سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان

باب؛ 1

صفحو ؛ 3

 

 

ڀاڱو پهريون

ڪيٽين جو ڪوٽ

(ماڻڪاڻي ميرن جو پهريون تختگاهه)

 

 

باب پهريون

ماڻڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه

ڪيٽين جو ڪوٽ:

ماڻڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه ڪيٽين جو ڪوٽ  هو. ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڪنهن وقت وڏي اهميت هئي، هينئر اُهو کنڊر ٿيو پيو آهي. ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ، هن مقالي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. اُهي ٽي ڀاڱا هي آهن:

(الف) ڪيٽين جي ڪوٽ جي اهميت.

(ب) ڪيٽين جي ڪوٽ جو اکين ڏٺو احوال.

(ج) مير عبدالله جو قبرستان.

(الف) ڪيٽين جي ڪوٽ جي اهميت:

ڍورو پراڻ (پٽيهل درياء) ايامن کان وهندو رهيو. سنڌو درياء جو اِهو پراڻي کان پراڻو وهڪرو هو. انهيءَ ڍوري لاءِ ڪئين ڳالهيون لوڪ ۾ مشهور آهن، ڪئين ڳالهيون انهيءَ ڍوري پراڻ سان لاڳاپيل آهن. ڪنهن سنڌي سگهڙ پراڻ جي قدامت کان متاثر ٿي، کانئس سوال پڇيو هو:

”جهوني تون پراڻ، جـُـڳ ڇٽيهه سنڀرين.“

انهيءَ جهوني پراڻ پنهنجي ڪنارن تي سوين آباد ۽ شاد شهر ڏٺا. انهيءَ پراڻ سنڌو تهذيب ۽ تمدن کي زندگي بخشي. ڪيٽين جو ڪوٽ به انهيءَ جهوني پراڻ درياء سان لاڳاپيل آهي. ڪيٽين جو ڪوٽ ماڻڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه هو، انهيءَ کان پوءِ ماڻڪاڻي ميرن ميرپورخاص کي پنهنجي رهائش لاءِ چونڊيو ۽ ڪيٽين جو ڪوٽ آهستي آهستي ٿي پراڻ جي ٻين شهرن وانگر تباهه ۽ برباد ٿي ويو.

ڪيٽين جو ڪوٽ ”ونگي“ جي شهر جي زور ڍري ٿيڻ کان پوءِ، وجود ۾ آيو. ”ونگو“ شهر پراڻ کان اُڀرندي طرف آباد هو. ڪيٽين جي ڪوٽ کان اُهو شهر ميل ڏيڍ اوڀر طرف هو. ونگي ۾ نهڙيا، ميمڻ، لوهاڻا ۽ ٻيون ذاتيون رهنديون هيون.

”ونگو“ شهر پراڻ جي ڪنڌيءَ تي آباد پراڻن شهرن مان هو. انهيءَ شهر جو همعصر ٻيو شهر ”ولاسو“ هو، جو پراڻ جي پوڇڙيءَ ۾ واقع هو. اسان کي پراڻن تاريخي ڪتابن ۽ دستاويزن ۾ ”ونگو ۽ ولاسو“ گڏ نالا ملن ٿا، اهي شهر لاڙ جا مشهور شهر هئا ۽ هڪٻئي کان گهڻو پري هئا. ونگو شهر پنهنجي طاقت تڏهن بنهه وڃائي ويٺو، جڏهن ڪيٽين کي ماڻڪاڻي ميرن تخت گاهه لاءِ چونڊيو.

مير ٺاري خان، ڪيٽين کي پنهنجي لاءِ هيٺين سببن ڪري چونڊيو هو:

1. ڪيٽين کي چؤطرف ڍوري پراڻ جو گهيرو هو. ڍورو پراڻ، اُن وقت هميشه پاڻيءَ سان ڀرجيو وهندو هو. انهيءَ ڪري ڪيٽين جي ڪوٽ لاءِ ڍورو پراڻ قدرتي بچاءَ واري خندق هو. ڪوبه دشمن جيڪڏهن ڪيٽين تي حملي لاءِ اچي ها، ته پهرين هن کي ڪٿان به ڍورو پراڻ اُڪرڻو پئي ها، پوءِ  هـُـو پراڻ جي ڪيٽيءَ ۾ گهڙي سگهي ها ۽ يقيناً مير کيس ائين ڪرڻ نه ڏين ها. ٻيڙين تي بندوقن ۽ توبن جا وسڪارا ڪري، هنن کي ختم ڪري ڇڏين ها. فوجي لحاظ کان اِهو هنڌ تخت گاهه لاءِ موزون هو.

2. ڪيٽين ۾ جهنگ ۽ وڏا ٻيلا هئا، جيڪي اڃا به آهن. اُهو جهنگ ميرن کي به ڪم ڏيندو هو. (الف) شڪار لاءِ (ب) جاچ جوچ لاءِ اهو ٻيلو ڪارائتو هو. جهنگ ۾ ڪافي جهنگلي جانور رهندا هئا. مير صاحب انهن جو شڪار ڪندا هئا. انهيءَ ڪري هنن کي گهر ويٺي شڪار ملي ويندو هو ۽ ان ريت هو شڪار جو شوق ڪيٽين جي رک وارن جانورن تي پورو ڪندا هئا. هونئن به ميرن کي شڪار جو شوق حد کان وڌيڪ رهندو هو. گهڻو ڪري هو پنهنجي شڪار لاءِ ٻيلا ۽ ڪيٽيون رکرائيندا هئا. هيءَ ڪيٽي ته انهيءَ شوق لاءِ سون تي سهاڳي جو ڪم ڏيندي هئي. ٻيءَ طرح سان هن جهنگ مان سندن خاص جاچ ڪندڙ ماڻهو پراڻ کان هـُـن پاسي جي ماڻهن جي چـُـرپـُـر تي وڻن پٺيان لڪي اک پيا رکندا هئا. ڪابه شڪ جهڙي ڳالهه پيدا ٿيندي هئي، ته مخصوص نمونن ۾ انهيءَ ساعت ميرن کي مطلع ڪيو ويندو هو ۽ دشمن کي صفحه هستيءَ تان مٽايو ويندو هو. ٻي هنڌ اهڙي مخصوص جاءِ ميرن کي مهيا ٿي نٿي سگهي، انهيءَ لاءِ ڪيٽيون ئي مناسب جاءِ هـُـئي، جيڪا ميرن جي گهرن کان سواءِ هڪ ٻيلي جي به حيثيت رکندڙ هئي.

3. ٽيون سبب هي پڻ هو ته ماڻڪاڻي ميرن جو لاڙ ۾ ڪافي اثر رسوخ هو. لاڙ جو ٻهڊمي، سيراڻيءَ کان ويندي، بٺورو، شاهه بندر، ڪيٽي بندر، بلڪ  گهوڙا ٻاريءَ تائين سندن ملڪ  هو. ٿر وارن ماڻهن سان به هنن جو لڳ لاڳاپو هو. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ فوجي نگران جي حيثيت ۾، هو پنهنجي ڇانوڻيءَ سان گڏ لاڙ ۾ گهاريندا هئا، انهيءَ ڪري لاڙ ۽ ٿر جا ماڻهو هنن کي ڪافي چاهيندا هئا، جنهن ڪري هنن ڪيٽين کي پنهنجو تخت گاهه بنايو. ڇوته اِها جاءِ ٿر ۽ لاڙ جي وچ ۾ واقع هئي ۽ هو پنهنجي رعيت کي بنهه ويجهو ٿـِـي ٿي رهيا. راجا جيترو رعيت کي ويجهو هوندو، اوترو ئي رعيت هن سان پنهنجا ڏک سور اوري سگهندي ۽ هـُـو پڻ رعيت جي جذبن کان آگاهه ٿي سگهندو. انهيءَ لحاظ کان به ڪيٽيون ماڻڪاڻي ميرن جو مناسب تخت گاهه هو.

4. ڍوري پراڻ جي اُلهندي تان اڳي رڳو ميدان ئي ميدان هو. ميرن ڏاهپ ڪري ڪوٽ جا مورچا بنهه مٿي کڻايا هئا. انهن مورچن تي هر وقت نگاهه رکندڙ نگهبان رهندا هئا. اولهه کان ڪابه فوج يا لشڪر ايندو هو، ته ڪوهن کان نظر ايندو هو ۽ انهيءَ لشڪر يا فوج جو واٽ ۾ ئي صفايو ڪيو ويندو  هو. اوڀر طرف کان جيتوڻيڪ ڪافي وڻڪار هئي، پر انهيءَ وڻڪار ۾ جونجهار جوان رهندا هئا، اُهي ته اهڙا وجهه پيا ڳوليندا هئا، ڪوبه دشمن جهنگ ۾ گهڙيو نه آهي ۽ ختم ٿيو نه آهي. انهيءَ لحاظ کان به ماڻڪاڻي ميرن جو هيءُ تخت گاهه ڪارائتو هو.

5. ڪيٽين جي ڪوٽ کان سڌو سامونڊي رستو ڪڇ ڏانهن ٿي ويو. اُن کان سواءِ ڪيٽين کي ڪڇ ويجهو هو. انهيءَ ويجهڙائي سبب ميرن ڪڇ جي راجا سان برادريءَ وارا ناتا قائم ڪيا هئا. ڪڇ جو راجا ماڻڪاڻي ميرن سان برادريءَ جهڙا ناتا رکندو هو. ڪڇ کي ويجهي هئڻ ڪري، ماڻڪاڻي ميرن کي اِهو قرب ۽ محبت جو ناتو شهداداڻين کان وڌيڪ فائدي وارو هو. شهداداڻين وٽ ڪڇ جا سفير ايندا ويندا هئا، پر ڪڇ جي راجا جو جيڪو برادراڻو تعلق ماڻڪاڻي ميرن سان هو، سو آخر تائين قائم رهيو. اهي سبب هئا، جنهن ڪري مير ٺاري، پنهنجو تخت گاهه ڪيٽين کي بنايو ۽ موصوف پنهنجن عزيزن قريبن سان اُتي رهڻ لڳو.

مٿين مفادن کان سواءِ ماڻڪاڻي ميرن کي ذڪر ڪيل جاءِ کي تخت گاهه بنائڻ سبب ڪجهه نقصان به پهتا، جهڙوڪ:

1. سنڌ جو تخت گاهه حيدرآباد هئڻ ڪري، ٻاهران جون جيڪي قومون مثلاً: انگريز، فرينچ ۽ ڊچ سڌو سنئون شهداداڻي ميرن سان تعلق ۾ ٿي آيا ۽ ماڻڪاڻي ميرن تائين گهڻا سياح ۽ تاريخ نويس پهچيو نٿي سگهيا. نتيجي طور ماڻڪاڻي مير گمناميءَ جي گوشي ۾ رهيا ۽ تاريخ جي ورقن تي هو گهڻي قدر اُسري ۽ اُڀري نه سگهيا. شهداداڻي ميرن ڄاڻي ٻجهي هنن کي گمنام رکڻ ٿي گهريو. نتيجي طور اڄ سواءِ ڪن ٿورن حوالن ۽ ٿورن ڪتابن جي ماڻڪاڻي ميرن جو ڪٿي به احوال نٿو ملي، پر ماڻڪاڻي ميرن جي خلاف شهداداڻي ميرن جي ذڪر سان ڪئين ڪتاب ڀريا پيا آهن.

2. حيدرآباد کان پري هئڻ سبب ماڻڪاڻي مير، شهداداڻي ميرن جي سازشن ۽ رٿن کان اڻ واقف ٿي رهيا. نتيجي طور ماڻڪاڻي ميرن تي ڪي اوچتيون آفتون نازل ٿي  ٿيون، ۽ اوچتا فتنا ٿي برپا ٿيا، جي شهداداڻين جي ڪن ڦوڪ جو نتيجو  هئا، پر ماڻڪاڻي مير جنگي جوڌا هئا، اهڙين آفتن کي منهن ڏيو وڃيو پار پوندا هئا.

3. ماڻڪاڻي ميرن کي ڪيٽين ۾ سڀ جا سڀ (هر شيءِ) نئين تعمير ڪرائڻي پيئي، ڪوٽ ٻڌائڻو پيو. کوهه کوٽائڻا پيا. بازاريون ۽ شهر ٻڌائڻا پيا. قومون ۽ قبيلا لڏائي اچي ويهارڻا پيا، جيئن جهنگل ۾ منگل ٿي سگهي. اهي اهڙيون ڳالهيون هيون، جنهن لاءِ هنن کي ڪجهه پريشاني پڻ کڻڻي ٿي پيئي. اُن جي اُبتڙ شهداداڻين ميرن کي ٺهيل ٺڪيل شهر، گام ۽ ڳوٺ ملي ويا هئا. هنن کي رڳو انتظام هلائڻو هو، نئين تعميرات ڪرڻي ڪونه هــُـئي، جيئن ماڻڪاڻين کي ڪرڻي ٿي پيئي. البت انهيءَ مان اِهو به فائدو پهتو، جو ماڻڪاڻي ميرن ڪافي تعميرات ۾ حصو ورتو، وري وري نيون ۽ سهڻيون جڳهيون ٺهرايون، پر شهداداڻي ميرن سڀني اڏاوتن جو ٿورو ڪم ڪيو، انهيءَ ڪري انهن جي اها محنت سجائي ويئي. ماڻڪاڻي ميرن جي تعميرات ۾ ڪيٽين جو ڪوٽ، دٻڻيءَ جو مقام، ٽنڊوباگو، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص ۽ چٽوڙيءَ جو قبرستان خاص هئا ۽ اڄ به ماڻڪاڻي ميرن جي تعميرات جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن.

(ب) ڪيٽين جي ڪوٽ جو اکين ڏٺو احوال:

گهڻن ڏينهن کان اِِها دلي چاهنا هيم، ته ميرپورخاص وارن ميرن جي پهرئين تخت گاهه ڪيٽين کي وڃي اکين سان ڏسجي، پر قسمت ساٿ نٿي ڏنو. آخر هڪ ڏينهن ڳالهين تان ڳالهيون ڪندي، برادرم رازق ڏني جوڻيجي اڳيان ساڳي ڳالهه چوريم. پاڻ چيائين ته، ”ساڳين ڪيٽين ۾ اسان جا جوڻيجا رهن ٿا.“ اِهو ٻڌي سرهو ٿيس. پر پروگرام اڃا ٺاهيو ڪونه ويو هو. اوچتو مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر وائيس چيئرمين ضلع ٿرپارڪر، محترم استاد غلام علي الانا، سان گڏجي پهتو. هو آيا ۽ مون وٽ هڪ ڏينهن ترسي هليا ويا.

 (محمد سومار شيخ جو جوڙيل لاڙ جو هڪ نقشو)

 وڃڻ سان مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر مون مٿان بار رکيو ته، ”آءٌ لاڙ ۾ بلوچ خاندانن سان ملي، ميرن سان سندن لاڳاپي واريون ڳالهيون ڳولي هٿ ڪريان.“

انهيءَ ڳالهه کي اڳيان رکي بخشو ديرو، ڪڍڻ، ٻهڊمي، انڊهلو ۽ ٻين هنڌن جي ماڻهن سان ملي معلومات ورتم ۽ نندي شهر جي ڀرڳڙين جي احوال وٺڻ لاءِ محمد خان ڀرڳڙيءَ جو سلامي ٿيس. هن کان پڻ ڪيٽين ڏانهن وڃڻ جو ڏس مليو ۽ محمد خان اِهو به ٻڌايو، ته ”ميرن جو ۽ خاص ڪري ميرپورخاص وارن ميرن جو احوال ڪيٽين جي ڀرپاسي کان ملي سگهندو.“ اهڙيون ڳالهيون ٻڌي رازق ڏني جوڻيجي کي اوڏانهن هلڻ لاءِ راضي ڪيم. ايتري ۾ مير حاجي محمد بخش ٽالپر، ٽيليفون رستي ٻڌايو ڪيو ته، ”آءٌ جلد اچان پيو، تيار ويٺو رهج. ڪيٽين ۾ هلنداسون.“

1. تاريخ 5- مئي سن 1967ع تي مير حاجي محمد بخش ٽالپر بدين آيو. پاڻ سان گڏ الله جو سپاهي اُميد علي خان لغاري به آندو هئائين. جيئن ته، گولاڙچيءَ کان اُلهندي 5-6 ميلن تي ڪجهه لغاري بلوچ رهندا هئا، اُتان ڪجهه معلومات ملڻ جو آسرو هو، تنهن ڪري شام جو اُتي پهتاسون. ڳوٺ
غلام علي خان لغاري (تعلقو ٽنڊو محمد خان) ۾ رات رهياسون. اُتان جي لغارين سان ملي، صبح جو واپس بدين پهتاسون ۽ شام جو 4 وڳي ڌاري مير صاحب سان گڏ رازق ڏني جي رهبريءَ هيٺ نندي شهر کان اُڀرندي، کوسڪي لنگهي، ڪيٽين ۾ پهتاسون.

2. اهي ڪيٽيون ڍورو پراڻ جي کاٻي پاسي ونگي واري رستي جي ڏکڻ ۾ واقع هيون. پراڻ کان اُڀرندي ڪيٽين جو قلعو تعلقي ڏيپلي ۾ واقع هو. ڀرسان جوڻيجن جو ڳوٺ هو. آءٌ ۽ مير حاجي محمد بخش ٽالپر ڪيٽين جا قلعا ڏسڻ لڳاسون ۽ رازق ڏنو جوڻيجن جي ڳوٺ مان ڪو پريو مڙس وٺڻ لاءِ لنگهي ويو.

مير حاجي محمد بخش ٽالپر خود پنهنجن وڏن جو اِهو قلعو ٻئي دفعي ڏسڻ آيو هـُـو. هو پاڻ ننڍي هوندي، ڪيٽيون ڏسڻ آيو هو.

اڃان قلعي کان ٿورو پرڀرو هئاسون، ته مير حاجي محمد بخش ٽالپر چيو ته، ”اسان جي وڏن کي ڪهڙي لڳي هئي، جو ٻيا شهر بحر ڇڏي، هـِـت اچي قلعا جوڙي رهيا هئا.“ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جي خيال ۽ سوال جو مون وٽ ته ڪوبه جواب ڪونه هو، تنهن ڪري ماٺ ڪري چوگرد تمام وڏين ڪـَـنڊين ڏانهن ڏٺم، جي هڪ ننڍي ٻيلي جو ڏيکاءُ ڏيئي رهيون هيون.

3. ڪيٽين جي ڪوٽ کي ويجها ٿياسون. اُلهندي تان پڪين سرن جو کوهه ڏٺوسون. اِهو کوهه تمام اونهو هو ۽ سنهين سرن سان جڙيل هو. پوءِ پتو پيو ته، انهيءَ کوهه جو پاڻي اتي ويٺل مير، چيٽ جي ڏينهن ۾ ڪم آڻيندا هئا. اِهو کوهه ”چيٽي“ سڏجي ٿو. هن جو پاڻي تمام مٺو ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي. انهيءَ کوهه جي پاڻيءَ جي اها برڪت آهي، ته انهيءَ جو پاڻي پيئڻ کان پوءِ، اُڃ نه ستائيندي آهي. اُتي ئي ڪن ماڻهن ٻڌايو ته، اِهو کوهه ماڻهن، مال ڪـِـرڻ جي ڊپ کان ٻه - ٽي سال اڳ ڪاٺيون ۽ سرون وجهي ڀري ڇڏيو هو، پر پوءِ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري، اِهو ٻيهر کوٽيو ويو ۽ چوٿون حصو کوٽيو ويو آهي، تڏهن به پاڻي منجهس پـُـرهه تار آهي ۽ ڪيتري به پاڻي ڪڍڻ سان کوهه کـُـٽي صفا ڪونه ٿو. اڳي اُتي جا رهواسي جوڻيجا، انهيءَ پاڻي تي ڀاڄي بصر ۽ ٻيو بکر وغيره جي پوک به ڪندا هئا.

کوهه جي اُڀرندي کان سرن جو دڙو نظر پئي آيو. آثار اهڙا هئا، جو اُها مسجد ٿي سجهيسين. مقامي ماڻهن پڻ اُها مسجد ٻـُـڌائي، اِها مسجد ڪيٽين جي قلعي جي اُتر اولهه ڪـُـنڊ جي اُتر کان واقع هئي. مير اُتي صوم و صلوات جا فرضَ ادا ڪندا هئا.

4. مسجد جي ڀرسان 10-15 قدمن تي ڏکڻ پاسي کان ڪچيءَ مٽيءَ جو وڏو ڍڳ هو. آءٌ انهيءَ دڙي تي چڙهي ويس. حقيقت ۾ اِهو اُتر اولهه وارو مورچو هو. آءٌ جڏهن انهيءَ مورچي تي چڙهي رهيو هوس، تڏهن مون کي اڌ تي ڪرڻ جو ڊپ ٿيو هو، پر پوءِ مٽيءَ کي جهلي، وڃي مورچي جي چوٽيءَ تي پهتو هوس. مون اُتان نظر ڪئي، ته اُڀرندي وارو مورچو پڻ ساڳئي شان سان نظر آيو. مير حاجي محمد بخش ٽالپر پڇيو ته، ”شيخ صاحب! ڇا ٿو سمجهين، ته اِهو ڇا هو؟“ مون چيو ته، ”سائين ڳالهه پڌري آهي، مورچو آهي.“ پاڻ چيائين، ته ”تو صحيح سمجهيو آهي. مون اڳي اهو مورچو ڪجهه سلامت اچي ڏٺو هو، هينئر سندس ڪجهه نشان نه رهيو آهي.“

اُتر اولهه واري مورچي کان ٿي، اسان سڌو مٽيءَ واري ڪوٽ جو اُلهندو پاسو وٺي، ڏکڻ پاسي روانا ٿياسون. ڪوٽ جو الهندو پاسو اٽڪل روءِ 415 فوٽ ڊگهو هو.

5. ڀرپاسي ۾ ٻين خدمتگارن ۽ سپاهين جي جڳهين لهڻ لاءِ وڏي مورچي کي ڇڏي، ڏکڻ طرف هلندا هلياسون. مون محسوس پئي ڪيو، ته اسين مٿاهينءَ تي پيا هلون. مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو خيال هو ته، اِهو پاڻيءَ جي لاءِ پل هو، مون کي به اهڙو شڪ هو. پر جڏهن انهيءَ پاسي پڻ ننڍو مورچو ڏٺم، ته مون کي اِهو ذيلي قلعو ذهن ۾ اُڀري آيو ۽ مون مير صاحب کي پڻ اِها ڳالهه ٻڌائي. آءٌ اٽڪل روءِ 415 فوٽ اڀرندي ويس ته، اُڀرندي تان وڏو مورچو نظر آيو. اهڙيءَ طرح چؤڌاري گهمي ڏٺوسون، ته اِهو ذيلي ڪوٽ پڻ اُتر واري وڏي ڪوٽ جي آڌار تي هو. کيس ٻه مورچا هئا. ڏکڻ - اولهه ۽ ڏکڻ - اوڀر. اندر ڪنهن پڪيءَ جاءِ جا آثار ڪونه هئا، باقي ٺڪراٽ ڪافي هئي. ڪچين جاين جا پڻ ڪافي آثار هئا. مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو خيال  هو، ته اتي سپاهي ۽ سپهه سالار رهندا هئا ۽ وڏي ڪوٽ ۾ مير رهندا هئا.

6. انهيءَ کان پوءِ وري وڏي ڪوٽ ڏانهن وياسون. وڏي ڪوٽ کي چار مورچا هئا. هڪ مورچي جو پهرين ذڪر ڪيو اٿم ۽ ٻيو مورچو اُتر - اُڀرندي وارو هو. ٽيون مورچو ڏکڻ - اُڀرندي ۽ چوٿون مورچو ڏکڻ - اولهه طرف هو. اهي پويان ذڪر ڪيل مورچا، ذيلي ڪوٽ جا به مورچا ٿي ڪم ايندا هئا. شاهي دروازو جنهن جي اڳيان باقاعدي جايون هيون، جتي مير ٺاري ڏانهن درٻارين کان اجازت وٺي وڃڻو پوندو  هو، جتي درٻاري هٿياربند ٿي رهندا هئا، اِهو دروازو اُتر - اُڀرندي مورچي جي لڳولڳ هو.

انهيءَ مورچي ۽ دروازي جي اُڀرندي تان سؤ گزن تي سنهي ۽ اونهي وائي هـُـئي. اِها وائي ڪـِـن ماڻهن ملڪيت جي حاصلات جي آڌار تي کوٽي هئي، پر انهيءَ کوهه مان سواءِ هڏن ۽ ٺڪرين جي ٻيو ڪجهه به ڪونه مليو. اِهو کوهه جيئن اندر ٿي کوٽيائون، تيئن سوڙهو  ٿيندو ٿي ويو، تان جو نيٺ بيزار ٿي اِهو کوهه کوٽڻ بند ڪيائون. اهو ”ڊوهي“ کوهه جي نالي سان مشهور هو.

7. ڪوٽ اندر پڪيون چار جايون هيون. هرهڪ جاءِ مورچي جي بلڪل ويجهو هئي. مير حاجي محمد بخش ٽالپر چيو، ته هن ڪوٽ اندر مير ٺارو خان، سندس ٻه فرزند، مير غلام حيدر ۽ مير علي مراد، مير باگو خان، مير وليد خان، مير عبدالله خان، مير الهيار خان برادر مير ٺارو خان رهندا هئا.

جڳهيون سڀ پڪين سرن جون ۽ ونگ تي بيٺل سرون سنهيون ڪم آيل هيون. ڪاٺ ڪم آيل ڪونه هو. هڪ هڪ جاءِ ۾ ٻه ٽي ۽ چار چار ڪوٺيون هيون. ڏکڻ واريون جايون جيڪي ڏکڻ - اُڀرندي ۽ ڏکڻ - اولهه واري مورچي جي ڀرسان هيون، سي ڪجهه سلامت هيون، انهن جي ٿولهه ۽ اڏاوت جو نمونو ڏسي حيرت ٿي ٿئي. هرهڪ جاءِ کي چار چاڙهيون هيون. اولهه- اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه طرف اُهي چاڙهيون ظاهر هيون. ماڻهو چاهي ته جڳهه تي اولهه کان چڙهي ۽ اوڀر وڃي لهي ۽ چاهي ته اُتر کان چڙهي ۽ ڏکڻ وڃي لهي. يا مرڳو اُڀرندي کان چڙهي. جڏهن جڳهه جي وچ تي اچي تڏهن چاهي ته، ڳجهي رستي جڳهه، اندر هليو وڃي يا مرڳو اُتر، ڏکڻ يا اولهه واريءَ چاڙهيءَ تان وڃي هيٺ لهي. اهي ”چئو ڏول“ چاڙهيون هيون. جن کي ڏسڻ جو پهريون موقعو ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ ميرن جون محلاتون ڏسڻ وقت، نصيب ٿيو هئم.

8. زماني جا رنگ آهن، ڪڏهن اتي راڄ راڻا رهيا ٿي، اڄ اُتي چمڙن جي وٺين جا ڍڳ لڳا پيا آهن. انهن محلاتن ۽ مورچن تي ماڻهن بدران چٻرن ۽ چيلن (سرئن) جو رهڻ پيو ٿئي.

مير حاجي محمد بخش ٽالپر چيو ته، ”مون سڀ جڳهيون اڳئين دفعي اچي سلامت ڏٺيون هيون. پر هينئر اُهي جايون، گهڻي قدر ڊهي چڪيون آهن. ڪجهه زماني جي ستم ظريفي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جون حرڪتون آهن، جن سرون ڪڍي ورتيون آهن، اهڙي طرح هي آثار- قديم جا نادر نمونا، ذري  گهٽ تباهيءَ کي ويجهو پهچي چڪا آهن.

زماني جي هوا هن وڏي ڪوٽ کي زمين دوز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ايراضي 830x830 = 688900 فوٽ هئي. ڪجهه ٿورا آثار ڪوٽ اندر باقي وڃي رهيا آهن، سي به ختم ٿيڻ جي حد تي پهچي چڪا آهن. اهڙيءَ طرح زمان جي مڪان تي ڇانئجي وڃڻ جو پڌرو سبق  حاصل ڪيوسون.

هن ڪوٽ جو خاڪو هن ريت آهي:

 9. ڪيٽين جي ڪوٽ جي اُتر - اُڀرندي ڪنڊ کان ڪيٽين جي شهر جا آثار شروع ٿين ٿا. انهيءَ شهر جي ٽڙپکڙ ٺڪراٽ ۽ سرن جي ڳاڙهاڻ، اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو. ڪيٽين جي ڪوٽ جو شهر پڻ خاصو وڏو هو. انهيءَ ۾ ڪڏهن واپارين ڪيٽين جي شهر جي باشندن سان واپار ڪيو هوندو ۽ انهيءَ شهر ۾ ڪئين صراف، موچي، لوهار، واڍا، واپاري، سوداگر رهندا هوندا ۽ انهن جو واپار ڪيٽين سان گڏ پراڻ جي رستي ٻاهرين شهرن سان به ٿيندو هوندو. هي شهر ڏسي مون کي تعجب ٿيو، ته ٻين شهرن جي ابتڙ هن جي بازار اولهه کان اوڀر طرف هئي. هونئن سنڌ ۾ جيڪي به شهر آهن، انهن جون بازاريون گهڻو ڪري ڏکڻ کان اُتر طرف آهن. خود سنڌين جو پراڻي ۾ پراڻو شهر ”موئن جو دڙو“ (مهاڻن جو دڙو) به اُتر کان ڏکڻ طرف اڏيل آهي. آءٌ سمجهان ٿو، ته اهو اڏاوت جو نمونو ڍوري پراڻ جي ور سبب اختيار ڪئي ويئي هئي، نه ته انهيءَ جو ٻيو ڪوبه سبب ڪونه هو. انهيءَ شهر جو منهن سڌو سنئون اچيو ٿي ميرن جي ڪوٽ جي دروازي جي منهن سان گڏيو. ائين شهر ۽ ڪوٽ جا دروازا هڪ ٻئي جي سامهون هئا. شهر وارن لاءِ ڪو ڌار کوهه کوٽيل ڪونه هو. شايد شهر وارا اهڙي ضرورت ئي محسوس نه ڪندا هئا. ڍوري پراڻ جو وهندڙ پاڻي پيءُ ڪري دل خوش ڪندا هئا. رڳو ميرن ئي پاڻ لاءِ کوهه کوٽرايو هو. انهيءَ کوهه مان مير صاحب ئي پاڻي حاصل ڪندا هئا. اِهو ڪيٽين جو شهر جنهن ۾ ماڻڪاڻين جي ڏينهن ۾ جام واپار ٿيندو هو، سو پڻ ڪيٽين جي ڪوٽ ڦـِـٽـَـڻ سان گڏ ڦـِـٽي ويو ۽ شايد اتي جا واپاري پڻ ميرن سان گڏ ميرپورخاص ۽ ٽنڊي باگي ڏانهن لڏي ويا.

10. جوڻيجن جو خيال هو، ته ”مير حاجي محمد بخش ٽالپر کي هت رات رهائجي ۽ کيس ڪوٽ سان لاڳاپيل ڳالهيون ٻڌائجن.“ پر مير حاجي محمد بخش ٽالپر کي سالار سومرو اڳي ڪا دعوت ڏيئي آيو هو ۽ هي پڻ ٻڌائي آيو هو، ته ”سليمان ڀان، مون وٽ وڏو راوي رهي ٿو. اُن کي ڪافي معلومات آهي. اُن کان اُها معلومات به اچي وٺو ۽ مون غريب کي ميزبانيءَ جو به موقعو ڏيو.“ تنهن ڪري مير صاحب جوڻيجن کان موڪل وَٺي، وري ساڳئي رستي تان واپس ٿيو. کوسڪيءَ تان لنگهي وڃي سالار سومري جي ڳوٺ رات رهياسون. ڀانن جا ولر اچي گڏ ٿيا، پر هنن مسڪينن کي ڪابه معلومات ڪانه هئي، تنهن ڪري اهو پنڌ اجايو ويو. ستين تاريخ واپس بدين پهتاسون. اُتان مير حاجي محمد بخش تالپر ته ميرپور خاص روانو ٿي ويو، پر اسان تي اِهو ڪم رکي ويو هو، ته اوهان وڃي ڪيٽين جي چوڌاري اهڙن ماڻهن سان ملو، جي ميرن سان ڪونه ڪو واسطو رکندڙ هئا ۽ اُتي جي ڀرپاسي جي کنڊرن جي ڳولا جو ڪم به رکي ويو هو.

11. بدين ۾ رهڻ وقت مير حاجي محمد بخش ٽالپر ٻڌايو ته، ”مير ٺارو خان هتي ڪيٽين ۾ پنهنجي عوام جي چوڻ تي اچي رهيو هو، پر سندس حد وسيع هئي، تنهن ڪري اُتر وارن سپهه سالارن ۽ صوبي جي خدمتگارن جي صلاح تي، ميرن وڃي ميرپورخاص جو شهر سن 1806ع ۾ ٻڌايو. پوءِ به هـت ڪيٽين ۾ ميرن جا صوبيدار رهندا هئا ۽ انتظام رکندا هئا. ميرپورخاص کان اُتر ۽ ڏکڻ کان سواءِ اُڀرندي ٿر وارن ماڻهن کي پڻ ويجها ٿيا هئا.

ميرپورخاص وارن ميرن جي صاحبي، سنڌ جو ٿر وارو حصي ۽ سنڌ جو اُڀرندو حصي ۾ هئي. انهيءَ لحاظ کان به ميرپورخاص ميرن جو تخت گاهه مناسب هو ۽ ڪيٽين وارو تخت گاهه انهيءَ لحاظ کان مناسب ڪونه هو. انهيءَ ڪري ميرن صلاحڪارن جي چوڻ تي، ميرپورخاص شهر ٻڌو. انهيءَ مان مذڪوره مير پنهنجي رعيت جي وچ تي ٿي ويٺا ۽ پنهنجي حيدرآباد وارن سؤٽ ميرن جي پڻ ويجهو ٿيا.

2. ماڻڪاڻي ميرن جو مذڪوره ڪوٽ سن 1783ع کان سن 1806ع تائين اٽڪل 23 سال تخت گاهه رهيو. جنهن مان 12 سال سڌيءَ طرح ۽ پوءِ اڻ سڌيءَ طرح هي ڪوٽ تختگاهه پئي رهيو هوندو. سن 1806ع ۾ باقاعدي ميرپورخاص هنن جي گاديءَ جو هنڌ بنيو. اهڙي طرح سان پوءِ هن ڪوٽ ۾ رڳو سندن خدمتگار رهندا هئا.

مذڪوره ڪوٽ جي اُڀرندي کان هڪ عاليشان شهر آباد هو. اِهو شهر اڌ ميل ۾ واقع هو. انهيءَ شهر کي به ”ڪيٽين جو شهر“ يا ”ڪيٽي بندر“ ڪري چوندا هئا. انهيءَ شهر تي احمد شاهه جيڪو ميرن جو سپهه سالار هو، نظرداري رکندو هو. جوڻيجا ذڪر ٿيل ڪوٽ جي ڏکڻ کان ۽ بلوچ اولهه ڏکڻ ڪـُـنڊ تي ڳوٺ ٻڌي اچي رهيا، جيڪي اڃا به ويٺا آهن. لغاري بلوچ ميرن جا سپاهي هئا ۽ جوڻيجا ميرن جا اوٺار هئا.

موجوده نقشي  موجب ڪيٽين جو ڪوٽ تعلقي ڏيپلي جي ديهه ”ڪاٺ ڊهو“ ۾ اچي وڃي ٿو. اِهو ونگي کان هڪ ميل اُلهندي، نندي شهر کان 8-9 ميل اُڀرندي ۽ پنگرئي کان ڏکڻ ۾ واقع آهي. ڪنهن کي زمان و مڪان جي گردش جو سبق حاصل ڪرڻو هجي، ته بدين کان نندي شهر ۽ اُتان کان کوسڪيءَ وارو رستو وٺي پراڻ جي ڪيٽيءَ ۾ اِهي کنڊر ڏسي سگهي ٿو.

هن ڪوٽ کي پوءِ ميرٺارو ۽ مير باگو ڇڏي ويا. مير ٺارو وڃي ميرپورخاص ۾ رهيو. اِهو ميرپورخاص جو شهر پوءِ ٺهيو. مير ٺارو هاڻي چٽوڙيءَ جي قبرستان ۾ ابدي آرامي آهي. مير باگو وڃي ”ٽنڊو باگو“ شهر ٻڌو. مير الهيار وڃي ”ٽنڊو الهيار“ ٻڌو. اهڙيءَ طرح سان ميرن آهستي آهستي ڪري هن آباديءَ کي آباد ڪرڻ کان پوءِ ويران ڪيو ۽ آخر ۾ پنهنجن کي منهن مٽيندو ڏسي، اهي جايون ۽ جڳهيون به ڏک ۽ ڏنجهه ۾ ڊهي پيون. هينئر چوڏول چاڙهيءَ واريون ماڙيون گهڻي قدر زمين دوز ٿي چڪيون آهن.

(ج) مير عبدالله جو قبرستان:

ڪيٽين جي ڪوٽ تان ڦيري ڪرڻ وقت، مير عبدالله جي مقام جي ڏسڻ جو پڻ شرف حاصل ٿيو. مير عبدالله جو مقام ڪيٽين کان اُتر طرف ٻن ميلن تي واقع هو. هن قبرستان ۾ ڪيٽين جا مير آرامي هئا. هي جيئن ته اميراڻو مقام هو، پر زماني جي گردش کان آجو ڪونه هو. چؤڪنڊين جا عاليشان اُڪر وارا پٿر ماڻهو ڪڍي ويا هئا. مقام اجڙيو ۽ ويران ٿيو پيو هو. ڏسڻ ۾ هيئن ٿي آيو، ته هن قبرستان جي سر سر ڪري ماڻهن اکوڙي آهي. ماڻهن قبرن جي ايڏي بيحرمتي ڇو ڪئي؟ ان حوالي سان سمجهيم ٿي ته، ڪن مطلب پرستن شايد ملڪيت جي آسري ۾ اِها قبرن جي بيحرمتي ڪئي هجي. يا ته شايد مرڳو هيئن ٿيو آهي، جو ڌوٻين داٻڙن ڪرڻ لاءِ مقام مان پٿر ڪڍيا آهن. جيئن ته انهيءَ ذڪر ڪيل قبرستان جو ڪوبه ڌڻي ڌوڻي نه آهي، تنهن ڪري ڪوبه مطلب پرست ڪڏهن به پنهنجي من ماني ڪري سگهي ٿو. البت هن قبرستان جي ڏکڻ کان لڳولڳ پنجابين جو ڳوٺ ٻڌل ڏسڻ ۾ ٿي آيو. مقام جي چوڌاري ٻنيون کيڙيون پيون هيون. ڪٿي فصل پڻ تيار بيٺا هئا. مذڪوره قبرستان اٽڪل روءِ ٻن ٽن چورس فرلانگن ۾ واقع آهي.

1. هن قبرستان جي اڀرندي تان هڪ چؤڪنڊي آهي. انهيءَ چؤڪنڊيءَ جي ڇٽي سلامت آهي. هيٺان پٿر به ڪنهن ڪونه ٽوڙيا آهن. انهيءَ چؤڪنڊيءَ ۾ ٻه قبرون هيون. اندر چاڪي چمڙن جون تمام گهڻيون وٺيون پيون هيون. شايد ڪن سالن تائين ڪنهن انهيءَ چؤڪنڊيءَ جي اندر صفائي نه ڪئي آهي. چوڪنڊيءَ جي اُڀرندي کان مير وليد خان ٽالپر جي قبر هئي. جنهن جمادي الثاني سن 1248هه ۾ وصال ڪيو هو. مير وليد جي اولهه کان مير مرزي خان جي ترُبت هئي. جنهن تي ربيع الاول سن 1250هه لکيل آهي. ٻنهي قبرن جي مٿي کان مقام جي ٻين سرن وانگر ڪلمون طيبه اُڪيريل هو. هن چؤڪنڊيءَ جو دروازو ڏکڻ طرف هو. مذڪوره چؤڪنڊيءَ جي پکيڙ ڏکڻ کان اُتر طرف اٽڪل 14 فوٽ ۽ اُلهندي کان اوڀر به ڄڻ ايتري پکيڙ واقع هـُـئي. هيءَ چؤڪنڊي خاصي مضبوط ٿي ڏٺي. جيڪڏهن مرمت ڪئي وڃيس، ته سوين سالن تائين اڃا به کيس ڪو جوکو ڪونه ٿئي.

2. مير وليد جي چؤڪنڊيءَ جي اُڀرندي کان ٻه قبرون پڪيون ٻڌل هيون. انهن مان اُڀرندي واري قبر، محمد خان ٽالپر جي هـُـئي. محمد خان ٽالپر جي
سن وفات سن 1205هه لکيل هو. 5 جي انگ کان پوءِ ڪجهه ڊاٺ هئي. شايد سن 1245هه سن هو.

3. مير وليد جي چؤڪنڊيءَ جي اُلهندي کان ٻيو نمبر چؤڪنڊي هئي. اِها چؤڪنڊي پڻ ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ مير وليد خان واري چؤڪنڊيءَ جيڏي هئي. انهيءَ چؤڪنڊيءَ تي ڪجهه به لکيل نه هو. هن چؤڪنڊيءَ جو منهن اُڀرندي طرف هو.

ٽيون نمبر چؤڪنڊي مذڪوره چؤڪنڊيءَ جي اُلهندي کان واقع هئي. اِها چؤڪنڊي ڪجهه وڏي هئي. هن چؤڪنڊيءَ جو اُلهندي ۽ اڀرندي وارو پاسو وڏو هو ۽ اُتر ۽ ڏکڻ وارو پاسو ڪجهه گهٽ هو. ٽيءَ چؤڪنڊيءَ تي به ڪجهه لکيل نه هو. اِها چؤڪنڊي ٻي چؤڪنڊيءَ وانگر خالي هئي. انهيءَ چؤڪنڊيءَ جا تمام  گهڻا پٿر جـُـهريل هئا.

4. انهيءَ چؤڪنڊيءَ جي اولهه کان هڪ جـُـهريل پٿر نظر آيو. اُنهيءَ تي ڪجهه لکيل هو. مون جڏهن پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته پٿر تي ”قبول ولد.... وفات سن 1225هه جمادي الاول....“ لکيل لفظ نظر آيا. شايد قبول ميرن وٽ ڪو ناليرو فرد هو.

5. هڪ ٻيءَ قبر تي هي اکر لکيل هئا:

”تاريخ وفات صوبه خدمتگار بيست هفتم رمضان سن 1213هه“

انهيءَ قبر جي ڀرسان هڪ ٻي به اهڙي قبر نظر آئي. انهيءَ تي ”تاريخ وفات ڪبير خدمتگار 21 ماهه ذوالحج سن 1217هه“ لکيل هو.

مذڪوره قبرن کان سواءِ هن قبرستان جا ڪتبا پڙهڻ تمام ڏکيا هئا، ڇو ته ڪي ته صفا جـُـهريا پيا هئا ته، ڪي ڪتبا بلڪل قبر کان پري هئا.

6. هن قبرستان جي اولهه کان احمد شاهه جي تربت هئي. احمد شاهه ڪيٽين جي ميرن جو وڏو سپهه سالار هو. ديندار ۽ الله لوڪ بزرگ هو. ميرن جي قبرن کان احمد شاهه جي قبر کي ماڻهن وڌيڪ احترام سان ٿي ڏٺو. هن جي قبر تي عوام پڙ وڌا هئا. نشان ٻڌو هو. مون ٻڌو هو، ته اتي جا ماڻهو احمد شاهه تي هر سال ميلو پڻ لڳائيندا آهن. هن قبرستان کي به احمد شاهه جو قبرستان ڪري چوندا آهن. اهو ٻڌي حيرت ٿيم ۽ سنڌي ماڻهن جي سوچ سمجهيم ۽ روحاني اثر جي ڪل پيم، ته هو ڪنهن به صورت ۾ اميرن کي فقيرن کان وڌيڪ نه چاهيندا آهن. هنن جي دلين تي فقير ۽ پير راڄ ڪندڙ آهن. سيد احمد شاهه ميرن جو سپهه سالار هو. مير هـُـن جا حاڪم هئا، پر ماڻهن سيد احمد شاهه کي اهڙي اهميت ڏني، جو ڏسڻ ۾ هينئن پيو اچي، ته ماڻهن جي دلين تي احمد شاهه راڄ ڪندو هو. مير رڳو نالي جا بادشاهه هئا. زور سان پنهنجا حڪم مڃائيندا هئا، ماڻهن جي دلين تي سيد احمد شاهه راڄ ڪندو هو. سيد احمد شاهه جي اها اهميت سندس مـُـئي کان پوءِ به رهي ۽ اڃان تائين رهندي اچي.

هيءُ اميراڻو مقام اڄ غريبن جي رحم ۽ ڪرم تي آهي. چاهين ته اُن جي سر سر ڌار ڪري ڇڏين ۽ چاهين ته ميرن جي هن تاريخي مقام کي سلامت رکندا اچن.

--------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org