ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي تاريخ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي چند ڪتاب مُلڪ جو هر محقق
۽ دانشور انتهائي ڀروسي ۽ فخر جوڳا سمجهي تجويز
ڪري سگهي ٿو، تن ۾ چچ نامي کان پوءِ ’تحفة الڪرام‘
سرفهرست آهي. ٺٽي جي نامياري علم دوست ڪٽنب جي
روشن چراغ مير علي شير ’قانع‘ جي هن اَملهه تحرير
۾ نه رڳو سنڌ جي ڏيڍ هزار سال ماضيءَ جو تذڪرو ۽
تجزيو ڪيو ويو آهي، پر هن ديس جي شاندار شهرن،
وستين ۽ واهڻ منجهه رهائش پذير انهن صاحب نظر
خانوادن ۽ علم پرور هستين جي بيمثال ڪمن ۽ زندگي
جا تفصيل ڏنا ويا آهن، جن جي مُهابي سنڌ کي ”صوفين
جي سرزمين“ سڏرائڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن ڀونءِ جي
سرَي مُلتان، اُچ، ۽ سيت پور کان وٺي بکر،
سيوستان، ونگي، ولهار، مٽياري، نيرون ڪوٽ، بٺوري،
ڪڪرالي ۽ ٺٽي سميت شايد ئي اهڙو ڪو خطو هجي، جنهن
جي ڪا ذڪر جوڳي علمي ۽ ديني شخصيت هن ڪتاب جو حصو
بڻجي مصنف جي دل سندي دفتر تي اُڪريل نظر نه اچي.
اڄ کان تقريبن سوا ٻه سؤ سال اڳ جڏهن رابطي ۽ سفر
جون سهولتون تمام گهٽ هيون ۽ علم جي حصول جي
بنيادي ذريعن
(Primary Sources)
يعني خانقاهن، مدرسن، درگاهن، آستانن ۽ اوطاقن
تائين رسڻ لاءِ هر قلم جي صاحب کي پنهنجي سرووڙڻو
۽ وڃڻو پوندو هئو. تڏهن مير علي شير ’قانع‘ جي نه
رڳو قلم پر قدمن به اجهاڳ سفر طئه ڪيا آهن. هُن
پنهنجي ساده پر سحر انگيز اسلوب ذريعي سنڌ جي علمي
ماحول جي جنهن مُحبت، تدبر ۽ خلوص سان منظر نگاري
ڪئي آهي، تنهن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه جا عالم نهايت
ئي ادب ۽ احرام سان مڃتا جا گلاب آڇين ٿا.
صاحبِ ڪتاب جي انهيءَ علمي پورهيي جي قدرداني ڪندي، سنڌ جي هاڪاري
عالم ڊاڪتر نبي بخش خان بلوچ جنهن مستقل مزاجيءَ
سان ڪتاب جي مسودي تي نُور نچوئيو ۽ مترجم جي
راهنمائي ڪندي ڪتاب جي اکر اکر تي پنهنجي ننڊ آرام
جي قرباني ڏني آهي، سا پڻ ڳڻنيدي زندگيءَ جي نما
شام کي پهتل هن ڌرتيءَ دوست جهوني جوڳيءَ جي عقيدت
۾، ڪنڌ خودبخود جهڪڻ لڳي ٿو. ڪتاب جي مطالعي دوران
ڪوبه هوشيار پڙهندڙ آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهي ٿو
ته هن تحرير جي هر جملي تي ڪنهن انتهائي تجربي ڪار
۽ سمجهدار عالم جي مُهر لڳل آهي.
اهو ساڳيو مانُ ۽ مرتبو اسان ڪتاب جي مترجم ۽ سنڌ جي نامياري علمي
شخصيت مخدوم امير احمد صاحب کي پڻ ارپي سگهون ٿا،
جنهن معياري ۽ مُستند ترجمو ڪرڻ جو جذبو رکندي،
’تحفة الڪرام‘ جا ملڪ ۾ موجود ڪئين مسودا ڀيٽيا ۽
مطالعي هيٺ آندا آهن. ان ڏس ۾ مخدوم صاحب ڪيترائي
ڏينهن ته لاهور جي ڪُتبخانن ۾ وڃي نُور نچوئيو
آهي. اها وڌاءَ کان ڀريل هڪ صاف سڌي حقيقت آهي ته
ڪتاب کي فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ منتقل ڪندي، هُن
صاحب مصنف جي اصل مقصد ۽ معنيٰ کي هڪ لمحي لاءِ به
فوت ٿيڻ نه ڏنو آهي. ازانسواءِ جتي جتي به اصل
بيان ۾ کيس ڪا ڳوڙهائي يا اڻ چٽائي نظر آئي آهي،
ته سندس طرفان حاشين، وضاحتن ۽ دُرستين جي روپ ۾
اُها پڙهندڙ لاءِ نهايت آسان ۽ سليس بڻائي ويئي
آهي، سچ پچ ته اڄوڪي دور ۾ هن قسم جي اعليٰ درجي
جي ڪيل ترجمن تي نظر وجهندي دل بي اختيار ٿڌو ساهه
ڀرڻ تي مجبور ٿئي ٿي.
هيءَ هڪ ايذائينداڙ حقيقت آهي ته ’تحفة الڪرام‘ جهڙو اهم ڪتاب گذريل
پندرهن سالن کان سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتاب گهر تي
مُيسر نه آهي. ڪتاب جو آخري ڇاپو سنڌ جي نامياري
شخصيت ۽ شاندار مُنتظم ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ
جي سيڪريٽري شپ دوران 1989ع ۾ پڌرو ٿيڻ کان پوءِ،
عوام جي طرفان ٿيندڙ طلب باوجود نئين سر ظاهر نه
ٿي سگهيو. پر قدرت جا پنهنجا رنگ آهن، شايد
اُنهيءَ ليٽ جو سبب اهو به هجي ته ههڙو خير جو ڪم
جو اعزاز هن خاڪسار کي عطا ٿيڻو هو! ڪتاب جو
چوٿون ڇاپو پڌرو ڪندي مون کي دلي روحاني مُسرت ٿي
رهي آهي، ڇاڪاڻ جو ’تحفة الڪرام‘ اُنهن بنيادي
ڪتابن منجهان هڪ آهي، جنهن جو پنجويهه سال اڳ
مطالعو ڪندي مون سنڌ جي تاريخ بابت بنيادي سبق
حاصل ڪيا هئا. الائي ڇو هيءُ ڪتاب شايع ڪندي مان
محسوس ڪريان ٿو ته بورڊ ۾ منهنجي آمد جا ڪي پَلَ
سجايا ۽ سَرها ضرور ثابت ٿيا آهن.
ڄام شورو، سنڌ
انعام الله شيخ
6 رمضان المبارڪ 1425 هجري
سيڪريٽري
بمطابق
سنڌي
ادبي بورڊ
21- آڪٽوبر 2004ع
پيش لفظ
”سنڌي ادبي بورڊ“ پنهنجي پهرين نشست مؤرخ 20
آڪٽوبر 1951ع ۾ فيصلو ڪيو هو ته سنڌ جي تاريخ جا
ٽي مکيه ڪتاب (1) فتحنامہ سنڌ، (2) تاريخ معصومي،
(3) تحفة الڪرام (جلد ٽيون) فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪرايا وڃن، انهيءَ لاءِ ته اهل وطن پنهنجي
تاريخ کي پنهنجي سنڌي زبان ۾ آسانيءَ سان پڙهي ۽
سمجهي سگهن. بورڊ طرفان انهن ٽنهي ڪتابن جي ترجمي
جو ڪم مخدوم امير احمد صاحب، پرنسيپال اورينٽل
ڪاليج حيدرآباد کي سونپيو ويو، ۽ هن اسڪيم جي
نگراني ۽ ذمه داري بحيثيت ڊائريڪٽر جي راقم الحروف
جي حوالي ڪئي وئي.
جناب مخدوم صاحب ۽ بنده هن ڪم کي اهم قومي خدمت
سمجهي ان کي جلد از جلد پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
جنهن موجب ”تاريخ معصومي“ جو ترجمو 1953ع ۾ ڇپيو
۽ ”فتحنامہ سنڌ“ (چچ نامہ) ترجمو 1954ع ۾ شايع
ٿيو. اُميد هئي ته ”تحفة الڪرام“ جو ترجمو سنه
1955ع ۾ مڪمل ٿي ويندو، مگر جيئن ته هن ڪتاب جي
ترجمي جي لاءِ خاص طرح مصنف مير علي شير قانع جي
هٿ لکيل قلمي نسخي کي ڏسڻو پيو جو لاهور ۾ مولوي
محمد شفيع صاحب وٽ سوگهو هو، انهيءَ ڪري هن ترجمي
جي تڪميل ۾البته دير ٿي. بهرحال هينئر ”تحفة
الڪرام“ جو ترجمو ناظرين ڪرام جي آڏو پيش ڪجي ٿو،
۽ جنهن جي اشاعت سان ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سنڌ جي
تاريخ بابت پهرين اهم تجويز پوري ٿي.
فاضل مترجم مخدوم امير احمد صاحب هيءُ ترجمو بالڪل
ڪاميابيءَ سان عام فهم ۽ سليس سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو
آهي. ڪتاب جي متن جي صحت خاطر بورڊ طرفان انتظام
ڪيو ويو ته صاحب موصوف لاهور ۾ وڃي خود مصنف مرحوم
جي دستخط قلمي نسخي تان پڙهڻيون درست ڪري. پڻ
مرحوم سرڪار مير نورمحمد خان جي شاهي ڪتبخاني جو
هڪ قلمي نسخو جو نوجوان مير نورمحمد خان جي
مهربانيءَ سان هٿ ڪيو ويو، سو پڻ فاضل مترجم جي
حوالي ڪيو ويو. انهن قلمي نسخن جي آڌار تي مخدوم
صاحب هيءُ ترجمو مڪمل ڪيو آهي جو بالڪل مصنف جي
متن مطابق آهي. هيءُ ترجمو تحفة الڪرام جي ٽئين
جلد جو آهي جنهن جو تعلق خاص سنڌ سان آهي. پهرين
ٻن جلدن ۾ عنوانن جو خلاصو فاضل مترجم پنهنجي
ديباچي ۾ ڏنو آهي جنهن کي ڏسڻ سان پڙهندڙ کي سڄي
ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جي سٽاءَ سمجهه ۾ اچي ويندي.
هن ترجمي جي سڄي مواد کي سهوليت خاطر ٻن ڀاڱن ۾
تقسيم ڪيو ويو آهي. پهريون ڀاڱو سنڌ جي تاريخ سان
واسطو رکي ٿو جنهن کي مصنف ٻارهن طبقن ۾ ورهايو
آهي. ترجمي ۾ هرهڪ ”طبقي“ کي مستقل باب جي صورت
۾ بيهاريو ويو آهي. پهرئين ”طبقي“ وارو پهريون
باب ”راءِ گهراڻو“ صفحي 63 کان شروع ٿئي ٿو ۽
ٻارهين ”طبقي“ وارو ٻارهون باب ”عباسي ڪلهوڙا
خاندان جي حڪومت جو بيان“ صفحي 246 تي پورو ٿئي
ٿو. ان بعد مصنف سنڌ جي مشهور شهرن ۽ اتي جي
شخصيتن جو ذڪر شروع ڪيو آهي ۽ ان لحاظ سان هن
ترجمي ۾ اسان ان مواد کي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو قرار
ڏنو آهي جو صفحي 249 کان شروع ٿئي ٿو. مصنف سنڌ جي
وسيع حدن کي خيال ۾ رکي سنڌ جي اترين سرحد کان اول
اول شهر ملتان ۽ اتي جي بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي ۽
پوءِ اچ، مئو، ماٿيلي جي بيان بعد بکر ۽ سيوستان
پرڳڻن جي مشهور شهرن ۽ شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي:
يعني ته اترين سرحد کان شروعات ڪري پوءِ درجي به
درجي هيٺ ڏکڻ طرف وارن شهرن جو ذڪر ڪندو آيو آهي.
البت هيٺ هلي مصنف کان اها جغرافيائي ترتيب ڪن
جاين تي فوت ٿي چڪي آهي. جغرافيائي ترتيب جي لحاظ
سان باب 17، 18، 19، 20، 21 ۽ 22 جيڪر 21، 17، 22،
18، 19 ۽ 20 ٿي بيهن ها. ٻـيو ته مصنف انهن مشهور
ماڳن ۽ شخصيتن جو بيان محض شهرن يا ماڳن جي نالن
هيٺ ڪيو آهي. اسان انهيءَ سڄي مواد کي پڻ اصلي
ترتيب موجب مگر بابن جي عنوانن هيٺ رکيو آهي، ۽
انهن بابن جو سلسلو پهرئين ڀاڱي جي آخري باب
ٻارهين بعد مسلسل باب تيرهون، چوڏهون- الخ قائم
ڪيو آهي.
مصنف مير علي شير قانع جي سوانح، محترم سيد حسام
الدين راشدي جي تحقيق جو نتيجو آهي جنهن کي هن
صاحب ”مڪلي نامہ“ جي مقدمہ طور، رسالي مهراڻ
نمبر 2، 1956ع ۾ شايع ڪرايو هو.
اندر ترجمي جي متن هيٺ فاضل مترجم ڪافي جاين تي
سنڌ جي ٻين مکيه تاريخي ڪتابن مان قيمتي حاشيا ڏنا
آهن. ڪتاب جي آخر ۾ اسان ماڻهن ۽ ماڳن ۽ ڪتاب جي
عنوانن جون فهرستون شامل ڪيون آهن. انهيءَ اهتمام
سان هن ڪتاب کي سردست ڪافي ڪارآمد بنايو ويو آهي.
ان هوندي به اڃا هن ڪتاب ۾ متعدد حوالن ۽ حاشين جي
ضرورت آهي ۽ ڪتاب جي مستند ايڊيشن تيار ڪرڻ لاءِ
ڪافي وقت ۽ محنت جي گنجائش آهي. اُميد ته تحفة
الڪرام جو اصل فارسي متن بورڊ جي هڪ نئين اسڪيم
مطابق انهيءَ اهتمام سان شايع ڪيو ويندو.
خادم العلم
نبي بخش
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ
10-اپريل 1957ع
بِسْمِ اللَّهِ الرَّحْمـنِ الرَّحِيْمِ
مهاڳ
اَلْحَمْدُ لِلّهِ رَبِّ الْعَالَمِيْنَ وَ
الْعَاقِبَةِ لِلْمُتَّقِيْن وَ الصَّلواةِ وَ
السَّلاَمِ عَلي سَيِّدِ الاَنْبِيَاءَ وَ
الْمُرْسَلِيْنَ وَعَلي آلِه وَ اَصْحَابِه
اَجْمَعِيْن:
هن کان اڳ مير معصوم جي تاريخ سنڌ ۽ چچنامي جو
سنڌي ترجمو ناظرين ڪرام جي هٿن ۾ پهچي چڪو آهي.
هيءُ ترجمو به ساڳين انهن اصولن تي ٿيل آهي، جن تي
هن کان اڳين ٻن ڪتابن جو ترجمو ٻڌل آهي، تنهن ڪري
هتي وڌيڪ تفصيل جي ڪا به ضرورت ڪانه ٿي ڏسجي. فقط
هيترو ذڪر سو لازمي آهي، ته ترجمو ڪرڻ وقت تحفـة
الڪرام کي فتح نامي (چچنامه)، تاريخ معصوميءَ، بيگ
لارنامه، فتوح البلدان بلا ذري ۽ ڪن ٻين تاريخن
سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ جتي جتي ڪو اختلاف نظر آيو
آهي، ته انهيءَ جو ذڪر حاشيي تي، حوالي سان، ڪيو
ويو آهي. سنڌ جي بزرگن جا جيڪي ڪجهه وڌيڪ حالات
معلوم ٿي سگهيا آهن، اهي حاشيي تي ڏنا ويا آهن. هن
ڪري ڪتاب جي افادي حيثيت گهڻو وڌي ويئي آهي. اڃا
به هن ڪتاب تي تحقيق ۽ تفتيش جي گهڻي گهرج آهي.
جهڙوڪ مغليه گورنرن جي سلسلي ۾ مصنف مير قانع گهڻي
گڙ ٻڙ ڪئي آهي، سومرن ۽ سمن بابت گهڻو ڪجهه لکڻ جي
گنجائش آهي، محمد بن قاسم کان پوءِ، بني اميہ خواه
بني عباس گهراڻن جا جيڪي گورنر سنڌ ۾ آيا، تن
متعلق عربي تاريخن ۾ ڪافي مواد موجود آهي. جن جن
عالمن، فاضلن، شاعرن، الله وارن وغيره جو ذڪر
تحفـة الڪرام ۾ آهي، تن مان ڪيترن متعلق ٻين تذڪرن
۽ تاريخن مان ڪافي معلومات جو ذخيرو گڏ ٿي سگهي
ٿو. علي هذا القياس. مگر انهيءَ ڪم لاءِ ڪافي وقت
کپي. في الحال مٿي ڏيکاريل قدر تي اڪتفا ڪئي ويئي
آهي. اميد ته قدردان حضرات وٽ هيءَ محنت قبول
پوندي. هاڻي اصل ڪتاب تحفـة الڪرام متعلق ٿورو
لکي، قارئين سان انهيءَ جو تعارف ڪرائڻ واجب آهي.
جيڪڏهن مخدوم محمد عاقل عرف مخدوم پير محمد کهڙن
(رياست خيرپور) واري جي لکيل تاريخ ”آئينـهء جهان
نما“ کان قطع نظر ڪجي (ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب هڪ شخص
جي هٿن ۾ آهي، جو ڪتاب ڏيڻ ته پري رهيو پر ڏيکارڻ
لاءِ به تيار ناهي) ته پوءِ سنڌ جي تاريخ تي فارسي
زبان ۾ لکيل، قديم ڪتابن مان ”تحفـة الڪرام“
بهترين ۽ آخرين ڪتاب آهي.
حقيقت ۾ مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي تحفـة الڪرام
لکي، سنڌ ۽ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي. جيڪڏهن
هيءُ ڪتاب نه هجي ها، ته اڄ سنڌ جي تاريخ جو ڪافي
حصو ضايع ٿي ويل هجي ها. هن ڪتاب ۾ نه فقط سنڌ جي
بادشاهن جي تاريخ ڏنل آهي، پر سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن
بلڪ جهنگن ۽ جبلن ۾، جيڪي درويش، مجذوب، صوفي،
خوشنويس، شاعر، سيد، قاضي، عالم ۽ فاضل رهندا هئا،
تن مان گهڻن جو ٿورو ڪي گهڻو احوال ڏاڍيءَ محنت
سان هٿ ڪري ڪتاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ لاءِ
پڙهندڙ کي گوياڪ هڪ شاهراه ڏيکاري اشارو ڪيو ويو
آهي ته ”داديم ترا ز گنج مقصود نشان - گر، نرسيم
تو شايد برسي“ .
هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ لکيل آهي. پهريان ٻه ڀاڱا
دنيا جي تاريخ سان تعلق رکن ٿا باقي ٽيون ڀاڱو سنڌ
لاءِ مخصوص آهي. جنهن ۾ مؤلف راءِ گهراڻي کان سنڌ
جي تاريخ شروع ڪري، پنهنجي وقت يعني ميان غلام
شاهه ڪلهوڙي جي احوال تي ختم ڪئي آهي. تنهن کان
پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قسمن جي بزرگن جو ذڪر آندو
ويو آهي. ڪتاب سنه 1180هه ۾ لکجڻ شروع ٿيو ۽ سنه
1181هه ۾ لکجي پورو ٿيو. ”تحفـة الڪرام“ جي حرفن
جو جيڪڏهن ابجد جي حساب موجب تعداد وٺبو، ته 1180
ٿيندو، جو ڪتاب جي شروع واري سال ڏانهن اشارو آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو سن 1304هه ۾ بمبئي مان
هڪ پڪي جلد ۾ ڇپجي شايع ٿيو هو. اهو ڇاپو هاڻي
ناياب آهي. صحت جي لحاظ کان به اهو ڇاپو نهايت غلط
۽ ردي آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا به ڪن ڪن خاص ماڻهن
وٽ موجود آهن، مگر اهي به تمام ناقص ۽ غلطين سان
ڀريل آهن.
مون تي جڏهن ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان تحفـة
الڪرام جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو ۽ مون
خدا تي توڪل رکي بسم الله ڪئي، تڏهن ڇاپي نسخي ۾،
جو عزيزم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان ترجمي لاءِ
عاريتاً مليو هوم، ايتريون، ته غلطيون ڏسڻ ۾ آيون،
جن جو ڪو حد حساب ڪونه هو. بلڪ ڪيتريون عبارتون،
ته منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيون. مان سنڌي ادبي
بورڊ جو مشڪور آهيان، جن هڪ ٺهراءُ پاس ڪري، هيءُ
موقعو ميسر ڪري ڏنو ته مان، بورڊ جي خرچ تي لاهور
وڃي، خود مصنف مير قانع جي هٿ اکرين لکيل نسخي
تان، جو سنڌين جي بد ذوقيءَ ۽ ناقدريءَ کان وڃي
لاهور پهتو آهي، ڇاپي نسخو ڀيٽي اچان. پڻ بورڊ،
انهيءَ نسخي جي مالڪ مولوي محمد شفيع، سابق
پرنسپال اورينٽل ڪاليج لاهور، سان لکپڙهه هلائي،
کيس انهيءَ لاءِ آماده ڪيو ويو، ته هو صاحب، اوتري
وقت لاءِ، پنهنجو ڪتاب پنجاب يونيورسٽيءَ جي
لئبريرين جي حوالي ڪندو، جيتري وقت لاءِ مون کي
انهيءَ ڪتاب جي ڏسڻ جي ضرورت هوندي. انهيءَ سڄي
معاملي طئي ٿيڻ کان پوءِ، مون لاهور وڃي، اتي 21
ڏينهن رهي، ڇاپي نسخي کي قلمي نسخي سان ڀيٽيو ۽
ڀيٽڻ تي ٻنهي نسخن ۾ تمام گهڻو فرق ڏسڻ ۾ آيو، جو
سمورو قلمبند ڪيو ويو. انهيءَ لحاظ سان موجوده
ترجمو خود مصنف جي دستخطي نسخي جو ترجمو آهي.
ترجمو پوري ڪرڻ کان پوءِ اسان کي مرحوم مير نور
محمد خان حيدرآباديءَ جي ڪتبخاني مان، عزيزم ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي معرفت تحفـة الڪرام جو خطي
نسخو مليو، هي نسخو 12 محرم 1233هه ۾ مير مراد علي
خان جي حڪم سان لکيو ويو هو. اگرچہ هن ۾ به صحت جو
التزام تمام گهٽ آهي، تاهم ٻين نسخن جي مقابلي ۾
چڱو آهي. هيءُ نسخو مصنف واري نسخي کان ڪن جاين ۾
مختلف آهي. اسان کي جيڪڏهن ڪنهن اختلاف ۾ ٿورو
گهڻو وزن ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته حاشي ۾ نسخي ”ن“ جي
عنوان سان اسان اهو اختلاف لکي ڇڏيو آهي.
مصنف جي دستخطي نسخي مان هيءَ ڳالهه چڱيءَ طرح
واضح ٿئي ٿي، ته هن اگرچہ تحفـة الڪرام، سن 1181هه
۾ پورو ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪتاب جا قلمي نسخا به سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا هئا. پر تنهن هوندي به جڏهن
جڏهن کيس ڪا نئين ڳالهه معلوم ٿيندي ويئي، ته اها
پنهنجي قلمي نسخي ۾ درج ڪندو ٿي ويو، ۽ جيڪي
ڳالهيون اڳتي هلي سندس ئي تحقيق موجب غلط ثابت
ٿيون آهن، تن کي ڊاهي ٿي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ڪتاب
جي اصلاح ۽ محواثبات جو سلسلو سندس وفات سن
(1203هه) تائين جاري رهيو. شايد اهوئي سبب آهي، جو
تحفـة الڪرام جا، جيڪي به ڇاپي يا خطي نسخا اسان
جي نظر مان گذريا آهن، تن ۾ يڪساني ۽ هڪ جهڙائي
بلڪل ڪانه آهي.
اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ته مصنف ”تحفـة
الڪرام“ ٽن ڀاڱن يا جـُـلدن ۾ لکيو. هيءُ ترجمو،
فقط ڪتاب جي ٽئين جلد جو آهي، جنهن جو تعلق سنڌ
سان آهي. مناسب آهي، ته ناظرين کي پڻ تحفـة الڪرام
جي پهرين ٻن جلدن جي باغ جو سرسري سير ڪرايون، ته
جيئن هو سڄي ڪتاب جي اهميت ۽ گوناگونيءَ جو اندازو
ڪري سگهن ۽ ڏسن، ته ناخلف سنڌين جي غفلت کان، اسان
جي بزرگن جون ڪهڙيون نه عجيب و غريب محنتون ضايع
ٿي ويون يا ڌارين جي هٿن ۾ پهچي ويون.
پهريون جلد: هن جلد ۾ هڪ مقدمو ۽ ٽي دفتر آهن.
مقدمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي هر هڪ حصي جو نالو
”ذڪر“ (بيان) رکيو ويو آهي. ”ذڪر“ ۾ مخلوقات جي
ابتدا ۽ ٻئي ”ذڪر“ ۾ جنن جي پيدائش جو بيان آهي.
ٽن دفترن مان پهرئين دفتر جا ٽي ڀاڱا آهن. هر هڪ
ڀاڱي کي ”طبقي“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي.
پهرئين طبقي ۾ بيبين جو بيان آهي. ٻئي طبقي ۾
اسلام کان اڳ ٿي گذريل بادشاهن جو ۽ ٽئين طبقي ۾
انهيءَ وقت جي حڪيمن، زاهدن ۽ مشهور شاعرن جو ذڪر
آهي.
ٻئي دفتر کي پنجن حـصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر هڪ
کي ”مجلس“ نالو ڏنو ويو آهي. پهرينءَ ”مجلس“ ۾
حضور پاڪ عليه الصلواة والسلام جن جي پيدائش جي
ابتدا، ٻيءَ ”مجلس“ ۾ سندن حالات، ٽينءَ
”مجلس“ ۾ خلفاءِ راشدين رضي الله عنهم جو احوال،
چوٿينءَ ”مجلس“ ۾ امامن پاڪن جو ذڪر ۽ پنجينءَ
”مجلس“ ۾ اهل بيت ڪرام جي مشهور مشهور هستين جو
بيان آهي. ٽيون دفتر ٽن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيل آهي. هر
هڪ ڀاڱي تي ”طَّبقي“ جو نالو رکيو ويو آهي. انهن
مان پهرين طبقي کي وري ٽي ڀاڱا ڪري هر هڪ ڀاڱي کي
”مقصد“ سڏيو ويو آهي. پهرين ”مقصد“ ۾ بني اميه
گهراڻي جي خليفن جو بيان آهي. ٻئي ”مقصد“ ۾ ٽي
مقالا آهن. پهريون مقالو خاص بني اميه گهراڻي جي
انهن اميرن جي بيان ۾ آهي، جيڪي عراق عرب ۽ عراق
عجم جي حڪومت تي سرفراز هئا. ٻئي مقالي ۾ بني اميه
جي خراسان وارن اميرن ۽ ٽئين ۾ بني اميه گهراڻي جي
ڪن مکيه ماڻهن جو احوال آهي. ٽئين ”مقصد“ ۾ خاص
انهن ماڻهن جو احوال ڏنو ويو آهي، جن بني اميه جي
حڪومت واري دور ۾ بغاوتون ڪيون.
ٻيو طبقو پنجن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر هڪ حصي کي
”مذڪور“ لقب ڏنو ويو آهي. پهرئين ”مذڪور“ ۾
عباسي خليفن جو ذڪر آهي. ٻئي ۾ انهن عباسي شخصيتن
جو بيان آهي، جن مصر ۾ خلافت جو لقب لڌو. ٽئين ۾
عباسين جي اميرن، وزيرن ۽ سندن نامي گرامي ماڻهن
جو احوال ڏنو ويو آهي. چوٿين ۾، جن ماڻهن عباسي
دور ۾ بغاوتون ڪيون، تن جو بيان “ پنجين ۾
قرمطين جو ذڪر آهي.
ٽئين طبقي جا حصا ڪيا ويا آهن. هر هڪ حـصي جو نالو
رکيو ويو آهي ”اساس“ . پهرين ”اساس“ ۾ انهن
مسلمان بادشاهن جو احوال آهي، جيڪي بني عباس
گهراڻي جي خلافت وقت دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي بادشاهه
هئا. اهڙن يارهن گهراڻن جو احوال ڏنو ويو آهي.
پهريون طاهري گهراڻو، ٻيو صفاري گهراڻو، ٽيون
ساماني گهراڻو، چوٿون غزنوي گهراڻو، پنجون غوري
گهراڻو، ڇهون آل بويه يعني ديلمي گهراڻو، ستون
سلجوقي گهراڻو، اٺون خوارزمشاهي گهراڻو، نائون
اتابڪ گهراڻو، ڏهون اسماعيلي گهراڻو ۽ يارهون
ڪرمان جو فراختائي گهراڻو.
ٻئي اساس ۾ فقط انهن شاهي گهراڻن جو احوال آهي، جن
روم تي حڪومت ڪئي. اهڙا اُٺ گهراڻا ٻڌايا ويا آهن:
پهريون قيصر گهراڻو، ٻيو سلجوقي گهراڻو، ٽيون
دانشمندي گهراڻو، چوٿون سليقي بادشاهن جو گهراڻو،
پنجون منڪو چڪي اميرن جو گهراڻو، ڇهون قرامان
گهراڻو، ستون ذوالقدر گهراڻو، ۽ اٺون عثماني
بادشاهن جو گهراڻو.
ٽئين اساس ۾ حرمين شريفين - زادهما الله شرفا و
تعظيما - جي شريفين جو ذڪر آهي. چوٿين اساس ۾
ترڪستان جي خانن يعني چنگيزخان ۽ سندس اولاد جو
بيان آهي. پنجين اساس ۾، ابوسعيد خان بهادر کان
پوءِ، جيڪي ايران ۾ ننڍڙا بادشاهه ٿيا، تن جو
احوال آهي ۽ اهڙا پنج گهراڻا هئا. ڇهين اساس ۾
قراقرونيلو گهراڻي جي بادشاهن جو احوال ڏنو ويو
آهي. ستين اساس ۾ دياربڪر (روسي ترڪستان) جي
اقاقونيلو بادشاهن جو ذڪر آهي. اٺين اساس ۾ ايران
جي صفوي گهراڻي جو ۽ نائين اساس ۾ خاص صاحب قرآن
امير تيمور گورگان ۽ سندس اولاد جو احوال آهي، جن
ايران ۽ توران تي حڪومت هلائي.
ٻيو جلد: هن جلد ۾ ڪل ست مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي.
ستن مقالن ۾ ستن ئي ولايتن جو ترتيب وار ذڪر، انهن
جي مختصر جاگرافي ۽ اتي جي بادشاهن، اميرن، وزيرن،
خداوارن ولين، عالمن، ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جو
احوال ڏنل آهي.
خاتمي کي ٻن حصن ۾ ورهائي، هر هڪ حـصي کي ”نمود“
نالو ڏنو ويو آهي. پهرئين نمود ۾ مشهور ۽ مکيه
مکيه شهرن جي وچ ۾ مفاصلو ڏيکاريل آهي. ٻئي نمود ۾
انهن ملڪن جو مختصر بيان آهي جيڪي ستن ولايتن جي
احاطي کان ٻاهر آهن.
هن فهرست مان صاف ظاهر ٿيو، ته هيءُ جو بمبئي واري
ڇاپي ۾ فقط احمدآباد، گجرات ۽ اتي جي حاڪمن ۽
بزرگن جو ٿورو بيان ڏيئي، انهيءَ کي تحفـة الڪرام
جو پهريون جلد سڏيو ويو آهي، انهيءَ سان تحفـة
الڪرام جي حقيقي پهرئين جلد جو ڪو به واسطو ڪونه
آهي. حقيقت ۾ پهريون جلد هڪ ضخيم ڪتاب آهي، جو
فلسڪيپ پيپر کان به وڏيءَ سائيز تي، نهايت گنجان ۽
گهاٽن اکرن ۾ 320 صفحن تي شامل آهي. اسان لاهور ۾
رهڻ وارن ڏينهن ۾ ڪتاب جي پهرئين ۽ پوئين صفحي جي
عڪسي ڪاپي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنجاب يونيورسٽيءَ جي
لئبريرين، روٽو گراف مشين تي اهڙي عڪسي تصوير وٺي
موڪلڻ جو وعدو به ڪيو مگر افسوس جو هن صاحب اهو
وعدو پورو نه ڪيو.
آخر ۾ ناظرين حـضرات کان صرف هيءَ استدعا آهي، ته
جيڪڏهن کين منهنجي هيءَ ناچيز محنت پسند اچي، ته
مون عيبدار کي پنهنجي خير جي دعا کان نه وسارين.
وآخردعوانا ان الحمد لله رب العالمين.
مخدوم امير احمد، عفي عنه
پرنسيپال، اورينٽل ڪاليج،
حيدرآباد، سنڌ
14- نومبر 1955ع
مصنف مير علي شير قانع جي سوانح حيات
(از - سيد حسام الدين راشدي)
خانداني پس منظر
مير علي شير پنهنجو نسبي سلسلو هن طرح بيان ڪيو
آهي: مير علي شير، بن سيد عزت الله، بن سيد محمد
ڪاظم، بن سيد محمد مقيم، بن سيد ظهيرالدين ثاني،
بن سيد شڪر الله ثاني، بن سيد ظهير الدين والاسلام
المعروف بہ سيد جادم اول، بن سيد قاضي شڪر الله
شيرازي، بن سيد وجهه الدين، بن سيد نعمت الله، بن
سيد عرب شاهه، بن امير سيد نسيم الدين محمد
المعروف بہ مير ميرڪ شاهه، بن امير سيد عطاءُ الله
جمال الدين محدث، بن امير سيد فضل الله المحدث
الحسيني الدشتڪي*
الشيرازي.
مير صاحب پنهنجن مٿين بزرگن جو ذڪر ”تحفـة
الڪرام“ جي ٻئي جلد ۽ ”مقالات الشعرء“ ۾،
پنهنجي سوانح جي ضمن ۾ ڪيو آهي. ”تحفـة الڪرام“
جي ٽئين جلد ۾، قاضي سيد شڪر الله اول کان وٺي پاڻ
تائين، خاندان جي سنڌي افراد جو احوال لکيو اٿس.
پنهنجن ايراني بزرگن جي سلسلي ۾، مير صاحب جا ماخذ
تاريخ ”حبيب السير“ ، ”هفت اقليم“ ۽ ”مجالس
المومنين“ آهن، جن تان هن صاحب پنهنجا خانداني
حالات نقل ڪيا آهن.
مناسب آهي، ته مير صاحب جي سوانح حيات سندس بزرگن
جي مختصر احوالن سان شروع ڪئي وڃي، تاڪ پڙهندڙ مير
صاحب جي حالات پڙهڻ کان اڳ، سندس خانوادي جو علمي
پس منظر ذهن نشين ڪن.
(1) السيد الجليل امير اصيل الدين عبدالله (بن سيد
عبدالرحمان، بن سيد عبداللطيف، بن سيد جلال الدين
يحييٰ محمد الحسيني) تفسير، حديث، ۽ فن انشا جو
جيد عالم ۽ پنهنجي زماني جو فاضل ترين بزرگ هو.
”حبيب السير“ جي مصنف، جنهن ادب ۽ احترام سان هن
بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي، اهو سندس ئي لفظن ۾ پڙهڻ جي
لائق آهي.
”بصفت اصالت ووفور جلالت ونباهت شان، وقدم دودمان
موصوف و معروف بود، وبوفور زهد و تقويٰ و دينداري
و غايت ديانت و پرهيزگاري، از اڪثر علما و سادات
بني آدم ممتاز و مستثنيٰ مينمود. زبان گهر افشانش
مفسر حقايق صحف آسماني، وبيان بلاغت نشانش مبين
دقايق کتب سبحاني، باطن خجسة ميامنش مظهر آثار
ولايت و رشاد، وخاطر فرخند. مآثرش مهبط انوار
هدايت و ارشاد، و بي شائبه مدح گستري آن مهر شرعيت
پروري، در علم تفسير و حديث و انشا و تاليف شبيہ
ونظير نداشت.“
*
سيد صاحب، سلطان ابوسعيد جي زماني (855-872هه) ۾،
شيراز کان لڏي هرات ۾ اچي مقيم ٿيو، ۽ بادشاهه جي
تحريڪ تي هفتي ۾ هڪ دفعو مدرسهء گوهرشاد آغا ۾ وعظ
فرمائيندو هو. اهڙيءَ طرح، هر سال ربيع الاول جي
مهيني ۾ ميلاد جي مجلس منعقد ڪري، حضور جن جي سيرت
پاڪ اهڙي دلنشين پيرايي ۾ بيان فرمائيندو هو، جو
سامعين جي تاثر جي ڪيفيت ڏسڻ وٽان ٿيندي هئيv
. سندس تصنيفات ۾ هيٺين ٻن ڪتابن شهرت دوام حاصل
ڪئي:
(1) ”شرح درج الدرر“ (بر ”سير سنيہ خير البشر“
)
(2) ”ڪتاب مزارات هرات.“
پوئين ڪتاب لاءِ صاحب ”حبيب السير“ جو قول آهي
ته:
”درميان افاضل اقطار جهان مشهور است، و صحت روايت
و بلاغت عبارت آن نسخه بر السنہ وافواه خلايق
مذڪور.“
سيد صاحب جو انتقال، سلطان بايقرا جي دور ۾، 17
جمادي الاخرvv
سن803هه ۾ ٿيو. سلطان حسين سندس اولاد لاءِ
جاگيرون مقرر ڪيون، مير علي شير سندس ٻن فرزندن جو
نالو کنيو آهي: سيد صفي الدين محمد ۽ سيد برهان
الدين محمد.
(2) سيد الحڪما و المدققين امير صدر الدين محمد
شيرازي ( ”ابوالمعالي“ ڪنيت، ”صدر العلما“ ۽
”صدر الحقيقة“ لقب): سندس والد جو نالو امير غياث
الدين منصور هو، جنهن لاءِ حبيب السير جي مصنف جو
قول آهي ته:
”در سلڪ سادات عالي نسب مملڪت فارس انتظام داشت،
ومرجع اشراف داعيان بوده، پيوستہ نقش خير خواهي بر
الواح خواطر آدميان مي نگاشت.“
امير صدر الدين، مولانا قوام الدين گلباريءَ وٽ
علوم جي تحصيل ڪئي*.
جنهن کان پوءِ شيراز ۾ هڪ عظيم الشان مدرسو
”مدرسهء منصوريه“ ٺهرائي، ان ۾ درس جو سلسلو شروع
ڪيائين. ”حبيب السير“ ۾ آهي ته:
”صفت بالا عزاز بنشر علوم محسوس و مفهوم قيام و
اقدام مينمود، و بجودت طبع و دقت ذهن از جميع
علماي متبحرين و فضلاي متاخرين ممتاز و مستشنيٰ
بود.“
v
انهيءَ مدرسي ۾ هزارن طالبعلمن، ۽ ذوق رکندڙ سون
ٻين صاحبن، علم حاصل ڪري، دين ۽ دنيا ۾ سرخرو ئي
حاصل ڪئي.
”مجالس المؤمنين“ جي صاحب جو انهيءَ بزرگ لاءِ
قول آهي، ته ”حديث جو جيد عالم ۽ حافظ هو. علوم
حڪميه ۽ شمسيه ۾ دنيا جي عظيم ترين حڪما جي درجي
تائين پهتل هو. جن بزرگن کان پاڻ تعليم ۽ فيض
پرايائين، سي سڀ پنهنجي دور جا بينظير عالم هئا،
جن جي استادن جا سلسلا بوعلي سينا، ملا قطب الدين،
علامه شيرازي، سلطان المحققين خواجه نصير الدين
طوسيءَ، ۽ امامِ غزاليءَ، امام فخرالدين رازيءَ ۽
علامه شيخ جمال الدين حسن جهڙن بزرگن تائين پهتا
ٿي.“vv
مولانا جلال الدين دوانيءَ ۽ سيد صاحب جي درميان
علمي نـُـڪتن تي اختلاف ٿيدا رهندا هئا، ليڪن منهن
سامهون بحث ڪرڻ جي هام محقق دوانيءَ ڪڏهن نه ڀري.
البت اختلافي مسئلن تي، هن صاحب ڪيترا رسالا لکيا،
جن مان ”حواشي تجريد“ ۽ ”حواشي مطالع“ مشهور
آهن.vvv
اهڙيءَ طرح وقت جي ٻين عالمن به سيد صاحب سان ڪڏهن
مناظرو ڪونه ڪيو.
”حبيب السير“ هيٺيان ڪتاب، سندس تصنيف ڪيل لکيا
آهن:
(1) ”رساله تحقيق علم در اثبات واجب“ ، (2)
”حاشيه شرح شمسيه“ ، (3) ”حاشيه مطالع“ ۽ (4)
”حاشيه تجريد“
مير قانع انهن چئن ڪتابن سان گڏ هيٺين تصنيفات جو
به ذڪر ڪيو آهي:*
(5) ”حاشيه بر ’اوائل شرح مختصر اصول-ابن
حاجب‘“، (6) ”حاشيه بر ڪشاف“ (7) ”رساله در حل
مغالطه“ ، (8) ”رساله در علم فلاحت“ ، (9)
”رساله در علم معرفت قوس قزح“ ، ۽ (10) ”تعليقات
بر فقہ شامي“ .
سيد صاحب جو تولد 2 شعبان 828هه اڱاري ڏينهن ٿيو،
۽ 12 رمضان 903هه ۾ جمعي ڏينهن کيس ديار بڪر جي
ترڪمانن هٿان شهادت نصيب ٿي.v
(3) خاتم الحڪما امير غياث الدين ثاني: هيءُ بزرگ
امير صدر الدين جو صاحبزادو هو. سنه900هه ۾ سندس
ولادت ٿي. پنهنجي والد محترم جي خدمت ۾ رهي تحصيل
علوم ڪيائين، ۽ ويهن ورهين جي ڄمار ۾ فارغ ٿي، درس
جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس علمي مرتبي ۽ شان جو
ذڪر ڪندي، صاحب ”حبيب السير“ هيٺينءَ طرح سندس
تعريف ڪري ٿو:
”آنجناب حالا بوفور علم و دانش در اطراف واکناف
عالم بغايت مشهور است، و ماهرتش در فنون حکمي و
رياضي ضرب المثل جمهور علماي نزديک و دور“ vv
سيد صاحب جي رياض دانيءَ ۽ طبي صلاحيتن جو ذڪر
ڪندي، نور الله شوستري لکي ٿو، ته ’ارسطو ۽
افلاطون بلڪ سڄي دنيا جهان جا حڪيم ۽ طبيب جيڪڏهن
سندس دور ۾ هجن ها، ته هوند سندس معتقد ۽ نيازمند
بڻجي وڃن ها!‘
”ارسطو و افلاطون بلکه حکماي دهر و قرون اگر در
زمان آن قبلـهء اهل ايقان بودندي، مفاخرت و مباهات
در سلک مستفيدان و ملازمان مجلس عاليش نمودندي“
vvv
”حبيب السير“ جو مصنف، سيد موصوف جو معاصر ۽
واقف هو. نورالله شوستريءَ جي قول کي جيڪڏهن
مبالغو سمجهيو وڃي، تڏهن به ”حبيب السير“ جي
مصنف جي راءِ، سيد صاحب جي علمي بلنديءَ ۽ برتريءَ
لاءِ ڪافي وزندار آهي.
سيد صاحب ڪجهه وقت مصر ۾ مقيم ٿي، صدارت جو بلند
مرتبو ماڻيو. عراق کان جڏهن مجتهد الزمان شيخ علي
بن عبدالعالي مصر آيو، ان وقت بادشاهه جي سامهون،
عدم تقليد جي مسئلي تي شيخ ۽ سيد صاحب جو مناظرو
ٿيو. بادشاهه ڄاڻي واڻي مجتهد جو طرف ورتو، جنهن
ڪري سيد صاحب ناراض ٿي، صدارت جي عهدي تان استعفا
ڏئي شيراز هليو آيو.
”حبيب السير“ جي تصنيف وقت سيد صاحب پنهنجي والد
واري مدرسه منصوريه ۾ درس ۾ مشغول هو، ۽ بقول
مصنف:
”به افاده قيام مي نمايد، وگوش و هوش طلبه علوم
را از نتائج درياي طبع نقاد خود مي آرايد.“
48 ورهين جي جوان عمر ۾، سيد صاحب 948هه ۾ انتقال
ڪيو. ”حبيب السير“ جي مصنف سندس تصنيفات جو ذڪر
ڪونه ڪيو آهي، البته مير قانع ”مجالس المؤمنين“
تان سندس انهن ٽيهن ڪتابن جا نالا نقل ڪيا آهن*،
جيڪي نورالله شوستريءَ پاڻ ڏٺا ۽ پڙهيا هئا. هن
ڪتاب جو مصنف وڌيڪ لکي ٿو، ته ’انهن کان سواءِ به
سيد صاحب جا تصنيف ڪيل ڪتاب ڪيترا آهن، جيڪي سندس
نگاهه تائين پهچي نه سگهيا.‘
v
مير صاحب جي شعر سخن سان به دلچسپي هئي، سندن
هيٺيون شعر مثال طور ”مجالس المؤمنين“ ۾ نقل ٿيل
آهي:
هر کجا بي هنري هست بدومي بخشند،
بـيـشـتــر زانــکه ز ايـــام تــمـنـــا دارد.
مير علي شير سندس ٻن فرزندن جا نالا ڏنا آهن: (1)
مير شرف الدين علي، (2) مير صدر الدين محمد.
(4) السيد الاجل امير جمال الدين عطا الله (بن سيد
فـضل الله المحدث): سيد صاحب، مير اصيل الدين جو
ڀائٽيو ۽ مير علي شير جي ڏهين پيڙهيءَ ۾ ڏاڏو هو.
”حبيب السير“ جو صاحب، حسب دستور هن بزرگ جي
تعريف ۽ توصيف ۾ به رطب اللسان نظر اچي ٿو. هڪ
جاءِ تي چوي ٿو:
”آنحضرت، مانند عم بزرگوار خويش امير سيد اصيل
الدين، در علم حديث بي نظير آفاق گشة اند، ودر
ساير اقسام علوم دينيہ و انواع فنون يقينہ از
محدثان باستحقاق در گذشة اند. “
ٻيءَ جاءِ تي جنهن طريقي سان سندس تعريف ڪري ٿو،
سا پڻ سندس ئي عبارت ۾ پڙهڻ جي لائق آهي:
”سدهء سنيہ اش، ملاذ طوايف اکابر و اشراف انام
است، و عتبہ عليہ اش مجمع اعاظم اولاد امجاد خير
الانام، لوح ضمير مهز تنويرش مـُـطرح اشعہء انوار
اسرار کتب الاهي وصحيفهء خاطر عالي ماثرش مهبط
لوامع حقايق اخبار حضرت رسالت پناهي، کنجينهء سينه
اش بجواهر زواهر علوم مشحون، و عقود در کلمات درّر
مخزن باطن صيا خجسة مخزون، نير شمايل بنواز مشارق
جمال خجسة ما ابش طالع و شعشہء آثار فضائل مرتضوي
از مطالع خصايص علم و کمالش لامع، راي عالم آرائش
کشاف اسرار معالم تنزيل، و طبع مشکل کشايش حلال
معضلات موافق تاويل.“
زبانش مظهر اسرار تحقيق
ز توضيح بيانش گشة روشن
جـمــال ديــن مــزيــن ز اهـتـمـامــــش |
ضميرش مظهر انوار توفيق
بر اهل علم هر مشکل زهر فن
عـلـــوم شـــرح واضـــح از کـلامـش* |
سيد صاحب جو مشغلو، پنهنجي بزرگن وانگر، درس تدريس
هو. مدرسہء سلطانيه هرات جي انهيءَ گنبذ ۾، جنهن ۾
پوءِ سلطان حسين بايقرا دفن ٿيو، سندس مدرسو هو.
ڪجهه سالن بعد وري خانقاهه اخلاصيه ۾ درس ڏيندو
رهيو. هفتي ۾ هڪ دفعو، پنهنجي چاچي امير اصيل
الدين جي مسند تي، جامع مسجد هرات ۾ وعظ “ نصيحت
جي به مجلس ڪندو هو.
صاحب ”حبيب السير“ (880-941هه) جو قول آهي، ته
’هن وقت پاڻ گوشي نشينيءَ جي زندگي گذاري ٿو. وعظ
جي مجلس به بند ڪري ڇڏي اٿائين ۽ سندس سمورو وقت
اطاعت ۽ عبادت الاهيءَ ۾ گذري ٿو.‘
”سلاطين ايام، و حکام اسلام، باقدام ارادت و
اعتقاد و ملازمت آنحضرت را بر ذمه همت واجب
ميداند، و در ترفيہ حال و فراغ بال خدام عالي،
مقامش طريقہ اشفاق مبذول ميدارند، بر آنچہ
ميتوانند.“
”حبيب السير “ جي مصنف سندس هڪ تصنيف- ”روضة
الاحباب في سيرة النبي والال و الاصحاب “ جو ذڪر
ڪيو آهي، جنهن لاءِ چوي ٿو، ته سڄي آفاق ۾ مشهور
آهي ۽ انهيءَ تصنيف جو مثال ملڻ مشڪل آهي:
”در اقطء آفاق اشتهار تمام دارد، و بي شائبـة
شبته عقل در اک نظير آن کتاب افادت مآب را در
آئينـہء خيال امر محال مي شمارد. “
”تحفـة الڪرام “ ۾ سندس هيٺين ٻن تصنيفن جو به
ذڪر آهي:
”تحفـة الاحبار “ ۽ ”رياض السير “
*
سندس انتقال جو سال معلوم ٿي نه سگهيو، جنهن وقت
”حبيب السير “ تصنيف ٿي رهيو هو، ان وقت پاڻ گوشي
نشينيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو.v
(5) امير نسيم الدين محمد معروف به ميرڪ شاهه: مير
جمال الدين جو فرزند رشيد، ۽ پنهنجي والد محترم
جهڙو ئي علم ۽ عمل ۾ يگانو هو. حديث ۾ خاص طرح کيس
درڪ هو، ”حبيب السير “ جو قول آهي ته:
“ در تڪميل علوم و فنون سيما علم حديث يگانهء
زمانه اند. “
پنهنجي والد بزرگوار جي مسند تي مدرسہء سلطانيه ۾
درس ڏيندو هو، ۽ هزارين طالب علم وٽانئس فيضياب ۽
بهره مند ٿي ويا.vv
(6) سيد عرب شاهه، (7) سيد نعمت الله، (8) سيد
وجهه الدين: سيد عرب شاهه، امير نسيم الدين جو
فرزند، ۽ ان جو فرزند سيد نعمت الله ۽ ان جو
صاحبزادو سيد وجهه الدين هو. اهي ٽيئي بزرگ به
هرات ۽ شيراز ۾ پنهنجي بزرگن وانگر علوم جي نشر و
اشاعت ۾ زندگي بسر ڪندا رهيا.
(9) قاضي سيد شڪر الله شيرازي (ولد سيد وجهه
الدين): اهو بزرگ ترين انسان هرات کان قنڌار آيو،
۽ اتان سيد شاهه مبين، سيد ڪمال ۽ سيد عبدالله سان
سنگتي ٿي، سال 927هه ۾ ٺٽي پهتو.
اهي چارئي بزرگ علم ۽ ايقان، دين ۽ ايمان جا روشن
چراغ هئا، جن نه فقط ٺٽي جي شهر کي، بلڪ سموريءَ
سنڌ کي پنهنجي عمل ۽ علم جي ضيابارين سان منور ڪري
ڇڏيو. اڄ صديون گذري ويون، ليڪن سندس مقابر اڄ به
موڙهل ۽ منجهيل انسانن جي حاجت روائيءَ ۽ مشڪل
ڪشائيءَ لاءِ مرجع ۽ مرڪز آهن.*
سيد شڪر الله ئي اهو بزرگ آهي، جنهن جي نسل مان
ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو سلسلو هليو، ۽ اهائي
اها موتين جي لڙهي آهي، جنهن جو هڪ در شاهوار، سنڌ
جو لافاني مورخ، بيمثل تذڪره نگار ۽ بي بدل شاعر،
مير علي شير ”قانع “ هو.
سيد صاحب جا مراسم شاهه بيگ ارغون جي گهراڻي سان
غالباً هرات ۾ پيدا ٿيا، ۽ جڏهن بايقرا جي وفات
بعد هرات جي محفل درهم برهم ٿي، ۽ شيبانيءَ شاهه
اسماعيل صفويءَ ۽ بابر جي معرڪه آرائين ملڪ جو اهو
حصو تيغ زني ڪندي ڪندي تاراج ۽ تهه و بالا ڪري
ڇڏيو، تڏهن انهيءَ تعلق سبب سيد صاحب شاهه بيگ وٽ
قنڌار آيو، ۽ جڏهن سنڌ شاهه بيگ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾
ئي مستقل بـُـود و باش اختيار ڪرڻ جو فيصلو
ڪيائين، تڏهن سيد صاحب به پنهنجي ٽنهي سنگتين ۽
پنهنجي فرزند ارجمند سيد مير ظهير الدين سان گڏجي،
ارغونن جي دار السلطنت ٺٽي ۾ اچي قيام پذير ٿيو.
شاهه بيگ ته چند مهينن بعد گذاري ويو، ليڪن سندن
جانشين شاهه حسين جو تعلق ۽ اعتقاد ساڳيءَ طرح سيد
صاحب سان رهيو. هن سيد صاحب جي علم، فضل، ديني
عظمت ۽ بزرگيءَ سبب کيس پنهنجي حڪومت جو سڀ کان
پهريون شيخ الاسلام بڻائي سڄيءَ سنڌ جو منصب قضا
سندس سپرد ڪيو. هر چند سيد صاحب انهيءَ منصب لاءِ
مناسب ۽ لائق هو، بلڪ جيڪڏهن ائين چئجي، ته سيد
صاحب جي ذات سبب انهيءَ عهدي جو خود شان ۽ مان
وڌيو، ته بيجا نه ٿيندو، ليڪن منصب ۽ ان جي فرائض
جون پابنديون سيد صاحب جي افتاد طبع جي خلاف هيون،
تنهن ڪري ڪجهه عرصي کان پوءِ سيد صاحب علحدگي
اختيار ڪري، رياضت ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ شروع ڪئي*.
سيد صاحب جنهن محلي ۾ ٺٽي اندر اچي قيام ڪيو، اهو
ان وقت انهن انصارن جو محلو هو، جيڪي شيخ عيسيٰ
لنگوٽيءَ سان گڏجي برهانپور مان ٺٽي آيا هئا. سيد
صاحب پنهنجي فرزند سيد مير ظهير الدين ولاسلام
”معروف به جادم“ جي شادي انهن انصارن مان ڪرائي،
جنهن مان گويا ٺٽي جي شڪر الاهي ساداتن جو نسل
نروار ٿيو. انصارن جي انهي قبيلي جو اڳتي هلي نسل
ختم ٿي ويو ۽ محلي جو نالو بدلجي شڪر الاهي ساداتن
جي نالي تي مشهور ٿي ويو. اڄ تائين انهيءَ گهراڻي
جي پسماندن جو انهيءَ ئي محلي ۾ قيام آهي.
سيد ظهير الدين جادم لاءِ مير علي شير لکي ٿو، ته
”درس تدريس سندس ظاهري مشغلو هو، ليڪن باطني طرح
فقيري ۽ سلوڪ سان لئون لڳل هئيس“ .
”ظاهرش بتقويٰ و تشرع و تدريس، و باطن بسلوڪ راه
فقر وسبيل سنت اجداد مصروف بود.“
v
سيد ظهير الدين ٻه فرزند يادگار ڇڏيا: هڪ سيد شڪر
الله ثاني ۽ ٻيو سيد عبدالرحمان. مير علي شير
قانع، سيد ظهير الدين جي وڏي فرزند سيد شڪر الله
ثانيءَ جي اولاد مان آهي. جهڙيءَ طرح ابتدا ۾ اسان
شجرهء نسب ۾ ڄاڻائي آيا آهيون.
مير علي شير ”قانع “
ولادت: مير عزت الله بن سيد محمد ڪاظم، بن سيد
محمد مقيم، بن سيد ظهير الدين ثاني، بن سيد شڪر
الله ثانيءَ، کي ڇهه پٽ ٿيا: سيد فخر الدين، سيد
يار محمد، سيد محمد امين، سيد محمد صلاح، سيد مير
ضياءُ الدين ”ضيا“ ، ۽ مير علي شير ”قانع“ . مير
علي شير 1140هه ۾ اکيون کوليون. ”خلق انسانا من
السلالہ“ مان اهو سال برآمد ٿئي ٿو.
اهو زمانو، ميان نور محمد جي حڪومت جو هو، کيس
پنهنجي والد ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مسند تي ويٺي
پورا ڏهه ورهيه ٿيا هئا، جو مير صاحب ڄائو.
هندستان جي مغل سلطنت جو شيرازو، عالمگير جي وفات
کان پوءِ، ڪثير التعداد شاهزادن جي باهمي خون
خرابيءَ ۽ هڪ ٻئي سان جنگ و جدل منتشر ڪري ڇڏيو
هو، جنهن ڪري مرڪزي حڪومت جو ڪوبه وقار باقي ڪونه
بچيو هو، ۽ هندستان جي متحد سلطنت ٽڪرا ٽڪرا ٿي،
مختلف خودمختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪي هئي.
سنڌ جو به تعلق تقريباً ڏيڍ سؤ سالن کان دهليءَ جي
مغليه مرڪز سان هو، تنهن ڪري هتي جون حالتون به
ٻارهين صديءَ جي شروع کان ئي بدلجي چڪيون هيون.
سنڌ تي دهليءَ کان ايندڙ گورنر، مرڪزي بادشاهت جي
روزانه تبديلين سبب، پنهنجي قوت ۽ اقتدار، جنهن جي
آڌار تي سنڌ سندن قبضي ۾ رهندي ٿي آئي، وڃائي ويٺا
هئا، ۽ نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ ۾ مرڪز کان آزاد
ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي. ڪلهوڙن جي هڪ مقامي خاندان،
جنهن کي نه فقط زمينداري زور ۽ قبيلي جي قوت پٺيان
هئي، بلڪ پيريءَ ۽ روحاني رهبريءَ سبب به سڄيءَ
سنڌ تي تسلط حاصل هو. آزاديءَ جي انهيءَ تحريڪ ۾
ڀلئون ڀل حـصو ورتو.
مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ ۽ انتظامي ابتريءَ جو فائدو
وٺندي، سڀ کان پهريون ميان يار محمد اپر سنڌ جو
پاسو مرڪز کان سالياني ڍل تي وٺي، پنهنجي قبضي ۾
ڪيو، جنهن کان پوءِ ستت ئي سندس جاءِ نشين، ميان
نور محمد، لوور سنڌ به ساڳين شرطن تي حاصل ڪري،
ملڪي آزاديءَ واري خواب کي تعبير بخشيو.
مير علي شير يارنهن ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن
1151هه ۾ ميان نور محمد اهو تاريخي قدم کنيو، جنهن
کان پوءِ مغلن جو براه راست تعلق سنڌ سان قطع ٿي
ويو.
آزاديءَ جي ٻئي سال تي سنڌ کي هڪ اوچتي آفت سان
سابقو پيو، ۽ هندستان جي مغل سلطنت تي، ته گويا
ڪاري قيام ٽٽي پئي. محمد شاهه بادشاهه، جنهن کي
تاريخ ۾ عام طور ”رنگيلي “ جي مناسب ۽ موزون عرف
سان ياد ڪيو وڃي ٿو، شاهه جهان واري تخت طائوس تي
جلوه گر هو. ايران جو نودولت، جابر ۽ قهار حڪمران
نادر شاهه وڏو ڪٽڪ ڪاهي اچي دهليءَ ۾ پهتو.
بادشاهه بي طاقت، رياستون سڀ جداجدا، لشڪر حفاظت
لاءِ ڪونه، مقابلي جي طاقت، نه بادشاهه ۾ نه ملڪ
۾، دهليءَ کي نادر شاهه نه فقط لـُـٽيو ۽ ڦـُـريو،
بلڪ اهڙي خونريزي ڪيائين، جو انساني نسل قطع ٿيڻ
تي اچي پهتو! ڪنهن خدا جي بندي دلسوزيءَ مان ڏانهس
لکي موڪليو:
”کسي نماند که او را به تيغ ناز کشي،
مگر که زنده کني خلق را و باز کشي! “
جنهن کان پوءِ ايران جي انهيءَ خونخوار حملي آور
کي رحم آيو، ۽ باقي بچيل انسانن جي جان بخشي ڪري،
تلوار مياڻ ۾ وڌائين.
دهليءَ کان موٽندي، نادرشاهه سنڌ ۾ به آيو. دهليءَ
جي خبرن پوري ملڪ کي دهشت زدو ڪري ڇڏيو هو. سنڌ به
لرزه براندام هئي. نادرشاهه جڏهن اچي لاڙڪاڻي ۾
لٿو، تڏهن سموريءَ سنڌ ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو. ”نادر
ته پٺيان ڪونه اٿئي. “ ”نادر به نادر آ، پر قادر
به قادر آ “ . ”نادري حڪم “ ، اهي ۽ ٻيون اهڙيون
عام چوڻيون اڄ تائين سنڌ ۾ مشهور آهن، ۽ انهيءَ
دهشت انگيز دور ڏانهن حافظي جا ورق ورائن ٿيون.
”ياد باد زماني که قيامت است “ ، به ڪنهن شاعر
انهيءَ دور جي تاريخ لاءِ چيو.
نادر شاهه جو مقصد لـُـٽ ڦـُـر ۽ ملڪ جي ملڪيت تي
قبضي ڪرڻ جو هو، انساني خون مان، ته دهليءَ واري
ڪوس ۾ ئي ڍؤ ڪري چڪو هو! ميان نور محمد عمرڪوٽ ۾
هو. نادر پاڻ اُتي پهچي، کانئس هڪ ڪروڙ نقد وصول
ڪيو، ويهه لک رپيا سالياني جي به مٿس چٽي
رکيائين، ۽ موٽندي سندس عظيم الشان ڪتبخانو به
کنيو ويو، ۽ سندس ٻه نورِ نظر به يرغمال طور وٺيو
ويو.*
تازي حاصل ڪيل آزاديءَ کان پوءِ، سنڌ کي وري جو هي
نئون طوق ايران جي غلاميءَ جو پيو، تنهن ملڪ کي
سخت ذهني اذيت پهچائي، ۽ سڄيون خوشيون خاڪ ٿي
ويون. نادر جڏهن ايران پهچڻ بعد قتل ٿيو، تڏهن
ڪنهن ٻاهرئين شاعر چيو:
”بـيـک گــردش چـرخ نيـلـوفـــري، نه نادر
بـجــا مـانـد ئــي نادري! “
سنڌي شاعرن پنهنجي جذبي جو اظهار هن طرح ڪيو:
”فتـنه نـادر چـو برون شد زميـان،
راحـــت آمــد به هـمــه عالـميــان،
خوش خبر هاتف فرمود ز غيــب:
”مـحــو شـد آفـت نـادر زجهان“. 116هه
اها تاريخ آخوند عبدالقادر ٺٽويءَ چئي. اڌارام
ٺٽويءَ فرمايو:
”شــاه شــاة نـــادرِ ايـــران ديـــــار،
داشــت بـاغِ دولـتـش خـــرم بــــهـار،
تـاکـه از حڪـم قـضا پيک اجـل،
نــيــز بگرفــتـش عـــنــــانِ اخـــتـيـار،
بهـر تـاريخ وفاتـش عقـل گفــــت:
”رخت بست از تخت هستي شهريار “ .
اهو هو ملڪ جو سياسي ماحول، جنهن ۾ مير
علي شير زندگيءَ جو سفر شروع ڪري ٻارهن منزلن
تائين پهتو هو.
تعليم: ٺـٽو، جنهن کي سنڌ جا مؤرخ تمدني
بلندي، ثقافتي برتريءَ ۽ علمي اوج اقبال سبب،
قرطبه، دمشق، ۽ بغداد سان تشبيهه ڏيندا رهيا آهن،
سو باوجود دارالسلطنت واري حيثيت وڃائي ويهڻ جي
به، اڃا تائين سابقه صدين وارين پنهنجي علمي
روايتن کي زندهه رکيو ٿي آيو. سوين دار العلوم،
اڪيچار ڪتب خانا، ۽ بيشمار مدرسا ۽ مڪتب، ديني
خواهه دنيوي علوم جي نشر و اشاعت لاءِ رات ڏينهن
روشن ۽ آباد هئا.
مير علي شير جي پيدائش کان ٽيهه ورهيه اڳ،
1111هه (1699ع) ۾، هڪ انگريز سياح مسٽر هئملٽن ٺٽي
آيو، جنهن ٺٽي جي علمي برتريءَ جو ذڪر ڪندي لکيو
آهي، ته ’شهر ۾ چار سؤ دار العلوم موجود آهن، جن
۾ هزارين طالب علم، رات ڏينهن تعليم پرائڻ ۾ مشغول
آهن‘ .
انهيءَ زماني جي ٺٽي ۾ مير علي شير تعليم
حاصل ڪئي ۽ تربيت پرائي. پنهنجي تعليم جي روئداد
ڪانه لکي اٿائين، البت ضمني طرح، جن چند استادن جو
ذڪر ڪري ٿو، ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهيءَ زماني
جي جيد استادن ۽ عالمن کان هن سبق ورتا.
ميان نعمت*
۽ ميان محمد صادقv،
ميان عبدالجميلvv جا فرزند ۽ پنهنجي دور جا جيد عالم ۽ ديني دنيوي علومن ۾ ڪامل هئا. ٻنهي
بزرگن جو مشغلو درس تدريس هو. مير صاحب ٻنهي بزرگن
جي مدرسي ۾ پڙهيو. ”مقالات الشعرا “ ۾ هڪ هنڌ
پاڻ فرمائي ٿو ته:
”فقير بخدمت هر دو صاحبان نسبت تلميذي
دارد “ .vvv
محمد صادق جي سلسلي ۾ لکي ٿو ته:
”فقير که کمين تلامذهء ايشان است “ .*
ميان نعمت الله وٽ ’ميزان صرف‘ کان وٺي
’شرح ملا‘‘ تائين تعليم ورتائينv.
ميان محمد صادق وٽ ڪهڙا ڪتاب پڙهيائين، انهن لاءِ
ڪجهه ڪونه لکيو اٿائين. انهن ٻنهي بزرگن جو مدرسو
”مقالات الشعرا “ جي تصنيف واري سال تائين نهايت
عمدگيءَ سان جاري هو:
”اکنون (1174هه) مدرسہ علمي بوجودِ فايض
الجود ايشان گرم است “
vv
انهن ٻنهي استادن کان سواءِ مير علي شير،
آخوند محمد شفيع جو به پنهنجي استادن ۾ ذڪر ڪيو
آهي، لکي ٿو ته:
”فقير، ايامِ پيريش ديده، از جوانان زمانه در خوش
باشي صد قدم درپيش داشته، اين قليل البضاعت از
قصاعد ”عرفي “ و عروض سيفي و چند سبق بخدمت
ايشان استماع نموده. “
vvv
اهو بزرگ 1156هه ۾ فوت ٿيو: گويا مير صاحب
16 ورهين جي ڄمار جو هو، جڏهن آخوند صاحب انتقال
ڪيو، ۽ وٽس عرفيءَ جا قصيدا ۽ عروض سيفي، 13 يا 14
ورهين جي عمر ۾ پڙهيا هوندائين.
آخوند ابو الحسن ”بي تڪلف “ ٺٽوي به
فارسيءَ ۾ سندس استاد هو. پاڻ لکي ٿو ته:
”بسيار طباع و پراستعداد است. در مڪتب وي جمعي از
هندو و مسلمن بهره بردند، فقير در پارسي شاگرد
خدمت ايشانست “
vvvv
مولوي مرزا جعفر شيرازي سير و تفريح لاءِ
ٺٽي ۾ آيو هو. ڌاراج جي زميندار، راءِ جمال، وٽ
ڪجهه عرصو رهيو. مخدوم محمد مسڪين سندس علم، ذاتي
جوهر ۽ بيحد و حساب قابليت سبب سندس گهرو دوست ٿي
ويو. مير علي شير صاحب سان سندس تعلق خاطر پيدا ٿي
ويو، جنهن ڪري سيد صاحب انهيءَ بزرگ وٽ به ڪجهه
پرايو. پاڻ لکي ٿو ته:
”فقير در خدمت ايشان چند ايام بسر برده و ازدست و
دل شان ممنون ابد است “
*
شعر و سخن جي مشق: مير صاحب شعر و سخن جي صلاحيت
ڄڻ ماءُ پيٽان ئي کڻي آيو هو. ٻارهن ورهين جي ڄمار
۾، جڏهن اڃا مدرسن ۽ مڪتبن ۾ سبق آموزيءَ ۾ منهمڪ
هو، شعر چوڻ شروع ڪيائين. لکي ٿو ته:
”بفيض صحبت بزرگان في الجمله آشنا بسفيد و سياه
گشت، هرچند درخود لياقت آن نمي بيند که در جنب
عزيزان جاداشته باشد، اما چون کهان را با مهان
آميزش قديم است، باري بوسيلـهء توسل بزرگان اگر در
نعال آن صدر نشينان مقيم شود، جا دارد. “
ڪسر نفسيءَ جي انهيءَ تمهيد کان پوءِ
فرمائي ٿو ته:
”در فريب بايام امتياز که نير عمر باختتام سير
بروح دوازده گانه از سنين مطلع شوارق هوش برفلک
تبيين وقوع يافته، سر سوداي سخن در پيچيده “ .*
انهيءَ عمر ۾ اٺ هزار شعرن جو ديوان مرتب
ڪيائين، جنهن ۾ سڀئي اصناف سخن موجود هئا، ليڪن
خبر نه آهي ڪهڙن سببن ڪري اهو سڄو ديوان درياءَ ۾
لوڙهي ڇڏيائين. تقريباً ٻه سال کن خاموش رهيو.
گويا 1152هه ۾، جڏهن سندس عمر ٻارهن ورهيه هئي،
شعر چوڻ شروع ڪيائين، 1153هه تائين اٺ هزار شعر
چئي ديوان، جنهن ۾ نالو بطور تخلص جي استعمال ڪيو
هئائين، لوڙهي 54-1155هه جا سال خاموش رهيو، تان
جو 1155هه ۾ وري کيس نئين سر سخن سنجيءَ جو شوق
جاڳيو.
انهيءَ زماني جو هڪ واقعو بيان ڪندي، مير
صاحب لکي ٿو، ته ’مظفر علي خان، نادري زماني ۾
ٺٽي ۾ آيو، ۽ سندس ڏنل زمين ”مرد مک در آب “ ،
”نمک در آب “ ٺٽي جي شاعرن ۾ تمام مشهور ٿي، ۽
تقريباً سڀني شاعرن انهيءَ تي طبع آزمائي ڪئي.‘
مير صاحب انهيءَ زماني ۾ طفل مڪتب هو، ليڪن کيس
شوق جاڳيو ۽ ساڳيءَ زمين ۾ استادن جي مقابلي ۾ هن
به غزل تيار ڪيو، جنهن مان لکي ٿو، ته هيٺيون هڪ
شعر کيس ياد رهجي ويو:
يا صاف مشربان چه زني لاف سر کشي،
صد بار ديده ايم ترا اي فلک در آب.v
1155هه ۾ مير حيدرالدين ابوتراب ”ڪامل “
vv
جهڙي استاد ڪامل سان سندس ملاقات ٿي، ۽ انهيءَ
بزرگ جي فيض ۽ صحبت سبب ڇڏيل شوق ۽ وسريل ذوق ۾
وري جولان جاڳيوvvv
۽ سندس شاگردي اختيار ڪري، نئين سر مشق سخن شروع
ڪيائين، مير ڪامل سندس تخلص ”مظهري “ رکيو، جنهن
مان تجديد شاعريءَ جو سال 1155هه به برآمد ٿئي ٿو.
مير صاحب ڪجهه وقت تائين ”مظهري “ تخلص قائم
رکيو، ليڪن ان کان پوءِ ”قانع “ تخلص اختيار
ڪيائين، جيڪو آخر دم تائين سندس نالي سان پيوست
رهيو.
ملازمت: سنڌ جي آزاد حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي،
1167هه ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ ميان مرادياب تخت
نشين ٿيو، ميان صاحب جي وفات بعد تخت وتاج جي
لالـچ ۽ لوڀ، حڪمران خاندان ۾ باهمي آويزش جي
ابتدا ڪئي. ميان مراد ياب چار سال به پورا نه ڪيا،
جو معزول ٿي جيل ۾ وڃي پيو، ۽ سندس ٻيو ڀاءُ ميان
غلام شاهه، جيڪو گلان طوائف جي پيٽ مان هو، تخت
نشين ٿيو. انهيءَ ئي حڪمران لاءِ ڪنهن سنڌي شاعر
جو هي شعر مشهور آهي:
”گـلان وچــان جو گـل کليوسي،
ڪجهه کـُـليا هي ڪجهه کـُـلسي. “
*
ميان غلام شاهه، بيحد سمجهدار ۽ حڪمراني
ڪرڻ لاءِ هر طرح موزون ۽ مناسب هو. هن پنهنجي
زماني ۾ ملڪ ۾ نه فقط امن امان قائم ڪيو، بلڪ
سرحدي علائقا به ڪيترا حاصل ڪري، سنڌ ۾ شامل
ڪيائين. ڪڇ جي راجا کان بست ۽ لکپت جر بندر
ورتائين، سبز ڪوٽ ۽ اُچ، بهاولپور جي نواب کان
ڇڏايائين، ۽ ڪراچيءَ جو بندر، قلات جي خان کان
واپس ڪيائين، حيدرآباد جو شهر، آباد ڪيائين، ۽
1182هه ۾ حيدرآباد جو (پڪو) قلعو تعمير ڪرائي، ان
۾ گادي ڪيائين. انگريزن سندن ئي زماني، 1171هه ۾
ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. اهڙيءَ طرح
ملڪ سندس زماني ۾ ڏاڍو وسيو ۽ رسيو، سکيو ۽ ستابو
ٿيو، ليڪن افسوس جو سورهن سالن جي حڪمرانيءَ بعد
1186هه ۾ لقوي، فالج ۽ غشيءَ سبب هن انتقال ڪيو،
جنهن بعد ڪلهوڙن جي حڪومت جو شيرازو روز بروز درهم
برهم ٿيندو ويو.
انهيءَ روشن دماغ بادشاهه، مير علي شير کي
پنهنجي خاندان جي تاريخ نويسيءَ لاءِ پاڻ وٽ رکيو،
۽ مير صاحب ”شاهه نامه “ جي طرز تي فارسي نظم ۾،
۽ ٻي مفصل تاريخ نثر ۾، لکڻ شروع ڪئي. سندس تقرر
تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي 1175هه ۾ ٿيوv،
۽ مير صاحب ٺٽي کان خداآباد هليو ويو. اهو معلوم
نه ٿي سگهيو، ته مير صاحب ميان غلام شاهه جي دربار
سان ڪيتري وقت تائين وابسته رهيو، ليڪن جنهن صورت
۾ مير صاحب پنهنجون ٻئي تصنيفون مڪمل ڪري نه
سگهيو، تنهن ڪري خيال آهي، ته شايد چند سال يا
ڪجهه عرصو مير صاحب، ميان غلام شاهه جي دربار ۾
رهي، وري ٺٽي واپس موٽي آيو.
1180هه، ۾ مير صاحب ”تحفـة الڪرام “ لکڻ
شروع ڪيو. ان ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ذڪر شروع ڪندي،
ابتدا ۾ لکي ٿو ته:
”ذڪر ايشان در طبقـهء علحده ميگردد، و بنا بر
مزيد فائده و اداي حقوق نمڪ ذڪر از اصل مع بيان
بزرگان اين سلسله مجملاً گذارش ميڪند. “
v
”اداي حقوق نمڪ “ جي اشاري مان ظاهر
آهي، ته 1180هه کان اڳ مستقل ملازمت کان آجو ٿي،
ٺٽي هليو آيو هو، ۽ حق نمڪ نباهڻ سبب سنه 1180هه ۾
به کيس اهو خيال هو، ته هو ڪلهوڙن جي تاريخ جا ٻئي
ڪتاب ضرور ختم ڪندو. بهرحال مير صاحب جي مستقل
ملازمت رهي يا نه رهي، ليڪن سندس تعلقات ملازم ٿيڻ
کان اڳ انهيءَ حڪمران گهراڻي سان جهڙيءَ طرح
خوشگوار هئا، اهڙيءَ ريت پوءِ به رهيا، جنهن جي
تصديق اسان کي انهن فرمانن ۽ سـَـندُن مان ملي ٿي،
جيڪي وقت بوقت وظيفن، تنخواهن ۽ مزروعه زمينن جي
سلسلي ۾ مير صاحب کي انهيءَ خاندان طرفان ملندا
رهيا.
مير صاحب جو معاش: قديم خانداني دستاويزن مان
v
معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب جو سمورو خاندان شروع
ايامن کان وٺي، سندن زماني تائين خوشحال ۽ فارغ
البال رهيو، ۽ کانئس پوءِ به حسب دستور اهو گهراڻو
جاگيرون تنخواهون، وظيفا، خلعتون ۽ انعام اڪرام
چوڙيندو ماڻيندو رهيو.
مير سيد شڪر الله جيئن 927هه ۾ ٺٽي پهتو، تيئن ئي
ارغونن طرفان سندس وظيفو جاري ٿيو. همايون جي
فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير صاحب جي گهر کي
هن جي طرفان به بطور ’سيورغال‘ وظيفو، ۽ ساڪري
پرڳڻي ۾ ڪجهه زمين مدد معاش لاءِ مليل هئي. اهڙيءَ
طرح ترخاني دور جا دستاويز به ملن ٿا، جن ۾ نه فقط
اڳين بادشاهن جي عطا ڪيل وظيفن ۽ جاگيرن جي تصديق
ٿيل آهي، بلڪ ان تي پنهنجي طرفان به وقت بوقت
اضافا ڪندا رهيا آهن، مرزا جانيءَ جي هڪ فرمان
(مرقومه 1007هه) مان اهو به معلوم ٿئي ٿو، ته جوڻ
پرڳڻي ۾ به ڪي ڳوٺ انهيءَ خاندان کي بطور مدد معاش
مليل هئا. سنڌ جڏهن مغل سلطنت جو حـصو بڻي، تڏهن
هن گهراڻي جا سڀئي وظيفا، تنخواهون ۽ زمينون بحال
ڪيون ويون. 1029هه جي هڪ فرمان مان معلوم ٿئي ٿو،
ته جهانگير، سيد ظهير الدين ثاني خلف سيد شڪر الله
ثانيءَ لاءِ ٻه سؤ خرار سارين جا بطور وظيفي جي
ساليانو منظور ڪيا، جن جي وصوليءَ لاءِ ٽـُـڪر
هڱوري ۽ ٽڪر هالي جي پرڳڻي تي فرمان جاري ٿيو.
ڪجهه وقت بعد بجاءِ سارين جي، ٽڪر هڱوري جي جاگير
مان ٻاويهه هزار دام*
بطور سالياني تنخواهه جي کيس مقرر ٿي مليا. 1037هه
۾ سيد شڪر الله فوت ٿيو. 1039هه ۽ 1040هه جي
فرمانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته اها تنخواهه شاهجهان،
سيد صاحب جي اولاد لاءِ بحال ڪئي. جيئن جيئن
خاندان وڌندو ويو ۽ گهر جدا جدا ٿيندا ويا، تيئن
تيئن اهي تنخواهون به تقسيم ٿينديون مختلف شخصن جي
نالي تي بحال ٿينديون رهيون. 1138هه، جي هڪ فرمان
مان معلوم ٿئي ٿو، ته پنجاهه هزار دامv
اهو خاندان سالياني تنخواهه کڻندو هو. 1144هه ۾
خان خانان معظم خــان هــڪ سـنـد جــاري ڪئي، جنهن
بنهه تي مير علي شير ”قانع“ جي والد سيد عزت الله
کي 540 بيگا زمين ملي. ميان نور محمد، 1155هه ۾،
سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجي پرڳڻي تي
ستر خرار سارين جي سند ڪڍي ڏنيvv.
سيد صاحب 1158هه ۾ فوت ٿيو. جنهن بعد سندس پٽ
عبدالمجيد ثانيءَ جي نالي اهو وظيفو بحال ڪيو ويو،
۽ آخر اهو وظيفو ڦرندي ڦرندي سيد عبداللطيف ثانيءَ
وٽ آيو، ۽ ان کان پوءِ مير علي شير جي والده جي
نالي تي بحال ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ گهر ۾ نرينو
اولاد ڪونه ٿيو ۽ مير صاحب جي والده انهيءَ گهر جي
وارثياڻي هئي. بيبي صاحبه کان پوءِ، مير علي شير ۽
سندس ڀاءُ مير ضياءُ الدين ”ضيا “ انهيءَ حصي تي
متصرف ٿيا. انهيءَ مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته، مير
صاحب ۽ مير ضياءُ الدين سڳا ڀائر ۽ انهيءَ بيبيءَ
جي بطن مان هئا، ۽ انهيءَ ڪري ئي ڇهن ڀائرن مان
فقط اهي ٻه ڀائر وظيفي جا وارث بڻيا. سندس ٽئين
ڀاءُ سيد فخر الدين کي جدا پنهنجي ناناڻڪي حـصي
مان هڪ سو بيگا زمين تصرف ۾ آئي.
ميان نور محمد جو هڪ پروانو ملي ٿو، جنهن
مطابق مير علي شير جي والد سيد عزت الله کي جڳت
پور ۽ ڪڪرالي وغيره ۾ به ڪي ڳوٺ جاگير طور مليا.
انهن جي آمدنيءَ تي هن هيٺينءَ طرح پنهجي پٽن جون
تنخواهون جاري ڪرايون: سيد فخر الدين ۽ سيد يار
محمد 14-78 رپيا، ۽ سيد علي شير ۽ سيد ضياءُ الدين
72 رپيا.
ڪلهوڙن بعد ٽالپرن به ساڳيءَ طرح هن
خاندان جي جاگيرن، تنخواهن، وظيفن ۽ ٻين انعامن
اڪرامن کي جاري رکيو. ميان نور محمد جي زماني کان
وٺي ٽالپرن جي ابتدائي دور تائين، ڪي اهڙا فرمان
به ملن ٿا، جن ۾ روزانه وظيفي ڏيڻ جو به ذڪر آهي.
ميان غلام شاهه جي هڪ فرمان (مرقومه 1172هه) مان
معلوم ٿئي ٿو، ته ميان نورمحمد کان وٺي سيد عزت
الله جو روزينو جاري هو، جيڪو غلام شاهه جي تخت
نشينيءَ بعد مير علي شير جي نالي منتقل ٿيو.
1188هه ۾ ميان سرفراز جي فرمان ۾ به ان جي تصديق
ٿئي ٿي. اهڙيءَ طرح 1191هه ۾، ميان عبدالنبي به
ساڳيو روزينو جاري رکيو. ساڳئي سال جي ٻئي هڪ
پرواني مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان عبدالنبيءَ، مير
علي شير جي پٽ مير غلام علي ”مائل “ جو ٻارنهن
رپيا درماهو وظيفو جاري ڪيو هو.
1197هه ۾، فاتح سنڌ علي خان، فاتح سنڌ،
مير علي شير جي نالي هڪ پروانو ڪڍيو، جنهن ۾ 42
رپيا ”بمد اجارهء مير بحري(؟) “ عنايت ڪرڻ جو ذڪر
آهي، ۽ اهو وظيفو ڪلهوڙن جي زماني کان مير صاحب جي
نالي هلندو ٿي آيو. 1198هه ۾ مير فتح علي خان هڪ
فرمان ڪڍيو، جنهن مطابق مير علي شير کي هدايت ڪئي
وئي، ته جنهن صورت م حيدرآباد سرڪار جي حصي ۾ سنڌ
جو اڌ ملڪ آهي، تنهن ڪري اها سرڪار کيس مقرر ٿيل
وظيفن جو آئيندي اڌ ڏيندي، ۽ باقي اڌ مير سهراب،
مير ٺاري ۽ مير باگي کان کيس وٺڻ گهرجي.
ڪلهوڙن جي زماني کان جيڪي ستر رپيا بطور
وظيفي جي مير علي شير ۽ مير ضياءُ الدين کي ملندا
هئا، سي مير فتح علي خان جي دور ۾ ٻنهي ڀائرن جدا
جدا ڪرائي پنهنجن نالن تي پروانا ورتا، چنانچه 70
رپين مان 42 رپيا مير علي شير ورتا، ۽ باقي مير
ضياءُ الدين وٺندو رهيو. 1253هه جي هڪ فرمان مان
معلوم ٿئي ٿو، ته مير نور محمد خان جي زماني ۾
انهيءَ ساڳئي وظيفي جو هڪ حصو مير علي شير جي پوٽي
مير صابر علي ولد مير غلام علي ”مائل “ کي 6-5-7
رپين جي صورت ۾ درماهو ملندو هو. 1255هه ۾، مير
محمد خان اڍائي آنن جو اضافو ڪري پورا ساڍا ست
رپيا درماهي ڏيڻ جو پروانو جاري ڪيو، ۽ ڪوري ضرب
مان ڦيرائي سورتي ضرب يعني انگريزي سڪي ۾ ڏيڻو
ڪيو.
اها آهي مير صاحب ۽ اُن جي خاندان جي
معاشي پهلوءَ جي منتشر معلومات، جنهن کي اسان
مختلف سـَـنـَـدن جي ذريعي يڪجا ڪري، پڙهندڙن
اڳيان پيش ڪيو آهي. اگرچ مٿيان انگ اکر مير صاحب
جي مڪمل آمدنيءَ جو خاڪو پيش ڪري ڪونه ٿا سگهن،
تاهم اسان هن نتيجي تي پهچون ٿا، ته مير صاحب جو
خاندان فارغ البال ۽ نهايت خوشحال هو. سندن گذر
بسر نهايت ڪشادگيءَ ۽ عزت آبروءَ سان ٿيندو هو.
سڀني حڪمرانن انهيءَ خاندان جي عزت ڪئي، وظيفا
ڏنائون، جاگيرون جاري ڪيائون، درماها ۽ روزينا عطا
ڪيائون، ۽ وقت بوقت جيڪي انعام اڪرام ۽ خلعتون ۽
پهراڻيون ملنديون ٿي رهيون، سي ان کان علاوه هيون*.
مير صاحب جي دور جو سياسي پس منظر: مير
قانع، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، ميان نور
محمد جي دور حڪومت ۾ پيدا ٿيو. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو
دهليءَ جي بالادستيءَ کان ته آزاد ٿيا، ليڪن نادر
جي اچڻ ، سندس لـُـٽ ڦر، ۽ آخر ۾ افغانستان جو
باجگذار بنائي وڃڻ، سنڌين کي آزادي ماڻڻ ڪانه ڏني،
گويا سنڌ جي زيردستيءَ واري قطب نما جو رخ دهليءَ
کان ڦري افغانستان طرف ٿي ويو، ۽ فرق فقط هي ٿيو،
ته دهليءَ جي سنڌ تي گورنرن جي ذريعي براه راست
حڪومت هلندي هئي، ۽ هن کان پوءِ اندروني طرح سنڌ
آزاد رهندي به افغانستان جي ڍل - ڀرو صوبو ٿي وئي،
۽ بجاءِ گورنرن جي، ڍل جي وصوليءَ ۽ عام نظرداريءَ
لاءِ افغاني وڪيل اچڻ لڳا.
ميان نور محمد جي وفات (1167هه) تائين،
سنڌ جي حڪمران خاندان ۾ خير جي گذرندي رهي، ليڪن
هن جي اکين بند ڪرڻ بعد، تخت وتاج جي سلسلي ۾،
رفتي رفتي آويزشن جي ابتدا ٿي. ميان غلام شاهه جي
دور ۾ (1170-1186هه) ڪا خاص خرابي ڪانه ٿي. مير
علي شير تاريخ نويسيءَ جي عهدي تي ڪجهه سال پنهنجو
وقت سٺو بسر ڪيو، ليڪن 1186هه کان پوءِ، جا حڪمران
خاندان ۾ خونريزي ۽ ملڪ ۾ انتشار جي ڪيفيت قائم
ٿي، تنهن 1198هه تائين سنڌ کي برابر تباهه ۽ تاراج
ڪيو. انهن ٻارهن تيرهن سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي تخت
و تاج ڪيترن حڪمرانن جي مسند آرائي ڏٺي، ۽ ڪيترن
شهزادن جا ڪنڌ ڪپيا ۽ ٽالپر سردارن مان ڪيترا
ڪونڌر ڪسندا ڏٺا. سرفراز تقريباً ٽي سال حڪومت
ماڻي، محمد خان چند مهينا مسند جو مزو ورتو، غلام
نبيءَ ڏيڍ سال کن تخت نشيني ڪئي، عبدالنبيءَ
تقريباً ساڍا ٽي سال واڳ ورتي، صادق عليءَ چند
مهينا، ۽ ان کان پوءِ ٻيهر عبدالنبيءَ قبضو ڪيو، ۽
پنجن سالن ۾ اهڙو ڪشت وخون ڪيائين، جو سنڌ جي
بدنصيبيءَ ۽ برباديءَ تي نه فقط پنهنجن رت رنو،
بلڪ ڌارين جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا.
ٽالپر سردار، جيڪي حقيقي طرح حڪومت جا قوت
بازو هئا، تن مان ڪيترا سربراهه ناحق خون ٿيا. مير
بهرام ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان ميان سرفراز جي
چرچ تي بنا سبب قتل ڪيا ويا، ميان غلام نبيءَ
پهريون پنهنجي خاندان جا پنج شاهزادا ڪهرايا، محمد
سرفراز، محمد خان، محمود خان ۽ ٻيا. انهيءَ دردناڪ
واقعي تي ڪنهن شاعر هيٺئين نادر تاريخ چئي:
|