سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان

باب؛ 5

صفحو ؛ 11

 

باب پنجون

ڳٺي ڍوري سان لاڳاپيل نيم تاريخي واقعات

 (الف) اوٺن جو دڙو:

موجوده پيرو لاشاريءَ جي اُتر اولهه طرف سڏ کن پنڌ تي ”اوٺن جو دڙو“ آهي. بدين- حيدرآباد رستو انهيءَ دڙي جي وچ مان لنگهي ٿو. اڳي انهيءَ دڙي جي جاءِ تي اوٺن جو ڳوٺ هوندو هو. اوٺا شاهوڪار مڙس هوندا هئا. انهيءَ ڪري سندن ڳوٺ هوريان هوريان شهر ۾ تبديل ٿي ويو. انهيءَ شهر کي وڌيڪ هٿي، ڀرسان وهندڙ ڳٺي جي ڍوري ڏني، جنهن جي پيٽ مان ڏيساور کان ٻيڙيون املهه شيون آڻينديون هيون. هتي جي واپارين جو نيرون ڪوٽ سان گڏ، عربي سمنڊ جي عرب سوداگرن سان به وڏو واپاري تعلق هو.  هن شهر ۾ نه فقط سٺو واپار ٿيندو هو، پر ديني مدرسا به تمام گهڻا هئا، جن مان هڪ مدرسو ته يونيورسٽيءَ جي حيثيت کي پهتل هو. پري پري کان شاگرد اُتي ايندا هئا ۽ تعليم جي زيور سان آراسته ٿيندا هئا. جيئن ته اهو مڪتب، شاهي مسجد ۾ هو، تنهن ڪري مسجد کي رات جو روشن رکڻ تمام سخت ضروري هو، جيئن ٻالڪ پنهنجا ڏنل سبق ياد ڪري سگهن. ان کان سواءِ ڪيترا شاگرد جيڪي ٻاهران ايندا هئا، اُنهن جي گذر سفر لاءِ سڀ شاگرد گڏ ڳوٺ مان هر خميس تي، هر ڪنهن کان حال سارُو مدد وٺندا هئا. اتي جا رهاڪو شاگردن کي وڏي حب سان، پنهنجي مال مان ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏيندا هئا، ائين ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ ٿي پوندو هو ۽ پرديسي طالب العلم بنا ڪنهن روزگار جي کـُـٽڪي جي تعليمي عمل ۾ سرگردان هوندا هئا. اڳي طالب العلمن کان فيس جا پئسا نه ورتا ويندا هئا، پاڻ علم جي ڳولائن جي مدد ڪئي ويندي هئي.

اتي جي خطابين جو هڪ قصو هن ريت مشهور آهي ته: هڪ خميس تي مدرسي جا شاگرد خميس وٺڻ نڪتا، دڪانن، هٽن، بيٺڪن، گهرن تان خميس وٺندا اچي گهاڻي واري وٽ پهتا. اُن ڏينهن گهاڻي واري جي طبعيت اُٿندي کان ئي ڪا خراب هئي. هو پنهنجيءَ گهر واريءَ سان وڙهي آيو هو. پنهنجن نوڪرن چاڪرن کي به پئي چڪي کاڌائين. ايتري ۾ مدرسي جا ٻارڙا به نعرا هڻي اچي پهتا ته، ”خير خيرات، جمعي رات، ڏيو مدرسي لاءِ خيرات.“ نوڪرن مان جيڪو مکيه تيلي نوڪر هو، تنهن مسجد لاءِ اڳوڻي وانگر مٽ مان تيل اوتڻ شروع ڪيو. ايتري ۾ گهاڻي جي مالڪ چيو ته، ”هيءُ ڇا ٿو ڪرين؟“ چيائين ته، ”مسجد لاءِ تيل ٿو ڏيان جيئن هميشه ڏيندا آهيون.“ پر مالڪ چيس ته ”نه، تيل رکي ڇڏ.“ نوڪر حڪم جو بندو، هن اوتيل تيل وري ٿانءَ ۾ وجهي ڇڏيو. مدرسي جا شاگرد اوٺن جي شهر ۾ اهو پهريون مثال ڏسي، ماٺ ۾ اچي ويا. مدرسي جو جيڪو وڏو ٻالڪ هو، تنهن سڀني ٻالڪن کي مسجد ڏانهن ورڻ جو چيو، باقي رهيل گهرن کان مدرسي لاءِ خيرات کي به درگذر ڪيو ويو. اڳواڻ طالب العلم اچي استاد کي شڪايت ڏني ته، ”فلاڻي گهاڻي واري مدرسي لاءِ خيرات نه ڏني، انهيءَ ڪري اسان ٻين گهرن کان به خيرات نه وٺي، سڌو اوهان وٽ آيا آهيون. هاڻ جيڪو حڪم هجي...“ شاگردن جو خيال هو ته، ”استاد ناراض ٿيندو.“ پر ائين ڪونه ٿيو. استاد فرمايو ته ”خيرات آهي دل وٽان، جيڪڏهن هن خيرات نه ڏني ته هو ڪو مياري ڪونه آهي. اوهان وري واپس وڃو ۽ رهيل گهرن مان خيرات وٺي اچو.“ استاد جو  حڪم اکين تي رکي سڀ شاگرد موٽي ويا ۽ رهيل گهرن مان خيرات وٺي موٽي آيا. اُن کان پوءِ به هنن کي گهاڻي وارو همراهه دل ۾ ڪنڊي وانگر پئي لڳو. ڪجهه وڏا ٻالڪ گڏجي گهاڻي واري لاءِ سوچڻ لڳا. سوچيندي سوچيندي هڪ ڳالهه تي پهچي ويا. انهيءَ ڳالهه کي رات پيٽ ۾، عمل ۾ آڻڻو هو. سڀني ٻارن کي سڄيءَ رٿا کان واقف ڪيو ويو. هونئن جيڪي ٻارڙا سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ سمهي رهندا هئا، سي به اڄ جاڳي رهيا هئا. جڏهن سمجهيائون ته، هاڻي سڄو شهر سمهي رهيو هوندو، تڏهن سڀ اُٿيا. ٻاجهر ۽ جوئر جي ڪانن جي دَن کي پٺيان اچي ڦاڙيائون. پوءِ ته ننڍو وڏو شاگرد ٻاجهريءَ جي ڪانن مان ڀاڪر ڀريندو مسجد جي ڀرسان رکندو آيو. اُتي ٻه ٽي طالب العلم بيٺا هئا، اُهي مناسب طريقي سان ڪانن کي لڳائيندا آيا. آخر آڌيءَ رات کان ٿورو وقت اڳ ٻاجهر ۽ جوئر جي ڪانن مان مسجد لڳ چاڙهي ٺهي ويئي. مقرر انداز موجب شاگرد ويا. جن گهاڻي واري جو وڃي اُٺ اٿاريو. اُٺ اُٿاري مسجد جي ڀرسان اچي ويهاريائون. هنن کي ڊپ هو، ته اُٺ دانهون ڪندو، تنهن ڪري پنهنجن پٽڪن سان اُٺ جو منهن ٻڌائون. البت نڪ آجو ڇڏيائونس، جيئن اُن مان ساهه آسانيءَ سان کڻي سگهي. پوءِ ٻارن جي اڳواڻ، اُٺ جي مهار جهلي ڪانن جي چاڙهيءَ ڏانهن وڌيو. اُٺ به اُٿي اوڏانهن هلڻ لڳو. پٺيان سڄي مدرسي جا ٻارڙا هئا. انهن جي هٿن ۾ لٺيون، ڌُڪا ۽ ڇانڀا هئا. اُٺ ڪجهه اڳتي ٿيو، ته هن کي چڙهڻ ۾ تڪليف ٿي، ٻارڙن اوڏي مهل مٿس لٺين جي مار جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو. اُٺ مارجي ڪري لاچار مٿي چڙهندو ويو، تان جو وڃي مسجد جي ڇت تي پهتو. اُتي ٻالڪن اُٺ کي ويهاري سندس منهن ڇوڙيو، ۽ ٽنگون ٻڌي ڇڏيون ۽ پوءِ ٻاجهر ۽ جوئر جا ڪانا جتان کڻي آيا، اُتي واپس رکي آيا. رات پيٽ ۾ ٻهارا ڏيئي ڪانن جي کڻڻ جا پار پتا ۽ اُٺ جا پير ائين ڊاهي ڇڏيائون، جو ڄڻ ته اُتي ڪجهه ٿيو ئي ڪونه هو. اُن کان پوءِ ٻارڙا بي فڪرا ٿي سمهي رهيا ۽ اُٺ مسجد مٿي ٻڌو بيٺو رهيو.

صبح ٿيو. صبح جي نماز تي سڀ مؤمن اچي گڏ ٿيا. اوچتو ڪنهن جي نظر وڃي مسجد مٿي ويٺل اُٺ تي پيئي. هن کي ويساهه ئي نه پيو اچي، ته ڪو اُٺ مسجد تي چڙهي سگهي ٿو. آخر هڪ هڪ ٿي سڀني ماڻهن کي خبر پئجي ويئي. ايتري ۾ گهاڻي واري چيو ته، ”هيءُ اُٺ ته جهڙو ڪر منهنجو آهي.“ پوءِ هو ڊوڙ ڪري گهاڻي تي ويو، اُتي سندس اُٺ موجود ڪونه هو. سو اچي جماعت کي چيائين ته، ”هيءُ اُٺ منهنجو آهي. مون ڪالهه ٻالڪن کي تيل ڪونه ڏنو هو، اها پڪ سان انهن جي شرارت آهي.“ مولوي صاحب ٻالڪن جي اڳواڻ کان پڇيو، تنهن چيو ته، ”سائين! ڳالهه برابر ائين آهي. هاڻ اُٺ ڀلي گهاڻي وارو هيٺ لاهي.“ ماڻهن جا وات ڦاٽي ويا، ته رات پيٽ ۾ اِهو اُٺ ٻارن مٿي آخر ڪيئن چاڙهيو؟ پوءِ ته سڀ ڪو ڌار ڌار خيال ظاهر ڪرڻ لڳو... ڪو چوي، ته رسن ۾ ٻڌي اُٺ کي ٻارن مٿي چاڙهيو آهي، ڪو چوي، ته ٻارن الله جي اسم سان اُٺ کي مٿي چاڙهيو آهي، ڪو چوي، ته ٻارن سان جن ساٿي ٿيا آهن، تڏهن اُٺ مسجد جي ڇت تي چڙهيو آهي.” جيترا هئا وات، اوتريون هيون ڳالهيون. گهاڻي واري ڏٺو ته، ٻالڪ باسين پيا، سو  گهاڻي انهن جي ئي گهتل آهي، سو مولويءَ کي عرض ڪرڻ لڳو، ته ٻالڪن کي چؤ ته منهنجو اُٺ جيئن مٿي چاڙهيو اٿن، تيئن هيٺ لاهين.“ مولوي صاحب اڃا جواب ڏئي ئي ڏي، تيسين اڳواڻ چيو، ”اُٺ هاڻ هيٺ تڏهن لهندو، جڏهن مسجد جو سڀ تيل ڏيندين!“ ٻالڪ اڳواڻ جي اِها خبر ٻڌي گهاڻي واري چيو ته، ”آءٌ بيشڪ مسجد لاءِ جيترو تيل کپندو، اوترو ڏيندس، پر منهنجو اُٺ لاهي ڏيو.“ مولوي صاحب به شاگردن کي اُٺ لاهڻ لاءِ چيو. اڳواڻ ٻالڪ سڀني کي حڪم ڪيو ته، ٻاجهر ۽ جوئر جا ڪانا آندا وڃن. حڪم جي دير هئي. ڪانا اچي ويا. چاڙهي ٺهي ويئي، ماڻهو ڏسندا رهيا. شاگردن وڃي اُٺ جون ٽنگون آجيون ڪيون. ٽنگن ۽ ڪنڌ ۾ وڏا رسا وجهي ٻالڪن انهن ڇيڙن کي جهليو ۽ اُٺ کي اُن چاڙهيءَ تي وٺي آيا. نوڙن ۾ ڇڪيو جهليو بيٺا هئا، جيئن اُٺ ٿڙي ڪري نه پوي. پوءِ آهستي آهستي اُٺ ويو هيٺ لهندو. تان جو اچي پٽ ورتائين ۽ گهاڻي وارو عجب مان اِها ڪار ڏسي ٻين وانگر حيران ٿيندو رهيو ۽ آخر اُٺ وٺي گهاڻي تي ويو. اُتان تيل جو مٽ مسجد لاءِ خود کڻي اچي ڏيئي ويو ۽ روز پڇا ڪرڻ ايندو هو، جڏهن به تيل کٽندو  هو، تڏهن پاڻ تيل ڏئي ويندو هو. ٻارڙا جڏهن خميس وٺڻ ايندا هئا، تڏهن هنن کي وڏيءَ حب مان ڌار خيرات ڏيندو هو. ماڻهن ۾ اها ڳالهه مـُـلڪان مـُـلڪ مشهور ٿي ويئي.

هن دڙي سان ساڳين ٻالڪن جي باري ۾ هيٺئين ڳالهه پڻ مشهور آهي(1):

اڳوڻي زماني ۾ ڪڏهن ته ڏڪار پوندا هئا، ڪڏهن پيدا ڪيا ويندا هئا. ڏڪار پوندا هيئن هئا، جو سالن جا سال برسات نه پوندي هئي ته مـُـلڪ ۾ اناج ٿورو ٿيندو هو. بلڪ نه به ٿيندو هو. پوءِ ڏڪار هئڻ سبب مـُـلڪ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو هو. اُن زماني ۾ ڏڪاريا واپاري به رهندا هئا، اُهي ڄاڻي ٻـُـجهي ڏڪار پيدا ڪندا هئا. ڪندا هيئن هـُـئا جو اناج لهڻ وقت سستو ۽ سڀ اناج وٺي پنهنجن ڀانڊن ۾ ڀري رکندا هئا. بازار ۾ اَنَ نه آڻيندا هئا، نتيجي طور ڪجهه وقت کان پوءِ ملڪ ۾ ڏڪار پکڙندو هو ۽ پوءِ اُهي واپاري وڏي اگهه ۾ اَنَ وڪڻي، پنهنجيون ٽجوڙيون ڀريندا هئا. اهڙا ڏڪاريا ڏيهه ۾، شاهه جي ڏينهن ۾ به موجود هئا. شاهه سائينءَ انهن کي ڏسي چيو هو:

حـُـڪـُـمُ ٿيو بادل کي، ته سارنگ ساٺ ڪجن،
وڄـُـون وسڻ آئيون، ٽـَـهَ ٽـَـهَ مينهن ٽمن،
جن مـَـهـَـانگو لـَـهي ميڙيو، سي ٿا هـَـٿَ هڻن،
پنجن منجهان پندرنهن ٿيا، اِئن ٿا ورق ورن،
ڏڪاريا ڏيه مان، شال موذي سڀ مرن،
وري وڏي وس جون، ڪـَـيون ڳالهيون ڳنوارن،
سـَـيدُ چوي سڀن، آهه توههِ تنهنجي آسرو

اُن وقت هڪڙو ته ٻه ٽي سال برسات ڪونه پيئي هئي، ٻيو ته ڏيهه جي ڏڪارين اَنَ مهانگو ڪندي ڪندي غائب ڪري ڇڏيو هو. نتيجو هي نڪتو جو ماڻهو بک مرڻ لڳا. جڏهن مـُـلڪ ۾ بک پکڙي پيئي، تڏهن مڪتب جا طالب علم ڪهڙي منهن سان بکئي ۽ ڏکئي ڏيهه مان خيرات وٺڻ وڃن؟ اِهو سوچي هنن خيرات تان هٿ کنيو. البت ڪن ڀر پاسي وارن زميندارن ۽ واپارين کان ’ميان جي’(1) وڃيو مدرسي جي نالي اناج وٺيو ايندو هو. ڪجهه اناج، ڪجهه جهنگل جو ڏٿ گڏجيو پوندا هئا. انهيءَ مان طالب علم پيا پورت ڪندا هئا، پر اناج تي گهٽ ۽ ڏٿ تي وڌيڪ ڀروسو رکندا هئا، ڇوته اناج تمام ٿورو هو. اُن وقت ڄارين ۾ پيرون به اچي پڪا هئا، سو ٻالڪ رٻ پاڻي ڪندا هئا ۽ اڳواڻ جنهن کي مـُـهوڙي طالب علم به چئبو هو، هنن کي پيروئن جون هڪ ٻه ٽاريون پٽيو ڏيندو هو، اُها کايو پنهنجن سبقن کي پيا ياد ڪندا هئا. اُن ڏينهن رٻ پاڻيءَ لاءِ به اناج اچي کـُـٽو هو. سو ’ميان جي’ دل ذات وارن جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. آسرو هئس ته، اُتان ڪجهه نه ڪجهه اناج ملي پوندو ۽ طالب علم ڪجهه وقت رٻ پاڻي ڪري وقت ڪاٽي ويندا. ’ميان جي’ روانو ٿيو، ڳٺي جي ڍوري مان ڪا ٻيڙي اوڏانهن ٿي ويئي، تنهن تي چڙهي وڃي ”دلن جي ڪوٽ“ ۾ پهتو. اُتي هڪ ديندار مسلمان وڏيري سان اندر اوريائين. اُن چيس ته، ”مون وٽ ته اناج منهنجي لاءِ به مس پورت آهي، پر اسان جي قوم جا ٻچا پيا بک مرن، تڏهن آءٌ پيٽ ڀري ويهي کائي ڍؤ ڪريان. اهو ٻڏڻ جو مقام آهي. انهيءَ کان ته بهتر آهي، ته ڳٺي ڍوري جي ڪنب جي ڪـُـن ۾ ٻڏي مرجي.“ ائين چئي هن 4-5 مڻ چانورن جا شاگردن لاءِ ميان جيءَ کي کڻي ڏنا. نه فقط ايترو ڪيائين، پر پنهنجو ٻيڙياتو به کيس ڏنائين ۽ اُهو ٻيڙيءَ ۾ اناج کڻي اوٺن جي ڪوٽ ڏانهن روانو ٿيو.

هوڏانهن ميان جيءَ جي وڃڻ کان پوءِ، سڀني ٻالڪن گڏجي مـُـهوڙيءَ کي چيو ته، ”ڀاءُ! ڪيترا ڏينهن ٿيندا، جو رٻ ڍُڪ به نه مليو آهي. هوڏانهن پيروئن سان ڄاريون ڀريون بيٺيون آهن، پر کوٽ جي ڪري اُتان به هڪ ٻن ٽارين کان وڌيڪ پيرون پلئه ڪونه ٿا پون. ”ميان جي“ دلن جي ڪوٽ ڏانهن ويو ته برابر آهي، پر اناج آڻي يا نه آڻي. هاڻ هڪ ڪرم ڪر، موڪل ڏي ته پيرونءَ کائي ڍؤ ڪريون.“ مـُـهوڙيءَ پهرين ته لنوائي ويو، پر بک هن کي به کنيو بيٺي هـُـئي، تنهن چيو ته، ”استاد ته ڪاوڙبو، پر ماشاء الله، پيرونءَ کائي ڍؤ ڪريو.“ ٻارن کي موڪل ٿي. هو ڄارين تي چڙهي پيا، ڀر پاسي ۾ مولوي صاحب ڏٿ لاءِ جيڪي به ڄاريون رکايون هـُـيون. ٻالڪن اُهي سڀ چونڊي چونڊي کائي ڇڏيون، انهن ۾ هڪڙو به پيرون ڪونه ڇڏيائون. پيرون کائي ڍؤ ڪيائون. پاڻيءَ ڍُڪ پي ڪجهه وسرام ڪيائون. اُن تان سڀني کي خيال آيو، ته مولوي صاحب پاڻ لاءِ ڄاريون ڏٿ لاءِ وڏي نظر ڌاري رکايون هيون. اناج نه هوندو هو، تڏهن انهن ڄارين جا پيرون کايو گذر ڪندا هئاسون. هينئر جو اسان هڙ موڙي پيرون کائي ڇڏيا آهن، سو پڪ سان استاد صاحب ناراض ٿيندو. جڏهن سڀني جي ذهن ۾ اِها ڳالهه ويٺي ته اِهو ڪم دورانديشيءَ کان پري جو ڪيو اٿئون ۽ اها ڳالهه به ڌيان ۾ آين، ته انهيءَ ڳالهه تان استاد ڪاوڙبو، اهو سوچي هو ٻڏتر ۾ اچي ويا. ضمير چڪ وجهڻ لڳن، مـُـهوڙي خطابيءَ چيو ته، ”ڪنهن به مڪتب جي شاگردن اهڙو ڪم ڪونه ڪيو هوندو، جهڙو پاڻ کان ٿيو آهي. پاڻ پڪ سان استاد جي عتاب جي هيٺ اينداسون. هاڻ هلو ته مسجد سڳوريءَ ۾ هلون. الله کان دعا پنون ته هو اسان کي پنهنجو ڪري، نه ته ميار مان جان ڪونه ڇٽندي.“ سڀني چيو ته، ”اِها ڳالهه واقعي آهي.“ پوءِ سڀ مسجد ۾ پهتا. محراب خالي ڇڏيائون، ڇوته اُتي سندن اُستاد محترم ويهي کين پڙهائيندو هو. هرڪو شاگرد پنهنجي پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺو. ڪتاب کوليا ويا. اُن کان پوءِ وڏو شاگرد اُٿي بيٺو. هن آسمان ڏانهن دعا لاءِ هٿ کنيا، سڀني شاگردن انهيءَ جي پـوئواري ڪئي. مهوڙي طالب علم الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ عرض ڪيو ته، ”يا رب العزت! اسان استاد جي وڃڻ کان پو“، بکئي پيٽ جي بهڪائڻ سبب، اُن جي احڪام کي اورانگهي ويٺا آهيون، اسان جو استاد ايندو ۽ اسان تي اچي ڏمربو. انهيءَ ڏمر کان اسان کي بچاءِ، اسان جي سچا شاگرد آهيون، ته اسان جو  عرض قبول ڪر. مسجد اسان مٿان ڪيراءِ ته جيئن اِهو گناهگار منهن پنهنجي استاد کي ڏيکارڻ کان اڳ مري وڃون.“ الله تعاليٰ انهن نيڪ ۽ صالح شاگردن جو عرض اگهايو، انهن کي شرمندگيءَ کان بچايو. مـُـهوڙي ٻالڪي دعا گهري دنگ ڪئي ۽ ٻين ٻالڪن ”آمين“ چئي ڇيهه ڪيو، ته مسجد انهن طالبن مٿان ڪري پيئي ۽ سڀ انهيءَ مسجد سڳوريءَ ۾ شهيد ٿي ويا.

ڪجهه وقت کان پوءِ استاد محترم اناج کڻائي جو مسجد سڳوريءَ وٽ پهتو، ته اُتي ڪهرام متو پيو هو. سڄو ڳوٺ اچي گڏ ٿيو هو. مسجد شهيد ٿي چـُـڪي هئي. ميان جيءَ ڏٺو ته سڀ ڄاريون پٽيون ۽ کاڌيون پيون هيون. پاڻ ڳالهه پروڙي ويو. ماڻهن ڪوڏارون کڻي ٻالڪن کي ڪڍڻ جي ڪوشش شروع ڪئي، پر مولوي صاحب ماڻهن کي چيو ته، ”اوهان هنن شهيدن کي مسجد مان ڪڍڻ جي ڪوشش نه ڪريو. هي منهنجي عتاب کان ڊنا آهن. هنن پيرون کائي ختم ڪيا آهن ۽ پوءِ سوچي ويچاري دعا گهري آهي، الله سندن دُعا قبول ڪئي آهي. هاڻي هي سڄو ڪوٽ هنن شهيدن سان گڏ شهيد ٿيڻ لاءِ تيار هجي، ته دعا گهرون، جيڪي هتي رهڻ گهرن ٿا، سي هليا وڃن.“ ’ميان جي‘ ائين چئي محراب ڏانهن وڌيو. ڇوته محراب اڃا سلامت هو. ميان جي محراب هيٺان بيهي دعا گهري ته: ”اي مالڪ! منهنجا ٻچا شهيد ٿي ويا، منهنجو جيئن مرڻ انهن سان هو. هاڻ انهن کان سواءِ جيئڻ جنجال آهي. يا الاهي مون کي پنهنجن شاگردن سان ڀيڙو ڪر.“ دعا گهري دنگ ڪيائين ته، محراب اچي مٿانس ڪريو. محراب شهيد ٿيڻ سان شهر کي اهڙو لوڏو آيو، جو سڄو شهر زمين دوز ٿي ويو.

اِهو ”اوٺن جو ڪوٽ“ اڄ ”اوٺن جو دڙو“ پيو سڏجي. انهيءَ دڙي جي آسپاس هينئر به ڪجهه اوٺار رهن ٿا. ٽالپر، ملاح، شيخ ۽ ٻيون برادريون به هن دڙي جي ڀر پاسي ۾ رهنديون آهن. هي دڙو هينئر به اٽڪل روءِ ڇٽيهه ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ ۾ ٿيندو.

”اوٺن جي دڙي“ کي اڳي اوٺن جو ڪوٽ ڪري چوندا هئا. اِهو ڪوٽ ڳٺي جي ڍوري جي ڀرَ تي ٺهيل هو. ڳٺو ڍورو هن ڪوٽ جي اوڀر ۽ ڏکڻ کان وهندو هو ۽ اِهو ڍورو ”دلن جي ڪوٽ“ کان وهيو، هتان اچي گذرندو هو.

(ب) عبدالرحيم ڏيٿو:

عبدالرحيم ڏيٿو، مخدوم نوح رح  جو مريد هو. هڪ دفعي هلندي هڪ عورت تي نظر پئجي ويس. پتو پيس ته اِها عورت جنهن تي منهنجي نظر پيئي آهي، سا آرياڻي آهي. اِهو سوچي سندس وار اُڀا ٿي ويا ته، آل رسول صلعم کي مون ڏٺو ۽ اڃا اکيون رکايو پيو هلان. پوءِ هـُـو پنهنجي ماڳ تي موٽي آيو ۽ پنهنجون اکيون ڪڍرائي ڇڏيائين. اُن رات حضرت محمد صلعم، حضرت علي رضه، حضرت امام حسن رضه ۽ حضرت امام حسين رضه هن وٽ خواب ۾ آيا ۽ لب مکي سندس اکيون سچيون ڪيائون ۽ پاڻ سڳورن فرمايس ته، ”تو آلِ رسول صلعم جو ادب رکيو آهي. انهيءَ ڪري توکي ظاهري ۽ اندروني اکيون عنايت ٿا ڪريون ۽ هن جاءِ تي جيڪو بيهي نماز پڙهندو اُن کي وڏو ثواب عطا ٿيندو.“

فقير عبدالرحيم ڏيٿو اُن کان پوءِ رات ڏينهن هڪ ڪري رب پاڪ جي ياد ۾ گذاريندو هو. مٿانئس سندس مرشد مخدوم نوح رحه ڦيرو ڪرڻ آيو. حال پروڙي ڏاڍو روحاني سرور حاصل ڪيو، ۽ پوءِ اُن جاءِ تي پنهنجن معتقدن کي هر سال 9 ذوالحج تي نماز پڙهڻ جو امر ڪيو. اُتي اُن ڏينهن کان اڄ تائين انهيءَ تاريخ تي نماز ادا ٿيندي اچي، ۽ هزارين ماڻهو نماز پڙهڻ ايندا آهن ۽ روحاني سرور حاصل ڪندا آهن. انهيءَ ڪـُـنيءَ کي مخدوم نوح رحه جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ٿيٻا انهيءَ ڪـُـنيءَ تي زيارتين کي ڀـَـتَ کارائيندا آهن. اُتي اڄ هزارين ماڻهو اُها ريت قائم رکڻ لاءِ پنج وقت اچيو نماز پڙهن.

”ڏيٿي فقير کي پنهنجي هٿ ۾ ڪو ڦٽ نڪتو هو. نهار نه ڪرڻ تي اُن ۾ آهستي آهستي ٿي گڏرون پئجي ويون هيون. پاڻ انهن گڏرن ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڏيندو هو ۽ رات ڏينهن رب سائينءَ جي مٺيءَ ياد ۾ گهاريندو هو. هڪ ڏينهن پاڻ نماز پڙهي فارغ ٿيو. تڏهن ڪنهن مرشد ڀائيءَ، سندس هٿ جهلي سندس اڳيان جهليو ۽ چيو ته، ”سائين ڪرم ڪري هتي خدا ڪارڻ ڦيڻو وجهجو، ته مرض دفع ٿئي.“ پاڻ اِهو ٻڌي پنهنجي ڦٽ تي ڦيڻو وڌائين، ڦيڻي وجهڻ سان ڦٽ ڇـُـٽي ويو ۽ گڏرون ڪري پيون. اِهو ڏسي ڪنهن اڄاڻ کيس چيو ته، ”سائين! اوهان پاڻهين پاڻ کي ڦيڻو هڻيو، هن آزار کان پاڻ کي ڇو نٿي بچايو؟“ اِهو ٻڌي، پاڻ ان کي چيائون ته: ”ابا! جي تون منهنجو اندر ڏسين ته اُن ۾ ايڏو ڦٽ آهي، جنهن ۾ ههڙا  هزارين ڦٽ سمائجي وڃن. اُهو ڦٽ موت جو آهي. انهيءَ ڦٽ جي اڳيان اِهو  هٿ وارو ڦٽ ته ڪجهه به نه آهي.“(1)

فقير عبدالرحيم هن ڏيٿي بزرگ پوءِ پنهنجا ساهه به اُتي پورا ڪيا. اُن جي وفات کان پوءِ اُتي هر سال نماز ادا ڪرڻ لاءِ ماڻهو گڏ ٿيندا هئا ۽ اڃا به گڏ ٿيندا آهن. عبادت کي عشق جي حد تائين پورو ڪرڻ جو، جيڪو ڪم عبدالرحيم ڏيٿي شروع ڪيو هو، اُنهيءَ جي تصديق سندس مرشد مخدوم نوح رح اُتي نماز پڙهي ڪئي ۽ انهيءَ عبادت جي ياد دهيءَ لاءِ هزارين مؤمن اُتي اچي نماز پڙهندا آهن ۽ ڏيٿي فقير جي پـر پاريندا آهن.

(ٻ) پرماڻ ۽ توت بادشاهه:

ملڪ ۾ سدائين ظالم ۽ مظلوم جو معاملو رهندو پئي آيو آهي. ظالم ظلم ڪرڻ کان رهي نه سگهيا آهن ۽ مظلومن اهي ظلم خوشيءَ سان قبول ڪيا آهن.

لاڙ جي خطي ۾ ڳٺي جو ڍورو مشهور آهي. اهو ڪڏهن ڀرجيو وهندو هو، انهيءَ جي ڪناري تي ننڍا ننڍا راڄاڙا هوندا هئا. اتي جي راجائن جو دلورائي قانون هوندو هو. جيڪا به ڪنوار انهن جي حد مان درياء جي هـِـن ڀـَـر يا هـُـن ڀر ٿيندي هئي، ان کي اتي جي راجا جي عيشگاهه ۾ عصمت جي قرباني ڏيڻي پوندي هئي.

جنهن وقت جي هيءَ ڳالهه آهي. اُهو وقت شايد سومرن جي حڪومت جو هو. ڳٺي ڍوري جي اُڀرندئين ڪناري تي توت بادشاهه جو ڪوٽ هو. توت بادشاهه هڪ ظالم حاڪم هو. سندس ظلم تڏهن چوٽ چڙهندو هو، جڏهن ڪا ڪنوار سندس قانون جي وڪڙ ۾ اچڻ کان ڪيٻائيندي هئي. توت بادشاهه سومرن جي ڇهه آني ڀريندڙ هو. گهوڙن جو بيحد شوقين هو. گهوڙن جي وهنجارڻ لاءِ خاص پڳٺيون ٺهرايون هئائين. پاڻ پنهنجي ظلمي ڪارواين کي، انهن گهوڙن تي لشڪر سان چڙهي عمل ۾ آڻيندو هو.

ان وقت مانڌر ۾ سيراڻيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ حسين جميل سدا سـُـهڻي ”پرماڻ“ نالي جوان ڇوڪري رهندي هئي، جنهن جا ڪجهه عزيز ڳٺي جي هـُـن ڀر ترائيءَ جي ڀرسان رهندا هئا، هن جو گهوٽ به اوڏانهن ئي رهندو هو. آخر گهوٽيتن ڏينهن ٻڌا، ڪنوار اکئي ۾ (ونواهه) ويٺي، گهوٽ گهوڙي چڙهيو. شادي ٿي، گهوٽيتا ڄڃ وٺي ترائيءَ ڏانهن راهي ٿيا. سير راڻي (سيراڻي) جي ڳوٺ کان ترائيءَ ڏانهن جيڪو گهاڙ وهندو هو، اُهو توت بادشاهه جي ڪوٽ جي بنهه لڳولڳ تي مٽيندو هو. ڄاڃي گهوٽ ۽ ڪنوار کي وٺيو خوشيون ڪندا پئي ويا. جڏهن توت بادشاهه جي ڪوٽ جي ويجهو پهتا، ته راجا جا ماڻهو اچي پهتا. چيائون ته، ”ڪنوار راجا وٽ رات رهي، پوءِ ڍورو اُڪرندي.“ اتي سڀني کي پوڙهي ماهيڙ جي ڳالهه هـُـري ته هـُـن حق ٿي چيو، ته ”اها راهه ڏيئي نه وڃو. دلورائي قانون پيو هلي. ’پرماڻ‘ جهڙي حسين ڪنوار ته توت کي الله ڏياري. پر هن پوڙهي ماهيڙ جي ڳالهين تي ڪنهن به ڪن ڪونه ڏنو. هنن کي پنهنجي راجا جي ٻل تي ۽ پنهنجي تلوارن جي زور تي وڏو ڀروسو هو. تڏهن ماهيڙ لاچار ٿي چيو هو ته: ”پرڻي سا پرماڻ، جا ڳٺي جا وڻ اُڪري.“ ماهيڙ جنهن پوءِ جي ڪل ڏني هين، جنهن کي هنن ڪنايو ئي ڪونه هو. اها ڀـُـلڪار هينئر سندن سر مٿان سوار هئي. هنن سرويچن پنهنجي لـڄ کي بچائڻ لاءِ تلوارون اگهاڙيون ڪيون. پر توت جي اُڙد سپاهين هنن جا بازو جهلي ورتا ۽ سواءِ ڪنهن رتوڇاڻ جي هي سڀ ڪيڏاري ڪوڏيا ڪونڌر، ٻانها ٿي وڃي توت جي بند ۾ پيا ۽ پرماڻ توت بادشاهه جي رنگ محل ۾ پهتي. هي سڄو تماشو منٽن ۾ ٿيو هو، پرماڻ اڪيلي، بي سهاري توت جي اڳيان حاضر هئي. توت جا شيطاني جذبا جوان ٿي ويا. پرماڻ کي ويجهو پوڻ لڳو. هن ستي سوريهه سورميءَ هڪل ڪري، هن ظالم انسان کي پاڻ کان پري رهڻ جو چتاءُ ڏنو.

توت هن هيڻيءَ ۽ هاڻي ۾ هنيل نماڻي ناريءَ کي ڏاڍ جي پاڍ وجهڻ لڳو. پر ”پرماڻ“ به پاڻ هئي. هوءَ انهن عورتن مان ڪونه هئي، جي ظلم ۽ زور جي اڳيان پنهنجي خودداري ذبح ڪن. ضمير وڪڻي لوڪ ۾ ڪاڻياريون سڏجن. هن جو پنهنجي ڪانڌ کي لڱ آڇيو هو، اهو توت جي ظلم جي زير ٿيڻ جو نه هو.

توت بادشاهه پهرين نرميءَ سان ورتاءَ ڪيو پر کيس ڪجهه نه وريو، ته گرميءَ جا سعيا ڪيا. هو تپيو ڳاڙهو  ٿيو. هن ”پرماڻ“ تي چهبڪن جا وسڪارا ڪرايا، پر ٻيو مڙيئي خير ٿيو! اهو ست سيل جو زمانو هو. اڌ رات تائين ”پرماڻ“ آزمائش مان نڪرندي رهي. پر هن جي خيالن ۾ ڪوبه لوڏو ڪونه آيو. آخر توت بادشاهه مجبور ٿي ڇـُـرين سان هن جي بدن تي چهڪ ڏيارڻ شروع ڪرايا. ڪو زخم ٻانهن تي رسيو، ته ڪو نرڙ تي، ڪو ڇريءَ جو ڌڪ ڇڏ ڇڏان ۾ ڳل تي لڳو، ته ڪو سيني ۾ ”پرماڻ“ جي بدن جو رت نڪري ڳاڙهن ڪپڙن کي ڳوڙهو لال ڪرڻ لڳو.

ڪلاڪ کن جي ڪشمڪش ۾ هن جو بدن ذري گهٽ سڄو چٿجي ويو. هوءَ ساڻي ٿي ڪري پئي. توت اُهو موقعو غنيمت سمجهيو، پر هوءَ ڊنل هرڻيءَ وانگر ٽپ ڏيئي وري به اُٿي بيٺي ۽ انڪار تي قائم رهي. اتي هن نوڪرياڻين کي لوڻ گهرائي ”پرماڻ“ جي ڦٽن تي ٻرڪڻ جو امر ڪيو. بدن تي لوڻ ٻرڪيو ويو. بدن ٽانڊن وانگر ٻرڻ لڳو. اُن لوڻ ۾ مرچ به گڏيا ويا. پر ”پرماڻ“ چوڻ لڳي ته، ”منهنجو لڱ، لڱ وڍي ڇڏين، يا چم لاهي ڇڏين، يا وڍيل ڦٽن تي لوڻ لائين، ته به توکي لڱ نه آڇيندس.“ اهو ٻڌي توت بادشاهه گهڻو ڪاوڙيو ۽ نوڪرياڻين کي حڪم ڪيائين، ته رسا کڻي اچو، نوڪرياڻيون حڪم جون بنديون، نوڙيون کڻي آيون، هٿ پير رسن ۾ ٻڌا ويا. نوڙين ۾ وٽيل ”پرماڻ“ وهٽ وانگر زمين تي ڪري پيئي، ۽ ڪرڻ سان آهه ڪندي سندس ساهه نڪري ويو. توت بادشاهه ۽ نوڪرياڻيون ڏسندا رهجي ويا. توت ته رڳو هٿ مهٽيندو رهيو، پر ان وقت نوڪرياڻين جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.

ان وقت اَسر ٿي چڪو هو. نوڪرياڻين لاش هٿن تي کنيو ۽ قيدي بڻيل ”پرماڻ“ جي مڙس ۽ ڄاڃين اڳيان وڃي رکيو. توت بادشاهه پوءِ انهيءَ ڄڃ کي پنهنجي حد ۾ وڌيڪ رهائڻ مناسب نه سمجهي، آجو ڪرڻ جو چيو. ڪڙا لٿا، ڄڃ پرماڻ جو لاش کڻي ٻيڙين تي چڙهي ڳٺي جي ڍوري جي هن پاسي تي ٿي، هـِـنُ پاسي تي پهچي ”پرماڻ“ جو لاش ڀونءِ ڀيڙو ڪيو ويو.

هيءَ ڄڃ پوءِ نڀاڳي نصيب سان ترائيءَ پهتي. اتي جي نوجوانن ۾ توت سان جنگ ڪرڻ جو خيال اُٿيو، پر اُتي جي راڄواڙي جي راجا، هنن کي ائين ڪرڻ نه ڏنو... غريب مئو ڪنهن نه سئو. (غريب مئو نه ڪنهن ٻڌو) اهڙيءَ طرح ”پرماڻ“ ڪنوار بڻجي ڪري به، ڪنوار نه ٿي. پر پنهنجو لڱ پنهنجي حق کان سواءِ ٻئي کي نه آڇيو. پرماڻ جي قبر اڄ به ڪنهن کي ڏسڻي هجي، ته بدين تعلقي جي ڳوٺ ڀلي خاصخيليءَ جي ڏکڻ تان ۽ ڳٺي جي ڍوري جي اُلهندي تان ڏسي سگهجي ٿو. انهيءَ ”پرماڻ“ جي مرڻ کان پوءِ، هر ڪنهن ان ڪنوار کي، جا ڳٺي جي هـُـن ڀر يا هـِـن ڀر پرڻبي هئي. ته ”پرماڻ“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. جنهن جي اصطلاحي معنيٰ ”ڪنوار“ هوندي هئي. اهڙيون ڪئين ”پرماڻون“ ۽ ڪئين ڪنواريون ڳٺي جي ڪنڌي جي هـُـن ڀر يا هـِـن ڀر آرامي آهن.

ڀٽ ڌڻي گهمندي گهمندي ڳٺي واري ڍوري تان به ڦيرو ڪرڻ آيو  هو. ستين جون قبرون ماڻهن ڏيکاريون هيس. جڏهن کيس پرماڻ جي ڳالهه ڪن پئي هئي، تڏهن ستين جا بيت چيائين جي رسالي جي زينت آهن. ”پرماڻ“ جي وڍڻ، چيرڻ، ۽ چچرڻ جي خبر پيس، ته پاڻ سندس قبر مٿان وڃي بيٺو هو. سندس ساراهه کان پوءِ کيس مخاطب ٿيندي چيو هئائين ته:

”ستي تنهنجي سيل ۾، ڳالهه گهرجي ڳچ،
وڍيو چيريو چچريو، پر ۾ اڀي پـچ،
ان پر اٿي اچ، ته ٿئين ساماني ساڻيهه ۾.“

(ڀ) خليفو درس محمود:

شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا خليفا پري پري تائين پکڙيل هئا ۽ پنهنجي طريقي جي، پنهنجي مرشد پاران دستگيري ڪندا هئا، اهڙن خليفن مان درس محمود پڻ هڪ هو. موصوف نيڙَ ۾ رهندو هو، اها سيم ”ٻنيءَ“ ڪڇ ۾ آهي. هر سال مرشد تان ڀيرو ڪرڻ ايندو  هو. اُن سال به ڀيرو ڪرڻ آيو ته حويليءَ مان سڏ ٿيس، پاڻ وڃي ڏيڍيءَ تي بيٺو. پريان پردي ۾ بيبي صاحبا اچي بيٺي. پـُـرخلوص مريد حڪم ٻـُـڌڻ لاءِ آتو هو، ته مرشد جي گهران ڪهڙو ٿو امر ٿئي. آخر بيبيءَ سڳوريءَ پنهنجي مريد کي چيو، ته ”فقير ٻڌو اٿم ته جيسلمير جا جنڊ چڱا ٿين ٿا، توهان اُتان ڪو جنڊ اسان لاءِ آڻڻ جو ڪرم ڪريو. اسان وٽ پراڻو جنڊ آهي، مهمان گهڻا اچن ٿا، پيهيو پيهيو لڦون پئجيو وڃن. نئون جنڊ هوندو، ته اُڪلاءُ جلديءَ ۾ ٿيندو.“ مريد ۽ فقير پنهنجي مرشد جي گهر جا ارشاد ٻڌندو رهيو، جڏهن روحاني امر پورا ٿيا، تڏهن ٻيون ڳالهيون وچ ۾ ڇڏي ’نيڙ’ ڏانهن نڪتو، رات ڏينهن هڪ ڪندو پنهنجي ڳوٺ پهتو. اُتان سڌو جيسلمير روانو  ٿيو. جنڊ آهوڙيءَ کان وڃي هٿ ڪيائين، ٻن ٽن ڏينهن ۾ جنڊ تيار ٿي مليس ۽ پوءِ اهو جنڊ آهوڙي کي مناسب اجورو ڏيئي، هي صادق اليقين مريد جنڊ نقطه انهيءَ ڪري پنهنجي مٿي تي رکي روانو ٿيو، ته ٻيا متان ديرڪن ۽ بيبيءَ سڳوريءَ کي تڪليف ٿئي. ٻيو به ڊپ هوس، ته هن جنڊ کي آرياڻي پيهندي. ٻيا ماڻهو متان پاڪائي نه رکندا هجن، جي ائين ٿيندو، ته اِهو مون لاءِ ٻڏڻ جو مقام ٿيندو. اِهو سوچي جنڊ پنهنجي مٿي تي رکايائين ۽ بلڙي شريف ڏانهن پنڌ پيو. واٽ ۾ پنهنجي مٿي تان جنڊ لاهڻ جو جتن به رڳو انهيءَ ڪري ڪونه ڪيائين، ته ”آءٌ جنڊ لاهرايان ۽ مٿي تي چاڙهايان، اُهي ماڻهو بدن ۽ ڪپڙا پاڪ رکندا هجن يا نه رکندا هجن، ۽ اهڙي طرح هـُـن آرياڻي جي جنڊ کي پليد هٿ لڳن. اِهو خراب ڪم آهي.“ سو ڏينهن رات هڪ ڪري ٻلڙي  ڏانهن وڌندو ويو. واٽ تي جڏهن اوجاڳو ستائيندو هوس، تڏهن ڪنهن وڻ سان پاڻ کي ٻڌيو، ننڊ ڪندو هو ۽ جنڊ اُتي به سندس مٿي تي هوندو هو.

اهڙيءَ طرح سفر ڪٽيندو، هلندو هلندو اچي بلڙي شريف ۾ پهتو. ڏيڍيءَ تي ويو. اندر حويليءَ ۾ اطلاع ٿيو، جيسلمير کان ايترو سيگهه مان جنڊ آيو هو، تنهن لاءِ بيبي صاحبآ ڏاڍي خوش ٿي. پردي کي دور ڪري خود اچي پنهنجي خليفي جي مٿي تان جنڊ لاٿائين. ڪيترن ڏينهن کان جو مٿي تي جنڊ پيو هو، سو مٿي جي چمڙي ڪڙهي پيئي هئي، ۽ جڏهن مٿي تان جنڊ لاٿو ويو ته، چمڙي به جنڊ سان گڏ هلي آئي. هيڏيءَ وڏيءَ پرهيزگار آرياڻيءَ جي هٿان اُهو جنڊ مٿي تان لاهڻ، مريد لاءِ اِهو اجورو ئي گهڻو هو. آرياڻي سڳوريءَ مٿي تان چمڙي لهندي ڏسي شاهه ڪريم کي سڏ ڪيو. پاڻ پيهي آيا. درس محمود ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هو. مٿي تي چمڙي ڪونه هئي، الله وارن هٿ مٿي کنيا، دعا قبول پيئي، بيماري ويئي، چمڙي ٿي، وار اڀريا ۽ محمود فقير ٿـَـڪَ کان به آجو ٿيو ۽ پنهنجي اندر ۾ نئين قسم جو اطمينان ۽ آرام محسوس ڪيائين. روحاني فيض جي مٿس پالوٽ ٿي ۽ هو لوهه مان ڦري سون ٿي ويو.

ٻه ڏينهن روحاني بکرا مليس. پوءِ کيس امر ٿيو، ته ”ڳٺي جي ڍوري تي ساميءَ کي وڃي سڌو ڪر. هن گهڻن جا دين ۽ ايمان بگاڙيا آهن.“ مرشد جو حڪم اکين تي رکي، محمود ڳٺي ڍوري جي مذڪوره ڏس پتي تي پهتو. ساميءَ جي گودڙيءَ ۾ ويدانت جي وائي هـُـئي، جادوءَ جو زور هو، پر درس محمود اڳيان سندس ڪوبه حيلو ڪونه هليو، نتيجي طور ساميءَ کي تباهيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. ساميءَ جو ڪوٽ تباهه ٿي ويو. فقير محمود ڪوٽ جي اُڀرندي - اُتر کان دونهي دکائي ويهي رهيو. ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ خواب ۾ امر ٿيس، ته ”تنهنجون نياڻيون نيڙ ۾ ڏکيون آهن، اُهي وٺي اچ.“ پوءِ ڪڇ مان وڃي پنهنجون نياڻيون وٺي آيو. درس محمود جي امر هيٺ پرهياڙ، ملاح ۽ منڌرا ڀرپاسي ۾ اچي ۽ وسي چڪا هـُـئا، اُهي سندس مريد ۽ خادم هئا. پاڻ جو پنهنجون نياڻيون وٺي آيو، ته اُنهن لاءِ مريدن حويلي ٺهرائي ۽ فقير خليفي درس محمود جي عبادت گاهه ۽ مسجد به تعمير ڪيائون.

درس محمود ديهه جاکيجي، تپو اڪري، تعلقي ٽنڊي محمد خان (هاڻ بدين) ۾ آرامي آهي. سندس لوڙهه جي چوڌاري وڏين ڄارين جي ڇـانـَـوَ آهي، ۽ انهن ڄارين کي مريدن جي طرفان وڏو ويڙهو ڏنل آهي. سڀ مريد گڏجي پنهنجي مرشد جي ياد ملهائڻ لاءِ 27 تاريخ ڪتيءَ واري مهيني تي ڏيهاڙو ملهائيندا آهن.

(ت) ساميءَ جو دڙو:

وڏن وڏن ڍورن ۽ ندين جي ڪناري تي الله وارا بزرگ ۽ فقير درويش، گهڻو ڪري الله تعاليٰ جي مٺڙيءَ ياد لاءِ ويهندا آهن. انهيءَ وانگر سامي سڳورا به ڀڳوان يا الک جي پوڄا پاٺ لاءِ پراڻ يا ڍورن جا پاسا جهليندا آهن. مقصد ٻنهن ڌرين جو الک جو اُهاءُ ڏسڻ ۽ حق پروڙڻ آهي.

روايت آهي ته: هڪ وڏو سامي رهندو هو. وڏو دياوان ۽ ڪلا جو صاحب هو. هن وٽ ڪلا جي وسيلي ”ٻڌڙڪ سيلي“ ۽ ”مارمتولا“ هئا. جيڪي هندو ڌرم ۾ هوندا هئا، انهن مان ته سامي خوش هو، کيس مسلمان ڪونه ٿي وڻيا، تنهن ڪري هـُـو مسلمانن کي تڪليفون ڏيندو هو. ڪو چيو نه مڃيندو هوس، ته اُن کي ٻڌڙڪ سيلي بڇيندو هو. هـُـو ٻڌڙڪ سيلي کي بڇ ڪندو هو، ته جنهن تي بڇ ڪندو  هو، اُن جا هٿ پير ٻڌجي ويندا هئا، ۽ هن کي بدن ۾ ڪنڊا لڳڻ شروع ٿيندا هئا، ۽ هـُـو پيو ڦٿڪندو هو. جيستائين هار نه مڃيندو هو، تيستائين اُها ”ٻڌڙڪ سيلي“ اُن جي جند آجي نه ڪندي هئي. ساميءَ جي چوڻ سان جي ماڻهو ٻڌبا هئا ۽ جن کي مار پوندي هـُـئي، اُها رڳو اُهو محسوس ڪندو هو، جنهن تي اِهو عمل ٿيندو هو، پر ڏسڻ وارا رڳو ان کي لـڇندي ۽ ڦٿڪندي پيا ڏسندا. اِها مار ڪوبه مسلمان جهليوڪونه سگهندو هو، تنهن ڪري جنهن وٽ فقير ساميءَ جي جهولي ايندي هئي، اُن ۾ هرڪو هندو توڙي مسلمان ڪجهه نه ڪجهه دان (خيرات) وجهندو هو، جنهن اُن بـُـگريءَ ۾ ڪجهه به نه وڌو، اُن جي اُن وقت شامت اچي ويندي هئي. ائين ڪونه هوندو هو، ته ڪو سامي پنهنجيءَ بگريءَ سان گڏ هوندو  هو. پر بگري هوا ۾ جادوءَ جي زور تي ايندي هئي ۽ اکر جي ڏڍ تي هوءَ گهر گهر اڳيان وڃيو بيهندي هئي ۽ جيڪو نه ڏيندو هو، اُن وقت اکر جي زور تي ساميءَ کي سڌ پئجي ويندي هئي ۽ هـُـو گهڻو ڪري ”ٻڌڙڪ سيليءَ“ کي بڇ ڪندو  هو. ڪڏهن ڪڏهن
”مار متولا“ به ڪم ۾ آڻيندو هو. اهي ڄڻ ته بم هوندا هئا. اهي انهيءَ بي چئي گهر کي تباهه ڪري ڇڏيندا هئا. ساميءَ جي ظلم کان سڄو ڳٺو ڍورو ڊنو ويٺو هو. ڪنهن کي به اِها سگهه ڪونه هوندي هئي، جو ساميءَ جي امر کي آڏو اچي. اُن وقت قدرت کي ٻي وڻي، بلڙيءَ واري بزرگ شاهه عبدالڪريم پنهنجو خليفو درس محمود هن ساميءَ سان مقابلي لاءِ موڪليو.

اسان جي وڏن کان اها ڳالهه پيڙهين کان هلندي اچي، ته محمود فقير جڏهن ساميءَ جي ڪوٽ جي اُڀرندي اُتر کان دونهي دکائي اچي ويٺو ۽ الله جو مٺو نالو وٺڻ لڳو، ته ساميءَ کي اچي سر سان لڳي، ڇوته هن جي بـُـگريءَ هوا ۾ هلڻ کان انڪار ڪيو. ٻڌڙڪ سيلي ۽ مار متولا کي حڪم ڪيائين، سي به جهڙا هئا، تهڙا نه هئا. تڏهن ساميءَ پنهنجا منتر پڙهيا، پر وريو ڪجهه به ڪونه.
محمود فقير سان سندس مرشد شاهه ڪريم مدد ۾ بيٺو هو، هـُـو تر جون هڻي بيهي رهيو، پر وريس ڪجهه به ڪونه. تڏهن به ڪو ڪوٽ ڇڏي!؟ پوءِ درس فقير چوائي موڪليس، ته ”آءٌ توکي جئيندان ڏيان ٿو، تون مينهن واءُ ڪريو هليو وڃ.“ هن پنهنجن چيلن سان صلاح ڪئي. هن جا ڪوٽ ۾ هڪ سؤ چيلا رهندا هئا. چيلن چيس، ته ”سائين! پنهنجي ظلم سبب پنهنجا منتر ۽ هٿيار دم ڇڏي ويا آهن. هاڻ ظلم هونئن ئي ڪونه ٿا ڪريو منتر ٿا ساڌيون، پوءِ اِهو اڪيلو فقير ڪيڏانهن ويندو. مار متولي جي منجهس سٽ سهڻ ئي ڪونهي.“ ساميءَ کي پنهنجن چيلن جي اِها صلاح گهڻي وڻي ۽ پنهنجي ڪوٽ جا در بند ڪري، ڪجهه ٻالڪا چونڪيءَ تي ڇڏي، ٻيا ساميءَ سميت وڃي منتر ساڌڻ لڳا.

هوڏانهن درس فقير ملاحن، پرهياڙن ۽ منڌرن کي گڏ ڪيو ۽ چيو ته، ”مرشد جي دعا سان مون ساميءَ جي ڪانيءَ ۾ ڪلا جو زور ڀڃي ڇڏيو آهي.“ هاڻ هو پاڻ کي بي پهچ ٿو سمجهي، انهيءَ ڪري ڪوٽ جا دروازا کڻي بند ڪيا اٿس. ماڻهن ڏٺو، ته درس فقير ساميءَ کان بيشڪ ڪلا ۽ ڪلام ۾ وڌيڪ آهي، ڇوته هن جي گودڙي اسان وٽ خيرات وٺڻ ڪونه ٿي اچي. هونئن به ساميءَ جي مار متولن ۽ ٻڌڙڪ سيلي کان جند ٿي ڇـُـٽي. اهو سوچي سڀني قبيلن کڻي درس فقير جو ساٿ ڏنو.

گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اِهو گهاٽ گهڙيو ويو، ته ڪوٽ ڪـَـچو آهي، ڪيرائي وجهجي ۽ اندر وڃي، سامي ۽ سندس چيلن کي تلوار مان ڪڍي ڇڏجي. مذهبي ۽ ٻين ڪن سببن، ساميءَ کان ماڻهو ڊنا به ٿي. پر هن جي ظلمن جي ياد ٿي آين، ته هو وَسَ ۾ نٿي رهيا ۽ آخر اِها ڳالهه پڪي ٿي. سڀني گڏجي ساميءَ جي ڪوٽ تي حملو ڪيو. ڪوٽ جون ديوارون ڪيرائي سڀ ڪاهي پيا ڪوٽ ۾. فقير سڀني کان اڳ ۾ هو. پوءِ جيڪو ٿي منهن ۾ آين، انهيءَ کي ٿي هيءَ دنيا ڇڏايائون. تان جو آخر ساميءَ جي حياتيءَ جو باب لوهه جي تيز ڌارا سان ڪٽجي ويو. انهيءَ ڳالهه کان پوءِ سڄي ڪوٽ کي ڊاهي مٽي جو ڍير ڪيو ويو.“

دڙو جيڪو زمين کان اڄ به ويهارو کن فوٽ مٿي آهي، سو اِها پراڻي تاريخي ياد، هتي جي رهواسين کي ڏياري رهيو آهي. چون ٿا ته سامي ۽ سندس چيلا انهيءَ دڙي ۾ پورجي ختم ٿيا، اُتان سندن مڙهه ڪنهن به ڪونه کنيا. انهن جا هڏا انهيءَ دڙي ۾ دٻيل آهن. اِهو دڙو ديهه جاکيجي نمبر پهريون، بلاڪ 226 ۽ 227 تپو اَڪري تعلقي ٽنڊي محمد خان (هاڻ بدين) گونيءَ جي ڀر ۾ آهي. انهيءَ دڙي جي ڀرسان لڳ اُڀرندي اُتر پاسي تي درس محمود فقير آرامي آهي، جنهن جي قبر تي مٺيون ڄاريون ڇانوَ ڪريو بيٺيون آهن.

(ٿ) شيرخان چانگ (وڏو):

وَڏو شيرخان چانگ ساميءَ جي دڙي جي سامهون، ڳٺي جي ساڄي ڪناري تي رهندو هو. اُن وقت ميرن جي بادشاهي هئي. جيئن ته پاڻ ڳٺي جي پوٺي ۾ زوراور جوان هو، تنهن ڪري ميرن کيس پنهنجن خاص اميرن ۾ شمار ڪيو هو. هن مٿير مڙس وٽ ڪافي جوڌا جوان رهندا هئا. انهن کي هٿيار ۽ بارود پاڻ مهيا ڪندو هو. اُهي جوان ڳٺي جي رهندڙن جي پناهه هئا. ڪنهن کي مجال نه هوندي هئي، جو انهيءَ حد ۾ چوري ڪري. جيڪڏهن ڪنهن کي کـُـٽي کڻندي هئي، ته انهن محافظ چانگن جو رت وٽڙيو پوندو هو ۽ تيستائين آرام سان نه سمهندا هئا، جيستائين پنهنجي ڳوٺائي ڀاءُ جو وير پورو نه ڪندا هئا.

شيرخان چانگ کي انهن سنڀال لهندڙن لاءِ وڏي عزت هئي. انهن کي هروقت سٺن هٿيارن سان ليس رکڻ لاءِ پري پري کان ڪاريگر سڏائي، انهن لاءِ بندوقون، تلوارون ۽ بارود پنهنجي ڪوٽ ۾ ٺهرائيندو هو ۽ پنهنجن جوڌن جوانن کي ڏيندو هو.

چانگن جو اصل پڊ اِهو هو. پوءِ ڳٺي جي ڦٽي وڃڻ ڪري، هو لڏي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. انهن مان پٽيل گهر لڏي، ڳٺي جي اولهه ڪنڌيءَ تي، بدين جي سامهون اچي ويٺو ۽ چانگن جو اجهو آسرو اُهو گهر هو.(1) چانگن جو غلام شاهه جيلانيءَ ۾ وڏو ويساهه هوندو آهي. ڪابه ڳالهه ڪندا ته ”غلام شاهه غازيءَ جو سـُـنهن“ کڻندا، ته سمجهو ته اُهو سچ آهي. نه ته ڳالهه ۾ ڏڦير آهي.

سڀيئي چانگ غلام شاهه جيلاني بدين واري جا مريد ٿيا، اُن کان پوءِ اُنهن جو هـُـن بزرگ ۾ ۽ سندس اولاد ۾ ڏاڍو ويساهه رهيو. نه ته اڳ انهن جو پير رام ٻارهو هو. جنهن ۾ شهيد چانگ دفن آهن. اُهي چانگ جتن سان ميرن جي وزير جي چـُـرچ تي وڙهيا هئا.(2) اُهو وزير لغاري هو. هر سال چانگ جيئن مغلڀينءَ جي ميلي تي ويا، ته ميرن جي تـَـنبـُـن جا رسا گهوڙن جي پيرن سان هنن اُکوڙي ڇڏيا. چانگن ميرن کي بادشاهه ڪري سمجهيو ٿي، پر گهڻي پرواهه نٿي ڪڍي. آخر لغاريءَ چانگن جي طاقت ڀڃڻ لاءِ جتن کي چوريو، ته ”چانگ ڳٺي مان اچن ۽ اوهان کي گهر ويٺي دٻايو به وڃن ۽ مغلڀينءَ  جو ميلو به ڪريو وَڃن.“ جت به اڙٻنگ قوم هـُـئي. اُهي اِها ڳالهه اڳيان رکي اُٿيا. ڪنهن معمولي ڳالهه تان شيرخان چانگ ۽ شيرخان جت پاڻ ۾ تـَـوڏَيا. پوءِ ته هڪ ٻئي ۾ کڻي مارو وڌائون. آخر شيرخان چانگ جنگ ۾ ڪاهي پيو، پر شيرخان جت پنهنجن جتن کي بڇيندو رهيو. چانگن ۾ جو پنهنجو مـُـهوڙي اچي شامل ٿيو، ته هنن جتن جا پـُـهت لاهي ڇڏيا. پر آخر شيرخان چانگ سميت سڀ چانگ مري ويا. جت جو اچي ڏسن، ته شيرخان چانگ زمين ۾ منهن هڻيو پيو آهي. جت چيو، ته ”جنگ ته مون کٽي، پر زمين تان چانگ مـُـئي به هٿ نه کنيو.“ پوءِ جتن اُنهن شهيدن جا لاش گڏ ڪري، اُٺن تي لڏي، ڳٺي ڏانهن موڪليا. شيرخان چانگ جو سينگاريل پکاريل لاش ڌار اُٺ تي هو. چانگن کي لاش پهتا، اُهي دفن ڪرڻ کان پوءِ، اُنهن جتن سان گهڻيون جنگيون ڪيون، انهيءَ طرح جتن ۽ چانگن جي طاقت ميرن ختم ڪئي.

ميرن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن اِهو واقعو ٿيو، تڏهن چانگن پنهنجا لاش اچي رام ٻارهي جي مقام ۾ دفن ڪيا. ٻيا لاش ته گڏي دفن ڪيائون، پر شيرخان کي اڪيليءَ قبر ۾ پوريائون. جيئن ته، چانگ شيرخان کي ”شينهن“ ڪري سڏيندا هئا، انهيءَ ڪري چانگن جڏهن شيرخان کي ٻه ٺپيءَ ۾ پوريو، تڏهن رام ٻارهي کي چيو، ته ”شيرخان، شير خدا جا، توکي رام ٻارهي جي پارت آهي.“ ائين چئي، لاش دفن ڪري، هو روانا ٿيا، صبح جو ڀيرو ڪرڻ وارو ماڻهو آيو ۽ اچي ڏسي، ته شيرخان جو مڙهه مٿي ٻٻر ۾ ٽنگيو پيو آهي. پوءِ وري به اچي چانگ گڏ ٿيا. قبر کوٽي اُن ۾ دفن ڪيو ۽ وري به چيو، ته ”شيرخان شير خدا جا، توکي رام ٻارهي جي پارت آهي.“ ٻئي ڏينهن ڀيراڙي اچي ڏٺو، ته شيرخان جو مڙهه ٻٻر تي اونڌي منهن ٽنگيو پيو  هو. پوءِ وري به چانگ اچي گڏ ٿيا. قبر کوٽي اُٰن کي دفن ڪيائون. پر اُن وقت پنهنجيءَ چوڻيءَ کي بدلايائون ۽ آکيائون ته، ”رام ٻارها، عاشق الله جا، توکي شيرخان جي پارت آهي.“ پوءِ هليا ويا. ٽئين ڏينهن ڀيرو ڪندڙ آيو، ته اُن قبر سلامت ڏٺي. اهڙيءَ طرح سان وڏو شيرخان چانگ، رام ٻارهي جي قبرستان ۾ آرامي ٿيو. اُن کان پوءِ رام ٻارهي مان چانگن جو اعتبار هٽيو ۽ غلام شاهه غازيءَ ڏانهن خيال آين، آخر اُن جا مريد ٿيا.

انهيءَ جنگ جو ذڪر مختلف سگهڙن وٽان جمع ڪيو ويو آهي. ان موجب هي جنگ ”ڇاڻي واري جنگ“ جي نالي سان مشهور ٿي:

جتن ۽ چانگن جي ڇاڻي واري جنگ

        هيءَ جنگ ميرن جي اوائلي دور ۾ لڳي. ”ڇاڻي“ هڪ ”گهاري“ يا ”کاري“ آهي، جنهن ۾ سمنڊ جو پاڻي وير تي چڙهي ۽ لهي. ”ڇاڻي“ جي پريان ڏکڻ طرف به ڪافي گهڻي زمين آهي. ڇاڻي جي ڍنڍ، ديهه ڪاڪ (تپو ڏوجهو) تعلقي جاتي ۾ آهي. هن جنگ ۾ هڪ طرف جت هئا ته ٻئي طرف ٻيا راڄ هئا، جن مان گهڻا چانگ هئا. انهيءَ ڪري هن جنگ کي ”ڇاڻي واري جنگ“ يا ”جتن ۽ چانگن جو مارو“ سڏيائون. جت، ”ڇاڻي“ جي پرينءَ ڀر (ڏکڻ طرف) هئا ۽ چانگ ۽ ٻيا راڄ اورئين (اُترئين) طرف کان آيا. ٻنهي طرفن جا جيڪي ماڻهو مئا ۽ اتي لـَـٽيائون، انهن ماڳن کي ”جتن ۽ چانگن جا ڍير“ چون، جيڪي جاتي تعلقي جي ديهه هيتمان ۾ آهن.

        هن جنگ جون ڳالهيون ويندي هن دور تائين ٺٽي ۽ لاڙ طرف مشهور رهيون آهن ۽ اسان پنهنجي پڇا دوران مختلف روايتون قلمبند ڪيون، جن مان پوئين  چڱي جت جي آهي، جيڪو پاڻ انهيءَ جنگ ۾ موجود هو.(1)

سڏ ڪيائين سمندر کي، وڃي پيروز خان
ٻوڙي ٻيلين کان پڇيو، ته هو ڇا ٿو چوي خان
چئي: سڏ ڪيائين توکي، وڃي ٿو پيروز خان
اتي سمندر ڳالهه سمجهي، ڪئي عمراڻي اُٺاڻ
پر سٽيائين سمندر کي، پوءِ اٿيو پيروز خان

شير خان جو پهريون ڌڪ سمندر ۽ پيروز خان ٻنهي کي کڻي ويو:

شابس واليڏانا لوهار، جو تو گهڙيو شڪيلو شير خان جو
هڻي جي هڪڙي کي ته ٻنهي مان ٻهار.
سـُـرها ويري سي جي لوءِ نه لڄين ۽ گهر ٻار نه ڦـُـرين. چانگن جا چڱا مارجي پيا ۽ پوين کي پوءِ اها ساڃاهه نه رهي ته جتن جي لوڙهي جي لــڄ رکن.

چانگن ۽ جمالين کي ڇا چوان آئون
چانگن ۽ جمالين جون مـُـٺيون نه مائون!!
هوند پکا پشگيزن جا ڍَنگر نه ڊٺائون
ڪپر ڪيائون، نيائون پڙڇ پـِـنڊا پاڻ سان.

جنگ جو پس منظر:

        ان وقت جت، ديهه "ڇڇ درس" تپو مڙهو بولا خان، تعلقو جاتي ۾ ويٺل هئا. اتي جتن جي هڪ مائي گيهه کڻي هٽ تي وڪڻڻ آئي. مائي ۽ واڻيو تکا مٺا ٿيا. هٽ تي هڪڙو چانگ کٽ تي ستو پيو هو، تنهن واڻئي کي چيو ته: ”ڪهڙو نه حسن وارو ماڻهو آهي، اڙي واڻيا ڏي پيسا!“ اتي مائي چانگ کي چيو ته: سنڀاري ڳالهاءُ. تڏهن چانگ چيس ته: توکي به حـُـسن کنيو پيو گهمي. انهيءَ تي مائيءَ جو هنيس منگهه گيهه وارو مٿي ۾ ته ڪـَـنا گهڙي ويس ۽ چانگ مري پيو. پوءِ چانگن پلاند وٺڻ لاءِ مائي جي ڀاءُ کي ماريو، جيڪو جتن ۾ سکر هو. اتي جتن وري چانگن مان ڪنهن سکر ماڻهو کي مارڻ جو قصد ڪيو. سو رات جو راڌي مـَـلڪ جي ترار کنيائون، جنهن تي راڌي جو نالو ۽ لوهار جو نالو لکيل هو. جـَـت چانگن جي راڄ ۾ گهڙي پيا ۽ چانگن جي سکر کي مارڻ لاءِ تلوار جو وار ڪيائون. چانگ ته مري ويو پر ترار کٽ کي لڳي ۽ کـُـپي ويئي ترار کي سٽ ڏنائون ته ترار ڀڄي پئي ۽ نالي وارو ٽڪر کٽ ۾ لڳل ڇڏي موٽي آيا. چانگن صبح جو ترار ڏٺي. ڏٺائون ته ترار آهي جتن جي سردار راڌي مـَـلڪ جي، سو اها ترار کڻي آيا شير خان چانگ وٽ، جيڪو چانگن جو سردار هو. شير خان اتان ئي چڙهيو. اول اچي جاتي وٽ پيو شهبيگن جتن جي ٽولي مٿان. جت وڙهيا ۽ شير خان چانگ کي ماريائون. اهو حملو ٿيو ”ڪـُـتڪي“ وٽ تپي مغلڀين ۾، پر چانگ اصل ويٺل تعلقي بدين جا هئا. پوءِ چانگ موٽيا تن وڃي چوڏهن راڄ چاڙهيا هوڏانهن ڪڇ مان پڻ جت ويڙهاڪ ٽولا وڙهڻ لاءِ آيا. انهيءَ جنگ جا ڪجهه بيت هن ريت آهن:(1)

چولي ۽ گهگهي جو ڪر ويڇو وڌائون
ڪـُـپر ڪيائون، جو نيائون پڙڇ پـِـنڊا پاڻ سان.
                        ---                    
ماين معصومن جي، ڪانهي موت مدام
ڪـُـهڻ ويل ڪانه ڪي، ڪا چانگن اٽڪل اوغام
ماين جي ملام، تن تي رهي گلا گهگهيرين جي.

        (2) سن 1786ع ۾ ميرن بادشاهي ورتي ته ان وقت جت ۽ چانگ زور وارا قبيلا هئا. جتن جي سردار توڙي چانگن جي سردار جو نالو شير خان هو. ميرن جي ڪنهن وزير مير صاحب کي چيو ته انهن قبيلن مان حڪومت کي خوف آهي. وزير جي انهيءَ انديشي جو آزمودو هن طرح ورتائون، جو مير صاحب ٻنهي قبيلن جي سردارن کي پاڻ وٽ گهرايو. آڏو وزير جو طنبو هو. اتي سلام ڪونه ڀريائون پر قناتون ڦاڙيندا اچي مير صاحب جي طنبو تي سهڙيا. اتي مير صاحب کي به پڪ ٿي.

        چانگن جو سردار شير خان چانگ هر سال جاتي ۾ ”مـُـگرڀين“ جي ميلي تي اچي اولياءَ جا قـَـْڙ کير سان ڌئاريندو هو. اها جتن جي جوءِ هئي. تنهنڪري وزير مصلحت ڪري جت سردار کي چيو ته: شير خان چانگ تنهنجي حد ۾ اچي ٿو پڙ ڌئاري، تون ڇو نٿو ڏئارين؟ جتن جي سردار چيو ته: ”اها رسم آهي جا هو اچي ڪندو آهي. آءٌ ٻي ڪانه ڪندس.“

        شير خان جت جو اهو جواب ٻڌي، وزير ٻين جتن سان مصلحت ڪئي ته وڃي چانگن سان وير وجهي اچو. پوءِ دلدار نالي جـَـت ٻيو هڪ جت ساڻ ڪري، ويس مٽائي، جوڳي بنجي مرليون کڻي ”مار ڏ مـَـلير“ ]هن وقت ديهه، ٻهڊمي کان 4 ميل ڏکڻ اوڀر تي[ ۾ گل محمد نالي چانگ جي کري تي آيا. واٽ تي هڪ ماڻهو دلدار کي سڃاتو، تنهن کي چيائين ته: ”ديس چوري پرديس بکيا، وڃون ٿا بکيا ڪندا.“ کري تي گل محمد کي چيائون ته رات ترسنداسون. پوءِ رات جو مڙس کي ڪـُـهي هليا ويا. اها سـُـڌ چانگن جي سردار شير خان کي به پئجي وئي.

        هوڏانهن جڏهن شير خان جت سردار کي خبر پئي، تنهن ”بيبان نور“ وَلاسي ڌَڃاڻي ]"ڪڍڻ" کان هڪ ميل ڏکڻ تي سندس قبو، جتي "بيبان غوث" به سڏجي[ کي گهرائي ورتو ۽ کيس ڪجائي تي چاڙهي، دلدار جت جون ٻانهون ٻڌائي، مٿي تي قرآن شريف رکائي، ڪلهي تي واڳ ڪري ڏنائينس ته هاڻي وڃي خون بخشاءِ. ميڙ پهتي ته شير خان چانگ راڄ گڏ ڪيو. تن مصلحت ڪئي ته ميڙ ڪين موٽائينداسين، گل محمد جو خون معاف ڪنداسين. گل محمد "محبتاڻي" پاڙي مان هو ۽ محبتاڻي ”وڏا کن“ ]شير خان چانگ وارن[ جا ڀائر هئا. انهيءَ مصلحت ۾ هڪ ڳـِـٺائي چانگ به ويٺل هو، جو ٻوڙو هو. تنهن اها ڳالهه نه سـَـمڌِِِِِِِِِي. سو صبح جو سوير ترار ۽ ڪؤنري کڻي ٻاهر جهنگ تي ٿي ويو ته دلدار جت ڪجائي سوڌو سامهون گڏيس. هنيائينس جا ترار ته سـِـسـِـي وڃي پري پيس. اهو لقاءُ ڏسي بيبان سڳوري اُٺ کڻي پوئتي واريو.

        شير خان چانگ کي جا اها خبر پئي ته چيائين ته: ٻوڙي قهر ڪري ڇڏيو، پر هاڻي وير پئجي ويو. مٿان مـُـگرڀين اولياءَ جو ميلو به اچي ڀريو آهي. صلاح ڏنائونس ته: هاڻي تون پـَـڙ ڌئارڻ نه وڃ. شير خان چيو ته: ”ولي تان ڀيرو ڪونه ڀڃندس، پر اڳي وڏي ٺاٺ سان ويندو هوس، هينئر رڳو پنجاهه گهوڙي سان ويندس. انهيءَ مصلحت سان شير خان چانگ پنجاهه ماڻهن سان سوار ٿي ”مگرڀين“ وڃڻ لاءِ سنڀريو. جهليائونس ته نه وڃ، پر شير خان چيو ته ويندس. اها خبر جت سردار کي پئي، تنهن چانگن جي اچڻ واري گس تي کاهو کڻائي، مٿان مٽي ڀرائي، زمين هموار ڪري ڇڏي ۽ پنجاهه توبچي ڪوڏِي چـُـٽ وهاري ڇڏيا. چيائين ته جي چانگ وڙهي ته وڙهجئو، نه وڙهي ته گس ڏجؤ.

        تڏهن ڪنهن چيو ته: ”سردار، چانگ تي ايڏو ٿو وسهين ته ڀلا آزمودي خاطر ڪو اڪيلو سوار موڪل جيڪو وڃي چانگن آڏو مٽي، پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ڪن.“ پوءِ سوار موڪليائين، جنهن اچي شير خان چانگ وارن جي اڳيان گهوڙو واريو. شير خان چانگ سان گڏ همراهن ۾ دينار نالي جمالي هو، جو ڪوڏِي چـُـٽ توبچي هو، تنهن چيو ته: دشمن آڏو اچي گهوڙو واريو آهي، هڻانس ٿو بندوق. شير خان ٽي دفعا جهليس ته به هو نه مـُـڙيو ۽ هنيائين بندوق ته مڙس وڃي ڪريو. اهو لقاءَ جو پريان جت سردار پئي ڏٺو، تنهن پوءِ ماڻهو موڪليو ته چانگ اچن ته نه ڇڏجؤن.

        چانگ ويجها آيا ته هنن بندوقون هنيون ۽ پنجاهي مڙس وڃي ڪريا. پوءِ جت سردار چيو ته اڃا به جيڪي منجهن جيئرا آهن، انهن کي به ڪهي ڇڏيو. شير خان چانگ زخمي هو سو ميدان ۾ ترار نراڙ کي ڏيو ويٺو هو ته ڪنهن چيس ته هاڻي ٿا ڪـُـهنئي. جواب ڏنائين ته: ”رڍ ٻڪري ميلي کي منهن ڪانه ڏيندي. جڏهن اٺور (پاڏا) ڪـُـسندا تڏهن ميلو مچندو.“ پوءِ مڙس سڀ مارجي ويا. جاتي جي پهلاج واڻيي، اها خبر شهر ۾ ڏني ۽ اتي جي مسلمانن گڏ ٿي لاشن کي تڙ ڏياري، جنازي نماز پڙهائي، لاش پيتين ۾ بند ڪرائي ”رام ٻاراهي“ جي مقام تي موڪليا.

        پيروز شاهه ۽ حسن (مزاراڻي چانگ) ٻئي ڄڻا "مارڏ ملير" کان پئي آيا ته نوڪرن چيو ته مقام ۾ ميڙ آهي. پڇيائون ته ڪهڙي پاڙي تي“ نوڪرن چيو ته پنهنجي پاڙي تي. تڏهن گهوڙا مقام ڏانهن واريائون. اتي پيروزشاهه قول ڪيو ته: ”ادا شير خان! اٺين ڏينهن اندر وير وٺي اچي تنهنجي ماني ڪندس يا پاڻ ٻنهين جي ماني گڏ هلندي، هاڻي گهر وڃڻ اسان کي حرام آهي.“

        پيروز شاهه ۽ حسن پوءِ ڳوٺ جي ٻاهران تنبو هڻائي ان ۾ رهيا ۽ راڄ گڏ ڪيائون. همراهن کي چيائون ته: اوهين سنبت ڪريو ته اسين مرشد کان دعا پنيو ٿا اچون. لشڪر کي اَن نه کارايو پر کير ۽ اَمل جو ڳاڙ پياريو. ائين چئي بدين ۾ احمد شاهه قلندر ڏانهن روانا ٿيا. احمد شاهه جي خيلفي، پيروز ۽ حسن کي ايندو ڏسي شاهه کي ٻڌايو ته ٻئي پيا اچن. قلندر شاهه چيو ته: مون ڏي نه اچن. پيروز شاهه ۽ حسن غم ۾ اتي ئي ويهي رهيا. ويٺي ٽيو ڏينهن ٿين، تڏهن احمد شاهه سندن پڇا ڪئي. خليفي ٻڌايو ته: ٽيو ڏينهن ٿيو اٿن انهيءَ ڀيڻي تي، نه اَن نه پاڻي، ويٺا آهن. احمد شاهه چيو ته ڪو ظلم ٿيو اٿن، سڏيون. چانگن چيو ته: تون مرشد آهين، دعا ڪر ته جتن کان وير وٺون. احمد شاهه خليفي کي جهنڊي آڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ جهنڊو چانگن کي ڏيئي چيائين ته: جمعي ڏينهن جهنڊو کوڙجو.


(1)  اِها ڳالهه مون محترم قادر بخش منگواڻي، شفيع محمد جمالي، استاد غلام محمد خان جمالي، رفيق احمد جمالي، گامڻ خان  حجام ۽ شيخ الله جڙئي شاهه کان ٻـُـڌي. انهيءَ ڳالهه جا ٻيا به گهڻا راوي آهن، جن جو طوالت کان هت نالو نه ڳڻايو اٿم. اِها ڳالهه تلهار، پيرو لاشاري ۽ بدين جي آسپاس مشهور آهي. (ليکڪ)

(1)   ميان جي، اڳئين وقت ۾ مدرسي جي وڏي استاد کي انهي لقب سان ڪوٺيو ويندو هو. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  روايت: مرشد ۽ مولانا پير عالي شاهه جيلاني. (ليکڪ)

(1) گهر مان پويون شيرخان چانگ راقم مون پاڻ اکين سان ڏٺو هو. واقعي  چانگن جو اڙٻنگ اڳواڻ هو. (ليکڪ)

(2)  ڪتاب ”جنگناما ۾ انهيءَ جنگ جو نظاماڻو ذڪر موجود آهي. مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سال 1984ع. سنڌي ادبي بورڊ

(1)  ”جنگناما مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سال 1984ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

(1)  هي جنگي روايت سگهڙ دودي زنگيجي جي زباني، ڪچهري چوهڙ جمالي ۾ تاريخ 22- اپريل 1962ع تي قلمبند ڪئي ويئي. ڪتاب ”جنگناما مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سال 1984ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

(2) هيءَ روايت حاجي ناهڙ چانگ پٽ حاجي ميران (1964ع ۾) عمر اسي سال کن ويٺل ڳوٺ مرزا خان چانگ جي زباني، پير ملوڪ شاهه بدين وٽ ڪچهري ۾ تاريخ 19- ڊسمبر 1964ع تي قلمبند ڪئي ويئي. ڪتاب ”جنگناما مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سال 1984ع، سنڌي ادبي بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org