هتان پيروز شاهه چڙهيو ته ساڻس چانگ سڀ گڏ
هئا. هڪڙا سنجراڻي چانگ (جيڪي تلهار کان اُلهندي
ويٺل هئا) تن جو وڏو ڏاڏو سنجر ۽ ٻيا بٺورائي چانگ
جن جو وڏو شادمان. ٽيا سـِـيراڻين وارا جمالي (جي
اٿندا ويهندا چانگن سان هئا ۽ دينار به انهن
منجهان هو) ۽ ٻيا راڄ به ساڻن ڀيڙا هئا.
جڏهن جت سردار اها خبر ٻـُـڌي، تڏهن ”ڇاڻي
واري ڍوري“ وٽ کاهو ڏياري سڄو راڄ ۽ ٻار ٻچا اندر
ويهاري حفاظت ڪري ويهي رهيو. پيروز شاهه به وڃي
گهيرو ڪيو ۽ جت سردار شيرخان کي چيائين ته: راڄ
ڇڏي ٻاهر نڪر ته لڙائي ڪريون، پر جت رڳو حفاظت ڪري
ويهي رهيو. پوءِ چانگ سوڻ(1)
ڏسي ٽوليون ٺاهي، کاهي جي چوڌاري حملو ڪري آيا.
بٺورائي چانگ پٺيان پئي آيا ۽ سامهون پيروزشاهه
وارا هئا. اتي شيرخان جت سنجر چانگ کي سڏيو پر هو
سامهون نه ٿيو. انهيءَ تي پيروز شاهه چيس ته: آءٌ
تنهنجو مٽ آهيان، تون مون کي سامهون آءُ. تڏهن شير
خان چيس ته: چڱو تون منهنجو مهمان آهين، تنهنڪري
اڳ ۾ وارو تنهنجو آهي. پيروز شاهه چيس ته: منهنجي
اکين ۾ رت تو ڦري، پهريون وارو توکي آهي، پوءِ
وارو آهي ئي ڪونه.“ اتي شير خان ترار هنيس جا مٿان
زرهه ڪٽي اڌ مٿي تائين اچي بيٺس. ايتري ۾ شادمان
بٺورائي چانگ اچي وچان پيو ۽ جت سردار کي ٻانهن
آڏي ڏيئي، پوئتي ڪري، ترار هنيائينس ته ڪلهي وٽان
بغل تائين کڻي ويس. بت ڇنڊيائين ته ڪـِـري پيو.
بٺورائي چانگ ۽ ٻيا اچي جي پويان پيا، تن راڄ کي
به ترارين مان ڪڍي ڇڏيو. ننڍو وڏو ڪونه ڇڏيائون.
سنجر چانگ ڪونه وڙهيو. لاکاڻي جت سامهون آيس، تنهن
کي چيائين ته: آءٌ توسان ڪونه ٿو وڙهان، مون کي
گهٽي ڏي ته آءٌ نڪري وڃان. ان کي گهٽي ڏنائين سو
هليو ويو.
پيروز شاهه پڇيو ته فتح ڪنهن جي ٿي؟
چيائونس ته ”پنهنجي.“ پڇيائين ته شير خان ڪٿي؟
”چيائونس ته سامهون ڪريو پيو آهي.“ وري پڇيائين ته
سنئون آهي يا اونڌو؟ چيائونس ته: ”اونڌو“. اتي
چيائين ته جاتي اسان کي نه ڏنائين. مئي کان پوءِ
به زمين ۾ چڪ اٿس. وري پڇيائين ته سندس راڄ بچيو؟
چيائونس ته: ”راڄ به مارجي ويو.“ تڏهن چيائين ته
پوءِ سوڀ پنهنجي ڪانه ٿي، باقي وير وٺيو ٿا هلون.
هاڻي باقي جيڪي جيئرا دشمن آهن، تن کي ڪـُـهي
ڇڏيو. چڱو جت به زخميو پيو هو، چيائين ته اهو شاعر
آهي ان کي نه مارجؤ.
چڱي جت انهي لڙائي تي پوءِ بيت چيا ته:
سڏ ڪيائين سنجر کي، جنهن گيدي ساريو گهر
نـَـهرو نڪري آئيو، پيروز شاهه نر
جنهن جي ٻن مـَـيٿـَـن مان ٻاهر وئي سونهري سمندر.
وڏو گهر سنجراڻي چانگ هئا، پڳ انهن تي
هئي، پر انهي جنگ کان پوءِ ڇڏي ڏنائونس.
هـَـڏائي هـُـل تي آيا، جـُـڙي جنگ تي آئيا
ڏاتي ڏيهه کـِـلايا، کيڙين کيل لائيا.
هڏائي چانگن (شير خان جي ڳوٺ کان اوڀر طرف
ويٺل) مان ڏاتو اڳواڻ هو، جيڪو وڏا قول ڪري جنگ تي
چڙهيو هو، پر ڏاتو به ڀڳو.
چانگن ۽ جتن جي جنگ تي چيل سگهڙ چڱي جت جا
بيت:
1. ساراهيان سچو ڌڻي جو صاحب رب ستار
قادر جي قدرت کي پـَـريون ڪونهي پار
هو اَهل ڪن آڙاهه جي پيا انهينِّ پار
هو سؤنچو سـِـرايـَـن کي ڪو وڙهڻ جو ويچار
تن هلي اچي هٽ تي ڪيو کيٽو منجهان کار
منهندان مـَـلـَـڪزادي، حمزي پوٽي، پس تنهين جا
پار
”ڪؤنر ٻائي“ ڪـُـر اجاريو، ڀيڻ ملهايا ڀار
تنهن ٻائي ٻولائي هنئي پارِي پهرينءَ وار
گهـَـڙيءَ جا گهـِـڙي ويا ڪنا منجهه ڪپار
پوءِ مردود مري پيو اهڙي سان آچار.
تڏهن فند فتح علي گهڙي ورتو انهينءَ وار
ته معلوم پهچن مير کي وڃي سوڌا سماچار:
ته پٿـَـر وِلٽي پاڻ ۾ ٿيا ڌارو ڌار
پيا وير وڏاندرا، خاصا خريدار.
ڌُومي ديميون چڙهيون ڪٽڪ ڪارونڀار
تني ليکو ناه ڪو، بيحد بي شمار
سي جـُـنبي آيا جنگ تي سندي ڀينءَ بازار
اول ڪانئر مان ڪين ٿئو جنهن دُکائي دينار
ڏني باهه بندوق کي انڌي منجهه اَهنڪار
هو منهندان مـِـٺاڻين مان ڪو ساهوُ صلحدار
تنهن اول تان عيسب جهلي جنگ جـَـت جهونجهار
گڏ تنهين سان گاگن هو، جيڏا هئا يار
گهڻو ملوڪن مڃيا تيجي جا توار
بنڪي بازيون کيڏيون مٺـِـي مڻيادار
ڪڏي پيا ڪٽڪ ۾ ورنهه ڇوڙي وار
پوءِ سـِـراين جي سار، سـُـوڌي لڌي ساهـُـئين
2. پنڌرهن پٿر آئيا سنڀري سراين ساٿ
هتان هئي هيڪڙي سندي جتن جات
سي ٺينڪي ٺٽيار اٿيا تن ماري ڪيا مات
هئن هينئين جي حـَـمات، ٿيا سـَـمـُـهان ساريءَ
سنڌ کي.
3. ٿيا سـُـمهان ساريءَ سنڌ کي جنبي جت جونجهار
هلي هالاڻي آئيو تنهن ڪـِـي پنجاهيي پڪار
ته صبر ڪـِـجا ساهـُـئا آهي اسان وار
مري لاهيون ميهڻو سندو جيڏن جار
سو مرڪي مصحافن سان، هليو وري هٿيار
کيڙو خنجر خان سين ڪاتي نه ڪاٽار
وسوڙو ويساهه گهڻي ڀانيائين ڪانه ڀلڪار
پر مدي مـَـسـُـو من ۾ هئي شومت بي شمار
تنهن ڪاڻي ڪوجهو ڪم ڪيو گيدي گلادار
هي وڃي گهڙيو گهوٽ گهڻن ۾ الله جي آڌار
ته مصريون تنهن ملوڪ تي وٺيون انهيءَ وار
سامهان سراين کي دست هنيا دلدار
پوءِ پـَـٽـَـڻ پئي پڪار، ته راوت راڄ - ڳهو ٿيو.
4. راوت راڄ - ڳهو ٿيو تنهن تي ويرا ايءَ
وَهي
جيڪا چانگن چـِـتـَـئـِـي سا جي ڪيائين سهي
مرڻ جي ملوڪ سان تن جي پـَـرنديئي ڳالهه پهي
ته مصري مير ملوڪ جي جيڪر خان کنئي
ته هنيائين هٿ کڻي هوند چيتاري چئي
ويئي ريک رهي، دليءَ سين دلدار جي
5. دليءَ سين دلدار جي رکي پت پرور
دٻايائين دستن سان جو هو جمالي جـَـبر
موڙاٽي مسوءَ جو تنهن ڪـُـونئر جهوريو ڪر
رڻ ۾ راماڻو ڪيو، هالاڻيءَ حشر
تڏ سردار سڀ سڏائيا ته ڀائرا ڪريو ڀر
واريون ويرُ ورنهه جو، ونڪا ڪريو وَر
بيٺو مرد ميدان ۾ وجهي هوڏ حمر
ڪڙي ۽ قاتل جو هو ساهـُـن ساڻ ثمر
هيءُ ست پيڙهيو سردار هـُـو، هو نسورو نوڪر
هن ميڙي ميلهي ڪار جو پٿر ڪيو پرڏر
هت سنڌ، سـِـرارو، ساڪرو، ڪاڇو، ڪارونجهر
اُچ سرو ۽ عمر ڪوٽ، پڇم پار ڪر
ڀيڙو ٿيو ڀـَـڙَن تي، ٿيلي سڀوئي ٿر
پر ساهـُـن سراسر، هئي موران ڳالهه مرڻ جي.
6. هئي موران ڳالهه مرڻ جي سندي روحَ ريلي
سو نڪي دانهين ويو دليءَ تي، نڪي ويو ٻيلي
مـُـنهن گهـُـنڊي، چپ وات ۾، بيٺو خان کنو کيلي
سارنگ سراين کي مٿان ويو ميلي
عبدالله ائين آئيو، جئن رؤ اچي ريلي
پوءِ ”ڀـَـلاڻي“ ڀيلي، کني ساڻ کٽي ويو
7. کني ساڻ کٽي ويو، تنهن جا ڀاري هئا ڀاءَ
ڀائر، ڀالا، ڀليون، جي هوتن مـُـل هئا
ته هي پاٿارين ۾ پڌرا حمراڻي هئا
ڏاڍو تؤ ترار جو، مٿي پڙ پيا
اومانجهي ماڳ مئا، پر لڳيءَ چاهه نه چـُـريا.
8. پر راڌي جي رهاڻ ۾ جي حماتي هئا
تن ڦوڪ نه جهلي ڦـِـيڻ چـَـٽين گيدي ڪن گـُـئا
ڇڏي لـڄ لـَـسا ٿيا کـَـهـُـوُ کـِـير - ڏُها
هي مانجهي ماڳ مئا، لڳي چاهه نه چـُـريا.
9. لڳيءَ چاهه نه چـُـريا، هـُـو هو اَحدي
آڻيارو
راڌي تي رحمت جو ٿيو نرمل نغارو
مـَـلـَـڪ ٿيو مهند ۾، کڻي ڪر ُ ڪارو
ٺان ٺان ڀير ٺڪاءَ ٿي، هڪل هوڪارو
لائي بيٺا لاڏُڪا چـَـڪر چؤنڪارو
جوانن جي جنگ سان ٺهڪيو مير ٺارو
"واروڙي وارو، متان ڪا گگهيري گلا ڪري!"
10. گگلا گهيرين جي ڇڏيو لاڏُڪا لاهي
سڀڪو پنهنجي سر کي سوريءَ سنباهي
تڏ سڀ اُڀي ويا آڙَن ۾ لاڳا پا لاهي
اُتان زنگياڻي آئيو ڪٽڪ سان ڪاهي
تنهن وڌا هٿ ويرين ۾ "چڱي" چتائي
تنهن کي وڏيري ورائيو سکر سڏائي
ته مرڻ ڏيو مَ ملوڪ کي مر پوءِ جا پير ڳائي
پر ويرين واجهائي، اچي چئنچل چـُـور ڪيو.
11. آڻي چئنچل چور ڪيو، ويرين ڪنهن وَڙڪا
رُڻ جهڻ راڙو رُڪ جو، جت سانگين ڪيا سڙڪا
جوانن جي جنگ جا پيا ات پـَـڙڪا
هڪل هيبت هن جا ڪڇ سـُـئا ڪڙڪا
مانجهي سي مرڪيا، جن ڪٽي ڪٽڪ واريا.
12. ڪـُـٽي ڪٽڪ واريا، سڀئي ساري
شير خان شـَـلين ۾ وڌا هٿ واري
سڏايو سنجر کي ٿو کليو کينڪاري:
"آءُ تون اوڏو اُسري، توکي سـَـرتيو ٿو ساري"
جو مهندان ڪيائين مير کي سو ٿو پنجاهيو پاري
سـَـٽ ڪـُـٽ سراين جي هئي دلاور ڌاري
پوءِ چڱي چيتاري، ڪيائون مزماني مير کي.
ڀيٽاري واري جنگ(1)
هيءَ جنگ "ڇاڻي واري وڏي جنگ کان ڪجهه
پوءِ جتن ۽ سنڌ جي انتظامي اٽالي جي وچ ۾ ”ڀيٽاري
جي اُتران ”ٻني“ ۾ رڻ جي دنگ تي لڳي. شاعر چڱو جت
ان وقت حيات هو ۽ هـُـن هـِـن جنگ تي بيت چيا.
بيتن ۾ ڏنل اهڃاڻن، مالڪڏني فقير جت جي وضاحت ۽
ڪچهرين ۾ بيان ٿيل ڪن ٽاڻن ماڻهن مقابلي جو سبب هن
طرح معلوم ٿئي ٿو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ تي چڙهائي ڪري پنهنجي
فوجي طاقت ڄمائي هئي. سندس وفات کان پوءِ ڪلهوڙا
حاڪم ڪمزور ٿيا ۽ سنڌ جي سرحدن تي ٻيا قابض ٿيا.
سنڌ سان لاڳيتو ڪڇ ۾ جتن جي قوم طاقتور هئي. اهي
ڪڇ جي راءِ سان ڀيڙا هئا. ڪلهوڙن جي آخري دور کان
وٺي ٽالپورن جي اوائلي دؤر تائين، هو سنڌ ۽ ڪڇ جي
سرحد تي خود مختار ۽ طاقتور رهيا. انهيءَ طاقت جي
زور تي ئي ملڪ شير خان جت بالاخر سنڌ جي نئين
حڪومت سان طاقت آزمائي ۽ ”ڇاڻي واري جنگ“ لڳي. ان
جنگ ۾ لاکاڻي جت ڪين وڙهيا ۽ ٻيا ڪي ”اوٺاڙي“ جت
ڀڳا. ”مٺاڻي“ وڙهيا، پر منجهائن هڪ مڙس
نـِـبـَـهندو عالياڻي ميدان مان ڀڳو، پر بتال ٿي
ويو ۽ ست ڀيرا ”ڇاڻي“ ٽپيو. هڪ پاسي کان گهڙي ٻئي
پاسي وڃي وري موٽي. ان تان پهاڪو پيو ته
”نـِـبهندو ست ڀيرا سير اُکتو“ لاکاڻين ۽
نـِـبـَـهندي عالياڻي جي پٽ ۽ پوٽي پوءِ پئي اها
ڳالهه ڳڻي ته ڪنهن پر ”ڇاڻي“ واري ميار لاهجي.
لاکاڻي لـُـوڻي تي ويٺل هئا. ساڻن ٻيو راڄ
”متوئن“ جو هو. ميان غلام شاهه واري وقت ۾ انهن تي
”ماليات“ ٻڌي وئي، يعني ساليانه داڻيبندي يا ٻئي
ڪنهن حساب سان رقم ٻڌي وئي. ڪلهوڙن جي زوال واري
دؤر ۾ هنن ڪانه ڏني، پر ٽالپورن جي حڪومت ۾ نئين
سر سرحدن تي انتظام ٿيا، جنهن موجب ڪو کٽياڻ
فوجدار، لـُـنڊن ۽ کوسن جو مختصر اٽالو ۽ منشي ساڻ
ڪري ”لوڻي“ ڏانهن روانو ٿيو ته اتي لاکاڻي جتن کان
ماليات وصول ڪري.
اها خبر سڀ کان پهريائين جيوي نالي
لاکاڻيءَ کي پئي، تنهن سڀني کي ٻڌايو. هي موقعو
ڏسي مڙس تيار ٿيا ته مقابلو ڪن ۽ ”ڇاڻي“ واري ميار
لاهين. منداڻي جتن مان به مڙس ساڻن ڀيڙا ٿيا جن ۾
عارب، سؤتڪ ۽ سهراب همٿ ڀريا هئا. نبهندي عالياڻي
جو پوٽو شير نالي همٿ ڀريو جوان ساماڻو هو، سو به
اچي پهتو ۽ چيائين ته: ”آءٌ سر به ڏيندس پر ڏاڏي
تان پهاڪو لاهيندس.“ پوءِ هنن ويهي مصلحتون ڪيون.
ٻار ٻچا ٻئي پاسي روانا ڪري ڇڏيائون. جتن کان
سواءِ متوئا، واڍا توڙي پاڙي ۾ ويٺل مينگهواڙ پاڻ
سان ڀيڙا ڪيائون. پوءِ ”لـُـوڻي“ کان هليا ۽
”ڀٽاري“ جي ويجهو اچي گس جهلي ويٺا ته جيئن ئي سنڌ
وارا رهمڪي کان اچن ۽ هي مٿن حملو ڪن. رهمڪي بازار
کان جيڪا واٽ لـُـوڻي ڏانهن ويندي هئي، ان تي رڻ
کان پريان پهريون پـِـياڻو (پاڻي پيڻ جي منزل)
ڀٽارو هو، جنهن تي مـَـنداڻي جت ويٺل هئا.
هي اڳواٽ جنگ جي تياري ڪري ويٺا هئا. جڏهن
سنڌ وارا پريان روانا ٿيا ته هنن کي خبر پئي ته
انهن ۾ ڪي ته دفتري منشي ۽ عملي جا ماڻهو آهن،
باقي سپاهه ايترو گهڻو ڪونهي. جڏهن هو رڻ وارو پنڌ
ڪڍي اچي ڀٽاري جي اُترئين طرف رڻ جي ڪنڌي تي پهتا
ته ڀٽاري ۾ پاڻي پين ۽ ساهي کڻي اڳتي لـُـوڻي
ڏانهن روانا ٿين ته هنن مڙسن دير ئي ڪانه ڪئي ۽
مٿن حملو ڪيائون، جنهن ۾ عارب منداڻي سامهون
لـُـنڊ ٻروچ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو، شير عالياڻي
کٽياڻ کي ماريو ۽ پاڻ به مئو. کوسا جيڪي کٽياڻ جي
اٽالي ۾ هئا سي ميدان ۾ ڪين بيٺا. پر کٽياڻ جي
اڳواڻي ۾ لـُـنڊ ۽ ٻيا جيڪي مڙس هئا سي آخر تائين
ميدان ۾ بيٺا، جتن، متوئن، واڍن ۽ مينگهواڙن مان
گهڻن کي ماريائون. سنڌ جو باقي بچيل اٽالو لاشا
کڻائي پوئتي موٽيو. جتن ۽ ٻين کي ٻئي طرف کڻائي
”ٻـُـرڪر جي تڙ“ کان اُتر ۽ لوڻي جي تڙ“ کان ڏکڻ
دفن ڪيائون. بودلو شيهه به هن مقابلي ۾ ماريو. هو
درويش قبيلي جو هو، سو هن مقام تي ”شهيدن جو مقام“
نالو پيو. چڱي جت هن جنگ تي بيت چيا جن مان جيڪي
مالڪڏني فقير کي ياد هئا سي اسان لکيا ۽ هيٺ ڏجن
ٿا.(1)
1. ساراهيان سو ڌڻي جنهن جي وڏي وڏائي
”لاکاڻي“ لـُـوڻي ۾ هـُـدائي
”مـَـتـُـوتا“ ان ماليات ۾ ڀيڙا هئا ڀائي
”جيوي“ ڳالهه جتن کي سورهيه سڻائي
ته اُپڙي ٿي اُتر ۾ ڪا ٻيليا ٻلوائي
مانجهيا متان ڪا ڪريو ڪوجهي ڪمائي
تن مردن مڇون رتيون کـُـني کير کائي
هو نـُـهـَـرا نـِـوائي، راوتَ رکي اُڀيا.
2. راوت رکي اُڀيا سي لاکاڻي لـُـوڻار
مهندان ڏنو مير کي قيصر شينهن قرار
ته: وک مَ کڻج وترَي هي آهن ٻاروچاڻا ٻار
گس تي پـُـٽ گگهـَـيرين جا آهن ڀاري وڏا ڀار
مر سڻي ڪيچ قنڌار، ته مانجهي ميرن گڏيا.
3. مانجهي ميرن گڏيا مهندان ماهيا سانـَـهه
روٽ پچايائون رُڪ جا سي مرکائي موٽن خان
هي دفتري ديوان، وڃي ڏين سماچار سنڌ کي.
4. ڏين سماچار سنڌ کي، ڪهي ڪاڳـَـرِيا
ته: هي قيصر شينهن ڪاڇي جا، هو ٻروچ ئي ٻيا
سورهيه ڪندا سا، جا ڪي سوڀدار سنڌ سان.
5. جا ڪي سوڀدار سنڌ سان، اهڙيءَ منجهه آهين
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾ ٿا ويتر وڌائين
پڙٿا پنجاهين جا مر ڳڃان ڳوٺ ڳاهين
راوت سڀ راهين، لاکاڻي لوڻي ۾.
6. لاکاڻي لوڻي ۾ مڙيو مصلحتون ڪن
ته: جوانا ڪو جواب ڏيو "ڪيئن وڙهيو سين ويرين!
لڄون، لڏون، لاڏڪا ڇڏيا ڪين پڄن
جرم ڪريو هلندا پهرُو نه پاسي تن
نان وڙهي سين ويرين، سائو سوڀارا ٿيو."
7. سائو سوڀارا ٿيو، انهينءَ اهڃاڻن
کـُـتا ٿي کونهر ڀٽاري ڀڙَن
آيو عارب ات هئا منجهان مندائين
ليٽائي رکيو لـُـنڊَ کي هائـِـنگ پئي هئن
مهندين لڳيون منهن ۾، جهليا پير پوين
کوما کـِـسي چـُـريا، کنئي لوٿ لـُـندن
خوشيءَ سان خانن، تن ڪـُـٽي ڪٽڪ واريا.
8. ڪـُـٽي ڪٽڪ واريا، پاونگ کوڙي پير
هڪڙيون شيرون شاه بدين تان، ٻيو شيرون مٿان شير
پهرِين شرم شهيد ڪري، پوءِ ڀريائين پير
کني ساڻ کٽياڻ کي ڍڳ ڪيائين ڍير
سڄو ڏيهه سانکي ٿيو، شال ڏنو جو شير
هن جهوي مـَـٽَ جهـُـوڙير، وڃي اڳيون ڪـُـر اجاريو
9. آيو بودلو اُسري، تتي تيڏيءَ وار
جن پيتي شاهه شيرن جي سي چـُـريا ڪين چمار
مٿي شرم ماهو ٿيا مري مينگهواڙ.
واڍي پنهنجي وار، ات مري تنهن ملهائي.(1)
(ٽ) ڳٺي جي منڌرن جون ڳالهيون:
گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي، ته جنڪيءَ ۾ منڌرا ۽
جوڻيجا رهندا هئا. انهن مان جوڻيجا رياست جا والي
هئا. منڌرن جي رياست مانڌر ڌاري هئي، پر ڪي خاندان
جوڻيجن جي جاگير ۾ به رهندا هئا. منڌريون ۽
جوڻيجيون پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهن تي وينديون هيون. هڪ
ڏينهن ڪي منڌريون ڇوڪريون سوير پاڻي ڀرڻ آيون.
اُتي جوڻيجن جو هڪ نوجوان به اچي نڪتو ۽ هڪ حسين
منڌري ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيو. هـُـن پنهنجي دل جي
ڳالهه پنهنجي پيءَ سان ڪئي، جوڻيجي پنهنجي جوڻيجن
کي سمجهايو، ته ”منڌرا خود زوراور برادري آهي. ۽
همه جاگير جي مالڪ آهي. جهڙي جاگير پاڻ کي آهي،
اهڙي جاگير جا هو به والي آهن. انهن جا ڪي ڪٽنب
پاڻ وٽ رهن ٿا، انهن سان هٿ چراند ڪرڻ نه گهرجي.“
پر نوجوان تي عشق جو ڀـُـوت سوار هو. انهيءَ پيءُ
کي ڏاڍو تنگ ڪيو. پيءُ ڏاڍو لاچار ٿيو ۽ ڀائرن کي
گهرائي، انهن سان صلاح ڪئي. انهن کيس چيو، ته
”اِها ڳالهه اڻ جـُـڳائتي آهي، پنهنجي پـُـٽ کي
انهيءَ ڳالهه تان لاهي ڇڏ.“ پر عاشق نوجوان جي
پيءَ چيو، ته ”آءٌ ته هن کي سمجهائي سمجهائي ٿڪو
آهيان، پر مڃي ئي نٿو.“ راڄ جي ڪن چڱن مڙسن اُن
نوجوان کي سمجهايو، پر هـُـو باز نه آيو. آخر
نوجوان کي مجبور ڏسي، جوڻيجن فيصلو ڪيو ته، ”منڌرن
کان اِهو سڱ گهربو.“ پر سماٽ جي قاعدي موجب اِها
اَسـُـهاتي ڳالهه هئي. ڇوته سماٽ برادرين ۾ اِهو
دستور آهي، ته اُهي پنهنجي ذات کان سواءِ ٻيءَ ذات
کي سڱ نه ڏينديون هيون، نه ئي وري اڃا ڪو سماٽن ۾
اهڙو دستور آهي. منڌرا منڌرن کي ۽ جوڻيجا جوڻيجن
کي سڱ ڏيندا هئا، پر منڌرا، جوڻيجن کي سڱ ڏين،
اِها هڪ نئين ڳالهه هـُـئي.
منڌرن وٽ مقرر ڏينهن تي جوڻيجا گڏجي ويا. ڪاتيءَ
گدري وارو ڪم ٿي ويو. منڌرن ڏٺو، ته اسان جي جاگير
جا والي ڀائر جيسين واهر ڪـَـن ئي ڪـَـن، تيسين
جوڻيجا اسان سان الائجي ڪهڙي جٺ ڪندا. هو رياست جا
ڌڻي آهن، اسان سندن رياست ۾ رهون ٿا. هاڻ هنن کي
ڪهڙو مناسب جواب ڏيون؟ آخر منڌرن گڏجي فيصلو ڪيو ۽
جوڻيجن کي چيو، ته ”اوهان ڀلي ڪري جيءُ ڪري آيا.
اوهان ڀلي آرام سان موٽي وڃو. اسان پاڻ ۾ صلاح
ڪريون، پوءِ اوهان کي اطلاع ڏينداسون. الله چڱي
ڪندو.“ جوڻيجن اِها ڳالهه مناسب سمجهي ۽ هو اچي
گهر ڀيڙا ٿيا.
منڌرن سوچيو ته هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي. انهن مان واڍو
منڌرو تمام سياڻو ۽ عقلمند هو، تنهن چيو، ته
”جوڻيجن کي جواب ڏبو، ته نتيجو خراب نڪرندو، تنهن
ڪري انهن کي سڱ ڏيڻو ڪريو.“ اِهو ٻڌي جوشيلا جوان
ڪاوڙيا، پر واڍي چين، ته ”منهنجي سڄي ڳالهه ٻڌو.
مون کي اوهان کان به وڌيڪ جوڻيجن تي خار آهن. اُهي
تڏهن لهندا، جڏهن اوهان جون تلوارون جوڻيجن جي رت
۾ رڱبيون. رٿا هيءَ رٿي ويئي، ته جوڻيجن کي
”هاڪار“ ۾ جواب موڪلجي. هو ايندا، ڇنو پنهنجي
نموني ٺاهجي. پوءِ انهن کي ڪيئن تباهه ڪجي، سا
ڳالهه هن پنهنجن ذات ڀاين کي ٻڌائي. سڀني کي واڍي
جي ڳالهه وڻي. منڌرن جوڻيجن کي چوائي موڪليو، ته
”اوهان جي سڱ واري ڳالهه اسان کي قبول آهي، هن
تاريخ تي اچي شادي ڪري وڃو.“ جوڻيجن کي اِها
خوشخبري ملي، ته هو ڏاڍا سرها ٿيا. شاديءَ لاءِ
بندوبست شروع ٿي ويو.
واڍي ڇا ڪيو جو ٻارهن ايڪڙن ۾ ڇنو تيار ڪرايو. ڇني
کي چوڌاري چڱيءَ ريت بند ڪيو ويو. رڳو هڪ دروازو
اچڻ وڃڻ لاءِ ڇڏيو هو. اُن ڇني اندر هرهنڌ ڇڪا
(1)
ٽنگيا ويا. اُهي ڇـِـڪا ڪـَـلَ تي هـُـئا. واڍي
جيڏيءَ مهل ڪـَـلَ کي ڇڪ ٿي ڏني، اُن وقت ڇڪا مٿي
ٿي هليا ويا. هن پوءِ منڌرن کي سمجهايو، ته
”جوڻيجا هتي ايندا سي ڪي هٿين خالي ڪونه هوندا،
هنن کان تلوارون ڇڪن ۾ رکائبيون. اوهان تلوارن کي
بيٺ ۾ ٻڌي رکجو. هنن جون تلوارون جڏهن مٿي ڇڪن ۾
چڙهي وڃن، تڏهن هنن تي حملو ڪجو. اُميد ته فتح
اوهان کي نصيب ٿيندي.“ منڌرن کي گولي جي صلاح وڻي
۽ هو ڪاڄ جي ڪم ۾ لڳي ويا. هر ڪنهن منڌري پنهنجي
تلوار کي ماڃي ۽ پاڻي ڏياري تيز ڪيو ۽ چيلهه ۾
تلوار کي لڪائي رکڻ جي ترڪيب به واڍي کان سکي.
تلوار اندر ور ۾ لڪي پيئي هجي، ته به ڪنهن کي
ڪـَـل نه پوي ته ڪو همراهه سان تلوار ساڻ آهي.
مقرر ٽائيم تي جوڻيجا ڄڃ وٺي آيا. منڌرن وڏيءَ
مرحبا سان هنن کي ڇني ۾ ويهاريو. منڌرن ڏٺو ته سڀ
جوڻيجا آرام سان ويهي رهيا آهن، تڏهن تلوارن رکڻ
جو معاملو پيدا ٿيو. منڌرن کين چيو ته: ”اوهان جي
تلوارن رکڻ لاءِ اسان ڇڪا ٺاهيا آهن.“ جوڻيجن ڏٺو
ته ڇڪا به اسان اڳيان آهن. تلوار اڳيان پيئي
هوندي. اُن کان سواءِ منڌرن وٽ ڪوبه هٿيار نه ڏسي،
هنن جنگ لاءِ سوچڻ به ڇڏي ڏنو. جوڻيجن پنهنجون
تلوارون کڻي ڇڪن تي رکيون. واڍو منڌرو اهو ڏسي،
پنهنجيءَ ڪـَـلَ وٽ ويو. اُتي وڃي ڪل کي زور
ڏنائين: ”ڪل چـُـري، ڪڙڪو ٿيو.“ تلوارن وارا ڇڪا
مٿي هليا ويا. منڌرا جي بکين شينهن وانگر جوڻيجن
کي ڏسي رهيا هئا. انهن تلوارن کي مٿي کڄندو ڏٺو،
ته پنهنجي بيٺ مان لڪيل تلوارون ڪڍي اچي جوڻيجن تي
ڪڙڪيا. جوڻيجن کي ناس ڪري ڇڏيائون. رت جون نديون
وهڻ لڳيون. جيڪي به آيا هئا، سي سڀ قتل ٿي ويا.
انهيءَ کان پوءِ، منڌرن لڏڻ جو سعيو ڪيو. هنن لڏڻ
لاءِ ٽپڙ اڳي ئي ٻڌي ڇڏيا هئا. پنهنجي گاڏين ۽
رينڪڙن تي سامان سڙو کڻي، جوڻيجن جي جاگير مان
روانا ٿيا ۽ منڌرن جي راڄ جي ڀرسان ڳٺي ڍوري جي
ڪنڌيءَ تي اڪريءَ ۾ اچي رهيا. پنهنجي منڌرن ڀائرن
سان حال اوريائون. منڌرن فيصلو ڪيو، ته جوڻيجا جي
اسان جي حد ۾ ڪاهي آيا ته کين ڏسي وٺبو. جوڻيجن جا
جوڌا جوان ڪـُـسي ويا. باقي جي بچيل هـُـئا، انهن
سوچيو ته منڌرا حق تي هئا، اسان هنن جي غيرت کي
للڪاريو هو. تنهن ڪري هنن موٽ ۾ حملو ڪونه ڪيو، پر
پنهنجي ڀرسان رهندڙ ساٿين کي هو هاڻ سڄڻ نه، پر
دشمن جي نظر سان ڏسڻ لڳا. منڌرا پوءِ جيئن جنڪيءَ
مان ويا، تيئن اڪريءَ ۾ ڳٺي جي ڀرسان راڄ ڪري وڃي
رهيا.
اُن کان پوءِ جوڻيجا ۽ منڌرا پيا تـَـوڏبا هئا.
ننڍيون ننڍيون لڙايون هنن ۾ پيون لڳنديون هيون.
انهيءَ لڙائيءَ کان پوءِ سڀيئي منڌرا، مڙني جوڻيجن
جا دشمن ٿي پيا. انهيءَ ڳالهه کان پوءِ، اهي
پاڙيسري جيڪي هڪٻئي لاءِ سهارو هئا، سي هڪ ٻئي جا
مارُا ٿي پيا.
’جياٺ’ جيڪا، جيئي جوڻيجي جي حد ۾ هـُـئي ۽ اِهو
نالو به اُن تي ”جيي“ جي نالي پٺيان پيو هو. منڌرن
جو جوڻيجن کي اکيون ڏيکاريون ته، جوڻيجا وڌيڪ
هيسجي ويا. پوءِ ته، منڌرا پنهنجو مال وٺيو جوڻيجن
جي سيمن مان گاهه چاريو واپس هليا ويندا هئا.
جوڻيجن ۾ منڌرن سگهه ڪونه ڇڏي هئي. انهيءَ ڪري
منڌرا ”جياٺ“ تائين مال پيا چاريندا هئا. جياٺ
تلهار کان ڪجهه اُتر پاسي آهي، اوستائين اچيو
پهچندا هئا.
هڪ ڏينهن ڪو منڌرو پنهنجو مال وٺي جياٺ جي ڀرسان
بخاري پير جي حد ۾ وڃي گهڙيو. مال ته سڄو کيت ڀيلي
ڇڏيو. بخاري پير کي خبر پيئي تنهن منڌرن ۽ جوڻيجن
جي تڪرار کي هڪ پاسي رکي، اُن منڌري ڌنار کي ڏاڍا
موچڙا هنيا. اُن ڌنار اِها دانهن وڃي منڌرن کي
ڏني. منڌرن سائينءَ کي چوائي موڪليو، ته ”اوهان
اسان جي ڌراڙ کي جوڻيجن جي ڏڍ تي مار ڪڍي آهي.
هاڻي اسان کي اوهان لاءِ ڪوبه احترام نه آهي. اسين
اچون ٿا، منهن ڏيو.“ قاصد اِهو نياپو کڻي پهتو،
اُن وقت بخاري پير وٽ جيئو جوڻيجو پاڻ ويٺو هو.
قاصد کي بخاري پير چيو، ته ”اوهان اچو ته ڀلي اچو.
اسان کان پـُـڳي ته منهن ڏينداسون، نه ته ڏاڍا ته
اوهان هونئن ئي آهيو.“ تنهن تي سائينءَ کي جيئي
جوڻيجي چيو ته، ”منڌرن کي اچڻ جو نه چئو، نه ته هو
وري به اچي ڪوس ڪندا. رهيل طاقت به هلي ويندي.“
بخاري سيد سڳوري جيئي جوڻيجي کي دل ننڍي ڪندي ڏسي
چيو ته، ”تون پرواهه نه ڪر. اوهان سان آءٌ مددگار
آهيان. منڌرن کي سواءِ ڀاڄ جي، ٻيو ڪجهه به نصيب
نه ٿيندو. تون رڳو دل وڏي ڪر. اوهان کي الله جي
حڪم سان منڌرا ٻڌيو ٿو ڏيان، پيا ڪـُـهجونِ ۽
اڳيان پويان وير وارجو. منڌرا اُٿي ڀڄندا، اوهان
پٺيان لڳجون. جيستائين اوهان جي اڳيان سهو نه
لنگهي، تيستائين هنن کي ماريندا وڃجو. پوءِ موٽي
اچجو. اوهان ۽ منڌرن جي اُها سرحد آهي.“ پوءِ ته
جيئو جوڻيجو به لشڪر وٺي تيار ٿيو. منڌرا به لشڪر
وٺي پهتا. جيئي ساڻن جنگ ڪئي. بخاري سائينءَ جي
ڪرامت سان منڌرن هارايو ۽ وٺي ڀڳا. بخاري سيد ۽
جيئو جوڻيجو لشڪر سان منڌرن جي پٺيان پيا ۽ لشڪر
کي ويا ڪـُـهندا. آخر بخاري سيد موجوده شاهه
قادريءَ وارن قبن وٽ بيهي رهيو ۽ جوڻيجا منڌرن کي
ماريندا اڳتي وڌندا ويا. موجوده پراڻي قاضيا واهه
وٽ جوڻيجن جي اڳيان سـَـهـَـو نڪتو ۽ سندن رستو
ڪٽي ويو. تڏهن جوڻيجن پير جهليا ۽ موٽي سيد
بخاريءَ وٽ آيا. پاڻ جـِـت بيٺا هئا، اُتي نشانو
ڪري فرمايائون، ته ”هتي هڪ وڏي دين جي رکوالي جو
آستانو ٿيندو.“ پوءِ هنن کان جنگ جو احوال
پڇيائين. پاڻ احوال معلوم ڪري فرمايائين ته:
”اوهان ۽ منڌرن جو هاڻ دنگ اِهو ٿا ليکيون. انهيءَ
دنگ کان هن پاسي جيڪو به منڌرو اُڪرندو، اُٰن مان
جنگي طاقت ختم ٿي ويندي ۽ هو بيڪار ٿي ويندو ۽ جتي
سهو نڪتو هو، اُن جي هـُـن ڀر جيڪو به جوڻيجو
ويندو، اُن تي منڌرا ڇانيل رهندا.“ اُن جاءِ وٽان
پوءِ قاضيا واهه نڪتو. بخاري بادشاهه جي تربت جياٺ
جي اُتر اُلهندي ۾ آهي. اُن جي تربت تي جهنڊو لڳل
آهي. جوڻيجا انهيءَ تي سال ۾ ڏيهاڙو لڳائيندا آهن.
انهيءَ کان پوءِ جوڻيجن ۽ منڌرن جي پاڻ ۾ ڪا لڙائي
ڪونه ٿي. البت سڀڪو پنهنجي جاگير ۾ سکيو ۽ سهنجو
ويٺو هو. هڪٻئي کان سندن لاڳاپا ٽٽي ويا.
منڌرن ۽ جوڻيجن جو هڪ قصو لوڪ داستانن هن ريت آهي
ته: جنهن وقت دهليءَ تي فرخ سير حاڪم هو، اُن وقت
ڳٺي جي منڌرن جو اوج هو. فرخ سير بهادر شاهه اول
جو پوٽو ۽ عظيم شاهه جو پٽ هو. پاڻ حسين علي ۽
عبدالله شاهه سيد برادران جي مدد سان دهليءَ جي
تخت تي ويٺو. عبدالله شاهه هن جو وزير ۽ حسين علي
مغل فوج جو سپهه سالار مقرر ٿيو. جيئن ته هن جي
وڏن مان اورنگزيب ۽ جهانگير جو سنڌ سان گهڻو تعلق
هو. انهيءَ ڪري فرخ سير به سنڌ سان ڪافي تعلق پيدا
ڪيو. هو جڏهن جوڻيجن وٽ پهتو، تڏهن هنن گهڻيون ئي
آڏيون اُبتيون ڳالهيون ٻڌائي فرخ سير جي دل ۾،
منڌرن لاءِ نفرت پيدا ڪئي. فرخ سير جي فوج جوڻيجن
جي چـُـرچ تي لڳي، ڳٺي وارن منڌرن تي ڪاهي وئي.
اُتي جيڪي حڪومت ڪندڙ هئا، انهن مان هڪ پاڳارو
(پاڳ وارو) ۽ ٻيو واڳارو (واڳ وارو) جهلي ٻانهو
ڪيائين ۽ کين دهليءَ وٺي ويا. انهن پهلوانن کي فرخ
سير وڃي جيل ۾ رکيو. منڌرن جي ماءُ ٻيو ڪو حيلو
وسيلو نه ڏسي، شاهه قادري بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر
ٿي، فرياد پيش ڪيو. بادشاهه پير جي هن سخيءَ مرد
کي دل ۾ ٻاجهه اچي ويئي ۽ هن جي ٻچن ڇڏائڻ لاءِ
آماده ٿيو. پر مائيءَ جي نيت پروڙڻ لاءِ هـُـن کي
مخدوم نوحرحه جي ڪـُـنيءَ واريءَ جڳهه ڏانهن
روانو ڪيائين ۽ چيو هئائينس، ته ”اُتي طالب پيا
پڙهن. تون وڃ، جيڪو اڀرو ٻالڪو ڏسين، اُن کي اکائي
وهج. اُهو ڪرو کڻي نڪري ۽ جڏهن هٿ مان ڪرو ڪري
پويس، تڏهن کيس منهنجا سلام ڏج ۽ چئج ته مون کي
پنهنجا فرزند ڇڏارائي ڏي.“ انهيءَ ڏس تي مائي
ڪـُـنيءَ واري ميدان ڏانهن ويئي، جيڪا پيرو لاشاري
ڀرسان آهي. اُتي هن ڏٺو ته برابر مڪتب مان هڪ اڀرو
شاگرد اُٿيو ۽ اُن جي هٿ ۾ ڪرو هو. ڪرو ڪـِـري
جـُـهري پيو. اوڏي مهل اُن منڌريءَ عرض ڪيو، ته
”شاهه قادريءَ توهان کي سلام چيا آهن. منهنجا پٽ
دهليءَ ۾ قيد آهن، مهرباني ڪري اُهي ڇڏرائي ڏيو.“
اُن اڀري شاگرد چيو ته، ”امڙ! تنهنجا وڏا پير، جو
ڀلاري مڙس جا سلام مون ڏانهن کڻي آئي آهين. پر مون
۾ ايتري سگهه نه آهي. بادشاهه پير کي وڏي طاقت
آهي، تون وري اُن وٽ وڃ.“ مائي وري پنڌ پيئي ۽ اچي
بدين پهتي. ڏسي ته اُهو ڏٻرڙو ٻالڪ اڳي ئي ويٺو
آهي. مائيءَ کي ڏسي بادشاهه پير ڇوڪري کي چيو، ته
”توهان مائيءَ کي جلد ڇوڪرا ڇڏائي ڏياريو.“ تنهن
تي اُن ڇوڪري مائيءَ کي چيو، ته ”مائي! تون وڃ،
وڃي بنگلا صاف ڪر. تنهنجا ڇوڪرا تو وٽ شام جو پهچي
ويندا.“ مائي هتان ويئي، سو وڃي بنگلا صاف
ڪرايائين. اڃا بنگلا صاف پئي ٿيا، ته سندس پٽڙا
پهچي ويا، پر ٻنهن کي نيئر پيل هئا. مائي ڪاريگر
گهرائي نيئر وڍرايا، پر اُهي اهڙا ته لوهه هـُـئا
جو لهي نه سگهيا. اِهو حال ڏسي مائي وري به سڌو
شاهه قادريءَ جي خدمت ۾ پهتي ۽ سڄو احوال پيش
ڪيائين. شاهه قادريءَ جي حڪم تي هڪ هنجهه پکي ۽ هڪ
ڪبوتر اچي وڻ تي ويٺا. جنهن مان هنجهه نيئرن کي
چهنب هنئين ته نيئرَ لهي پيا، اهڙي طرح ڳٺي وارا
منڌرا فرخ سير جي مصيبت مان آجا ٿيا. اڄ سوڌو
مانڌر جا منڌرا هنجهه پکي نه کائيندا آهن ۽ اُن کي
پنهنجو محسن ۽ قومي پکي ڪري ليکيندا آهن.(1)
(ٺ) تاجـن منڌرو:
بدين جي ڏکڻ تان مانڌر آهي. مانڌر ۾ گهڻو ڪري
منڌرا برادري رهندي آهي. اڳي جڏهن بدين جي ڀرپاسي
۾ جوڻيجن جو راڄ هو، تڏهن مانڌر ۾ منڌرا حاڪم هئا.
منڌرن جا ڪيترا راڄواڙا هئا. انهن مڙني ۾ مک راجا
تاجن هو. تاجن منڌري کي غرور به حد درجي جو هو.
سندس ڪوٽ ڳوٺ ڍوري جي اُڀرندي کان هوندو هو.
هن جي ڪوٽ کي ڪوبه ويجهو ڪونه ويندو هو. هڪ ڏينهن
هن جي راڻيءَ کي خيال ٿيو، ته آءٌ ٻانهين (ڇوڙا)
چاڙهايان. آخر هن لڪ ڇپ ۾ ٻانهيارو گهرايو ۽ ٻانهي
چاڙهي. اِها خبر ڪنهن پر ۾ تاجن کي پئجي ويئي. هو
ڏسيل جڳهه تي ويو، ڏسي ته برابر سندس زال چوڙيگر
کان چوڙا پيئي چاڙهائي ۽ هن جي ڀرپاسي ۾ ٻانهيون
بيٺيون آهن. هن جي هٺيلي فطرت اهو برداشت ڪري نه
سگهي، ته هن جي گهر واريءَ کي ٻيو غير مرد ڏسي
وڃي. لازمي آهي ته اهو ٻين سان وڃي تاجن جي راڻيءَ
جي حسن جون ڳالهيون ڪندو. اِهو سوچي تاجن پنهنجي
حسين ترين راڻي ۽ انهيءَ چوڙيگر کي ٻانُ ڪيو.
انهيءَ ڳالهه کي بلڪل لڪائي رکيو، ته جيئن ڪنهن
بنيءَ بشر کي خبر نه پوي. پوءِ هن ڪوٽ جي ديوار
ٺهرائڻ شروع ڪئي ۽ رازن کي راز کان آگاهه ڪيو.
رازا، بادشاهه جي امر کان ڪيئن انڪار ڪن. هنن راڻي
۽ چوڙيگر کي جيئرو ڀت ۾ هڻي، اوساري کڻي ڀت ۾ پوري
ڇڏيو. اهڙي طرح سندس ظلم جي ابتدا ٿي.
انهيءَ کان پوءِ جڏهن به ڪوٽ جي ديوار ٺهندي
هـُـئي، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن بدنصيب جي شامت ايندي
هئي ۽ اُهو دانهون ڪندو رهندو هو. اُهو ڀت جي وچ ۾
بيهاريو ويندو هو. هن جي چوڌاري رازا مٽيءَ جي
گاري ساڻ سرون هڻندا ويندا هئا ۽ هو ڏسندي ڏسندي،
دانهون ڪندي ڪندي ڀت ۾ دفن ٿي ويندو هو.
انهيءَ کان پوءِ تاجن، ستن پاڙن مان هڪ هڪ زال
پرڻيو ۽ ست راڻيون سندس ڪوٽ جي اندر رهڻ لڳيون.
انهن مان پنج ڄڻين کي پهرين سال پوڻيٺيءَ جون ڌيئر
ڄايون، باقي ٻه ڄڻيون بنا اولاد رهيون. تاجن کي
اچي ڳڻتيءَ ستايو ته هي نياڻيون مون کان ٻيا منڌرا
گهرندا. جتي سڱ ڏيندس، اُتي لاچار ٿيندس. اِهو
ويچار ڪري پنهنجون نياڻيون پنهنجن زالن کان وٺي،
اُهي به خوني ديوارن ۾ لاءِ ڏنائين. اهڙيءَ طرح
کيس جيڪا به ڌيءُ ڄمندي هئي، اُن کي ديوارن ۾
پورائي ڇڏيندو هو.
انهيءَ کان پوءِ تاجن جي اکين ۾ شرم ۽ حياءَ جا
پاڇولا نه رهيا. هو ڳٺي جي ٻين راجائن وانگر
انهيءَ عمل تي آيو، ته جيڪا به ڪنوار هتان لنگهي،
سا تاجن جي محل جي سلامي ضرور ڀري. پوءِ ته
پنهنجين ۽ پراين تي تاجن جا هٿ کڄڻ لڳا. آخر هڪ
ڏکويل اِها دانهن هڪ الله لوڪ درويش ۽ فقير وٽ سيد
سليمان شاهه وٽ کڻي ويو. هو تاجن جي ظلم کان اڳي
ئي باخبر هو، پر جڏهن ماڻهن کيس سڄيءَ روئداد کان
واقف ڪيو، ته تاجن خلاف هن بيت ڏنو، بيت ڇا هو،
الاهي آواز هو:
سر سڪو پٻڻ سائي، تاجن ڏني تانگهه،
جيسين ڌرتي مٿي ٻانگ، تيسين مور نه موري منڌرو.
بيت جو مطلب هو، ته اِهو ملڪ ڦٽي ويندو. تاجن ظلم
سان حد ڪري ڇڏي آهي، جيسين هن ڌرتيءَ تي اسلام
قائم هوندو، تيسين منڌرا ذات نه مورندي.“ اِهو بيت
انهيءَ ڏينهن منڌرن جي وات پيو. منڌرن ڏٺو ته ريءَ
گناهه ٿا فقير جي واتان پٽجون. ”ڏوهه ۽ ظلم ڪري
هڪڙو تاجن ۽ ڀرين سڀ منڌرا.“ اِهو سوچي سڀ منڌرا
گڏجي سيد سليمان شاهه وٽ آيا ۽ عرض ڪيائونس، ته
”سائين تاجن برابر ظالم آهي... هو اسان جي نٿو
مڃي، اوهان بيشڪ انهيءَ کي پٽيو. پر اسان سڀني
منڌرن کي ته پـِـٽُ واري بيت ۾ نه گڏيو... ڪرم ڪري
بيت ورايو.“ سليمان شاهه چيو ته، ”اوهان جي تاجن
سان ظلم ۾ ڀاڱي ڀائيوار نه ٿيو، ته بيت آءٌ بيشڪ
واريندس.“ منڌرن اِهو ٻڌي، سيد سڳوري کي يقين
ڏياريو، ته ”اسان جو تاجن سان ڪوبه تعاون نه
رهندو.“ اهو ٻڌي سيد سڳوري پنهنجي پاراتي وارو بيت
ورائيندي چيو ته:
سر سـُـڪو پٻڻ سائي، تاجن ڏني تانگهه،
جيسين ڌرتيءَ مٿي ٻانگ، تيسين مور نه موري ڳهڻو.
منڌرن مان ”ڳهڻو“ نالي اوڙڪ هـُـئي، تاجن انهيءَ
اوڙڪ مان هو. ان ڪري فقير انهيءَ ڪيڙ کي پٽيو ۽
ٻين کي ڇڏي ڏنو. انهيءَ بيت تاجن جي تباهي ڪيئن
آندي. اهو به هڪ داستان آهي.
احمد شاهه قلندر کان مليل نيزو کوڙي ويٺا. چون
ٿا ته مينهن سان گڏ سڻي مڇي وٺي، اِهو سوڻ ڏسي
پوءِ جتن تي حملو ڪيائون.
هن جنگ جو راوي فقير مالڪ ڏنو مٺاڻي نالي جت
آهي، ڪتاب ”جنگناما“
مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سال 1984ع سنڌي
ادبي بورڊ، ڄام شورو
جنگناما: مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سال
1984ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
جنگناما: مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سال
1984ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
روايت مٿين ڳالهيون ڳٺي ڍوري جي سروي ڪرڻ وقت
مون کي خان منڌري، رازق ڏني جوڻيجي، پکرئي
راڄڙ (منڌري) ابراهيم منڌري ۽ ٻين بزرگن
ٻڌايون. (ليکڪ)
|