سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تحفة الڪرام

ڀاڱو ٻيو

صفحو ؛ 8

 

]ڀاڱو ٻيو[

 

 

]سنڌ جا مشهور شهر ۽ اتي جون شخصيتون[

 

مخفي نه رهي، ته جڏهن سنڌ جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي طبقن جي حالات لکڻ کان فراغت حاصل ٿي، تڏهن پنهنجي شرط پوري ڪرڻ خاطر ڪن شهرن ۽ ڳوٺن جو بيان، اُتي جي بزرگن جي ذڪر سميت، نهايت لازمي آهي. جنهن صورت ۾ هيءُ ٿوريءَ معلومات وارو (مصنف) اڪثر جاين جي ڏسڻ کان سواءِ غائبانه، رڳو ڪتابن مان چونڊ ڪري، يا فقط زبانن کان ٻڌي، هن سلسلي جي تحريڪ ڪري ٿو، باوجود يڪ وس پـُـڄندي، روايتن جي صحت ۾ ڪو به قصور ڪو نه ڪيو اٿس، تاهم جيڪڏهن بشري تقاضا موجب، جنهن سان سهو ۽ نيسان لازمي آهي، ]ڪا غلطي ۽ ڪوتاهي ٿي ويئي هجي ۽[ ڪنهن پياري کي وڌيڪ تحقيق جي توفيق ٿئي، ته انهيءَ کي اصلاح لاءِ عرض آهي، ۽ اهو ]قدم[ ضرور ذڪر خير ۾ داخل ٿي ويندو. ڳالهين جي حقيقت کي الله تعاليٰ ئي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي، ۽ اهو ئي منهنجي لاءِ ڪافي ۽ مددگار آهي.

 

 

]باب تيرهون[

]ملتان، اُچ، مئو، ماٿيلو، سيتپور، ۽ اُتي جا بزرگ[

لڪل نه رهي، ته جنهن صورت ۾ ملتان جو شهر جناب شيخ الشيوخ بهاءُالدين ملتانيءَ جو دفنگاهه آهي، ۽ سڄي سنڌ اول کان انهيءَ درگاهه جي ارادي ۾ ٻڌل، تنهن کان سواءِ، جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، ته گهڻو ڪري سنڌ جا ماڻهو اُتي جي حاڪم سان جوابدار هئا، ۽ ملتان جو خلاصو ذڪر ستن ولايتن ]مان ڪنهن به ولايت[ ۾ نه ڏنو ويو (1) حالانڪه ڪنهن به شيءِ جو ذڪر هن جي ذڪر نه ڪرڻ کان وڌيڪ چڱو آهي - تنهنڪري، ابتدا هن متبرڪ سرزمين جي ذڪر سان ٿي ڪجي، ته جيئن ]هن ڪتاب ۾[ سنڌ جا حالات اچي وڃن.

ملتان

هن جي ڊگهائي ڦاڪ "قزله" (142) ۽ ويڪرائي ڦاڪ "الطم" (80) آهي. هي ٽئين ولايت ۾ داخل آهي، جنهن جو تختگاهه "اردن" آهي. (تمام) قديم شهر آهي. سندس اڏاوت جي ابتدا ڪنهن کي به معلوم ناهي. هن هدايت وارن جي آرامگاهه جي قدامت جا سڀيئي قائل آهن. محمد بن قاسم ثقفيءَ جي اچڻ کان اڳ هتي خود مختيار بادشاهه رهندا هئا، جن جو تعلق سنڌ جي راجائن سان هوندو هو. اسلامي فتوحات کي ٿورو وقت ئي ڪين گذريو، ته هيءُ شهر ملحدن (قرمطين) جي ور چڙهيو. ملحدن کان سلطان محمود (غزنوي) غازيءَ ڇڏايو. غزنوين جي دور ختم ٿيڻ کان پوءِ ]هي شهر[ دوباره ملحدن جي قبضي ۾ آيو، جن کان سلطان معز الدين محمد سام (غوريءَ) کي هٿ آيو. ] تنهن کان پوءِ[ سنہ 847 هجريءَ تائين دهليءَ جي بادشاهن جي قبضي ۾ رهيو. مٿئين سال ۾، جڏهن هندستان ۾ طوائف الملوڪي شروع ٿي ۽ ]ملتان[ مغلن جي حملن ڪري حاڪم کان خالي رهيو، تڏهن انهيءَ سرزمين جي اڪثر زميندارن جيڪي شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني ]رحمة الله عليہ[ جي سلسله عاليه جا مريد هئا، تن شيخ  يوسف قريشيءَ کي، جو شيخ عليہ الرحمة جي درگاهه جو سنڀاليندڙ هو، بادشاهه بنائي، اُچ ۽ ٻين جاين جي مـُـنبرن تي سندس نالي خطبو پڙهيو. هو ملڪ جي ڪاروبار جي انتظام ۾ واجبي ڪوشش وٺڻ لڳو. ]ايتري ۾[ لانگاهن جي راڄ جو سردار راءِ سيهره،(1) جنهن کي رپڙيءَ(2) جو ڳوٺ ۽ ان جي آسپاس هٿ ۾ هئا ۽ پيءُ ڏاڏي کان هن سلسلي جو مريد هو، سو شيخ کي پنهنجي ڌيءُ جو سڱ ڏيئي، سندس پاڙ کوٽڻ لڳو ۽ آخر پنهنجي پير کي ٺڳيءَ سان شهيد ڪري، ملڪ جو مالڪ ٿي پاڻ کي سلطان قطب الدين جو لقب ڏنائين.(3)

"سنڌي پيرڪش" جو پهاڪو دنيا ۾ انهيءَ واقعي جي ڪري ]مشهور[ رهيو. قصو ڪوتاهه شيخ جي حڪومت ٻه سال ۽ قطب الدين جي سورنهن سال ]رهي[. تنهن کان پوءِ سلطان حسين بن قطب الدين لانگاهه 34 سال پوءِ سلطان محمود بن فيروز خان لانگاهه 27 سال ۽ ڪي مهينا. انهيءَ کان پوءِ سلطان حسين بن سلطان محمود حڪومت ڪئي. ٿورن سالن کان پوءِ مرزا شاهه حسن ارغون، جيئن مٿي بيان ٿي آيو ملتان فتح ڪري حـضرت بابر بادشاهه کي نذراني طور پيش ڪيو، ]ملتان[ دوباره دهليءَ سان متعلق ٿي، هن شهنشاهت جي گورنرن جو تختگاهه رهندو آيو ۽ نادر شاهه جي لاهور کان وٺي هن اورئين پاسي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ واري وقت تائين، گهڻو ڪري شاهزادن جي جاگير ۽ ناليرن اميرن جي ]117[ حڪومت جي گادي رهندو آيو. انهيءَ کان پوءِ، هن وقت تائين، احمد شاهه دراني (ابدالي) جي حڪم هيٺ آهي.

معلومة الافاق ۾ لکيل آهي، ته عالمگير (اورنگزيب) جي ڏينهن ۾ ملتان جي آسپاس نهارن جي زمين ۾ هڪ اونهو کوهه کوٽي رهيا هئا، ته اوچتو کوهه جي تري ۾ بيلدارن کي هڪ ڌڪ سان ٿوري خون سان مليل مٽي ڏسڻ ۾ آئي. جاچ ڪرڻ تي گپ مان هڪ ٿڃ پياڪ ٻار نڪري آيو. انهيءَ ٻار کي دائيءَ جي حوالي ڪيائون ۽ هو کير تي وڏو ٿيو. جڏهن ڳالهائڻ جيڏو ۽ سمجهه وارو ٿيو تڏهن ڪلمو شريف ۽ قرآن مجيد پڙهڻ لڳو. پوءِ حرمين شريفين جي زيارت جو شرف حاصل ڪيائين. هن شهر جا بزرگ ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. تبرڪاً ڪن ٿورن جي نالن تي اڪتفا ڪجي ٿي.

جعفر، لقب المؤيد من السماءِ (آسمان کان تائيد ڪيل).

]جعفر[ ولد محمد بن عبدالله بن محمد بن عمر بن علي. سيدن مان پهريائين انهيءَ سڳوري هن سرزمين تي تشريف فرما ٿي سڪونت اختيار ڪئي. چون ٿا، ته هن پنجاهه پٽ ڇڏيا، جيڪي هندستان، ڪرمان ۽ ايران ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. انهن مان عبدالحميد اُچ تي حڪومت ڪئي.

الشيخ الڪبير بهاءُ الحق والد شيخ بهاءُ الدين زڪريا

]شيخ بهاءُ الدين زڪريا[ بن شيخ ابو محمد شيخ ابراهيم بن شيخ عبدالله بن شيخ شهاب الدين بن شيخ زڪريا بن شيخ نورالدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ وجد الدين بن شيخ مسعود بن شيخ رضي الدين بن القاسم بن الجعفر بن ابي بڪر رضي الله عنہ. ڪن ]تاريخ نويسن[ شيخ جو نسب هيٺين طرح لکيو آهي: شيخ بهاءُ الدين زڪريا بن محمد غوث بن ابي بڪر بن سلطان جلال الدين بن سلطان علي قاضي بن سلطان محمد بن سلطان حسين بن سلطان عبدالله بن سلطان طرفه بن سلطان جذيمه يعني عبدالله بن امير عاصم بن عبدالرحيم بن عبدالرحمان بن عياض بن اسد بن عبدالعزيٰ بن قصي بن ڪلاب. پهرين لکئي موجب شيخ اسماعيل ثاني شيخ صديقي گهراڻي مان آهي، ٻئي موجب اسدي ]آهي[. والله اعلم. هو ظاهري خواهه باطني علمن ۾ ڪامل هو.

شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو هڪ اڪمل مريد ۽ وڏي ۾ وڏو خليفو هو. شيخ جي رخصت سان اچي ملتان ۾ رهيو هو. اُتي جو شيخ الاسلام ٿي گذاريائين. سنڌ جا اڪثر ماڻهو انهيءَ دروازي جا مريد آهن. پهريون پير، جنهن سنڌ ۾ ارشاد جو سلسلو جاري ڪيو، سو اهو آهي. سندس روشن ڪرامتون ۽ خوارق عادات منجهند جي سج وانگيان ظاهر آهن. هو سنہ 360 هجري(1) ۾ گذاري ويو، ۽ ملتان جي قديم قلعي ۾ آرامي آهي. شيخ فخرالدين عراقي ۽ ڪتاب ڪنزالرموز، زادالمسافرين ۽ نزهته الارواح جو مصنف امير حسيني، سندس ڪامل مريدن مان آهن.

]شيخ صدرالدين محمد[: شيخ صدرالدين محمد، مٿئين شيخ جو فرزند رشيد ۽ جانشين، پيءُ جي وفات کان پوءِ ارڙنهن سال مريدن ۽ طالبن جي تڪميل ۾ مشغول رهيو. هن جون پڻ سندس والد بزرگوار وانگر ڪيئي ڪرامتون مشهور آهن.

]شيخ رڪن الدين[: شيخ رڪن الدين مٿئين شيخ صدرالدين جو فرزند ارجمند ۽ خليفو آهي. 52 سال پيءُ ۽ ڏاڏي بزرگوار جي مصلي تي ويهي، طالبن کي مقصد جو رستو ڏيندو رهيو.

]شيخ اسماعيل شهيد[: انهيءَ کان پوءِ سندس فرزند رشيد شيخ اسماعيل شهيد قائم مقام بڻجي علم خواهه سلوڪ جي طالبن جي رهنمائيءَ ۾ عمر گذاري، ۽ شيخ الاسلام جي موروثي ]عهدي[ سان ممتاز ٿيو.

]شيخ صدر الدين ثاني[: تنهن کان پوءِ شيخ صدر الدين ثاني ولد شيخ اسماعيل شهيد، پيءُ ڏاڏي جي دستور موجب قائم مقام، سجادهه نشين، وڏن جي مزارن سڳورين جو متولي ۽ ملتان جو شيخ الاسلام ٿي رهيو.

]شيخ رڪن الدين ثاني[: پوءِ شيخ صدر الدين ثانيءَ جي فرزند شيخ رڪن الدين ثاني، جو وڏن وانگيان بلند مقامات جو صاحب ]هو[. سجادهه نشينيءَ ۽ شيخ الاسلاميءَ ۾ پنهنجا برڪت ڀريا ڏينهن پورا ڪيا.

]شيخ اسماعيل ثاني[: انهيءَ کان پوءِ شيخ اسماعيل ثاني ولد شيخ رڪن الدين ثاني وڏن جي نموني تي زندگي گذاري.

]شيخ يوسف[: تنهن کان پوءِ شيخ اسماعيل ثانيءَ جو فرزند شيخ يوسف وڏن جي دستور موجب ملتان جو شيخ الاسلام ]118[ ٿيو، ۽ جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هو سنہ 847 هجريءَ ۾ بادشاهه ٿي، ٻن سالن کان پوءِ شهيد ٿيو.

]شيخ شهر الله[: پوءِ شيخ شهرالله وڏن جو جانشين ٿيو.

]شيخ بهاءُ الدين[: تنهن کان پوءِ هن جو پٽ شيخ بهاءُ الدين گادي نشين ٿيو. هن جي تعريف حد ۽ انداز کان ٻاهر آهي. سنڌ جا اڪثر مشائخ خواهه عوام هن جا مريد آهن. هن جي اولاد مان ڪيئي بزرگوار سنڌ جي سير وسياحت ۽ رشد ۽ ارشاد ۾ مشغول رهي، ازلي گهر ] ۽ آيت سڳوري[  ” وَلاَتَدْرِيْ نَفْسٌ بِاَيِّ اَرْضِ لَمُوْتُ“ (ڪنهن به جاندار کي معلوم نه آهي، ته هن جا پساهه ڪهڙيءَ زمين ۾ پورا ٿيندا) جي مصداق موجب، سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ آرامي آهن. گهڻن جو بيان خاص جاين جي موقعي مناسب ٿيندو(انشاءَ  الله تعاليٰ).

]شيخ محمد غوث[: مٿئين شيخ بهاءُ الدين جي اولاد مان وڏن جو جانشين، گهراڻي جو رئيس، خلق ۾ مشهور ۽ عام خاص ماڻهن جو مرشد هو. هو تمام متبرڪ هو ۽ تازو گذاري ويو آهي. هاڻي ڀاونشاهه نالي سندس ڀائيٽو وڏن بزرگن جو مسند نشين آهي.

لکندڙ جي دل جي خواهش اهائي هئي، ته هن سلسلي عاليه جا سجادهه نشين جيڪي مٿئين شهر ۾ اڄ تائين ٿي گذريا آهن، تن سڀني جو ذڪر پنهنجي پنهنجي وقت ]جي احوال سميت[ ترتيب وار ڪيو وڃي، پر معلومات جي فراهم نه ٿيڻ ڪري، اها آرزو پوري ٿي نه سگهي. جيڪڏهن حياتيءَ وفا ڪئي پوءِ ڪريم ڪارساز جي ڪرم ۾ اميد آهي، ته اها تمنا پڻ پوري ٿيندي. انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن ڪنهن سعادتمند کي هن سعادت جي توفيق حاصل ٿئي، ته کيس مؤلف جي پاران اجازت آهي، بلڪ "ذڪر حق چـُـون ذڪر اهل  الله نيست". (ذڪر اهل  الله جو ٻيو ٿيو نه ذڪر) جي حقيقت موجب، پاڻ ثواب پڙ پوندس - و الله ولي التوفيق (  الله پاڪ توفيق جو مالڪ آهي).

]شيخ عمادالدين اسماعيل[: شيخ عمادالدين اسماعيل ولد شيخ صدرالدين بن شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني، هڪ ڪامل ولي ۽ وڏو پرهيزگار، هن سرزمين تي فيض واري زندگي گذاري ويو آهي.

]شاهه گرديز[: شاهه گرديز مشهور معروف سيد پڻ ملتان ۾ تشريف فرما ٿيو هو. هو قديم زماني جو پير ۽ شيخ بهاءُالدين ملتانيءَ جو همعصر هو. هو ملتان ۾ رهيو، اتي ئي گذاري ويو، ۽ دفن ٿيو. نقل آهي، ته ڪيتري عرصي تائين هو قبر مان پنهنجن مريدن کي هٿ ڏيندو هو. هن وقت به اها واٽ ڇڏيل آهي، جتان هٿ ٻاهر ڪڍندو هو.

]شيخ موسيٰ[: شيخ موسيٰ، لقب "پاڪ شهيد"، شيخ سيد حامد گنج بخش جو اولاد، سيد عبدالقادر ثانيءَ ولد شيخ محمد غوث، جنهن جو بيان اُچ جي ذڪر وقت ٿيندو، جو پوٽو، طريقت جي رازن کان واقف، حقيقت جي واديءَ جو سالڪ، ]پنهنجن[ وڏن وانگيان بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو. سندس اولاد اُتي موجود آهي.

فضلي: وقت جي وڏن عالمن مان هو. ناصرالدين قباچي جي خدمت ۾ رهندو هو. ڪماليت جي فن جو جامع هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن شعر گوئي به ڪندو هو.

مخدوم حسام الدين: وقت جو وڏي ۾ وڏو ۽ انهيءَ ملڪ جو ڪامل ۾ ڪامل ]بزرگ[ آهي. شرعيت جي بجاآوريءَ جو ڏاڍو اهتمام ڪندو هو. مير عبدالقادر "حديقة الاوليا" ۾ لکيو آهي، ته "شيخ، سفر ۾ هلندي جنهن ڳوٺ وٽان لنگهندو هو، ته ٻاهران ئي اُتي جي رهاڪن جي هلت چلت متعلق پڇا ڪندو هو. جيڪڏهن هو شرعيت جي زيور سان سينگاريل هوندا هئا، ته اندر گهڙندو هو، نه ته ٻاهران ئي ٻاهران هليو ويندو هو". سندس وقت گهڻو ڪري عبادت ۽ طالبن کي فيض ڏيڻ ۾ گذرندو هو. سندس مزار حسام پور جي ڳوٺ ۾ آهي، جو سندس نالي پويان سڏجي ٿو.

سعيد قريشي: شهزادي مراد بخش بن عالمگير بادشاهه جو ملازم هو. شاعريءَ ۾ مهارت جو علم بردار هو. مـَـالاَ يـُـدرَکُ کـُـلـُـہ لاَ يـُـتـرکُ کـُـلہ(1) (جا شيءِ سڄي هٿ نه ڪري سگهبي آهي، ته سڄي ڇڏي نه ڏبي آهي) موجب، هن ٿورڙيءَ حالات تي اڪتفا ڪئي ويئي، جا خرار مان هڪ لپ جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪو پيارو وڌائيندو، ته احسان جو لائق ٿيندو.

(اُچ)

مشهور معروف ۽ عزت واري جڳهه ۽ قديم زماني کان ملتان جي تابع آهي. هن جي سرزمين انهن ڇهن جاين مان آهي، جن جي قلعن کي مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم راءِ ساهسي بن سيهرس رعيت کي ڍل جي بدران ڏنو هو، ۽ هو اُچيون ٿي پيون هيون. گهڻي وقت گذرڻ ڪري، اهي جايون ڊهي ]ويون آهن[. هاڻي انهن ستن جاين مان ٽي جايون: يعني اُچ گيلاني، اُچ مخدوم جلال جهانيان، ۽ اُچ مغليه هڪ ٻئي جي ڀرسان آباد آهن. نالي جو سبب اهو آهي، جو سندن زمين مٿانهين آهي. هي خدا وارن جي مرجع ۽ اهل  الله جو آرامگاهه آهي.

عبدالحميد: اُتي جي رهاڪن مان ]سيد[ جعفر، لقب "المويد من السماءَ" - جنهن جو ذڪر ملتان ۾ گذري آيو، جي پٽ ]سيد[ عبدالحميد جي بزرگي تعريف جي محتاج نه آهي. ڪجهه وقت اهو هدايت وارو هن سرزمين تي حڪومت ڪندو رهيو.

]شيخ صفي الدين ڪبير[: ٻيو شيخ صفي الدين ڪبير گاذروني، هن برڪت ڀرئي ٽڪر ۾  الله وارن جو مرجع ۽ هدايت وارن جو زيارتگاهه آهي. شيخ صفي الدين صغير، جو مخدوم شيخ محمد غوث گيلاني جو همعصر آهي (جنهن جو بيان اڳتي ايندو) سو سندس اولاد مان آهي. هن جو اولاد اڃا تائين باقي آهي. تنهن کان سواءِ ٻيا ٻه عزت وارا ۽ هدايت جا علمبردار خاندان پنهنجي وقت ۾ ممتاز آهن.

]مخدوم شيخ محمد غوث[: مخدوم شيخ محمد غوث بن سيد شاهه مير بن سيد علي بن سيد مسعود بن سيد احمد بن سيد صفي الدين بن سيد سيف الدين عبدالوهاب بن سيد السادات غوث الثقلين قطب رباني محبوب سبحاني سيد عبدالقادر جيلاني قدس  الله سره. ]هو[ معقولي خواهه منقولي علمن جو جامع، فروع ۽ اصول جو ماهر، الله جو عارف ۽ هندستان جو هڪ ڪامل مرشد آهي، جو اُچ گيلاني ۾ اچي رهيو ۽ ڪافرن خواهه فاسقن جي هڪ وڏيءَ جماعت کي اسلام جي شرف سان مشرف ڪيائين. هيءُ شيخ صفي الدين ڪبير گاذ رونيءَ، جنهن جي تربت اُچ ۾ خدا وارن جي زيارتگاهه آهي، جي اولاد مان صفي الدين صغير جي نياڻيءَ سان شادي ڪري، هميشہ لاءِ اُتي رهيو پيو. هن ملتان جي زميندارن لانگاهن مان پڻ شادي ڪئي. هن بزرگ کي چار پٽ پيدا ٿيا.

]مخدوم شيخ عبدالقادر[: هن کي عبدالقادر ثانيءَ جو لقب مليل آهي، ولد شيخ ]محمد غوث[ بن سيد شاهه مير بن سيد علي بن سيد مسعود بن سيد احمد بن صفي الدين. ]119[ دار شڪوه "سفينته الاوليا" ۾ شيخ عبدالحق قادري دهلويءَ کان نقل ڪيو آهي، ته شيخ "اخبار الاخيار" ۾ چيو آهي، ته "شيخ عبدالقادر ثاني ولايت ۾ حـضرت غوث الثقلين جو حقيقي وارث آهي". سندس اولاد ۾ ولايت، عزت ۽ شرافت موروثي طور هلندي اچي ٿي. سندس مدفن، انهيءَ برڪت ڀري سرزمين تي سندس والد جي قبي ۾، الله پاڪ جي رحمت جي نور جو خزانو آهي. سندس اولاد مان ڪي وڃي ملتان ۾ رهيا ۽ ٻيا اڄ تائين برڪت ڀري اُچ ۾ هدايت جي گادي جاري رکيو اچن ٿا.

]سيد عبدالرزاق[: کانئس پوءِ سندس سڳورو فرزند سيد عبدالرزاق، جنهن کي هدايت جي دولت مان بهرو عطا ٿيل هو، ڏاڏي بزرگوار جو گادي نشين رهيو.

]شيخ حامد بخش[: انهيءَ کان پوءِ اُن جو پٽ سيد شيخ حامد بخش، وڏن جي بزرگيءَ سان موصوف ۽ ڏاڏي بزرگوار جي اولاد جو سرگروهه. ۽ گادي نشين ٿيو.

]سيد شمس الدين[: پوءِ سيد شمس الدين يقين، هدايت ۽ عرفان جي نور سان ]منور ٿي[ عزت جي گاديءَ تي ويٺو.

]سيد عبدالقادر ثالث[: انهيءَ کان پوءِ وري سيد عبدالقادر ثالث وڏن وارن، گـُـڻن سان سينگارجي سجادهه نشين ٿيو.

]شيخ زين العابدين[: ]خدا جي[ بندن جي سونهن ۽ اهل ارشاد جو سينگار شيخ زين العابدين، مٿئين مخدوم جي اولاد مان، مرزا شاهه حسن ارغون جو همعصر هو.

]شيخ ابراهيم[: خدا جو خليل، شيخ ابراهيم، مٿئين مخدوم جو وڏي ۾ وڏو خليفو ۽ شيخ زين العابدين جو همعصر، ڪرامتن ۾ نهايت مشهور آهي.

]شيخ ممن ۽ سندس پٽ شيخ شڪر الله[: شيخ ممن، قادري، ۽ سندس پٽ شيخ شڪر الله عرف شيخ ڀنڀو قادري، پيڙهيءَ ۾ جناب حـضرت غوث الثقلين سان ملن ٿا. سيد باقر "جواهر الاوليا" ۾ هن پيءُ ۽ پٽ متعلق عجيب روايتون لکيون آهن.

]سيد حامد گنج بخش[: هاڻي سيد گنج بخش ولد سيد عبدالقادر خامس، مٿئين مخدوم محمد غوث جي اولاد مان، عجيب شان ۽ بزرگيءَ جي نشان سان، پنهنجي ڏاڏي بزرگوار جي خلافت جي گاديءَ تي ويٺل آهي.

هن مخدوم (شيخ محمد غوث) جي اولاد جي پوري احوال نامعلوم هئڻ ڪري، هنن نالن تي اڪتفا ڪئي ويئي. جيڪڏهن الله تعاليٰ جي امداد سان هن سلسلهء عاليہ جي سچي احوال کان واقفيت ٿي، ته هن ڪتاب ۾ وڌائي ويندي. انهيءَ عرصي ۾ جيڪڏهن ڪنهن بختاور کي هن سعادت جي توفيق عطا ٿي، ته واهه نصيب.

]سيد جلال بخاري[: سيد جلال بخاري جنهن کي "سيد جلال سرخ" جو لقب مليل آهي، سو شيخ بهاءُالدين ملتانيءَ جو مريد ۽ يار آهي. هو ]پاڻ ۾[. چار يار آهن. شيخ بهاءُالدين، شيخ فريد الدين، سيد عثمان مروندي (قلندر لعل شهباز) ۽ سيد جلال سرخ.

سيد جلال هڪ ڪامل ولي آهي. هو ٻن پٽن: سيد علي ۽ سيد جعفر سان گڏ ملتان کان بکر آيو هو، جتي کيس حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم، سيد بدرالدين، جنهن جو بيان اڳتي ايندو، جي ٻن نياڻين سان هڪ ٻئي پويان شادي ڪرڻ جو خواب ۾ حڪم ڪيو. حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي طرفان خواب ۾ سيد کي پڻ اهڙو ارشاد ٿيو. نيٺ سيد جلال هن مائٽيءَ جو شرف حاصل ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ، ڀائرن جي تڪرار ۽ حسد کان مجبور ٿي اُچ روانو ٿيو، جتي کيس فرزند پيدا ٿيا. سيد جلال وڏي کي سيد علي، سيد جعفر، سيد محمد غوث ۽ سيد احمد ڪبير نالي چار پٽ هئا. سيد احمد ڪبير کي ٻه پٽ ڄاوا: هڪ مخدوم سيد جلال جهانيان ۽ ٻيو سيد راجو قتال. ٻئي وڏن ولين ۾ شمار ٿين ٿا. مخدوم جهانيان جي ظاهري خواهه باطني تربيت اگرچ سندس والد فرمائي هئي، پر تنهن هوندي به هو شيخ رڪن الدين جو مريد ٿيو هو.

کيس مخدوم جهانيان انهيءَ ڪري چون ٿا، جو عيد جي ڏينهن شيخ بهاءُالدين جي روضي تي وڃي عيد جي خرچي گهريائين. آواز ٿيو، ته "خدا تعاليٰ توکي "مخدوم جهانيان" (سڀني جهان وارن جو مخدوم) بنايو آهي، تنهنجي عيد جي خرچي اها ڪافي آهي!" شيخ صدرالدين جي روضي تي ويو، ته اتان به اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيس. ٻاهر نڪتو ته کيس هر هڪ ماڻهو "مخدوم جهانيان" سڏڻ لڳو. هن بزرگوار جون ڪرامتون ۽ خوارق ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن. مڪي ۾ رهڻ واري وقت ۾ امام عبدالله يافعيءَ سان محبت ونڊيندو هو. پنهنجي ڪتاب "خزانهء جلالي" ۾ امام عبدالله يافعيءَ جا گهڻا ملفوظات لکيا اٿس. مڪي ]شريف[ کان موٽڻ وقت، رستي ۾ ]120[ شيخ نصيرالدين چراغ دهلويءَ کان چشتي خلافت جو خرقو ڍڪي، اُچ ۾ پهتو. "تاريخ محمدي" ۾ لکيل آهي، ته هن نبوي حرم شريف جي محدثن جي سردار، شيخ الاسلام، شيخ عفيف الدين عبدالله العطري کان خلافت جي ٽوپي ۽ تبرڪ جو خرقو پهريو هو، ۽ ٻه سال سندس صحبت ۾ رهي ڪتاب عوارف ۽ ٻيا سلوڪ جا ڪتاب سندس خدمت ۾ پڙهيا. ] آخر ۾[ شيخ عفيف الدين فرمايو، ته توهان جي ڪئنچي هلائڻ (مريد ڪرڻ) گاذرون ]وڃڻ[ تي موقوف آهي. گاذرون پهچڻ تي شيخ الاسلام امين الدين جي ڀاءُ، شيخ امام الدين کيس ٻڌايو، ته "مون کي شيخ امين الدين رحلت ڪرڻ وقت وصيت ڪئي هئي، ته "سيد جلال الدين اُچ ۽ ملتان کان ملاقات جو ارادو رکيو ٿي آيو، پر ]رستي ۾[ کيس شيطان برغلائي وڌو، ته امين الدين گذاري ويو آهي. هو جڏهن اچي، ته کيس منهنجي سلامن ڏيڻ کان پوءِ، منهنجو مـُـصلو ۽ ڪئنچي سندس حوالي ڪري، کيس ]مريدن ڪرڻ جي[ اجازت ڏج". اتان اها نعمت حاصل ڪري موٽي آيو ۽ اچي شيخ رڪن الدين کان برڪت جو خرقو حاصل ڪيائين.

سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ سيوستان ۽ ان جي آسپاس لاءِ شيخ الاسلامي جي عهدي ۽ خانقاهه محمد جي سند سان سرفراز ٿيو، پر ٿوري وقت کان پوءِ اهو سڀ ڪجهه ڇڏي گوشي نشين ٿي ويهي رهيو. سلطان فيروز جي ڏينهن ۾(1) ! سنہ 785 هجريءَ ۾ گذاري ويا. سندس روضو مبارڪ اُچ ۾ الله وارن جي مرجع آهي.

]شيخ برهان الدين قطب العالم[: شيخ برهان الدين قطب العالم، مخدوم جهانيان جو فرزند ۽ جانشين آهي، جيئن گجرات جي بيان ۾ ذڪر ٿي چڪو(2).

چون ٿا، ته هڪ رات سيد برهان الدين تهجد لاءِ اٿيو، رات اونداهي هئي تنهنڪري سندس پير هڪ ڪاٺي تي لڳي ڦٽجي پيو، فرمايائين، ته هيءُ پٿر آهي يا لوهه آهي يا ڪاٺي آهي؟ صبح ٿيڻ تي ماڻهن انهيءَ کي روشنائيءَ ۾ ڏٺو، ته ]جئن[ زبان مبارڪ مان نڪتو هو، انهيءَ ڪاٺيءَ جو، ٽڪرو پٿر، ٽڪرو لوهه ۽ هڪ ٽڪرو ڪاٺيءَ جي اصلوڪي صورت ۾ هو. دارا شڪوه "سفينه الاوليا" ۾ لکيو آهي، ته اڄ به (جو سال 1049هجري آهي). اها ڪاٺي مٿين ٽنهي حالتن ۾ احمد آباد گجرات ۾ سندس اولاد وٽ موجود آهي. سندس وفات سنہ 856 هجريءَ  ] ۾ ٿي[. سندس عمر جو عرصو 68 سال ]هو[ . سندس قبر احمد آباد گجرات جي پسگردائيءَ ۾ بٽوهه جي ڳوٺ ۾ آهي.

]سلطان محمود ناصرالدين[: سلطان محمود ناصرالدين ولد مخدوم جهانيان ڏاڍي هدايت ۽ مريدن جي مشڪلات پوريءَ طرح حل ڪرڻ ۾ زندگي گذاري.

]سيد فيض الله[: سيد فيض الله ولد سلطان محمود ناصر الدين رڳو فيض الاهيءَ ۽ سلوڪ جي واقفيت ۾ محو هو.

]سيد اسماعيل[: مٿئين سيد فيض الله جو پٽ سيد اسماعيل وڏن جي رستي جو چڱيءَ طرح واقف هو.

]سيد راجو[: سيد راجو ولد سيد اسماعيل هدايت جي رستي جو سالڪ ٿي گذريو آهي.

]سيد ابراهيم[: سيد ابراهيم ولد سيد راجو الله جي رستي جو خليل پيدا ٿيو.

]سيد قطب الدين[: سيد ابراهيم جو فرزند سيد قطب الدين هدايت ۽ ارشاد جي آسمان جو قطب هو.

]سيد فضل الله[: سيد فضل الله ولد سيد قطب الدين نسورو فضل خدا هو.

]سيد عثمان[: سيد عثمان ولد سيد داؤد بن سيد شڪر الله بن سيد حاجي حميد بن سيد راجو بن سيد نظام الدين بن سيد ابراهيم بن سيد راجو بن سيد اسماعيل بن سيد فيض الله بن سيد محمود ناصر الدين بن سيد جلال جهانيان، معرفت وارن جي لسٽ ۾ داخل ٿيل ۽ وڏيءَ هدايت وارو هو.

]سيد باقر بن سيد عثمان[: مٿئين سيد عثمان جو فرزند سيد باقر، شيخ ڀنڀو قادري، جنهن جو بيان ٿي آيو، جي گهراڻي مان رسالي "باقر الاتوار" جو مصنف آهي. پڻ انهيءَ اُچ جي شهر ۾ اعتڪاف ۾ ويٺي، حـضرت رسول الله کان ٻڌو هو، ته "يا ولدي من قراءُ اللهم انک تعلم ذنو بنا الخ بعد کل صلواة احد عشر مرة قضي الله تعاليٰ لہ کل حاجة من الدنيا والاخرة" (اي منهنجا فرزند! جيڪو به هر هڪ نماز کان پوءِ يارنهن دفعا اللهم انک تعلم ذنو بنا الخ پڙهندو، ته الله تعاليٰ هن جي دنيا خواهه آخرت جي سڀڪا ضرورت پوري ڪندو) ۽ جيڪي مصطفيٰ ]صلي الله عليہ وسلم[  جي حـضور مان ٻڌائين سو 25 رمضان سنہ 1070 هجريءَ ۾ "جواهر الاولياءِ" ۾ لکيائين.

]سيد محمد مراد ۽ سيد ورايو[: سيد باقر جا ڀائر سيد مراد ۽ سيد ورايو، مٿئين سيد عثمان جا پٽ، چڱي حالت جا صاحب ٿي گذريا آهن.

]سيد جلال[: سيد جلال، لقب "جليل الله "، بن سيد داؤد بخاري، سيد باقر، سيد مراد ۽ سيد ورائي جو چاچو، پنهنجي ڏاڏي سان همنام هجڻ جي برڪت سان حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي.

]شيخ ابو طالب[: شيخ ابو طالب هن جو مريد آهي، جنهن معرفت منجهان وڏو حصو هٿ ڪيو هو ]121[ .

]سيد نو بهار شاهه[: مخدوم جهانيان جي اولاد مان ڏاڏي بزرگوار جو گادي نشين ]هو[. ۽ ڏاڍي هدايت ۽ امتياز سان گذاري ويو.

]سيد نو ناصرالدين[: هاڻي سيد نو ناصرالدين انهيءَ محفل جي شمع، نيڪ وڏن جو جانشين ۽ مريدن جي مرجع آهي، جو امتياز سان زندگي گذاري رهيو آهي.

]سيد راجو قتال[: سيد راجو قتال بن سيد احمد ڪبير بن سيد جلال وڏو بخاري عجيب و غريب حال ۽ ڪمال جو مالڪ هو. هن جي شان ۾ جيڪي به لکيو وڃي سو ٿورو آهي. هن جي صحبت مان ڪيترائي طالبِ، فيض جا صاحب ٿيا. جن مان هڪ سنڌ جو بلوچ "عارف" آهي، جو جهڙو نالو عارف اٿس اهڙو ئي عارف آهي. قاضي نورالله شوستري "مجالس المؤمنين" ۾ هن کي حال جي صاحبن جي لسٽ ۾ لکيو آهي. مير عبدالرشيد پنهنجي منتخب ۾ هن جو شعر "گي" بمعني ابلق (گهوڙي) جانور لاءِ شاهد طور آندو آهي.

]سيد راجو[: سيد راجو بن سيد حامد الحسين البخاري هڪ فاضل، عالي همت ۽ ڪرامت جو صاحب سيد هو. جيئن مٿي بيان ٿي آيو، سندس وڏا بخارا کان هندستان آيا هئا. هن بلوچن جي هڪ جماعت کي مريد بڻايو هو. ڪنهن وقت همايون بادشاهه کي ڏسڻ لاءِ روانو ٿيو. بادشاهه کي خبر پئي، ته سيد جي استقبال جو پڪو ارادو ڪيائين، ]پر[ سيد جي پهچڻ تي مخدوم الملڪ ملا عبد الله لاهوريءَ بادشاهه کي چيو، ته "]هي[ سيد رافضي بدعتي آهي، هن جو استقبال دين جي بيعزتي آهي!" ]مطلب ته[ ايترو چيائين جو بادشاهه پنهنجي سر استقبال ڪرڻ جو ارادو ڇڏي، پنهنجي پاران شهزادي جلال الدين اڪبر کي بيرم خان سان گڏي استقبال واسطي موڪليو، ۽ پاڻ معافي گهريائين. تقديراً انهيءَ ڏينهن لاهور جي حاڪم مير حاجي سيستاني، ملا عبدالله کي قيد ڪيو. عبدالله پنهنجي حق ۾ آزاديءَ جي دعا گهرڻ لاءِ سلطان پور ۾ رهندڙ شيخ عزيز الله عباسي ملتانيءَ ڏانهن لکيو ۽ شيخ دعا خواهيءَ ۾ لڳي ويو. رات جو سرور ڪائنات کي خواب ۾ ڏٺائين، ته سيد راجو گوڏي شريف تي ويٺو آهي. شيخ عرض ڪيو، ته "ملا ]عبدالله[ حضور جو مداحي آهي، سندس آزادي ڏانهن توجهه فرمايو". آنحضرت صلي الله عليہ وسلم سيد ڏانهن ڏسي فرمايو، ته "منهنجو پٽ ملا جي هٿان رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهيو آهي". شيخ، ملا ڏانهن حقيقت لکي موڪلي، جنهن تي هن توبهه استغفار ڪري سيد کي راضي ڪيو.

]شيخ جمن[: شيخ جمن بن سيد زين العابدين بن سيد راجو، جنهن جو ذڪر مٿي ٿي آيو، پنهنجي وقت جو وڏو فاضل هو. قاضي نور الله شوستريءَ جي ساڻس خط و ڪتابت هوندي هئي. قاضيءَ جا ڪجهه سوال سيد جي جوابن سميت قاضيءَ جي ڪتاب مجالس المؤمنين ۾ لکيل آهن.

مخفي نه رهي، ته هتي بيان ٿيل سيد راجو ۽ مٿي بيان ٿيل سيد راجا جي وچ ۾ تمام گهڻي عرصي جي دوري آهي. هيءُ سيد راجو، شايد مٿئين سيد راجي جي اولاد مان آهي. و الله اعلم بالصواب.

]سيد علي اڪبر[: سيد راجو قتال جي اولاد مان سيد علي اڪبر بن سيد حامد قتال، "فوائد البخاري" جو مصنف ۽ "جواهر الاوليا" جي راوين مان هڪڙو آهي.

]شاهه عيسيٰ عبدالوهاب[: مخدوم جهانيان جي اولاد مان ]آهي[ . اُچ ۾ سندس تربت الله وارن جي زيارتگاهه آهي.

]سيد شاهه چراغ[: مٿئين شاهه عيسيٰ جو سجادهه نشين سيد شاهه چراغ، ميان نور محمد ]ڪلهوڙي[ جو همعصر هو. هو دائود پوٽن کي ڇڏائڻ لاءِ آيو هو ۽ وڏو مان] پاتو هئائين. نهايت وڏيءَ بزرگيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو آهي.

]سيد اسماعيل بخاري[: سيد اسماعيل بخاري اُچ جو رهاڪو هو. "جواهر الاوليا" جي مصنف مير محمد باقر هن کان روايتون ڪيون آهن. هو انهن ماڻهن مان آهي، جن کي مٿئين مير (باقر) پيغمبر عليہ الصلواة والسلام جي حضور ۾ ڏٺو ]هو[  مير عبدالرزاق جو والد ۽ سيد عبداللطيف سيوستاني (جيڪو راقم الحروف جي ناني سيد عبداللطيف عرف سيد مهتي جو ڏاڏو ٿئي، ۽ ]سندس ذڪر[ پنهنجي جاءِ تي ٿيندو) جو ڏاڏو ]آهي[.

ڪتاب ۾ هن خاندان جي سجادهه نشين بزرگن جو بيان، ترتيب وار ڪرڻ جو ارادو هو، پر هن وقت جيترو ٿورو گهڻو ميسر ٿي سگهيو، اوترو بنا ترتيب جي داخل ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ و تقدس جي بي انتها احسان ۾ اميد آهي، ته اها تمنا حاصل ٿيندي، يا ٻيو ڪو توفيق جو صاحب هن سهڻي بيان جي سلسلي جي تحقيق ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو.

]شيخ يحيٰ اچي[: شيخ يحيٰ اُچي ڪرامت ۽ تقويٰ جو صاحب، مخدوم جهانيان جو جانشين، نهايت بزرگيءَ ۽ ڪمال ارشاد جي حالت ۾ زندگي گذاري ويو.

]شيخ فياضي[: ڪمال جو صاحب، فيض وارو ۽ مخدوم جهانيان جي نور مان فيض پرائيندڙ مريد ۽ باڪمال طالبن مان هو.

]شيخ فضل الله[: شيخ فضل الله بن ضياءُ الدين عباسي مخدوم جهانيان جو مريد، معرفت ۽ يقين جي لسٽ ۾ داخل هو.

]شيخ حماد قريشي[: مخدوم جهانيان جو مريد ۽ ارشاد ۽ يقين جي صاحبن وٽ مشهور هو.

]شيخ جمال[: شيخ جمال درويش اُچي مخدوم جهانيان سيد جلال جو مريد ۽ حال ۽ قال جو صاحب هو.

]شيخ اسماعيل، قاضي ابوالخير ۽ قاضي عبدالرحمان[: شيخ اسماعيل حالي، قاضي ابو الخير ۽ قاضي عبدالرحمان اُچ جا بزرگ ۽ مرزا شاهه حسن جا همعصر هئا. جيئن ته انهن ئي مٿي ذڪر ڪيلن شيخ زين العابدين ۽ شيخ ابراهيم سان گڏجي سفارش ڪئي، جنهن تي مرزا اُچ جي ]ماڻهن کي[ قتل کان معافي ڏني.

]شيخ شجاع بخاري[: شيخ شجاع بخاري ملتان جي حاڪم حسين لانگاهه جو ناٺي هو.

]ميان سڄڻ صديقي[: ميان سڄڻ صديقي پرهيزگار ۽ متقي عارفن جي جماعت ۾ داخل آهي. فرزند سندس ]122[ مخدوم بهاءُالدين فضيلت ۾ مشهور ۽ علمن جي جامع هجڻ ۾ پنهنجي وقت ۾ معروف هو. هو پنهنجي پراڻي وطن اُچ ۾ گذاري ويو. سندس پٽ محمد عثمان جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ايندو.

]سيد نصيرالدين قادري[: سيد نصيرالدين قادري سيد عثمان بن سيد دائود (جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو) جو مريد آهي. ڏاڍو صالح، پرهيزگار ۽ الله وارن جي سلسلي ۾ داخل هو.

]شيخ جمال[: اُچ جو رهاڪو شيخ جمال ڪورڪي ڌنڌي سان گڏ، حقيقت جي ڪارخاني جو مالڪ هو.

]شيخ محمد بن بايزيد[:شيخ محمد بن بايزيد، ساڪن اُچ، پڻ اُتي جي مشهور ماڻهن مان آهي.

]محمد علي بن شيخ عبدالواسع[: محمد علي بن شيخ عبدالواسع صوفي پڻ هڪ باڪمال انسان هو. اُچ جي بخاري سيدن جو شجرو سندس نظم ڪيل آهي.

ديرو غازي خان

ديرو غازي خان هڪ آباد ملڪ آهي. منجهس اٽڪل هڪ لک 25 هزار کوهه آهن، جن تي آبادي ٿيندي آهي. هميشہ عظيم الشان خانن جي هجڻ ڪري ملڪين مشهور رهيو آهي. اڄ ڪلهه دوباره ميان غلام شاهه (ڪلهوڙي) جي حوالي ٿيو آهي، ] پر[  ڪن سببن جي بنا تي شاهي درٻار مان ميان محمد نواز خان جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي. ]هيٺيان ماڻهو[ اُتي جي ناليرن ولين مان آهن:

]پير منبه[: پير منبه پنهنجي وقت ۾ الله وارن جي پوري پوري مرجع هو.

]شيخ فريد[: شيخ فريد پنهنجي وقت جو يگانو ۽ تجريد ۽ تفريد جي صاحبن ۾ ممتاز هو.

انهن ٻنهي بزرگن جي مزار نيڪن جي زيارت گاهه آهي.

مئو

مئو جو قلعو هڪ ناليرو قلعو، انهن قلعن مان آهي، جن کي مٿي ڪرائڻ واسطي راءِ ساهسي بن سيهرس، رعيت کي ڍل جي عيوض مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم ڪيو هو. ]هيٺيان ماڻهو[ اُتي جي بزرگن مان آهن.

]شيخ روح الله[: شيخ روح الله ولد قطب المحققين، شيخ بزرگ حماد قريشي، مخدوم جهانيان جو مريد (جنهن جو بيان مٿي گذري آيو) وڏو ولي، خدائي رستي جي ڄاڻن جو اڳواڻ آهي. سندس مزار مٿئين قلعي ۾ خلق الله جي زيارتگاهه آهي.

ماٿيلو

ماٿيلو مٿي ذڪر ٿيل ڇهن قلعن مان آهي.

]سلطان نول غوري[: سلطان نول غوري جي درگاه، جيڪا الله وارن جي زيارتگاهه ۽ خدا ترسن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي، انهيءَ (ماٿيلي) ۾ آهي. اُتي جي رهاڪن مان ]سيد شجاع بخاري[  وڻندڙ زندگي ۽ شاندار حالت جو مالڪ آهي.

سيتپور

ناهرن جو ملڪ آهي. اُتي جي ماڻهن مان سيد خواجه ڪلان، مسڪين مودودي، مولانا عبدالله مفتي، مير يار محمد صدر سان ملاقات ٿي. هر هڪ وقت جو بزرگ ۽ فضيلت ۽ چڱي حالت جو مالڪ آهي. هو خان ناهر جا همعصر هئا. جڏهن بکر جي حاڪم سلطان محمود خان مٿئين خان کي سوڙهو ڪيو تڏهن اهي ئي سندس سفارش جو ذريعو ٿيا هئا.

]شيخ بايزيد، شيخ حمزو ۽ سيد داؤد[: تنهن کان سواءِ شيخ بايزيد، شيخ حمزه ۽ سيد داؤد بخاري آهن. مير باقر "جواهر الوليا" ۾ انهن کان روايتون آنديون آهن.

]مولانا يار محمد[: مولانا يار محمد عرف "ياري" پڻ اُتي آراميل آهي.

]سيد راجن  شاهه بخاري[: سيد راجن شاهه بخاري سيد جلال عليہ الرحمة جي اولاد مان آهي. سندس درگاهه نيڪن جي زيارتگاهه آهي.

]سيد سلطان شاهه ۽ راجن شاهه[: مٿئين راجن شاهه جي اولاد مان سيد سلطان شاهه عرف سلطان علي ۽ راجن شاهه انهيءَ سرزمين تي نهايت بزرگيءَ ۽ امتياز سان گذاري ويا آهن، اڪثر زمين سندن موروثي ملڪيت آهي.

]سيد امام الدين[: هاڻي سندس پوٽو سيد امام الدين جانشين ]123[ آهي.

]سيد خير شاهه[: سيد خير شاهه، حشمت ۽ عزت جو صاحب، باقي آهي.

 

 

* * *

 

]باب چوڏهون[

]بکر جو شهر ۽ بکر پرڳڻي جا ڳوٺ ۽ اُتي جا رهاڪو[

 

سندس پراڻو نالو "فرشتہ" آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هي شهر موجود ڪو نه هو. اروڙ جي ويران ٿيڻ کان پوءِ اُتي جا رهاڪو ايڏانهن (بکر ڏانهن) ۽ ٻين جاين ڏانهن لڏي ويا. نيٺ بکر جو ڳوٺ اروڙ بڻجي پيو.

]نالي جو سبب[: چون ٿا، ته جڏهن سيد محمد مڪي بکره (باک ڦٽڻ) جي وقت اتي داخل ٿيو تڏهن چيائين: "جعل الله بکر تي في البقعة المبارکة" (1) - (الله تعاليٰ منهنجو صبح مبارڪ جاءِ  ڪرايو آهي)، تنهن کان پوءِ ماڻهن جي زبان تي انهيءَ جڳهه جو نالو "بـُـکره" چڙهي ويو، جو آهستي آهستي بدلجي "بکر" ٿي پيو. ڪن جو چوڻ آهي، ته مٿئين سيد کان نوڪرن پڇيو، ته "منزل ڪٿي ڪئي ويندي؟" فرمايائين، ته "جتي باک ڦٽڻ وقت بقر (ڍڳي) جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو." وقت گذرڻ تي لهجي بدلجڻ ڪري انهيءَ (بقر) مان "بکر" ٿي پيو. بهرحال اهو پراڻو شهر آهي، روهڙي ۽ سکر انهيءَ کان نوان آهن. هيءَ مبارڪ سرزمين يقين وارن جي ملجا ۽ عارفن جو سرچشمو آهي. سڄيءَ سنڌ ۾ ٺٽي ۽ بکر جهڙي صفائي ۽ نزاڪت واري ۽ مردم خيز زمين پيدا ڪا نه ٿي آهي. اڳين ڏينهن ۾ ٻٻرلوءِ جو چار باغ، جنهن کي سلطان محمود خان، همايون بادشاهه جي منزل ڪرڻ کان ڪجهه وقت پوءِ، بيرم خان جي اچڻ جي خبر ٻڌي، پٽارائي ڇڏيو، دنيا جي هڪ نادر چيز هئي، جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه هڪ وڏي رقم حرمين شريفين ڏانهن نذر موڪلي هئي، جا اتفاقاً واپس موٽي آئي، جنهن مان مير معصوم بادشاهه جي حڪم موجب، اتي خوبصورت جايون ۽ مشهور يادگار منارو تيار ڪرايو. اُتي جي قلعي کي شاهه بيگ اروڙ جي سرن مان ٺهرائي، قلعي ۾ اندر رهندڙ سيدن کي ٻاهر روهڙيءَ ۾ رهايو. پوءِ نادر شاهه بادشاهه اهو قلعو ويران ڪري ڇڏيو. اهو (بکر) تفريح گاهن ۽ دل وڻندڙ باغن سان سينگاريل آهي، ۽ سڳوري آثار، يعني وار مبارڪ، جو صحيح روايتن موجب انهن اڍائن وارن مان آهي، جيڪي حـضرت محمد صلي الله عليہ وسلم کان مؤمنن جي زيارت لاءِ يادگار رهجي ويا آهن، جي وجود جي برڪت سان، خاص عزت لڌي اٿس. اُتي جا اڪثر ماڻهو ٺٽي جي ماڻهن وانگيان سير ۽ صفائي پسند ڪندڙ، نازڪ مزاج ۽ لياقت جي ڳولا ۾ مشهور آهن. گرميءَ جي ڏينهن ۾، جا پاڻيءَ جي چڙهڻ ۽ ميون پچڻ جي موسم آهي، ننڍا توڙي وڏا، سردار توڙي نوڪر، زالون خواهه مرد، باغن ۾ خلوتن ۽ محفلن ۾ ڏينهن گذاريندا آهن، مطلب ته جاءِ ڏسڻ وٽان، ۽ هن جي سرسبز باغ جو گل سنگهڻ جي لائق آهي. انهيءَ ۾ گهڻن ئي ولين جون مزارون آهن.

]سيد علاءُالدين[: سيد علاءُالدين بن سيد شهاب الدين بن سيد موسيٰ بن سيد علاءُالدين بن سيد محمد مڪي پنهنجي وقت جو بزرگ هو. سيد فيض الله ولد سلطان ناصر الدين محمود بن سيد جلال جهانيان سندس ڏهٽو هو. سيد محمود بن سيد فخرالدين بن سيد علاءُالدين بن سيد ابراهيم ثاني بن سيد قاسم، جو سيد محمد مڪيءَ جو چاچو هو، ]اهو[ قاسم بن سيد ابوالمڪارم زيد بن سيد حمزه بن سيد جعفر بن سيد حمزه بن سيد هارون بن سيد عقيل بن ابي عقيل بن اسماعيل بن جعفر ثاني بن علي زڪي بن محمد تقي (شال مٿس تعريفون ۽ سلام نازل هجن)، جو فرزند آهي. سيد نظام الدين ولد سيد فضل الله بن سيد قطب الدين بن سيد ابراهيم بن سيد راجو بن سيد اسماعيل بن سيد فيض الله، جيڪو مخدوم جلال جهانيان جو پوٽو هو، اهو (سيد نظام الدين) سيد محمود مٿئين جو ڏهٽو آهي. هن جي تعريف جي قلم کي طاقت نه آهي. سيد مبارڪ خان بن سيد بايزيد بن سيد محمود بن سيد فخرالدين بن سيد علاءُالدين بن سيد ابراهيم ثاني بن سيد قاسم، سيد محمد مڪي جو چاچو، پنهنجي وقت ۾ ناليرو ۽ مرادمند ٿي گذريو آهي. سيد حاجي حميد نظام الدين ولد سيد راجو، مٿئين ذڪر ٿيل سيد نظام الدين بخاريءَ جو نانو هو.

]سيد محمد مڪي[: سلطان العارفين سيد محمد شجاع جو فرزند رشيد سيد محمد مڪي آهي. سيد محمد شجاع مشهد مقدس ۾ رهندو هو، اتان حرمين شريفين جي زيارت تي آيو. سير ڪندي مرشدن جي مرشد شيخ شهاب الدين سهروردي جو مريد ٿي، فائدو پرائي، فرزنديءَ جو تعلق حاصل ڪيائين (شيخ جو ناٺي بڻيو). شيخ جي معصوم نياڻيءَ مان سيد محمد مڪي، مڪي (شريف) ۾ پيدا ٿيو. هن بزرگوار مشهد ۾ موٽي وڃڻ کان پوءِ جلد ئي فاني جهان کان موڪلايو. کيس امام علي موسيٰ رضا جي قبي ۾ جاءِ ملي. سيد محمد مڪي فرشتہ يعني بکر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪري گذاري ويو. سندس مزار خاص بادشاهي قلعي ۾ ]124[ آهي. بکر جي سيدن جي سرداري ڏانهس منسوب هئي. هو پهريون سيد آهي، جو اُتي آيو. سندس اولاد مان ڪيئي بزرگوار پيدا ٿيا آهن.

]سيد حيدر حقاني(1)[: سيد حيدر، لقب "حقاني"، سندس درگاهه شهر ۾ اندر آئي وئي لاءِ اجابت جي جاءِ آهي، سندس اولاد بابت اڳتي بيان ٿيندو.

]مير ميران رضوي[: مير ميران رضوي روشن ڪرامتن جو صاحب، روهڙيءَ جي وچ ۾ آرامي آهي. سندس پوٽا اڳتي بيان ٿيندا.

]سعيد خان[: سعيد خان، لقب "ڦرڪائي"(2)، اصل مغل، شهر ۾ اندر سندس تـُـربت ضرورتمندن جي زيارتگاهه آهي. سندس اولاد گهڻو ٿيو پر هاڻي ڪو ڪونه رهيو آهي.

]شاهه حاجي دريائي[: چون ٿا، ته اڳئين زماني ۾ هڪڙي نابين قلندر، مڇيءَ جي شڪار لاءِ درياء ۾ ڪـُـنڍي اڇلائي هئي، ٻاهر ڪڍيائين، ته اها هڪ صندوق ۾ چنبڙيل ڏٺائين. انهيءَ کي هٿ لڳائڻ سان هو اکين وارو ٿي پيو، هن ۾ هڪ بزرگ جو لاش ڏسڻ ۾ آيس. خواب ۾ معلوم ٿيس، ته هن جو نالو شاهه حاجي آهي ۽ عرب کان پنهنجي مرشد شاهه بهاءُالدين جي پاڙي ۾ آرامي ٿيڻ لاءِ، الله جي قدرت سان، اِتي پهتو آهي. هاڻي ٻئي قبرون درياءَ جي ڪناري تي، هڪ ٻئي جي ويجهو، ضرورتمندن لاءِ قبوليت جي جاءِ آهن.

]شاهه مقصود[: شاهه مقصود، لقب "موجود"، امرڪس واهه جي پـَـرينءَ ڀر جبل تي آراميل آهي، سڀ ڪنهن آچر ڏينهن اُتي خلق جو مجمع، ۽ هر سال جي چوڏهينءَ تي هڪ وڏو ميلو لڳندو آهي. چون ٿا، ته انهيءَ رات ميلي ۾ غيبي بازايون تيار ٿينديون آهن. هڪ شخص پنهنجي ترار ڪنهن دڪان تي ڳهه رکي هئي، صبح جو ڳوليائين، پر هٿ نه آيس. آخر حقيقت کان واقف ٿي، سال جي ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ۽ ٻئي ]سال جي[ چوڏهينءَ تي اهو دڪان لهي، پنهنجي ترار واپس ورتائين.

]حاجي غيب[: سندس ڀاءُ حاجي غيب ]پڻ[ اتي آراميل آهي.

]صالح شامي ۽ پٽ پير خيرالدين[ ٻيو صالح شامي ۽ پٽ پير خير الدين عرف خيرو آهي. انهن مان هر هڪ جي زيارت مان حاجتمند بيحد فائدو پرائين ٿا.

]شيخ نوح بکري[: مرشدن جو مرشد شيخ نوح بکري، سنڌ جو هڪ وڏو ولي ۽ شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڪامل مريد آهي، هو فرشتہ يعني پراڻي بکر ۾ رهندو هو. نقل آهي، ته جڏهن غوث العالم شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني، شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي خدمت ۾ مريد ٿي، ملتان ڏانهن ]وڃڻ جي[ موڪل ورتي، تڏهن شيخ کيس فرمايو، ته اسان جي مريدن مان هڪ هدايت وارو مريد سنڌ جي فرشتہ شهر ۾ آهي، انهيءَ کي ضرور ڏسڻو اٿئي، ڇاڪاڻ ته هن ڏيو، وٽ ۽ تيل پنهنجو آندو هو، صرف چواتيءَ جي ضرورت هيس. اتفاقاً شيخ بهاءُالدين زڪريا جي فرشتہ ۾ پهچڻ کان اڳ، شيخ نوح، حياتيءَ جي ٻيڙي اجل جي طوفان مان جنت جي جوديءَ ڏانهن ڪڍي ويو هو (وفات ڪري ويو هو).

]سيد بدرالدين[: سيد بدرالدين عرف سيد بدر بن سيد صدر الدين خطيب، اعتماد جوڳين متواتر روايتن سان سندس پيڙهي امام علي نقيءَ سان ملي ٿي. هو ذات جي بزرگي ۽ سهڻين صفتن سان موصوف هو. يقين، معرفت ۽ ديني حقيقتن ۾ پنهنجي ڏينهن ۾ ممتاز رهي چڪو آهي. سندس اولاد خاندان جي سرداريءَ ۽ نسب جي بزرگيءَ ۾ روهڙيءَ ۾ مشهور آهي. ]125[ . جيئن مٿي بيان ٿي آيو، هن حـضرت رسالت مآب صلي الله عليہ وسلم جي ارشاد موجب، پنهنجي نياڻي سيد جلال بخاري وڏي، جنهن کي "جلال سرخ" جي لقب سان ياد ڪندا هئا، کي ڏني هئي.

]مير ابوالغيث[: هڪ بکر جو مکيه ماڻهو ۽ دينداري ۽ پرهيزگاريءَ جي صفت سان موصوف هو. جڏهن امير تيمور جي پوٽي مرزا پير محمد جا ماڻهو بکر وٺڻ لاءِ آيا، تڏهن هو پنهنجي ڏاڏي عليہ السلام جي حضور ۾ آبرو جي التجا ڪري، مرزا جي ڏسڻ لاءِ روانو ٿيو. انهيءَ رات مرزا کي حضور اڪرم عليہ الصلواة والسلام جي درٻار مان، خواب ۾، سندس اولاد سان عزت ۽ احترام جي روش اختيار ڪرڻ جو حڪم ٿيو. نائين ڏينهن کان پوءِ، جڏهن مير مذڪور مرزا جي خدمت ۾ پهتو، تڏهن هن جي ڏسڻ سان، تواضع خاطر، اٿي بيهي رهيو، ۽ شفقت سان ڀاڪر ۾ وٺي، ڏاڍي مهرباني فرمائي پنهنجي پاسي ۾ ويهاري، خواب جو احوال بيان ڪيائين. موڪلائڻ وقت اروڙ جو پرڳڻو انعام ڏنائينس.

]مير ابوالبقا[: مير ابوالبقا، بکر جو هڪ نهايت سڳورو سيد، فقيريءَ ۽ خاص حالت جو مالڪ هو. همايون بادشاهه جڏهن مٿي بيان ڪيل فساد سببان هتي آيو هو، تڏهن سيد جي زيارت لاءِ سندس گهر تشريف فرما ٿي، ]ساڻس[  بزرگاڻي صحبت ڪئي هئائين. بکر جي چوڪيدارن کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن رستي ويندي تير وسائي، ]کيس[ شهيد ڪيائين. همايون بادشاهه کي هن جي فوت ٿيڻ ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو.

]شاهه قطب الدين محمد[: شاهه قطب الدين محمد بن شاهه محمود بن شاهه طيب، خراسان جو هڪ نهايت جليل القدر ۽ بزرگ سيد هو. ترڪماني فساد کان پوءِ اچي بکر ۾ رهيو هو. جمع ڏينهن ]عام[ خلق کي واعظ سان محظوظ فرمائيندو هو. تمام متقي ۽ شرعيت جو پابند رهي حياتي گذاريائين. مرزا شاهه حسن ارغون، بکر جي شيخ الاسلاميءَ ]جو عهدو[ کيس ڏنو هو. ڪيترو وقت انهيءَ عهدي تي قائم رهي، آخر سنہ 977هه ۾ ماڻهن کي "ڪـَـفـَـي بـِـالمـَـوتِ وَاعـِـظا (1) "جو سڏ سڻائي ويو. سندس تاريخ "واعظ" مان معلوم ڪئي اٿن.

]شاهه جهانگير هاشمي[: شاهه جهانگير هاشمي، مٿئين شاهه طيب جي اولاد مان، هڪ ]فصيح[ بليغ شاعر هو ۽ سندس شعر دنيا ۾ مشهور آهي. مرزا شاهه حسن جي حڪومت جي ابتدا ۾، خراسان کان سنڌ ۾ اچي بکر ۾ رهڻ لڳو هو. "تحفة الاحرار" جي جواب ۾ "مظهر الآقـٍار" سندس طبع جو نتيجو آهي. سنہ 946 هجري ۾ حجاز جي سفر تي نڪتو ۽ ڪيچ مڪران جي رستي ۾ شهادت کي رسيو.

]سيد ناصر الدين[: سيد ناصر الدين ولد سيد نظام الدين بکري، اڪثر راڳ ٻڌڻ ۾ مشغول رهندو هو، ۽ سوندري (سونڊي) جي سر سان ڏاڍو چاهه هوندو هئس. سندس فوت ٿيڻ کان پوءِ، جنازي کڻڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪيائون پر کڻي نه سگهيا. ]نيٺ[ سندس پٽ سيد رڪن الدين کي پيءُ جي وصيت ياد آئي، جنهن موجب هڪ شرنائي وٺي آيا، جنهن اچي هيڏانهن سوندرو سـ]ـر شروع ڪيو، ته هوڏانهن جنازو قدر الاهيءَ سان هوا ۾ روانو ٿيو ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ جو هٿ انهيءَ تائين ڪو نه پهچي سگهيو، آخر اچي پنهنجي دفن ٿيڻ واريءَ جاءِ تي لٿو.

]سيد رڪن الدين[: سيد رڪن الدين پيءُ جي وفات کان پوءِ " اَلْوَلَدُ سِرٌّ لاَبِيْهِ "(1) جي مقولي موجب هر طرح نيڪي، بزرگي، قال خواهه حال ۾ ممتاز رهي زندگي گذاري ويو.

]سيد صفائي[: سيد صفائي بن سيد مرتضي الترمذي، جو ]ماءُ جي طرفان[ سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال (جنهن جو ذڪر ٻئي جلد ۾ ٿي آيو)، ڏانهن منسوب آهي. بکر جي ]معصومي[ سيدن جي شجري ۾ سندس پيڙهيون هن طرح لکيل آهن: مير معصوم بن مير مرتضيٰ بن مير تقي بن خوارزم شاهه بن شير قلندر بن حسين بن علاءُالدين بن محمد بن حسن بن علي بن جعفر بن محمد بن هارون بن محمد بن جعفر بن محمد بن احمد بن هاشم بن امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام. هو علم ۽ عمل جو صاحب ۽ پنهنجي وقت جي فاضلن جو سردار هو. شاهه قطب جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سلطان محمود خان وٽان بکر جي شيخ الاسلاميءَ ]جو عهدو[ مليس. ]مهينه[ ذوالقعد ]126[ سنہ 991 هجري ۾ گذاري ويو.

]مير معصوم[: مٿئين سيد صفائيءَ جو فرزند مير معصوم پهريائين سلطان محمود خان وٽ ۽ پوءِ اڪبر بادشاهه جي حضور ۾ وڏي مرتبي کي پهتو. خان خانان سان گڏجي سنڌ جي فتح ڪرڻ واريءَ مهم ۾ نمايان ڪم ڪيائين. بکر جي آسپاس ۾ عاليشان عمارتون (جيئن مٿي بيان ٿي آيو) سندس يادگار آهن. قنڌار جي جبل تي، اڪبر بادشاهه جي زير نگين آيل ملڪن جي نالن تي مشتمل هڪ ڪـُـتبو، وڏي خرچ سان، سندس اهتمام هيٺ، پٿر تي نقش ڪرائين. هو هڪ ديوان جو مالڪ آهي ۽ "نامي" تخلص ]ڪندو هو.[ سندس تصنيفات مان سنڌ جي حالت ۾ "تاريخ معصومي"(2) "طب نامي"، سسئي ۽ پنهون جي قصي متعلق "ناز و نياز" نالي هڪ مثنوي دنيا جي صفحي تي يادگار آهن.

]مير بزرگ[: مٿئين مير معصوم جو فرزند، مير بزرگ پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي. هنن بزرگوارن جو اولاد نانءَ نيڪيءَ سان زندهه آهي(جئن سکر جي بيان ۾ لکيو ويندو).

]مير قاسم خان[: مير قاسم خان "نمڪين" هروي بن ملامير سبزواري، ملامير امام موسيٰ رضا جي درگاهه جو متولي هو، اوزبڪن جي فساد وارن ڏينهن ۾ هرات جي پسگردائيءَ واري ڳوٺ بيجڪ مان لڏي قنڌار جي آسپاس ]پهچي[ گذاري ويو. سندس پٽ مير قاسم لاهور ۾ اڪبر بادشاهه جي نوڪري اختيار ڪري "چهار هزاريءَ" جو عهدو هٿ ڪري، اقتدار وارو امير ليکجڻ ۾ آيو. بکر ۾ رهي ڪري چڱا آثار ڇڏيائين. آخر قنڌار جي لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو ۽ کيس روهڙيءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ڪيائون.

]امير خان[: سندس پٽ امير خان، جنهن جو بيان ٿي آيو(1) ، عزت ۾ پيءُ کان چڙهي ويو، سندس اولاد ٺٽي جي بيان ۾ ذڪر ٿيندي.

]مولانا عالم بکري[: مولانا عالم بکري ظاهري خواهه باطني علمن جو عالم هو. سندس پٽ درويش يحيٰ ريل جي درويشن ۽ مشائخن ۾ مذڪور ٿيندو.

]قاضي معروف[: قاضي معروف پنهنجي وقت ۾ مشهور ۽ بکر جي شهر جو قاضي هو. نهايت عالم، فاضل، صالح، متقي، نازڪ طبع ۽ خوش مزاج هو. ڄام سنجر سمي کي وڃي ٻڌايائون، ته هو مدعي ۽ مدعا عليہ کان ڪجهه اجورو وٺي ٿو. گهرائي پڇيائينس، ته چيائين، "هائو، ]بلڪه[ اڪثر دل ۾ ايندو اٿم، ته شاهدن کان پڻ ٿورو گهڻو وٺجي، پر دعويٰ جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي هو نڪري وڃن ٿا". ڄام هن حرف کان ڏاڍو خوش ٿيو. ڄام کي خوش ڏسي چيائين، ته "سڄو ڏينهن خلق جي دعوائن ۾ مشغول رهان ٿو، جنهنڪري منهنجو وڏو عيال اڪثر بک ۾ گذاري ٿو، هيءَ حالت ڪيتري قدر جائز آهي؟"

معلوم ٿو ٿئي، ته هن کان اڳ ملازمن جون پگهارون تمام ٿوريون ۽ وجـهه معاش اڻپورو هو. ڄام هن خواهه ٻين جون مناسب پگهارون مقرر ڪيون.

]قاضي ابوالخير[: قاضي ابوالخير قاضي قاضن سيوستاني، جنهن جو بيان ٿيندو، جي ڏاڏن مان هو. نهايت ]چڱي[ حالت ۽ فضيلت جو صاحب هو. بکر ۾ رهندو هو ۽ اُتي ئي گذاري ويو.

]مير غياث الدين محمد[: مير غياث الدين محمد عرف سلطان رضائي العريضي سبزواري، "حبيب السير" جي مصنف خواند مير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏوهٽو، شاهه بيگ ارغون جو مقرب هو، ]127[ .هن سان گڏجي سنڌ ۾ اچي، بکر ۾ رهجي پيو.

]مير ابوالمڪارم[: سندس پٽ مير ابوالمڪارم مير عبدالله سلطان (جنهن جو ذڪر ٺٽي جي بيان ۾ ايندو)، جو والد آهي. پهريائين مرزا شاهه حسن ارغون ۽ پوءِ سلطان محمود خان جي اميرن ۾ داخل ٿيو. سلطان محمود خان هن کي عراق عجم جي بادشاهه اسماعيل صفويءَ ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو هو، جتان قسمين قسمين نوازشون ۽ "سلطاني" جو خطاب وٺي موٽي آيو. چڱن اخلاقن سان موصوف ۽ نهايت فضيلت ۽ بلاغت ۾ مشهور رهي حياتي گذاريائين.

]ملا اسحاق بکري[: ملا اسحاق بکري نهايت فضيلت وارو، ۽ سلطان محمود خان جو ملازم هو. آخر ۾ مرزا جاني بيگ خان جي فرزند مرزا غازي "وقاريءَ" جو استاد مقرر ٿيو هو.

]مولانا يار محمد[: مولانا يار محمد، عرف مولانا ياري، اصل هرات جو هو. نهايت فصيح بليغ ۽ انشا جي فن ۾ وقت جو بينظير رهي، حياتي گذاريائين. سلطان محمود خان کيس همايون بادشاهه جي درگاهه ۾ ايلچي ڪري موڪليو هو، پر جنهن صورت ۾ دل گهريو ڪم نه ڪيو هئائين، تنهنڪري حجاب کان موٽڻ، وقت سيتپور ۾ ٽڪي پيو ۽ گذاري ويو، جيئن لکيو ويو آهي. سندس شعر اڪثر ڪري خوشطبعيءَ جي نموني ۾ مشهور آهن.

]سيد يعقوب خان[: سيد يعقوب خان رضوي، مٿي ذڪر ٿي آيل مير ميران جي اولاد مان، عالمگير جي ڏينهن ۾ بکر جي حڪومت تي سرفراز ٿيو.

]سيد صادق علي خان[: هن کان پوءِ سندس پٽ سيد صادق علي خان کي پيءُ جي جاءِ تي اها حڪومت ملي.

]مير جعفر[: سيد صادق علي جي پٽن مان مير مرتضيٰ گذاري ويو ۽ مير جعفر، لقب يعقوب خان، اڄ تائين وڏن واري جاءِ نهايت بزرگيءَ ۽ سرداريءَ سان آباد رکندو ٿو اچي.

]مير سعيد خان رضوي[: مير سعيد خان رضوي مٿي بيان ٿيل مير حيدر جي اولاد مان آهي، ۽ پنهنجي ڏاڏي بزرگوار جي اولاد جي سرداري ۽ وڏي مرتبي کي پهچي، ]پنهنجن[ ڀائرن ۾ ممتاز رهي گذاري ويو.

]مير غلام شاهه مرتضيٰ[: سندس پٽ  مير غلام شاهه نالي، بزرگي، دولت، انسانيت ۽ نيڪ سهڻين عادتن ۾ پنهنجي قوت ۾ مشهور رهي ويو آهي. طاقت ۽ پـُـڄنديءَ ۾ وڏن کان اڳڀرو قدم کنيو هئائين. فاني جهان کان ويجهڙائيءَ ۾ موڪلائي ويو آهي.

]مير محمد سعيد[: هاڻي سندس پٽن مان مير محمد سعيد پيءُ جو قائم مقام آهي.

]سيد امين شاهه[: مٿي ذڪر ڪيل سيد حيدر جو پوٽو، نهايت بزرگ ۽ ناليرو پيدا ٿيو.

]سيد امين شاهه جو اولاد[: سندس پٽ سيد محمد تقي، مير امير علي ۽ مير محمد طاهر، بزرگيءَ ۽ وڏن وارين صفتن ۾ ناميارا هئا.

]مير وارث علي[: انهن مان مير امير عليءَ جو پٽ مير وارث علي سهڻين وصفن سان موصوف ۽ حيات آهي.

]سيد حاجي نور محمد[: مٿئين شاهه حيدر جي اولاد مان، سيد حاجي نور محمد سهڻين وصفن سان حياتي گذاري ويو.

]حاجي سيد عبدالڪريم[: سندس فرزند رشيد سيد حاجي عبدالڪريم نهايت بزرگ آهي، ۽ هاڻي تازو طبابت جي فن ۾ نواب شاهه وردي خان عرف ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، واليء سنڌ، جو ملازم ٿيو ۽ کانئس پوءِ سندس ناليري فرزند ميان سرفراز سان تعلق رکي ٿو.

]مير جان شاهه رضوي[: مير حيدر شاهه جي اولاد مان مير جان شاهه رضوي تمام لائق ۽ حق جي واٽ جو طالب آهي. شاهه عنايت الله صوفيءَ جي خدمت مان ارشاد ]جو رستو[ پرائي انهيءَ خاندان ]128[ جو خليفو ٿي، معرفت جو جهنڊو کڻي، پنهنجي اصلي شهر ڏانهن موٽي آيو. "مير" تخلص ڪندو هو. محققاڻن شعرن سان ڀريل هڪ ديوان جو مالڪ آهي. پنهنجي طلب ۽ مرشد تائين پهچڻ ۾ سندس سخت ڊڪ ڊوڙ متعلق، هڪ مثنوي حقيقتن سان ڀريل يادگار ڇڏي ويو آهي.

]مير قلندر علي[: سندس فرزند مير قلندر علي ڪيئي دفعا شاهه پور ۾ ڏٺو ويو آهي. هو فقيريءَ کان واقف ۽ سلوڪ جي رستي تي قائم آهي.

]مير حسين قلي رضوي[: مير حسين قلي رضوي مير ان شاهه جو اولاد ۽ عمر شاهه، جنهن جو پٽ فتح خان نالي هاڻي وڏن جي جاءِ روشن رکندو ٿو اچي، جو ڀائيٽو آهي. مظفر شاهه فقير ]مير قانع[ جو دوست ۽ سلوڪ وارو هو. ميان نور محمد جي ڏينهن ۾ محمد آباد ۾ ڏٺو هوم، حڪيم عبدالهاديءَ وٽ دوا لاءِ آيو هو. فالج جي سخت بيماري هيس، آخر انهيءَ بيماريءَ ۾ وطن ويو ۽ گذاري ويو. مرد سالڪ، فقيريءَ جي رستي جو واقف ۽ سلسلي جو صاحب هو.

]مير اسدالله [: مير اسد الله ولد مير لطف الله بن مير محمد هاشم اصفهاني، مير هاشم نواب خدا يار خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ملازمن مان بلند مرتبي ۾ مشهور هو. هو خدا آباد ۾ گذاري ويو. سندس پوٽو مير مٿيون روهڙيءَ ۾ چڱيءَ حالت ۾ زندهه آهي.

]مير محمد اڪرم[: مير محمد اڪرم حڪيم، نواب خدا يار خان (ميان نور محمد ڪلهوڙي) جو نوڪر ۽ روهڙيءَ جو رهاڪو هو. وقت ڏاڍي آرام ۽ عزت سان گذاريائين. ڪي ڏينهن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پاران بکر جو ناظم ]به[ ٿيو هو.

]مير سراج الدين ۽ سندس ڀائر[: سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ سندس پٽ مير سراج الدين، مير تاج الدين، مير معين الدين ۽ مير نور الدين، جيستائين جيئرا هئا، تيستائين انساني ڪمالات ۽ ذاتي بزرگيءَ سان حياتي گذاريندا رهيا. تقديراً چئن ئي بزرگوارن کان ڪو به اولاد يادگار ڪو نه رهيو. مير محمد اڪرم جو ڀاءُ مير محمد افضل نالي، جو ملتان ۾ رهندو هو، سو اچي ڀاءُ جي پونئيرن کي پاڻ سان وٺي ويو، هن وقت انهيءَ شراب مان ڪا به ڦڙي ۽ انهيءَ گل مان ڪا به بوءِ باقي ڪا نه رهي آهي.

]مير افضل شاهه[: بزرگيءَ ۽ تقويٰ جو صاحب مير افضل شاه، غازي پوٽي ]جي لقب سان[ مشهور، غازي ترار جي اولاد مان هن وقت زندهه آهي.

]قاضي محمد فاضل(1) [: قاضي محمد فاضل بکر جي قضا جي عهدي تي پهريائين نائب جي حيثيت ۾، پوءِ خودمختيار جي حيثيت ۾ ]رهيو[. فاضلن جي لسٽ ۾ داخل ]هو[ .

]قاضي عبدالرحمان[: هاڻي سندس پٽ قاضي عبدالرحمان قضا جي گاديءَ تي ويٺل آهي ۽ ] چڱي[  حالت کان خالي نه آهي.

]ملا نور محمد[: ]پنهنجي[ وقت ۾ ناميارو ٿي گذريو آهي. سندس اولاد ٺٽي جي بيان ۾ مذڪور ٿيندو.

]مخدوم محمد رضا[: آثار (وار) مبارڪ جو متولي، اهل الله فقير ۽ متبحر عالم آهي.

]مخدوم روح الله [  عقلي ۽ نقلي علمن جو جامع، فروع خواهه اصول جو ماهر، پنهنجي وقت ۾ بينظير ۽ بزرگيءَ ۽ دينداريءَ ۾ ناميارو هو. فقير (مصنف) سنہ 1166 هجريءَ ۾ انهيءَ حـضرت کي محمد آباد ۾ ڏٺو هو، جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي عرض ڪرڻ تي دعا ڪرڻ لاءِ آيو هو. سندس خدمت جي موقعي ملڻ تي معلوم ٿيو، ته جملي ڪمالات کي حاصل ڪرڻ خاطر ڪڏهن ڪڏهن شعر جي واديءَ ۾ پڻ قدم رکندو آهي. پاڻ ٻڌايائين ٿي، ته نادر شاهه جي تخت نشينيءَ وقت سندس تاريخ "اَلـخـيرُ فـِـِيمـَـا وَقـَـعَ" (2) لڌي هئائين. ]129[  مون ٻڌي چيو، ته "لاَ خـَـيرُ فـِـيمـَـا وَقـَـعَ"(3) . مان (مير علي شير) ٿو چوان، ته اتفاق ڏسو! جڏهن انهيءَ ساڳئي بادشاهه جي قتل جو حادثو پيش آيو، تڏهن سندس تاريخ "اَلـَـخـَـيرُ فـِـيمـَـا هـُــوَ وَاقـِـعُ"(1) لڌائين، پر جنهن صورت ۾ انهيءَ بادشاهه کان پوءِ ڏاڍا فساد پيدا ٿيا هئا ۽ سچ پچ ته بادشاهن ۾ سندس وجود هن پرڳڻي لاءِ چڱو هو، تنهنڪري مون چيو، ته "لاَ خــَـيرَ فـِـيمـَـا هـُـوَ وَاقـِـعُ"(2). سندس طبع جو لطف هتان سمجهي سگهجي ٿو.

سندس وفات کان پوءِ اولاد ڪو نه رهيو. سندس ڀاءُ محمد معصوم حال حيات ۽ چڱيءَ حالت جو مالڪ آهي. مذڪور مخدوم جو ڀاءُ محمد افضل پڻ شاعريءَ ۾ چڱيءَ طبيعت جو صاحب هو. سندس چوٿون ڀاءُ محمد غوث پڻ سلوڪ جي رستي تي هلي گذاري ويو.

]ميان الله بخش[: سندس (محمد غوث جو) پٽ ميان الله بخش، طالب علم ۽ فقيريءَ کان واقف هن وقت حيات آهي.

]آخوند ملا موسيٰ[: آخوند ملا موسيٰ پرهيزگاريءَ ۽ دينداريءَ جي زيور سان سينگاريل ۽ اُتي جي اڳوڻن بزرگن مان آهي.

]حافظ مير خليفو[: حافظ مير خليفو قادري نهايت بزرگيءَ جي حالت وارو ٿي گذريو آهي.

]محمد هاشم[: هاڻي سندس پٽ محمد هاشم جيئرو آهي.

]حڪيم عبدالرؤف[: حڪيم عبدالرؤف لياقت وارو مرد، ڪمال جو صاحب ۽ مير عبدالجليل بلگراميءَ جي سنگتين مان آهي. نواب خدا يار خان ڪلهوڙي جي سرڪار ۾ وڏو عهدو هوندو هئس. حڪمت ۾ بينظير ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ ماهر هو. "ابو النغم" نالي هڪ مڪمل ڪتاب، انهيءَ علم ۾ لکيو هئائين.

]شيخ ڪرم الله[: هاڻي سندس فرزند رشيد شيخ ڪرم الله نواب شاهه وردي خان (غلام شاهه) جي سرڪار ۾ ملازم آهي، ۽ پيءُ وانگيان ناليرو آهي.

]شيخ محمد رضا[: شيخ محمد رضا اصل ٺٽي جو آهي، پر بکر ۾ رهندو هو. عربيءَ ۽ فارسيءَ جو لائق طالب علم هو. عالمگير جي ڏينهن کان وٺي محمد شاهه بادشاهه تائين بکر ۾ خود مختيار يا نائب جي حيثيت ۾ چڱن چڱن عهدن تي رهيو. سندس عزيز ٺٽي ۾، ۽ اولاد بکر ۾ موجود آهن. نانءَ نيڪيءَ وارو مڙس هو، ۽ سنہ 1140 هجريءَ ۾ گذاري ويو. مؤلف ]ڪتاب[ لکڻ وقت سندس تاريخ هن طرح معلوم ڪئي آهي: "محمد رضا دادهه جان در جنان شد". (محمد رضا جان ڏئي ويو جنت ۾). شعر عمدو چوندو هو.

]شيخ ڦـُـتو ۽ شيخ متو[: سندس پٽ شيخ ڦتو ۽ شيخ متو پڻ اُتي جي مشهور معروف ماڻهن ۾ داخل هئا ۽ اولاد ڇڏي ويا آهن.

سکر

روهڙيءَ واري درياءَ جي پرئين ڪناري تي وڻندڙ شهر آهي. اصل بکر جو تعلقو آهي، پر نادري زماني کان شڪارپور سان ڳنڍيل آهي. صفائيءَ واري سرزمين ۽ الله وارن جي کاڻ آهي. اُتي جي بزرگن مان ]هيٺيان بزرگ آهن[:

]شاهه خير الله (1) [: پيران پير عليہ الرحمة جي اولاد مان ]آهي[ سندس درگاهه هر قسم جي خلق لاءِ زيارتگاهه ۽ خدا وارن جي دعا لاءِ قبوليت جي جاءِ آهي.

]ميرڪ بايزيد[: ميرڪ بايزيد ولد ميرڪ ابو سعيد بن مير علي شاهه سبز واري عرب شاهي، ميرڪ ابو سعيد شيخ جلال الدين بايزيد پورانيءَ جو ڏوهٽو آهي. هن جو پٽ ميرڪ بايزيد ۽ سندس ڀاءُ ميرڪ شيخ محمود علمي خواهه عملي ڪمالات جا جامع هئا. ]پهريائين[ ٻئي ڀائر سبز وار کان اچي قنڌار ۾ رهڻ لڳا، جتان پوءِ شاهه بيگ ارغون سان گڏ سنڌ ۾ آيا. مٿيون ميرڪ بکر ۽ سکر جي شيخ الاسلاميءَ ]جي عهدي[ تي مقرر ٿي سکر ۾ رهڻ لڳو، سندس ڀاءُ، جيئن ]130[ اڳتي ذڪر ٿيندو، ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي.

]ميرڪ عبدالباقي[: سندس رحلت کان پوءِ سندس پٽ ميرڪ عبدالباقي ڏاڍي ڪماليت سان حياتي گذاري. ننڍا خواهه وڏا هن ڏانهن رجوع هوندا هئا. سندس درگاهه سکر جي ٻاهران عام خلق جي زيارتگاهه آهي.

]ميرڪ محمد اول[: کانئس پوءِ ميرڪ محمد اول باقي رهيو، جنهن حياتيءَ جا ڏينهن ڪماليت جي صاحبن وانگيان مکيه ۽ مشهور ماڻهن جي نموني تي گذاريا، ۽ مير تقي الدين ۽ مير محمد افضل نالي ٻه پٽ ڇڏي ويو.

]مير تقي الدين ۽ سندس پٽ[: مير تقي الدين کي پنج پٽ: مير نواب، مير غياث الدين محمد، مير رضي الدين محمد، مير عزالدين محمد، ۽ مير محمد ڪاظم عرف مرزا ڄاوا. هر هڪ بزرگيءَ جي شان ۽ شرافت جي قدم ۾ پنهنجي وقت ۾ ممتاز هو.

]مير غياث الدين محمد ۽ سندس پٽ[: مير غياث الدين محمد ٻه ناليرا پٽ، سڀني ڀائرن جا سر تاج، ڇڏيا: هڪڙو مير قوام الدين، ٻيو مير عرب شاهه، جو هاڻي بزرگن جي صورت ۾ بزرگيءَ ۽ شان جو علمبردار آهي.

]مير غلام عبدالقادر[: مير رضي الدين محمد بن مير تقي الدين محمد جو غلام عبدالقادر نالي فرزند رشيد هن سلسلي جي باغ جي گلن جو سردار آهي.

]مير عاقل شاهه[: سيد زئي نالي سيدن مان، هتي جو رهاڪو، نهايت نامور ۽ سهڻين وصفن جو مالڪ هو، ليڪن گذاري ويو.

]مير اڪبر شاهه[: سندس اولاد مان هن وقت مير اڪبر شاهه انهيءَ سلسلي جو وڏو ۽ صاحب توفيق آهي.

]مير محمد حسين[: مير محمد حسين مٿئين مير عاقل شاهه جو ڀاءُ هو.

]مير محمد محسن شاهه ۽ چراغ شاهه[: کانئس پوءِ سندس فرزند مير محمد محسن شاهه نالي رهيو. هاڻي مير محمد محسن جو فرزند مير چراغ شاهه انهيءَ خاندان جو روشن چراغ آهي.

]مير محمد زڪريا[: مير محمد زڪريا ولد مير محمد بزرگ ولد مير معصوم بکري، جنهن جو بيان مٿي ٿي آيو، ڏاڍي ظاهري توڙي باطني بزرگيءَ سان زندگي گذاريائين. مٿي ذڪر ڪيل جناب شاهه خير الدين شاهه سان عقيدتمندي هئڻ ڪري اچي سکر ۾ رهيو.

]سيد محمد[: کانئس پوءِ سندس ٻه ناليرا پٽ: هڪ سيد محمد ٻيو سيد علي شير پوئتان رهيا. سيد محمد وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي.

]مير عزيز الله ۽ مير لطف الله[: هو (سيد محمد) ٻه پٽ ڇڏي ويو: ]هڪ[ مير عزيز الله  ]ٻيو[ مير لطف الله. مير عزيز الله بزرگيءَ جي ملڪ جو بادشاهه ٿي گذريو آهي.

]مير ڪرم شاهه ۽ مير گلاب شاهه[: اهو (مير عزيز الله) ٻه پٽ ڇڏي ويو: مير ڪرم شاهه ۽ مير گلاب شاهه، جي هن وقت وڏن جي نشاني آهن.

]مير عزت علي ۽ مير احسان علي[: سيد محمد جو پٽ مير لطف الله ٻه پٽ: مير عزت علي ۽ مير احسان علي، ڇڏي ويو. اهي ٻئي بزرگزادا حيات ٻڌجن ٿا.

]مير علي شير[: مٿئين مير زڪريا جو فرزند مير علي شير وڏن جي وصفن سان موصوف رهي ڪري، ٽي پٽ هر هڪ مير اسدالله، مير عنايت الله ۽ مير بزرگ ڇڏي ويو.

]مير شهباز علي[: انهن مان: مير بزرگ هڪ پٽ مير شهباز علي، "علي شير" جي لقب سان ڇڏيو. جو هاڻي جيئرو ٻڌجي ٿو.

]مير اسد الله [: مٿئين مير اسدالله جو ڏوهٽو مير اسدالله هڪ لائق جوان آهي. ميان محمد مراد ياب خان جي مراد آباد ۾ کيس ڏٺو هوم. شاعراڻي طبع هئس. تخلص جي خواهش ڏيکاريائين، تنهنڪري نالي جي موافقت تي "ساقي" تخلص ۽ انهيءَ مناسبت تي "اسدالله ساقي ڪؤثر" سجع ]ڪڍي ڏنم[. قبول فرمايائين. هن وقت جيئرو ٻڌجي ٿو.

]مير محمد يعقوب حڪيم[: اصل سکر وارن ميرڪن جو ڏوهٽو آهي. ]131[ محمد شاهه بادشاهه جي حڪومت جي اوائل ۾ ملتان کان سکر آيو. پراڻيءَ مائٽيءَ جي ڪري ميرڪ سيد تقي الدين کيس پنهنجي فرزنديءَ ۾ قبول ڪيو(ناٺي بنايو). اٽڪل ٽيهه سال هتي طبابت ۾ گذاريائين. مون کيس مراد آباد ۾ ڏٺو هو، ۽ بزرگن جي وضع ۾ ڏسڻ ۾ آيو.

اروڙ

هڪ پراڻو شهر راءِ گهراڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو. مهراڻ جي ڪناري تي آباد هو ۽ منجهس قسمين قسمين باغ هئا، جنهنڪري سڄيءَ سنڌ ۾ ممتاز هو. ]آخر[ زماني جي گذرڻ ڪري، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، دلوراءِ جي ظلم کان، پاڻي ڇڏي ويو ۽ ]شهر[ ويران ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ بکر جي پرڳڻن ۾ داخل آهي.

]قاضي اسماعيل[: قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي، موسيٰ بن يعقوب بن طائي بن محمد بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ جي اولاد مان آهي، جنهن کي محمد بن قاسم انهيءَ شهر جو قاضي ۽ خطيب مقرر ڪيو هو. سندس اولاد پشت به پشت اهو عهدو ماڻيندو آيو. قاضي اسماعيل سنہ 600 هجري ۾ هڪ ناليرو بزرگ هو. اُچ جي رهندڙ علي بن حامد ڪوفي انهيءَ "تذڪره" جو، جيڪو وٽس سنڌ جي حالات متعلق عربي زبان ۾ سندس وڏن کان رهندو ٿي آيو، ]فارسيءَ ۾[ ترجمو ڪري هڪ وڏو رسالو تيار ڪيو.

]شيخ محمود قطب[: سهڻين وصفن وارو، عرفان جي آسمان جو قطب ۽ مخدوم جلال الدين جهانيان جو مريد آهي. سندس مزار انهيءَ سرزمين ۾ عام خاص ماڻهن جي مشهور زيارتگاهه آهي.

]ڇٽو امراڻي[: اروڙ جي راجائن مان پوئين راجا دلوراءِ جي ڀاءَ آمر جو پٽ آهي. جيئن اروڙ ۽ ڀانڀرا جي ويرانيءَ ]جي قصي ۾[ بيان ٿي آيو، هو اُتان لڏي اچي سيوستان ۾ رهيو ۽ ]اُتي ئي[ دفن ٿيو. اڄ تائين خدا وارن جو زيارتگاهه آهي.

]قاضي ستابو[: اڳئن زماني جي نامورن مان وڏيءَ بزرگيءَ سان موصوف هو. اروڙ جي قضا ۽ بکر جو احتساب سندس حوالي هوندو هو.

سيوي

سندس قديمي نالو سويس ]آهي[، اُتي جي رهندڙ قوم اڳئين زماني ۾ "سويس" جي لقب سان ملقب هئي. سندس گاديءَ جي هنڌ جو نالو ڪاڪاراج هو. گهڻن ڏينهن گذرڻ ڪري سندس لقب سيوي ٿي پيو ۽ بکر جي حڪومت ۾ داخل ٿي ويئي. خراسان جي حد تي هڪ نهايت اهم لـَـڪڀ آهي. اتي گهڻائي عجائبات آهن. انهن مان هڪڙو قطب جي طرف هڪ گنبذ آهي، جو ظاهري اکين سان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اهو هڪ طلسم آهي جو اڳين ٺاهيو آهي. گنبذ جو نالو "مارو کري"(1) آهي. جڏهن ڪو به ماڻهو اُتي وڃي ٿو تڏهن ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. هڪ دفعي سلطان محمود خان بکر وارو ٻه ٽي هزار ماڻهو گڏ ڪري هٿ هٿ ۾ ڏيئي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، پر گنبذ ڪو نه لڌائون ۽ نه ڪا ]ٻي[ شيءِ ڏسڻ ۾ آين. چون ٿا، ته اُتي خزانو دفن ٿيل آهي. آڳاٽي سمي ۾ ڪنهن درويش کي اتان ڪجهه هٿ آيو هو. پوءِ ته گهڻائي ماڻهو انهيءَ اميد سان ويا آهن پر ناڪام ٿي موٽي آيا آهن.

]سيوي جو[ قلعو هڪ جبلڙي جي دامن ۾ واقع آهي. سندس سڀئي پٿر گول آهن. زمين ڪيتري به کوٽيندا آهن، پر اهڙا ئي پٿر نڪرندا آهن.

سيويءَ جي آسپاس "چتر" نالي هڪ زمين آهي، جتي وونئڻ جا ٿڏا ٻير جي وڻ جيڏا ٿين ٿا. ]ماڻهو[ مٿي چڙهي انهيءَ مان ڪپهه  چونڊيندا آهن. هرهڪ وڻ ۾ گرانٺ جيڏا اٽڪل ٻه سؤ نانگ ٿيندا آهن. ڪپهه چونڊڻ وقت وڻ کي ]132[ ڇنڊيندا آهن، ته نانگ پري ٿي وڃن، جنهن کي نانگ کائيندو (ڏنگيندو) آهي، تنهن جي زخم کي پاڪي هڻي ڪو ماڻهو وات سان چوسي، سندس زهر ڪڍي وٺندو آهي. هن تدبير کان سواءِ نانگ جو ڏنگيل ماڻهو مري ويندو آهي.

سيويءَ جي هيٺان هڪ واهڙ وهندو هو، جنهن مان جيڪو به پاڻي پيئندو هو، سو بيمار ٿيندو هو. گوياڪ هن جو لنگهه گوگرد جي کاڻ وٽان هو ۽ گهڻو ڪري انهيءَ بيماريءَ ۾ ماڻهو مري ويندا هئا. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ هڪ ڇر آئي، جنهن گوگرد جي چشمن کي ڍڪي يا ڪڍي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ اها بيماري گهٽجي ويئي آهي. اهو پاڻي هڪڙيءَ زمين ۾، جنهن کي سرواه(1)  چون ٿا، گڏ ٿي کيتيءَ جي ڪم اچي ٿو ۽ بچتو پاڻي منڇر جي ڍنڍ ۾، جيڪا سيوستان جي ويجهو آهي، وڃي پوي ٿو. اڳئين وقت ۾ پاڻيءَ جي ڪناري تي پڻ مٿئين قسم جا گهڻا نانگ رهندا هئا، جن جو ڏنگيل ڪو ورلي بچندو هو، تنهن ڪري اُتي جا ماڻهو سٿڻون (شلوارون) ڪشاديون ۽ ڊگهيون پهريندا هئا(2).

سيويءَ جي پٽ ۾ ڪيئي قلعا (جڙيل هئا) ۽ ڏاڍي آبادي هئي، جيڪي ويران ٿي ويا. بظاهر سيسم جو قلعو، جنهن ۾، اسلام جي فتح کان پوءِ، سيوستان جو والي بجهراءِ ڀڄي وڃي پناهه وٺي ويٺو هو، ۽ جنهن کي محمد بن قاسم جي فوج وڃي فتح ڪيو هو، بهلطور، سالوج ۽ قندائيل جا قلعا، جن ۾ سيسم مان ڀڄي ويلن وڃي پناهه ورتي هئي ۽ آخر امان وٺي اچي حاضر ٿيا هئا، انهن مان آهن. اُتي جي هوا جهولو آهي. سيوي، بکر، سيوستان ۽ سيتپور جي وچ ۾ بارڪان نالي هڪ زمين هئي، جتي جا گهوڙا عراقي گهوڙن کان گهٽ نه ٿيندا هئا. ٻهاڻ ماءُ کان ڇڄندو هو، ته ان جي ٿان تي پٿريون هاريندا هئا. هڪ سال تائين انهن پٿرين تي ڦرندو هو، جنهنڪري هن جا سنب پٿر جهڙا ٿي ويندا هئا ۽ نعلن جي ضرورت ڪا نه رهندي هئي.

چتر جي ڳوٺ ۾ هڪڙا ماڻهو رهندا هئا، جن کي ڪهيري سيد چوندا هئا. سندن نالي جو سبب هيءُ هو، ته ڪهير هڪ وڻ جو نالو آهي ۽ سندن وڏن مان هڪڙي انهيءَ تي چڙهي کيس چابڪ هڻي گهوڙي وانگر هلايو هو.

گنجابه جي قريب جبل جي دامن هڪ هال وانگيان اڳتي وڌي ويئي آهي(1) ۽ اتي هڪ لوهه جو پڃرو لڙڪيل آهي. چون ٿا، ته انهيءَ ۾ هڪ ڇٽ(2) رکيل آهي. ڪو به ماڻهو انهيءَ کي پهچي نٿو سگهي. جيڪڏهن جبل جي مٿان(3) رسو لڙڪائي ڪو آدمي موڪلڻ گهرن ٿا، ته هـو اتــان هٽي ٿو وڃــي ۽ هيٺان وڃــڻ چاهين ٿــا، ته ]وڃي نٿا سگهن ڇاڪاڻ ته [انهيءَ جبل جي چوٽي لسي ۽ هڪ ٽڪر(4) آهي.

سيويءَ کان پري گنجابي، پاٽ ۽ درياءَ جي ڪناري تائين، سڄو وچ رڻ پٽ(1) آهي. قنڌار جو رستو ]انهيءَ[ پٽ مان آهي. هن جي ڊيگهه درياءَ کان وٺي سيويءَ تائين سـَـؤ ڪوهه ۽ ويڪر سٺ ڪوهه آهي. انهيءَ زمين جي گهڻي ڀاڱي ۾ اونهاري جا چار مهينا جهولو لڳندو آهي.

مخفي نه رهي، ته جنهن صورت ۾ هن زمين ۽ جبل ۾ ڪو به قابل ذڪر ماڻهو ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو، تنهنڪري انهيءَ جبل کان منهن موڙي تعلقي بکر جي جدا جدا جاين ۾ رهندڙ بزرگن جو واقفيت آهر بيان ڪجي ٿو. اڃا تحقيق جو رستو بند نه آهي، جيڪي به هن کان پوءِ معلوم ٿيندو ويندو سو ڪتاب ۾ داخل ڪرڻو آهي. دوستن کي به عرض آهي، ته جيڪڏهن کين وڌيڪ تحقيقات ٿئي، ته هنن ورقن ۾ داخل ڪرڻ سان ضرور احسان جا مستحق ۽ "عـِـندَ ذِڪرِ الصـَـالـِـحـِـينِ تـَـنزلِ الرَحمةُ"(2) جي ثوابن جا وڌيڪ حقدار ٿي سگهندا. الله پاڪ تي ڀروسو آهي ۽ اهو ئي مون کي ڪافي آهي.

بڪار

بکر تعلقي ۾ هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ روهڙيءَ جي سيدن جا ڀائر سيد رهن ٿا، انهن جو وڏو سيد مير هو.

]سيد مير[: سيد مير نهايت بزرگيءَ ۽ برگزيدائيءَ ۾ ناميارو هو.

]سيد شاهه مردان[: سندس پٽ سيد شاهه مردان کي گهڻو اولاد ٿيو ۽ زميندارن جي طور، طريقي تي رهي ڏاڍي نالي سان گذاري ويو.

]مير علي شير[: سندس اولاد مان مير علي شير نشان وارو ٿيو.

]سيد لطف علي[: هاڻي سندس ڀائيٽو سيد لطف علي ]133[ دٻدٻي ۽ راڄ جو صاحب آهي، ۽ زميندارن جي نموني گذاري رهيو آهي.

]سيد مير[: سيد علي شير ولد شاهه مردان جي ڀائيٽن مان سيد مير پڻ هڪ ٻيو طاقت وارو ماڻهو پيدا ٿيو آهي. قديم وقت کان هنن سؤٽن ۾ لڙائي جهڳڙو هلندو اچي ۽ ٻنهي گهراڻن مان ڪنهن جي به شاديءَ يا غميءَ جهڙين برادريءَ جي رسمن کان سواءِ ڪڏهن به پاڻ ۾ سلوڪ ڪو نه رکندا آهن. ٻئي پاسا ٻن راڄن ۾ ورهايل آهن ۽ انهن ۾ گهڻا ئي مرد موجود آهن.

گهوٽو (گهوٽڪي)

بکر کان اٽڪل ويهن ڪوهن تي هڪ ڳوٺ آهي. اُتي جي بزرگن مان هي آهن:

موسن شاهه: جنهن فقيريءَ ۽ زمينداريءَ ۾ ناموس سان زندگي گذاري، انهيءَ پاسي ۾ خدائي حڪمن ]جي تبليغ[ ۽ سنت نبويءَ جي اشاعت ۾ عجيب نالو ڇڏي ويو. احمد شاهه دراني جڏهن انهيءَ پرڳڻي ۾ پهتو، تڏهن سندس زيارت تي ويو هو. جو دم جيئرو هو، ته ننڍا وڏا سندس معتقد هوندا هئا.

]صالح شاهه[: سندس پٽ صالح شاهه ]پنهنجي[ وقت جو معزز، پيءُ جو جانشين ۽ سچن مريدن جو مرشد آهي.

کهڙا

روهڙيءَ کان اٽڪل ويهه ڪوهه اورتي(1) هڪ ڳوٺ آهي.

]قاضي عبدالرحمان[: هو امر - نهيءَ جو ڏاڍو پابند هو. دين جي فيصلن ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪندو هو. سنت طريقي جي جاري ڪرڻ ۾ تمام مبالغو ڪندو هو. هڪ وڏي جماعت سندس اشاري تي هلندي هئي. آخر هڪ هدايت واريءَ جماعت سان، اسلام جي حمايت ۾، مسجد اندر نماز پڙهندي شهيد ٿيو ۽ دفن ڪيو ويو.(1)

]قاضي محمدي ۽ قاضي احمدي[: سندس پٽ قاضي محمدي ۽ قاضي احمدي پيءُ جي دستور موجب، دينداريءَ جي رسمن کي زندهه رکڻ تي قائم رهيا. هن وقت قاضي احمدي حيات آهي (1)

]عبدالرؤف منشي[: ڪن جي چوڻ موجب هتان جو هو ۽ ڪن جي چوڻ موجب هڱورجن جو. بهرحال سهتن جي قوم (قبيلي) جو ٿو ٻڌجي. انشاء جي فن ۾ ]پنهنجي[ وقت جو بينظير هو. پهريائين خانپور ۽ سيريءَ جي حاڪم بختيار خان ۽ پوءِ نواب خدا يار خان جي سرڪار جو ملازم ٿي، منشين جو سرگروه ۽ وزيرن جي لسٽ ۾ داخل رهي ڪري گذاري ويو. سندس انشاء ڪيترن جلدن ۾ رائج ۽ اڄ ڪالهه جي منشين جو دستور العمل آهي.

]عبدالله منشي[: سندس وفات ڪرڻ تي سندس پوٽو ميان عبدالله منشي نواب جي نوڪريءَ ۾ سندس قائم مقام ٿيو ۽ مرادياب خان (ڪلهوڙي) جي ڏينهن ۾ گذاري ويو.

]محمد حفيظ[: هاڻي مٿئين ميان عبدالرؤف جو ڀاءُ محمد حفيظ، هڪ لائق ماڻهو ۽ ميان غلام شاهه خان ڪلهوڙي جو ملازم آهي.

شڪارپور

روهڙيءَ جي قريب پهريائين داؤد پوٽن جي اڏايل ۽ هاڻي خود مختيار گاديءَ جو هنڌ آهي.

]سيد محمد تقي بخاري[: هتان جي ماڻهن مان سيد محمد تقي بخاري، ]پنهنجي[  وقت جو صاحب رهي ويو آهي. عام خاص ماڻهن جو منجهس اعتقاد هوندو هو.

]سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد[: سندس پٽ سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد اُتي مشهور آهن.

]حاجي فقير الله[: ٻاهران آيل آهي پر گهڻي وقت کان هـِـتي عام ماڻهن جو ڏانهس رجوع آهي، پيريءَ مريديءَ ۽ تعليم جي سلسلي کي نهايت جي حد تائين پهچائي ڇڏيو اٿس. بيشڪ! حال جو صاحب ۽ چڱيءَ فضيلت جو مالڪ آهي. اُتي جا حاڪم سندس خدمت ۾ مريديءَ جو رستو رکن ٿا. ]134[. بادشاهه کي سڃاڻي ٿو ۽ امر انهيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪري ٿو، ماڻهو ڏانهس ڏاڍا رجوع آهن(1).

ڀـِـرالوءِ

روهڙيءَ کان اٽڪل اُٺ ڪوهه اورتي هڪ ڳوٺ آهي.

]سيد صالح شاهه[: اُتي جي ماڻهن مان سيد محمد صالح وقت جو پير ٿي گذريو آهي، سندس تربت ماڻهن جي مرجع آهي ۽ سندس زيارت ڪري عام خاص ماڻهن جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون.

]سيد حيات شاهه[: مٿئين صالح شاهه جي اولادت مان سيد حيات شاهه، يقين جو صاحب رهي، زندگي گذاري ويو.

]سيد ولايت شاهه[: هاڻي سيد حيات شاهه جو پوٽو سيد ولايت شاهه انهيءَ جڳهه ۾ ناليرو آهي.

ڪنگري يا بادشاهپور

ڀرالي (پريالي) کان چئن ڪوهن تي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي.

]عبدالڪريم[: عبدالڪريم نالي هڪ ماڻهو اُتي پير ٿي گذريو آهي.

] عبدالعزيز[: هاڻي عبدالعزيز نالي سندس پٽ چڱي حالت سان جبرو آهي.

هالاڻي

پراڻو ڳوٺ آهي.

]شيخ طائي[: جبريہ قوم مان آهي. سندس مزار الله وارن جي زيارت گاهه ۽ سندس زيارت هر خواهش جي پوري ٿيڻ جو باعث آهي.

]شيخ ڪبير[: شيخ ڪبير پڻ اُتي جي بزرگن مان آهي. سندس آرام گاهه حاجتمندن جي مرجع آهي.

ڀيلاڻي

هالاڻيءَ جي سامهون آهي.

]پيرولي[: هڪ پير انهيءَ سرزمين ۾ آرامي آهي. دين جا بزرگ ۽ يقين جا صاحب سندس معتقد آهن.

]ميان عبد الله [: آگري قوم جو هڪ ڪامل فقير اُتي جو رهاڪو آهي. هن وقت جيئرو ٻڌجي ٿو.

فتحپور

اصل پنهورن جو شهر هو.

]شيخ ترهو[: شيخ ترهو اُتي جو آهي. هو وقت جو ڪامل ۽ زماني جو پير آهي. سندس پيڙهي بني اسد قبيلي سان ملي ٿي. سندس مزار مشهور تبرڪ ۽ ]دل جي[ حـضور جي جاءِ آهي.

]قاضي برهان[: مشهور عارف آل عقبه ڏانهس منسوب آهي. سندس مزار ڦلجي ۽ ڪڪڙ جي وچ ۾ آهي. هن بزرگ جي زيارت کان ايندي ويندي جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون.

ڊڀرو (درٻيلو)

هڪ مشهور ڳوٺ آهي.

]مخدوم عثمان[: مخدون عثمان اُتي جو آهي. ]هن جي[ خدا وارن جي مرجع درگاهه گهڻي حضور ۾ مشهور آهي. هن کي رسول اطهر ]صلي الله عليہ وسلم[ جي جناب جو قاضي سڏيندا آهن ۽ حاجتن پوري ڪرڻ لاءِ عام و خاص ماڻهو هن کان دعا گهري دل جو مطلب گهرندا آهن.

 

* * *


 


(1) يعني اصل فارسي ۾ لکيل "تحفة الڪرام" جي جلد ٻئي ۾، جتي مصنف ستن اقليمن يا ولايتن جو ذڪر ڪيو آهي.

(1) نسخو "ن" سپهر

(2) نسخو "ن": رهري

(3) شيخ يوسف قريشيءَ جي شهيد ٿيڻ ۽ راءِ سهره جي ملتان جي حڪومت تي قبضي ڪرڻ جو مفصل بيان تاريخ معصومي سنڌيءَ (ص 177 - 179) ۾ ڏسڻ گهرجي.

(1) نسخو "ن": ششصد و شش سنہ 606 هجري

(1) اصل متن ۾ "من لا يدر ڪالڪل" لکيل آهي، جو غلط آهي.

(1) هتي اصل متن جو پنو ڦاٽي ويو آهي.

(2) برهان الدين قطب العالم جو بيان تحفة الڪرام، مطبوعہ بمبئي، ج1 ص 16 - 17 تي هن طرح ٿيل آهي، جو ناظرين جي ضيافت طبع لاءِ هتي نقل ڪجي ٿو: سيد برهان الدين ابو محمد عبد الله  عرف قطب عالم بن سيد ناصرالدين محمود بن سيد الاقطاب مخدوم جهانيان بخاري جن جو عالي سلسله حـضرت امام عسڪريءَ جي ڀاءُ سيد جعفر مثنيٰ تائين پهچي ٿو، تاريخ 14 رجب سنہ 790هه سومر رات دنيا ۾ قدم رکيو. پاڻ ڏهن سالن جي ڄمار جا ٿيا، ته سندن والد بزرگوار جو انتقال ٿيو، جنهن ڪري سندن سڳو چاچو شاهه راجو قتال سندن سنڀاليندڙ ۽ مربي بڻيو، ۽ ٻن سالن ۾ کيس هدايت جي مرتبي تي پهچائي فرمايائين ته "جنهن صورت ۾ گجرات جي رهاڪن جي هدايت توهان جي حوالي آهي، تنهنڪري توهان اوڏانهن وڃو." ]تنهن کان پوءِ[ غلاف باش، ترار وغيره. تبرڪات، جيڪي سندس ولادت کان به اڳ سندس نالي ٿيل هئا، سي سندس حوالي ڪري کين رخـصت ڏنائين. پاڻ پنهنجي والده سڳوري، بيبي هاجره، جنهن جو لقب بيبي سعادت خاتون هو، سان گڏ سنہ 802 هجريءَ ۾ اچي پٽن جي شهر ۾ پهتو. سيد راجي جي اشاري موجب حـضرت شيخ فريد شڪر گنج جي پوٽي شيخ رڪن، "ڪان شڪر" جي صلاح سان، انهيءَ وقت اتي رهي، ظاهري خواهه باطني ڪمن ۾ مشغول ٿيو. روايت ڪري ٿو، ته سلطان مظفر، قطبن جي سردار، مخدوم جهانيان جو مريد هو - تنهن جڏهن ٻڌو ته سيد الاقطاب جو پوٽو اچي رهيو آهي، تڏهن استقبال جي رسم بجا آندائين. پاڻ انهيءَ شهر ۾ مولانا علي شير وٽان علم جي تحصيل به ڪيائين. جڏهن سلطان احمد، احمد آباد جو شهر ٻڌارايو تڏهن حـضرت قطب عالم کي پٽن جي شهر  کان احمد آباد ۾ تشريف فرمائڻ لاءِ عرض ڪيائين، جنهنڪري پاڻ اُتان لڏي احمد آباد تشريف فرما ٿيا. سلطان احمد کي شعر ۾ ملڪو هو، تنهن سندس تعريف ۾ هڪ قصيدو تيار ڪري درٻاري شاعرن وانگيان سندس خدمت ۾ حاضر ٿي پڙهيو. قصيدي جو مطلع هيءُ آهي:

"قطب زمان مايان برهان بس ست مارا

برهان او هميشہ جون نامش آشڪارا"

پوري ڪرڻ کان پوءِ، عرض ڪيائين، ته دعا جي انعام جو اميدوار آهيان. پاڻ فرمايائين، ته توهان جي خاندان کي ڏاڏي مخدوم جهانيان دعا ڪئي آهي. سلطان عرض ڪيو، ته پاڻ اسان جي ڏاڏي سلطان مظفر جي اولاد کي بادشاهيءَ جي دعا ڪئي اٿس، توهان شهر جي آباديءَ لاءِ دعا فرمايو. چون ٿا، ته بادشاهه جي عرض ڪرڻ کان پوءِ، حـضرت قطب جي زبان مان هيءُ لفظ نڪتا ته "احمد آباد ابدالا باد انشاءَ الله الرؤف بالعباد" (جيڪڏهن ٻانهن تي ٻاجهه ڪرڻ واري الله چاهيو، ته احمد آباد سدائين قائم رهندو). پاڻ پراڻي اساول ۾ سابرمتيءَ جي ڪناري تي سڪونت اختيار ڪيائين. اُتي هڪڙي مسجد به تيار ٿي. نور آباد ۾ سندس سڪونت جون نشانيون اڃا تائين ظاهر آهن. ٿوري وقت کان پوءِ "بڻوه" ۾ وڃي رهيو. اها جاءِ سندس خرچ لاءِ بادشاهه مقرر ڪئي هئي.

سندس ڪرامتون هن ملڪ جي عام خاص ماڻهن ۾ مشهور آهن. انهن مان هڪ "لوهه لڪڙ پٿر" جو قصو به آهي. هڪ ڪنڊياري ڪاٺي، گهر جي اڱڻ ۾  پيئي هئي. هڪ رات جيئن تهجد جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ اٿيو، ته اتفاقاً سندس پير وڃي انهيءَ ڪاٺيءَ تي لڳو ۽ ڦٽجي خون آلود ٿي پيو. سندس زبان مبارڪ مان هي لفظ نڪتا: "کيا لوها هي که لکڙي هي که پتهر هي؟" (ڇا هي لوهه آهي يا ڪاٺي آهي يا پٿر آهي؟) ڏينهن ٿيڻ تي ڏٺو ويو ته انهي ڪاٺيءَ ۾ ٽيئي صفتون موجود هيون. واقف ٿيڻ کان پوءِ هڪ خادم کي، اها هڪ ڪنڊ ۾ دفن ڪرڻ لاءِ فرمايائين. هيءُ به فرمايائين، ته جيڪو هن کي ٻاهر ڪڍندو تنهن کي اولاد ڪو نه ٿيندو. ڪجهه مدت تائين ائين رهي. پر حـضرت جي وفات کان پوءِ، مريدن مان هڪ شخص چيو، ته مون کي بي اولادي هجڻ قبول آهي. ائين چئي کڻي اها ٻاهر ڪڍيائين ۽ ماڻهو انهيءَ جي زيارت کان مشرف ٿيا. اڄ تائين به انهيءَ جو اڌ باقي آهي، ٻيو اڌ حـضرت عرش آشياني (شايد عالمگير) ڪپرائي دارالخلافت ڏانهن کڻائي ويو.

زندگيءَ جا اٺهٺ سال، چار مهينا ۽ چوويهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ 8 ذوالحج سنہ 850 ۾ هميشہ واري جهان ڏانهن لاڏاڻو ڪيائين. ڪنهن عالم سندس تاريخ "مطلع يوم التروية" مان ڪڍي آهي. سندس آرامگاهه بڻوه جي ديهه ۾ قبي، درگاهه ۽ مضبوط مسجد سميت اڄ تائين انهيءَ ملڪ جي رهاڪن لاءِ زيارتگاهه آهي.

حويلي پرڳڻي جي مٿين ديهه ۽ ديهه پالري ۽ ديهه سيخري حـضرت سجاده نشين، صاحبزادن ۽ عرسن جي خرچ لاءِ ۽ حويلي پرڳڻي جي ديهه کمور قطبي سيدن جي مدد معاش لاءِ اڳئين فرمان موجب مقرر ٿيل آهن. حـضرت قطب کي ٻارنهن پٽ ۽ سترنهن نياڻيون هيون.

مير قانع جي ٻنهي بيانن ۾ هيٺين ڳالهين ۾ اختلاف آهي: هڪ نه هتي سيد برهان الدين کي مخدوم جهانيان جو فرزند سڏيو ويو آهي، جلد پهرئين جي ڏنل بيان ۾، جيڪو اسان حاشيه تي نقل ڪيو آهي، سيد برهان الدين کي سيد ناصرالدين محمود جو پٽ ۽ مخدوم جهانيان جو پوٽو لکي ٿو. ٻيو، ته پهرين جلد ۾ سيد راجو قتال کي سيد برهان الدين جو سڳو چاچو سڏي ٿو. حالانڪه هتي سيد راجو قتال کي مخدوم جهانيان جو ڀاءُ لکي رهيو آهي، جو پهرئين جلد ۾ ڏنل سيد برهان الدين جي نسب جي آڌار تي سندس پيءُ جو چاچو ٿئي ٿو، نه سندس سڳو چاچو. البت جيڪڏهن سيد برهان الدين کي مخدوم جهانيان جو فرزند تسليم ڪبو، ته پوءِ سيد راجو قتال سندس سڳو چاچو ٿيندو. بهرحال ڳالهه هيءَ آهي، ته خود مير قانع کي هن خاندان جي سلسلـهء نسب جي پوري خبر ڪانهي، تنهنڪري ويچارو آٿڙي رهيو آهي، ڪڏهن ڪيئن ٿو لکي ۽ ڪڏهن ڪيئن؟ مير قانع هتي توڙي پهرئين جلد ۾ سيد برهان الدين جي وفات سنہ 850 هجريءَ ۾ لکي ٿو پر وري جلد 2، صفحي 30 تي سندس وفات سنہ 856 هجريءَ ۾ لکي ٿو. جلد پهرئين ۾ چوي ٿو، ته سندس سنڀال ۽ تربيت سيد راجي قتال ڪئي، ته جلد ٻئي، (صفحي 30) ٿو لکي ته "هو پنهنجي پيءُ جو مريد ۽ خليفو آهي". والله  اعلم بالصواب.

(1) اصل ۾ "في بقعة المبارکہ" آهي، جو گرامر جي لحاظ کان غلط آهي.

(1) سيد حيدر حقانيءَ جي مزار ۽ قبو روهڙيءَ ۾ حيدر شاهه حقانيءَ جي نالي سان مشهور آهي. تعجب آهي، ته مير قانع هن کي بکر جي بزرگن ۾ ڪيئن ڳڻيو آهي؟ پر اڳتي هلي معلوم ٿو ٿئي، ته جنهن صورت ۾ اهي سڀ پيارا بکر جي پيدائش آهن، پوءِ ڪي روهڙيءَ ۾ وڃي رهيا، اُتي وفات ڪيائون ۽ دفن ٿيا، تنهنڪري پيدائش جي لحاظ کان کين بکري شمار ڪري، بکر ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي.

(2) نسخہ "ن": "بهکرائي" (بکرائي).

(1) "موت نصيحت ڪندڙ ڪافي آهي".

(1) پٽ پيءُ جو راز آهي.

(2) تاريخ معصوميءَ جو سنڌي ترجمو ڇپجي شايع ٿي چڪو آهي، مير معصوم ۽ سندس خاندان جا وڌيڪ حالات اتي ڏسڻ گهرجن.

(1) نواب امير خان جو بيان صفحي 138 تي آيو آهي.

(1) نسخو  ”ن“ :  ”افضل“

(2) ”جيڪي ٿيو، تنهن ۾ چڱائي آهي“ .

(3)جيڪي ٿيو، تنهن ۾ ڪا به چڱائي ڪا نه آهي“ .

(1) ”جيڪي ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ ڀلائي آهي“ .

(2)جيڪي ٿي رهيو آهي، تنهن ۾ ڪا به ڀلائي ڪانهي.“

(1) شاهه خير الله عرف شاهه خير الدين ولد سيد احمد بغدادي سنہ 911 هه ۾ بغداد ۾ ڄائو. سندس نسب پنجن واسطن سان سيد عبدالقادر جيلاني، جنهن کي عام طور پيران پير چوندا آهن - سان ملي ٿو. اوائل عمر ۾ بغداد کان مڪي آيو ۽ برابر چوڏهن ورهيه حرمين ۾ رهي علم پڙهندو رهيو. علم کان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ سير و سياحت جي ارادي سان، سنڌ ڏانهن نڪري آيو ۽ اچي مخدوم نوح عليه الرحمته جي صحبت ۾ رهيو، جتان گهڻو ئي فيض ۽ هدايت پرايائين. پوءِ سکر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي عبادت الاهي ۾ مشغول ٿيو، جتي ڪيترائي ماڻهو اچي سندس مريد ٿيا. مير محمد معصوم جو پوٽو، مير محمد زڪريا پڻ سندس معتقد ۽ مريد هو. ڪتاب "دليل الذاڪرين" ۽ پير روضي ڌڻي سيد محمد راشد جي ملفوظات ۾ سندس ڪجهه مناقب مذڪور آهن.

شاهه خير الدين پوين ڏينهن ۾ رهڻ واريءَ ٽڪريءَ تان لهي اچي پراڻي سکر ۾ انهيءَ هنڌ رهيو هو، جتي سندس مقبرو آهي. اتي ترخان خاندان جي مغلن جا گهر هئا، جي هنن شاهه صاحب کي نذراني طور ڏيئي ڇڏيا. سکر ۾ فقير سڌو ۽ فقير جمال الدين سندس خدمت ڪندا هئا. شاهه صاحب سکر ۾ ئي 27 رمضان المبارڪ سنہ 1027 هه ۾ لاولد هن فاني دنيا مان آخرت جو سفر اختيار ڪري ويو. سندس وفات جي تاريخ هيٺئين قطعي جي پوئينءَ مصرع مان ملي ٿي.

شـاهه خيــر الـدين مـہ برج شرف،        مـقـبل درگـاهه ايـزد سـرمـدي

سال تاريخ و صالش عقل گفت:       "مرشد کامل طريق احمدي".

                                    1027هه

(ماخوذ از هفته وار آزاد ڪراچي مؤرخ 20 اپريل سنہ 1953ع).

(1) ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب پنهنجي ايڊٽ ڪيل تاريخ معصوميءَ جي نسخي ۾ هن گنبذ جو نالو "مارو کهير" لکيو آهي، ۽ حاشيي تي ڏنو اٿس، ته نسخي "م" ۾ "مارو کيري" ۾ نسخي "ح"، "ر" "س" ۾ "ماروکري" آهي.

(1) اها سر واهه جي زمين پنجاهه ڪوهه پري هئي (ڏسو "تاريخ معصومي" ص 129)

(2) مير معصوم هتي "ازپارچہء لک" (لاک جي ڪپڙي جون) جا لفظ وڌايا آهن ("تاريخ معصومي"، ص 129).

(1) مير قانع جي عبارت هن جاءِ تي نهايت منجهيل آهي. هو لکي ٿو ته "وقريب گنجابه در دامن کوه ايواني پيش رفتہ" مگر "تاريخ معصومي" (ص 130) ۾ هن طرح آهي: "و در يکي از کوه هاي گنجابه دامن او در رنگ ايوان پيش رفتہ" - اسان ترجمو معصوميءَ جي عبارت خيال ۾ رکي ڪيو آهي.

(2) هتي تاريخ معصومي (ص 130) ۾ "چيزي" (ڪا شيءِ) لکيل آهي، ۽ مير قانع وري "چتري" (ڇٽ) لکيو آهي. والله  اعلم.

(3) هت پڻ غالباً ڪاتب جي سهو کان تحفة الڪرام ۾ "از پاي کوه" لکيل آهي، جو صحيح نه آهي. تاريخ معصوميءَ ۾ "بالا ي کوه" لکيل آهي. اسان جو ترجمو انهيءَ تي مبني آهي.

(4) تحفة الڪرام ۾ "يکتاره" لکيل آهي، جنهن جي ڪا به معنيٰ ڪا نه ٿي نڪري. بلڪ صحيح "يکپاره" آهي، جيئن معصوميءَ (ص 130) ۾ لکيل آهي. اسان ترجمو پڻ انهيءَ موجب ڪيو آهي.

(1) هتي پڻ تاريخ معصومي (ص 130) جو بيان وڌيڪ صاف آهي. لکيل آهي، ته "سيويءَ ۽ گنجابيءَ جي زمين هن طرح آهي، ته سيتپور جي جبل ۽ درياءَ جي ڪناري کان ڇڪجي وڃي ڪن، سيوي، گنجابي ۽ پاٽ سان لڳي آهي. اتان کان اڌ گول ٺاهي موٽي اچي درياءَ جي ڪناري تي پهتي آهي. وچ ۾ سمورو رڻ پٽ آهي".

(2) صالحن جي ذڪر ڪرڻ وقت رحمت نازل ٿئي ٿي.

(1) يعني ٺٽي جي پاسي.

(1) قاضي عبدالرحمان، جنهن کي اڄ ڪالهه مخدوم عبدالرحمان شهيد جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، تنهن جي حسب نسب جو سلسلو حـضرت رسول ڪريم جي چاچي سڳوري حـضرت عباس سان ملي ٿو. هن طرح: مخدوم عبدالرحمان شهيد بن مخدوم محمد بن مخدوم محمد عاقل بن مخدوم عبدالخالق بن مخدوم يحيٰ بن مخدوم جمال الدين بن مخدوم اسدالله  بن مخدوم احمد بن مخدوم محمد بن سيدنا (نالو اُڏيهي کائي ويئي، پڙهڻ ۾ نه آيو) بن سيدنا عبيدالله  بن جمال الدين محمد بن عبدالله  بن سيد ابراهيم شهيد بن اسحاق بن معرف بن محمد بن عبدالله  بن محمد بن علي بن سيدنا عبدالله  بن سيدنا عباس عم النبي عليه الصلواة والسلام.

هن خاندان جو وڏو بزرگ سيدنا ابراهيم شهيد، خليفي معتصم بالله  عباسيءَ جي خلافت وارن ڏينهن ۾ بغداد کان دين جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو ۽ اچي حيدرآباد، جنهن کي اڳي نيرون ڪوٽ سڏيندا هئا، جي ويجهو  ”ڪلور“  نالي هڪ ٽڪريءَ تي رهيو، جتي سنہ 248هه ۾ وفات ڪيائين.

سندس اولاد مان هڪ بزرگ، مخدوم اسدالله  نالي اڪبر جي زماني ۾ سنڌ جو قاضي القضاة مقرر ٿيو. هن سنڌ جو دورو ڪندي رياست خيرپور جي حدن ۾ پپريءَ جي ڳوٺ ۾ سنہ 966هه ۾ وفات ڪئي. هن جي وفات کان پوءِ سندس وڏي فرزند مخدوم جمال الدين پـپـريءَ ۾ ئي سڪونت اختيار ڪئي. کانئس پوءِ سندس فرزند مخدوم يحيٰ پڻ اتي وفات ڪئي. انهن بزرگن جي مسجد ۽ مزارون پپريءَ جي ڳوٺ ۾ اڃا تائين قائم ۽ عام توڙي خواص لاءِ زيارتگاهه آهن.

مخدوم يحيٰ جو فرزند مخدوم عبدالخالق پپريءَ مان لڏي اچي کهڙن جي شهر ۾ ويٺو، جتي سندس اولاد اڃا تائين موجود آهي. مخدوم عبدالرحمان شهيد انهيءَ عبدالخالق جو پڙ پوٽو هو. هن ظاهري خواهه باطني علمن جي تڪميل پنهنجي والد بزرگوار مخدوم محمد عليه الرحمة وٽان ڪئي، ۽ کانئس پوءِ سندس مسند تي ويهي اسلام جي تبليغ ۽ شرڪ ۽ بدعت جي پاڙ پٽڻ ۾ مشغول رهيو.

"تذڪرة مخاديم کهڙا" جي مصنف، مخدوم عبدالرحمان جي مذهبي صلاحيت ۽ شرعيت تي استقامت جا ڪيئي واقعا ذڪر ڪيا آهن. هو هڪ وڏو عالم، بزرگ ۽ ڪرامت جو صاحب ولي الله هو. تذڪري جي صاحب سندس ڪرامتن جا ڪيئي واقعا لکيا آهن. هو سنہ 1145هه ۾ 222 ڄڻن سان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو. "ڪانوا غازين ۽ هئي هئي ستون سنده فتاد" مان سندس شهادت جي تاريخ نڪري ٿي. مخدوم شهيد جي شهادت جو قصو وڏو آهي. مخدوم غلام محمد بگائي، جنهن جا مولود ۽ معجزا اڄ به عام طرح ڳائي روحاني سرور حاصل ڪيو ويندو آهي، تنهن هيءُ قصو سنڌيءَ ۾ نظم ڪيو آهي. جو "ميان غلام محمد بگائيءَ جي سنڌي" جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور آهي.

(1) مخدوم عبدالرحمان جي شهادت وقت سندس وڏي فرزند ميان محمديءَ جي عمر ٻه سال هئي ۽ ننڍي فرزند ميان احمديءَ جي عمر هڪ سال هئي.  ”تاريخ آئينهء جهان نما“  جو مصنف، مخدوم محمدي جي باري ۾ لکي ٿو، ته هن کي ظاهري خواهه باطني علم سندس والد بزرگوار جي توجهه سان حاصل ٿيو هو. هو اويسي سلسلي جو هڪ وڏو شيخ ۽ مادرزاد ولي الله هو. هن پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ ستن ورهين جي ڄمار ۾ قرآن شريف ياد ڪيو هو. سندس تعليم لاءِ سنڌ جي مشهور معروف علامہ مخدوم ابوالمعالي نوشهرائيءَ کي تڪليف ڏني ويئي، پر هن جيڪو به ڪتاب کولي انهيءَ جو مشڪل ۾ مشڪل مقام ڪڍي مخدوم محمديءَ جي آڏو رکي کيس پاڙهڻ جي ٿي ڪئي، ته هن في البديهه انهيءَ جي اهڙي ته ڪافي ۽ شافي تقرير ٿي ڪئي، جو مخدوم ابوالمعالي حيران رهجي ٿي ويو. آخر قرآن، حديث، تفسير وغيره نقلي خواهه عقلي علمن جي ڪتابن مان اهڙا اهڙا مشڪل مسئلا، جن جي حل ڪرڻ ۾ انهن ڪتابن جا شارح خود حيران هئا، سي به مخدوم محمديءَ کان پڇيائين مگر هن انهن مقامن جون به اهڙيون ته جامع ۽ مانع تقريرون ٻڌايون، جو مخدوم ابوالمعالي جي زبان مان بي اختيار نڪتو ته "هن صاحبزادي کي ته خضري تعليم ۽ انهيءَ جي امداد سان لدني علم عطا ٿيل آهي. اسان جي رهڻ جو ڪو به ضرور نه آهي". ائين چئي پاڻ رخصت وٺي نوشهري روانو ٿي ويو.

 ”آئينهء جهان نما و تذڪره مخاديم کهڙا“  ۾ مخدوم محمديءَ جي فصاحت ۽ بلاغت ۽ نڪتہ آفرينيءَ جا ڪيئي مثال مذڪور آهن. جيئن ته هڪ دفعي پاڻ اندر حويليءَ ۾ هئا، ته هڪ دوست، جو سندس ملاقات لاءِ آيو هو، تنهن کيس لکيو ته "حـضرتا! آفتاب گرم مي شود رخصت فرمايند". پاڻ جواب ۾ لکيائون "تجنيس گرم (کرم) مطلوب است مبادا به تقليب آن (مرگ) تاسف ـ خورند".

سنڌ جا زندهه جاويد ولي ۽ شاعر شاهه عبداللطيف (ڀٽائي) مخدوم محمديءَ جا همعصر هئا. تذڪره مخاديم کهڙا جو مصنف لکي ٿو، ته هڪ دفعي شاهه ڀٽائي جن سير ڪندا اچي کهڙن کان نڪتا ۽ اچي شهر جي ٻاهران ميان چنيہ جي کوهه تي لٿا (ميان چنيہ ذات جو اڄڻ مخدوم محمديءَ جي والد ميان عبدالرحمان شهيد جو خليفو هو. سندس اولاد اڃا تائين کهڙن جي شهرن ۾ موجود آهي.) مخدوم صاحب کي خبر پيئي، ته هڪ آدميءَ هٿان دعوت چوائي موڪليائين. شاهه صاحب جن جواب ۾ هيءُ بيت چوائي موڪليو: "اڄ نه آيس آءٌ صبح ايندس سپرين، توتي جنهن جو نانءُ کڻي بار کـُـهين جو" - ٻئي ڏينهن صبوح جو شاهه صاحب جن مخدوم وٽ تشريف فرما ٿيا ۽ پورو هفتو مخدوم صاحب جا مهمان رهيا. ڏاڍيون صحبتون ڪيائون ۽ حال ونڊيائون. تنهن کان پوءِ شاهه صاحب جن مخدوم صاحب کي دعائون ڪندا رخـصتياب ٿي ويا. مخدوم محمدي نهايت بارعب، شرعيت جو جان نثار ۽ صاحب استغنا بزرگ هو. تذڪره مخاديم کهڙا ۾ هن بزرگ جا ڪيئي مناقب لکيل آهن. آخر هن بزرگوار سنہ 1174 هجري ۾ وفات فرمائي. سندس وفات جي تاريخ هيٺئين قطعي مان نڪري ٿي:

بـهــشتم از ربــيــع الاول او رفت        ز تاريخش بمن هاتف چنين گفت.

دوشنبه چونکه باز آمد ز حانوت        مـقـام روح پـاکــش جـاي لاهـــوت.

(آئينهء جهان نما و تذڪره مخاديم کهڙا تان ورتل)

مخدوم احمدي خدائي، پنهنجي بزرگ ڀاءُ مخدوم محمديءَ جي وفات کان پوءِ سنہ 1174هه ۾ شرعيت جي مسند تي ويٺو ۽ شرعيت جي ترويج، سنت پيغمبريءَ جي احياء، شرڪ ۽ بدعت جي بيخ ڪنيءَ جو ڪم نهايت شان شوڪت ۽ رعب تاب سان جاري رکيائين. کيس ظاهري خواهه باطني فيض سيد پير موسيٰ شاهه گهوٽڪيءَ واري کان حاصل ٿيو، جنهن مخدوم عبدالرحمان شهيد کان فيض پرايو هو. مخدوم احمدي قادري طريقي ۾ هڪ مرشد ڪامل ٿي گذريو آهي. سنڌ جا بيشمار باشندا سندس فيض جي چشمهء شيرين مان سيراب ٿيندا رهيا.

سلطان احمد شاهه ابدالي هن بزرگ جو نهايت معتقد هو ۽ هندستان ڏانهن ويندي، سندس خدمت ۾ دعا خواهيءَ لاءِ حاضر ٿيو هو، ۽ فقيرن جي خرچ ۽ لنگر لاءِ ڳڙهي ياسين تعلقي ضلعي سکر جون ديهون: مرزانپور، نئون آباد، وڪڙ، جرم وغيره جاگير طور عطا ڪيون هئائين، جي اڃا تائين مخدوم صاحب جي پوين جي هٿ ۾ آهن.

راشدي پيرن جو مورث اعليٰ حضرت پير محمد راشد صاحب هن مخدوم صاحب جو شاگرد هو. سنہ 1200 هجريءَ جي اخير ۾ سلطان غازي تيمور شاهه پنجاب تي حملو ڪيو، جنهن ڪري شاهي لشڪر جي آمد رفت سنڌ مان ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ ۾ سخت قحط جي حالت پيدا ٿي ويئي. اها حالت ڏسي مخدوم صاحب کڻي انهيءَ مسجد شريف جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو، جنهن ۾ سندس والد بزرگوار مخدوم عبد الرحمان شهيد ٿيو هو. هن مسجد تي پهريائين، ڪچي ڇت پيل هئي، مخدوم احمديءَ ملتان کان ڪاريگر گهرائي، پهريائين ته جر تائين بنياد کوٽائي، چوني گچ ۾ خبث الحديد ملائي، انهيءَ سان نهايت مضبوط طريقي تي بنياد ڀرايا ۽ پوءِ ٽن قبن سان نهايت مضبوط مسجد ٺهرائي. ساڳيءَ طرح پنهنجي والد بزرگوار مخدوم عبد الرحمان شهيد جي مزار تي هڪ عاليشان قبو پڻ اڏايائين. مسجد ۽ قبو سنہ 1201 هجريءَ ۾ ٺهي تيار ٿيا. انهن جي تعمير جي تاريخ هيٺيئن قطعي مان نڪري ٿي:

داني که چيست قبه چون مشعل فروزان،      نـور خــدا مـجـسـم بـر تـربـت شهيدان،

تاريخ سال تعمير از غيب دوش جستم،      عرش خدا هويدا هاتف بگفت اينسان.

                                               1201 هجري

(تذڪره مخاديم کهڙا تان ورتل)

اها مسجد شريف ۽ قبو اڄ تائين (1373 هجري) موجود آهن ۽ ٻارهين صديءَ جي تعميري قابليت جو هڪ عجيب و غريب نمونو آهن. مغل شهنشاهن جي شاهي عمارتن سان ڪلهو هڻن ٿا.

انهيءَ مسجد ۽ قبي جي ڪم جي بهاني سان مخدوم احمدي کڻي ديڳيون چاڙهيون ۽ ننڍو خواهه وڏو، جوان خواهه ٻڍو، عورت خواهه مرد، جيڪو به ٿي آيو، تنهن کي ماني ۽ وقت جي رواج موجب، روز ڏيندو ٿي رهيو. باوجوديڪ آمدنيءَ جو ڪو ظاهري ذريعو ڪونه هئس، تڏهن به غيبي امداد اهڙي ٿي، جو مخدوم صاحب جو خرچ ڪڏهن ڪونه کٽو. جڏهن قبو ۽ مسجد ٺهي تيار ٿيا، تڏهن بادشاهه تيمور شاهه کي ماڻهن جي تڪليف بابت لکي، سور سات وغيره جي سڀني تڪليفن کان آزاد ڪرڻ جو عرض ڪيائين. بادشاهه اهو عرض اگهائي معافيءَ جو پروانو جاري ڪيو، جو  ”آئينـهء جهان نما“  ۽  ”تذڪره مخاديم کهڙا“  ۾ جنسي نقل ٿيل آهي. مخدوم احمديءَ جي ڏينهن ۾ بغداد شريف کان حـضرت پيران پير رحمت الله عليہ جي اولاد مان ٻه ڀائر: محمد شاهه ۽ احمد شاهه جي نالي سان سنڌ ۾ آيا، پر ميان غلام شاهه کين رهڻ نه ڏنو، ڇاڪاڻ ته کيس شڪ هو ته هو، ترڪي جي سلطان جا جاسوس آهن ۽ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ آيا آهن. ميان غلام شاهه جي وفات کان پوءِ اهي ٻئي پير وري آيا ۽ سڌا اچي مخدوم صاحب جا مهمان ٿيا. مخدوم ميان احمديءَ، کين پورو سال پاڻ وٽ رهائي، پوءِ گنبٽ ۽ راڻيپور جا زميندار گهرائي کانئن جايون وٺي، وڏي پير ميان محمد شاهه کي گنبٽ ۾ ۽ ننڍي پير ميان احمد شاهه کي راڻيپور ۾ وهاريو. اڄ تائين ٻنهي پيرن جو خاندان گنبٽ ۽ راڻيپور ۾ موجود آهي.مخدوم احمدي سنہ 1203 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. سندس وفات تي وقت جي فصيح بليغ شاعرن گهڻا ئي مرثيا چيا، جي  ”تذڪره مخاديم کهڙا“  ۽  ”آئينهء جهان نما“  ۾ مذڪور آهن. سندس تاريخ وفات  ”احمدي را مقام شد جنات“  ۽  ”کان وليا ملجاءِ الضعفاءِ“  مان نڪري ٿي، (تاريخ آئينه جهان نما ۽ تذڪره مخاديم کهڙا تان ورتل.) مخدوم ميان احمديءَ کي هڪ فرزند مخدوم محمد عاقل نالي هو، جو پڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم، ولي ڪامل ۽ شرعيت جو پورو پورو پابند هو. هيءُ سنڌ جي مشهور معروف ولي الله ، مخدوم محمد اسماعيل پريالوءَ واري جو نياڻو هو. کهڙن جا هاڻوڪا مخدوم سڀ سندس اولاد آهن.

(1) حاجي فقير الله بن عبدالرحمان علوي اصل جلال آباد جي لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ روقاس ۾ پيدا ٿيو. هن جي نسب جو سلسلو حضرت عليءَ سان امام محمد بن حنفيہ جي وساطت سان ملي ٿو. حاجي صاحب ظاهري خواهه باطني علوم جو ماهر هو. شاهه محمد مسعود پشاوري ۽ حاجي محمد سعيد لاهوريءَ کان چئن ئي طريقن ۾ اجازت هيس. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان به حديث جي سند ۽ طريقت جي اجازت ورتي هئائين. هو باوجود يڪ وحدت الوجود جي عقيدي جي بانيءَ شيخ محي الدين ابن عربيءَ جو حامي ۽ مخدوم محمد معين جهڙي همه اوست جي نعري بلند ڪرڻ واري بزرگ جو يارِ غار هو، پر تڏهن به پاڻ وحدت الشهود يعني همه از اوست جو قائل هو. سنڌ جي حاڪمن مان ميان نور محمد ڪلهوڙي جو پٽ ميان سرفراز سندس مريد ۽ معتقد هو. ساڳيءَ طرح بلوچستان جي رياست قلات جو والي مير نصير خان بروهي به سندس مريدن جي زمري ۾ داخل هو. احمد شاهه ابداليءَ سنڌ تي ڪاهيو، ته اهو به حاجي صاحب جي فيض ۽ فياضيءَ جون خبرون ٻڌي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو، ۽ سکر ضلعي اندر ڪيتريون ديهون لنگر جي خرچ لاءِ عطا ڪيائين، جي اڄ تائين پٽيداريءَ جي صورت ۾ سندس اولاد جي نالي داخل آهن ۽ انهن جي ڍل جي پيدائش مان کين حـصو ملندو آهي.

حاجي صاحب هڪ وڏو عالم ۽ قادر الڪلام شاعر به هو. سندس تصنيفات مان هي ڪتاب مشهور آهن: 1 - قطب الارشاد (هيءُ ڪتاب ڪنهن مريد ڪوئٽيا مان ڇپائي شايع ڪيو آهي)، 2 -طريق الارشاد، 3 - جواهر الاوراد، 4 - تڪميل المؤمنين والاولاد، 5 - فتوحات عيبيہ شرح عقائد صوفيہ، 6 - فتح الجميل في مدارج التڪميل، 7 - فتوحات الاهي، 8 -براهين النجات من مصائب الدنيا والعرصات، 9 - منتخب الاصول، 10 - وثيقة الاکابر، 11 - قصيده مبروره. انهن سڀني تصنيفات کان علاوه حاجي صاحب جو زندهه جاويد ڪارنامو آهي سندس مڪتوبات، جنهن کي سندس اولاد جي هڪ فرد فريد سيد مير علي نواز علوي ڇپارائي شايع ڪيو آهي. هي ڀلارو بزرگ 3 صفر سنہ 1135 هه ۾ شڪارپور جي شهر ۾ رحلت فرمائي ويو. سندس شاگرد مير محمد وفا لکوي هڪ قطعهء تاريخ لکيو جو سندس گنبذ تي لکيل آهي:

ولـي غــوث خـــدا حــاجــي فـقـيـــر الله ،       شــده بخلــد مــربــع نــشين الـي الابد،

و فامه و شب تاريخ وقت سال وصال،     بگو سويم صفر و نصف ليلة الاحد.

سندس روضو شڪارپور ۾ هاٿيدر جي اندران عام و خاص ماڻهن جو زيارتگاهه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org