چڱيءَ
حالت ۾ گذريو آهي. انهيءَ کان روايت آهي، چيائين
ته "وجد جي حالت ۾، مون کي پيءُ فرمائيندو هو، ته
وڃي ڪو ڪامل مرشد ڳولي هٿ ڪر، ۽ ڪڏهن ڪڏهن، سيد
عبدالڪريم جو نالو به کڻندو هو. نيٺ، هڪ ڏينهن،
ٻيڙيءَ ۾ ويٺو هوس ته ڪڪر پيدا ٿيو. انهيءَ مان هڪ
مرد مون تي پرتو وڌو ۽ جيڪي مليو سو اتان مليم".
ملا نارو. مٿي ذڪر ٿيل وڏن جو پشت به پشت جانشين ۽
سلوڪ جي گاديءَ تي ويهي چڱي رستي تي هلندڙ هو.
ڪنجهر ڍنڍ
سونڊا ۽ جهم جي سرزمين جي ويجهو، هڪ نهايت ڪشادي
خليج آهي. هن خليج (نار) جي ڪناري تي ڪيترن ئي وقت
جي صاحب درويشن الله جي يادگيريءَ ۾ وقت گذاريو
آهي. هتي ڄام تماچي پنهنجي محبوبه نوريءَ لاءِ، جا
گندرا قوم جي هئي ۽ مٿي بيان ٿي آئي، هڪ عاليشان
محلات ٺهرائي هئي. هاڻي خود ڄام وانگيان انهيءَ جو
به نالو نشان ڪو نه آهي.
ساموئي
سنہ 775هه ۾ اڏيل، محمد طور، شهر جي برباديءَ کان
پوءِ
]181[
جو درڪ پرڳڻي ۾ سلطان علاءُالدين جي لشڪر جي آمد ۽
سومرن سردارن جي طاقت برباد ٿي وڃڻ ڪري ملڪ[رهاڪن]
سميت ويران ٿي ويو. سمن ڄامن اهو شهر ۽ پراڻو
قلعو، جو ڪلا راجا جي نالي پويان ڪلاڪوٽ سڏبو هو ۽
ٻيهر وري ٻئي اڏيندڙ يعني ڄام تغلق جي نالي پويان
تغلق آباد سڏجڻ لڳو، وري ٻڌايو پر اتفاقاً ٻئي اڻ
پورا رهيا. شهر ٿورا ڏينهن تخت تاهه رهي ٺٽي ڏانهن
منتقل ٿي ويو ۽ قلعو اڄ تائين پنهنجي پراڻي نالي
ڪلاڪوٽ سان مشهور آهي.
چون ٿا ته انهيءَ قلعي ۾ هڪ تمام وڏو نانگ آهي.
اڳوڻي زماني ۾ سندس مٿو هن زمين ۾ هئو ۽ پڇ
هندوستان جي ڪنهن حصي ڏانهن. جيستائين هن صورت ۾
هو، تيستائين هندوستان جو اهو پاسو سنڌ جو تابع هو
مگر گهڻي وقت گذرڻ ڪري قدرت الاهيءَ سان انهيءَ
نانگ مٿو هندوستان ڏانهن ۽ پڇ هن زمين ۾ ڪيو آهي.
انهيءَ وقت کان وٺي سنڌ هندوستان جي تابع ٿي پيئي
آهي.
ساموئيءَ جي عجائبات مان هڪ ستن پاڪ نياڻين جي
زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو واقعو آهي.
ڇوڪرين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو واقعو. چون ٿا ته
سومرن جي اولاد مان، ست سهڻيون، پاڪدامن، تارڪ
دنيا ۽ خدا پرست ڇوڪريون هونديون هيون، جيڪي تلهار
جي ڳوٺ ۾ شاديءَ جي لالـچ رکندڙ ماڻهن جي ظلم کان
پاسو ڪري، اصحاب ڪهف وانگيان، گمناميءَ جي گوشي ۾
رهنديون هيون. انهن ڏينهن ۾ سيد يعقوب مشهدي، جنهن
جو بيان اڳتي ايندو، ڏاڍي پيراڻي شان شوڪت سان اچي
اتان لنگهيو. مٿيون ستئي ڄڻيون دشمن جي ڊپ کان هن
سيد جي امان وٺي اچي ساموئيءَ ۾ پهتيون. اتفاقاَ َ
هتي پڻ رئيسن جي هڪ ٽولي سندن خواهان ٿي پئي. پر
جئن ته هي راضي نٿي ٿيون، تنهنڪري کين قيد ڪرڻ
لاءِ هڪ لشڪر مقرر ڪيائون. هڪڙي ڏينهن، جيئن دستور
موجب، هيءُ باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ درياهه تي غسل ڪرڻ
لاءِ ويون هيون، تيئن، انهن، وٽن پهچي پنهنجي مطلب
جي گهر ڪئي. جنهن تي شيخ جندي پاتڻي حقيقت معلوم
ڪري ڇوڪرين کي درياءُ ٽپائي ڇڏيو. دشمنن پڻ انهيءَ
ڊپ کان ته متان ڪنهن پناه جي جاءِ تي پهچي وڃن،
سندن تعاقب ڪيو. جنهن صورت ۾ عاجزن لاءِ خدا پاڪ
کان سواءِ ٻي ڪا پناهه ڪانه آهي، تنهنڪري، انهن
پاڪ دامن ڇوڪرين، الله جي درگاهه ۾ ٻاڏائي زمين
کان پنهنجي ڍڪ ڍڪڻ جي درخواست ڪئي. اها زمين هڪدم
انهن ستن ئي ڇوڪرين کي ڳهي ويئي. انهيءَ ڏينهن کان
وٺي هيءُ واقعو دنيا لاءِ عبرت آهي ۽ انهن معصوم
نياڻين جو آرام گاهه عام خلق لاءِ زيارت گاهه آهي.
هاڻي ساموئي ۾ رهندڙ ڪن ٿورن ولين جو ذڪر ڪريون
ٿا.
]شيخ
حماد[. شيخ حماد بن شيخ رشيدالدين جمالي اُچ جي مشهور درويش قدوڏ
الواصلن (پهتلن جو اڳواڻ) شيخ جمال، جنهن جو بيان
ٿي آيو، جو ڏوهٽو، ساموئيءَ جي دامن هيٺان - جتي
هاڻي دفن ٿيل آهي - اتي ئي خانقاهه هوندي هيس،
سدائين منهن تي برقعو وجهيو حجري ۾ ويٺو هوندو هو.
طالبن جي جماعت حجري جي ٻاهران گڏ ٿي، گفتگو ۽ ڪشف
جي ذريعي شيخ کان ظاهري خواه باطني علم پرائيندا
هئا. ڄام جوڻي جي ڏينهن ۾ تماچي ۽ صلاح الدين شاهي
گهراڻي جا فرد ۽ ويجها مائٽ هئا. ٻنهي پيءُ پٽن کي
شيخ جي خدمت ۾ ڏاڍو ارادو ۽ نهايت قرب حاصل هو.
ڄام جوڻي کي اچي ڊپ ٿيو ته شايد شيخ هنن کي دعا
ڪري ملڪ جو والي بڻائي ڇڏيندو، سو مخفي طور، ٻنهي
کي قيد ڪري دهليءَ موڪلي ڇڏيائين. هن واقعي کان
پوءِ تماچيءَ جي ماءُ
]182[
هر روز صبح جو شيخ جي خانقاهه کي ٻهاري ڏيڻ لاءِ
ايندي هئي. هڪڙي ڏينهن شيخ جي نظر انهيءَ پوڙهيءَ
تي پئجي ويئي ۽ کانئس سندس پٽ ۽ پوٽي جو احوال
پڇيائين. هن رئندي احوال عرض ڪري سندن آزاديءَ
لاءِ ٻاڏايو.
]ٻڌڻ
سان[
شيخ جي عجيب حالت ٿي ويئي ۽ هڪدم سنڌي زبان ۾
شوقيه بيت، جن ۾ هنن جي ملڪ ۾ موٽي اچڻ ۽ حڪومت
سندن حوالي ٿيڻ ڏانهن پڻ اشارو هو، بلند آواز سان
پڙهيا. الله جي قدرت سان انهي ئي رات دهليءَ ۾،
پيءُ ۽ پٽ جي هٿن پيرن مان بند خلاص ٿيا ۽ شيخ جي
صورت ۾ هڪڙي ماڻهو سندن ازاديءَ جي راهه جو رهبر
بڻجي، کين اتان ڪڍي ڇڏيو، ۽ هنن نهايت تکن گهوڙن
تي سوار ٿي پنهنجي ملڪ جو رستو ورتو. چوڪيدارن کي
خبر پيئي ته ڏاڍو ڊوڙيا پر پوئين پيرين موٽي آيا ۽
کين رستو هٿ نه آيو. آخر منزلون طئي ڪري، کيبرن جي
ڳوٺ جي آسپاس پهچي، ڌڻ مان هڪ گهٽي جي گهر ڪيائون.
مخدوم نوح کيبرائي انهيءَ ڌڻ جو ڌنار هو، تنهن چين
ته "توهان کي ڄام تماچيءَ جو قسم آهي، متان ڌڻ جي
ويجهو آيا آهيو". تماچي حيران ٿي ڌنار کي چيو ته
"ملڪ جو والي ته ڄام جوڻو آهي، توهان ڪنهن جو نالو
کڻي رهيا آهيو؟" وراڻيائين "ته ائين برابر آهي، پر
ٽن ڏينهن کان غيب مان ڄام تماچي جو پڙهو ٻڌجي
پيو." تماچيءَ کي پڻ جيل مان آزاد ٿئي جملي ٽي
ڏينهن ٿيا هئا، جن ۾ خدا جي قدرت سان هيڏو پنڌ ڪيو
هئائين.
چون ٿا ته ڄام جوڻو، اهو تماچيءَ جي دعا وارو بيت
ٻڌي، پريشان ٿي، شيخ جي خدمت ۾ پهتو، ۽ چيائين ته
"توهان فقيرن کي حڪومت جي ڪمن سان ڪهڙو واسطو؟" هن
چوڻ تي شيخ نئين سر ڪاوڙجي فرمايو ته ”هن زمين جو
وارث مان آهيان. جنهن کي وڻندو تنهن کي ڏيندس“ ڄام
ڏکوئجي موٽي ويو. جلد ئي پيءُ پٽ اچي ساموئيءَ جي
درياءَ جي پرينءَ ڀر پهتا. پٽ اچي شيخ کي اطلاع
ڪيو، جنهن تي شيخ هڪ اڳڙيءَ جو ٽڪر ڪڍي چيو ته
”هيءَ هڪ ڪاٺيءَ مٿان ٻڌي، نشان طور، تماچيءَ وٽ
کڻي وڃو ۽ خوشيءَ سان اڳتي وڌو“. ڌڻيءَ جي مدد
سان، انهيءَ نشان جي آڏو، ازغيبي دنيا اچي گڏ ٿي.
جوڻي کي وڃي ڳالهه ڪيائون. جيستائين تيار ٿئي ئي
ٿئي تيستائين تماچي اچي مٿانس ڪڙڪيو. هن (جوڻي) جو
لشڪر نشان ڏسڻ سان اچي
]تماچيءَ
جو[ تابعدار ٿيو. آخر جوڻي، ناڪامياب ۽ ذليل ٿي، ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو
ڪو رستو نه ڏٺو ۽ ملڪ ۽ دولت تماچيءَ لاءِ ڇڏي
ويو. پيءُ ۽ پٽ مقرر مدت تائين حڪومت جون مرادون
ماڻيندا رهيا.
چون ٿا ته ڄام تماچي هڪ وڏي رقم شيخ جي خدمت ۾
نذراني طور پيش ڪري عرض ڪيو ته جڏهن جيڪي به مليو
اٿم سو توهان جي توجه ڪري مليو اٿم، تڏهن هاڻي
نئين سر مهرباني ڪريو ته هيءُ ملڪ منهنجي اولاد ۾
قائم رهندو اچي. شيخ فرمايو ته هن رقم مان منهنجي
خانقاه جي ڀرسان مسجد تعمير ڪراءِ ۽ سنڌ جي زمين
پنهنجي اولاد کي وراهي ڏي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ
تائين سموري سنڌ ۾، ڪڇ تائين، اڪثر زمين، سما قوم
جي هٿ ۾ رهندي اچي. مڪلي، جنهن جي نالي جو سبب
اڳتي بيان ٿيندو، واري مسجد اها ساڳي مسجد آهي.
چون ٿا ته انهيءَ کان اڳ سمن جو مقام پيرآر (پير
پٺو) هوندو هو. هاڻي شيخ جي اشاري تي، هر هڪ
ماڻهوءَ، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي قبو يا حجرو ٺهرايو
۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي آئينده لاءِ اهو دستور ٿي
ويو.
شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري. عرف لنگوٽي
(1) -
ساموئي ٽڪريءَ جي دامن ۾ - جتي دفن ٿيل آهي - اتي
قلندرانه نموني ۾ لنگوٽي ٻڌيو ويٺو هوندو هو. هن ۽
]183[
شيخ حماد جي وچ ۾ اڪثر محققانه گفتگو ٿيندي هئي.
پوين ڏينهن ۾ سيد محمد حسين عرف پير مراد جي ڄمڻ
جي خبر ڏني هئائين. ۽ ڄمڻ واري ڏينهن، سندس زيارت
لاءِ حاضر ٿي، مريديءَ جو اقرار ڪري، ٽئين ڏينهن
گذاري ويو. سندس وفات سنه 831هه ۾ ٿي.
ملا عبدالرحمان عرف ملا لٽر. اصل عباسي، هڪ وڏي ۾
وڏو مشائخ ۽ ولي اڪمل آهي. جيئن ته خوش طبع هوندو
هو، ۽ پنهنجي حالت کي لڪائڻ لاءِ ظرافت آميز
ڳالهين سان محفلون رنگين بنائيندو هو، تنهنڪري هن
نالي سان مشهور ٿي ويو. سما ڄام سندس نهايت معتقد
هوندا هئا ۽ وقت جا بزرگ سندس ڏاڍي تعظيم ڪندا
هئا. ساموئيءَ جي ڪناري ۾ دفن ٿيل آهي ۽ معرفت
وارن لاءِ زيارت گاهه آهي. سندس اولاد اڃا تائين
باقي آهي.
شيخ جهنڊو پاتڻي. سيد ميران محمد مهديءَ جونپوريءَ
جي نظر ڪرامت اثر مان فيض ياب آهي.
چون ٿا ته، جڏهن مٿيون سيد، ٺٽي ۾ آيو هو ۽ ظاهري
عالمن جي اشاري تي ڄام نظام الدين اعتقاد ڀريو
سلوڪ نه ڪيو هو، بلڪ ٻئي ارادي سان ٻيڙيءَ تي
چاڙهي روانو ڪيو هو، تڏهن جنهن وقت ميربحر ٻيڙي گپ
۾ ڇڏي هليا ويا هئا، تنهن وقت، ازلي توفيق هن کي
اتي وٺي آئي ۽ اچي کين انهيءَ هلاڪت واري جاءِ مان
ٻاهر ڪڍي جيڪي پرائڻو هوس سو پرايائين. پڻ مٿي ذڪر
ٿيل ستن معصوم نياڻين جي دعا سان به چڱي توفيق جو
مالڪ ۽ بلند درجن جو صاحب بڻيو هو.
مطلب ته سندس درگاهه فيض جي جاءِ آهي. جيڪي بزرگ
مڪليءَ جي زيارت تي ايندا آهن، سي ابتدا يا انتها
هن سان ڪندا آهن ۽ سندس زيارت کي ڪاميابيءَ جي
ابتدا يا انتها سمجهندا آهن. ساموئي جا ڪجهه بزرگ
ٺٽي جي ذڪر ۾ پڻ ايندا. هتي انهن ٿورن نالن تي
اڪتفا ڪئي وڃي ٿي.
مڪليءَ جي ٽڪري
درياءِ عمان (عربي سمنڊ) جي ڪناري ۽ مڪران جي جبل
کي ڳنڍيندڙ هاڙهي ۽ پٻ وغيره جبلن جي ننڍي ۾ ننڍي
شاخ آهي. اگرچه
]ظاهر
۾[ گهٽ ۾ گهٽ درجي جو جبل ۽ هيٺاهينءَ ۾ هيٺاهين شاخ آهي، ليڪن
روح ۽ سرور ۾ سڀني تي فوقيت رکي ٿي ۽ زماني جي
عجائبات مان آهي. هر هڪ قدم تي ولين جو آرام گاهه
۽ هر هڪ وک تي پرهيزگارن جي مرڪز آهي. دين جا بزرگ
۽ تحقيق يقين جا صاحب ايترا ته منجهس آرامي آهن جو
هزارن مان هڪڙي جو به شمار ڪري نه سگهبو. سما ڄام
انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي عجيب جايون يادگار طور ڇڏي
ويا آهن. جهڙوڪ تغلق آباد عرف ڪلاڪوٽ جو قلعو جو
باوجود ڊهي وڃڻ جي اڄ به خالص روح ۽ سرور سان اهلِ
دل جي لاءِ قـُـوُت ۽ قـُـوَت آهي. اتي جي جامع
]مسجد[
اڏاوت جي خيال کان ٺٽي جي وڏي جامع
]مسجد[
کان ڏيڍوڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
پراڻي زماني ۾ سهسه لنگ جي تلاءَ تي عاليشان
محلاتون ٺهيل هيون جن جو گهڻي زماني گذرڻ ڪري ڪو
به نشان ڪو نه رهيو آهي. آڳاٽي زماني کان رسم ٿي
ويئي آهي ته هر هڪ طاقت وارو بادشاه، امير يا
دولتمند ماڻهو، يادگار طور، اتي ڪا نه ڪا مضبوط
جاءِ ٺاهيندو هو. اهو دستور اڄ تائين هلندو اچي.
اتي جي بي انداز ۽ بيشمار ولين، جي ڪن جي چوڻ موجب
سوا لک اتي آرامي آهن، بابت ڪيترو چئي ڪيترو چئجي.
ڇاڪاڻ ته سڄي تفصيل جو علم ناممڪن آهي. باقي
معلومات آهر، برڪت خاطر، ڪن ٿورن مشائخن جو ذڪر
ڪجي ٿو.
نالي جو سبب. نالي جو سبب هيءُ آهي ته الله وارن
مان هڪ بزرگ حرمين شريفين جو ارادو رکي اچي هتي
لٿو. ۽ اهڙي حالت پيدا ٿيس جو هڪدم وجد ۾ اچي سماع
شروع ڪري ڏنائين ۽ وجد جي جوش ۾
]184[ چوڻ لڳو ته "هذه مکته لي" (هي ٽڪري منهنجي لاءِ مڪه آهي). جنهن
صورت ۾ هي لفظ بار بار دهرايائين ۽ سندس زبان ۾
تاثير هو، تنهن ڪري عام ماڻهن جي زبان تي هن
ٽڪريءَ جو نالو تخفيف سان مڪلي (مڪته لي) رهجي
ويو.
ڪن جي چوڻ موجب انهيءَ نالي سان هڪ پاڪدامن، الله
واري عورت، اتي مڪليءَ واري مسجد جي محراب جي
پويان دفن ٿيل آهي. هيءُ نالو مٿئين شيخ حماد جي
اشاري سان پهريائين مسجد تي پيو ۽ پوءِ سڄي ٽڪري
انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آئي. بهرحال ڏسڻ وٽا جاءِ
آهي خصوصاَ برسات جي ڏينهن ۾ منجهس مٺي پاڻيءَ جا
تلاءَ ڀرجي بيهندا آهن ۽ هر طرف قدرتي ساوڪ الله
پاڪ جي قدرت جي نشاني ۽ آئي وئي لاءِ وقف هوندي
آهي.
|