]باب
ٽيون[
بنو اميه گهراڻي جي خليفن جي گورنرن جو طبقو(1)
جڏهن محمد بن قاسم سنڌ کي فتح ڪيو، تڏهن مٿي ذڪر
ڪيل دستور موجب ”احنف بن قيس بن رواح“ اسدي اروڙ
جو گورنر رهيو، ۽ ٻيا ماڻهو پڻ مٿي بيان ڪيل طريقي
موجب، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي حڪومت تي قائم رهيا.
ٻن سالن کان پوءِ، هندستان جا ماڻهو باغي ٿي ويا،
باقي ديبالپور جي سرحد کان وٺي سمنڊ تائين اسلامي
گورنرن جي هٿ ۾ رهيو.
ٿوري وقت کان پوءِ ”ابو حفص قتيبه بن مسلم“ ،
حجاج جي طرفان اچي، جيڪي ماڻهو اسلام جي شرف سان
مشرف نه ٿيا هئا، تن تي جزيو رکي، پنهنجا نائب
ڇڏي، خراسان هليو ويو. انهيءَ کان پوءِ جلد،
”تميم بن زيد“ پڻ حجاج جي طرف کان آيو. تنهن کان
پوءِ، 96هه ۾، خليفي ”سليمان“ طرفان ”عامر بن
عبداالله“ کي سنڌ جي گورنري ملي، ۽ 100 هجري ۾
خليفي ”عمر بن عبدالعزيز“ (رضي الله عنه) جي
طرفان ”عمرو بن مسلم“ هندستان جي جهاد تي آيو، ۽
هن ملڪ جو ڪجهه حصو فتح ڪري، سنڌ جي ڪن بادشاهن کي
مسلمان ڪيائين، جي وري خليفي ”هشام“ جي زماني ۾
مرتد ٿي ويا.
جيئن پهرين جـُـلد ۾ بيان ٿي آيو، ”سليمان بن
هشام“ (1)
مروان جي لشڪر مان ڀڄي، سنڌ ۾ آيو هو ۽ بي فرماني
ڪري سنڌ ۾ رهجي پيو هو، جڏهن ”سفاح“
(2)
خلافت جي
]تخت
[
تي ويٺو، تڏهن وڃي انهيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو(1).
”بني اميه“ خليفن جي گورنرن جي حڪومت جو دور
133هه تائين رهيو. هن طبقي جو سارو عرصو، 93هه جي
ابتدا کان وٺي، بيان ٿيل انتها تائين، چاليهه سال
آهي. بني اميه خليفن جا گورنر جڏهن هيتري انداز ۾
سنڌ جي حڪومت ڪري چڪا، تڏهن هاڻي ”بنو عباس“
گهراڻي جي گورنرن جو وارو آيو - پر، پهريائين
گذريل زماني جا ڪي پويان حالات
]بيان
ڪرڻ[
ضروري آهي، جيئن هي نسخو مقصودي حالات مان ننڍن
خواهه وڏن احوالن جو جامع هجي. مخفي نه رهي، ته
جڏهن سنڌ تي بنو اميه جا گورنر راڄ ڪري رهيا هئا،
تڏهن سنڌ جا ڪي بادشاهه، ظاهري ڏيک لاءِ، وقت جي
بادشاهه جي اطاعت تي قائم هئا، جن مان ”دلوراءِ“
به هڪڙو هو. هو ”راءِ“ گهراڻي جي نسل مان هو، ۽
”دلور“ جي شهر ۾ رهندو هو، جو سندس نالي پٺيان
سڏيو ٿي ويو، ٻيو ”ڀنڀور راءِ“ ڀنڀور شهر ۾،
جنهن کي پاڻ اَڏايو هئائين، انهن ڏينهن ۾ هڪ عجيب
واقعو ٿيو، جنهن جو مختصر احوال شروع ڪجي ٿو.
سسئي - پنهونءَ جي احوال جو بيان
”تانيه“ نالي هڪ برهمڻ، ”منڌر“ نالي پنهنجي
زال سان، سکيو ستابو، ”دلوراءِ“ جي حڪومت ۾،
”ڀانڀر واهه“ (برهمناباد) ۾ رهندو هو. هو ٻئي
فرزند جا طالب هئا. ٿوري وقت کان پوءِ، انهن کي هڪ
اهڙي ڌيءَ ڄائي، جنهن جي حسن تي چوڏهينءَ جو چنڊ
به ريس ڪري رهيو هو.
]23[
اتفاقاً، سندس طالع ۾ ڏسڻ تي معلوم ٿيو، ته هوءَ
هڪ مسلمان جي زال ٿيندي. آخرڪار، ڌرم جي عار کان
بچڻ خاطر، ڦـَـٽيل دل سان، انهيءَ دُرِ يتيم کي
صندوق جي صدف (سپ) ۾ رکي، درياه ۾ لوڙهي ڇڏيائون.
اتفاقاً انهيءَ صندوق کي پاڻي ”ڀنڀور“ ڏانهن
لوڙهي کڻي آيو. انهيءَ شهر ۾ ”منهيه“ ۽ ڪن جي
چوڻ موجب ”لار“ ، نالي هڪ ڌوٻي رهندو هو، جنهن کي
پنج سؤ شاگرد هئا، پر ٻار ڪونه هو. صندوق جڏهن
شاگردن جي اڳيان اچي لنگهي، تڏهين هو اها استاد وٽ
کڻي ويا. کولڻ تي، قدرت جي برج مان هڪ چنڊ اڀري
پيو. سندس نالو ”سسئي“ (چنڊ) رکي، کڻي پنهنجو
ٻار بنايائين. هوءَ جڏهن جوان ٿي، تڏهن سندس محبت
جي نشتر سڀ ڪنهن سهڻي جي دل ۾ چـُـڀي وئي، ۽ جنهن
به کيس ٿي ڏٺو، سو سندس خريدار ٿي ٿيو. اڪثر ماڻهو
سندس عشق ۾ دل ڦرائي ويٺا، ۽ جتي به وهندي هئي،
اُتي سندس چوڌاري ڪَتيءَ وانگر حلقو ٻڌندا هئا، ۽
سندس شوق ۾ پکيءَ مثل اڏامندا هئا! انهيءَ زماني
۾، ڪيچ ۽ مڪران جا قافلا واپار لاءِ هـِـن پاسي
ايندا هئا، جن وڃي هن چنڊ جي ٽڪر جي خبر ڪيچ جي
حاڪم جي پٽ ”پنهونءَ“ وٽ پهچائي. هو ٻڌڻ سان دل
کسائي ويٺو، ۽ قافلي وارن جو ويس پهري ڀنڀور ۾
آيو، جتي سسئيءَ کي ڏسي، دل هٿن مان نڪري ويس.
نصيب چڱي هجڻ ڪري، طالب کي پڻ مطلوب جي دل ۾ جاءِ
ملي، ۽ وصال جي اميد ۾، هن جي پيءُ جي شاگردي
اختيار ڪري، ڌوٻيءَ جو لباس پهريائين. (هن وچ ۾
ڪيئي احوال آهن، جن جي بيان کان طوالت جي خوف کان
واڳ ڦيرايون ٿا). قـصو ڪوتاهه - سسئي، پنهونءَ تي
گهڻو مفتون ٿي پيئي، ۽ جيئن رسم آهي، ڪهڙيءَ
سوناريءَ عورت پنهنجي مطلب خاطر، هنن ٻنهي طالب ۽
مطلوب کي ڦٽائڻ جي فڪر ۾ پئجي، پنهونءَ کي غيرت
ڏياري، سسئيءَ کان رنجيدو ڪري وڌو. هوڏانهن سسئي،
جا عشق ۾ سچي هئي، تنهن پاڻ کي باهه جي مچ مان
خالص سون وانگيان پاڪ ۽ صاف ٻاهر ڪڍي ڏيکاريو،
جنهن تي سڀ ماڻهو عبرت کائڻ لڳا. ٿوري وقت کان
پوءِ، طالب (عاشق) جي مطلوب (معشوق) سان سهڻي
نموني سان شادي ٿي. هوڏانهن، پنهونءَ جي پيءُ هن
حال کان واقف ٿي، ٻين پٽن کي چيو، ته ”ڪيئن به
ڪري انهيءَ دل ڦرايل کي وٺي اچو“ . هنن اچي
پنهونءَ سان ملاقات ڪئي، ۽ مهمان ٿي، رات جي وقت
سسئيءَ کي بي خبريءَ جي حالت ۾ ڇڏي، پنهونءَ کي
ڪڙي، اٺ تي سوار ڪري، پنهنجي ملڪ روانا ٿي ويا.
سسئي پوئينءَ رات جو جاڳي، ته پنهنجي بخت بيدار جو
مـُـلڪ ننڊ جي لشڪر هٿان لٽيل ڏسي، بي اختيار،
ڪپڙا ڦاڙي، اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي محبوب جي پويان
پئجي، شوق جي قدم سان سخت ڏونگر ڏورڻ لڳي. اٽڪل
چاليهه ڪوهه پنڌ ڪري چڪي، ته اڃ کان بيتاب ٿي ڪري
پيئي، ۽ جيئن ڪو ماڻهو سڪرات جي وقت زمين تي ڇڙيون
هڻندو آهي، تيئن زمين تي پير مهٽڻ لڳي. خدا جي
قدرت سان، زمين ۾ پاڻيءَ سان ڀريل هڪ تلاءُ پيدا
ٿي پيو، جنهن مان پاڻي پي تازي تواني ٿي. معتبر
ماڻهن کان ٻڌو ويو آهي، ته اهو تلاءُ اڃا تائين
پاڻيءَ سان ڀريل رهندو آهي، ۽ کڻي ڪهڙا به ڏڪر جا
سال ايندا آهن، پر اهو ڪنهن به وقت خشڪ نه ٿيندو
آهي. هن واقعي کان اڳ ۾ سسئيءَ رات جو ميندي لاتي
هئي، ۽ دستور موجب جيڪا مينديءَ جي ٽاري هٿ ۾ ڪري
ستي هئي، سا سجاڳيءَ کان پوءِ به هٿ ۾ هيس، جا پاڻ
سان کڻي نڪتي هئي، سا انهيءَ تلاءَ تي پوکيائين.
قدرت سان انهيءَ ٽاريءَ مان سرسبز وڻ ٿيو، جو اڃا
تائين ان دل ڦٽيل جي يادگار طور قائم آهي. قصو
مختصر- تازي تواني ٿيڻ کان پوءِ سسئيءَ اتان اڳتي
ڪاهيو،
]24[ ۽ اٽڪل ڇهه ست ڪوهه ٻيا به جبل جو رستو جالي وئي. تنهن
کان پوءِ وري اڃ ۾ مبتلا ٿي. اتفاقاً، هڪڙي ڌنار
پريان ڏسي، منجهس لالـچ جي نظر وجهي، ويجهو اچي
کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ چاهيو، جنهن تي سسئيءَ
]هڪل
ڪري[
چيس ته ”اي بي انصاف! مان اڃ کان بيتاب آهيان ۽
تون منهنجي ڪڍ حيران آهين! توکي پهريائين ته مون
کي ڍؤ ڪرائڻ گهرجي.“ ڌنار تڪڙو تڪڙو ڌڻ ۾ ويو ته
هن لاءِ ڪجهه کير ڏهي، کڻي اچي. هيڏانهن سسئي، جا
يار جي ڏس کان نا اميد ٿي چڪي هئي ۽ پاڻ کي ههڙيءَ
مصيبت ۾ مبتلا ٿي ڏٺائين، دل جي درد مان الاهي
درگاهه ۾، جوئي بي چارن جو چاره ساز آهي، ٻاڏايو،
۽ انهيءَ غول بيابانيءَ کان پناهه گهري. الله پاڪ
جي قدرت سان جبل ڦاٽي پيو، ۽ جيئن لعل پٿر جي وچ ۾
هوندو آهي، تيئن انهيءَ دل ڦٽيل کي به پٿر جي دل ۾
جاءِ ملي، باقي
]عام
ماڻهن جي[ عبرت ۽ محبوب کي ڏس ڏيڻ لاءِ، سندس چادر جي چنـُـج ٻاهر
رهجي وئي. ڌنار کير کڻي آيو ۽ اچي قدرت الاهيءَ جو
تماشو ڏٺائين، ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ رسم موجب قبر جي
نشانيءَ لاءِ پٿر جو لوڙهه ٺاهي ڇڏيائين.
عشق ۽ محبت جا ڦٽيل هن طرح ڳالهه ڪن ٿا، ته جڏهن
پنهونءَ کي ڪڙي، پيءُ وٽ کڻي ويا، تڏهن هو اتي
ايترو ته بيقرار ٿيڻ لڳو، جو پڻس کي اچي سندس مرڻ
جي ڊپ ورايو، ۽ لاچار ٿي سندس ڀائر وري به ساڻس
گڏي ڏنائين، ته ”ڪيئن به ڪري سندس محبوب کي پڻ
وٺي اچو“ . موٽندي، سسئيءَ جي قبر وٽ پهچي، تازا
نشان ڏسي
]پنهون[
حيران ٿي بيهي رهيو. اندر جي ڇڪ کيس محبوب جو پتو
ڏنو. ظاهري ثابتيءَ خاطر احوال جاچڻ لڳو. اوچتو
مٿي ذڪر ڪيل ڌنار وقت تي پهچي، سربستو احوال
ٻڌايس.
]جنهن تي پنهون[
هڪدم اٺ تان لهي، ڀائرن کي چيو، ته ”ٿورو ترسو ته
مان هن لوڙهه جي زيارت ڪري وٺان“ . بس پوءِ ته پاڻ
کي لوڙهه جي مٿان ڦٽو ڪري، ڪريم ڪارساز جي درگاهه
۾ ٻاڏائي، محبوب جي وصال جي درخواست ڪيائين ۽ جنهن
صورت ۾ بيوسيلن جي وسيلي جي درگاهه ۾، ڪنهن به
اميدوار کي، نااميديءَ جي صورت ڏسڻي ڪانه پوندي
آهي، تنهن ڪري قادر باڪمال جي قدرت سان هڪدم جبل
ڦاٽي پيو ۽ کيس به جاڙي باداميءَ وانگيان هڪڙيءَ
ئي کل ۾ جاءِ ڏنائين. انهيءَ وقت کان وٺي هيءُ
عجيب قصو عام ماڻهن جي زبان تي جاري آهي، حال ۽
قال جا صاحب هيءُ احوال انهيءَ عاشق ۽ معشوق جي
واتان، جن مان هر هڪ درحقيقت عاشق به هو ته معشوق
به، سنڌي بيتن ۾ ’حسيني‘ سر ۾ ڳائيندا آهن، ۽
انهيءَ مجاز مان حقيقت جو رستو ڳوليندا ۽ لهندا
آهن، مطلب ته انهن ٻن واصلن جي تاثير سان، وجد ۽
سماع وارن کي عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي. ”مير
معصوم“ بکريءَ هن قصي کي ”مثنوي حسن و ناز“ ۾
بيان ڪيو آهي. تنهن کان سواءِ ”قاضي مرتضيٰ“
سورٺيءَ، ساڪن ديهه
]25[
’ڪتيانه‘ ، محمد شاهه بادشاهه جي زماني ۾ هڪ خاص
طرز ۾
]ان
کي[
نظم ڪيو هو.
نقل آهي، ته ”اسماعيل“ نالي هڪ ملتان جو رهندڙ
درويش، هنن ٻن عشق ۽ عاشقيءَ جي ملڪ جي شهنشاهن جي
زيارت لاءِ آيو، ۽ پنهنجي اٺ کي پري ڇڏي، ٻنهي جي
ديدار جي لالـچ رکي، ٽي ڏينهن بک تي ويهي رهيو. ٽن
ڏينهن کان پوءِ، هڪ پوڙهي عورت ڪجهه مانيون ۽ ٿورو
پاڻي کڻي ظاهر ٿي.
]درويش[
چيو، ته ”جيستائين سسئيءَ ۽ پنهونءَ کي نه ڏسندس،
تيستائين هرگز ڪجهه به نه کائيندس“ .
]ٻڍيءَ[
وراڻيو ته ”سسئي آءٌ آهيان، باقي پنهونءَ جي ڏسڻ
جي لالـچ ڇڏي ڏي، ڇاڪاڻ ته زماني تي اعتبار ڪونهي،
۽ آءٌ
]اڳيئي[
ڏيرن جي ڏڌل آهيان، هيءُ احوال
]بلڪل[
دردناڪ آهي“ . درويش چيو، ته ”مون کي پڪ ڪيئن ٿئي
ته تون سسئي آهين؟ ڇو ته سسئي نوجوان ۽ حسن واري
هئي ۽ تون ٻڍي عورت آهين“ . هن هڪدم پاڻ کي انهيءَ
اصلوڪيءَ جوانيءَ ۽ جمال ۽ ظاهر ڪري چيو، ته
”ٿورو کاءُ“ . درويش جواب ڏنو ته ”توهان ٻنهي جي
ڏسڻ کان سواءِ هرگز ڪابه شي نه کائيندس، اگرچه بک
۾ مري ويندس، ڇاڪاڻ ته مون اهڙو انجام ڪيو آهي“ .
آخر، گهڻي مبالغي ۽ قسم قسمات کان پوءِ، سسئي قبر
۾ وڃي پنهونءَ کي چيلهه تائين ٻاهر ڪڍيو، ليڪن
هوءَ چنڊ جهڙي پاڻ به ’جواز‘ وانگيان کيس ٻنهي
هٿن سان ڀاڪر ۾ وٺي بيٺي، ته متان اڳئين وانگر ڪو
کيس ڦري وڃي.
مطلب ته انهيءَ طريقي سان ڪيترن صفائيءَ وارن
بزرگن هن کي ڏٺو آهي. انهيءَ جاءِ تان اٺ تي سوار
ٿي لنگهندڙ لاءِ چڱائي ڪانه ٿيندي آهي، ۽ جيڪو وڃي
سندس قبر تي جاڳندو، ته باوجوديڪ اتي هن وقت
ويراني آهي، هو غيبي مهمان ٿي رهندو. هيءُ احوال
اجماليءَ طور ادا ڪرڻ کان پوءِ، اصلي مقصد ڏانهن
رجوع ٿيون ٿا.
_______
]باب چوٿون[
عباسي گهراڻي وارن جي گورنرن جو طبقو(1)
جڏهن ’عباسي‘ گهراڻي جو پهريون خليفو ”سفاح“
خلافت جي تخت تي ويٺو، تڏهن سن133 هه ۾ پهرين فوج(1)
سنڌ ڏانهن موڪلي، ’بنو اميه‘ جي گورنرن کان سنڌ
کسي ورتائين. چئن سالن کان پوءِ، ”ابو جعفر
منصور“ عباسيءَ سنڌ ۽ هند تي وري ٻيو لشڪر چاڙهي
موڪليو. هارون رشيد جي وقت ۾ فضل برمڪيءَ جو ڀاءُ
”موسيٰ برمڪي“ سنڌ جو گورنر ٿي آيو، ۽ جيڪا به
آمدني ٿـَـي ٿي، سا سخا ڪندو ٿي ويو، جنهن ڪري
موقوف ڪيو ويو، ۽ سندس جاءِ تي ”علي بن عيسيٰ بن
ماهان“ مقرر ٿي آيو. انهيءَ وقت ۾ ’ساڪوره‘
(ساڪرو) جي سرزمين ۾ ’ٿرڙيءَ‘ جو مضبوط قلعو،
’بڪار‘ جو شهر ۽ انهيءَ سر زمين يعني الهندي سنڌ
جون ڪي ٻيون وستيون، هڪ وڏي تبع تابع(2)
شيخ ابوتراب جي هٿان، جنهن جي مزار ٻين شهيدن (جي
مزارن) سان گڏ خدا وارن لاءِ زيارت گاهه آهي ۽
سندس گنبذ تي تعمير جي تاريخ 171هه لکيل آهي، فتح
ٿيون هيون، ۽ ڀنڀور جو شهر ۽ ٻيا مٿي بيان ٿيل ڳوٺ
ويران ٿي رهيا هئا، ۽ ماڻهو ٻين جاين ڏانهن لڏي
رهيا هئا. تنهن کان پوءِ، ”ابوالعباس“ سنڌ جو
گورنر ٿي آيو ۽ گهڻو عرصو اتي رهيو. مامون جي وقت
۾ هندستان جو ڪجهه حـصو وڌيڪ سندن گورنرن جي هٿ ۾
آيو]
26[. تنهن کان پوءِ، بغداد جي ”آل تميم“ جا ڪي ماڻهو سنڌ
جي حڪومت تي مقرر ٿيا. ’سامره‘ جا رهاڪو عرب پڻ
وڏي انداز ۾ تميم سان گڏجي سنڌ ۾ آيا، ۽ سڪونت
اختيار ڪيائون. گهڻي عرصي گذرڻ ڪري جيئن ’بني
تميم‘ مان بگڙي ”ٿهيم“ ٿي پيو، ساڳيءَ طرح
’سامره‘ وارن مان پڻ هزارن جي تعداد ۾ مستقل قوم
(قبيلو) ”سومرا“ تيار ٿي پيئي، جنهن ۾ ڪيئي سرڪش
سردار پيدا ٿيا، جن جو بيان اڳتي هلي ٿيندو.
نيٺ ”القادر بالله، ابو العباس احمد بن اسحاق بن
المقتدر بالله“ جي خلافت
]واري وقت[
۾، رمضان شريف 416هه جي وچ ڌاري، سلطان محمود
غازي، غزنيءَ کان ملتان پهتو، ۽ اچ هٿ ڪري، القادر
بالله جي ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيائين، مٿي ذڪر
ڪيل ابتدا موجب، عباسي خليفن جي گورنرن جي حڪومت
جو عرصو جملي ٻه سو ٽياسي سال آهي.
مخفي نه رهي، ته ’سومره‘ قوم (قبيلو) درحقيقت ٻه
سؤ ورهيه اڳي، سنڌ ملڪ جي ڪجهه حـصي تي غالب هئي،
پر جنهن صورت ۾ ڍل ڀريندا هئا، ۽ مسلمان حاڪمن جي
اطاعت جو ڳانو پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌيو ايندا هئا،
تنهن ڪري انهن جو ذڪر نه ڪيو ويو، بلڪ غزنوين،
غورين ۽ دهليءَ جي شهنشاهن جي گورنرن جي بيان کان
فارغ ٿيڻ کان پوءِ، سندن حڪومت جي علحدي ذڪر ۾،
انهن جا ڪي نالا ۽ احوال ذڪر ڪيا ويندا.
]باب
پنجون[
غزنوين ۽ دهليءَ جي شهنشاهن غورين جي گورنرن جو
طبقو
پهريائين سلطان ”محمود“ غازيءَ جي وزير
عبدالرزاق سنہ 417 هه ۾ بکر جي فتح کان فارغ ٿي،
سيوستان ۽ ٺـٽي پهچي، بنو اميہ ۽ بنو عباس جي
ماڻهن مان انهيءَ ملڪ ۾ ڪو به ڪونه ڇڏيو(1).
صرف اهي چند ماڻهو جيڪي فضيلت ۽ چڱيءَ حالت جا
مالڪ ۽ اهل عيال جي پابنديءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل
هئا، سي شرعي عهدن ۽ وظيفن تي قائم رهيا. نسب جي
ڄاڻن اهڙا ارڙنهن(18) قبيلا ثابت ڪيا آهن، جن مان
”ثقفي“ ، بکر ۽ اروڙ جي قاضين جو قبيلو، موسيٰ بن
يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ
جي اولاد مان آهي. عربي زبان ۾ سنڌ جي فتح جي
تذڪري جو پهريون لکندڙ، ”قاضي اسماعيل“ بن علي
بن محمد بن موسيٰ بن طائي(1)
اُنهن مان آهي. سندس ڏاڏي بزرگوار موسيٰ بن يعقوب
کي محمد بن قاسم اروڙ جي قلعي فتح ڪرڻ وقت اتي جي
قضا ۽ خطابت
]جي
عهدي[ تي ڇڏيو هو. ”تميمي“ ۽ ”آل مغيره“ ، جيڪي لهجي جي
مـَـٽ سـَـٽ جي ڪري هو ’ٿهيم‘ ۽ هو ’موريه‘ ٿي
پيا آهن. ’عباسي‘ ، ’صديقي‘ ، ’فاروقي‘ ۽
’عثماني‘ آهن، جن جو اولاد اڄ تائين ساريءَ سنڌ ۾
رهي ٿو،
]حضرت[
”حارث“ جي اولاد مان ’پنهور‘ آهن، ’منگي‘
قوم(قبيلو) ’تميمين‘ جي هڪ شاخ آهي، ”جبريه“
(2)
قبيلو، جن مان هالاڻيءَ وارو ’شيخ طائي‘ آهي،
”بني اسد“ قبيلو- جن مان ’شيخ ترهه‘ ، فتحپور ۾
بيان ٿيندو، ”آل عتبه“ جو قبيلو، جن مان ’قاضي
برهان‘ ساڳيءَ فتحپور ۾ موجود آهي، ”بنوائيءَ“
جي صوفين جو قبيلو- جن مان ’ريل‘ جا ڪي درويش
آهن، ”حاڪم“ جو اولاد، جهانگارن واري ”باجر“
قوم(قبيلي)، ’جريمه‘ انصاريءَ جو اولاد، جن مان
”سپيه“ قوم (قبيلو(سيوستان
]27[
جي مالڪ آهي، ۽ جت ۽ بلوچ ”محمد بن هارون“
مڪرانيءَ(1)
جو اولاد آهن، وڌيڪ فائدي لاءِ، جتن ۽ بلوچن جي
شجري جو تفصيل مختصر طور ڏجي ٿو.
جتن ۽ بلوچن جو شجرو
محمد بن هارون مڪراني، جنهن جو ذڪر مڪرانَ جي
گورنرن جي سلسلي ۾ ٿي آيو، ۽ جو سنڌ جي فتح وقت
محمد بن قاسم سان ارمن ٻيلي (لس ٻيلي) تائين آيو
هو، ۽ اتي ئي وفات ڪري دفن ٿيو هو، سو نسب جي
عالمن جي فيصلي موجب، جنهن جي جوابداري انهن تي
آهي، ”محمد بن امان بن عبدالرحيم بن حمزه بن
عبدالمطلب“ جو پٽ هو.
ڪنهن وقت امير حمزو رضي الله تعاليٰ عنه شڪار ڪندي
وڃي ڏورانهين ملڪ ۾ نڪتو، ۽ رڻ پٽ ۾ اڪيلو رهجي
ويو. جنهن صورت ۾ خدا تعاليٰ جون پنهنجن خاص بندن
سان مهربانيون هونديون آهن، تنهن ڪري انهيءَ رڻ پٽ
۾ سندس وندر لاءِ هڪ پري پيدا ٿي، ۽ خدا جي حڪم
سان سندس لاءِ حلال ٿي. هڪ صحبت کان پوءِ اها
وحشت، اڪيلائي ۽ ٿڪ دور ٿي ويا، تڏهن خدا تعاليٰ
جي حڪم سان پري نظر کان غائب ٿي ويئي، ۽ امير
(حمزو) پنهنجي ملڪ واپس موٽي آيو، مٿينءَ پريءَ
کي ”عبدالرحيم“ پٽ پيٽ ۾ ٿيو، ۽ ڄڻيائين.
قصو مختصر، ته محمد بن هارون کي ستن زالن مان
پنجاه پٽ ڄاوا: 1- عيسيٰ، 2- مهران، 3- حجاز، 4-
سهتڪ، 5- بهرام، 6- رستم ۽ 7- جلال، هڪ ماءُ نالي
”حميرا“ مان آهن، 1- مزيد، 2- جمال، 3- راڌو، 4-
بهلول، 5-شهاب، 6- نظام، 7-جلال ۽ 8- مريد، هڪ
ماءُ نالي ”حميريءَ“ مان، 1- رودين (شايد
رائڏنه)، 2- موسيٰ، 3- نوتي، 4- نوح، 5- منده ۽ 6-
رضي الدين، ”مريم“ مان، جلال، ”عائشه“ مان،
1-آدم، 2-ڪمال، 3- احمد، 4-حماد، 5-حامد، 6-سعيد ۽
7- مسعود، مسمات ”مديءَ“ مان، 1- شير، 2- ڪوهه،
3- بلند، 4- ڪدڪ، 5- نور الدين، 6- حسن، 7-حسين،
8- سليمان ۽ 9- ابراهيم، ”فاطمه“ مان، 1- عالم،
2- علي، 3- تيرڪش، 4- بهادر، 5- تيغ زن، 6- مبارڪ،
7- ترڪ، 8- طلحه، 9- عربي، 10- شيراز، 11- تاج
الدين ۽ 12- تخت گير، گلستان برگ ”حوا“ مان.
جڏهن ته
]محمد بن هارون[
حجاج جي حڪم موجب، جئين مٿي بيان ٿي آيو، مڪران کي
صاف ڪري گذريو هو، تنهن ڪري اتان جي زمينداري آس
پاس سميت اڌواڌ ڪري، هڪ اڌ جلال کي ۽ ٻيو اڌ سندس
ڀائرن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٿوري وقت کان پوءِ
ڀائرن ۾ جهڳڙو ٿيو، ۽ گهڻو اولاد ته ٻين قومن سان
گڏ (جيڪي ساڻن مليل هيون) انهيءَ ملڪ ۾ رهڻ لڳو.
باقي ’جلال الدين‘ جو اولاد ڀڄي اچي سنڌ ۽ ڪڇ ۾
پهتو، جن جو اولاد سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهي، ۽ بي
انداز راڄن ۾
]ورهايل[
آهي.
قوم لوڌه (لـَـڊا)
”لوده“ (لـَـڊا) قوم(قبيلو)، جنهن کي ”لوليان“
(لولا) پڻ سڏيندا آهن،
]انهن جي[
حقيقت هن طرح آهي، ته حـضرت سليمان، جنن جي هڪ
ٽوليءَ کي ڪجهه سـُـريتين خريد ڪرڻ لاءَ روم
موڪليو هو، رستي ۾ هڪ جن جو ”لوليا“ نالي هڪ
ٻانهيءَ سان ميلاپ ٿي ويو، ۽ سندس رحم (ڳهڻ) ۾
نطفو رهجي ويو. حضرت سليمان کي اها خبر پئي، ته
اها ٻانهي انهيءَ جن کي بخش ڪيائين، جنهن مان
”لوده“ (لڊي) نالي هڪ مرد پيدا ٿيو. گهڻي وقت
گذرڻ ڪري، سندس اولاد عربن ۾ گڏجي ويو، ۽ سنڌ فتح
ڪرڻ وقت هتي اچي رهيا، يا انهيءَ کان اڳ اچي هن
سرزمين ۾ رهيا هوندا.
سمه قوم جي شجري جو بيان
(جن جي بيان جي ضمن ۾ سنڌ ملڪ جي مخصوص تاريخ سان
لاڳاپو رکندڙ جملي احوال ظاهر ٿيندا).
”سام“ ، جو نسب دانن جي اختلاف جي بنا تي، هڪڙي
قول موجب ’عمر بن هشام بن ابولهب‘ جو پٽ آهي،
ٻئي قول موجب ’عمر بن عڪرمه بن ابي جهل‘ يا
’عڪرمه بن عصام بن ابوجهل‘ جو پٽ آهي، پر وڌيڪ
صحيح قول هيءُ آهي، ته هو ”جمشيد“ جي اولاد هو،
جيئن ’جام‘ (ڄام) جو لقب انهيءَ تي دلالت ڪري
ٿو، يا مرڳوئي ’سام بن نوح‘ عليه السلام جي
اولاد مان هو، تنهن کي چار پٽ هئا: هڪ ”بدها“ ،
جنهن جو اولاد، ٻدهه، سومره(1)،
سهته، ادا کهيل(2)،
اوتار، امره ۽ نهدير، وغيره، جملي سورنهن پٽ هئا،
جيڪي ”راٺوڙ“ جي لقب سان مشهور آهن، ٻيو ”سنگا“
، ٽيون ”همهر“ ، چوٿون ”ڀاڳرت“ ، جنهن کي هڪ پٽ
”ڏيره“
(3) نالي سان ڄائو، ۽ انهيءَ کي ”اجيپار“
نالي هڪ پٽ پيدا ٿيو، جنهن کي هڪ پٽ ”دسرت“
ڄائو. چون ٿا، ته دسرت کي ٽي زالون هيون: هڪ ڪسيلا
(ڪوشليا)، ٻي ڪيليه (ڪيڪئي) ٽئين سميا(4).
”ڪسيلا“ مان ٻه پٽ، ”رام“ ۽ ”لکمڻ“ (لڇمڻ)
پيدا ٿيا، ”ڪيليا“ مان هڪ پٽ، ”ڀرت“ نالي، ۽
”سميا“ مان هڪ پٽ ”چترگن“ نالي ڄائو. سنگا ولد
سام پڻ اولاد ڇڏيو. همهر بن سام کي پڻ ’تودر‘ جي
نالي
]سان
مشهور[
اولاد آهي. دسرت جي پٽ ڀرت جو اولاد ’پرهار‘ ،
’جانسپا‘ ’ڪوريجه‘ ، ۽ ’ناهه‘ جي نالي سان
باقي آهي. چـُـترگن ولد دسرت جو اولاد ’چـُـئرا‘
جي نالي سان مشهور آهي. ڀرت جي پٽ لکمڻ (لـڇـمڻ)
کي ڪو اولاد ڪونه رهيو. رام بن دسرت هڪ پٽ
”تواڪس“ نالي ڇڏيو، جنهن کي ”اتت“ نالي پٽ ٿيو،
انهيءَ کي هڪ پٽ ”تتت“ ، انهيءَ جو پٽ ”نرگنت“ ،
نرگنت جو پٽ ”ڪـِـن“ هو، ”ڪن“ جو شهر انهيءَ
جي نالي سان مشهور آهي، ڪن جي پٽ کي ’سنبوت
راجا‘ جو لقب مليو، سنبوت راجا کي چار پٽ ڄاوا:
هڪڙو ”سام“ ، ٻيو ”پرڪرره“ ، جنهن کي ’شاهه‘
پڻ چوندا آهن، ٽيون ”هنرت“ ، جنهن کي ’دکن‘ پڻ
چوندا آهن، ۽ چوٿون ”ماده“ . سنبوت راجا جي پٽ
سام کي ”جادم“ نالي پٽ پيدا ٿيو، جادم ولد سام
بن سنبوت کي چار پٽ ڄاوا. هڪڙو ”هسپت“ ، جنهن جو
اولاد ’سند سما‘ آهن، ٻيو ”ڪجپت“ ، جنهن جو
اولاد ’چغده‘ آهن، ٽيون ”ڀوڀت“ ، ’ڀٽي‘
قوم(قبيلو) انهيءَ جو اولاد آهي، چوٿون ”چوڙا
سما“ ، جنهن جو اولاد، ’سورٺ‘ جي سرزمين واري
ڪرنال (گرنار) جي قلعي جو حاڪم ”راءِ ڏياچ“ هو،
جنهن جي حشمت خلق ۾ آهي، ۽ جنهن پنهنجو سر الله جي
واٽ ۾ وقف ڪيو هو، سندس زال ’سورٺ‘ جي ساڻس عجيب
محبت هوندي هئي. انهن زال ۽ مڙس جي
]پاڻ
۾[
عشق ۽ محبت جي تاثير کان، سندس سر ڏيڻ جو موقعو
خاص ’سورٺ‘ جي سر ۾
]ڳائڻ
سان[
حال جي صاحبن جو هوش ڦري وٺندو آهي: هسپت ولد جادم
بن سام بن سنبوت راجا کي ”ابدري“ نالي هڪ پٽ
پيدا ٿيو، جنهن کي ”نيٿ“ نالي پٽ ڄائو، انهيءَ
مان ”نوتيار“ تنهن مان ”اودها“ ، انهيءَ مان
”اودهه“
]29[،
تنهن مان ”لاکيار“ ، انهيءَ مان ”لاکهه“
]پيدا
ٿيو[-
لاکي بادشاهي ڪئي هئي، هن ”بوڻهي جاره“
]قوم[
مان شادي ڪئي، جنهن مان چار پٽ پيدا ٿيا. انهن مان
هڪڙو ”اودهه“ هو، جنهن کي اولاد ڪونه ٿيو، ۽
”اودهه“ سندس رهڻ جي هنڌ جو لقب آهي، ٻيو ”مهر“
، جنهن کي چار پٽ هئا، 1- سيته، 2- دتيرهاٿاري، 3-
ورها (جنهن کي پڻ اولاد ڪونه ٿيو)، ۽ 4- ساند
(جنهن کي پڻ اولاد ڪونه هو). چون ٿا، ته مٿئين
لاکي پيريءَ ۾ ٻي زال پرڻي، جنهن مان چار پٽ پيدا
ٿيا، 1- انڙ، 2- ڇٽو، جنهن جو اولاد ’بابڙا‘ ،
”دنڪنه“ ۽ ’ڪلا‘ آهن، 3- ڦل لاکهه، مشهور
]قوم[
”ڦلائي“ انهيءَ جو اولاد آهن، ۽ 4- مناهيه. لاکي
جي پٽ انڙ کي ”لاکي“ نالي پٽ ڄائو، جنهن کي
”سمي“ نالي پٽ پيدا ٿيو. سمي بن لاکي بن انڙ بن
لاکي کي ٻه پٽ ڄاوا، 1- ڪاڪو ۽ 2- جکرو. ڪاڪو
حڪومت جو مالڪ ٿيو- ديهه ”ڪاڪا“ (شايد ڪڪڙ) سندس
نالي تي آهي، انهيءَ کي ٻه پٽ ڄاوا، هڪ پلي، ٻيو
رائدن (رائڏنه). پليءَ جي اولاد مان ”مسرق“ سمون
سردار ٿيو. رائدن ولد ڪاڪي کي نو پٽ ڄاوا، انهن
مان
]هڪ[
”سمه“ آهي، ’سميجا‘ انهيءَ جو اولاد آهن،
]ٻيو
”نوتيار“ ، سڀ ’نوت‘ انهيءَ جو اولاد آهن،
]ٽيون[
”لاکهه“ ، سندس اولاد آهن: ’لنجار‘ ، مخدوم
”سهار“ (ساهڙ) لنجار عليه الرحمت، جنهن جو بيان
مشائخن جي ذڪر ۾ ٿيندو، انهيءَ جي اولاد ۽ پيڙهيءَ
مان آهي،
]چوٿون[ ”ابڙو“ ، انهيءَ جو اولاد ’ڏاهرناهيه‘ ۽ ’فل ناهي‘
آهن،
]پنجون[
”ناهيه“ - ڪن جو چوڻ آهي، ته ناهيه ’رائده‘ جي
اولاد مان آهي(1)،
]ڇهون[
”چنيسر“ پڻ رائدن جي اولاد مان پنهنجي وقت ۾
مشهور معروف ٿي گذريو آهي،
]ستون[
”مناهيو“ ،
]اٺون[
”ڪوريو“ ، ’منڌرا‘
(1)
قوم(قبيلو) هنن ٽنهي جو اولاد آهي،
]نائون[
”پلي“ ، جو سردار ٿيو. کيس ٻه پٽ هئا: هڪ ”اودهه“
، جنهن جي اولاد کي ’بهريه‘ (ڀريا)، ’اودهيجه‘
(اڌيجا)، ۽ ’ڪوريه پوٽا‘ چوندا آهن، پليءَ جو
]ٻيو[
پٽ ”ساند“ نالي پڻ قوم(قبيلي) جو سردار ٿيو.
پليءَ جي پٽ ساند کي پڻ ست پٽ هئا: پهريون ”ڪاڪو“
- سندس اولاد ’ڪاڪيجا پوٽا‘ ، ٻيو ”جاڙو“ . سندس
اولاد ’جاڙيجا‘ ، ٽيون ”ويرو“ ۽ ڪن جي چوڻ
موجب ”نارو“ ، جنهن جو اولاد ”ناريجا“ آهي، پنجون(2)
”هڱورو“، سندس اولاد ’هڱورجا‘ ، ”اوڍيجا“، “
جڪسيا ” ۽ “ دورها ” (ڍورا) آهن، ڇهون ڏيرو، سندس
اولاد ”ڏيرا سما“، جي ڪڇ ۾ موجود آهن، ستون ”ڄام
هوٿي“. انهيءَ کي پنج پٽ جاوا: هڪڙو ”هالو“، سندس
اولاد ’هالار‘ قوم(قبيلو) مشهور آهي، ٻيو
”هڱورو“، جنهن جو اولاد ڍوري هڱوري، جار هڱوري ” ۽
رام دهين ۾ رهن ٿا، ۽ انهن جڳهين کي انهن ئي آباد
ڪيو آهي، ”ساهڙ“، سندس اولاد ’ساهڙ سما‘ ديهه
’ساهڙ سمي‘ جا باني ۽ رهندڙ آهن، چوٿون ”چيلاريو“
مشهور ’نهريه‘ قوم(قبيلو) انهيءَ جو اولاد آهي،
۽ پنجون ”ڄام هاپر“. ڄام هاپر کي ٻه پٽ هئا:
”راهوجو“ ۽ ”ڄام جوڻو“. ڄام جوڻي کي ”ڪرراهو“ نالي
پٽ پيدا ٿيو. ڪرراهوءَ کي ٽي پٽ ٿيا: پهريون
”ساند“، سندس اولاد ’راهوما‘ ، ’لاکاٽيا‘ ۽
’جکرا‘
]آهن[،
ٻيو ”سومره“ جنهن کي اولاد ڪونه رهيو، ۽ ٽيون
”لاکو“ ڄام. لاکي ڄام کي ”ڪاهي“ نالي پٽ پيدا ٿيو.
انهيءَ کي
]30[
“ لاکي ” نالي پٽ ڄائو، ۽ سندس (ڪاهي جي) مري وڃڻ
کان پوءِ، ٻيو پٽ ڄائو، جنهن جو پيءُ وارو نالو
”ڪاهو“ رکيائون. مٿئين ڪاهي جي ڀاءُ لاکي بن ڪاهي
کي ٻارنهن پٽ هئا: انهن مان هڪڙو ڄام ”جوڻو“ هو،
جنهن جي اولاد مان ’ساموئيءَ‘ جا ويٺل سنڌ جا
بادشاهه سما آهن (جن جو بيان پنهنجي جاءِ تي
ٿيندو)، ٻيو ”انڙ“، انهيءَ ’بهريه‘ (ڀريا) ۾
بادشاهي ڪئي، ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين، ٽيون ”پلي“،
هن جو اولاد ’پلي سما‘ ، چوٿون ”ڪاهو“، تنهن جو
اولاد ’سوڍياري سما‘ ، پنجون ”اوٺو“، ان جو
اولاد ’صاحب سما‘ ، ’اوٺا سما‘ ۽ ’سيکاٽ سما‘
ڇهون ”جيسر“، تنهن جو اولاد ’بهيه پريا‘ ، ستون
”منگر“، هن جو اولاد ڪونه رهيو، اٺون، ”ابڙو“-
سندس اولاد قوم(قبيلو) ’ابڙيجا‘ ، نائون ”هڱورو
ڪونر“، ڏهون ”سلطان“، انهيءَ جو اولاد سلطان
’اوٿهه (اوٺا)‘ ، يارهون ”رائدن“، ٻارهون ”لاکو“.
انهن مان هڱوري ڪونر کي ٽي پٽ پيدا ٿيا: هڪ
”ڏيسر“، ٻيو ”مناهيو“، ٽيون ”مراديو“. ڏيسر کي پنج
پٽ هئا: ”ڪاهو“، ”هالو“، ”رڪڻ“، ”هڱورو“، ۽
”جوڻو“. جوڻي بن لاکو بن ڪاهو مٿئين کي پڻ پنج پٽ
هئا: ”کهوريه“، ”تاجيه“، ”ابڙو“، ”بلوچ“ ۽
”بانبنيه“، بانبنيي (ڀنبو) جي اولاد جو بيان
عنقريب تفصيلوار سمن بادشاهن جي طبقي ۾ ٿيندو، جن
سنڌ جي بادشاهي ڪئي.
مخفي نه رهي، ته مٿئين تفصيل موجب، اڄ تائين،
سڄيءَ سنڌ،
]ملڪ[
گجرات تائين، جا اڪثر رهاڪو ’سمي‘ جو اولاد آهن،
۽ سنڌ گهڻو ڪري هنن ماڻهن سان آباد آهن. انهن کان
سواءِ بلوچ ۽ جت قومون ۽ ٻيا ڪي مٿي ذڪر ڪيل قبيلا
آهن، جي پڻ هن ملڪ جا قديم رهاڪو آهن، ٻيون آيل
قومون پويون آهن، پهريون هنن کي شمار ڪري سگهجي
ٿو. جنهن صورت ۾ ڊيگهه هن ڪتاب جو مقصد نه آهي،
تنهن ڪري ضروري مقدار تي، جو ڪجهه قدر حالات جي
تشريح لاءِ ڪافي هو، اڪتفا ۽ اختصار ڪيو ويو،
جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي زياده تحقيق ڪرڻي آهي، ته
ڀلي ڪري.
قصو ڪوتاهه، سلطان ”محمود“ جي گورنرن کان پوءِ،
سلطان ”مسعود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان ”مودود“ جا
ماڻهو، پوءِ سلطان ”مجدود“ جا ماڻهو، پوءِ سلطان
”قطب الدين” جا ماڻهو، تنهن کان پوءِ سلطان ”آرام
شاهه“ جا ماڻهو، جن مان هر هڪ جو بيان جـُـلد
پهرئين ۽ ٻئي ۾ مذڪور آهي، سنڌ
]31[
جي پرڳڻي کي قبضي ۾ ڪندا آيا. سلطان آرام شاهه جي
وقت ۾ بادشاهي چار حصا ٿي وئي. جن مان اُچ ۽
ساريءَ سنڌ تي ”ناصر الدين، قباچه“ جو حڪم جاري
ٿيڻ لڳو. انهيءَ وقت سنڌ جي سرزمين تي، انهن جاين
تي، جيڪي بيان ٿينديون، سـَـتَ راڻا ملتان جا ڏنَ،
ڀروُ هئا: پهريون راڻو ”سهتو“ (ڀؤنر) راٺوڙ،
رهندڙ ’ڊڀرو‘ تعلقو درٻيلو(1)
ٻيو راڻو ”سنر ولد ڌماچ“، ڪوريجو سمو، رهندڙ
’تونگ‘ جو ’روپاهه‘ جي حدن ۾ هو، ٽيون ”جيسر
ولد ججه (ججو)،“ ماڇي سولنگي، رهندڙ ’مانگتارو‘ ،
چوٿون ”وڪيو ولد پنهون“ چنو، ساڪن ’سيوئيءَ‘ جو
لڪ، پنجون ’چنو ولد ڏهٿہ (ڊيٿو)“، ذات چنو، ساڪن
’بهاگ‘ نئي (ناڙي)، ڇهون (جيو بن ورياه“، ساڪن
’جهم‘ يعني ’هيمہ ڪوٽ‘ ، ۽ ستون ’جسوڌن آگرو‘ ،
رهندڙ ’مين ٽڪر‘ تعلقو ’ڀانڀرواهه‘ .
مطلب ته جڏهن ’تاج الدين‘ بلدوز جي ماڻهن لاهور
فتح ڪيو، تڏهن بادشاهه ناصر الدين قباچه، ملتان ۾
قلعي بند ٿي ويهي رهيو ۽ سنہ 623 هجري جي پڇاڙيءَ
۾، ”ملڪ خان“ خلجي ۽ سندس تابعدارن سيوستان جي
پرڳڻي تي قبضو ڪيو، ته سلطان ”ايلتمش“ پنهنجي وزير
نظام الملڪ ”محمد بن ابي اسعد(2)
کي اُچ جي گهيري ڪرڻ لاءِ موڪلي، پاڻ دهليءَ هليو
ويو. نظام الملڪ، سنہ 625 هجري ۾، اُچ کي صلح سان
فتح ڪري بکر تي ڪاهيو، جنهن تي ناصر الدين ڀڄي
پنهنجي حياتيءَ جي ٻيڙي، موت جي ڪـُـن ۾ اڇلائي،
]انهيءَ کان پوءِ[
سلطان شمس الدين سنڌ جو مالڪ ٿيو.(1)
سنہ 630 هجري ۾، نور الدين محمود(1)
سنڌ جي گورنريءَ تي مقرر ٿيو. سنہ 633 هجري ۾،
سلطان ايلتمش گذاري ويو، ۽ ”مسعود شاهه“
]ملڪ
جو[
وارث ٿيو. انهيءَ عرصي ۾ مغلن جي لشڪر سنڌو ندي
ٽپي، اچي اُچ کي گهيرو ڪيو، پر سلطان مسعود جي
توجهه ڪرڻ تي، هو خراسان ڀڄي ويا.
سلطان مسعود، نور الدين جي جاءِ تي ملڪ ’جلال
الدين محمد‘
(2)
کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو، ايتري ۾ سلطان مسعود جو
چاچو ”ناصر الدين محمود“ تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو، ۽
649 هجري ۾ لاهور، ملتان، اچ، بکر ۽ ٻي سموري سنڌ
فتح ڪري، ملتان، اچ ۽ سارو سنڌ ملڪ ”سنجر“ جي
حوالي ڪري، موٽي ويو(3).
سنہ 662 هجري ۾ سلطان ”غياث الدين “دهليءَ جي تخت
تي ويهي، ملتان، لاهور ۽ سنڌ جو پاسو(1)
پنهنجي پٽ سلطان ’محمد‘ کي ڏنو، هو ٽن سالن کان
پوءِ، پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ دهليءَ ويندو هو، ۽
هڪ سال کان پوءِ موٽي ايندو هو.
سنہ 683 هجري ۾ سلطان محمد
(2)
چنگيز خان جي لشڪر هٿان
]33[
قتل ٿي ويو، ۽ دستور موجب
]مٿيون
ملڪ[ سندس پٽ ”ڪيخسرو“ کي مليو.
سنہ 693 هجري ۾، سلطان جلال الدين خلجيءَ لاهور
پهچي، ملتان ۽ اُچ پنهنجي پٽ ”ارڪلي خان“ کي ڏيئي
]باقي رهيل[
سنڌ جي حڪومت ”نصرت خان“ جي حوالي ڪئي.
سنہ 695 هجري ۾، سلطان ”علاؤ الدين“ پنهنجي ڀاءُ ”
الغ خان“ کي ارڪلي خان جي ڪڍي ڇڏڻ لاءِ روانو ڪيو،
۽ نصرت خان کي اڳئين وانگيان ڏهن هزارن فوج سان
ملتان، اچ، بکر، سيوستان ۽ ٺٽي تي قائم رکيائين(3).
سنہ 697 هجري جي اوائل ۾ ”صلديٰ“
(1)
مغل سيستان کان اچي سيوستان تي قبضو ڪيو، جنهن کي
نصرت خان ڏاڍي شان ۽ شوڪت سان آزاد ڪرايو(2).
سلطان علاؤالدين پڇاڙيءَ ۾ غازي ”ملڪ“ کي ڏهه هزار
سوار ساڻ ڏيئي، چنگيزخاني مغلن کي دفع ڪرڻ لاءِ
ديبالپور موڪليو، ۽ ملتان، اچ ۽ سنڌ جا پرڳڻا کيس
جاگير ڏنا.
انهيءَ عرصي ۾ ”خسرو خان“، سلطان علاؤالدين کي تخت
تان لاهي، تخت جو مالڪ بڻجي ويٺو(3).
انهيءَ تي غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر ساڻ وٺي،
وڃي خسرو خان کي لاهي، پاڻ ”سلطان غياث الدين“ جي
لقب سان، تخت تي ويٺو، انهيءَ وچ واري زماني ۾
سومرا ماڻهو، باغي ٿي، ٺٽي تي قبضو ڪري ويٺا(4).
سلطان غياث الدين، ملڪ ”تاج الدين“ کي ملتان،
”خواجه خطير“ کي بکر ۽ ملڪ ”علي شير“ کي سيوستان
تي مقرر ڪيو.
ٿوري وقت کان پوءِ، جڏهن ڪشلوخان ملتان ۾ بغاوت
ڪئي(1)،
تڏهن سلطان غياث الدين جو پٽ سلطان ”محمد شاهه“
سنہ 728 هجري ۾ ملتان پهچي، هن تي فتح حاصل ڪرڻ
کان پوءِ، بکر ۽ سيوستان تي معتبر ماڻهو مقرر ڪري،
موٽي ويو، ۽ سنہ 751 هجري ۾ وري ”طغي“
]نالي
هڪ[ غلام جي پويان پوندي، گجرات ۽ ڪڇ مان لنگهي، ٺٽي جي ملڪ
۾ پهتو، جتي ’ٿرڙيءَ‘ جي ديهه ۾ درياء جي ڪناري
تي منزل ڪيائين،
]پر
پوءِ[
تپ جي عارضي ڪري، اتان ڪوچ ڪري، ’ڪنڊل‘
(2)
۾ پهتو. چڱو ڀلو ٿيڻ کان پوءِ وري ٺٽي پهچي ٺٽي
کان چئن ڪوهن تي ڇانوڻي هنيائين، هتي هو بيماريءَ
جي وري اٿلڻ ڪري گذاري ويو، ۽ سلطان ”فيروز شاهه“
بادشاهيءَ جو وارث ٿيو.
طغي، جو ٺٽي ۾ ويٺو هو، هيءُ ٻڌي، سومرا، جاڙيجا ۽
سما ماڻهو ساڻ وٺي، جنگ لاءِ ڊوڙيو، پر شڪست
کاڌائين. سلطان، ساڳئي سال جي پهرين صفر تي، ٺٽي
جي آسپاس کان ڪوچ ڪري، ’سانڪري‘
(1)
درياء جي ڪناري تي، قلعي ٺهرائڻ جو حڪم ڪيو، ۽
امير ”نصر“ کي هزار سوارن سان اتي ڇڏيائين، جنهن
شهر ٻڌايو، ۽ انهيءَ جو نالو ”نصرپور“ رکيائون،
]ساڳئي
وقت[ ملڪ ”بهرام“ کي انهيءَ حد جو فوجدار ٿي رهڻ جو حڪم
ڪيائين. ”بهرام پور“ انهيءَ ڏانهن منسوب آهي.
]تنهن کان پوءِ[
ملڪ ”علي شير“ ۽ ملڪ ”تاج“ ڪافوريءَ کي سيوستان ۾
ڇڏي پاڻ بکر پهتو، جتي ملڪ ”رڪن الدين“ کي نائب
(گورنر) ۽ ملڪ ”عبدالعزيز“ کي ديوان مقرر ڪري،
اعتماد جوڳن ماڻهن جي ٽولي(2)
ساڻ ڏيئي، قلعي جو نگران ڪري ڇڏيائين، پڻ ملڪ رڪن
الدين کي ”اخلاص خان“(3)
جي لقب سان نوازي، سنڌ جي ڪاروبار جو مالڪ بڻائي،
پاڻ دهليءَ روانو ٿي ويو.
وري سنہ 772 هجري ۾، نگر ڪوٽ جو ارادو رکي، ٺٽي
پهتو. ٺٽي جو والي ڄام ”خير الدين“ ’آب‘ جي قلعي
۾ قلعي بند ٿي ويٺو ۽ لشڪر جو بچاءُ ڪندو رهيو.
سلطان، اناج جي قلت ۽ مڇرن جي گهڻائيءَ کان تنگ
ٿي، وري ٺٽي موٽي آيو(4).
ڄام خير الدين امان وٺي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جنهن کي
]سلطان[
ٻين زميندارن سان گڏ دهليءَ وٺي هليو. جڏهن
سيوستان جي آسپاس کيس ڄام جي ڀڄي وڃڻ جي ارادي جي
خبر پيئي، تڏهن کيس ڳٽ ۽ ٻيڙيون وجهارايائين. ٿوري
وقت کان پوءِ، ڄام ”جونه
]بن[
خير الدين“
(1)
کي سروپا عنايت ڪري، حڪومت واسطي موڪليائين.
سنہ 790 هجري ۾ فيروز شاهه گذاري ويو ۽ تخت جو
وارث سلطان ”تغلق شاهه“ ٿيو، تنهن کان پوءِ سلطان
”ابوبڪر“، پوءِ سلطان ”محمد شاه“، پوءِ سلطان
”سڪندر شاه“
(2)،
۽ پوءِ سلطان “ ناصر الدين ” دهليءَ جي تخت تي
ويٺو، هن سارنگ خان کي ديبال پور، ملتان ۽ سنڌ تي
قبضي ڪرڻ لاءِ موڪليو.
سنہ 800 هجري ۾ امير ”تيمور“ جو پوٽو ميرزا ”پير
محمد“ سنڌوندي ٽپي، اچي اُچ جي قلعي کي گهيرو ڪيو.
ملڪ علي، جو سارنگ خان جي پاران اتي هو، تنهن هڪ
مهيني تائين لڙائي جاري رکي،
]هوڏانهن[
سارنگ خان، ملڪ ”تاج الدين “ کي چئن هزار (جنگي
سپاهين) فوج سان سندس مدد ۾ موڪليو.
]اهو
ٻڌي[
مرزا ”پير محمد“، اُچ کي ڇڏي،
]پهريائين[ انهيءَ کي شڪست ڏيئي پوءِ وڃي ملتان کي گهيرو ڪيو. ڇهن
مهينن کان پوءِ سارنگ خان خدمت ۾ حاضر ٿي، ملتان
حوالي ڪيو. جلد ئي صاحبقران (امير تيمور) پڻ به
سنہ 801 هجري ۾ اچي ملتان ۾ منزل ڪئي. هن تاريخ
کان سنڌ جي حاڪمن تان دهليءَ جي بادشاهن جو رعب
لهي ويو، ۽ سنڌ جي حاڪمن خودمختياريءَ جو جهنڊو
کڙو ڪيو، جيئن
]اڳتي[
ذڪر ٿيندو.
]باب
ڇهون[
سومرن جو طبقو(1)
هن قوم جي ڪن ماڻهن جو غلبو،
]سنڌ
جي[
زمين جي ڪجهه حصي تي، درحقيقت هن کان اڳ ۾ پڻ هو،-جيئن
ته هنن جي خودمختاريءَ جي ڏينهن سميت، هنن ماڻهن
جي
]حڪومت
جو[ سمورو عرصو پنج سؤ ۽ پنج سال
]24[
لکيا اٿن. اهو هن ڪري جو بني عباس جي پوئين گورنر
آل تميم(1)
کان پوءِ، هنن مان گهڻن جو دخل ڏسي، تاريخ دانن جي
هڪڙي ٽوليءَ هن قوم جو زمانو
]انهيءَ وقت کان[
ليکيو آهي، پر جنهن صورت ۾ انهيءَ وقت ۾، جيئن
بيان ٿي آيو، سنڌ جي گهڻي ڀاڱي جي حڪومت غزنوين ۽
غورين جي هٿن ۾ هئي، تنهن ڪري هن طبقي جو راڄ
انهيءَ وقت کان وٺي ليکيو ٿو وڃي، جنهن وقت کان
هيءُ ٻئي ڪنهن جي ڀائيواريءَ کان سواءِ متصرف ٿيا.
هن قوم جي بنياد بابت ڪا ثابتي ڪانه آهي. جيئن مٿي
بيان ٿي آيو، هي ’سامره‘ جا عرب آهن، جيڪي سنڌ ۾
هجري چوٿينءَ صديءَ ۾ آيا هئا. ڪي چون ٿا، ته
”دلوراءِ“ امراڻيءَ جو ڀاءُ ”ڇٽو“ امراڻي جڏهن
ڀاءُ جي ظلم کان تنگ ٿيو، ۽ ڀاءُ جي نحوست کان
اروڙه شهر جي ويراني ۽ ڀانڀرا (برهمڻ آباد) جي
بربادي پنهنجي اکين سان ڏٺائين، تڏهن بغداد وڃي،
خليفي کان، ”سيد علي“ موسويءَ، جنهن جو بيان اڳتي
ايندو، جي سرڪردگيءَ هيٺ، سامري جا رهاڪو هڪ سؤ
عرب سنڌ ۾ وٺي آيو. نيٺ سندس ڀاءُ دلوراءِ، سيد جي
تابعداري قبول ڪري، پنهنجي نياڻي سيد جي نڪاح ۾
ڏني، هو سنڌ ۾ رهي پيو ۽ اولاد ڇڏيائين.
’متعلوي‘ (مٽياري) نالي ڳوٺ سندن رهڻ جو هنڌ هو.
قصو ڪوتاهه- اڳئين ڪلام جي سلسلي موجب، جڏهن
سنہ720 هجري ۾ غازي ملڪ، سنڌ ۽ ملتان جو لشڪر گڏ
ڪري دهلي وٺي وڃي خسرو خان تي غالب ٿيو، ۽ تخت ۽
تاج جو وارث ٿي، ”سلطان غياث الدين تغلق شاهه “جو
لقب حاصل ڪري، انهن طرفن ۾ رڌل رهيو، تڏهن سومرن
ماڻهن ٿرڙيءَ جي آسپاس مان ماڻهو گڏ ڪري، ”سومرو“
نالي هڪ ماڻهوءَ کي حڪومت جي گاديءَ تي وهاريو.
هن، ملڪ جي آسپاس صاف ڪري، ”صاد“ نالي هڪ زميندار،
جو خودمختياريءَ جو دم هڻي رهيو هو، جي ڌيءَ نڪاح
۾ آندي، جنهن مان ”ڀونگر“ پٽ پيدا ٿيس. سومري جي
گذاري وڃڻ کان پوءِ، ڀونگر پيءُ جو جانشين ٿيو،
سندس پٽ ”دودي“ نصرپور تائين
]ملڪ[
قبضي ۾ ڪيو، انهيءَ ”سنگهار“ نالي هڪ صغير پٽ
ڇڏيو، تنهن ڪري دودي جي ڌيءَ ”تاريءَ“ ملڪ جي واڳ
پنهنجي هٿ رکي. سنگهار بالغ ٿيڻ تي حڪومت جو وارث
ٿي، ڪڇ جي پاسي ڪاهي، ’نانڪنيءَ‘
(1)
تائين
]ملڪ[
قبضي ۾ آندو، جيئن ته پٽ ڪونه ڇڏيائين، تنهنڪري
کانئس پوءِ سندس زال مسمات ’هيمو‘ پنهنجن ڀائرن
کي طور ۽ ٿرڙي شهرن تي مقرر ڪيو.
]پر[
ٿوري وقت کان پوءِ، ”دودو“ نالي هڪ سومري، جو
واهگه (وڳه) جي قلعي جو حاڪم هو، آسپاس مان پنهنجن
ڀائرن کي گڏ ڪري، هيموءَ جي ڀائرن جي پاڙ پٽي ڇڏي.
انهيءَ عرصي ۾،
]وڏي[
دودي جي اولاد مان
]هڪ
شخص، نالي[ ”دادو پهتو (ڦتو)“ بغاوت ڪري، عجيب لشڪر گڏ
ڪيو، ۽ ڪيترو وقت حڪومت ڪندو رهيو. انهيءَ کان
پوءِ ”خيرو“ نالي
]هڪ
شخص[
ملڪ جو مالڪ ٿيو. تنهن کان پوءِ. ”ارميل“ حڪومت
سنڀالي، پر جنهن صورت ۾ هو ظالم نڪتو، تنهن ڪري
سمن ماڻهن بغاوت ڪري کيس ڪـُـهي ڇڏيو، اهو واقعو
753 هجريءَ ۾ ٿيو.
هن قوم جي حڪومت جي ابتدا، انتها ۽ سندن نالن جو
تعداد ٻيءَ طرح پڻ بيان ٿيل آهي، جيئن ته ”منتخب
التواريخ“ لکيل آهي، ته ”جڏهن سلطان محمود غازيءَ
جو فرزند سلطان عبدالرشيد تخت تي ويٺو، تڏهن هن جي
سادگيءَ ۽ ڪم عقليءَ جو فائدو وٺي، سنڌ جي ماڻهن
سرڪشي ۽ بغاوت شروع ڪري ڏني، ۽ سنہ 45 هجري ۾،
سومرا قوم جي ماڻهن ٿرڙيءَ ۾ لشڪر گڏ ڪري،
’سومري‘ نالي هڪ شخص کي گاديءَ تي وهاريو، سومرو
گهڻو وقت خودمختيار رهيو، ۽ آخر ’صاد‘ نالي هڪ
زميندار جي ڌيءَ مان، ’ڀونگر‘ نالي هڪ پٽ ولي
عهد ڇڏي، گذاري ويو. ڀونگر بن سومري پندرنهن سال
مرادون ماڻي، سنہ461 هجري ۾ عالم بقا ڏانهن روانو
ٿيو. انهيءَ کان پوءِ ’دودو‘ بن ڀونگر چوويهه
سال راڄ ڪري، سنہ485 هجري ۾، گذاري ويو. تنهن کان
پوءِ سنگهار پندرنهن سال، انهيءَ کان پوءِ
’خفيف‘ ڇٽيهه سال، تنهن کان پوءِ ’عمر‘ چاليه
سال، انهيءَ کان پوءِ ’دودو - ثاني‘ چوڏنهن سال،
انهيءَ کان پوءِ ’پهٽو‘ (ڦتو) ٽيٽيهه سال،
انهيءَ کان پوءِ ’کهينرو‘ سورنهن سال، پوءِ
’محمد طور‘ پندرنهن سال، پوءِ ’کهينرو‘ (گنرو)
ڪجهه سال، تنهن کان پوءِ ’دودو - ثالث‘ چوڏنهن
سال، تنهن کان پوءِ ’طائي‘ چوويهه سال، انهيءَ
کان پوءِ ’چنيسر‘ ارڙنهن سال، انهيءَ کان پوءِ
’ڀونگر - ثاني‘ پندرنهن سال، تنهن کان پوءِ
’خفيف - ثاني‘ ارڙنهن سال، تنهن کان پوءِ ’دودو
- رابع‘ پنجويهه سال، انهيءَ کان پوءِ، ’عمر -
ثاني‘ پنجٽيهه سال، انهيءَ کان پوءِ ’ڀونگر -
ثالث‘ ڏهه سال، تنهن کان پوءِ ’همير‘
]هڪ
ٻئي پويان[ حڪومت جون واڳون وٺندا رهيا، هيءُ (همير) جنهن صورت ۾
ظالم هو، تنهن ڪري سما قوم کيس تخت تان لاهي
ڇڏيو“.
هن طائفه جي زوال جو سبب ٻيءَ طرح پڻ روايت ٿيل
آهي، پهريائين مٿين سردارن کان سواءِ، هن قوم جي
ڪن ٻين چڱن مڙسن جو، جي ڪن جڳهن جا مالڪ هئا]35[،
ذڪر ڪري، سندن خاتمو، سندن ڪن ناهموار ۽ نامناسب
طريقن ۽ نمونن سان گڏ، انهيءَ روايت تي ڪيو ويندو.
عمر سومرو
”عمر ڪوٽ“ جو قلعو انهيءَ ڏانهن منسوب آهي، سندس
حالات ۾ ٻه عجيب واقعا آهن، جي ذڪر ڪجن ٿا:
مارئي جو قصو
”مارئيءَ“ نالي هڪ پاڪدامن ۽ خوبصورت عورت، مارن
جي قوم مان ’تلها‘
]ڳوٺ[
۾ رهندڙ هئي. سندس ماءُ پيءُ هن جو مڱڻو پهريائين
”پنهونءَ“ نالي هڪ شخص سان ڪيو هو، پر پوءِ ڦري هڪ
ٻئي عزيز کي ڏيئي ڇڏيائون. پنهون انهيءَ محبوبه جي
هٿان نڪري وڃڻ کان ڦـَـٽيل دل ٿي، ”عمر“ وٽ فريادي
ٿي ويو، ۽ وڃي چيائينس ته ”هڪ ههڙي خداداد حسن جي
مالڪياڻي عورت، منهنجي مڱيندي، ٻئي سان پرڻائي
ويئي آهي، مون ته انهيءَ تان آسرو لاٿو، پر جيڪڏهن
توهان هڪوار ڏسندا، ته هوءَ محلات جي لائق آهي“.
عمر چمڙا پوش ڪري، هڪ تکي اٺ تي ويهي، مارئيءَ جي
ڳوٺ ۾ پهتو ۽ کيس ڏسڻ سان
]مٿس[
چريو ٿي پيو! جيئن ته سندس طلب جو سنڌائتو تير هن
جي دل ۾ چڀي چڪو هو، تنهن ڪري موقعي ملڻ تي کيس اٺ
تي وهاري، زبردستيءَ اچي پنهنجي جاءِ تي ڪڍيائين.
پوءِ ته
]کيس لالچائڻ لاءِ[ گهڻو ئي سون، چاندي، زيور ۽ عيش آرام جو سامان آڇيائين،
مگر هوءَ راضياڻي نه ٿي، بلڪ پنهنجي مڙس جي ياد ۾
هميشه راتيان ڏينهان روڄ راڙو ڪندي، بي خواب رهڻ
لڳي ۽ کاڌو پيتو ڇڏي ڏنائين. پوري هڪ سال گذرڻ کان
پوءِ، بلڪ اڳيئي، عمر هن جي سچائي ۽ پاڪدامني ڏسي،
سندس مڙس کي گهرائي، کيس گهڻيئي زر ۽ زيورن سميت
ان جي حوالي ڪيو، پر سندس مڙس، عمر جي استعمال ڪرڻ
جي شڪ تي، کيس ماريندو ۽ ڏکوئيندو رهيو.
]تنهن
کان سواءِ[ قوم جا ماڻهو پڻ کيس طعنو تنڪا هڻندا، ۽ عمر جو نالو بي
شرميءَ سان وٺندا ايندا هئا. عمر انهن عيبن کان
پاڪدامن هو، تنهن ڪري ڏاڍو ڪاوڙجي مٿن ڪاهه ڪرڻ جو
پڪو ارادو ڪيائين. مارئيءَ کي جڏهن اها خبر پيئي،
ته سندس ڪري ئي سندس قوم تي مصيبت اچڻ واري آهي،
تڏهن پنهنجي قوم کي تسلي ڏيئي، عمر وٽ لنگهي ويئي
۽ وڃي چيائينس ته ”ڏوهه تنهنجو آهي، جو ڌاريءَ زال
کي هيڏو عرصو پنهنجي محل ۾ رکي ڇڏيئي، هاڻي ماڻهو
طعنا نه هڻندا، تڏهن ڇا ڪندا؟ ۽ منهنجو مڙس بدگمان
ڇونه ٿيندو؟ هينئر هيءُ فساد
]هيڪاري[ اڳئين خطا کان وڌيڪ وري ٻيو گناهه، بلڪ هميشه جي
بدناميءَ جي تائيد ٿيندو!“. عمر متاثر ٿي، انهيءَ
ارادي کان باز آيو ۽ سندس مڙس کي گهرائي، چيائين،
ته ”هن پاڪدامن عورت جو مان
]برابر[ طلبگار هئس، پر جيئن، ته هوءَ راضياڻي نه ٿي ۽ سندس
سچائي ثابت ٿي، تنهن ڪري مون کيس پنهنجي نياڻي
سڏي، توکي ڏني آهي! انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ لاءِ
جيڪڏهن توکي ثابتي صفائي گهرجي، ته اجهو مان حاضر
آهيان، جنهن نموني سان تنهنجي دل کي اطمينان ٿئي،
سو
]بيشڪ[
چئي ڏي، ۽ ائين ڪر، ته جيئن مون تان ۽ مارئيءَ تان
هيءُ ٽڪو ڌوپي وڃيّ!“ اتي مارئيءَ چيو، ته ”هيءُ
گناهه مون تي مڙهيو ويو آهي: تنهن ڪري لوهه تپائي
منهنجي هٿ تي رکو. ته مان سچ ٿي کڻي وڃان“،
]بس
پوءِ ته[ سڀني مٽن مائٽن ۽ شهر جي رهاڪن گڏ ٿي، اهڙو گرم لوهه،
جنهن جي گرميءَ کان ڏسندڙ جون اکيون ٿي سڙيون،
سندس هٿ تي رکيو، ۽ هن کي ڪوبه ايذاءُ نه آيو، اتي
مارئيءَ چيو، ته ”اڃا انهيءَ کان به وڏو امتحان
ڏيندس“ ... پوءِ سندس چوڻ تي، باهه جو وڏو مچ
ٻاريائون، جنهن مان اها سهڻي عورت
]حضرت
ابراهيم[
خليل وانگيان، اهڙيءَ طرح، جو گويا ڪو ماڻهو ماڻهو
باغ جو سير ڪري رهيو هجي، ڏاڍي مزي ۽ آهستگيءَ
سان، ڪيئي دفعا آئي ويئي. خدا جي قدرت ۽ سچائيءَ
جي برڪت سان، سندس جسم جي ڪنهن وار ۽ ڪپڙي
]جي
ڪنهن تند[ کي ايذاءُ (تؤ) نه پهتو!، هاڻي مڙس خواهه ماڻهن جي، عمر
۽ مارئيءَ ۾، بدگماني بلڪل دور ٿي ويئي.
بيشڪ، مارئيءَ جي سچائيءَ ۽ پاڪدامنيءَ تي به
آفرين آهي، پر هزارين آفرينون عمر جي خود، روڪ ۽
لالچ کي دٻائڻ تي آهن، جو ههڙيءَ مفت ۾ هٿ آيل
پريءَ کي سندس مرضيءَ کان سواءِ هٿ نه لاتائين!
مثال طور هڪ عجيب ڳالهه ياد آئي آهي، ۽ جيئن ته
موقعي سان مناسب آهي، تنهن ڪري داخل ڪجي ٿي:
ڳالهه: هڪڙو شخص ڪنهن عورت تي عاشق هو، ڪيترو وقت
سندس طلب ۾ حيران هو، مگر هوءَ کيس هٿ نٿي آئي.
آخر هڪڙي وقت، ڪنهن حيلي بهاني سان، هن کي ڪنهن
خالي گهر ۾ آڻي، کڻي دروازو بند ڪيائين. هوءَ
پاڪدامن عورت، جا ڊگهي عرصي تائين پاڻ کي بدڪاريءَ
کان بچائيندي ٿي رهي، هاڻي لاچار دام ۾ ڦاسي، عاجز
ٿي پيئي، ۽ بدڪم لاءِ مرد جي تڪڙ ڏسي، چيائينس، ته
”هاڻي ته توکي دلجاءِ آهي، تنهن ڪري پريشاني ڇڏي،
منهنجي هڪڙي سوال جو جواب انصاف سان ڏي، پوءِ جيڪي
گهرندي سو تنهنجي مـِـلڪ آهي“. مرد چيو، ته ”چؤ“،
تنهن تي عورت چيو، ته ”]چون
ٿا ته[
عقل کي چاليهه حـصا ڪري، انهن مان اڻيتاليهه حصا
مرد کي ڏنائون، ۽ هڪ حصو عورتن کي، تنهن ڪري انهن
کي ’ناقص عقل‘ سڏيندا آهن، اها ڳالهه سچي آهي يا
نه؟ ” چيائين، ”هائو“. عورت چيو، ”شهوت جا به
چاليهه حـصا چوندا آهن، جن مان اڻيتاليهه حـصا خاص
عورت کي ڏنل آهن، ۽ هڪ حـصو مردن کي؟“، مرد
وراڻيو، ”بيشڪ“، اتي عورت چيو: “ جڏهن هيءَ ڳالهه
قبول ٿو ڪرين، تڏهن مون کي ته عجب آهي، ته تون، جو
هڪ مرد آهين، عقل جي انهن اڻيتاليهن حـصن جي
باوجود به، شهوت جي هڪ حـصي کان بي اختيار ٿيو
آهين، ۽ ان کي روڪي نٿو سگهين، ۽ مان ايتري ٿوري
عقل هوندي به هيڏي گهڻي شهوت کي روڪيندي آئي
آهيان، تون پاڻ انصاف ڪر! ” جنهن صورت ۾ انهيءَ
شير عورت جو ڪلام پاڪدامني ۽ نفس مٿان ضابطو رکڻ
تي مبني هو، تنهن ڪري [ان جي[ تاثير جو تير مرد جي دل جي نشان تي پورو لڳو، ۽ هڪدم
عورت جي پيرن تي ڪري، گذريل قصور جي معافي گهري،
کيس ڇڏي ڏنائين.
قصو ڪوتاهه - مارئيءَ ۽ عمر جي ڳالهه سنڌي زبان ۾
منظوم ۽ مشهور آهي، ۽ حال جا صاحب، مخصوص سر ۾
جوڙي، ترانن ۾ ڳائيندا آهن، ۽ انهيءَ مجاز مان
حقيقت جو رستو لهي، وجد ۽ حال پرائيندا آهن. ظاهر
پرستن تي
]پڻ[
انهيءَ جي سر، عشق جي صدا، ۽ ولولي مان تاثير
ٿيندو آهي. سيد محمد طاهر نسيانيءَ هن قصي کي
فارسيءَ ۾ نظم ڪري، ”ناز“ نالو رکيو آهي.
ٻي ڳالهه: تميم قوم جي هڪ “ گنگا ” نالي ڇوڪري
]37[ ننڍپڻ ۾ ”عمر“ سان مڱائي هئائون. ائين ٿو ڏسجي، ته هن
کي هڪ ڏينهن ڪنهن اهڙي حال ۾ ڏٺائين، جو ننڍپڻ جي
ڪري، هن جي حسن جو گل اڃا پوريءَ طرح نه ٽڙيو هو،
۽ کيس نه وڻي، جنهن تي چيائين، ته هن کي ”جنهن سان
وڻيوَ، تنهن سان مڱائي ڇڏيو.“ سندس اجازت موجب،
هوءَ تميم قوم جي هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان مڱائي ويئي،
جو ’عمر سومري‘ جو وزير هو. وقت اچڻ تي، گنگا
سونهن ۾ بينظير نڪري پيئي ۽ ملڪان ملڪ مشهور ٿي.
عمر پڻ هاڪ ٻڌي، ڪنهن بهاني سان کيس ڏسڻ چاهيو.
انهيءَ عرصي ۾، شڪار ڪندي، اچي ڪنهن ڌوٻيءَ وٽان
لنگهيو، جو ڪپڙا ڌوئي سڪائي رهيو هو. هڪ خوشبودار
وڳو ڪنهن وڻ تي ڏسڻ ۾ آيس. ڌوٻيءَ کان پڇڻ تي
معلوم ٿيس ته ’اهو وڳو گنگا جو آهي!‘ اهو ٻڌي،
هڪدم انهيءَ جي گهر روانو ٿيو. معلوم ٿيس ته مڙس
گهر ۾ ڪونه آهي.
]سو ڇا ڪيائين جو[
گز ڪبوتر ڏانهن اڇلي، انهيءَ گز کڻڻ جي بهاني سان،
دروازي کان اندر لنگهي، مرضيءَ موجب ديدار جو مطلب
پورو ڪري، سندس گهنڊيدار زلفن جي قيد ۾ گرفتار ٿي،
پيچ تاب کائيندو، گهر موٽي آيو، ۽ حيلا هلائڻ شروع
ڪيائين، وزيرن کان پڻ صلاح پڇيائين. آخر صلاح
بيهاري، مٿئين تميميءَ کي گهڻي ۾ گهڻي عزت ڏيڻ
لڳو. هن عمر جو پاڻ ڏانهن اڳوڻي کان سؤڻو وڌيڪ
توجهه ڏسي، وزيرن کان پڇيو ته ”هن اميد کان وڌيڪ
نوازش جو سبب ڪهڙو آهي؟“ چيائونس ته ”عمر توکي
پسند ڪيو آهي ۽ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ تنهنجي نڪاح ۾
ڏيڻ گهري ٿو“. هو بيوقوف هن ٺڳيءَ تي هٿن مان
نڪري، انهيءَ مائٽيءَ جو چاهه رکڻ لڳو! نيٺ هڪ
ڏينهن، عمر شراب جي محفل برپا ڪري، کيس نشي ۾ چور
بنائي، وزيرن کي پنهنجي ڪم سرانجام ڪرڻ جو اشارو
ڪيو، جنهن تي وزيرن تميميءَ کي چيو، ته ”عمر کي
پنهنجي ڀيڻ جو سڱ توکي ڏيڻ جو شوق آهي، پر فقط اهو
ويچار ٿو ٿئيس ته توئي اڳيئي زال آهي، جنهن جي
محبت ۾ گرفتار آهين. جيڪڏهن تون انهيءَ کي
]پاڻ کان[
جدا ڪري، عمر جي حوالي ڪرين. جيئن هو جنهن کي وڻيس
تنهن کي ڏيئي ڇڏي، ته هو هڪدم پنهنجي ڀيڻ تنهنجي
نڪاح ۾ ڏيندو!“ انهيءَ سادي بي نصيب کي، نشي جي
حالت ۾، جنهن ۾ هوش ۽ حواس گم ٿي وڃن ٿا، جيڪي
چيائون سو بجا آندائين. جڏهن تميميءَ جي زال
]گنگا[هن
جي ڇڏڻ ۽ بخشڻ موجب، عمر جي قبضي ۾ آئي، تڏهن
وزيرن جي چوڻ تي، انهيءَ نشي ۾ چور بيهوش کي،
ڏاڍيءَ خواريءَ ۽ ذلت سان، غاليچي جي ڪنڊ تان ٽنگ
کان گهلي، کڻي ٻاهر اڇلايائون، ۽ چيائونس ته ”تو
جڏهن اڳوڻيءَ زال کي، بنا ڪنهن ڏوهه جي، محض دولت
جي محبت ۾ بخشي ڇڏيو، ۽ وفا جو طريقو، جو مردانه
ڪمن جو خلاصو آهي، بلڪل ڇڏي ڏنو، تڏهن تون سردار
جي مائٽيءَ جي لائق ڪيئن ٿيندين؟“ ويچارو، صبح جو
جڏهن رات واري نشي کان هوش ۾ آيو، تڏهن انهيءَ ٿيل
حادثي کان ڪپڙا ڦاڙي، دهليءَ جي بادشاهه سلطان
علاؤالدين وٽ فريادي ويو، ۽ درٻار مان عمر جي
گهرائڻ جو پروانو ڪڍائي موڪليائين. ٿيندي ٿيندي،
هيءَ ڳالهه، ٻين سببن سان گڏجي، جي
]اڳتي
هلي[
بيان ٿيندا، انهيءَ قوم جي حڪومت جي زوال جو سبب
بڻي.
اگرچه ڪن
]تاريخ نويسن[
جي لکڻ موجب، هيءُ عمر، سڄيءَ قوم جي سردار ۽ ملڪ
جي مالڪ عمر کان ٻيو آهي، پر ڳالهه جو بيان ڏيکاري
ٿو ته هيءُ خواهه اڳيون واقعو، خاص عمر سردار سان
تعلق رکن ٿا.
”همير“ سومرو پڻ، ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي سرزمين جي
ڪنهن حـصي تي، عدل ۽ انصاف سان حاڪم رهي ويو آهي.
مٿئين عمر کان سندس اڳي يا پوءِ هجڻ، ۽ سندس وقت
جو تعين، ڪتابن مان ثابت نه آهي، پر ڪي چون ٿا، ته
هيءُ اهو ساڳيو همير آهي، جو سومرن جو پويون سردار
هو. جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ هيءُ عمر کان پوءِ
آهي، والله اعلم.
مومل ۽ مينڌري جو قصو سندس وقت جي عجائبات مان
آهي، جيئن ذڪر ڪجي ٿو.
مومل ۽ مينڌري جو قـصو
گوجر بادشاهن جي اولاد مان، ”مومل“ نالي هڪ عورت،
پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ تي حڪمراني
ڪري رهي هئي، ۽ شهر جي ڪناري تي هڪ عاليشان ماڙي
ٺهرائي هئائين، انهيءَ جي ٻاهران جادوءَ جي زور تي
هڪ درياء بنائي، ان جي گهيڙ تي ماڙيءَ جو دروازو
پٿر جو ٺهرائي ڇڏيو هئائين. دروازي تي پٿر جي ٻن
خوفناڪ شينهن جو ڏيکاءُ ڪري، اندر صفحي ۾ ست پلنگ
وجهائي ڇڏيا هئائين، جن تي هڪ جهڙا هنڌ پٿاريل
هئا. انهن مان، ڇهه ڪچن ڌاڳن سان واڻيل هئا. هر هڪ
پلنگ جي هيٺان اونهي کڏ کوٽيل هئي، تنهن کان پوءِ
فيصلو ڪيو هائين ته ’جيڪو به انهيءَ درياء ۽
شينهن کان لنگهي، پنهنجي دانائيءَ جي زور تي، اچي
سڄي پلنگ تي وهندو، تنهن کي هوءَ پنهنجو مڙس ڪري
قبول ڪندي!‘ انهيءَ خواهش ۾ ڪيترا ماڻهو ويا، پر
پنهنجي مقصد ۾ ناڪامياب ٿي، عدم آباد ڏانهن روانا
ٿيا. هڪ ڏينهن، همير سومرو پنهنجن ٽن وزيرن سان
گڏ، جن ۾ سندس سالو ۽ وزير ”راڻو مينڌرو“ پڻ هئا،
شڪار ڪري رهيو هو، ته کيس هڪڙو سيلاني جوڳي مليو،
جنهن مومل جي حسن جي تعريف ڪري،
]کيس[ سندس ديدار جو شوق ڏياريو. همير سومرو، بي اختيار
پنهنجا ٽيئي رفيق وٺي، اوڏانهن روانو ٿيو. اتي
پهچي اچي مومل جي محلات جي ٻاهران لٿو. خبر ملڻ
تي، مومل هڪ هوشيار ٻانهي موڪلي، ته ايندڙن جو
احوال معلوم ڪري، انهن جي وڏي کي دعوت ڏيئي وٺي
اچي. پهريائين همير ٻانهيءَ سان گڏجي روانو ٿيو.
اوچتو ٻانهي اڳ ۾ نڪري ويئي، ۽ هيءُ طلسمي ڇوليون
هڻندڙ درياء ڏسي، مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ موٽي
آيو، ۽ شرم جو ماريو ڪجهه نه ڪڇيائين! ٻيءَ رات،
ٻانهي اچي ٻئي کي وٺي ويئي، جو پڻ ساڳيءَ طرح موٽي
آيو. ٽيءَ رات جو، ٽيون ويو ۽ واپس آيو. چوٿين رات
راڻو مينڌرو ٻانهيءَ سان گڏجي روانو ٿيو. ٻانهيءَ
دستور موجب اڳ ۾ هلڻ گهريو، پر هن سندس دامن جهلي،
پوئتي هٽائيندي چيس، ته ”ٻانهين کي سردارن کان اڳ
۾ هلڻ نه جڳائي“ پوءِ طلسمي درياء تي پهچي، حيران
ٿي بيهي رهيو. آخر نيزو جو هٿ ۾ هئس، سو درياءَ جي
اونهائي معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ هنيائين، ۽ معلوم
ٿيس ته انهيءَ پاڻيءَ کي ڪا حقيقت ڪا نه هئي، تنهن
ڪري هڪدم انهيءَ مان اڳتي لنگهي ويو.
]پوءِ[
دروازي وارن شينهن تي نظر پيس، ته انهن کي پڻ نيزي
سان ٺوڪيائين، جڏهن
]ڏٺائين[ ته اهي پڻ رڳو ڏيک هئا، تڏهن ڪاميابيءَ سان ماڙيءَ ۾
اندر لنگهي، صفحي ۾ گهڙيو.
]اتي[
ست هڪ جهڙا پلنگ ڏسي، ويچار ڪيائين، ته وهڻ لاءِ
آخر هڪڙو هوندو، متان هن ۾ به ڪا اٽڪل رکيل هجي!؟
سو هرهڪ کي نيزي جي چوڪ ڏيئي، سڄو پلنگ معلوم ڪري،
انهيءَ تي پلٿ ماري ويهي رهيو. ٻانهيءَ هن جي
احوال ۽ عقلمنديءَ جي ڳالهه وڃي مومل کي ٻڌائي، جا
هڪدم ٻاهر نڪري آئي. هو هڪ ئي صحبت ۾ پاڻ ۾ ٺهي
ويا، ۽ نڪاح ڪري هڪ ٻئي جا طالب ۽ مطلوب ٿيا.
مينڌرو، اها رات عيش عشرت ۾ پوري ڪري، صبح جو همير
سومري ۽ ٻين جي خدمت ۾ پهتو، ۽ کين احوال
ٻڌايائين. همير
]ٻڌي[
چيو، ته ”جڏهن اها خاص تنهنجي ٿي چڪي، تڏهن توکي
گهرجي ته هڪ دفعو ڏسڻ جي اجازت اسان کي به ڏين“.
]انهيءَ
تي[
مينڌرو ٻيءَ رات همير کي ڌنار جي پوشاڪ ۾ پاڻ سان
وٺي ويو. انهيءَ بي ادبيءَ ڪري، همير، راڻي
]مينڌري[ تي ٿورو رنج ٿي، کيس پاڻ سان شهر ۾ آڻي کڻي نظر بند
ڪيو.
مينڌرو جيئن ته مومل کي دل ڏيئي چڪو هو، تنهن ڪري
چوڪيدارن کي پاڻ سان ٺاهي، راتو رات ڳجهه ڳوهه ۾
هڪ تکي اٺ تي، جو هڪ رات ۾ پنجن ڏينهن جو اوٽ موٽ
جو پنڌ ڪندو هو، سوار ٿي، محبوب جي ديدار مان بهرو
حاصل ڪري، موٽي ايندو هو. اتفاقاً، هڪ ڏينهن مومل
ڀيڻ جي ملاقات لاءِ ويئي هئي، مينڌرو وڃي واپس
موٽي آيو، ۽ شڪ جو شڪار ٿي، ڪاوڙجي، آئينده لاءِ
وڃڻ ڇڏي ڏنائين! بيڏوهي مومل، مينڌري جي انهيءَ
رنجش کان بيتاب ٿي، ملڪ ڇڏي، مينڌري جي شهر ۾ آئي،
۽ سندس ماڙيءَ جي سامهون ماڙي ٺهرائي، دريون
مينڌري جي ماڙيءَ جي درين سامهون ڪرايائين،
]انهيءَ
خيال کان[
ته من ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏسي، پنهنجي اکين کي منور
ڪندي رهي، پر مينڌري ڪاوڙ کان انهيءَ پاسي جون
دريون بند ڪرائي ڇڏيون. مومل ٻئي پاسي کان ماڙي
ٺهرائي، وري به دريون مينڌري جي ماڙيءَ جي درين
سامهون رکايون. اهڙي طرح چؤطرف ماڙيون اڏايائين،
پر ديدار کان ناڪامياب رهي. نيٺ، هر طرح مينڌري جو
توجهه پاڻ کان هٽيل ڏسي، هڪ درد ڀري دانهن ڪري،
ناڪاميءَ جي حالت ۾ ساهه ڏنائين! جيئن ته عاشق جو
معشوق جي دل تي پورو اثر هوندو آهي، ۽ هڪ ٻئي سان
سندن هڪ قسم جو قلبي اتحاد ۽ عشق ثابت آهي، تنهن
ڪري جڏهن
]هيءَ[
خبر وڃي مينڌري کي ٻڌايائون، تڏهن ٻڌڻ سان دانهن
ڪري
]ڪري پيو ۽[
ساهه محبوب وٽ رسايائين!
هيءُ احوال سنڌي بيتن ۾ مشهور سـُـر ۾ ڳائيندا
آهن، ۽ حال جا صاحب هن مجاز مان حقيقت جو پتو
معلوم ڪري، پنهنجو شوق ۽ جذبو وڌائيندا آهن. ملا
”مقيم“ نالي هڪ ماڻهوءَ هيءُ قصو فارسيءَ ۾ نظم
ڪري، ان جو نالو ”ترنم عشق “ رکيو آهي.
ليلا ۽ چنيسر جو واقعو
گذريل زماني جي عجيب واقعن جا داستان لکندڙ، اڳوڻي
وقت جي حالات ۾، هن طرح بيان ڪن ٿا، ته صاحب حشمت
۽ ناليري بادشاهه ”کنگهار“ جي ڌيءَ، ”ڪؤنروءَ“
نالي]40[،
پنهنجي سؤٽ سان مڱيل هئي. هوءَ حسن ۾ بينظير هئي،
تنهنڪري پاڻ جهڙين سان هميشه شوخيءَ ۽ غرور سان
هلندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ”چنيسر“ ديولي حسن،
دولت، وڏي بادشاهت ۽ طاقت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. وقت
جي هر هڪ سهڻي سندس وصال لاءِ خواهان هئي. هڪ
ڏينهن، ”جمنيءَ“ نالي هڪ سهيلي ڇوڪريءَ، ڪؤنروءَ
کي طعنو هڻي چيو، ته ”تنهنجي هن ناز ۽ بيباڪيءَ
مان ائين پيو معلوم ٿئي، ته گويا تنهنجي دماغ ۾
چنيسر جي وصال جو خيال سمايل آهي!“ هيءُ طعنو
ڪؤنروءَ جي دل ۾ چـُـڀي ويو: اڻ ڏٺي چنيسر تي دل
ڦـُـرائي ويٺي، ۽ وڃي بيحيائيءَ جي حد کي پهتي.
سندس ماءُ ”مرکيءَ“ هيءُ حال معلوم ڪري وڃي راڻي
کنگهار کي ٻڌايو. چنيسر جو وصال انهيءَ وقت ۾ فخر
جهڙي ڳالهه هئي، مگر اهو حيلي کان سواءِ حاصل ٿيڻ
وارو نه هو، سو راڻي کنگهار، مرکيءَ کي چيو، ته
”ڪؤنرو پاڻ ناڪاميءَ جي ڳليءَ ۾ دربدر ڦري، تنهن
کان چڱو ائين ٿيندو، ته تون چمڙا پوش ڪري، انهيءَ
ملڪ جي واپارين جي لباس ۾، کيس پاڻ سان وٺي وڃي ڪا
اٽڪل ڪر. ممڪن آهي، ته اهو هٺيلو تنهنجي ڪنهن اٽڪل
جي دام ۾ شڪار ٿي پوي“ . هيءُ ٻڌي، مرکي سارو
]ضروري[ سامان ساڻ کڻي، ڌيءَ سميت، پنهنجو ملڪ ”ڍٽ“ ۽ پربت ندي
لتاڙي، ٿوري وقت ۾ ’ديول‘ جي سرزمين تي پهچي،
چنيسر جي شهر ۾ آئي، ۽ هڪ ماڻهوءَ جي وسيلي، چنيسر
جي وزير ’جکري‘ ڏانهن سڱابندي جو پيغام
موڪليائين. چنيسر پنهنجي زال ’ليلا‘ کي، جا حسن
و ادا ۾ ڪؤنرو کان به ڪثر هئي، دل ڏيو ويٺو هو، سو
جواب ڏنائين، ته ”ليلا کان سواءِ ٻي ڪانه گهرجيم.
خبردار، ٻيهر اهڙا لفظ زبان تي نه آڻج، ۽ آيل
ماڻهوءَ کي موٽائي ڇڏ، متان ليلا ٻڌي ڏک ڀرجي!“
هيءُ جواب ٻڌي، مرکيءَ سوداگريءَ جو سامان وڪڻي
ڇڏيو، ۽ هڪ ڏينهن مسافرن وانگيان غريبن جي شڪل ۾
ليلا وٽ حاضر ٿي اچي ليلايائين ته ”مان ۽ منهنجي
ڌيءُ، زماني جي حادثن جو شڪار ٿي، وطن کان پري
رهجي ويون آهيون، ڪورڪي ڪم ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهيون.
جيڪڏهن غريب نوازي فرمائي، اسان کي ٻانهيون ڪري
رکو، ته اهڙي نوڪري ڏينديونسين جا دنيا کي پسند
پوي“ ليلا ٻنهي کي پاڻ وٽ رکيو ۽ سندن ڪم کيس پسند
آيو. هلندي هلندي آخر ڪؤنرو، چنيسر جي آرام جي
بستري
]41[ وڇائڻ جي ڪم تي مقرر ٿي. ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، هڪ
رات، ڪؤنروءَ کي پنهنجي بادشاهي ۽ شان شوڪت ياد
آيا، تنهن ڪري اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيس. هيءُ حال
ڏسي چنيسر پڇا ڪئي، جنهن تي جواب ڏنائين، ته ”جنهن
هٿ ۾ ڏيئي جي وٽ کنئي هيم، انهيءَ ئي هٿ سان اک
کنهي اٿم، تنهن ڪري اکين مان پاڻي نڪري آيو آهي“.
هيءُ ڳالهه ليلا ٻڌي، وڌيڪ زور ڪرڻ لڳي، ۽ گهڻي
پڇا کان پوءِ، ڪؤنروءَ چيو، ته سچي ڳالهه هيءَ
آهي، ته ’مان اصل ۾ هڪ ملڪ جي مالڪ جي ڌيءَ
آهيان، جنهن وٽ ڏئي جي بدران شب - چراغ موتي ٻرندا
هئا. هتي ڏئي جي دونهين منهنجو دماغ پريشان ڪيو
آهي، سو انهن ڏينهن جي هٿان نڪري وڃڻ تي روئي ڏنم‘
. ” ليلا هن کان ان دعويٰ جي سچائيءَ جو دليل
گهريو، هن هڪدم نفيس پٽ
]جا
ڪپڙا[
جن جهڙا ليلا اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺا هئا، ۽ نوَ لکو
هار ڪڍي سندس اڳيان رکيا. ليلا هن قسم جي عجيب شين
تي موهجي، انهن جي گهر ڪئي، جنهن تي ڪؤنروءَ ۽
مرکيءَ وراڻيو ته ”هڪ شرط سان ڏينديونسين،
]اهو
هي[ ته هڪ رات چنيسر اسان کي بخشين“، جيئن ته زالون گهڻو
ڪري ڪم عقل ٿينديون آهن، سو ليلا به شرط قبول ڪري،
هڪ رات، نشي جي حالت ۾ چنيسر کي ڪؤنروءَ جي حوالي
ڪيو. چـنيسر ساري رات نشي جي بيخبريءَ ۾ گذاري،
صبح جو سجاڳ ٿيڻ وقت حيران ٿي پڇيو، ته ”ڪڇ ۾ ڪير
آهي؟“ هوڏانهن، ڪؤنروءَ جي ماءُ به سڄي رات ڪؤنرو
جي وائٺ وٺندي رهي، ۽ صبح تائين ڌيءَ جي ناڪاميابي
ڏسي، پردي جي پويان منڊ پڙهڻ شروع ڪيائين، ته
”ليلا جو به عجيب حال آهي، جو چنيسر جهڙو مڙس هار
تي وڪڻي ڇڏيو اٿس! چنيسر کي اها خبر نه پيئي آهي،
نه ته ههڙيءَ زال ڏانهن توجهه ڪرڻ مردن جي شان
وٽان نه آهي!“. هيءُ ٻڌي، چنيسر ڪؤنروءَ ڏانهن رخ
ڪري، کانئس اول کان آخر تائين، ذري پرزي جو احوال
معلوم ڪري چيو، ته ”جيڪڏهن ائين آهي، ته پوءِ تون
دلجاءِ ڪر. آءٌ ٻيهر ليلا جو ناهيان، بلڪ توکي
ساهه سنئون گهرندس!“ ليلا هيءُ ٻڌي گهڻائي حيلا
هلايا، پر ڪجهه نه وريو. آخر جڏهن دائمي وصال
بدران ڪمال جدائيءَ جي
]عذاب
۾[
گرفتار ٿي، تڏهن گهڻي وقت
]ائين[
گهارڻ کان پوءِ، موڪل وٺي، پنهنجن پيڪن جي ڳوٺ
وڃي، سدائين جدائيءَ ۾ ڳرندي رهي.
هن کان اڳ، جکرو وزير، ليلا جي مائٽن مان هڪ
ڇوڪريءَ سان مڱيو هو. ليلا جي واقعي ٿيڻ کان پوءِ،
ليلا جي مائٽن ڇوڪري پرڻائي ڏيڻ جي نٿي ڪئي. جنهن
صورت ۾ جکري کي انهيءَ سڱ جو ڏاڍو شوق هو، تنهنڪري
حيلا هلائيندو ٿي رهيو، پر ڪامياب نٿي ٿيو. ليلا
کيس چوائي موڪليو ته ”جيڪڏهن ڪنهن به نموني چنيسر
کي پاڻ سان وٺي اچين،
]42[
ته پوءِ تنهنجي مائٽيءَ جي آءٌ ضامن آهيان“. هيءُ
پيغام ٻڌي، جکرو هزارين منٿون ڪري، چنيسر کي پاڻ
سان وٺي، ليلا جي ڳوٺ ۾ آيو. ليلا لباس بدلائي،
شاديءَ جو پيغام کڻي ايندڙ زالن جهڙا ڪپڙا پهري،
منهن تي پردو وجهي، چنيسر جي مجلس ۾ پهتي، ۽ سندس
ليلا سان بيوفائيءَ متعلق ڪجهه ڏک ڏوراپا زبانان
ڪڍيائين. گفتگو هلندي، هن ڪجهه اهڙو ته ناز و
انداز ڏيکاريو، جو چنيسر، انهيءَ ڄاڻڻ کان سواءِ
ته هوءَ ڪير آهي، مٿس موهجي پيو! جنهن صورت ۾
چنيسر هيءَ سموري بيرخي ۽ بي توجهي فقط غيرت وچان
ڪئي هئي، باقي سندس دل ليلا سان ساڳيءَ طرح ٻڌل
هئي، تنهن ڪري هن جي (ليلا جي) وصال واري زماني جا
حق ياد ڪري، بيخود ٿي ويو، ۽ شرم لڪائڻ خاطر
چيائين، ته ”اي خوش گفتار نينگري! تون پاڻ سهڻين
جو نڪ آهين، ليلا جي ڳالهه ڪيتري ڪندينءَ. آخر پاڻ
کان ته واقف ڪر، جو دل تو ڏانهن تمام مائل ٿي چڪي
آهي!“ هن وراڻيو ته”توجهڙي بيوفا سان ميلاپ، ڪنهن
جي دل چاهيندي؟“ چنيسر هن جي گفتگوءَ کان بي
اختيار ٿي، سندس منهن تان پردو پري ڪرڻ گهريو.
ليلا جا پنهنجي ڪم جو قاصد پاڻ ٿي آئي هئي، تنهن
چنيسر جي شوق جي عين گرميءَ وقت کڻي منهن تان پردو
لاٿو. چنيسر اهو ڏسڻ سان، ته هوءَ ليلا پاڻ آهي،
هڪدم پنهنجي دردناڪ دل مان ٿڌو ساهه کنيو، ۽
انهيءَ گهڙيءَ ساهه ڏنائين. ليلا پڻ هيءُ حال ڏسي،
هڪڙي ئي دانهن ڪري بيجان ٿي زمين تي ڪري پيئي!
ٻنهي کي رسم موجب باهه جو نذر ڪيائون، ۽ هيءُ عجيب
واقعو زماني ۾ يادگار رهيو. حال جي صاحبن هن احوال
کي سنڌيءَ جي هڪ سر ۾ ٻڌو آهي، جنهن جي ٻڌڻ کان
کين هڪ عجيب حالت پيدا ٿيندي آهي. ادراڪي بيگ لار،
هيءُ واقعو فارسيءَ ۾ نظم ڪيو آهي. لکندڙ ڊيگهه جي
خوف کان هيتري بيان تي اڪتفا ڪري ٿو.
دلوراءِ
”دلوراءِ“ مٿئين، ’دلور‘ جي مالڪ، دلوراءِ جي
اولاد مان، سومرن جي زماني جو هڪ سردار هو، پر
بڇڙن افعالن ڪري، سندس زندگيءَ ۾ ننگ ۽ عار جو
چـُـٽو سندس پيشانيءَ تي لڳو، ۽ اروڙ جي ويراني ۽
ڀانڀرا جي بربادي، سندس ظلم جي هٿان ۽ سندس ذات
بدنهاد جي نحوست کان ٿي، جنهن صورت ۾ ٻئي احوال
عبرت جا نشان آهن، تنهن ڪري سندن مختصر بيان ڪيو
وڃي ٿو.
اروڙ جي ويران ٿيڻ جو واقعو
هن بدبخت ظالم جو اهو رستو هو، ته هندستان مان
جيڪو به سوداگر ايندو هو، ته لنگهه جي محصول جي
انگن ابوابن ۾ سندس اڌ مال ڦري وٺندو هو،
]تنهن
کان سواءِ[ سڀڪنهن جي سهڻي زال زور سان کسيندو هو. هڪڙو عزت وارو ۽
ناليرو سوداگر - جو ”سيف الملوڪ“ جي نالي سان
مشهور هو، ۽ ڪن ماڻهن جو خيال آهي، ته هو اصل ۾
شهزادو هو، جو سوداگرن جي لباس ۾ بيت الله ڏانهن
وڃي رهيو هو. هن نالائق جي ڪارنامن کان بيخبر، اچي
سندس ملڪ مان لنگهيو. ساڻس گڏ ”بديع الجمال“ نالي
هڪ سهڻي زال هئي. انهن ڏينهن مهراڻ جو پاڻي اروڙ
شهر جي ويجهو وهندو هو.
]دلوراءِ[ بديع الجمال جي حسن جي خبر ٻڌي، هن جي هٿ آڻڻ جي لالچ
رکي، سوداگر کي لنگهه جي ابوابن ادا ڪرڻ جي واسطي
تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. وڻجاري ويچاري، انهيءَ ظالم کي
ٽن ڏينهن جي تسلي ڏيئي، ساري رات الاهي درگاهه ۾
ٻاڏايو. جيئن ته ٻاڏائيندڙن جي دعا جو تير ضرور
قبوليت جي نشان تي پورو لڳندو آهي، تنهنڪري کيس
خواب ۾ الهام ٿيو، جنهن تي صبح جو، ماڻهن کان لڪ
چوريءَ، فرهاد جهڙن ڪاريگر سنگتراشن جي هڪ ٽوليءَ
کي وڏي رقم ڏيئي راضي ڪيائين، جن راتو واهه پاڻيءَ
کي روڪيندڙ جبل کي وچان ٽڪي، ٻيڙيءَ جو لنگهه تيار
ڪري، ٻئي پاسي کان مضبوط بند ٻڌي ڇڏيو. اگرچه هي
ٻئي ڪم انساني طاقت کان ٻاهر هئا، ليڪن خدائي مدد
سان، عبرت طور يادگار رهڻ لاءِ، هيءُ سڄو منصوبو
هڪ رات ۾ عمل ۾ اچي ويو. ائين به ٿي سگهي ٿو، ته
تقدير جا ڪارپرداز هن سڄي ڪم جا باني ٿيا هجن.
بهرحال، سوداگر ٻيڙين سميت انهيءَ رستي کان صاف
بچي نڪري ويو، ۽ مهراڻ ندي پراڻو رستو ڇڏي، انهيءَ
رستي سان وهڻ لڳي، جنهن سان هينئر وهي رهي آهي.
صبح جو شهر وارن دلوراءِ کي خبر ٻڌائي. هن گهڻي
ڪوشش ڪئي، پر تقدير جي معاملي کي ڦيرائي نه سگهيو.
اروڙ شهر جي برباديءَ جي ابتدا اُتان کان آهي.
چون ٿا، ته سيف الملوڪ ڪعبي جي سفر کان موٽي،
پنهنجي محبوبا بديع الجمال سميت اچي ديري غازي خان
۽ سيتپور جي وچ واري پرڳڻي ۾ رهيو، ۽ اتي گذاري
ويو. کيس اتي بديع الجمال مان ٻه پٽ، ”رتو“ ۽ “
چنو ” نالي ڄاوا. هينئر تائين سندس ۽ سندس پٽن جي
مزار، مٿئين پرڳڻي ۾، رتي ڪوٽ ۾، جو قديم زماني ۾
هڪ آباد ۽ عاليشان شهر هو ۽ سندس نشان اڃا تائين
ظاهر آهن، عام ماڻهن لاءِ زيارتگاهه آهي. اها زمين
به مٿئين دلوراءِ جي بادشاهيءَ ۾ هئي.
شهر ڀانڀرا عرف برهمڻ آباد جي برباديءَ جو واقعو
چون ٿا، ته مٿيون دلوراءِ، اروڙ شهر جي ويرانيءَ
کان پوءِ انهيءَ شهر
]ڀانڀرا[
۾ رهڻ لڳو هو. کيس ”ڇـُـٽي“ نالي هڪ ڀاءُ هو،
جنهن جو لقب ”امراني“ هو. الله تعاليٰ ان کي ننڍپڻ
۾ اسلام جي توفيق عطا ڪئي، ۽ هن انهيءَ شهر مان
نڪري وڃي قرآن شريف ياد ڪيو ۽ اسلام جا عقائد
سکيا. شهر ۾ موٽي آيو، ته سندس مائٽن کيس شادي ڪرڻ
لاءِ زور ڀريو، مگر هن قبول نه ڪيو. اتي ڪنهن
ماڻهوءَ کيس طعنو هڻي چيو، ته ”هيءُ ترڪ شايد ڪعبي
۾ وڃي ’فلاڻي‘ ناليري عرب جي ڌيءَ سان شادي
ڪندو“. حسن اتفاق ڏسو، جو انهيءَ ئي ننڍپڻ جي وقت
۾ کيس حج جو پڪو ارادو ٿيو. اتي پهچي، هڪ عورت کي
دڪان تي قرآن
]پاڪ[
جي تلاوت ۾ مشغول ڏٺائين. هيءُ ٻڌڻ واسطي بيهي
رهيو. عورت پڇيس ته ”ڇو بيٺو آهين؟“ وراڻيائين،
”قرآن شريف ٻڌڻ لاءِ: جيڪڏهن ڪرم ڪري مون کي قرآن
سيکارين ته غلام رهندس“. عورت چيو، ته ”منهنجي
استاد ’فلاڻي‘ نينگر آهي، جيڪڏهن تون ڪپڙا
بدلائي، ڇوڪرين جي لباس ۾ ٿي اچين، ته آءٌ توکي
اتي وٺي هلان“. اهڙيءَ طرح کيس وٺي وڃي انهيءَ
نينگر وٽ قرآن
]پاڪ[
جي پڙهڻ ۾ لڳايائين. اها قاري نينگر نجوم جي علم ۾
ڏاڍي ماهر هئي. هڪ ڏينهن ڪا عورت پنهنجي ڌيءَ جي
طالع پڇڻ لاءِ وٽس آئي. واندي ٿيڻ کان پوءِ ڇـُـٽي
انهيءَ قاري نينگر کي چيو، ته ”جڏهن توکي ٻين جو
حال معلوم ٿي سگهي ٿو، ته ضرور پنهنجي حال جي به
توکي واقفيت هوندي!“
]هيءُ
ٻڌي[ قاري نينگر چيو، ته ”چڱو جو ياد ڏياريئي“. ۽ هڪدم
پنهنجو طالع ڏسي چيائين، ته ”منهنجي شادي هڪڙي سنڌ
جي رهاڪوءَ سان ٿيندي“.
]ڇٽي[ پڇيو، ”ڪڏهن؟“ وراڻيائين، ”عنقريب“. چيائين، ”اهو ماڻهو
ڪٿي آهي؟“ قاري نينگر حساب ڪري چيو، ته ”اهو ماڻهو
تون آهين!“ جڏهن ڇـُـٽي جي حال تان پردو کڄي ويو،
تڏهن قاري نينگر چيس ته ”اڄ کان پوءِ هتان نڪري وڃ
۽ ٻيهر نه اچج، هيءُ ڪپڙا لاهي ڇڏ، ۽ منهنجي
شاديءَ جي گهر ڪر. ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي قسمت ۾
لکجي چڪي آهيان!“. پوءِ ته پنهنجي ماءُ پيءُ کي
احوال ٻڌائي، ٿوري ئي وقت ۾ ڇـُـٽي جي نڪاح ۾ آئي.
ڇـُـٽو ڪجهه وقت کان پوءِ وطن وريو، ۽ زال کي به،
جنهن جو نالو ”فاطمہ“ هو، پاڻ سان وٺي آيو.
دلوراءِ جي شهر ۾ پهچڻ تي، انهيءَ ظالم جو هيءُ
دستور ڏسڻ ۾ آيس، ته جيڪا به ڇوڪري نئين پرڻي ٿي،
تنهن کي زبردستيءَ گهرائي، پاڻ استعمال ڪري،
موٽائي ٿي ڏنائين، ڇـُـٽو هميشه کيس نصيحت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو هو، پر هو پنهنجن برن ڪمن کان باز نه
آيو. نيٺ هڪ ڏينهن فاطمہ جي تعريف ٻڌائين، ۽ اهڙي
وقت، جڏهن ڇـُـٽو ٻاهر هو،
]وجهه
وٺي[ هن جي ڏسڻ لاءِ سندس گهر آيو. ڇـُـٽي، دل جي صفائيءَ جي
مدد سان هيءُ حال پرپٺ ڏسي ورتو، ۽ هڪدم گهر پهچي
زال کي پاڻ سان وٺي، بنا دير شهر کان ٻاهر نڪتو، ۽
پڙهو ڏياريائين، ته ’حاڪم جي نحوست کان، اڄ رات،
هيءُ شهر سرنگون ٿي زمين ۾ غرق ٿيندو! جنهن کي به
انهيءَ
]ٿوري[
فرصت ۾، هن موت جي دام مان نڪرڻو هجي، ته ڀلي
نڪري‘ . سندس ڳالهه تي ڪن ٿورن ماڻهن اعتبار ڪيو.
پهرين رات، هڪ پوڙهي، جنهن چرخي تي سٽ ٿي ڪتيو، جي
جاڳڻ جي برڪت سان، ۽ ٻيءَ رات هڪ چاڪيءَ جي محابي،
شهر تان اها بلا ٽري ويئي. نيٺ ٽينءَ رات، سڄو شهر
رهاڪن سميت سرنگون ٿي، عدم جي اوڙاهه ۾ غرق ٿي
ويو، فقط هڪ منارو عبرت خاطر يادگار رهيو!
هن قوم جي رئيسن جي عام روش جو ٿورو بيان
چون ٿا، ته هي جاهل، رعيت ۽ ڀائرن کي ڏنڀ ڏيئي
چوندا هئا، ته ”هيءُ اسان جا ٻانها آهن!“. پاڻ مٿن
تي پڳون ٻڌندا هئا، ۽ ماڻهن کي اڻ اڻيل ٿان مٿي تي
ويڙهڻ جو حڪم ڏنو هئائون. هي هٿن ۽ پيرن جا ننهن
پاڙان ڪڍرائي ڇڏيندا هئا. چوندا هئا، ته ”سردارن ۽
ٻيءَ قوم ۾ هيترو فرق هجڻ گهرجي!“ هڪ دفعو عورت
ٻار ڄڻيندي هئي، ته انهيءَ کي وري ويجهو نه ويندا
هئا، بلڪ بيڪار سمجهي ڇڏي ڏيندا هئا، ڪپڙا پڻ
پهريون ڌوپ پهري کڻي ڦٽا ڪندا هئا.
چون ٿا، ته هڪ داناء عورت کي حمل ٿيو. جنهن صورت ۾
مڙس سان ڏاڍي دل هئس، تنهن ڪري اچي ڳڻتيءَ ورايس،
ته ٻار ڄڻڻ کان پوءِ کيس شايد ڦٽو ڪيو ويندو! هوءَ
هوشيار هئي، سو نيٺ هڪ حيلو سـُـجهي آيس،
]ڇا
ڪيائين[
جو مڙس جون ڦٽي ڪيل چادرون ڌوٻيءَ کي ڏنائين،
]46[
جو چڱيءَ طرح ڌوئي کڻي آيو، ۽ جڏهن سندس مڙس تڙ
ڪري چادرن جي گهر ڪئي، تڏهن اهي تازيون تازيون کيس
ڏنائين. سادو مڙس، اهي چادرون پهري، سندن خوشبو ۽
ملائمت ڏسي، پڇڻ لڳو، ته ”هيءُ ڪهڙي ڪپڙي جون آهن؟
ڏاڍيون خوشبودار ۽ عجيب نرم ٿيون ڏسجن!“ عورت
ٻڌايس، ته ”هي اهي ساڳيون تنهنجون ڦٽي ڪيل چادرون
آهن. الله تعاليٰ توهان جو عقل کسيو آهي، جو ههڙي
پاڪيزي لباس کان محروم رهجي ويا آهيو!“ مڙس کي هن
جي هيءَ معقول ڳالهه آئڙي، ۽ آئيندي لاءِ پنهنجي
اڳئين دستور کان دستبردار ٿيو، ٻين پڻ اها ڳالهه
پسند ڪئي.
داناء عورت ڏٺو، ته سندس اها رٿ راس ٿي آهي، تڏهن
]مڙس
کي[ چيائين، ته ”وياپل زال جو پڻ ساڳيو حال آهي!“. جنهن
صورت ۾ مڙس هن جي عقلمنديءَ جو قائل ٿي چڪو هو،
تنهن ڪري هن ڳالهه کي پڻ تجربي ڪرڻ کان پوءِ پسند
ڪري، ٻين کي ٻڌايائين، ۽ اها رسم رفتي رفتي گهڻن
سومرن مان نڪري ويئي.
چون ٿا، ته سومرا گهڻو ڪري شراب، پاڏي جي گوشت سان
پيئندا هئا. هڪ ڏينهن ڪنهن سمي جي گهران زوريءَ هڪ
ڪونهٽ کڻي (ڪاهي)، پنهنجي ڪتب آندائون. هن (سمي)
جي زال، مڙس کي چيو، ته ”اڄ هڪڙو ڪونهٽ کڻي (ڪاهي)
ويا، سڀاڻي زال به ڪين ڇڏيندا!“ انهيءَ تي مرد
غيرت وچان پنهنجي قوم کي گڏ ڪيو، ۽ سومرن جا ڪي
سردار ڪـُـهي، ملڪ، ڳوٺ ۽ گهر ڇڏي لڏي ويا. سومرا
سندن پويان گهڻوئي ڊوڙيا ۽ صلح خواهه جنگ سان کين
موٽائڻ چاهيائون، پر ڪجهه نه وريو.
ڪڇ ولايت جي سمن جي هٿ اچڻ جي حقيقت
مٿين قوم جڏهن وڃي ڪڇ جي سرزمين ۾ رهڻ لڳي، تڏهن
ڪڇ جي واليءَ ساڻن ڏاڍي رعايت ۽ همدردي ڪئي. ٿوري
وقت کان پوءِ، هنن ماڻهن چيو، ته ”اسان جهڙي هڪ
وڏي قوم توهان جي پناهه جي پاڇي ۾ اچي رهڻ لڳي
آهي، ڪيستائين توهان کي تڪليف ڏيندا رهنداسون؟
]اسان
جي صلاح آهي ته[ اسان لاءِ ڪو زمين جو ٽڪرو مقرر ڪيو وڃي، جنهن کي
پنهنجي ٻج ۽ خرچ سان آباد ڪري، توهان کي ڍل ڏيندا
رهون“. ڪڇ جي راجا، مهربانيءَ روءِ، زمين جو هڪ
ڪشادو ٽڪر کين عطا ڪري، مٿن هر هڪ فصل ۾ پنج سؤ
گاهه جون گاڏيون مقرر ڪيون، جي سما ماڻهو باقاعدي
ادا ڪندا رهيا. ٿوري وقت ۾، حاڪم خواهه رعيت جي
طور طريقي کان واقف ٿي، پاڻ ۾ ملڪ کسڻ جا پهه
پچائڻ شروع ڪيائون.
ڪڇ جي قلعي جي دروازي مٿان، بالڪنيءَ تي، هميشه هڪ
نجومي برهمڻ ويٺو هوندو هو، جو آئي وئي
]47[
کي سندس احوال معلوم ڪرڻ کان پوءِ موڪل ڏيندو هو.
هڪڙي فصل ۾، هيءُ ماڻهو گاهه جون پنج سؤ گاڏيون
تيار ڪري، هر هڪ گاڏيءَ ۾ ٻه هٿيار بند ماڻهو
سمهاري، هڪڙو ماڻهو ظاهر ظهور گاڏيءَ تي وهاري،
شهر ۾ وٺي آيا. چون ٿا ته برهمڻ، گاڏين جي اندر
گهڙڻ وقت چيو، ته ”هن گاهه مان ڪچي گوشت جي بوءِ
ٿي اچيم!“ دربانن انڪار ڪندي چيو، ته ”گاهه ۾ ڪچي
گوشت جو هئڻ ممڪن ئي ناهي“. تنهن هوندي به ڪن
ماڻهن احتياطاً گاهه ۾ نيزا چڀايا. ڳالهه ٿا ڪن ته
نيزا جڏهن لڪل جوانن جي بدن ۾ چـُـڀي، رت ۾ ڀرجي
پيا، تڏهن انهن هڪدم نيزن جي چهنبن کي ڪپڙي سان
اهڙو ته صاف ڪري موڪليو، جو
]رت
جو[
ڪوبه نشان ڏسڻ ۾ نه آيو! آخر دربانن نجوميءَ کي
ڪوڙو ٺهرائي، گاڏين کي
]اندر
وڃڻ جي[
موڪل ڏني، سڄو ڏينهن گاڏيون اندر وينديون رهيون.
رات جو وجهه وٺي، پنج سؤ هٿيار بند ماڻهن، قلعي جي
دروازي تي قبضو ڪري، ٻاهرين کي پڻ، جي سڏ جي
انتظار ۾ هئا، اندر سڏي، ڪڇ جي راجي کي لاهي،
]پاڻ[
قلعي ۽ ملڪ جا مالڪ ٿي ويٺا، انهن سمن جو نسل اڄ
تائين ننڍي خواهه وڏي ڪڇ جو مالڪ آهي.
قصو ڪوتاهه - جڏهن دلوراءِ جي ظلم کان، مهراڻ جو
پاڻي سيوستان جي پاسي کان وهڻ لڳو، ۽ هيءُ زمينون
جيڪي هاڻي آباد آهن، سي آباد ٿيڻ لڳيون، تڏهن
سومرن جي زمين خشڪيءَ سبب ويران ٿيڻ لڳي. هوڏانهن
ڏنڀ جي ظلم ۽ زال جي کسجڻ ڪري، تميمي، جنهن جو
بيان مٿي ٿي آيو. دهليءَ جي بادشاهه سلطان
علاؤالدين جي درٻار ۾ دانهن کڻي ويو، جنهن تي ڪن
]تاريخ نويسن[
جي چوڻ موجب سلطان پاڻ، ۽ ڪن جي چوڻ موجب سالار
خان نالي سندس سپهه سالار، سومرن تي ڪاهي آيو.
سومرا، چارڻ قوم کي، جنهن کي ٻئي قومون وڏي تعظيم
ڏينديون هيون، منٿ ڪري،
]پنهنجو[
اهل عيال، ابڙي نالي ايراني سمي ڏانهن ڪڇ موڪلي،
پاڻ سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا، ۽ جڏهن
بادشاهي لشڪر انهيءَ قوم جي مٿان اچي طوفاني بلا
وانگر ڪڙڪيو، تڏهن سخت جنگ ڪيائون.
سومرا قوم (قبيلي) جو سردار ”سپڙ“ سومرو، شاهي
لشڪر جي غازين جي خونخوار ترار جو لقمو ٿي ويو،
ٻين کي محمد طور شهر ۾ رهڻ جي طاقت نه رهي، ۽
لاچار ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا. بادشاهي لشڪر پڻ سندن
زالن ۽ ٻارن جي پويان ڪڇ ڏانهن يلغار ڪئي، ۽ جتي
به رات رهيا ٿي، اتي دشمن جي راتاهي جي ڀوَ کان
لشڪر جي چوڌاري کاهي کوٽيائون ٿي. اڄ انهن کاهين
مان گهڻيون، اونها درياء ٿي پيون آهن. ڪڇ پهچڻ تي
ابڙي سمي، سومرن جي عيال اطفال مٿان سلطاني لشڪر
سان ڪيئي جنگيون ڪيون.
نينگرين جي زمين ۾ گهڙي وڃڻ جو احوال
چون ٿا، ته انهيءَ ڀاڄڙ ۾، سومرن جي اولاد مان ڪي
پاڪدامن نينگريون، همراهن کان ڇڄي، شاهي فوج جي
چنبي ۾ اچي ڦاٿيون، ۽ الله ڏانهن متوجهه ٿيون.
جڏهن فوج کين پڪڙڻ لاءِ ويجهي پهتي، تڏهن اهي
پاڪدامن نينگريون، بچڻ جو آسرو لاهي، قادر ڪارساز
جي درگاهه ۾ ٻاڏائي، وٺي انهيءَ جبل ڏانهن ڀڳيون،
جنهن ۾ لڪل هيون. قضا الاهي، اهو جبل ڦاٽي پيو، ۽
انهن پردي وندين کي، جن ڪڏهن به ڪنهن نامحرم جو
منهن نه ڏٺو هو، لشڪر جي هٿ کان بچائي، پنهنجي
اندر ۾ جاءِ ڏنائين. سندن چادرن جون ڪنڊون، عبرت ۽
يادگار واسطي، ٻاهر رهجي ويون. اها جاءِ انهيءَ
وقت کان وٺي اڄ تائين، ماڻهن لاءِ زيارتگاهه آهي.
قـصو مختصر - سومرا قوم(قبيله) کان پوءِ سما قوم
نڪري هن زمين جي وارث ٿي، ۽ جيئن ته سلطاني لشڪر
جي آمد سببان ’محمد طور‘ شهر ويران ۽ برباد ٿي
ويو هو، تنهن ڪري ساموئي ۽ ٻيا نوان ڳوٺ آباد ڪري،
محمد طور شهر کي، جو درڪ جي پرڳڻي ۾ هو، منحوس
سمجهي ڇڏي ڏنائون، هنن نئون طور طريقو اختيار ڪيو،
جيئن اڳتي بيان ٿيندو.
|