]باب
ستون[
سمن ڄامن جو طبقو
]تاريخ
نويسن جي[ هڪ جماعت، هن قوم جي نسب کي ”عڪرمہ“ بن عصام(1)
بن ابي جهل سان ملائي ٿي جيئن مٿي ذڪر ٿي آيو، پر
جيئن مٿي جاڻايو ويو آهي، ته محمد بن قاسم ثقفيءَ
جي اچڻ وقت، هن قوم اچي اسلام جي تابعداري قبول
ڪئي هئي. اها ڳالهه مير معصوم، چچنامي جي حوالي
سان بيان ڪئي آهي. تنهن ڪري هيءُ
]بيان[ صحت کان بلڪل پري ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ ته عڪرمہ جو اولاد ڪيئن دين
اسلام ڇڏي، 92 هجريءَ جي لڳ ڀڳ، هيڏيءَ وڏي قوم جي
صورت ۾، ههڙيءَ پرانهينءَ زمين تي اچي گڏ ٿيو
هوندو، جڏهن خود عڪرمہ انهيءَ زماني جو همعصر يا
انهيءَ زماني کي ويجهو ٿي گذريو هو؟ ۽ سندن نسبت،
”سام“بن عمر بن هشام بن ابولهب ڏانهن ڪرڻ، پڻ
ساڳئي دليل جي بنا تي مقبول آهي. تنهنڪري، جنهن
]تاريخ
نويس[ چيو آهي، ته هيءُ ”جمشيد“ ڏانهن منسوب آهن ۽ ڄام جو لقب انهيءَ
ڏانهن اشارو آهي، تنهن جو چوڻ صحيح سمجهي سگهجي
ٿو. هڪڙي بزرگ کان
]هئن به[ روايت آهي، ته هيءُ اصل ۾ سام جو اولاد آهن، جو”سام بن نوح“ جي
اولاد مان هو(2)،
جيئن
]هن
قوم جي[ شجري ۾ لکيل آهي، انهيءَ ڪري کين”سما“ لقب مليل آهي. وڌيڪ علم
الله وٽ آهي.
ڄام انڙ بن ٻانڀڻيو(1)
سومرن جي زور ختم ٿيڻ کان پوءِ، سمن ماڻهن، جي اڳ
رعيت جي حالت ۾ کيتيءَ تي گذران ڪندا هئا، گڏ ٿي،
هن (ڄام انڙ) کي”ڄام“ جو لقب ڏيئي، پنهنجو سردار
ڪيو. اهو 752 هجريءَ ۾ ٿيو. مٿئين ڄام ٿورن ڏينهن
۾ وڏي طاقت پيدا ڪري،”ملـَـڪ رتن“
(2) ۽
ٻين انهن ترڪ آفيسرن سان، جيڪي سيوهڻ ۾ آفيسر هئا،
جنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو. آخر ٽي سال ۽ ڇهه مهينا
حڪومت ڪري، گذاري ويو.
ڪن جو چوڻ آهي، ته سندس وڪيل”ڪاهي بن تماچيءَ“ جي
ساڻس دشمني هئي، تنهن ڪري علي شاهه ۽ ملڪ فيرزو کي
بکر مان بهرام پور آڻي، کيس قتل ڪرايو ۽ ٽن ڏينهن
کان پوءِ انڙ جي ماڻهن اچي مـَـلڪ فيروز کي
ڪـُـٺو.
ڄام جوڻو بن ٻانڀڻيو
ڀاءُ کان پوءِ ملڪ جو وارث ٿي، وڏو لشڪر ساڻ وٺي،
ٺٽي وٽان درياء ٽپي، اچي بکر جي ڳوٺن ۾ ڦر لٽ ۽
قتلام شروع ڪيائين. ترڪ لاچار ٿي ڇڏي ويا. هيءُ
پوءِ
]49[
سنڌ ۾ خودمختيار ٿي رهڻ لڳو. نيٺ سلطان علاؤالدين
پنهنجي ڀاءُ الغ خان کي ملتان پرڳڻي جو گورنر مقرر
ڪيو، جنهن”مـَـلڪ تاج ڪافوري“۽”تاتار خان“ کي، ڄام
جوڻي جي ڪڍڻ لاءِ سنڌ موڪليو، پر ڄام جوڻو هن کان
اڳيئي فوت ٿي ويو هو(1).
سندس حڪومت جو عرصو تيرنهن يا چوڏنهن سال رهيو(2).
شاهي لشڪر، بکر وٺي سيوهڻ ۾ اک وڌي.
ڄام تماچي
ڄام جوڻي کان پوءِ،”ڄام تماچي”بن ڄام انڙ حڪومت جي
تخت تي ويٺو. سلطان (علاؤالدين) جو لشڪر کيس اهل
عيال سميت قيد ڪري، دهليءَ وٺي ويو(3).
ڄام ٻانڀڻيو (اول)
سما قوم ٿرڙيءَ ۾ گذارڻ لڳي ۽ ڄام ٻانڀڻي (اول) بن
ڄام انڙ پندرنهن سال مٿن سرداري ڪئي.
ڄام خير الدين بن تماچي
مير معصوم جي چوڻ موجب: ”ڄام خير الدين“ ولد ڄام
تماچي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، بادشاهه جي حڪم سان،
دهليءَ کان سنڌ ۾ اچي
]ملڪ تي[ متصرف ٿيو.
]هن
جي ڏينهن ۾[ سلطان محمد شاهه، طغي غلام جي پويان پئي، جيئن مٿي بيان ٿي
آيو، ٺٽي جي سرزمين ۾ پهتو ۽ اتي گذاري ويو. سلطان
فيروز سندس جانشين ٿي، دهليءَ واپس وريو. ڄام خير
الدين”سن”تائين سندس تعاقب ڪري، ٻه ٽي دفعا ڪجهه
ٽڪرا کائي واپس موٽي آيو. هن رعيت کي عدل ۽ انصاف
سان خوش رکيو. نقل آهي، ته هو هڪ ڏينهن سير تماشي
لاءِ نڪتو، ۽ هڪ کڏ ۾ ڪجهه هڏا پيل ڏسي، ٿورو وقت
بيهي، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين، ته”ڪي مظلوم
آهن، جي انصاف گهر رهيا آهن!”جاچ مان معلوم ٿيو،
ته ست سال اڳ هتي گجرات جو هڪ قافلو لٽيو ويو هو ۽
ماڻهو ماريا ويا هئا. هن مال ڇڏائي، وارثن ڏانهن
موڪليو، ۽ قاتلن کان قصاص ورتو.
ڄام ٻانڀڻيو (ٻيو)
خير الدين کان پوءِ هن جو پٽ ”ڄام ٻانڀڻيو“ (ٻيو)
گاديءَ تي ويٺو.
]هن جي ڏينهن ۾[
سلطان فيروز شاهه هڪ دفعو اچي موٽي ويو، ۽ ٻئي
دفعي کيس قيد ڪري وٺي ويو(1).
ٿوري وقت کان پوءِ سندس حسن خدمتون (چڱيون
نوڪريون) ڏسي، کيس ڇٽ عنايت ڪري، سنڌ جي حڪومت تي
موڪليائين. هو پندرنهن سال حڪومت ڪري گذاري ويو.
”ساموئي“ جو شهر هن ٻڌايو هو. ڪي چون ٿا، ته
ٻڌايل ڀنڀي بن انڙ جو آهي، پر هن انهيءَ کي وڌايو
هو.
ڄام تماچي
ڄام ڀنڀي کان پوءِ سندس ڀاءُ ”ڄام تماچي“
حڪمران ٿيو، ۽ تيرنهن سال آرام سان گذاري، وفات
ڪري ويو.
ڄام صلاح الدين
انهيءَ
]ڄام تماچي[ کان پوءِ سندس پٽ ڄام ”صلاح الدين“ گاديءَ تي ويٺو. هن، سنڌ
جي بندوبست کان پوءِ، ڪڇ تي ڪاهيو ۽ فتح سان موٽي
آيو. هو پندرهن سالن کان پوءِ وفات ڪري ويو(1).
”حديقته الاوليا“ جي مصنف، شيخ حماد جماليءَ جي
ڪرامتن ۾ لکيو آهي، ته ڄام جوڻي، ڄام تماچيءَ ۽ هن
جي پٽ صلاح الدين کي قيد ڪري دهليءَ موڪليو هو،
جتان هو مٿئين شيخ (حماد) جي دعا سان، قيد و بند
مان آزاد ٿي سنڌ ۾ پهتا، ۽ جوڻي کي ڊاهي ملڪ جا
وارث ٿيا. پهريائين پيءُ، پوءِ پٽ پنهنجي حڪومت جو
وارو ڪاميابيءَ سان وڄايو.
]هن ڳالهه جو[
مٿئين بيان
]50[
سان، جو ”معصوميءَ“ تان
]ورتل[
آهي، پورو اختلاف ظاهر آهي(2)،
۽ علم الله وٽ آهي.
”نوريءَ“ جو قصو
]نوري[
ذات جي گـَـندري ’ڪنجهر‘ ڍنڍ جي مهاڻن جي ڇوڪري
]هئي،
جنهن[ ڄام تماچيءَ جي صبر ۽ سڪون تي ڌاڙو هنيو هو. ڄام تماچيءَ جي
ساڻس عشق ۽ بيقراريءَ جو قصو، سنڌي زبان جي بيتن
۾، هڪ خاص سر ۾ مشهور آهي. ڄام هن جو سڱ، سندس
مائٽن کان وٺي، کيس پنهنجي پـَـٽ، راڻي بڻائي،
ڪنجهر جي ڪناري تي سندس لاءِ عاليشان ماڙي ٺهرائي.
ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي، شيخ حماد جماليءَ جي
پيرانديءَ وٽ، هڪ حـُـجري ۾ يادگار طور باقي آهن.
ڄام نظام الدين
ڄام صلاح الدين کان پوءِ، سندس پٽ ”ڄام نظام
الدين“ حڪومت جي تخت تي ويهي، پنهنجن چاچن:
سڪندر، ڪرن، بهاؤالدين ۽ آمر کي قيد مان ڪڍي، هر
هڪ کي ڌار ڌار پاسن ڏانهن موڪلي، ملڪ جو ڪاروبار
هڪڙي منشيءَ جي حوالي ڪري،
]پاڻ[ عيش عشرت کي لڳي ويو. ٻن سالن ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ سندس چاچا
کيس غافل ڏسي، لشڪر وٺي شهر ۾ گهڙي پيا. ڄام نظام
الدين وٺي ڀڳو. سندس چاچا پٺيانس پيا، پر ڄام نظام
الدين گجرات ڏانهن نڪري ويو، ۽ رستي ۾ گذاري ويو.
ڄام علي شير
شهر جي مکيه ماڻهن، هيءَ بدانتظامي ڏسي، ڄام ”علي
شير بن تماچيءَ“ کي گمناميءَ جي گوشي مان ڪڍي،
حڪومت جي تخت تي وهاريو. هن ملڪ جو ضابطو ۽ انتظام
ٺيڪ ڪري، آرام سان وقت گذارڻ شروع ڪيو، ۽ رات جو
ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان چانڊوڪيءَ جي سير تي نڪرندو
هو. ڄام تماچيءَ جا پٽ: سڪندر، ڪرن ۽ فتح خان(1)،
جي رڻن پٽن ۾ سرگردان رهندا هئا، ڄام علي شير جي
هن حال کان واقف ٿي، راتين جو پنڌ ڪري ڏينهن جو
جهنگ ۾ لڪي اچي شهر جي ويجهو پهتا، ۽ شهر جي ماڻهن
جو هڪ ٽولو پاڻ سان متفق ڪري، چنڊ جي تيرهين
تاريخ، جمعي رات، جڏهن ڄام علي شير پنهنجي دستور
موجب هڪ ڊونڊڙيءَ ۾ سير ڪري رهيو هو، تڏهن کيس
جهلي قتل ڪيائون. علي شير جي حڪومت جو زمانو ست
سال هو.
ڄام ڪرن
انهيءَ
]ڄام علي شير[ کان پوءِ ڄام ”ڪرن“ حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ شهر جي
مکيه ماڻهن کان ناراض هو. اتفاقاً انهن ٽي ڏينهن،
يا ٻئي ڏينهن، فتح خان بن سڪندر جي اشاري سان، کيس
طهارتخاني جي دروازي تي ڪـُـٺو(1).
ڄام فتح خان
]ڄام ڪرن کان[ پوءِ ڄام ”فتح خان“ بن سڪندر پندرنهن سال(2)
]حڪومت هلائي.[
ڄام تغلق
تنهن
]ڄام فتح خان[ کان پوءِ ڄام ”تغلق“ بن سڪندر بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو.
تغلق آباد جو قلعو عرف ”ڪلان ڪوٽ“ انهيءَ جو
اڏايل هو، جو اڻ پورو رهجي ويو(3).
ڄام سڪندر
]ڄام تغلق کان[ پوءِ، ڄام”سڪندر بن فتح خان“
(1)
حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هيءُ تمام ننڍو هو، تنهن
ڪري سيوهڻ ۽ بکر جي حاڪمن سندس تابعداري قبول نه
ڪئي.
]هن مٿن چڙهائي ڪئي ۽ اڃا[
ٺٽي کان نڪري نصرپور تائين مس پهتو هو، ته
]پويان[
مبارڪ نالي ڄام تغلق جي هڪ دربان، بغاوت ڪري، پاڻ
کي”ڄام مبارڪ”جو لقب ڏنو. ٺٽي جي مکيه ماڻهن، ٽن
ڏينهن اندر، هن کي ڪڍي، سڪندر کي گهرايو
]51[. سڪندر ڏيڍ سال راڄ ڪري گذاري ويو.
ڄام رائڏنو(2)
سڪندر جي فوت ٿيڻ جي خبر ٻڌي، ڄام”رائڏنو“، جو ڄام
تغلق جي ڏينهن ۾ ڪڇ ۾ رهندو هو، ۽ انهن ماڻهن سان
لاڳاپو پيدا ڪيو هئائين. لشڪر گڏ ڪري اچي شهر ۾
سهڙيو، ۽ چيائين، ته”حڪومت ڪرڻ لاءِ نه، بلڪ
مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس کي بچائڻ لاءِ آيو آهيان:
توهان جنهن کي به تخت تي وهاريندا، پهريائين آءٌ
انهيءَ جي بيعت ڪندس“.
]شهر جي[
سربرآوردن کيس ئي حڪومت لاءِ چونڊيو. هن ڏيڍ سال
جي عرصي ۾ سڄي سنڌ ملڪ کي، سمنڊ کان وٺي ماٿيلي ۽
اوٻاوڙي جي سرحد گاجريلي ۽ ڪنڍيءَ تائين، صاف ڪري
ڇڏيو. سندس حڪومت کي ساڍا اٺ سال گذريا هئا، ته
سندس خاص ماڻهوءَ ڄام سنجر کي اچي بادشاهيءَ جو
شوق جاڳيو، ۽ هن (ڄام رائڏنو) کي شراب ۾ زهر ملائي
ڏنائين، جنهن ڪري ٽن ڏينهن ۾ گذاري ويو.
ڄام سنجر
هن
]ڄام
رائڏني[
کان پوءِ”ڄام سنجر“ حڪومت جي تخت جو مالڪ ٿيو. چون
ٿا، ته هو نهايت سهڻو ۽ خوبصورت هو. هڪ درويش جو
ساڻس باطني عشق هو. هڪ ڏينهن
]سنجر[
درويش کي چيو، ته”بادشاهي ڪرڻ گهران ٿو، پوءِ ڀلي
ته کڻي رڳا اٺ ڏينهن هجي“. درويش وراڻيو، ته”اٺ
سال بادشاهه رهندين!”جڏهن هو درويش جي دعا سان تخت
تي ويٺو، تڏهن ماڻهن خود بخود سندس تابعداري
اختيار ڪئي. هن جي وقت ۾ خلق ڏاڍو سکيو گذاريو.
جمعي ڏينهن فقيرن کي ججهي خيرات ڏيندو هو، شرعيت
وارن کي لائق وظيفا ۽ پگهارون ڏنائين. آخر اٺن
سالن کان پوءِ گذاري ويو.
ڄام نظام الدين
]ڄام سنجر[ کان پوءِ”ڄام نظام الدين“ عرف ”ڄام نندو“ بن بانبهنيه (ڀنڀو)
بن انڙ بن صلاح الدين بن تماچي بادشاهيءَ جي تخت
تي قابض ٿيو. هو هڪدم ٺٽي کان بکر ويو ۽ اتي هڪ
سال ويهي، ملڪ جو پورو پورو بندوبست ڪري، پنهنجي
خانه زاد (گهر ڄائي غلام)”دلشاد“ کي اتي ڇڏي، موٽي
آيو. هيءُ هو (سما) قوم ۾ سڀني کان وڌيڪ عادل،
شاندار ۽ ڊگهو عرصو حڪومت ڪندڙ ثابت ٿيو. هن جي
ڏينهن ۾ عالم، سيد، صالح ۽ عام ماڻهو بلڪل آرام
سان وقت گذاريندا هئا. اسلامي طريقو ايترو ته رائج
ٿي چڪو هو، جو ڪوبه ماڻهو نماز ۽ روزي کان خالي نه
هو. ملتان جي حاڪم سان دوستيءَ جو رستو مضبوط ڳنڍي
ڇڏيو هئائين. ڪنهن به طرف کان ڪوبه فساد پيدا ڪونه
ٿيو. هر هفتي ڪـُـڙهه ۾ وڃي، گهوڙن جي پيشانيءَ تي
هٿ گـُـهمائي چوندو هو، ته”اي غازيو! آءٌ توهان تي
هنان رکڻ نٿو چاهيان، ڇاڪاڻ ته چئني طرفن کان
مسلمان حاڪم آهن: دعا ڪريو، ته شرعي سبب کان سواءِ
ڪٿي به وڃڻو نه پويم، متان مسلمانن جو خون منهنجي
گردن ۾ پوي!“
سندس نيڪ بختيءَ ۽ پرهيزگاريءَ متعلق عجيب داستان
۽ اندر جي صفائيءَ بابت روشن نشانيون مشهور آهن.
نقل آهي، ته هڪ بزرگ، جو وڌيڪ صحيح قول موجب،
’قاضي عبد الله‘ آهي، جنهن جو مقبرو، شيخ حماد
جماليءَ جي مقبري جي پويان مشهور آهي، جو لاش از
غيبي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي، پنهنجي دفن ٿيڻ واريءَ
جاءِ تي اچي ظاهر ٿيو، ۽ هڪ بزرگ کي خواب ۾ اشارو
ڪيائين، ته ’منهنجي لاش تي جنازي جي نماز اهڙو
ماڻهو پڙهائي، جنهن سمجهه واري ٿيڻ کان وٺي، (هڪ
قول موجب) آسمان ڏانهن وضوءَ کان سواءِ نه ڏٺو
هجي، ۽ (ٻيءَ روايت موجب) پنهنجي اوگهڙ تي به نظر
نه وڌي هجي“. ٻئي جي اوگهڙ ته پري رهي! بهر حال
تمام گهڻي ڳولا کان پوءِ به، خود ڄام نظام الدين
کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو ماڻهو هٿ نه آيو، تنهن ڪري
جنازي جي امامت پاڻ ڪيائين.
پڻ ”رساله قطبيه“ ۾ سيد مراد شيرازي رحمت الله
عليه جي احوال ۾ لکيل آهي، ته هو (ڄام نظام الدين)
هڪ ڏينهن جهنگ مان ٿي لنگهيو، ته هڪ مئل ماڻهوءَ
سندس رستو جهلي کيس چيو، ته”هن جاءِ تي مون کي
چورن ڦري شهيد ڪيو آهي، مون کي گجرات ۾ يتيم ٻار
آهن، تون منهنجو انصاف ڪر!“ اتي بيهي، تحقيقات
ڪري، هن (مردي) جو مال موٽائي گجرات موڪليائين، ۽
قاتل کان قصاص ورتائين. هيءُ نقل، مٿي ذڪر ڪيل
انهيءَ نقل سان ٺهڪي ٿو اچي، جيڪو ڄام خير الدين
جي احوال ۾ بيان ٿي آيو، ۽ علم الله وٽ آهي.
هن پنهنجي بادشاهيءَ جي شروعات ۾ ساموئي ڇڏي، ان
جي بدران موجوده
]ٺٽي
واريءَ[
سرزمين تي، جيئن پنهنجي جاءِ تي بيان ٿيندو، شهر
ٻـَـڌائي، تختگاهه بنايو.
سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾، ”شاهه بيگ“ جي
لشڪر، قنڌار کان اچي، اڪڙي، چانڊوڪي، سنديچه ۽ ڪوٽ
ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان، درياخان،
سيويءَ تائين(1)
ڪاهي ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاهه بيگ جي ڀاءُ
ابومحمد(1)
مرزا کي ڪـُـهي، فتح سان موٽي آهيو. هن جي ڏينهن ۾
شاهه بيگ وري سنڌ تي لشڪر نه موڪليو.
سندس حڪومت جو عرصو ٽيهتر ورهيه هو، ڪن ٽيهٺ ۽
ٽيتاليهه پڻ چيو آهي، پر وڌيڪ صحيح ائين آهي، ته
پنجاهه کان گهٽ ۽ ٽيتاليهن کان مٿي آهي، مطابق 914
هجريءَ، جيئن هن قوم جي بادشاهيءَ جي ابتدا کان هن
سال (ڄام نظام الدين جي وفات) تائين معلوم ٿو ٿئي.
ڄام فيروز
کانئس
]ڄام نظام الدين کان[ پوءِ ”ڄام فيروز“ ولد ڄام نظام الدين تخت تي ويٺو. هيءُ
ننڍيءَ عمر جو هو، تنهن ڪري
]ڄام نظام الدين جي[ وصيت موجب، سندس استاد ۽ مدار المهام، ڄام نظام الدين جو پٽيلو
”دريا خان“، مقرر ٿيو.
]ڄام[ سنجر جي پوٽي ڄام”صلاح الدين“ لڪ جي دعويٰ ڪئي، پر درياخان ۽
سارنگ خان کيس بيهڻ نه ڏنو، ۽ هو سلطان مظفر
گجراتيءَ ڏانهن، جنهن جي نڪاح ۾ سندس سوٽ هئي، ڀڄي
ويو. فيروز، پوري خودمختياريءَ ملڻ کان پوءِ،
بيخبريءَ جي نشي ۾ چور ٿي، عيش عشرت کي لڳي، دريا
خان جي هٿ مان نڪري ويو،
]جنهن تي[ دريا خان پنهنجي جاگير”ڪاهان“ (ڳاهن)(2)
۾ وڃي گوشي نشين ٿي ويهي رهيو. ڄام صلاح الدين
وجهه وٺي، سلطان مظفر جي مدد سان اچي ٺٽي تي قبضو
ڪيو. فيروز جي ماءُ(1)
]اهو
حال ڏسي[ پٽ کي درياخان وٽ وٺي ويئي ۽
]اڳين[
اوڻائين کان توبهه ڪري، مدد گهريائين. دريا خان
]ڪجهه[ حيلي ۽
]ڪجهه[ لڙائيءَ سان ڄام صلاح الدين کي تڙي،ڄام فيروز کي نئين سر خود
مختار بڻايو. هيءُ هن دفعي پڻ درياخان سان چڱيءَ
طرح نه هليو، بلڪ دولت شاهي ۽ نورگاهي مغلن جي
ٽولي ۽ ڪيبڪ ارغون کي، جي سندس وقت ۾ شاهه بيگ کان
ڇڄي ٺٽي آيا هئا، هن اميد تي، ته هو کيس ڪم ايندا
۽ درياخان جي چنبي مان هن کي ڇوٽڪارو ڏياريندا.
پاڻ وٽ نوڪر رکي، کين ٺٽي جي مغلواڙي محلي ۾
رهايائين، پر بيوقوف ايترو نه ڄاتو، ته اهي ماڻهو
سندس مٿان ڪهڙو ڏکيو ڏينهن آڻيندا!
مطلب ته جڏهن نفساني خواهشن ۾ گرفتار ٿي، حڪومت
هلائڻ کان بيخبر رهيو، تڏهن مير قاسم ڪيبڪيءَ ملڪ
جي حالت معلوم ڪري وڃي شاهه بيگ کي پهچائي،
]
۽ سنڌ[
فتح ڪرڻ جي ترغيب ڏني(2)،
۽ سنہ 921 هجريءَ ۾ شاهه بيگ هزار سوار، سيويءَ
کان سنڌ
]53[
موڪليا، جن مان هرهڪ، رستم ۽ اسفند يار جي مٽ هو.
هنن اچي ڳاهن ۽ باغبان جي ديهن کي ڦريو.
مخدوم جعفر بوبڪائيءَ، مرزا عيسيٰ ترخان کان نقل
ڪيو آهي، ته شاهه بيگ جي لشڪر، انهيءَ حملي ۾ اهڙا
هزار اُٺ هٿ ڪيا، جي رات جو باغن جي نارن ۾ ڪم ڪري
رهيا هئا، ٻئي
]سامان[
جو اندازو هن مان لڳائڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ،
جنهن صورت ۾ سما قوم جي زوال جو وقت اچي چڪو هو،
تنهن ڪري فيروز جي ماءُ، درياخان جي ايڏي هلندي
ڏسي، جنهن ۾ پنهنجي پٽ جو فقط نالو ڏسڻ ۾ ٿي آيس،
وڃي سنہ 924 هجريءَ ۾ شاهه بيگ کي دعوت ڏني. شاهه
بيگ، جو اڳي ئي مير قاسم جي هرکائڻ تي تياري ڪري
رهيو هو، سو هاڻي ته پنهنجو بخت مردان موجب ڏسي،
انهيءَ پاسي جي بندوبست کان فارغ ٿي، جلد ئي سنہ
926 هجريءَ ۾ ٺٽي تي چڙهي آيو. ڄام فيروز ۽ سندس
ماءُ انهيءَ پنهنجي کڏ کنيل کان ڏاڍو پشيمان ٿيا،
پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته هٿ جي وڍيءَ جو
نڪو آهي ويڄ نه طبيب. دريا خان لشڪر گڏ ڪري، شاهه
بيگ کي سامهون ٿيو. ’عاليجان‘
(1)
جي ڪناري تي، جو ٺٽي کان هيٺ هڪ واهه آهي، ٻئي
ڌريون پاڻ ۾ ٽڪريون. سنڌي ماڻهو ۽ سندن گهوڙا،
ڪلاهه پوش مغلن جي هيبت کان، پهريئن ئي دفعي ٽاهه
کائي ڀڄي ويا. درياخان پاڻ ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن سان
گڏ، خوب هٿ پير هلائي، قتل ٿي ويو. فيروز بدبخت
ٻار ٻچا ٺٽي ۾ ڇڏي، ’پير آر‘ (پير پٺو) ڏانهن
ڀڄي ويو. شاهه بيگ 11 محرم سنہ 927 هجريءَ
(2)
تي فتح جا نغارا وڄائيندو، ٺٽي ۾ داخل ٿيو. فيروز
بدبخت جي حڪومت جو عرصو، ڄام صلاح الدين جي ٿورن
ڏينهن سميت، ٻارنهن سال ۽ ڪجهه مهينا آهي. هن
واقعي جي تاريخ ”خرابيءَ سنڌ“ (سنہ 927 هجري)
لکي اٿن.
مٿئين بيان موجب، سمن جي حڪومت جو جملي عرصو پورا
هڪ سؤ پنجهتر سال آهي. اگرچ هن کان پوءِ پڻ ڄام
فيروز ڪجهه وقت ملڪ جي هڪ حصي ۾ رهندو آيو، پر
جنهن صورت ۾ خودمختار حڪومت ڪانه ڪيائين، تنهن ڪري
ڄامن جي گهراڻي جي بادشاهي اُتي پوري ٿي.
چون ٿا، ته شاهه بيگ جو لشڪر يارهين تاريخ کان
ويهينءَ تاريخ تائين شهر کي ڦريندو ۽ قيد ڪندو
رهيو. قاضي قاضن جا ٻار ٻچا پڻ قيد ٿي پيا هئا،
جنهن تي هو چرين وانگيان پنهنجن وڃايلن کي ڳوليندو
۽ سڀڪنهن ڳليءَ ۽ رستي ۾ ڦرندو ٿي رهيو. آخر مرزا
شاهه بيگ جي پيش امام حافظ محمد شريف جي ذريعي، هڪ
عريضو پيش ڪري، قيدين کي ڇڏائڻ جو حڪم ورتائين.
سمن ڄامن جي ڏينهن جا امير
مخفي نه رهي، ته ڄام نظام الدين جي وقت کان اڳ،
سمن جا حاڪم خود وحشي هئا، ۽ سندن امير پڻ اهڙائي
هئا. ڄام نظام الدين جي ڏينهن ۾ ڪجهه انسانيت پيدا
ٿي، ۽ سندس اميرن مان ڪي ٻه ٽي ناليرا ۽ اخلاق جي
زيور سان سينگاريل سردار ٿي گذريا آهن، انهن جو
مختصر احوال ڏجي ٿو:
ڄام نظام الدين جو وزير دلشاد
جيئن مٿي گذري آيو، بادشاهيءَ جي شروعات ۾ کيس بکر
۾ ڇڏيو هئائين، ۽ هن نهايت عقلمنديءَ سان انهيءَ
پاسي جو جوڳو انتظام ڪري، ڏاڍي بهادري ۽ انسانيت
ڏيکاري هئي. اگرچه هيءُ اصل ۾ گهر ڄاول غلام هو،
پر سندس بلند جوهر سببان، سڀئي آزاد خواه غلام
ماڻهو سندس ساراهه ڪندا هئا. سنہ 912 هجريءَ ۾،
ڄام نندي جي پوين ڏينهن ۾، ڪنهن موقعي تي ٺٽي کان
ڪاهي وڃي اُچ کي لٽي آيو. سندس فوت ٿيڻ جو واقعو
معلوم نه آهي.
دريا خان
پهريائين”قبوليو“ نالو
]هئس[،
ڄام نظام الدين جي وزير”لکدير“
]54[
يا”لکسير“ جو غلام هو. چون ٿا، ته هو اصل ۾ سيد
زادو هو، جو زماني جي حادثن ڪري قيد ٿي پيو، ۽ کيس
لکدير خريد ڪيو. وڌيڪ صحيح به اها روايت آهي.
هڪ ڏينهن ڄام نظام الدين شڪار ڪندي، رستي جي ڊوڙ
ڊڪ کان اڃارو ٿي، ڏينهن جي عين گرميءَ وقت پاڻي
گهريو. لکدير جي آبدار قبولئي پاڻيءَ جو پيالو
ڀري، انهيءَ لاءِ ته ڄام پاڻي آهستگيءَ سان پيئي،
انهيءَ ۾ ٿورا ڪک وجهي ڇڏيا، ۽ ٻڌايو، ته”ڪک
انهيءَ لاءِ وڌا اٿم، ته جيئن ڄام ههڙيءَ گرميءَ ۾
پاڻي يڪدم نه پئي، متان ڪو کيس نقصان پهچي!“ ڄام
کي سندس هيءَ دانائي ڏاڍي وڻي ۽ هن جي ٻانهن، اُتي
جو اُتي لکدير کان وٺي، مٿس”دريا خان“ نالو رکيو،
۽ سندس ذاتي جوهر ڏسي، تربيت ڪري، کيس بلند درجي
تي رسايو. هو جلد ئي وڏو درجو حاصل ڪري، دلشاد
وزير ۽ ٻين اميرن کان به اڳتي ٽپي، مدار المهام ۽
امير الامرا ٿيو، ۽”مبارڪ خان“ لقب مليس. ميران
سيد محمد جونپوريءَ جي ٺٽي ۾ اچڻ تي، باوجوديڪ
ڄام، عالمن جي چرچ تي هن سان اعتقادمنديءَ سان پيش
نه آيو هو، مگر هن انهيءَ بزرگوار جي سچيءَ دل سان
خدمت ڪري، انهيءَ وقت جي صاحب جي خوشنودي حاصل
ڪئي. مطلب ته ڄام کيس پٽ سڏيندو هو ۽ فوت ٿيڻ کان
پوءِ پنهنجو پٽ کيس سپاري ويو هو، جيئن مٿي گذري
آيو، سنہ 927 هجريءَ ۾ شاهه بيگ جي لشڪر هٿان شهيد
ٿيو. مڪليءَ ۾ دفن ٿيل، ۽ اهل الله جي زيارتگاهه
آهي.
علاؤ الدين
سندس پٽ علاؤالدين پڻ اميرن جي سلسلي ۾ داخل هو.
هو شاهه بيگ کي هٿ لڳو، جنهن مٿس نوازشون ڪيون.
محمد خان ۽ متن خان
دريا خان جا ٻيا ٻه پٽ
]هئا.
هنن[ پيءُ جي واقعي کان پوءِ پنهنجي جاگير ۾، جا ٽلٽيءَ ۽ ڪاهان
(ڳاهن) وٽ هئي، شان شوڪت پيدا ڪيو، مگر ڪجهه ڪري
نه سگهيا.
سارنگ خان
سارنگ خان پڻ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي ڏينهن
جو ناليرو امير هو. سندس بهادريءَ ۽ عقلمنديءَ جي
ذريعي وڏا وڏا ڪم سر انجام ٿيندا هئا.
]باب
اٺون[
ارغون گهراڻو
ارغونَ، چنگيز خان جو اولاد آهن. هن تفصيل سان:
ارغون خان بن اباقا خان ولد هلاڪو خان بن تولي خان
بن چنگيز خان. ڪتاب”تذڪره“ جو مصنف لکي ٿو، ته
ارغون خان پنهنجي پيءُ اباقا خان جي ڏينهن ۾
خراسان جو بادشاهه هو. پيءُ جي موت کان پوءِ سندس
پٽ غازي (غازان) خان، خانيءَ جي تخت تي ويٺو ۽
الله تعاليٰ سندس دل ۾ اسلام جو نور روشن ڪيو.
مصلح الدين،”ڪتاب الابرار“ لکي ٿو، ته ارغون خان
بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ، خراسان غازان خان جي حوالي
ڪري، پاڻ حضرت سيد الانبيا (محمد صلي الله عليه
وسلم) جن جي زيارت جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو
هو، ۽ آنحضرت صلي الله عليه وسلم جن جي حڪم سان،
امير المؤمنين حضرت علي ۽ امام حسين جن کي ڀاڪر
پاتو هئائين: انهيءَ ڪري هو سيدن جي احترام ۾
مبالغو ڪندو هو. امام حسين رضي الله عنه جن جي
مشهد (شهادت جي جاءِ) واسطي هڪ اهڙو ته ويڪرو ۽
اونهو واهه کڻايو هئائين، جو ٻيڙي دجلي ۽ فرات
مان ’ڪربلا‘ هلي ويندي هئي. قاضي غياث الدين
هروي، پنهنجي تاريخ ۾ آڻي ٿو، ته سلطان محمود
غازان ولد ارغون خان سنہ 694 هجريءَ ۾ تبريز ۾ تخت
تي ويٺو ۽ انهيءَ ڏينهن توحيد جو ڪلمو پڙهي،
انهيءَ ئي وقت سڀني مغلن کي مسلمان ڪري، سـِـڪي تي
ڪلمو طيب ۽ سرڪيولرن تي ”الله اعليٰ“ جو جملو
لکايائين.
قصو ڪوتاهه،”شاهه بيگ“ لد امير ذوالنون ولد مير
حسن مصري، مٿئين ارغون خان جي اولاد مان، جيئن مٿي
لکجي آيو، جڏهن ٺٽي تي قبضو ڪري،
]55[
اُٰتي جي لٽ مار، قتل ۽ قيد کان واندو ٿيو، تڏهن
ڄام فيروز، جنهن جا پويان قيد ٿي پيا هئا، پيش پوڻ
کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، اچي خدمت ۾ حاضر
ٿيو. شاهه بيگ انهيءَ تي نوازش ڪري، ’پنهنجو پٽ‘
سڏي، سيوستان تائين ملڪ کيس ڏيئي، لڪيءَ جو جبل،
حد مقرر ڪري پوئتي موٽيو، ۽ مير عليڪہ ارغون،
سلطان مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان فيروز
وٽ رهائي، سيوستان جي آسپاس ۾ درياخان جي پٽن جو
ڪم پورو ڪري، شال ۽ سيويءَ ڏانهن هليو ويو.
سما ماڻهو، جي هن افراتفريءَ واري زماني ۾ ٽڙي
پکڙي ويا هئا، سي ڄام صلاح الدين سان ملي، کيس
گجرات کان وٺي آيا. هو ڪڇ جي واليءَ راءِ کنگهار
جي امداد سان، جو پڻ سمن جي نسل مان هو، ڏهه هزار
جاڙيجا ۽ سوڍا ساڻ ڪري، ٺٽي تي ڪاهي آيو. هن خبر
]ٻڌڻ[
۽ ڄام فيروز جي عرض ڪرڻ تي، ”مرزا شاهه حسن“ ولد
شاهه بيگ، ساڳئي سال جي 14 محرم تي ’شال‘ مان
نڪري، ويهن ڏينهن اندر سينگاريل فوج سان مدد لاءِ
پهچي ويو. جڏهن هڪ ٻئي جي سامهون جنگ جون صفون
سينگاريائون، تڏهن صلاح الدين جي طرفان سندس پٽ
هيبت خان، جو سلطان مظفر گجراتيءَ جو ناٺي هو،
لشڪر جي مقدمي تي هو. هن طرف کان مرزا عيسيٰ
ترخان، مير عليڪہ ۽ سلطان قلي بيگلار پيشقدمي ڪري،
مٿن حملي آور ٿي، هيبت خان کي گهڻن ڪارگر آدمين
سميت قتل ڪري ڇڏيو.
صلاح الدين، پٽ جي قتل جي خبر ٻڌي، ڏاڍي ڪاوڙ ۽
جوش مان جنگ ڪرڻ آيو. هيڏانهن مرزا شاهه حسن مٿس
ڪڙڪي، بهادريءَ جو حق بجا آڻي، دشمن جي لشڪر جو
انتظام ٽوڙي ڇڏيو، ۽ هڪڙن کي ڪـُـهي ٻين کي ڀڄائي
سوڀارو ٿيو. راءِ کنگهار جو ڀاءُ آمر آمراڻي گهڻن
ماڻهن سميت ميدان ۾ ڪم آيو. حملي ڪندڙن کي گجرات
ڏانهن ڀڄائي، هيءُ ٽن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيا.
ربيع الثاني مهيني ۾ شاهه بيگ پاڻ باغبان جي آسپاس
پهچي، مرزا شاهه حسن کي پاڻ وٽ گهرايو، ۽ ماڇي، جن
خودمختياريءَ جو دم ٿي هنيو، تن کي ختم ڪري، سندن
قلعي جو بنياد ڪڍي ڇڏيائين.
]ايتري
۾[ مرزا شاهه حسن به پيءُ جي قدمبوسيءَ جو شرف حاصل ڪيو ۽ حڪم
موجب، سيوستان وڃي، قلعي ۾ اعتماد جوڳا ماڻهو ڇڏي،
نئين سر اڏڻ لاءِ کين جڳهون تقسيم ڪري، ذخيري گڏ
ڪرڻ جو حڪم ڏيئي، موٽي اچي پيءُ جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو. شاهه بيگ، ڄام فيروز ڏانهن لکي موڪليو، ته
”دل ۾ گجرات فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو آهي، جڏهن اها
تمنا پوري ٿيندي، تڏهن سنڌ ملڪ سڄو اصل وانگيان
توکي ڏنو ويندو“.
]اهو خط لکي[
پاڻ بکر ڏانهن روانو ٿي ويو. اتي پهچي قلعي ۾ اندر
رهندڙ سيدن کي روهڙيءَ ۾ جايون ڏيئي اروڙ شهر جي
سرن مان نئون قلعو ٺهرايائين. ماڻهن چيس”هيءُ
الهندي پاسي وارا ٻه ٽڪر بڇڙا ٽڪر آهن (قلعي لاءِ
نقصانڪار آهن)(1)،
پهريائين انهن جي ڪڍڻ جو خيال ضروري آهي“. چيائين،
ته ”جنهن صورت ۾ زبردست دريا قلعي کي چوڌاري گهيرو
ڪندڙ آهي، تنهن ڪري هن ٽڪرن جي ڪهڙي ڳڻتي؟ ڇاڪاڻ،
ته بادشاهه ههڙي ننڍڙي قلعي جي فتح ڏانهن توجهه
ڪونه ڪندا، ۽ ٻين
]جهڙن تهڙن[
کان فتح ڪونه ٿيندو. بهرحال جڏهن پوري سال ۾ قلعي
جي عمارت تيار ٿي، تڏهين مير فاضل ڪوڪلتاش، ملڪ
محمد ڪوڪہ
]56[
مير محمد ساربان ۽ سلطان محمد مهردار جهڙا ڪي امير
انهيءَ ۾ رهائي، بلوچ ذات وارن فسادي ماڻهن، جن
آسپاس ۾ فساد جي باهه ٿي ڀڙڪائي، بابت رٿ رٿي،
اهڙيون فوجون مقرر ڪيائين، جن هرهنڌ هڪ ئي ڏينهن ۽
هڪ ئي وقت انهيءَ ٽوليءَ کي برباد ڪري ڇڏيو. هن ڪم
کان واندو ٿي
]شاهه بيگ[
شال ۽ سيويءَ ڏانهن هليو ويو. هو وري سنہ 28 (928
هجري) ۾ بکر موٽي آيو ۽ پائنده محمد ترخان کي اتي
جي حڪومت سپاري، پاڻ گجرات روانو ٿي، اگهم جي ڳوٺ
وٽ ڄام فيروز جو انتظار ڪرڻ لڳو. اتفاقاً سنہ 928
هجريءَ جي شعبان مهيني جي 22 تاريخ، مرڻينگ ٿي پيو(1)،
۽ پيش امام حافظ شريف کي سورة ’ياسين‘ پڙهڻ جو
حڪم ڏنائين. هو جڏهن آيت ’وَمَالِيَ لآَ اَعْبُدُ
الَّذِيْ‘ وٽ پهتو، تڏهن چيائين، ته ”وري پڙهه“.
ٻئي ڀيري جڏهن مٿيون حافظ، آيت ’يَا لَيْتَ
قَوْمِيْ يَعْلَمُوْنَ بِمَا غَفَرَلِيْ‘ وٽ پهتو،
تڏهن ساهه حق تعاليٰ جي حوالي ڪيائين.”شهر شعبان“
سندس تاريخ آهي.
مير طاهر سندس وفات هڪڙي قول موجب، قنڌار ۾، ٻئي
قول موجب، ملتان ۾ لکي آهي، پر ٻئي ڳالهيون اڻ
ٿيڻيون آهن. ڇاڪاڻ ته جڏهن بابر بادشاهه قنڌار
کانئس کسي ورتو هو، تڏهن هن سيويءَ ۽ شال ۾ پهچي،
اچي سنڌ تي قبضو ڪيو هو ۽ هيترڙي ٿورڙي عرصي ۾
سندس قنڌار ڏانهن موٽي وڃڻ ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي؟
ملتان ۾، ته هن جو وڃڻ ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو، جنهن
جي بنا تي سندس موت اتي ٿي سگهي، ۽ جڏهن گجرات جو
ارادو هئس ته پوءِ گجرات جو رستو ملتان کان ڪٿان
آيو؟
بهرحال سندس لاشو مڪي
]شريف[
کڻي ويا. هيءُ جوانيءَ ۾ خواجه عبد الله جي خدمت ۾
حاضر ٿي،
]علمي[
ڪمالات حاصل ڪري، بلند درجي تي پهتو هو. جڏهن هرات
۾ پيءُ جي خدمت ۾ رهندو هو، تڏهن هميشہ عالمن جي
مجلس ۾ وهندو هو، ۽ هفتي ۾ ٻه دفعا انهن کي پنهنجي
جاءِ تي گهرائي، سندس خدمت ڪندو ۽ فائدو پرائيندو
هو. سندس تصنيفات مان ڪافيہ جي شرح ۽ ڪن رسالن جا
حاشيہ مشهور آهن.
مرزا شاهه حسن
مير معصوم جي قول موجب، پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ
نصرپور ۾ تخت تي ويهي، ’خطبہ بابر‘ بابر بادشاهه
جي نالي پڙهيائين، ڪي خيرخواهه گهڻوئي ناراض ٿيا
پر فرمايائين، ته ”پنهنجي قديمي ولي نعمت بادشاهه
جي هوندي. اسان کي سندس سڳورو نالو خطبي مان ڪڍي
ڇڏڻ مناسب نه آهي“ . ڄام فيروز، شاهه بيگ جي فوت
ٿيڻ جي خبر تي خوش ٿي، فاتحہ خوانيءَ کي نظر انداز
ڪري، تابعداريءَ کان منهن موڙيو. مرزا شاهه حسن
انهيءَ کان واقف ٿي، سندس پاڙ پٽڻ جو ارادو ڪيو، ۽
ڄام فيروز اها خبر ٻڌي، حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي
قاضن مفتيءَ کي سوکڙيون ساڻ ڏيئي، قصور معاف ڪرائڻ
لاءِ موڪليو، پر ڳجهه ڳوهه ۾ جنگ جي تياريءَ ۾
مشغول رهيو. مرزا اهو حال معلوم ڪري، ٺٽي تي
چڙهائي ڪئي. ڄام فيروز مقابلي جو ست نه ساري، ماڻڪ
وزير ۽ شيخ ابراهيم داماد کي جنگ تي ڇڏي، درياء
ٽپي ڀڄي ويو. هنن گهڻيون ئي دنگيون ڇوڙيون ۽
توبچين ۽ تيراندازن سان ڀريل ٻيڙيون رستي تي آڻي
روڪ ڪئي، پر مرزا جو لشڪر سڀني کي
]57[ اڳيان هٽائي، سوڀارو ٿي ٺٽي ۾ گهڙيو. نڀاڳو ڄام فيروز ڪڇ ۾
پهچي، لشڪر تيار ڪري، جلد ئي پنجاهه هزار پيادا ۽
سوار ساڻ وٺي، چاچڪن ۽ راحمن وٽ اچي جنگ جو گهورو
ٿيو. مرزا شاهه حسن ڪجهه ماڻهو ٺٽي جي نظرداريءَ
لاءِ ڇڏي، سندس سامهون ٿيو. جڏهن ٻئي ڌريون دوبدو
ٿيون، تڏهن سنڌي ۽ ڪڇي ماڻهو، پڳون مٿن تان لاهي،
رسم موجب، چادرن جون ڪنڊون هڪ ٻئي سان مضبوط ٻڌي،
گهوڙن تان پيادا ٿي، لڙائي لاءِ تيار ٿي بيٺا. سنڌ
خواهه هند جي ماڻهن جي اها رسم آهي، ته جڏهن
پنهنجي لاءِ مرڻ جو فيصلو ڪندا آهن، تڏهن انهيءَ
نموني جي جنگ شروع ڪندا آهن.
چون ٿا، ته مرزا شاهه حسن اها حالت ڏسي، اميرن کي
مبارڪ ڏيئي چيو، ته ”هنن پاڻهي پاڻ کي ٻڌي اسان جي
سامهون ڪيو آهي، انشاءَ الله تعاليٰ ائين ئي
ٿيندو.“
]ائين چئي[
هڪدم گهوڙي تان لهي، پيادو ٿي، وضو ڪري، مناجات جي
نيت سان ٻه رڪعتون نفل ادا ڪري، موليٰ پاڪ جي
درگاهه مان ڪاميابيءَ جو سوال گهريائين ۽ دعا جو
تير وڃي قبوليت جي نشان تي لڳو. لشڪر سندس حڪم
موجب، پهريائين تير وسائي رهيو هو. جڏهن مرزا
مناجات کان فارغ ٿيو، تڏهن گهوڙي تي سوار ٿي حملي
جو اشارو ڪيائين. صبح کان وٺي پوئينءَ سانجهي
تائين لڙائي جاري رهي، جنهن ۾ اٽڪل ويهه هزار
ماڻهو ڪـُـسي ويا. ڄام فيروز خوار خراب ٿي گجرات
ڀڄي ويو، ۽ مرڻ تائين اُتي رهيو. مرزا ٽي ڏينهن
انهيءَ سرزمين تي ترسي، غنيمتون، گهوڙا ۽ ٻيو جيڪو
اسباب هٿ آيل هئس، سو پنهنجن ماڻهن ۾ تقسيم ڪري،
موٽي اچي پنهنجي شهر ٺٽي ۾ لٿو ۽ تغلق آباد ۾
سڪونت اختيار ڪيائين. ڇهن مهينن کان پوءِ هاله
ڪنڊي (هالا) جي رستي کان، پهريائين سيوستان پهچي،
در ٻيلي جو پرڳڻو مير فرخ کي عطا ڪري، شڪار ڪندي
وڃي ٻٻر لوءِ، جو بکر کان ٽن ڪوهن تي آهي، ۾ تشريف
فرما ٿيو. رستي ۾ هر هنڌ جي راڄن ۽ رهاڪن کي
تابعدار بنائيندو ويو. اٻاوڙي جي حد ۾ سندس لشڪر،
ڏهرن ۽ ماڇين کي شڪست ڏيئي، اٻاوڙو هٿ ڪيو. آخر
سنہ 930 هجريءَ ۾ ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو رکي(1)،
پهريائين هڪ هفتو سيويءَ وڃي، اتي جي قلعي کي نئين
سر تعمير ڪيائين. موٽندي رندن ۽ مگسي بلوچن کي
تابعدار ڪندو بکر آيو ۽ ظهير السلطنت بابر بادشاهه
سان پڻ اخلاص ۽ مائٽيءَ جو ناتو ڳنڍيائين. تنهن
کان پوءِ سنہ 931 هجريءَ ۾ ملتان روانو ٿيو. رستي
۾ ’سيورائي‘ جو قلعو هٿ ڪري برباد ڪرڻ کان
پوءِ، ’مئو‘ جي قلعي ڏانهن رخ رکيائين، پر قطب
العارفين شيخ روح الله قدس سره جي وچ ۾ پوڻ تي
انهيءَ کان درگذر ڪيائين. ملتان جا بهادر رحمو ۽
بنده ڏهر
]به[ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا(2)
. لانگاهن جا شهزادا ۽ بلوچ جيڪي سامهون ٿيڻ
لاءِ آيا هئا، تن کي شڪست ڏيئي ’اُچ‘ فتح ڪري،
قلعو مسمار ڪري ڇڏيائين.
]اتي[
سلطان ’محمود‘ لانگاهه، بلوچن، جتن، رندن،
دوداين، ڪوراين ۽ چانڊين جو جملي اسي هزار لشڪر
جمع ڪري جنگ ڪرڻ آيو. آخر
]مرزا، لانگاهن سان[
صلح ڪري(1)،
گهاري واهه(2)
جي حد مقرر ڪري، معتبر ماڻهو اُچ ۾ ڇڏي، دلاور جي
قلعي تي چڙهائي ڪئي، ۽ اهو ڪلراٺيءَ زمين جو قلعو،
جو مضبوطيءَ ۾ ملڪين مشهور هو، ٿورڙي وقت ۾ فتح
ڪيائين. ڳالهه ٿا ڪن، ته مرزا جي لشڪر حڪم موجب،
هڪ مهيني جو سمر پاڻ سان کنيو هو. هنن ٽن ڏينهن جي
اندر قلعي جي چوڌاري ٽيهه سؤ کوهه کوٽي، تڙ رسائي،
پاڻ کي خشڪيءَ جي پريشانيءَ کان آزاد ڪري ڇڏيو هو.
هوڏانهن غازي خان قلعي ۾ اندر اچي ڦاٿو ۽ هٿ پير
هڻي نيٺ لاچار ٿي پيو. قصو مختصر، ته قلعي وارن
مان گهڻن کي قتل ڪري ۽ ڦٽي باقي رهيلن کي قيد ڪري،
ڏاڍيون غنيمتون هٿ آڻي، پندرهن ڏينهن اندر بکر
موٽي آيو. سنہ 932 هجريءَ ۾ وري ٻيو ڀيرو ملتانين
جي بيفرمانيءَ سبب اوڏانهن ڪاهي ويو ۽ پوري سال جي
محاصري کان پوءِ، خونريزيءَ ۽ ڦر لٽ بعد شهر فتح
ڪري، سلطان محمود لانگاهه جو پٽ ۽ ڌيءَ، مسڪين
ترخان جي حوالي ڪيائين، جو ٻنهي کي پنهنجو جگر
گوشو ۽ فرزند سمجهڻ لڳو(3).
ٻه مهينا ٽڪي، خواجه شمس الدين کي ملتان ۾ رهائي،
پاڻ بکر موٽي آيو. ٿوري وقت کان پوءِ ملتان نذراني
طور بابر بادشاهه کي ڏيئي، خواجه شمس الدين کي بکر
گهرائي ورتائين. بابر بادشاهه
]وري[
ملتان پنهنجي پٽ ڪامران کي عطا ڪيو. ايتري ۾ ڪڇ جي
والي راؤ کنگهار، جو ڄام صلاح الدين جي مدد ۾ اچي
شڪست کائي ڀڄي ويو هو، ٺٽي
]جي
فتح ڪرڻ[ جو ارادو رکي، هن مضمون جو خط موڪليو، ته”منهنجو ڀاءُ آمر
آمراڻي توهان جي هٿان ڪـُـٺو هو،
]هينئر[ هن جا مائٽ ٺٽي
]تي
حملو ڪرڻ[ چاهين ٿا، پر خالي ملڪ تي اچڻ جائز نه سمجهي اطلاع ڏنو ويو:
جيڪڏهن ٺٽي ولايت جو ڪجهه حصو مقتول جي وارثن کي
ڏيندا، ته بهتر، نه ته اسان اچون ٿا“. مرزا جواب ۾
لکي موڪليو، ته”آمر جي خون جو جوش اڃا جهـَـڪو نه
ٿيو هوندو، اسان کي توهان وٽ پهچڻو آهي. تون
]هيڏانهن
اچڻ جي[ تڪليف نه ڪر“. ڪي چون ٿا، ته مرزا پاڻ ابتدا ڪري هن ڏانهن لکيو
هو، ته”تنهنجن ڀائرن جو سمورو ملڪ پنهنجي قبضي هيٺ
آندو اٿم،
]تڏهن به[ عجب آهي، ته تو جهڙي غافل هن ويجهڙائيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو هديو ۽
تحفو موڪلي، اطاعت ۽ اتحاد، جنهن ۾ حال خواه
مستقبل جي بهتري آهي، جي رسم زنده نه رکي! هاڻي
]اسان کي[
گجرات فتح ڪرڻ جو پڪو ارادو آهي، تنهن ڪري بهتر
آهي، ته پاڻ کي مفت رستي ۾ پائمال نه ڪراءِ، ۽
تابعداريءَ ڏانهن وک وڌاءِ: ڪڇي گهوڙا، جن جي
سواريءَ ڏانهن عرصي کان طبعيت مائل آهي، نذراني
طور موڪل، ٻي صورت ۾ جنگ لاءِ تيار رهه!“
خير ڪيئن به هجي، پر جنهن صورت ۾ راءِ کنگهار کي
پنهنجي لشڪر ۽ ماڻهن تي ناز هو، ۽ هو تڪبر جي پيرن
تي بيٺو رهيو، تنهن ڪري
]مرزا[
تڪڙو تڪڙو اوڏانهن روانو ٿيو. ڪڇ جي آسپاس رسڻ تي
لشڪر ۾ اناج جي ڏاڍي قلت ٿي پيئي، ۽ لشڪر جا ماڻهو
تنگدل ٿي پيا. مرزا فوج جا چار دستا مقرر ڪري، حڪم
ڪيو، ته هر هڪ دستو جدا جدا طرف کان حملو ڪري، پر
هڪ ٻئي کان غافل نه رهجو ۽ اهڙيءَ طرح ظاهر ڪجو،
جيئن حريف ٻيءَ فوج جي وجود کان بي گمانو ٿي اچي
انهيءَ
]هڪ
دستي[ سان ڳنڍجي، پهريون دستو ”سلطان محمود خان“ جي نگرانيءَ هيٺ هو،
ٻيو دستو، ”مير فرخ“ ۽ خود ”مرزا شاهه حسن“ جي هٿ
هيٺ، ٽيون دستو خاص شاهه حسن تڪدري ۽ چوٿون
دستو”مرزا عيسيٰ“ ۽”ميرعليڪہ“]جي
زير نظر هو. هوڏانهن[ ”کنگهار“ کي خبر ملي، ته ”مرزا شاهه حسن“ ڪي ڳاڻ ڳڻيا ماڻهو
وٺي مٿس ڪاهي آيو آهي، سو جنگ لاءِ تيار ٿي ڏهه
هزار سوار ۽ بيشمار پيادا ساڻ ڪري، مقابلي لاءِ
نڪتو. سلطان محمود واري دستي کي کنگهار جي اچڻ جي
خبر پيئي، ته
]هڪدم[
سندس رستو جهلي مرزا کي خبر ڏنائون، ۽ هڪڙو تڪڙو
قاصد مير فرخ ڏانهن ڀڄايائون. کنگهار جي لشڪر
گهوڙن تان پيادو ٿي، چادرون هڪ ٻئي سان ٻڌي، ڍالون
هڪ ٻئي سان ملائي، نيزي بازي شروع ڪئي. هيڏانهن
مغلن پنهنجي رسم موجب، تير وسائڻ شروع ڪيا. ٻه ٽي
ڪلاڪ لڙائي هلي
]59[
ته خدا پاڪ جي مدد سان اڪيلي سلطان محمود خان جي
فوج کان شڪت کاڌائون، ڀڄڻ وقت مير فرخ جي فوج جي
ور چڙهيا، جنهن ڪري گهڻا، ته خونخوار ترار جو لقمو
ٿي ويا. جڏهن مرزا جي لشڪر کي دل گهري ڪاميابي
حاصل ٿي، تڏهن اتي ئي لهي پيا، ۽ صبح جو ڳوٺن ۽
واهڻن جي لٽڻ لاءِ لشڪر روانو ڪري، بيشمار گهوڙا،
اسباب، قيدي ۽ چوپايو مال هٿ ڪري، سوڀارا ٿي موٽي
ويا.
جهرڪ ۽ جهرڪي کوهه جي حقيقت
مير طاهر نسياني لکيو آهي، ته سفر کان موٽڻ وقت،
مرزا شاهه حسن جهرڪ ۽ جهرڪي کوهه وٽ پهچي”طولا
پرس“، جو هڪڙو خدائي ڪرشمو انهيءَ کوهه ۾ مخفي هو،
جو احوال ٻڌي، انهيءَ کي ٻاهر ڪڍڻ چاهيو. انهيءَ
]کوهه[ جي ڀرسان هڪڙو ٻيو کوهه کوٽي، نار چاڙهي انهيءَ جو پاڻي
ڪڍيائون. کوهه خالي ٿيڻ تي طولا پرس انهيءَ مان
اڏامي، وڃي پاڻيءَ سان ڀريل نئين کوهه ۾ پيو.
اگرچه ڪيئي دفعا هـُـن ۽ هـِـن کوهه کي پاڻيءَ کان
خالي ڪيائون، پر
]طولا پرس[ هـِـن مان هـُـن ۾ ۽ هن مان هـِـن ۾ ويندو رهيو. آخر ٻڌڻ ۾
آيس، ته هيءُ طلسم جو قسم آهي، تنهن ڪري لاچار
درگذر ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري مٿئين کوهه کي لٽائي
ڇڏيائين، جيئن ته انهيءَ جو احوال عجائبات الاهي
کان خالي نه آهي، تنهن ڪري سندس بيان لکجي ٿو.
طولا پرس(1)
جي ٺهڻ ۽ انهيءَ جي خاصيت جي حقيقت
چون ٿا، ته ڪڇ جي راءِ”لاکي بن ڦل“ جي ڏينهن ۾، هڪ
نباتات جي خاصيتن جو واقف جوڳي، هڪ اهڙيءَ ٻوٽيءَ
جي ڳولا ۾ هو، جنهن کي جيڪڏهن پاڙان پٽي باهه جي
مچ ۾ کڻي ڪنهن آدميءَ سان گڏ ڦٽو ڪبو، ته اهو
ماڻهو سونو ٿي پوندو، ۽ هن جو جيڪو به عضوو وڍبو،
ته انهيءَ جاءِ تي ٻيو نئون عضوو پيدا ٿيندو!
اتفاقاً هڪ ڏينهن انهيءَ جوڳيءَ جو هڪڙي ڌڻ وٽان
لنگهڻ ٿيو، جنهن جي هڪ ٻڪريءَ جو وات ڳاڙهو هو.
انهيءَ ٻڪريءَ جي پويان گـُـهمي، اها ٻوٽي لهي،
پاڙان پٽي، ڌنار کي چيائين، ته باهه جي پوڄا جو
ارادو اٿم، اُچ ته گڏجي پوڄا ڪريون. تنهن تي ٻنهي
ڄڻن گڏجي، ڪکن ڪنڊن جو ڍير ڪري، اها ٻوٽي به
انهيءَ ۾ وجهي، باهه ٻاري.
]جوڳي[
ٻڪرار کي چيو، ته”اڳتي وڌ، ته باهه جو طواف
ڪريون“. خوش نصيب، ٻڪرار جي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو،
تنهن جوڳيءَ کي اڳ ۾ ڪيو، پر جوڳيءَ جي روش مان
معلوم ٿيس، ته هو کيس باهه ۾ اڇلائيندو، سو اڳرائي
ڪري، هن
]جوڳيءَ[
کي باهه ۾ ڌڪو ڏيئي، ڀڄي ويو، جوڳي باهه ۾ سڙي،
خدا جي قدرت سان، سونو ماڻهو ٿي پيو! ٻئي ڏينهن،
ٻڪرار حالت معلوم ڪرڻ لاءِ انهيءَ رک جي ڍير تي
پهچي ڏٺو، ته جوڳيءَ جا سڀ عضوا سونا ٿي پيا هئا.
هڪ عضوو ڪپي، باقيءَ کي زمين ۾ دفن ڪري، شهر ڏانهن
هليو ويو: ٻئي ڏينهن ٻئي عضوي ڪپڻ لاءِ آيو، ته
وڍيل عضوو بحال ۽ سالم ڏٺائين. اهڙيءَ طرح ڪيترائي
ڏينهن جيڪو عضوو ڪپيندو رهيو، سو وري
]ٻئي ڏينهن[ صحيح سالم ڏسندو رهيو. آخر، جڏهن کيس ڍؤ ٿيو ۽ انهيءَ حالت جي
ظاهر ٿيڻ کان سندس دل ۾ خوف پڻ پيدا ٿيو، تڏهن
ههڙي عجائب جو حال وڃي”لاکي“ کي سليائين، جو اتي
وڃي ’طولا پرس‘ يعني سوني ماڻهوءَ کي پاڻ سان
کڻي آيو، ۽ اهڙي طرح ڪپي، ڏاڍو فائدو حاصل ڪري،
ايتري ته دولت گڏ ڪيائين، جو هڪ لک پنجويهه هزار
رپيا روزانو فقيرن تي خرچ ڪندو هو، هوڏانهن دنيا
جي ڪنهن به ڪم جي ويجهو نه ويندو هو.
چون ٿا، ته هن مرڻ وقت الله پاڪ کي سوال ڪيو، ته
اها دولت ڪنهن ٻئي کي نصيب نه ٿئي ۽
]دعا
جي[ قبوليت جو اثر ڏسي کڻي کوهه ۾ لڪايائين: جنهن کان پوءِ اهو
عجائب مخفي رهندو آيو ۽ انهيءَ طلسم
]60[ جي ڪنجي ڪنهن به ماڻهوءَ کي هٿ ڪانه لڳي.
قصو مختصر، ته مرزا شاهه حسن، کنگهار تي فتح پائي
ٺٽي موٽي آيو.
مرزا جو پـَـٽڻ تي حملو ڪرڻ ۽ ڪاميابيءَ سان موٽڻ
مرزا شاهه حسن، ڪڇ تي سوڀارو ٿي نهايت شان ۽ شوڪت
سان موٽي اچڻ کان پوءِ، ڪيترو وقت سنڌ ۾ مرادون
ماڻيندو رهيو. آخر 942 هجريءَ ۾ همايون بادشاهه
دهليءَ کان چتور تي ڪاهيو. چتور جي راجا کي ڇڏائڻ
لاءِ سلطان محمود بهادر گجراتيءَ هڪ سخت خط لکيو،
جو بادشاهه جي دل تي گران گذريو، ۽ هن يلغار ڪري،
مٿئين سلطان جي ملڪ تي ڪاهي کيس شڪست ڏني(1)
۽ مرزا شاهه حسن کي لکيو، ته وفاداريءَ جو طريقو
خيال ۾ رکي پاڻ کي سنڌ مان ”پـَٽڻ“ پهچائي، جيئن
انهيءَ شڪست کاڌل جي ڀڄڻ جو رستو بند ٿي وڃي. مرزا
شاهه حسن انهيءَ لکئي پهچڻ تي، جلدي جلدي لشڪر
تيار ڪري، نصرپور کان رائدن پور (راڌن پور) جي
رستي اچي پـَـٽڻ پهتو. ۽ پـَـٽڻ جي حاڪم خضر خان
کي گهيري ۾ آڻي، آسپاس جو چوپايو ۽ ٻيو اسباب ڦرڻ
لٽڻ شروع ڪيو. بکر جو حاڪم سلطان محمود خان لشڪر
جي مقدمي تي هو، تنهن جنيد ۽ جوڻي ڌاريجي کي خـضر
خان وٽ پـَـٽڻ موڪلي
]چوايو[، ته اچي مرزا جي خذمت ۾ حاضر ٿئي. هن وراڻيو، ته ”سلطان محمود
بهادر، ڪرنال(2)
۾ صحيح سلامت ويٺو آهي، آءٌ سندس حڪم کان سواءِ
قلعو حوالي ڪيئن ڪندس؟“
]اهو ٻڌي[
قاصد هن جي ماءُ وٽ ويا. آخر پـَـٽڻ جي آسپاس مان
لشڪر جي منزل پـَـٽڻ لاءِ، هڪ لک فيروزشاهيون مرزا
شاهه حسن ۽ ٽيهه هزار فيروزشاهيون سلطان محمود خان
کي نذرانو ڏيڻ جو فيصلو ٿيو. نذراني وٺڻ کان پوءِ،
مرزا پنهنجي اچڻ جي حقيقت، عبد القدوس هٿان،
بادشاهه جي خذمت ۾ عرض ڪري، پـَـٽڻ جي آسپاس ۾
پندرنهن ڏينهن ترسي پيو. انهيءَ عرصي ۾ سلطان
محمود خان، محمود آباد تائين وڃي ڦر ڪري، گجراتين
جو ڏاڍو مال متاع هٿ ڪري آيو. اُتي مير فرخ، مرزا
شاهه حسن کي چيو، ته”جيڪڏهن مرزا
]توهان[ کي بادشاهه پنهنجي ڪئمپ ۾ گهرائيندو ته ضرور وڃڻو پوندو، پوءِ
ائين ضرور ٿيندو ته ارغون، ترخان خواهه سنڌين جو
لشڪر، سلطاني ساز و سامان، عطا ۽ بخشش ڏسي، اسان
وٽان ڀڄي ويندو، تنهن ڪري صلاح اها آهي، ته ڪو
بهانو پيش ڪري هتان ئي سنڌ موٽي هلجي“. اها صلاح
ڪري مرزا قاسم بيگ هٿان عريضي موڪليائون، ته ”مان
شاهي حڪم جي تعميل ڪري سمورو لشڪر وٺي هتي آيو
هئس، پر هاڻي ٺٽي ۽ بکر جي اميرن وٽان خط پهتا
آهن، ته ڪلمتي جتوئي ۽ ٻيا زميندار سنڌ خالي ڏسي،
لشڪر گڏ ڪري، ڦرمار ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري لاچار
اوڏانهن موٽڻو ٿو پويم“. آخر 945 هجريءَ جي اوائل
۾ راڌڻپور جي رستي کان ٺٽي روانو ٿيو، ۽ واٽ تي
جاڙيجن ۽ سوڍن کي ڏاڍو ڦري لٽي اچي ٺٽي پهتو. 946
هجريءَ ۾ مير عليڪہ ارغون کي گجرات ۽ بنگاله جي
فتح جي مبارڪباديءَ لاءِ همايون بادشاهه جي حضور
۾، ۽ مير خوش محمد ارغون کي قنڌار جي فتح جي مبارڪ
واسطي مرزا ڪامران ڏانهن روانو ڪيائين. مير عليڪ
شاهي ڪئمپ مان بنا موڪل نڪري، اچي مرزا شاهه حسن
کي چيو، ته ”بادشاهه جي غفلت واريءَ روش مان ائين
معلوم ٿيم، ته عنقريب ڪو ڌاريو بادشاهه
]مٿس[ غالب ٿيندو، تنهن ڪري جلد ئي بنا موڪل موٽي آيو آهيان“. ٿورن
ئي ڏينهن ۾، انهيءَ موجب، همايون بادشاهه جي ”شير
خان“ کان شڪست کائڻ جي خبر آئي. مرزا شاهه حسن،
مير عليڪہ جي عقل تي آفرين ڪري، صلاح جي مجلس
سڏائي، آخر اُچ کان بکر تائين درياءَ جي ٻنهي ڀرين
کي ويران ڪري، اهڙيءَ طرح غير آباد ڇڏي ڏيڻ جو
فيصلو ٿيو.
]61[
همايون بادشاهه جي سنڌ ۾ اچڻ جو احوال
شعبان 947 هجريءَ جي آخر ۾ بادشاهي ڪئمپ اُچ ۾
پهتي. بخشو لانگاهه، خان جهان جي لقب، جهنڊي،
نغاري ۽ قيمتي سروپا جي عنايت سان سرفراز ٿيڻ
هوندي به، پاڻ حاضر ڪونه ٿيو، باقي لشڪر جي خرچ
لاءِ اناج جون ڪي ٻيڙيون موڪلي ڏنائين. آخر 28
رمضان المبارڪ تي شاهي تنبو اچي روهڙيءَ جي شهر ۾
کـُـتا، ۽ ٻٻرلوءَ جو ’چار باغ‘ ، جو نظاري ۽
نزاڪت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، همايون بادشاهه جي رهڻ
جي جاءِ بنيو. سلطان محمود خان قلعو مضبوط ڪري،
ٻيڙيون ڪـَـهرائي پنهنجي طرف ڪري بيهاريون، ۽
بادشاهه جيڪو ڏانهنس حاضريءَ جو حڪم موڪليو هو،
تنهن جي جواب ۾ عرض ڪيائين ”ته مان مرزا شاهه حسن
جو نوڪر آهيان، جڏهن اهو حڪم ڪندو، تڏهن قلعو
حوالي ڪندس“. ساڳئي وقت بادشاهه جي ڪئمپ ۾ خوراڪ
جي ڪمي ٻڌي، اَن جا اٽڪل پنج سو خرار موڪلي خدمت
بجا آندائين، جا پسند ڪئي ويئي. بادشاهه، امير
طاهر صدر ۽ سمندر بيگ کي، ڀلائيءَ جي وڏن وعدن ۽
اڳين حقن جي يادگيريءَ [جي پيغام[
سان، مرزا شاهه حسن ڏانهن موڪليو. مرزا قاصدن جي
جوڳي خدمت ڪري، هيءُ اقرار ڪيو، ته هو حضرت
بادشاهه جي تشريف فرمائيءَ تي، هاله ڪنڊي (هالا)
کان بٺوري تائين، درياءَ جي هن ڀر وارا ڳوٺ
حرمسراءِ جي خرچ لاءِ حوالي ڪندو، ۽ عهد اقرار پڪي
ڪرڻ کان پوءِ، حاضريءَ جو شرف حاصل ڪري، پنهنجي
لشڪر سميت حضور والا سان هم رڪاب رهي، گجرات فتح
ڪرڻ کان پوءِ موٽي ايندو. انهيءَ اقرار موجب جناب
شيخ ميرڪ بوراني ۽ ميرزا قاسم طغائيءَ کي لائق
نذرانا ساڻ ڏيئي، موڪليائين، ۽ هن مضمون جو عريضو
پڻ لکيائين، ته ”بکر جي زمين گهٽ پيدائش واري آهي،
۽ چاچڪان جي زمين نهايت سرسبز. جيڪڏهن حضور
اوڏانهن تشريف فرما ٿيندا، ته دل و جان سان خدمت
بجا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.“ بادشاهه جي خيرخواهن
عرض ڪيو، ته”جيڪڏهن سچيءَ دل سان خدمتگاريءَ جو
ارادو رکي ٿو، ته پوءِ پنهنجا قلعا ڇو نٿو نذر
رکي، ته
]اسان کي به[
ڪا پناهه جي جاءِ ته هٿ ۾ هجي، ڇاڪاڻ ته شير خان
لاهور ۾ مٿان ويٺو آهي، تنهن ڪري مرزا جي هن عريضي
۾ ٺڳي ٿي ڏسجي!“ اهو ٻڌي بادشاهه بکر کي گهيري ڪرڻ
ڏانهن توجهه ڪيو(1).
هوڏانهن مرزا شاهه حسن کي به سندس ماڻهن انهن
انجامن کان ڦيرائي ڇڏيو.
بادشاهه ٻٻرلوءِ جي باغ ۾ ٿي رهيو ۽ ساڻس اٽڪل ٻه
لک ماڻهو هئا، جنهن ڪري ڏڪار هن حد کي وڃي پهتو،
جو ساهه جي عيوض به ماني نٿي ملي! آخر ڇهن مهينن
کان پوءِ وڃي پاٽ ۾ منزل ڪيائين، پر جنهن صورت ۾
اُتي لشڪر به گندگي ٿي پيدا ڪئي، تنهن ڪري وري بکر
موٽي آيا. ٿوري وقت کان پوءِ پهرين جمادي الاول
948 هجريءَ تي، بادشاهه يادگار ميرزا کي بکر ۾ ڇڏي
پاڻ سيوستان تي چڙهائي ڪئي، بادشاهه جي پهچڻ کان
اڳ ۾ مير سلطان قلي بيگ، مير شاهه محمود ارغون،
مير محمود ساربان، علي محمد ڪوڪلتاش ۽ مير صفر
ارغون قلعي جي آسپاس واريون عمارتون ۽ باغات ويران
ڪري پڌر ڪري ڇڏيا. بادشاهه جڏهن قلعي وارن کي
سوڙهو ڪيو، تڏهن مرزا شاهه حسن ٺٽي کان ٻاهر اچي،
کاهي کوٽائي گهڻيون ٻيڙيون جمع ڪري ويهي رهيو،
۽”مير عليڪہ“ کي سيوستان تي مقرر ڪيائين. هو شاهي
ڪئمپ مان لنگهي، بازار واري رستي کان قلعي ۾ گهڙي
ويو. بادشاهي لشڪر هڪ پاسي کان کاٽ هڻي، باهه ڏني،
پر ڀت ڪرڻ کان اڳ ۾ قلعي وارن ماڻهن انهيءَ کان به
وڌيڪ مضبوط نئين ڀت ٺاهي ڇڏي هئي(1) هيءُ حال ڏسي بادشاهه
]هڪ
طرف[ قلعي جي مضبوطي ۽ ٻئي طرف قلعي فتح ڪرڻ جي سامان جي اڻاٺ
]62[
سببان ستن مهينن جي گهيري کان پوءِ، جڏهن پاڻي جي
اٿل اچي ويئي، مرزا شاهه حسن خوراڪ جي سامان جي
اچڻ وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو، لشڪر جو ڪجهه حصو
پاسو ڪري هليو ويو ۽ مرزا شاهه حسن، مرزا”يادگار
ناصر“ کي پنهنجو ڪري وڌو(2) تڏهن لاچار بکر ڏانهن موٽي ويو، ۽ مرزا يادگار ناصر کي پاڻ سان
وٺي، حجاز ڏانهن وڃڻ گهريائين ٿي، ته ايتري ۾ راجا
”مالديو“ وڌپوريءَ بادشاهه کي
]وٽس[
تشريف آوريءَ لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي هو ايڪيهين
محرم 949 هجريءَ تي اُچ روانو ٿيو، جتان ساڳئي سال
جي 20 ربيع الاول ”مالديو“ ڏانهن روانو ٿي، 14
ربيع الثاني اچي دلاور جي قلعي ۾ منزل ڪيائين.
ساڳئي مهيني جي 20 تاريخ بيڪانير ۾ ڪئمپ هڻي، اتان
جوڌپور کان ٽيهن ڪوهن
]جي مفاصلي[ تي پهتو، جتي معلوم ٿيو، ته راجا مالديو جي انهيءَ عرض ۾ ٺڳي
رٿيل هئي، تنهن ڪري تڪڙا جيسلمير روانا ٿي، پهرين
جمادي الاول جيسلمير پهتا. جيسلمير جي راجا پاڻي
روڪي ڇڏيو. آخر ساڳئي مهيني جي ڏهين تاريخ عمر ڪوٽ
پهتا.
]عمر ڪوٽ جي[
راڻي ”ويرسال“ استقبال ڪري قلعي ۾ اندر جاءِ ڏني.
انهي ئي سال جي پنجين رجب آچر رات جلال الدين
”محمد اڪبر“ اُتي ڄائو. هن وچ ۾ مرزا شاهه حسن بکر
۽ سيوستان وڃي، ٻنهي قلعن جي ڀڳ، ٽٽ درست ڪرائي،
]اڳئين
کان به[ وڌيڪ مضبوط بنائي، ٺٽي موٽي آيو. بادشاهه، عمر ڪوٽ کي فوجن جو
بار سهڻ جهڙونه ڏسي، سنڌ جو ارادو رکي، ٿوري ئي
وقت ۾ اچي ’جون‘ جي ڳوٺ ۾ پهتو. جنهن صورت ۾ اها
جاءِ باغات، نهرين ۽ ميون جي ڪثرت کان سڄيءَ سنڌ ۾
ممتاز هئي، تنهن ڪري عرصي تائين جون جي ڳوٺ ۾
باغات جي وچ ۾ ڪئمپ رهي. مرزا شاهه حسن به لشڪر
وٺي، اچي ٻئي ڪپ تي سامهون ٿي ويٺو. بادشاهه کي
معلوم ٿيو، ته بٺوري جي سرزمين ۾ هڪڙو قلعڙو اناج
سان ڀريل آهي، سو پنهنجي ڪي اعتماد جوڳا ماڻهو
اوڏانهن موڪليائين. هيڏانهن مرزا شاهه حسن روڪڻ
لاءِ، مرزا عيسيٰ کي موڪليو، پر انهيءَ ڪجهه به نه
ڪيو. آخر سلطان محمود اوڏانهن ويو.
]لڙائي
لڳي، جنهن ۾[ بادشاهه جا ڪار جهڙا ماڻهو قتل ٿيا. ٻيءَ طرح به اڪثر ڪري ٻنهي
لشڪرن ۾
]وقت
بوقت[ جنگ ۽ جهيڙي جي باهه ڀڙڪندي ٿي رهي. شاهي درگاهه جا ملازم جي
]جدا جدا[
ديهين ۾ وڃي رهيا هئا، تن کي مرزا جي حڪم موجب
ارغوني لشڪر پاڻ ۾ صلاح ڪري، هڪڙي ئي وقت ۾
ڪـُـهي، سندن سر مرزا ڏانهن ڏياري موڪليا.
چون ٿا، ته اها ڳالهه ٻڌي همايون بادشاهه ارغونين
کي پاراتو ڏنو، جنهن جي اثر کان اهي ماڻهو سڀيئي
محمد باقي ترخان هٿان قتل ٿيا، جيئن اڳتي هلي بيان
ٿيندو.
]هاڻي[
بادشاهه جي دل سنڌ ۾ رهڻ کان ملول ٿي پيئي. ايتري
۾ بيرم خان پڻ گجرات کان اچي، قنڌار جي رستي کان
عراق هلڻ جي تحريڪ ڪئي، ۽ مرزا شاهه حسن سان صلح
جون ڳالهيون هلايون. مرزا هيءُ موقعو غنيمت سمجهي،
لک مثقال روڪڙا ۽ ٻيو سفر جو سامان تيار ڪري، ٽن
سون گهوڙن ۽ ٽن سون اٺن سميت(1)
خدمت ۾ موڪليو.
]تنهن
کان پوءِ[ ’جون‘ جي سامهون هڪ پل ٻڌايائون. پل ۽ صلح جي تاريخ ’صراط
مستقيم‘ مان نڪتي(2)
بادشاهه 7 ربيع الاخر 950 هجريءَ تي انهيءَ پل تان
لنگهيو.
چون ٿا، ته عيسيٰ ترخان، ڳجهي خواهه ظاهر، بادشاهه
جي ڏاڍي خدمت ڪئي هئي، جنهن تي بادشاهه هن جي حق ۾
]63[ تمام گهڻي دعا فرمائي هئي، ۽ انهيءَ دعا جي اثر کان، کانئس
وڌيڪ وڏن اميرن جي موجود هوندي به، هو ملڪ جو وارث
ٿيو. جيئن اڳتي بيان ٿيندو. هوڏانهن مرزا شاهه حسن
کي، پنهنجي ولي نعمت سان بي ادبي ڪرڻ جي سزا ۾،
سندس نوڪرن هٿان اهو معاملو پيش آيو. قصو ڪوتاهه،
هنن ٽن سالن ۾ بادشاهي لشڪر جي اچڻ ڪري سنڌ ملڪ ۾
زبردست ڏڪار پيدا ٿيو هو.
عجيب نقل
انهيءَ حادثي ۾ مهانگائيءَ سببان هڪ عورت پنهنجن
پٽن سميت، ڪجهه بکون ڪڍڻ کان پوءِ، جلاوطني اختيار
ڪري بيتاب ٿي وڃي هڪ جهنگ ۾ ڪري، پٽن کي بک ۾ پاهه
ٿيندو ڏسي، انهن کي چيائين، ته”توهان کي هن حال ۾
ڏسي نٿي سگهان، تنهن ڪري مون پنهنجو خون توهان کي
معاف ڪيو: توهان مون کي ڪـُـهي کائو ۽ منهنجو بچيل
گوشت رستي جو سمر بڻايو، مـَنَ ڪنهن سلامتيءَ
واريءَ جاءِ تي وڃي پهچو!“ پٽن گهڻو انڪار ڪيو، ۽
زبان تي”حاشا“ ۽ ”ڪلا“
(1)
جا الفاظ آندائون، پر ماءُ جي زور تي ائين ڪرڻو
پـَـينِ. هڪڙو گوشت جو ٽڪر پچايائون، ايتري ۾
اتفاقاً ڪن ماڻهن جي ڳئون گم ٿي ويئي هئي، سي اچي
مٿن ڪڙڪيا ۽ ڳئون جي ڪـُـهڻ
]جي
تهمت[ ۾ کين کڻي پڪڙيائون. ويچارن پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ، سڄو
احوال ذري پرزي ڪري ٻڌايو ۽ ماءُ جا آنڊا ۽ ٻيون
نشانيون ڏيکاريون. اهو ٻڌي انهن ماڻهن پاڻ کين
وڌيڪ زور سان کڻي ٻڌو ۽ چيائون، ته”اهو ممڪن ئي
ناهي، ته ڪو ماڻهو ’ماءُ‘ ڪـُـهي کائي، توهان
ضرور ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ڪـُـٺو هوندو!”هنن گهڻو
ئي ٻاڏايو، پر ڪو فائدو نه ٿيو. آخر سڄي حقيقت
ظاهر ڪرڻ لاءِ، کين وڻ سان ٻڌي چهٻڪ هڻڻ گهريائون،
ته ايتري ۾ ماءُ جا آنڊا هڪدم پنهنجي جاءِ تان
ڊوڙي وڃي ماريندڙن جي پيرن ۾ وچڙيا، ۽ کيس مارڻ
کان روڪي، اڳتي قدم وڌائڻ نه ڇڏيائون. انهن ۾ هڪ
پير مرد موجود هو، جنهن چيو، ته”هنن بيشڪ پنهنجي
ماءُ کي سندس اجازت سان ڪـُـٺو آهي، جا هاڻي مادري
شفقت (مامتا) سببان توهان کي پـُـٽن جي مارڻ کان
روڪي ٿي. بيشڪ ”اولادنا اڪبادنا“
(2)
جي مصداق هتي ظاهر ٿي آهي.
قصو مختصر، انهيءَ افراتفريءَ جي زماني ۾ بخشو
لانگاهه ملتان جي آسپاس ’جنپور‘ جي سامهون قلعو
ٺاهي، ملتانين کي لڏائي اچي انهيءَ قلعي ۾ وهاريو،
۽ وڏو ڪٽڪ گڏ ڪري بکر تي ڪاهيو(1)،
جنهن ڪري مرزا شاهه حسن، ميرشاهه محمود ارغون کي
بکر جي حفاظت لاءِ موڪليو.
955 هجريءَ ۾ مرزا ڪامران ’هزاره‘ کان سنڌ ۾
آيو. مرزا شاهه حسن ’پاٽ‘ کي سندس منزل گاهه
مقرر ڪري، پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني(2)
۽ ٽن مهينن کان پوءِ هزار سوارن جي مدد ڏيئي روانو
ڪيائينس. ڪامران 958 هجريءَ ۾ وري بکر ۾ آيو، مگر
هن دفعي همايون بادشاهه کيس انڌو ڪري ڇڏيو هو(3).
مرزا شاهه حسن هن کي
]پهريائين[ شاد ٻيلي (ساڌ ٻيلي) جي ٽڪريءَ تي، جا بکر جي الهندي طرف دريا
جي وچ ۾ آهي، رهايو ۽ تنهن کان پوءِ بٺوري جو
پـرڳڻو سندس بورچيخاني جي خرچ لاءِ مقرر ڪري، کيس
فتح باغ ۾ رهائڻ جو انتظام ڪيائين. ٿوري وقت کان
پوءِ هو حج تي روانو ٿي ويو.
چون ٿا، ته مرزا شاهه حسن پنهنجي نياڻيءَ کي کانئس
]ڇني[
پاڻ وٽ رهائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر انهيءَ معصومہ
چيو، ته ”ماڻهو مون کي طعنو هڻندا، ته ’اکين واري
وقت ۾ ته مڙس وٽ رهين، باقي نابين ٿيڻ کان پوءِ
کيس ڇڏي ڏنائين‘ !“
هن واقعي کان پوءِ همايون بادشاهه جي رنج جي اثر
کان مرزا جي حالت بگڙڻ لڳي. هن”عربي گاهيءَ”جي
پٽن، جي ارغونن ۽ ترخانن کي ايذائڻ ۾ نهايت ظلم ۽
دست درازي ڪندا هئا، جهڙن رذيل ۽ ڪميڻن ماڻهن جي
پرورش ڏانهن توجهه ڪري، ارغونن ۽ ترخانن کي رنج
ڪري وڌو، ۽ پاڻ فالـج (اڌ رنگ) جي بيماريءَ ۾
مبتلا ٿي پيو، جنهن جو علاج رڳو اهو هو، ته هميشه
ٻيڙيءَ ۾ ويهي، ٺٽي کان بکر ۽ بکر کان ٺٽي آمد رفت
ڪندو رهي.
سنہ 960 هه ٺٽي جي شهر جي اربابي (گورنري) ’عربي
گاهي‘ ۽ ’اسماعيل باٺاري‘ کي عطا ٿي. ساڳئي سال
جي آخر ۾ ٺٽي جي نگراني ’شنبي‘ ۽ ’رفيق‘ جي
حوالي ڪيائين، جي زرخريد غلام هئا.
]اهو
حال ڏسي[ ارغون اميرن، محرم 962 هجريءَ جي شروعات ۾ ميرزا
]64[
عيسيٰ ترخان جي تابعداري ڪئي، جو خدا شناس بادشاهه
جي دلي دعائن جو نوازيل هو. مرزا شاهه حسن هيءُ
ٻڌي پيچ تاب کاڌا ۽ تدارڪ واسطي گهڻائي حيلا
هلايا، پر بادشاهي رنجش جو تير نشان تي لڳي چڪو
هو، ۽ تدبير جي ڍال انهيءَ کي بي اثر ڪري نه سگهي.
آخر سندس حياتيءَ ۾ ئي سلطان محمود خان ۽ ميرزا
عيسيٰ سنڌ کي پاڻ ۾ اڌو اڌ ڪري، لڪيءَ جي جبل کان
هيٺ ميرزا عيسيٰ ۽ مٿي سلطان محمود خان جي واسطي
مقرر ڪري، هن بابت پاڻ ۾ پڪو عهد نامو ڪيو، ۽
ميرزا شاهه حسن جي حياتيءَ ۾، ڇاڪاڻ ته هو مفلوج ۽
بيڪار هو، سندس ظاهري تابعداري ڪندا آيا. تقديراً
مرزا شاهه حسن، ساڳئي سال جي 11 ربيع الاول تي
گذاري ويو. ڪي چون ٿا، ته کيس زهر ڏنو هئائون، ۽
اڳ ۾ ڪيل عهدنامي موجب مٿيان خانَ، ٺٽي ۽ بکر جا
مالڪ ٿيا.
مرزا شاهه حسن لاثاني بهادر هو. ننڍپڻ کان
بيماريءَ جي زماني تائين، جيڪي به جنگيون ڪيائين
تن ۾ سوڀارو رهيو. هو سنہ 896 هجريءَ ۾ ڄائو هو ۽
66 سال عمر هيس. منقولي علمن(1)
۾ ڏاڍو ماهر هو. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو، جنهن
۾ ”سپاهي“ تخلص ڪندو هو. عالمن، فاضلن ۽ سيدن جي
عزت ڪماحقہ بجا آڻيندو هو. 34 سال حڪومت ڪيائين.
کانئس پوءِ ڪو به اولاد ڪونه رهيو. سندس لاش مڪي
شريف کڻي ويا. هن طبقي يعني پي ۽ پٽ جي سنڌ تي
حڪومت جو عرصو 36 سال آهي.
|