سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان

باب؛ 3

صفحو ؛ 6

 

مٿيان لغاري هينئر ڳوٺ غلام علي لغاريءَ ۾ رهندڙ آهن. وٽن وڏن جون امانتون ۽ نشانيون سلامت آهن. جن مان تلوارون ۽ پراڻي زماني جون بندوقون ڏسڻ وٽان آهن. هنن بلوچن کي خاناڻي لغاري پڻ چئبو آهي. ماڻڪاڻي ميرن کان سال بسال وڃيو وظيفا وٺندا آهن. انهن لغارين جو ماڻڪاڻي ميرن جي پوئين سان ڪافي تعلق رهيو آهي. انهن لغارين پنهنجي سر جون سٽون ڏيئي ماڻڪاڻي ميرن جي حفاظت ڪئي.

انهن لغارين ۽ ماڻڪاڻي ميرن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق هو. لغاري، ماڻڪاڻي ميرن جا سپاهي ۽ مجاهد هئا، ”شير سنڌ“، مير شير محمد خان ٽالپر جو لغارين تي وڏو اعتماد هو. لاڙ ۾ ماڻڪاڻي ميرن جي راڄ ۾ سندن هڪ وڏي اميد علي خان لاڙ جي جاگير جي تحفظ لاءِ ”ڪيٽين جي ڪوٽ“ جي اڏاوت ۾ سهڪار ڪيو ۽ هن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ رڪ مان توبن جي ڍلائي ڪرائي، اهي توبون ڪوٽ تي نصب ڪرايون هيون.

اهي ڪوٽ ماڻڪاڻي ميرن جي ميرپورخاص ڏانهن وڃي ٿانيڪو ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن زماني تائين قائم هئا. سال ڇهه ماهي ماڻڪاڻي مير پنهنجي هن اباڻي جاگير تي ڀيرو ڪرڻ يا سهڪار سانگي ضرور ايندا هئا، پوءِ هوريان هوريان ميرن جي ايندڙ پيڙهين جي دلچسپي گهٽجڻ، ڍوري ۽ پراڻ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري، اهي شاهي ڪوٽ ويا ڀڄندا ۽ ڀرندا. انگريزن پاران سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ مير شير محمد خان هنن لغارين وٽ پهتو هو. مير شير محمد خان هونئن ته پنهنجي وقت ۾ لغارين وٽ ايندو رهندو هو. هو ڇريجا ۽ ٻين جاين تي شڪار ڪندو هو، پر جنگ ۾ هارائڻ کان پوءِ به هـُـو اُتي پهتو هو. هـُـن ڪجهه عرصو لغارين وٽ وقت گذاريو، اُن کان پوءِ پاڻ اُميد علي خان جي مدد سان ڇريجا پتڻ تي پهتو ۽ مائي ڀاڳو جي بهادريءَ سبب درياءُ اُڪري هـُـن پاسي ٿيو.

لغارين جو ماڻڪاڻي ميرن سان پوءِ به تعلق رهندو پي آيو. اُميد علي خان لغاري ئي هو، جيڪو پوءِ سڌو سر چارلس نيپيئر وٽ لنگهي ويو. هـُـن لاءِ انگريزن ڪيترو انعام رکيو هو. پر اُميد علي خود اچي پيش ٿيو ۽ اُنهيءَ جي بهادريءَ کان سر چارلس نيپيئر ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس معاف ڪري ڇڏيائين. اُميد علي خان لغاريءَ کي مير شير محمد خان کي هاڻوڪي پنجاب اڳوڻي سنڌ جي ڊيره غازي خان واري علائقي مان وٺي آيو. مطلب ته ماڻڪاڻي ميرن جي فوجي طاقت ۾ خاناڻي لغارين جو تمام وڏو حصو هو. انهيءَ حـصي سبب ماڻڪاڻي ميرن سان ذڪر ڪيل لغارين جا خانداني تعلقات اڃا تائين قائم ۽ دائم آهن.

4. لاڙ ۾ ماڻڪاڻي ميرن جو آبپاشي نظام:

(الف) پراڻ:

ميرن جي ڏينهن ۾ آبپاشيءَ جي انتظام ۾ ڪجهه ڦيرگهير ٿي هـُـئي. انهيءَ ڦيرگهير جا باني ڪلهوڙا هئا، جن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ ڪافي نوان واهه کوٽرائي مـُـلڪ آباد ۽ شاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، نه ته هونئن قديم وقت کان سنڌ جي ماڻهن کي پاڻي قدرتي ڦاٽن مان يا سنڌو درياءَ جي وهڪرن مان ملندو هو. ڍوري پراڻ جي آسپاس جيڪي به برادريون رهنديون هيون، سي ڍوري پراڻ مان واهه کوٽي پنهنجون ٻنيون آباد ڪنديون هيون. وڏا وڏا زميندار وڏا واهه ڪڍندا هئا ۽ ننڍڙا زميندار ننڍا واهه ڪڍندا هئا، هر ڪو پنهنجي حال سارو الله جي وسيع زمين کيڙي اَنُ اُپائيندو ۽ کائيندو هو. ”جيڪو ڪمائي (کيڙي) سوکائي،“ اِهو سنڌ ۾ قانون هو.(1) انهيءَ ڪري هرڪو هرڪاهيندو هو ۽ هرڪو پنهنجن پيرن ڀر هو. ڪوبه ڪنهن جو محتاج ڪونه هو.

اِهو دستور ميرن جي ڏينهن ۾ به هليو آيو. مير رڳو ڍل وٺندا هئا. اِها ڍل به اَنَ جي صورت ۾ هوندي هئي. ٻني ڪنهن جي به کاتي ڪونه هوندي هئي، جيڪو جيتري به سنڀالي سگهي، سو اوتري سنڀالي. البت اُن وقت به جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون ڪجهه قدر رائج هو. پراڻ جيئن ته اونهاري ۾ ڀرجيو وهندي هئي، انهيءَ ڪري اُنهيءَ جي ڪناري وارين ٻنين ۾ خوب ساريون ۽ چانور ٿيندا هئا. هونئن ولهارن ۾ مارو ماڻهو جوئر ۽ ٻاجهر گهڻو ڪري برسات جي آسري تي پوکيندا هئا. ميرن ڪوشش ڪري پراڻ مان وڏا وڏا واهه ڪڍرائي زميندارن کي سک ڪري ڏنو هو.

اهڙي طرح گونيءَ مان پڻ ماڻڪاڻي ميرن واهه کوٽرايا هئا، جن مان باگو واهه ۽ شير واهه خاص طور مشهور آهن.

(ب) باگو واهه:

باگو واهه سائينڏني اڍيجي، سونيتيءَ جي ڀاءُ ڇيڙون ڪرائي ڪڍايو هو ۽ رڻ پٽ واري غير آباد زمين کي آباد ڪيو. اهو رڻ پٽ هينئر تعلقو ٽنڊو باگو سڏجي ٿو. اڳي اهو ويران ميدان ۽ پوٺو لڳو پيو هوندو هو، آهستي آهستي ڪري اتي آبادي ٿيڻ لڳي. اڄ ته سڄو ٽنڊو باگو شاد ۽ آباد لڳو پيو آهي. سائين ڏني  اڍيجي جي مدد کان پوءِ باگي واهه تي خود مير باگو نظرداري ڪرڻ لڳو. آبادي خاصي ٿيڻ لڳي ۽ هو ڪيٽين کي ڇڏي، اچي موجوده ٽنڊي باگي ۾ ر هيو. اِهو شهر به پاڻ ٻڌايو هئائين.

 (ج) شير واهه:

گونيءَ مان ماڻڪاڻي ميرن جيڪي واهه ڪڍرايا، انهن مان شير واهه پڻ هڪ هو. هي واهه نندي شهر جي اُلهندي کان لنگهي، تمام گهڻي غير آباد زمين کي آباد ڪندو هو. هي واهه مير شير محمد خان ”شيرِ - سنڌ“ کوٽرايو هو ۽ انهيءَ واهه جي زمين تي پنهنجي تعلق وارا ماڻهو ويهاريا هئا.

(د) خان واهه:

تعلقي گوني (ٽنڊو محمد خان) ۾ گاجيا واهه مشهور واهه هو. انهيءَ واهه مان ميرن، ”مير واهه“ کوٽرايو هو. اِهو ميرواهه گوني تعلقي جي ڏکڻ واري ڀاڱي کي آباد ڪرڻ لڳو. پر خان محمد لغاري اڃا به انهيءَ واهه جي پيچ کان پري هو، ته هن پاڻ ڪوشش ڪري انهيءَ واهه مان پنهنجو ذاتي واهه کوٽايو هو. گولاڙچيءَ جي اُلهندي کان 6 - ميل تي اڄ  به ”خان واهه“ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اِهو ماڻڪاڻي ميرن جي خاص ماڻهو، خان محمد لغاريءَ کوٽرايو هو ۽ پاڻ انهيءَ واهه جي پاڻيءَ تي زمين آباد ڪندو هو ۽ پنهنجي ڏيٺ ويٺ وارين برادرين کي خانواهه تي آبادي ڪرڻ ڏيندو هو.

انهيءَ کان سواءِ ٻيا به لاڙ ۾ ماڻڪاڻي ميرن جا گهڻا واهه کوٽايل آهن، پر افسوس جو مون کي پوري معلومات مهيا نه ٿي سگهي آهي.

(5) مير شير محمد خان ۽ ڏکڻ سنڌ:

(الف) انگريزن سان لڙائي ۽ هار:

حيدرآباد جي شهداداڻي ميرن جنگ ۾ هارايو. جنرل هوشو شيدي، سنڌ جي شان کي بالاتر رکڻ لاءِ ڊوڙي وڃي ميرپورخاص ۾ ”شيرِِ سنڌ“، مير شير محمد خان وٽ پهتو. جيڪو اُن وقت ماڻڪاڻي ميرن جو مـُـک اڳواڻ هو. هوشو شيديءَ ڏکائيندڙ اکرن ۾ حيدرآباد جي ميرن جي هار جو ذڪر ڪيو. ”شيرِِ سنڌ“ گـَـجي اُٿيو. جوڌا جوان وٺي هوشوءَ سان گڏ حيدرآباد ڏانهن ڪاهڻ لڳو. انگريزن کي جو خبر ملي، ته هو به فوجون وٺي اُڀرندي طرف وڌڻ لڳا. دٻي جي ميدان تي ٻئي فوجون آمهون سامهون ٿيون. زبردست لڙائي ٿي. انگريزن پراڻي چال هٿ ۾ کنئي. ڪجهه غدار سپاهي ۽ سردار پئسا ڏيئي پنهنجي پاسي ڪيا. ”شيرِِ سنڌ“ جا راز انگريزن وٽ پهچي ويا. نتيجي طور جنگ جي ڪمزور محاذن تان انگريزن حملا ڪري ميرن کي منجهائي وڌو. اُميد علي خان لغاريءَ، مير شير محمد کي عرض ڪيو ته، ”غداري ڪم ڪري ويئي آهي. هي ميدان پنهنجي فائدي ۾ نه آهي. پٺتي هٽي ٻئي ميدان کي جنگ لاءِ چونڊڻ گهرجي.“ پر شيرِِ سنڌ مڃي ئي نه. چوي ”ميدان تي مربو، يا کٽبو يا سر ڪٽبو، پر هٽبو ڪونه.“ اُميد علي چيو ته، ”هتي غداريءَ سبب رڳو سر ڪٽائبو، کٽبو ڪونه. جي اوهان هارايو ته ڄڻ ته سنڌ هارايو. هاڻ چاهيو ٿا، ته سنڌ ختم ٿئي ته بيشڪ هن ميدان تي وڙهي مري وڃو ۽ دشمن ڀلي ته مـُـلڪ تي بي پرواهه ٿي راڄ ڪري.“ اُميد علي جي اِها صلاح مير شير محمد کي دل سان لڳي. اُميد علي لغاريءَ جي صلاح سان پاڻ ميرپورخاص موٽي آيا. انگريزن سان ٻه ٽي ٻيون به چڪريون ٿيون، پر حالتون ڏينهون ڏينهن مير شير محمد جي خلاف ٿينديون ويون. انگريز زور پوندا ويا. خراب حالتن کان مير شير محمد خان سخت بدظن ٿي چڪو هو.

اُميد علي لغاريءَ آخر کيس صلاح ڏني ته، ”هاڻ جنگ ۾ اسان سڀ ڪجهه هارائي چڪا آهيون، جوان مري چڪا آهن. باقي ڪي ٿورا ڪونڌر وڃي رهيا آهن. منهنجو خيال آهي ته لاڙ ڏانهن هلجي ۽ اوهان جي ڏاڏاڻي ڏيهه مان ڪجهه مدد وٺجي. پير ڀاون علي شاهه سان حال اورجي. ڪيٽين جي ڪوٽ جي ڪونڌرن کي سڏجي. لغارين جي لالڻن کي ياد ڪجي. پوءِ پاڻ وٽ وڏي فوج ٿي ويندي ۽ انگريزن سان ملهه ڪري سگهنداسون.“

اُميد علي لغاري هو ئي لاڙ جو، مير شير محمد انگريزن سان جنگ وقت  کيس سڏايو هو. هن پنهنجا عزيز قريب گهڻي تعداد ۾ دٻي جي ميدان تي قربان ڪيا هئا. مير شير محمد کي اُميد علي جي صداقت ۽ سورهيائيءَ تي ڀروسو هو. آخر اُميد علي لغاريءَ جي چوڻ موجب پاڻ لاڙ ڏانهن وڌڻ جو خيال ڪيائون.

(ب) راڄو خاناڻي ۾:

پنهنجي سورهيه سپاهين سان ڀلن گهوڙن تي سوار ٿي، ”شيرِ سنڌ“ ڏکڻ سنڌ ڏانهن وڌيو. انگريزن جي جاسوسن يڪدم انگريزن کي خبر پهچائي ته، مير شير محمد لاڙ ڏانهن وڃي رهيو آهي. نائونمل کي گهرايو ويو. نائونمل سر چارلس نيپيئر کان هڪ ڏينهن جي اجازت گهري. هـُـن ڀوپت راءِ سان صلاح مصلحت ڪئي. ٻئي ڏينهن نائونمل ۽ ڀوپت راءِ سر چارلس نيپيئر وٽ پهتا. صلاح هيءَ بيٺي ته جيئن مير شير محمد خان جا ماماڻا راڄي خاناڻيءَ ۾ رهن ٿا، مير صاحب يقيناً اُتي ويندو. تنهن ڪري پهرين پهرين انهن کي ڊيڄاريو وڃي. اُن کان پوءِ ٽنڊي باگي جي ميرن کي ڊپ ڏياريو وڃي. باقي ڪيٽين جي ڪوٽ جي ماڻهن کي متاثر ڪري ڪونه سگهبو. مير صاحب جيڏانهن به رخ رکي اوڏانهن اڳواٽ جاسوس موڪلي انهن کي مير شير محمد سان ساٿ ڏيڻ ۽ سهڪار ڪرڻ کان منع ڪيو وڃي، ته مير جي مدد نه ڪن. جي هنن مدد ڪئي ته انهن کي ختم ڪيو ويندو، جي مدد نه ڪئي ته کين نوازيو ويندو ۽ انهن جون جاگيرون بحال رکيون وينديون.

صلاح موجب ڀوپت راءِ ساڳئي ڏينهن تيز ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڏکڻ سنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو. ٽنڊي محمد خان جي ڀرسان خبر پيس ته ”مير شير محمد خان اڄ هتي آهي.“ اها خبر ٻڌي ڀوپت راءِ تيز ٻيڙيءَ کي هاڪارائي ڏکڻ سنڌ طرف وڌڻ لڳو.

ٽنڊي محمد خان ۾ مير شير محمد خان  گهڻو عرصو ڪونه رهيو ۽ ڏکڻ سنڌ ڏانهن روانو  ٿيو. ڀوپت راءِ راڄو خاناڻيءَ جي ڀرسان ٻيڙيءَ مان لهي سڌو ميرن وٽ ويو. راڄي خاناڻيءَ ۾ مير محمد خان جو وڃي سلامي ٿيو. مير محمد خان وٽ هو وڏي ادب سان پهتو. ڪرنشون بجا آڻي  حال احوال ڏيڻ وقت هو مير محمد خان کي سر چارلس نيپيئر جو پيغام ڏيڻ لڳو ته،

”مير شير محمد خان اوهان ڏانهن پيو اچي. اوهان هن کي ساٿ نه ڏيندا. جي ساٿ ڏيندا ته پوءِ اوهان کي انگريزن جي خلاف سمجهيو ويندو ۽ اوهان کي سزائون ڏنيون وينديون. جاگيرون ڦريون وينديون. جيڪڏهن اوهان هـُـن سان ساٿ نه ڏنو، ته پوءِ اوهان جي عزت وڌائي ويندي. جاگيرون بحال رکيون وينديون ۽ اوهان کي انگريز سرڪار طرفان انعامن سان نوازيو ويندو.“

مير محمد اِهو پيغام ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويو. اُن کان پوءِ هن ڀوپت راءِ کي چيو، ته ”تون سر چارلس نيپيئر کي چئج ته اسان اوهان جي خلاف ڪونه وينداسون. مير شير محمد خان کي ساٿ نه ڏبو. اوهان يقين رکو.“ ڀوپت راءِ هن کي چيو ته، ”سر نيپيئر کي اوهان مان اِهائي اميد هئي. هـُـو توهان جو ڀاڻيجو آهي، هن کي سمجهائجو ته بغاوت ڇڏي ۽ انگريزن جو فرمانبردار ٿي رهي.“

مير محمد خان چيو ته، ”شير محمد خان ضديرو آهي. آءٌ ڪوشش ڪندس، پر هو مـڃيندو ڪونه.“

اُن کان پوءِ ڀوپت راءِ هليو ويو. ٻيڙيءَ تي چڙهي ٽنڊي باگي جي ڀرسان لهي، ٽنڊي باگي پهتو. پٺيان مير شير محمد خان پنهنجي سڄي لشڪر سان راڄو خاناڻيءَ ۾ پهچي ويو. سندس مامي وڏي خاطر تواضع ڪئي. مير شير محمد خان چيو ته، ”ماما! هن وقت سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آهي. توهان مون کي مدد ڪريو ته، انگريزن کي تڙي مـُـلڪ مان ڪڍون.“ مير محمد خان چيس ته، ”پٽڙا! انگريزن سان پـُـڄي ڪونه سگهندين. کڻي آڻ مڃ ۽ سک جي زندگي گهار. انگريز فيل مست آهن، انهن سان جنگ ڪري، پورو پئجي ڪونه سگهندين.“ اِهو ٻڌي شير - سنڌ چيو ته، ”ماما! هينئر نصيحتن جو وقت نه آهي، مدد جو وقت آهي. منهنجي مدد ڪريو يا جواب ڏيو!“ مير شير محمد خان کي، مير محمد خان چيو ته، ”پٽ! تون آسمان ڦاڙيو پيو اچين، سو توکي ڪير مدد ڏيندو. ڪنهن کي پنهنجا ٻچا رلائڻا آهن. مون کي پنهنجا ٻچا پيارا آهن.“ پنهنجي مامي کان اهڙو جواب ٻڌي، مير شير محمد جي دل ۾ ڏاڍو ڏک ٿيو. هـُـو موٽي پنهنجي فوج ۾ آيو ۽ پنهنجيءَ فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڪيائين. ڦـُـليلي اُڪري مير شير محمد ٽنڊي باگي ڏانهن رخ رکيو. مير محمد خان سک جو ساهه کنيو ۽ پنهنجو خاص ماڻهو موڪلي سر چارلس نيپيئر کي يقين ڏياريو ته، ”اسان اوهان سان وفادار آهيون. ٻئي ڪنهن سان به ساٿ نه ڏينداسون. هتي ڇوڪرو شير محمد آيو هو، پر ناڪامياب ٿي روانو ٿي ويو آهي.“ جواب ۾ سرچارلس نيپيئر هن کي شاباس ڏياري موڪلي.

(ج) مير شير محمد خان ٽنڊي باگي ۽ ڪيٽين ۾:

هوڏانهن ٽنڊي باگي ۾ مير شير محمد خان کي ڪو ڀروسي جهڙو ساٿ نه مليو. لاچار ٿي، هـُـو ڪيٽين جي ڪوٽ ڏانهن وڌيو. اُن وقت ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ گهڻا جوڌا اچي گڏ ٿيا هئا ۽ مير شير محمد به پنهنجا فوجي وٺي اچي اُتي پهتو. ٽنڊو باگو ۽ راڄي خاناڻيءَ کان هن جي، جيڪا دل شڪني ٿي هئي، سو هو صفا دل مَن ُ هڻڻ لڳو. ڪيٽين ۾ ويهي هـُـن جوانن کي رخصت ڪيو. البت انهن کي ايترو چيو هئائين ته، ”اوهان کي اسان جو چٽو اهڃاڻ ملي ته مرڻ مارائڻ لاءِ تيار ٿي اچجو.“ اُتي هڪ رات رهي هن اُميد علي سان صلاح ڪئي. اُميد علي چيو ته، ”دل نه لاهيو.“ پر مير شير محمد ڏٺو، ته ”جتي پنهنجن عزيزن قريبن ساٿ نه ڏنو، اُتي ڌاريا ڪهڙو ساٿ ڏيندا؟“

(د) مير شير محمد خان بدين ۾:

پوءِ اُتان پاڻ گيڙو رتا ڪپڙا ڪري اُميد علي لغاريءَ سان بدين ڏانهن روانو ٿيو. ميرن کان اڳ سنڌ جا والي ڪلهوڙا هئا. اُهي گيڙو رتا ڪپڙا ڪريو ملڪ پيا گهمندا هئا، اُهي ميانوالي پير سڏبا هئا. (1) مير شير محمد ڪيٽين جي ڪوٽ کان ميانوالي پيرن جي ويس ۾ نڪتو ۽ رات جي پيٽ ۾ بدين پهتو.

جيئن ته ڀوپت راءِ، پير ڀاون علي شاهه سان نه ٺهندو هو، تنهن ڪري هـُـو سرچارلس نيپيئر جو پيغام پير ڀاون  علي شاهه کي ڏيئي نه سگهيو. هن وڏي ڪوشش ڪئي، پنهنجا ٻه - ٽي برادريءَ جا ماڻهو ڏانهنس موڪليان، پر انهن محسوس ڪيو ته، پير ڀاون  علي شاهه انگريزن جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري ڀوپت راءِ کي مـُـنهـُـن جي کائڻي پيئي. هن کي اوچتو پنهنجي ڇاڙتن وسيلي خبر پيئي ته، مير شير محمد ڪيٽين جي ڪوٽ مان غائب ٿي ويو آهي. ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهن جي خبر ناهي!! هن اِها خبر يڪدم حيدرآباد موڪلي. نائونمل سان صلاح ڪئي ويئي. نائونمل انگريزن کي چيو ته ”جيئن ته مير شير محمد دل شڪستو ٿي پيو آهي. هاڻ هو بلوچستان ويندو. ڇو ته، پاڻ بلوچ آهي، ان ڪري هاڻ هو بلوچن کان مدد وٺندو. تنهن ڪري سنڌو درياءَ جي چر پر بند ڪريو. جيئن ڪوبه ماڻهو هتان جو هوڏانهن ۽ هـُـتان جو هيڏانهن اچي نه سگهي. وچ ۾ ڪوبه خطرو نه آهي. اسان جي پروپيگنڊا ڪم ڪري ويئي آهي.“ ماٺ ميٺ ۾ مير شير محمد خان بدين پهتو. پير ڀاون علي شاهه بحري جي هسوار سندس دل کولي مرحبا ڪئي.  هن مرشد جي خدمت ۾ سڄو احوال پيش ڪيو. پير ڀاون علي شاهه اُن ڏينهن پنهنجا ماڻهو چوڌاري موڪلي، پنهنجا خاص مريد گهرائي ورتا. انهن کي واپار ڪرڻ جي منع ڪئي ويئي. ديسي شيون وٺڻ ۽ انگريزن جي شين کان پاسو ڪرڻ جو چيو ويو. اُن کان پوءِ مير شير محمد، اُميد علي لغاريءَ سان گونيءَ ڏانهن روانو ٿيو. پير ڀاون علي شاهه جي دربار ۾ ڇا ڇا ٿيو؟ انهيءَ جو ذڪر اڳتي هلي وضاحت سان ايندو. ڇو ته پير ڀاون علي شاهه کي ڀوپت راءِ جي شڪ ۽ دشمنيءَ سبب انگريز سرڪار جو سڏ ٿيو هو. خير، مير شير محمد ۽ اُميد علي لغاري موجودهه گولاڙچي شهر کان اولهه طرف 5-6 ميلن تي اُميد علي لغاريءَ جي ڳوٺ پهچي ويا. هن پنهنجي ڳوٺ پهچڻ شرط پنهنجا ٻار ٻچا بدين ڏانهن جيلاني پيرن وٽ موڪلي ڏنا. پاڻ مرڻ ۽ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو. پنهنجي ڳوٺ جي چوڌاري کڻي مورچا ٺاهيائين. اُن تي توبون لڳرائي جوانن کي ڊيوٽي ڏيئي، پاڻ مير شير محمد سان رهاڻ ڪرڻ لڳو. هن جو غم غلط ڪرڻ لڳو. اُميد علي لغاريءَ کي شڪ هو، ته جاسوسن کي متان شڪ پئجي وڃي ۽ انگريز حملو ڪري، مير شير محمد کي تڪليف ڏين. تنهن ڪري هن سڀ فوجي بندوبست رکيا هئا. ڪجهه عرصو مير شير محمد، اُميد علي لغاريءَ جي ڳوٺ ۾ آرام ڪيو. پوءِ پاڻ درياءَ جي هـُـن پار وڃڻ لاءِ اُميد علي سان گڏ روانو ٿيو. خيال هو ته چريجا پتڻ کان هن پاسي لنگهبو.

(هه) مير شير محمد خان ۽ چريجا پتڻ:

مائي ڀاڳوءَ ٻيڙيءَ تي ويهي ونجهه سنڀاليو. هوءَ موٽيل عمر جي هئي. زماني جون سرديون گرميون ڏٺيون هئائين. ٻيڙيءَ کي ڌڪي اچي ڪناري سان لڳايائين، ڇوته ٻيڙي ڪجهه ڪناري کان پرڀرو هئي. پريان ٽي مرد ويٺا هئا. ٽنهن کي گيڙو رتا ڪپڙا پهريل هئا. ٻيڙيءَ کي ڪناري سان لڳندو ڏسي، ٽنهن ٻيڙيءَ ڏانهن وڌيڪ توجهه پئي ڏنو.

هڪ جوان جيڪو پويان بيٺو هو، اُن جون اکيون وڃي ٻيڙيءَ جي خالي ٿيل وچ وارين ڪاٺين ۾ کـُـتيون. هو هڪ جاسوس سپاهيءَ جيان ٻيڙيءَ ۾ اکيون ڦيريندو رهيو ۽ پوءِ اڳئين گيڙو رتن ڪپڙي وارو بزرگ اڳيان وڌي آيو ۽ ڪنڌ سان اڻ لکي اهڙي نموني سان ”ها“ ڪئي، جو ڄڻ ته رپورٽ پيش ڪري، تصديق ڪري رهيو هجي، ته ٻيڙيءَ ۾ ڪوبه دغابازيءَ جو ڄار وڇايل نه آهي. اِهو سڀ ڪجهه ٻيڙيءَ جي ڪناري لڳڻ سان اک ڇنڀ ۾ ٿي ويو.

اڳيون بزرگ ٻيڙيءَ ۾ سڻائي هنڌ تي ٿي ويٺو. ٻه ٻيا جوان جن پاڻ کي خليفو ٿي سڏايو، سي پنهنجي بزرگ کي ٿانيڪو ويٺل ڏسي، پاڻ به ٻيڙيءَ تي چڙهيا، پر احتراماً پرڀرو ٿي ويٺا. سڀني جون نظرون اوسي پاسي جاسوسيءَ نموني سان ڦري رهيون هيون، پر مائيءَ ڀاڳوءَ کي لکا ڪونه ٿي ڏنائون ۽ وريو اڳوڻي جيئن روحاني ڳالهين ۾ مشغول ٿي ٿـِـي ويا.

ڪلاڪ کن اڳ اهي ٽيئي بزرگ مهاڻن وٽ آيا هئا ۽ انهن کي چيو هو، ته ”اسين ميانوالي طريقي سان ڳنڍيل آهيون. مريدن ۾ وڃون ٿا، اسان کي درياءَ جي هن ڀر اُڪاريو.“ ملاحن جيتوڻيڪ پيرن کي وڏو مان ڏنو هو. هڪ ڄڻو ڊوڙ ڪري، نئين ٺهيل رلي کڻي آيو هو ۽ پير صاحب کي اُٰها وڇائي ڏني ويئي. پير صاحب اُن رليءَ تي ٿي ويٺو هو ۽ خليفا ڀرسان ادب سان ويهي رهيا هئا. خليفن ۾ خاموشي هئي. اهڙي خاموشي جهڙي ”جوالا مکي جبل“ ۾ ٿيندي آهي. پر پير صاحب وري پنهنجي ڳالهه مهاڻن اڳيان دهرائي. تڏهن مهاڻن مان مينهن وسائي چيو ته: ”اي مرشد سائين! هينئر اسان جا سرتاج مير نه رهيا. فرنگي حاڪم ٿي ويا آهن. انهن اسان غريبن تي هي ظلم ڪيو آهي، جو چئن ڏينهن کان حڪم مليو آهي ته، ملاح جيڪو جتي آهي، سو تتي رهي. پاڻيءَ واري چـُـرپر صفا نه ٿئي. ڪنهن  به ماڻهوءَ کي نه هـِـن ڀر آندو وڃي، نه هـُـن ڀر نيو وڃي. انهيءَ حڪم جي ڪري، اسان جو روزگار بيهي ويو آهي، لاچار آهيون، اوهان کي اسان هـُـن ڀر پهچائي نٿا سگهون. اسان فرنگين جي ظلمن ڀر ڊڄون ٿا. الائي جي ڪهڙو سبب آهي، جو انهن فرنگين اِهو حڪم ڪڍيو آهي.“

مينهن وسائي جي انهيءَ حڪم جي پس منظر کان اڻڄاڻائي ٻڌي ڏني ملاح چيو ته، ”سائين! مون کي خبر آهي، ته ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جو سورهيه مير شير محمد خان ٽالپر انگريزن کان دور ٿي ويو آهي. انگريزن کي ڊپ آهي، ته: مير شير محمد ڪٿي ڀنڀٽ نه ٻاري، انهيءَ ڪري هنن سنڌو نديءَ جي سڀني ملاحن کي ڪنهن به ماڻهو اُڪارڻ تي بندش وڌي آهي.“

اِهو ڏني ڄڻ مينهن وسائي کي اطلاع ڏنو ۽ پير صاحب کي به عرض ڪيو. اِهو ٻڌي پير صاحب جي منهن تي ڪجهه جلال اچي ويو، پر پوءِ پنهنجا جذبا روڪي چيائين، ته ”اوهان اسان فقيرن کي اُڪاري ڇڏيو. الله ڪندو، اوهان جو وار ونگو ڪونه ٿيندو.“ پر ملاحن چيو ته، ”سائين اسان لاچار آهيون.“ اِهي ڳالهيون مائي ڀاڳـُـوءَ ٻڌيون پيئي. جيڪا پير صاحب کي پيرين پئي ملي، ڀرسان بيٺي هئي. مائي سراپا عقيدت مند ٿيو بيٺي هئي. مرشد جي هر ڳالهه ٻڌڻ لاءِ همه تن گوش هئي. اُن جڏهن پنهنجن مانجهي ملاحن جون دليون لڏندي ۽ ٻڏندي ڏٺيون، تڏهن هن زال جي اندر مان ڪو وچ درياءَ جهڙو  گهور ڪري ڌڌڪو اُٿيو، اُهو ڌڌڪو شينهن جي گروڙ جهڙو هو. اِهو آواز زال جو نه، پر سنڌ جي سورهيه دودي جي آواز جهڙو آواز هو. مائيءَ جيڪو چيو، تنهن ڳالهه مرد مانجهين کي به شرمائي ڇڏيو. مائيءَ چيو ته، ”يا مرشد! اوهان هلو، هلي منهنجي جهوپڙيءَ ۾ رهو. اوهان ڳٺي جي رڻ کان آيا آهيو، سو بک به لڳي هوندوَ.“ مائيءَ، پير ۽ خليفن جي منهن ۾ نهاري چيو ته، ”ها! اوهان ڏاڍا بکايل  ٿا ڏسجو، پوءِ الله چڱي ڪندو.“ پير ۽ خليفن جي آزمودگار اکين ڏٺو ته مائي جذبي وهيڻي ٿي پيئي آهي. هنن ڏٺو ته، شايد هتان ئي سولائي ٿيندي، پوءِ پير ۽ خليفا مائيءَ وٽ ويا. ڀاڳوءَ جو بخت سڻائو ٿيو. سندس مڙس واڍو به پنهنجي گهر مهمان ۽ مهمان به پير ۽ خليفا ڏسي سرهو  ٿيو. مائي ڀاڳوءَ يڪدم ماني پچائي، چانورن جي ٻـپڙي مانيءَ مٿان مکڻ مکيو ۽ ان مٿان ديسي کنڊ وجهي پهرين پير اڳيان ماني رکي ۽ وٽو گهاٽيءَ لسيءَ جو پڻ گڏ رکيائين، جيئن ته جهڻ ڪجهه کٽي ٿي پيئي، تنهن ڪري اُٰن ۾ لوڻ پڻ وڌائين. خليفن کي به ماني کارايائين....

واڍي مرشد کي پنهنجي گهر ڏسي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته، ”اي سهڻا هادي، دعا ڪر ته مـُـلڪ تان فرنگين جو راڄ ختم ٿئي. وري اسان جي مٺڙن ميرن جي حڪومت هلي. ميرن جي وقت ۾ اسان تي ههڙيون تڪليفون ڪونه آيون. هينئر ته ظلم هي به ٿيو آهي، جو اسان کي حڪم مليو آهي، ته ڪوبه مسافر نه کڻو.“ مرشد جي منهن مان ظاهر هو، ته هو اندرئي اندر ڪا باهه سانڍيو ويٺو هو، پر ڪڇيو ڪونه ٿي. صرف ايترو چيائين، ”واڍا! ڏک جا ڏينهن نيٺ ڏاتار لاهي ڇڏيندو.“ واڍي ۽ ڀاڳوءَ ”آمين“ چئي.

مائي ڀاڳـُـوءَ جي مڙس کي پير صاحب روحاني تلقين ڪئي ۽ هر وقت ۾، هر حال ۾ رب کي ياد ڪرڻ جي ڳالهه دهرائي. واڍو سهڻيون روحاني ڳالهيون ٻڌي قبول ڪندو ويو، ته ”اِهو صحيح آهي.“ مائي ڀاڳو ڳالهيون ٻڌندي ۽ پير صاحب ۽ خليفن ڏانهن ڏسندي رهي. آخر رهيو نه ٿيس ۽ مڙس کي چيائين: ”واڍا! سائينءَ کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي پار اُڪاري اچ.“

واڍو زال جو هي اوچتو انگل ٻڌي، پهرين ته ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو، پر پوءِ چيو ته، ”ڀاڳي! ائين کڻي ڪجي، پر فيل مست فرنگيءَ کي منهن ڏيڻ ڏکيو ڪم آهي، تنهن ڪري آءٌ ائين ڪري ڪونه سگهندس.“ مائي ڀاڳوءَ مهڻو ڏيندي چيس، ته ”مڙس آهين! اٿيئي زالن جهڙي دل، تون ويٺو رهه. آءٌ ٿي مرشد کي پار اُڪاريان. توتي ميار به ڪونه ايندي ۽ زال ذات تي فرنگي يا ٻيو هٿ ڪونه کڻندو... جي ڪنهن مون تي هٿ کنيو، ته به مرشد تان صدقو ٿي ويندس.“

مڙس ڪجهه چوي ئي چوي، تنهن کان اڳ مائي ڀاڳوءَ مرشد کي عرض ڪيو، ته ”سائين هلو ته، اوهان کي پار اُڪاري اچان.“ واڍو به وچ ۾ نه پيو.

ٻيڙي درياءَ جي ڪناري کان پرڀرو ٿي ويئي. ڀاڳـُـو وڏي احتياط سان، ونجهه هلائيندي اڳتي وڌندي رهي، جڏهن وچ سير ۾ پهتي، تڏهن سندس ٻانهن ۾ وڌيڪ ٻـَـر (ٻل) اچي ويو ۽ ٻيڙيءَ کي وڏي ڪمال سان سير جي ڇڪ مان ڪڍي پرينءَ ڀر ٿي.

مرشد ۽ خليفا خاموش ويٺا هئا. مائي ڀاڳو ونـجهه هلائيندي چيو ته، ”سائين، آءٌ اوهان کي سڃاڻان ٿي.“

”اسين ڪير آهيون، سو اسان توکي ۽ ٻين کي ٻڌايو آهي.“

”ائين ته ڪونهي.“

”پوءِ ڪيئن آهي.“

”سائين! پير صاحب سنڌ جو حاڪم مير شير محمد خان ٽالپر ماڻڪاڻي آهي ۽ اوهان جيڪي خليفا ٿيا ويٺا آهيو، اُن مان هڪ کي سڃاڻان ٿي ته اُميد علي لغاري آهي.“

”ڇا تو اسان کي ايندي شرط سڃاڻي ورتو هو؟“

”ها سائين! مون ايندي شرط اوهان کي سڃاڻي ورتو هو. انڌي ته ڪونه ٿي آهيان، اوهان اچي چريجاپتڻ جي ڀرسان شڪار ڪندا هئا. اُهي ڏينهن مون کان وسري ڪونه ويا آهن.“ مائي ڀاڳو ڳالهائيندي به رهي ۽ ٻيڙي به هلائيندي رهي. مير شير محمد خان چيس ته، ”جڏهن تون اسان کي سڃاڻين به ٿي، ته پوءِ اسان سان ساٿ ڏيڻ جي سزا کان شايد واقف ڪونه آهين.“

ڀاڳوءَ ٻيڙي هلائيندي چيو ته، ”منهنجا سائين! واقف آهيان. وڌ ۾ وڌ آءٌ مري وينديس. منهنجا ٻچا پيڙهيا ويندا، ان کان گهٽ ڪا سزا ٿيندي ته اُها به گذاري وڃبي.“

”پوءِ تو اسان کي ساٿ ڏنو، ڇو؟“

”سائين! رڳو هن ڪري ته اوهان جي حياتي هوندا، ته فرنگين سان پـُـڄي سگهندا ۽ سنڌ آجي ٿي ويندي. پر جي اوهان هنن جي هٿ اچي ويا، ته هو توهان کي قسمين قسمين عذاب ڏيئي ماريندا. تنهن ڪري، وطن لاءِ، اوهان جو هئڻ ضروري آهي.... آءٌ جي فرنگين جي عتاب ۾ اچي اوهان جي صدقي مري ويس، ته به اِهو موت شانائتو چئبو.“ اُميد علي، مائيءَ جا جذبا ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيو ۽ چيائين ته: ”جي حيات هونداسون، ته تنهنجو گـُـڻ وساري ڪونه سگهبو.“ ايتري ۾ ٻيڙي اچي ڪناري لڳي.

مير شير محمد ۽ اُميد علي ۽ سندن ٽيون ساٿي ٻيڙيءَ مان لٿا. مير شير محمد ڪجهه سونيون مهرون مائي ڀاڳـُـوءَ کي ڏنيون ۽ اهي ٽيئي مرد مجاهد وڻن ۾ هليا ويا. ڀاڳو ٻيڙي ڪاهي واپس هلي ويئي ۽ وڃي واڍي اڳيان پنهنجي مرشد جي ڪاني ڪرامت جون ڳالهيون ڪيائين ۽ اِها ڳالهه به ڪيائين ته، ”مرشد مون کان راضي ٿي پرئين ڪناري تان مٽي کڻي اُن کي ڦوڪ ڏني، ته هي سونيون مهرون ٿي پيون، جي مون کي ڏنيون اٿس.“ واڍو سونيون مهرون ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ زال کي چيائين ته، ”جو  ٿيو سو ٿيو، پر ڪنهن سان اِها ڳالهه متان ڪرين، ته ڪو مون پير صاحب کي هـُـن ڀر اُڪاريو آهي، نه ته، پنهنجو ٻيڙو ٻڏي ويندو.“ ڀاڳوءَ مڙس کي يقين ڏياريو، ته آءٌ اِها ڳالهه ڪنهن سان ڪونه ڪنديس، پر تون به ڪنهن سان متان ڪرين.

اهڙيءَ طرح زال مڙس هڪٻئي کي پڪو ڪري رهيا هئا، ته سندن پٽ پئي آيو، سو اِهي ڳالهيون ڇڏي، ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيا هئا، ته هتي ٻيو ته ڪو ٻڌندڙ ڪونه هو. پر سواءِ سندن، ٻيو ڪير به سندن ڳالهيون ٻڌندڙ ڪونه هو.

شير- سنڌ مير شير محمد خان درياء سنڌ اُڪري ويو. درياء جي هـُـن ڀر ٿيڻ سان اُميد عليءَ سان روانو ٿي ويو. بلوچستان کان ٿيندو، وڃي پنجاب پهتو.

ڀوپت راءِ مـُـلڪ ۾ ”جيئي جيلاني“ جو نعرو ٻڌي شڪيو ۽ اُنهيءَ آڌار تي هن پير ڀاون علي شاهه تي سر چارلس نيپيئر وٽ پير خلاف ڳالهيون ڪيون. انهيءَ ڳالهه هيٺ سر چارلس پير ڀاون علي شاهه کي گهرايو.

(و) انگريز ۽ پير ڀاون علي شاهه بحري جو هسوار:

اڄ سيد قاسم شاهه لڪياري ڦليليءَ جي ڪناري تي پنهنجي مرشد
پير ڀاون علي شاهه بحري جي هسوار جو شدت سان اوسيئڙو ڪري رهيو هو. ٻن ڏينهن کان هن ڀرواري باغ ۾ تنبو لڳائي ڇڏيا هئا. جن لاءِ هن تنبو لڳايا هئا، اُهي اڄ اچڻا هئا. گهڙيءَ گهڙيءَ هن ڀلاري ڦليليءَ جي سير ڏانهن پئي نهاريو، ڪا ٻيڙي پريان ٿي اُپڙي ته دوربين کڻيو ڌيان سان ٿي ڏٺائين. جڏهن اُن ٻيڙيءَ ۾ عام رواجي ماڻهو ٿي ڏٺائين، ته اڻ لکي ڦڪائي محسوس ڪندي، هن پنهنجن نوڪرن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ ٿي لڳايو.

سيد قاسم شاهه ڪا معمولي هستي ڪونه هو، پر هـُـو ميرن جو وزير رهي چڪو هو. تازو ميرن جي حڪومت ختم ٿي، ته هن ماٺ جي زندگي گهارڻ شروع ڪئي. سرچارلس نيپيئر هن جي چـُـر پـُـر پٺيان ڪافي ڌوتڙيا (جاسوس) ڇڏيا هئا، پر سندس هلت کي ڏسي، انهن به چارلس نيپئر کي مثبت رپورٽ ڏني هئي. انهيءَ ڪري هن کان چارلس نيپيئر ڏاڍو خوش ٿيو هو ۽ کيس خاص مصاحبن ۾ رکڻ ٿي گهريائين، پر هن اها مصاحبي نه قبولي ۽ الله جو مٺو نالو ياد ڪري، حياتيءَ جا ڏينهڙا گهارڻ لڳو. ٻن ٽن ڏينهن کان هن بزرگ حڪومت جي خاص دشمن پير ڀاون علي شاهه (بحري جي هسوار) جي لاءِ جيڪو انتظام ڪرڻ شروع ڪيو هو، سو سر چارلس نيپيئر کي نٿي وڻيو ۽ هن وري به سندس پٺيان جاسوسن جا ولر لڳائي ڇڏيا هئا. پر هو ڪابه اعتراض جهڙي ڳالهه نه ڏسي رهيا هئا... البت هـُـو پنهنجي مرشد لاءِ جيڪو مرحبائي بندوبست ڪري رهيو هو، انهيءَ جي چـُـرپر کان جاسوس نيپيئر کي واقف ڪندا رهيا ۽ جنرل اِها ڪاروائي اعتراض جوڳي نه سمجهي ماٺ ۾ رهيو، پر سيد لاءِ سندس دل ۾ شڪ شهبا وڌي ويا هئا.

انهن شڪن کي ڀوپت راءِ وڌيڪ وسيع ڪري رهيو هو. هي سڄو ڀنڀٽ ڀوپت راءِ ئي ٻاريو هو. ڀوپت راءِ جي ڪجهه ٻني بدين ۾ هـُـئي. ڀاون علي شاهه جيلانيءَ سان هو نه ٺهندو هو. هنن جا پاڻ ۾ زميني تڪرار هوندا هئا. پر جيئن ته حڪومت هن کان اڳ ميرن جي هوندي هئي، حيدرآباد وارا توڙي ميرپورخاص وارا مير درگاهه شاد قادري، بدين جي پيرن کي عقيدت سان ڏسندا هئا ۽ ٻئي ڌريون هن در جون سلامي هيون، سو ڀوپت راءِ ڪجهه ڪري ڪونه سگهندو هو. اوچتو انقلاب آيو. نائونمل جي غداري ڪم ڪري ويئي، سنڌ ميرن کان ويئي ۽ وڃي انگريزن جي ٿي. سرچارلس نيپيئر هڪ ڊڪٽيٽر بڻجي سنڌين کي هيسائڻ لڳو. سنڌي سٻاجهڙا ڪي جيل ۾ هئا، ته ڪي ويل ۾ هئا، البت نائونمل جي لوڌ سنڌين جي شڪار ڪرڻ ۾ پوري هئي، جتي به هنن کي ڪو انگريزن جي خلاف ماڻهو نظر ٿي آيو، اُن جو ذڪر سرچارلس نيپيئر سان ڪيو ٿي ويو ۽ هن انهن سٻاجهڙن سنڌين کي گهرائي ڪورٽ مارشل ٿي ڪيو ۽ انهن سٻاجهڙن تي طرحين طرحين تڪليفون ٿي آيون .

اُن وقت هڪ ٻي به ڳالهه ٿي هئي. جو مير شير محمد شيرِ سنڌ ڏکڻ سنڌ ڏانهن ٽپي آيو  هو، هو ڪيٽين جي ڪوٽ کان ٿي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بدين پهتو ۽ پنهنجي مرشد وٽ پهچي پير ڄمايائين. انگريزن جي ظلم، نائونمل جي غداري ۽ ميرن جي گهرو لڙاين جو ذڪر، پير ڀاون علي شاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيائين. پير سائين ڀاون علي شاهه ته اڳي ئي فرنگين جي سخت خلاف هو. وري جو وٽن شيرِ سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر ماڻڪاڻي پاڻ پيهي آيو هو، ته پاڻ سڄيءَ مانڌر،(ماڃر)، جاتي، ولاسي ۽ ٿر ڏانهن خليفا ڊوڙايائين، ته جيئن ڳوٺ جا چڱا مڙس يڪدم گڏ ڪري سگهجن ۽ انگريزن جي تشدد جو مدبراڻي نموني سان مقابلو ڪري سگهجي. جيئن ته سائين جن وٽ مير شير محمد خان ٽالپر رات جي پيٽ ۾ آيو، تنهن ڪري ڪنهن کي ڪا خبر ڪونه پيئي هئي. رات جي پيٽ ۾ ماڻهو ايندا هئا، ڏينهن جو هر ڪا ڳالهه لڪيل رهندي هئي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ گهرايل ڳوٺن کان ماڻهو پهچي ويا. چؤدريءَ ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ محفل متي.

انهيءَ محفل ۾ مير شير محمد خان، اميد علي خان لغاري ۽ سائين ڀاون علي شاهه جن انهن چڱن مڙسن کي خطاب ڪيو ۽ نئين پيدا ٿيل حالتن کان واقف ڪيو. سڀني پٽيلن ۽ سردارن ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته، ”بادشاهه پير دستگير جي اولاد کان جو به امر ملندو، اُهو امر سر سٽ ۾ ڏيئي به پورو ڪيو ويندو.“

پر جيئن ته، مير شير محمد ٽالپر ڏٺو ته، ماڻهو ته جنگ لاءِ تيار آهن، پر انگريزن وٽ نوان هٿيار آهن. باقاعدهه سکيا ورتل فوج آهي، اسان وٽ سواءِ جذبي ۽ پراڻن هٿيارن جي، ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. تنهن ڪري ڪو اهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي، جو سواءِ جنگ جي انگريز پاڻهي سنڌ ڇڏي ڏين. انهيءَ ڳالهه کان مير شير محمد محفل کي به آگاهه ڪيو. اِهو ٻڌي پير ڀاون علي شاهه فرمايو ته: ”آءٌ سمجهان ٿو ته ڪوبه حاڪم سواءِ پئسن جي لالـچ جي مـُـلڪ کي هٿ ۾ نٿو کڻي. انگريزن کي به اِها لالـچ آهي. مـُـلڪ مان هو ٻن طريقن سان پئسا حاصل ڪري سگهن ٿا. هڪ ڍل رستي ۽ ٻيو واپار رستي. منهنجو خيال آهي ته انگريزن کي ڍل به نه ڏجي ۽ وٽائن يا انهن جي ايجنٽن کان يا انهن جي ڪوٺين تان واپار به نه ورتو وڃي. جي اسان ائين ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿياسون، ته انگريز پاڻهي پنهنجا ٽپڙ ٻڌي هليا ويندا.“ مير شير محمد کي پير ڀاون علي شاهه جي اها رٿ ڏاڍي وڻي. سڏايل سڀني مکيه مريدن اِهو انجام ڪيو ته، ”اسين دستگير جي درگاهه اڳيان قول ٿا ڪريون، ته انگريزن کي ڍل نه ڏينداسون ۽ انهن کان واپار به نه وٺنداسون، جيسين اسان کي ٻيو حڪم نه ملي، تيسين اسين انهيءَ انجام تي پورا (سامان) رهنداسون ۽ پنهنجي ڳوٺ وارن کي به انهيءَ ڳالهه تي سختيءَ سان پابندي ڪرائينداسون.

رات جي پيٽ ۾ اهي ڳالهيون ٿيون. اسر ڌاري محفل ختم ٿي. سڀني کي پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن وڃڻ جي موڪل ٿي. سڀ سائين ڀاون علي شاهه کان موڪلائي روانا ٿيا ۽ باقي وڃي مير شير محمد، پير ڀاون علي شاهه ۽ اُميد علي لغاريءَ پٺيان رهيا.

پير ڀاون علي شاهه، مير شير محمد کي چيو ته، ”درياءَ کان هن ڀر سڄو ملڪ توسان آهي، تون درياءَ جي هـُـن ڀر وڃ ۽ ڪجهه بلوچستان جي بلوچن کان به مدد وٺ. جيسين تون مڪمل طاقت هٿ ڪري اچي انگريزن کي سامهون ٿين، تيسين اسين نڪو ڍل ڏينداسون ۽ نڪو انگريزن کان واپار ڪنداسون. هاڻي تون جلد وڃ ۽ درياءَ جي هن ڀر ڪجهه وڃي ڪر.“

انهيءَ رات پرهه ڦٽيءَ مهل اُميد علي ۽ مير شير محمد ۽ سندس ساٿي ڀلن گهوڙن تي چڙهي، هوا سان ڳالهيون ڪندا اُلهندي طرف روانا ٿي ويا.

ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهن ولائتي ڪپڙي وٺڻ کان صفا انڪار ڪيو ۽ ڍل جي اُڳاڙيءَ کان به جتان ڪٿان جواب ملڻ جون خبرون اچڻ لڳيون. جن تي ظلم ۽ تشدد ٿيو ٿي، انهن صبر سان برداشت ڪيو ٿي. ٻن ٽن زميندارن تي جاتيءَ ۾ ڍل نه ڏيڻ جي ڪري ڪجهه تڪليفون آيون. انهن ”جيئي جيلاني“ جا نعرا هڻي، اُهي تڪليفون اکين تي سٺيون. نندي شهر ۽ بدين مان پڻ، جيئي پير! جيئي مير، جا نعرا بلند ٿيا. ٽنڊي باگي ۾ پڻ اهڙيون حالتون هيون. ڏيپلو به ائين ئي منصور ٿيو بيٺو هو.

ڀوپت راءِ ”جيئي جيلانيءَ“ جي نعري مان اِهو محسوس ڪيو، ته هجي نه هجي، اِها ٻـُـسڪ پير ڀاون علي شاهه جي ڏنل هجي. هن کي ذاتي وير اڳي ئي هو. هن وڃي انگريزن جا ڪن ڀريا ته:

”ميرن کان ته حڪومت ورتوَ! پر جيسين بدين واري پير کي هٿ نه ڪندا، تيستائين اوهان جهڙي حڪومت ورتي، تهڙي ڪونه ورتي. هي جيڪو لاڙ جي ماڻهن اوهان سان قطع تعلقات جو سلسلو شروع ڪيو آهي. اُهو به مير شير محمد جي مدد ۾ پير ڀاون علي شاهه ئي ڪرايو آهي.“

اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ڳالهيون، هن سر چارلس نيپئير جي ڪن ۾ وڌيون. هوبه هڪ وڏو ڄاڻو سياستدان هو. اُن پير ڀاون علي شاهه کي خاص مصاحب هٿان نياپو موڪليو، ته: ”اسان سان اچي ملو، ضروري صلاح مصلحت ڪرڻي آهي ۽ ڀوپت راءِ اوهان خلاف ڪي شڪايتون ڪري ٿو، سي روبرو ويهي نبيرڻيون آهن ۽ لاڙ جي مسئلن تي پڻ ڳالهين جي ڏي وٺ ڪرڻي آهي.“ پير ڀاون علي شاهه کي اِهو نياپو مليو. پاڻ هتان پنهنجن خليفن ۽ نوڪرن سان ڦليليءَ جي وسيلي ٻيڙن جي بهير ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيائون. اُن کان اڳ سيد قاسم شاهه لڪياريءَ کي نياپو موڪليو هئائون، ته ”اسين اچي رهيا آهيون، اسان جي منزل جو بندوبست رکجو.“

آخر پاڻ مقرر ٿيل ڏينهن تي نڪتا. ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ، اهو سڄو ساٿ اچي سيد قاسم شاهه لڪياريءَ جو مهمان ٿيو. جاسوسي ڪندڙ ايندا رهيا، خبرون وٺندا رهيا. جنرل کي ذري ذري جي خبر پوندي رهي. ڪنهن مهل ڪو، ڪنهن مهل ڪو ڄاڻ ڏئي رهيو هو ته، ”سر! هينئر پير ڀاون علي شاهه ۽ سيد قاسم شاهه الله الله جو ذڪر پيا ڪن.“ هن وير ”پير ڀاون علي شاهه جماعت سان نماز پيا پڙهن.“ ڪو اچي چوندو هو ته، ”سر! هتي ته سواءِ تصوف، دين اسلام جي ٻين ڳالهين جو ته ذڪر ئي ڪونه ٿو ٿئي.“ مسلسل چارلس نيپئير وٽ اهڙيون رپورٽون پهتيون، جو هو پير ڀاون علي شاهه جي شخصيت کان زبردست متاثر ٿيو. پوءِ به رپورٽر رپوٽون ڏيندا رهيا، هو ٻڌندو رهيو ۽ متاثر ٿيندو رهيو.

صبح جو پير ڀاون علي شاهه 9 بجي ڌاري حاضر ٿيو. جنرل سرچارلس نيپيئر سندس ڏاڍي تعظيم سان خوش آمديد ڪئي. پير ڀاون علي شاهه سان اوسي پاسي جون ڳالهيون، سندس تعلقات جي باري ۾ پڇيو. ڀوپت راءِ ڏانهن ماڻهو ڊوڙايا ويا، ڇوته اُهو مذڪوره ڪيس ۾ شاهد طور ڪم اچڻو هو. ڀوپت راءِ نه اچڻو هو نه آيو. وقت تنگ ٿيندو ويو. آخر اطلاع مليو ته راءِ صاحب رات جو دل جي دؤري پوڻ سبب مري ويو.

چون ٿا ته نيپئر به اِها ٻين سنڌي مريدن وانگر پير جي ڪرامت سمجهي. پير ڀاون علي شاهه جنرل ۽ عوام جون ڳالهيون ٻڌيو مرڪندو رهيو. الائي ڪرامت هئي، يا ڀوپت راءِ ڪوڙي ڪيس سبب پريشان ٿي مئو. بهرحال هن جي مرڻ جو جنرل توڙي عوام تي سٺو اثر پيو.

ڪيس هلڻ جو هاڻ ڪو سوال ئي ڪونه ٿي اُٿيو. ڀوپت راءِ مري ويو ۽ جنرل زبردست متاثر ٿيو. پير ڀاون علي شاهه کي وڏي تعظيم سان بدين ڏانهن وڃڻ جي موڪل ملي. پير موصوف ٻه ٽي ڏينهن حيدرآباد ۾ رهي، واپس بدين پهچي ويو.

ماڻهو ڍل ڏيڻ کان انڪاري هئا. ماڻهن ۾ ساڳيو جوش ۽ خروش موجود هو. مير شير محمد خان ڌار ڌار جڳهين تان ٿيندو، انگريزن سان جهيڙيندو لاهور پهتو. سکن ساڻس پوري همدردي نه ڪئي. آخر اُميد علي خان لغاري کين واپس وٺي آيو. انگريزن کين سٺي طرح نوازيو ۽ جڏهن مير شير محمد پنهنجيءَ رعيت وٽ موٽي آيو ۽ عوام کي ڍل ڏيڻ ۽ واپار ڪرڻ لاءِ موڪل ڏني، اها موڪل ساڳئي پير ڀاون علي شاهه جي بنگلي ۾، ساڳين چڱن مڙسن کي گهرائي ڏني ويئي. انهيءَ کان پوءِ انگريزن جو واپار به لاڙ ۾ شروع ٿيو ۽ انهن کي لاڙ مان ڍل پڻ وصول ٿيڻ لڳي.

 --------


(1)  انهيءَ سنڌ جي قديم قانون جو ورجاءُ شاهه عنايت جهوڪ واري جي تحريڪ ۾ نظر اچي ٿو.
الله سندي راڄ ۾ جو کيڙي سو کائي انهيءَ تحريڪ جو مـُـک نعرو هو. (نظرثاني ڪندڙ)

(1)  سنڌ ۾ ميان بزرگ، مرشد کي چيو ويندو آهي. ڪلهوڙا بزرگي ۽ مرشديءَ مان وڌيا، سگهارا ٿي، سنڌ جا حڪمران بڻيا هئا ۽ سندن تحريڪ جو نالو ميان وال تحريڪ هو. (نظرثاني ڪندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org