باب ٻيو
ڳٺي ڍوري جي ڪنارن تي آرامي ٿيل ولي الله
ڳٺي ڍوري جي ڪناري تي ڪئين ولي الله آرامي آهن، جن
مان ڪن جو احوال ۽ نالو ماڻهن کان ملي سگهيو آهي ۽
ڪي ته اهڙا اڳاٽي وقت جا بزرگ آهن، جن جي نالي ۽
احوال کان اسين اڻ واقف آهيون. اهڙا غير معروف
بزرگ نم جي دڙي جي ڀرسان ۽ صوڀي جي ڀـُـڙي جي
ويجهو آرامي آهن، جن جو ڪيتريءَ ڪوشش کان پوءِ به
احوال ملي نه سگهيو آهي. ڪن بزرگن جا ته قديم
اهڃاڻ ۽ آرامگاهون به مـِـٽجي ويون آهن.
هن تذڪري ۾ پير جمڙو، احمد شاهه ۽ گجڻ پير، محمود
غزنويءَ جي ڏينهن جا بزرگ آهن. عبدالرحيم ڏيٿو،
شاهه صدر ڪوٽڙي پير، شيخ توريو ۽ پير شيخ قرهيو
ڀانڊاري جي سومرن جي ڏينهن جا بزرگ آهن. سيد
سليمان شاهه، ڪلهوڙن جي ڏينهن جو بزرگ آهي. باقي
بزرگن جي وقت جو تعين ڪري نٿو سگهجي، شايد اُهي
بزرگ گهڻو آڳاٽي وقت ۾ گذريا آهن.
(الف) جـُـمڙو پير:
جـُـمڙو پير، ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي ڀرسان
آرامي آهي. هيءُ بزرگ محمود غزنوي سان گڏ جهاد -
سومناٿ لاءِ ويو هو ۽ پوءِ انهيءَ جڳهه تي اچي
پساهه پورا ڪيائين. هن سڳوري کي ڳوٺاڻا وڏي عزت
ڏيندا آهن، انهيءَ بزرگ لاءِ عقيدت جا گل نڇاور
ڪندا آهن ۽ سلام ڀريندا آهن. هن تي جمالي برادريءَ
وارا ميلو پڻ لڳائيندا آهن.
(ب) احمد شاهه:
جـُـمڙي پير جو ٻيو ساٿي احمد شاهه آهي. هي بزرگ
پڻ غزنوي فوج جو هڪ سپاهي هو، ۽ مرڻ وقت ڳوٺ غلام
حسين جماليءَ کان اولهه ڏکڻ ٿوري پنڌ تي آرامي
ٿيو. هن بزرگ کي به ڀرپاسي وارا ماڻهو جمڙي پير
وانگر عقيدت سان ڏسندا آهن. هي سومناٿ جا مجاهد
”گجڻيءَ وارا پير“ به ڪري سڏبا آهن.
(ٻ) مخدوم نوح رح جي ڪـُـني:
رپ جي ڏکڻ کان ٿوري پنڌ تي مخدوم نوح رح جي
ڪـُـني آهي. هيءَ ڪـُـني ڏيٿي بزرگ جي ياد ۾ ٿيندي
آهي. عبدالرحيم ڏيٿي جو ذڪر مون ”ڳٺي جون نيم
تاريخي ڳالهيون“ ۾ ڪيو آهي. هن ڪـُـنيءَ تي هرسال
ربيع الاخر مهيني ۾ ماڻهو گڏ ٿي نماز پڙهندا آهن.
انهن ماڻهن جي کاڌي جو بندوبست ٿيٻا ڪندا آهن. هن
ڪـُـنيءَ ۾ هرسال هزارين ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ۽ پنج
وقت نماز پڙهي، پوءِ هليا ويندا آهن.
(ڀ) شاهه صدر:
هيءُ بزرگ حاجي عثمان چانڊئي جي ڳوٺ ۽ ڳٺي ڍوري جي
اُلهندي کان آرامي آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي، ته هي بزرگ
حضرت بهاء الدين ملتانيءَ جو معتقد هو ۽ جڏهن
سنڌين ٺٽي ۾ مذڪوره ملتاني بزرگ کي شهيد ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي، اُن کان پوءِ سنڌين جو ملتان وڃڻ بند
ڪيو ويو. پر هن شاهه سڳوري ۽ راجسين سومراڻي گڏجي
بهاء الدين جي خدمت ۾ حاضري ڀري، تنهن کان پوءِ
سنڌين کي ملتان اچڻ جي موڪل ملي. شاهه صدر تي
مقامي ماڻهو ميلو لڳائيندا آهن ۽ نذر نياز به ڪندا
آهن.
(ت) ڪوٽڙي پير:
هيءُ بزرگ آڳاٽي وقت جو آهي، اڳي مٿس قبو اڏيل هو،
جنهن جي ڪرڻ سبب اُهو قبر تي دڙو ٿي پيو آهي. هن
بزرگ جو بهراڻي فقير ميلو لڳائيندا آهن. اِهو بزرگ
شير خان چانگ جي ڳوٺ کان ڏکڻ طرف ميل کن پنڌ تي
آرامي آهي. هن جا مجاور فقير جي ڪـُـن ۾ رهندا
آهن. ڍوري جي موجوده ڳوٺن جي ذڪر ۾ انهن فقيرن جي
ڳوٺ جو ذڪر ڪيل آهي.
(ٿ) شاهه اسماعيل:
هيءُ بزرگ اڳاٽي وقت جو آهي. هن جي مقام جي ڀرسان
ٻٻرن جي هـُـڙهي آهي، اُن جو ڪير به نالو نه وٺندو
آهي. سڄي قبرستان کي ويڙهو ڏنل آهي. هن بزرگ تي
ڪـَـتيءَ واري مهيني جي 7- تاريخ ميلو لڳندو آهي.
هي ميلو ڳاڙها سيد لڳائيندا آهن. ڳوٺ جي اُڀرندي
کان ابراهيم جوڻيجي جو ڳوٺ چئن ميلن تي آهي، ڳاڙها
سيد اُتي رهندا آهن، جيڪي هن بزرگ جي پيڙهيءَ مان
آهن. هن درگاهه تي ميلي وقت ملاکڙو لڳندو آهي ۽
ڪـُـني به ٿيندي آهي.
(ٽ) ستين جو مقام:
هي سڳوريون جيتوڻيڪ عوام اڳيان ولي الله جو درجو
نٿيون رکن، پر انهن لاءِ عوام کي عقيدت آهي. ستين
پنهنجو سيل بچايو ۽ ظالمن اڳيان پنهنجو ست بچائي
جان ڏني، اِها قرباني شهادت جو درجو رکي ٿي. هي
مقام ڀلو خاصخيليءَ جي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ موجود آهي.
انهيءَ مقام کي ماڻهن پڪين سرن سان پختو ڪرائي
ڇڏيو آهي. ڳٺي جي سورمي ”پرمان“ پڻ انهيءَ مقام ۾
آرامي آهي. جنهن جو ذڪر ”ڳٺي جون نيم تاريخي
ڳالهيون“ ۾ ٿيل آهي.
(ٺ) پير جـُـنون:
هيءُ بزرگ ڦتن پرهياڙ جي ڳوٺ جي ڏکڻ ۾، ڳٺي جي
کاٻي ڪناري تي آرامي آهي. هيءُ بزرگ گجرات جو هو،
هتي تبليغ لاءِ آيو هو. هن جا مريد ۽ معتقد ٿر ۽
ڪڇ کان اڳي ايندا هئا جي هت اچي مٿس ميلو لڳائيندا
هئا. خاص ڪري ڏيپلي وارن ميمڻن جو هن درگاهه تي
سٺو ميلو لڳندو هو. هينئر به مقامي ماڻهو مٿس ميڙو
لڳائين ٿا.
(ٺ) درس محمود ٻانهاڻي:
درس محمود ٻانهاڻي بزرگ ساميءَ جي دڙي جي اُڀرندي
کان پنهنجي قبرستان ۾ آرامي آهي. ڳالهه مشهور آهي،
ته پاڻ شاهه ڪريم بلڙيءَ وارن جي پاڪن لاءِ گجرات
مان جنڊ کڻي اُتي پهتو هو. ساميءَ فقير کي به هن
بزرگ اتان ڀڄرايو. پاڻ پوءِ اتي ئي رهيو، سندس
نياڻيون سندس وصال کان پوءِ وارث وٺي ويا. هن بزرگ
تي اُتي ويٺل ماڻهو ميلو لڳائيندا آهن. مال بيمار
ٿيندو آهي ته، درگاهه وٽ آڻي ڪانيءَ هيٺان
لنگهائبو آهي، ته وليءَ جي ڪرامت سان اُهو چڱو ڀلو
ٿي ويندو آهي.
(پ) سيد حسن شاهه:
ساميءَ جي دڙي جي الهندي کان لڳولڳ سيد حسن شاهه
آرامي آهي. هن تي به ماڻهو بيمار مال آڻيندا آهن ۽
پرهياڙ 27 نيهاريءَ تي هن بزرگ تي ميلو لڳائيندا
آهن.
(ڦ) سيد سليمان شاهه:
هيءُ بزرگ تاجن جي ڪوٽ جي ڀرسان، اُڀرندي اُتر ڪنڊ
تي آرامي آهي. هن جا منڌرا معتقد ۽ مريد آهن. هن
جي پاراتي سبب تاجن منڌري پنهنجو تخت وڃايو.
پاڻ هڪ پهتل بزرگ ۽ شاعر هو. سندس ڪلام وڌيڪ هٿ
اچي نه سگهيو آهي، البت زماني جي گردش مان نڪرندڙ
هڪ بيت اسان وٽ پهتو آهي، جيڪو ”ڳٺائي شاعر ۽
اديب“ واري حـصي ۾ شامل آهي. هي بزرگ مغلن ۽
ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ زندهه هو. ڪلهوڙن جي ابتدائي
دؤر ۾ واصل بالله ٿيو.
(ج) گجڻ پير:
سهيلي منڌري جي ڏکڻ ۾ ۽ حاجي منڌري جي اُڀرندي ڏکڻ
کان، ڳچ پنڌ تي مذڪوره بزرگ آرامي آهي. هن جي
مريدن مٿس مقبرو ٺهرايو آهي. هيءُ بزرگ پڻ غزنوي
شهسوارن مان هڪ آهي. هن بزرگ جي اولهه کان نئون
قاضيا واهه گذري ٿو. هن سومناٿي مجاهد تي هر سال
ميلو لڳندو آهي ۽ روحانيت جا پانڌيئڙا پنهنجي
روحاني تازگيءَ لاءِ انهيءَ ميلي تي ضرور اچي
سلامي ٿيندا آهن.
(ڄ) شيخ نوريو:
هيءُ بزرگ آڳاٽي وقت جو درويش آهي. هن جي آرامگاهه
نندڪوٽ جي ڏکڻ کان ۽ ابراهيم ٻـُـچي جي ڳوٺ جي
اولهه ۾ واقع آهي. سندس قبرستان هڪ دڙي تي آهي، جو
اٽڪل روءِ ٻن کان وڌيڪ چونڪڙين تي پکڙيل آهي. هن
بزرگ جا مريد منڌرا ۽ ٻـُـچا آهن. هن جي ياد
ملهائڻ لاءِ سندس مريد ڏهاڙو ملهائيندا آهن.
(جهه) پير شيخ قرهيو ڀانڊاري:
هيءُ بزرگ جميل شاهه گرناريءَ جو وڏو خليفو ۽
ڀانڊاري هو. پاڻ تبليغ ڪرڻ لاءِ آيو ۽ پنهنجي حد
]يعني ڪڪرالي جي اڀرندئين پاسي ڳٺي ۽ پراڻ جي وچ ۾[
اندر تبليغ ڪري پڻي، ملاح، مينڌرا ۽ شيخ جيڪي هت
رهن ٿا، تن کي مسلمان ڪيائين. پاڻ سن 675هه ۾ وصال
ڪيو. کيس وفات واريءَ جڳهه تي دفن ڪيو ويو. سندس
ديني اولاد، شيخن ۽ ٻين مريدن مٿس مقبرو ٺهرايو،
سندس درگاهه تي اِهو مقبرو ڪمزور ٿيڻ تي غلام شاهه
ڪلهوڙي مضبوط مقبرو ٺهرايو، جيڪو اڄ به موجود آهي.
سندس درگاهه تي قرهيي پوٽا شيخ پوهه جي مهيني جي
پهرئين چنڊ تي، آچر کان وٺي ميلو لڳائيندا آهن،
جيڪو 4 ڏينهن سانڌه هلندو آهي.
--------
|