اُن وقت ٺٽي تي مغلن جا نواب راڄ ڪندا هئا. انهن ۾
به ڪو خاص چاڙهو ڪونه هو. پر جيئن ته ٺٽي جي حڪومت
ويجهي ۾ ويجهي حڪومت هـُـئي. ٺٽي جو نواب صادق علي
خان هو، هـُـو بادشاهه محمد شاهه غازيءَ طرفان
حڪومت ڪندو هو. قدرتي اهڙا اشارا مليس، جو هن کي
تاجن اکين ۾ ٿي بيٺو. آخر صادق علي خان ولد سيف
الله خان ٺٽي ۾ لشڪر گڏ ڪري، تاجن تي فوج ڪشي شروع
ڪري ڇڏي. انهيءَ فوج ڪشيءَ ۾ ٺٽي جو مشهور فارسي
شاعر ”محسن ٺٽوي“ به شامل هو. پهرين منزل تي جڏهن
لشڪر لٿو، تڏهن محسن ٺٽويءَ هيٺين رباعي ٺاهي،
صادق علي خان جي خدمت ۾ پيش ڪئي:
اي منزل اول تو مانند هلال،
از بدر نشان دهد بارياب ڪمال،
يعني ڪـه بهر مرحله انوار فتوح،
بر چهرة دولتت فزايه اقبال
نواب صادق علي اها فوج ڪشي سن 1149هه ۾ ڪئي. پاڻ
اڳتي سگهه سنڀالي نه سگهيو، تنهن ڪري تاجن سان مد
مقابل ڪونه ٿيو. هن کي پنهنجيءَ ڪمزوريءَ جو احساس
ٻيءَ منزل تي ٿيو. محسن ٺٽويءَ جي همتائڻ تي به هو
تاجن ڏانهن ڪاهه ڪرڻ تي آماده نه ٿيو. نواب صادق
علي هڪ سال ٺٽي جو نواب رهيو. پوءِ اِها نوابي هن
کان ويئي ۽ سڄيءَ سنڌ جو سهارو ميان نور محمد خان
ڪلهوڙو ٿيو. جو مغلن جو تابعدار نه هو، پر پنهنجي
روءِ سوءِ خودمختيار به هو.
وقت گذرندو ويو، تاجن روزبروز ظلم وڌائيندو ويو.
قدرت تاجن کي ڊگهو رسو ڏنو هو، تنهن ڪري هو ويو من
مستيون ڪندو ۽ سيد سليمان شاهه جا پيو مذاق
اُڏائيندو هو ۽ چوندو هو، ته ”درويش دل ٿي چويم ته
توکي به ديوار ۾ هڻائي راڳائي ڇڏيان، پر خير تون
درويش آهين، تنهن ڪري پيو جيءُ ۽ مون کي ياد ڪر.“
سليمان شاهه چوندو هوس، ته ”تاجن! فرعون وارو غرور
نه ڪر. قدرت وٽ دير آهي، پر انڌير نه آهي.“ انهيءَ
تي تاجن کـِـليو، چوندو هو، ته ”سائين بادشاهه!
صادق علي نواب جهڙا سورما ٿا اچن، تڏهن انهن
ويچارن جي واٽ ۾ ئي چيلهه ٽٽيو پوي ۽ هو مون کان
گهڻو گهڻو پري، ڀؤ کان ڀڄيو وڃن.“ سليمان شاهه
قدرت طرفان هن لاءِ ٺهندڙ سامان روحاني طور ڏسيو
مـُـرڪيو ڏيندو هو ۽ چوندو هو، ته ”تاجن منهنجي
ڪلام جي صداقت جي هڪ ڏينهن توکي خبر پئجي ويندي.“
وقت گهڻو گذري ويو. سائينءَ جي پيشگوئيءَ کي به
اچي پورا نـَـوَ سال ٿيا هئا، پر تاجن اڃا تباهه
نه ٿيو هو. اِهو ڏسي ٻيا منڌرا به ڪجهه سائينءَ
کان بدظن ٿيڻ لڳا هئا ۽ هـُـن بزرگ ڏٺو، ته مون
کان جي منڌرن منهن مٽيو ته پوءِ منهنجو ڇا ٿيندو؟
سو هنن کي هـُـو کولي ٻڌائڻ لڳو، ته: ”تاجن لاءِ
الاهي طوفان پيو اچي.... ڳٺو پيو سـُـڪي.... ويٺا
رنگ ڏسو.“
سن 1159هه ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو لاڙ جي سرڪشن کي
ختم ڪرڻ لاءِ لشڪر وٺي روانو ٿيو. نواب صادق عليءَ
جي هار وارو تاجن ميان نور محمد کي سٺيءَ طرح ياد
هو. هـُـو جوڻيجن کي تابع ڪندو، ننڍا وڏا راڄواڙا
خوشيءَ سان يا زوري تابع بنائيندو اڳتي پئي وڌيو.
تاجن کي ميان نور محمد جي چڙهائيءَ جي خبر پيئي
ته، ڪوٽ جا در دريون بند ڪري ويهي رهيو. ميان صاحب
ٻيا راڄواڙا ختم ڪري، اچي لشڪر سوڌو تاجن جي ڪوٽ
جي سامهون ٿيو.
ميان نور محمد ڪلهوڙي سان سپاهه جو وڏو تعداد
شامل هو. هوڏانهن تاجن کان منڌرا به بدظن هئا، سو
تاجن ٿوريءَ گهڻي فوج سان ميان سان مهاڏو ڏنائين،
پر لاچار ٿي ڀاڄ کاڌائين ۽ وڃي ڪانجهيءَ ڪوٽ ۾
لڪو.
ميان نور محمد ڪلهوڙو مينهن واءُ ڪندو وڃي ڪانجهي
ڪوٽ کي گهيرو ڪيو. ميان نور محمد اِها ڪاهه مير
شاهو بلوچ جي جواب ملڻ کان پوءِ ڪئي. پاڻ تاجن جي
ڪوٽ کان ميان ڪانجهيءَ جي واليءَ ڏانهن ٽامائي خط
لکيو هو، ته: ”تاجن کي پناهه نه ڏيو.... نه ته
ميان توهان تي چڙهائي ڪندو.“ پر ڪانجهيءَ جي
واليءَ مير شاهوءَ کي چيو، ته ”توهان ريٻارا آهيو،
ڀلي ڪري جي ڪري آيا... ميان کي چئجو، ته تاجن
منهنجي سام پيو آهي، اُن کان سواءِ آءٌ ڪڇ جي راجا
جو ڏن ڀرو آهيان.... ميان ايندو ته کيس ڏسي وٺبو.“
ميان تاجن کي ختم ڪرڻ لاءِ زبردست لشڪر سان ڪانجهي
ڪوٽ تي چڙهائي شروع ڪئي. ميان نور محمد سان گڏ
سندس صاحبزادو احمد يار خان ۽ هيٺيان وڏا سپهه
سالار شامل هئا: فضل علي خان، عارف خان، مير
متارو، تاج محمد، ڀائي خان، شيخ محمد، شاهه بهارو،
مراد ڪليري، مير چاڪر بلوچ، بختاور کهاوڙ، مسو
سامٽيو، شير بخشو، دريا خان ابڙو، شيخ شڪرالله،
ڀورو، روحل کوسو، بلاول نائچ ۽ فتوحل خان جوڻيجو.
اِهو وڏو لشڪر ويندي شرط وڃي قلعي کي گهيري بيٺو.
تاجن ۽ ڪانجهيءَ جو لشڪر قلعي اندر قيد رهيا. قلعي
کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌان سـُـرنگهه ڪئي ويئي ۽
اُن سرنگهه ۾ بارود ڀريو ويو. اُن بارود کي باهه
ڏني ويئي. جڏهن اِها سرنگهه ڦاٽي، تڏهن اهڙو
زوردار ڌماڪو ٿيو، جو ڪانجهي ڪوٽ ۾ رهندڙ ماڻهو
هيسجي ويا ۽ سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو. قلعي جي ڀت
اُڏامڻ سان ميان نور محمد جو لشڪر ڪاهي اندر ويو.
ڪانجهيءَ جي لشڪر کي ڌماڪي هيسائي ڇڏيو هو، ٻيو
وري هيءَ فوج سڌو مٿن ڪاهي آئي، اُن ڪري قلعي اندر
فوج جي طاقت ختم ٿي ويئي ۽ منجهن ڪو حال ڪونه هو.
انهن کي همتائڻ لاءِ راجا ڏهيسر ميدان ۾ آيو. راجا
ڏهيسر ڪانجهيءَ جي قلعي جو سپهه سالار هو، پر هو
فوج کي همتائيندي مارجي ويو. اُن جو ڀاءُ به موت
جو شڪار ٿيو. شاهه بهاري لشڪر سان قلعي کي سوڙهو
ڪري وڌو. ڪانجهي ڪوٽ جو راجا شاهه بهاري کي منٿون
ڪرڻ لڳو ته: ”جيتري به کپي سا ملڪيت وٺ، پر مون
کي ڪڇ ڏانهن ڀڄي وڃڻ ڏي.“ پر بهاري شاهه هڪ به نه
ٻڌيس. البت ميان نور محمد وٽ سندس جان بخشي جي
سفارش ڪري هن جي جان بچائي قيد ڪرايائينس.
تاجن جڏهن ڏٺو، ته ڪانجهي ڪوٽ به ميان جي فوجن جو
تاب جهلي نه سگهيو آهي، سو پاڻ پاسو وٺي ويهي
رهيو. مسو سامٽيو يارنهن سؤ سپاهي وٺي، تاجن سان
مقابلو ڪيو. تاجن ڏٺو ته هاڻ ڀڄڻ ۾ ڀلائي آهي، سو
اُتان ڀڄي هڪ ٻئي ڀر واري قلعي ۾ اچي لڪو. ميان
صاحب تاجن کان اڻ واقف ڪونه هو. مراد ڪليريءَ کي
تاجن تي گهيري ڪرڻ لاءِ لشڪر موڪليو ويو. مراد
ڪليري داناءُ ماڻهو هو، تنهن تاجن کي چيو، ته ”ڇو
پاڻ کي تباهه ڪري رهيو آهين، اطاعت مڃ ته جان جو
خير ٿئي ۽ پنهنجا ساٿي به بچائي سگهين.“ اِها صلاح
مڃي، هو مراد ڪليريءَ سان گڏ، ڏڪندي ڏڪندي ميان
نور محمد اڳيان حاضر ٿيو ۽ ميان کان هن ڪنبندي
معافي ورتي. ميان کيس يڪدم معاف ڪري ڇڏيو. ميان
خدا آباد روانو ٿي ويو. تاجن اُتان اچي پنهنجي ڦٽل
ڪوٽ جا ڊٺل ٺـُـل ۽ ڪريل جايون ڏٺيون، پريان
سليمان شاهه پنهنجي خانقاهه ۾ آرام ۽ اطمينان سان
الله جي عبادت ڪري رهيو هو. تاجن جنهن جاءِ تي ظلم
ڪيا هـُـئا، اُتي اڄ هر ڪنهن کان ڇرڪي رهيو هو. هو
ٿورو صبر ڪري سليمان شاهه وٽ لنگهي ويو. هـُـن جي
ويجهو وڃي پيرن تي ڪريو. چي: ”بابو ڪريان، بيت
وار.... تنهنجي بيت مون کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.“
سيد سڳوري چيو، ته ”اِهو بيت تنهنجي ظلمن چوَرايو
هو. تو هزارين جانيون ختم ڪيون، سو تون به ختم ٿي
ئي رهندين. اها منهنجي وارڻ ڦيرڻ جي ڳالهه نه آهي،
اِهو قدرت جو ڪم آهي.“
تاجن وري به کيس عرض آزيون نيزاريون ڪيون، پر فقير
وري به ساڳيو جواب ڏنس. تاجن وري به ساڳئي نشي ۾
اچي ويو. ڪوٽ اڏائڻ لڳو ۽ طاقت وٺڻ لاءِ پرايا
پنهنجا سپاهي گڏ ڪري مقابلي ڪرڻ جون زوردار
تياريون ڪرڻ لڳو. اِها خبر جڏهن ميان صاحب جي نوڪر
تاج خرد بلوچ کي پيئي، تنهن ميان صاحب جي موڪل کان
سواءِ تاجن تي ڪاهه شروع ڪئي. انهيءَ جو لشڪر اڃا
پري ئي هو، ته تاجن منڌرو خود پاڻ سان ڪجهه جوان
وٺي، انهيءَ لشڪر کي رات جو راتاهو هڻي، ختم ڪيو.
اِهو بلوچ ختم ٿيو، ته اِها خبر ميان کي پيئي.
جنهن کي بي حد ڏک ٿيو ۽ شاهه بهارو کي گهرائي اُٰن
کي چيو، ته ”تاجن جي معاملي کي هاڻ صفا ختم ڪيو
وڃي.“ شاهه بهارو فوج وٺي تاجن تي اچي ڪڙڪيو. تاجن
ڏٺو ته هاڻ جان ڪونه ڇٽندي، سو ڀڄڻ جي ڪرڻ لڳو، پر
پڪڙجي پيو. هٿ پويان ٻڌا ويس. پيرن ۾ زنجيرون
وڌيون ويس. اهڙيءَ ئي حالت ۾ ميان نور محمد جي
اڳيان حاضر ڪيو ويس. ميان تاجن کي ڏسي، جلاد کي
سڏي، سندس ٻانهن اُن جي حوالي ڪئي ۽ جلاد سندس سسي
ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي.“
تاجن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اِهو سليمان شاهه وارو
بيت سنڌ ۾ مشهور ٿي ويو. تاجن جو ڪوٽ سـِـر سـِـر
ٿي اُکلجي ويو. فقير هڪ ظالم لاءِ پڪاريو، انهيءَ
جي اري ۾ سوين ظالم ختم ٿي ويا.
ميان نور محمد ڪلهوڙو جڏهن تاجن کي مارائي ڇڏيو.
تڏهن شاهه بهاري کان پڇيو ته، ”تاجن جي دماغ خراب
ٿيڻ جو وڏو سبب ڪهڙو هو؟“ تڏهن شاهه بهاري چيو
هوس، ته ”اِهو تاجن مئو ته ٻيو ڪو منڌرو سامائبو.
اُهو به ساڳيا سور ڏيندو. منڌرن جو دماغ ڳٺي جو آڻ
مـَـيو پاڻي ٿو خراب ڪري... اِهو ڍورو هوندو، ته
منڌرا هٿ ڪرڻ ۾ هر سال ڪجهه نه ڪجهه جوان پيا
تلوارن کي ڏن طور ڏبا.“ اِها ڳالهه ويچاري ميان
انهيءَ ڍوري کي ڪيترن هنڌن تان ٻنڌ ڏياريا ۽
انهيءَ ڍوري جي وهڪري کي ختم ڪرڻ جو جـَـتن ڪيو.
(ث) راجا نند ۽ ”سوئر“ جو ڏند:
سومرن جي ڏينهن ۾ جيڪي راڄواڙا هئا، راجا نند پڻ
انهن راجائن ۾ هڪ راجا هو. هن کي پئسن گڏ ڪرڻ جو
ڏاڍو شوق هوندو هو. موتي ۽ هيرا هن جي شوق ۽
دلچسپيءَ وارا پٿر هئا. اهل اولاد کان، يارن ۽
ڀائرن کان، هن کي پئسا پيارا هوندا هئا ۽ موتين،
لعلن تي جان ڇڏيندو هو.
راجا نند بابت هڪ لوڪ داستان هن ريت مشهور آهي ته:
پاڻ شڪار جو به وڏو شوقين هو. کيس سواريءَ لاءِ
عاليشان گهوڙو هوندو هو، جو جتان ايندو هو، اُتان
ويندو هو. هڪ ڏينهن اُن ڪميت ڀٽاري تي لانگ ورائي
ڳٺي جي ڪنڌي ڏيئي شڪار لاءِ روانو ٿيو. شڪار ڪندي
ڪندي هن اڙٻنگ شڪاريءَ اڳيان هڪ سـُـوئر آيو.
سـُـوئر اڳيان راجا نند پويان. هن کي اچي جان جي
لڳي، سو سوئر گهڻيون گوهيون گـُـهتون ڏنيون، پر
راجا نند مان جان نه ڇـُـٽس. تڏهن ڳٺي ۾ ڪري پيو.
راجا ڏٺو ته سوئر سڪيءَ مان هلندو پيو وڃي ۽ پاڻي
اُن جي پاسي کان هٽندو وڃي. اهو ڏسي راجا کي
هيڪاري وڏو شوق جاڳيو، ته هي جادوئي سوئر ضرور هٿ
ڪبو. سو هن گهوڙي کي مهميز ڏئي سـُـوَئر پٺيان
پاڻيءَ ۾ ڪاهي پيو.
آخر اڳيان هو پوٺو سو گهوڙي سوئر کي گهمائي ورتو.
راجا به نڪا ڪئي ٻي نڪا ٽي. ڪڍندي ڀالو ٺڪاءُ
ڪرايو سوئر جي ڪـُـک ۾. سوئر ته مري پيو. پر راجا
نند به منجهي پيو، ته هاڻ هن سڄي سوئر جو اُهو
ڪهڙو جادو وارو عضوو آهي، جو هن کي پاڻي ويجهو نٿي
آيو. پوءِ هن ڏاهي نوڪرن کان اُهو سوئر کڻايو ۽
پنهنجيءَ پر ۾ رات جو هن عضوو عضوو ڪري وڍيو ۽
اُهو پاڻيءَ ۾ وڌو. جيڪو عضوو پاڻيءَ ۾ ٻڏندو ٿي
ويو، اُن کي هو نظرانداز ڪندو ويو. تان جو سڄو
سوئر وڍجي وڃي پاڻيءَ ۾ پيو. پر راجا کي ڪاميابي
ڪونه ٿي. پوءِ ويٺو سوئر جون اکيون، ڪن، ميڄالو
پاڻيءَ ۾ وجهڻ، جڏهن ڏند پاڻيءَ ۾ وڌائين ته، پاڻي
هٽي پري ٿيو.
راجا پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوءِ هن ڏندن
کي به ڌار ڪيو. ٻيا ڏند اُڇلي ڇڏيائين. جنهن ڏند ۾
اهو جادو سمايل هو، اُن ڏند کي وڏي حفاظت سان
رکيائين. انهيءَ کان پوءِ راجا لڳو پنهنجي هڙ موڙي
۽ ملڪيت گڏ ڪرڻ. آخر رات جي پيٽ ۾ اُها ملڪيت ڳڻي
ڪوٽ جي اُلهندي تان، جتي اونهو ڪـُـن هو، اُن ۾
هليو ويو. اُتي محفوظ جڳهه تي ويو ملڪيت رکندو.
ڏند جي زور تي کيس پاڻي ويجهو ڪونه ٿي آيو، جڏهن
سڀ ملڪيت راجا رکي ورتي، تڏهن بي فڪر ٿي لڳو شڪار
کي. ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي شڪار ڪريو پيو هٿ
ٺاريندو هو. ڪڏهن ته شڪار ڪرڻ ۾ ڏينهن جا ڏينهن به
لڳيو ويندا هئس.
اُن وقت هڪ جادوگر پنهنجي وديا جي حساب سان اِها
ملڪيت ڏسي ورتي. انهيءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ هن حساب
ڪيو ته، هن کي سوئر جي ڏند واري جادوءَ جو راز
معلوم ٿيو. ماڻهن کان به ڳالهيون ٻڌيون هئائين، ته
راجا نند ڪيئن نه سوئر جي پٺيان بي خطا ٿي لڳو
هو. جادوگر کي پڪ ٿي ته اها ملڪيت سوئر جي ڏند هٿ
ڪرڻ سان ملي سگهندي. آخر ٻيو ڪو حيلو نه ساري، هن
فقيراڻو ويس ڪيو. جڏهن راجا نند شڪار تي روانو
ٿيو، تڏهن هن اچي ڪوٽ جي ٻاهران صدا هنئين. خير
خيرات جا به ٿي مليس، سا ٿي واپس ڪيائين. آخر راجا
نند جي وڏيءَ ڌيءُ مومل هن کان اچي پڇيو، ته ”فقير
بابا توهان کي آخر ڇا گهرجي؟“ جواب ۾ چيائين ته
”آءٌ فقير ماڻهو آهيان، مون کي سوئر جو ڏند گهرجي،
مال ملڪيت نه کپيم.“ مومل کي ياد آيو، ته بابا وٽ
سوئر جو ڏند ته برابر هو. سو فقير کي دلاسو ڏيئي،
پاڻ محلات اندر ويئي، اُهو ڏند ڳولهي ڦولهي هٿ
ڪيائين ۽ اچي فقير کي ڏنائين. فقير ڏند وٺي خوش
ٿيو ۽ مومل کي دعائون ڏيندو روانو ٿي ويو. مومل
جيڏل کي پنهنجي سخاوت جون ڳالهيون ٻڌائيندي چيو،
ته ”سوالي اسان جي در تان ڪڏهن خالي ڪونه ويو آهي،
سو فقير کي آءٌ ڪيئن خالي ڇڏيان؟“ جيڏل مومل جي
سخا کي ته واکاڻيو، پر دل ۾ چيو، ته ”ڏند جهڙي
معمولي شيءِ ڏيئي مومل ڪيڏو نه فخر ٿي ڪري.“ ڪنهن
جيڏل جڏهن اِها ڳالهه مومل کي ٻڌائي ته هوءَ ڏاڍي
لڄي ٿي.
هوڏانهن راجا نند چوٿين پنجين ڏينهن شڪار تان
موٽيو. هن کي ملڪيت لاءِ جيئن ته موهه هو، سو سوئر
جي ڏند لاءِ هٿ هڻڻ لڳو، پر ڏند نظر ڪونه آيس.
سمجهيائين، ته شايد ڇوڪرين کنيو هوندو، سو شهزادين
کي سڏي ورتائين. مومل ۽ سومل ٻئي سندس اڳيان حاضر
بيٺيون هيون. هنن کان پڇيائين ته، ”اوهان ڪو سوئر
جو ڏند ڏٺو؟“ مومل چيو ته، ”ها بابا، اُهو ته مون
هڪ فقير کي خيرات ۾ ڏيئي ڇڏيو.“ اِهو ٻڌي پهرين
ته، راجا نند جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. اچرج
مان وات ڦاٽي ويس، پر پوءِ ڪاوڙجي ڌيءُ کي ملڪيت
واري سڄي ڳالهه ٻڌائي. هن کي چيائين ته ”ڪيئن به
ڪري ۽ ڪٿان به ڳولي ڏند هٿ ڪري ڏينم.“ مومل کي سڄي
مامري جي خبر پيئي، ته هن جي به پيرن هيٺان زمين
نڪري ويئي. واقعي وڏو غضب ٿيو. پوءِ ته اُن فقير
کي ڳولڻ لاءِ ڏاڍا حيلا هلايا ويا، پر اُهو ٺوڳي
فقير هٿ نه آيو.
سومل ڏاهي ڇوڪري هئي، تنهن اچي پيءُ جو اڳ جهليو ۽
پيءُ کي چيو ته، ”ملڪيت ويئي آهي، انهيءَ جو سڀني
کي ڏک آهي. هاڻي غم نه ڪريو. آءٌ ڪاڪ ۾ اهڙو ٿي
رنگ رچايان، جو اهڙيون ڪئين ملڪيتون پاڻ وٽ اچي گڏ
ٿينديون.“ سومل پيءُ کي سڄو خاڪو سمجهايو. هو
ڳالهه سمجهي ويو ۽ چيائين ته، ”ٺيڪ آهي جي ائين
آهي، ته پوءِ ڀل اوهان ڀينرون اوڏانهن وڃو.“
مومل ۽ سومل ڪاڪ جي ڪنڌين تي ويهي ڪئين ڪنور ڦريا
۽ ملڪيتون پيءُ ڏانهن موڪلڻ شروع ڪيون. راجا نند
کي پنهنجي ملڪيت کان وڌيڪ ڌن ملي ويو. راجا کي ڏند
ڪونه مليو، پر اڻ مـَـئي جيڪا ملڪيت ملي سو مومل ۽
سومل کان ڏاڍو خوش هو. اوچتو مومل مينڌري جي اري ۾
اڙي ۽ پوءِ راجا نند کي ملڪيت اچڻ بند ٿي ويئي.
مومل به مينڌري پٺيان مري ويئي. سومل وري اچي نند
ڪوٽ وسايو.
هينئر نه راجا نند آهي، نه سندس ڪوٽ آهي، نه مومل
آهي نه سومل آهي، پر ڳالهيون موجود آهن، سي ڳائجن
پيون. اِهو ڪوٽ ڳٺي ڍوري جي ڪيٽيءَ ۾ تپي چورهڏي
تعلقي بدين ۾ واقع آهي.
(پ) سهڻيءَ جو دڙو:
سڄي سنڌ ماٿريءَ ۾ سهڻي ۽ ميهار جي ڳالهه مشهور
آهي. سهڻي هجي يا سسئي، مومل هجي يا مارئي، مورڙو
هجي يا دودو. انهن ڪردارن لاءِ سنڌ واسين کي سڪ ۽
حب رهندي پئي آئي آهي. مومل جي ڪاڪ کي ڪيترين
جڳهين تي ٻڌايو ويو آهي. اهڙي طرح ويچاريءَ سهڻيءَ
جي قبر کي به سنڌين ڪافي عقيدت سبب ڪيترين جڳهين
تي ظاهر ڪيو آهي. هرڪو چوي ٿو ته، سهڻي جيڪا ميهار
جي من گهري ٻانهن هـُـئي، اُن جي قبر اِجهو هيءَ
آهي. اهڙو اعتقاد ۽ ضد سهڻيءَ جي دڙي جي ڀرسان
رهندڙ قرهيي پوٽن، شيخن ۽ منڌرن کي به آهي. هنن کي
يقين آهي، ته سهڻيءَ جو دڙو اِهوئي آهي. ميهار
واري سهڻي اتي ئي آرامي آهي.
مذڪوره سهڻيءَ جو دڙو هميت ڍنڍ جي ڏکڻ اولهه ۽
سانڍوهه ڍنڍ جي اولهه کان، پير شيخ قرهيي
ڀانڊاريءَ جي اولهه طرف ٽن ميلن تي واقع آهي. احمد
راڄي ڏانهن ويندڙ رستو اتان گذري ٿو. اِهو رستو
درگاهه شيخ پير قرهيو ڀانڊاريءَ کان نڪري ٿو ۽
احمد راڄي طرف وڃي ٿو. سهڻيءَ جي قبر تي اتي جي
ڀرپاسي جي رهاڪن قبو ٺهرايو هو، سو هينئر ڊهي ويو
آهي ۽ دڙو ٿيو پيو آهي.
ڳالهه مشهور آهي، ته ميهار سان سهڻيءَ جو نيهن
وارو لاڳاپو هوندو هو. مائٽن هن کي زوريءَ ڏم سان
پرڻايو هو. پر رات جو سنڌو درياء تريو اچي ميهار
سان ملندي هئي. اِها خبر هن جي سس کي پئجي ويئي،
جنهن هن لاءِ ڪـَـچو گهڙو رکي ڇڏيو ۽ پڪو گهڙو
لڪائي ڇڏيو. سهڻي جڏهن اُهو گهڙو کڻي درياء ۾
گهڙي، تڏهن ڀيلو گهڙو وچ درياء ۾ ڀـُـري پيو. هن
ميهار کي سڏ ڪيا، پر هوءَ ٻڏي ويئي. ميهار پوءِ
درياء تي دانهون ڪندو رهيو. سهڻيءَ جو لاش ريڻ
درياء مان لڙهندو لڙهندو اچي ڳٺي ڍوري ۾ پيو،
اُتان ٿيندو ٿيندو اچي هميت جي ڍنڍ ۾ پيو. اُتي ڪن
ماڻهن سهڻيءَ جو لاش ڏٺو، ته سندس لاش ڪڍي. اُهو
دفن ڪيو. دفن ڪرڻ کان پوءِ ماڻهو هن جا سلامي ٿي
رهيا. اتي جي ماڻهن گڏجي مٿس قبو ٺهرايو، جو هينئر
ڊهي ويو آهي ”سهڻيءَ جو دڙو“ پيو سڏجي.
(ڦ) شيخ پير قرهيو ڀانڊاري:
پير شيخ قرهيو ڀانڊاري، لاڙ جو وڏو اولياء الله ٿي
گذريو آهي. لوڪ روايت آهي ته: ”پاڻ ننڍي هوندي
ڳالهائيندو ڪونه هو، پر ماٺ ۾ گهاريندو هو ۽ رب
کي ساهه ۾ ساريندو هو. مائٽن جو خيال هو، ته جيئن
ته هيءُ ٻالڪو ٻولي ڪونه ٿو، تنهن ڪري شايد گونگو
ٿي پيو آهي يا ٻوڙو ٿي ويو آهي. سندس ڳالهائڻ لاءِ
وڏا وس هلايا ويا، پر ٿيو مڙيو ئي خير!
آخر وڏن ويچار ڪري، هيءَ ڳالهه بيهاري ته هي
سٻاجهو ڇوڪر، ڀائرن سان گڏ سفر تي نڪري ۽ ڪٿي
متاثر ٿي ڳالهائي ويهي. اِهو سوچي سندس ڀائر کيس
وٺي روانا ٿيا. گهمندي گهمندي اچي شهر مانجهيءَ ۾
رات رهيا. مانجهي ريڻ جي ڪنڌيءَ تي هڪ وڏو شهر هو،
جنهن ۾ ملاح رهندا هئا، انهن جي سر موڙ ”مانجهيءَ“
تان هن شهر تي اِهو نالو پيو هو. اُتي رات رهيا.
هنن کي کير ڀت ڏنا ويا، پر هنن جو گوشت کائڻ تي
اُتي گهڻو چاهه ٿيو. آخر صبح جو صلاح ڪيائون، ته
اڄ مانجهيءَ جي آسپاس شڪار ڪبو. اِهو سوچي هو
تيرڪمان کڻي گهوڙن تي چڙهي روانا ٿيا. سڄو ڏينهن
شڪار لاءِ رليا، پر شڪار ڪونه لڳو. آخر هو ٿـَـڪي
ٽـُـٽي واپس ٿيا. واپس ايندي ڪنهن ڄار ۾ تتر
تنواريو. ماڻهن ڊوڙي تتر کي اُٿاريو. تتر اُڏاڻو،
تير ڇـُـٽا، تتر اچي پٽ ورتو. ننڍڙو پير قرهيو جو
ماٺ ڪريو ويٺو هو، تنهن تتر کي مرندي ڏسي چيو ته،
”نه تنوارين ها، ته ڇو مرين ها؟“ ڀائرن کي بي حد
خوشي ٿي، ته هن مانجهي مير ڳالهايو ته سهي. پاڻ
سوچيائين ته نه والدين سان ڳالهايم، نڪو ڪو ڳوٺ
وارن سان ٻول ٻوليم. هي مون ڪڌو ڪم ڪيئن ڪيو؟ ٻئي
کي ماٺ جي تلقين ڪندي، خود ڳالهائي ويٺس. اِهو
سوچي پاڻ گهوڙيءَ مٿان ڪريو. ڀائرن پوءِ وڏا حيلا
هلايا، ته پاڻ اُٿي ساڻن هلي. ڳالهائي ٻولهائي. پر
انهن ڪوششن مان وريو ڪجهه به ڪونه! آخر لاچار ۽
مجبور ٿي سندس ڀائر واپس وريا. پاڻ اُن جڳهه تي
عبادت ڪندو ۽ رب کي ياد ڪندو رهيو. اُتي ايتري
عبادت ڪيائين، جو کيس گوڏن وٽان ڊڀ اُڀري آيا،
انهن جي به کيس خبر ڪونه پيئي.
اُن وقت جي ڳالهه آهي، ته ننگر ٺٽي ۾ ساموئي جي
جبل آور تي هڪ سامي اچي رهيو. جنهن وٽ وديا جي وڏي
ڏيا هئي. هن جو پيالو سڄو ٺٽو پنيو موٽيو ايندو
هو. پير پٺو انهيءَ سامي ڏياناٿ جي طاقت کان مرعوب
ٿي، لاچار روانو ٿيو. هن کي روحاني اشارو هو، ته
انهيءَ ساميءَ کي جميل شاهه گرناري ڪڍي ته ڪڍي
سگهي ٿو، نه ته اِهو سامي زور آهي. پوءِ پير پٺو
سنڌ جي سوکڙي پلو پچائي ڏاتار پير ڏانهن پنڌ پيو.
آخر وڃي سندس درگاهه ۾ پهتو. اُتي سندس خدمت ۾ پاڻ
اِهو فرياد ڪيائين. آخر ڪجهه سوچ سمجهه کان پوءِ،
هـُـن بزرگ سنڌ ڏانهن اچڻ جو خيال ڪيو. جيئن ته،
پاڻ سوا لک اوليائن جو اڳواڻ هو، جنهن ۾ به ڇهه
تمام وڏا بزرگ هئا. اُهي پنڌ ايندي ايندي اچي
مانجهيءَ ۾ رات رهيا. مانجهيءَ ۾ هنن دستور موجب
ڇهه پتيون وڌيون. ڇوته هرڪو وڏو مـُـهوڙي پنهنجي
پتيءَ مان پنهنجي حلقي وارن کي ورڇ ڏيندو هو. اُتي
هنن ڇهه پتيون ڇهه دفعا وڌيون ۽ قدرتي ست ٿيو ٿي
پيو. اِهو احوال هنن جميل شاهه گرناريءَ سان ڪيو.
هن چيو، ته: ”هتي ڪو حضوري آهي، جيڪو پنهنجي ساٿ ۾
اچڻ ٿو گهري. ست پتيون قائم رکي. اُن کي سڏ ڪريو.“
ائين ڪيو ويو، تڏهن پير شيخ قرهيو ڀانڊاري پڌرو
ٿيو. هن کي ستين پتي ڏني ويئي ۽ کانئس هڪ ڪرامت جي
طلب ڪئي ويئي. اُها هيءَ هئي، ته انڊيءَ مينهن جو
کير بنان گهرڻ جي وٺي اچ. پاڻ ڪشتو کڻي ويڙهي ۾
ويو. هڪ مائيءَ کيس انڊي مينهن ڏُهڻ جو چيو، جنهن
مائيءَ جو نالو ڄامل هو. پاڻ انڊيءَ مينهن کي ڏهي،
کير آڻي ڌڻيءَ ڌوئلن کي پياريائين. پاڻ اُن وقت هڪ
ٻي به ڪرامت ڪري آيو هو، جو چيائين ته، ”ڄامل جون
مينهون ۽ مال پهرندو ۽ چرندو، پر ٻين جو مال جتي
آهي اُتي رهندو.“ ائين ئي ٿيو. ماڻهو ڊوڙي آيا.
پير قرهيي ڀانڊاريءَ مٿن ڪجهه ڏن رکي، مال آجو ڪري
ڏنو. قرهيي ڀانڊاريءَ جا شيخ پنهنجن مريدن کان اڃا
اِهو ڏن وٺندا پيا اچن. پوءِ سڀ اولياءَ گڏجي آور
جبل ڏانهن روانا ٿيا. اُتي ڏاتار پير سڀني اوليائن
جي ورڇ ورهائڻ جي واڳ قرهيي ڀانڊاريءَ کي ڏني.
اهڙي طرح پاڻ سوا لک اوليائن جو ڀانڊاري (خزانچي)
ٿيو. ڪرامتن سان سامي ڏنگڙي ڏياناٿ کي آور جبل مان
ڀڄايو ويو. هو اِتان ڀڄي وڃي ڪڇ جي دينودر جبل تي
اونڌو مٿو ڪري، يڪا ٻارنهن مهينا تپسيا ڪرڻ لڳو.
جڏهن عبادت پوري ڪيائين، تڏهن سنڌ ڏانهن منهن
ڪيائين ۽ سڄو سنڌ ملڪ جلڻ لڳو. پير جميل شاهه
گرناريءَ کي سـُـڌ پيئي، تنهن سڀني کي هڪل ڪئي، ته
ساميءَ جو منهن سمنڊ ڏانهن ڪريو. پوءِ روحاني طور
پهرين پهرين پير شيخ قرهيو ڀانڊاري هـُـن وٽ پهتو
۽ هن جي منهن کي سمنڊ ڏانهن موڙو ڏنو. ايتري ۾ جو
ملڪ جلڻو هو، سو جلي ڀسم ٿي ويو. اُن کي اڄ ڪڇ جو
رڻ ڪريو ٿا چون. جي ولي الله جا، ساميءَ جو منهن
نه وارين ها ته، ڪر سڄي سنڌ رڻ ٿي وڃي ها. ڏنگڙي
ڏياناٿ اِهو ڄڻ ته سنڌ جي ولين کان وير ٿي ورتو.
اُن کان پوءِ پير پٺو ننگر ٺٽي ۾، جميل شاهه
گرناريءَ سان گڏ رهي پيو. شيخ پير قرهيو ڀانڊاري
به ساڻن گڏ هو. پوءِ تبليغ لاءِ چشتي طريقي جا سڀ
پير پکڙجي پيا. پير شيخ قرهيي ڀانڊاريءَ ڪڪرالي جي
اوڀر وارو علائقو کنيو، جنهن ۾ مانجهي، روپاهه
ماڙي، چنيسر ڪوٽ ۽ ٻيا شهر اچي ٿي ويا. پاڻ تبليغ
ڪندي پڻين کي مسلمان ڪيائين. اُنهن کي شيخ لقب
ڏنائين. مرکان شيخڻ اُن وقت سندس شان ۾ ڪيترا ڳيچ
چيا، جي اڄ به سماع ڪرڻ وقت چيا ويندا آهن. پاڻ
پوءِ اُتي ئي رهي، هـَـن سن 675هه ۾ وصال ڪيو.
درگاهه جا شيخ سال بسال پوهه جي ماهه پهرئين سومر
تي انهيءَ درگاهه تي ميلو لڳائيندا اچن. پير شيخ
قرهيي ڀانڊاريءَ جو پهريون قبو مريدن ٺهرايو هو،
ٻيو ڀيرو قبو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو ۽ ٽيون
ڀيرو هينئر وري مريدن جوڙايو آهي.
پير شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ جي ميلي ختم ٿيڻ کان پوءِ
ريڻين جا ميلا شروع ٿيندا آهن. مذڪوره درگاهه ڳٺي
جي ڍوري جي اُڀرندي تان ٻن ميلن تي واقع آهي، پر
ڳٺي ڍوري جون ڍنڍون جهڙوڪ: سانڍوهه، هميت ۽ رپڙ
واريون ڍنڍون هن درگاهه جي بلڪل ٻن سڏن تي آهن.
انهيءَ ڪري اِها درگاهه ڳٺي جي ڍوري تي ساري سگهجي
ٿي.
(ج) ڪيناهه جو ڪـُـن:
سنڌو درياء قديم وقت کان سنڌ کي سائو ستابو رکيو
ويٺو آهي. ڪڏهن اُهو به وقت هو، جو سنڌو درياءُ
ننگر پارڪر کان وهيو پاتال وٽ ٻن شاخن ۾ وڃيو
ورهائبو هو. اُتان سنڌو درياء جي هڪ شاخ سڌو اولهه
طرف رخ رکندي هئي، اُن جو نالو ”ڪوري ندي“ هو. اُن
کي مقامي ماڻهو ڪوريءَ جي بدران ڪـُـهري پڻ چوندا
آهن. سنڌوءَ جي ٻي ڇاڙ، ڪڇ جي اُڀرندي کان وهيو
وڃيو سنڌو سمنڊ (عربي سمنڊ) ۾ پوندي هئي.
پاتال کان جيڪا شاخ ڪوريءَ نديءَ جي نالي سان
اولهه طرف رخ رکندي هـُـئي، اُن ۾ سنڌو نديءَ جون
ٻيون شاخون جهڙوڪ: پراڻ، ريڻ، پٽيهل به اچيو
ڪوريءَ نديءَ ۾ پونديون هـُـيون، ڇوته اِها ندي
سڌو اولهه ڏانهن وهندي هئي. ٻيون سنڌو نديءَ مان
اُتر کان ڌار ٿيل شاخون ڏکڻ طرف ايندي، اچيو
ڪوريءَ نديءَ ۾ پونديون هيون. هونئن به سنڌو درياء
اوڀر کان آهستي آهستي پنهنجا وهڪرا اولهه طرف پئي
ڪيا آهن ۽ موجوده وهڪري تي سن 1858ع کان پوءِ وهيو
آهي.
ڪوري ندي جيئن اُلهندي ڏانهن وهندي ايندي هـُـئي،
تيئن پهرين هن نديءَ سان پراڻ ندي گڏبي هئي، جيڪا
به ڪوريءَ وانگر سنڌوءَ جي هڪ شاخ هـُـئي، ڪوري ۽
پراڻ جو پاڻي گڏجيو اولهه طرف روانو ٿيندو هو، ته
ريڻ اچيو انهيءَ نديءَ ۾ پنهنجو پاڻي ڇڏيندي هئي.
اڃا ريڻ جو پاڻي ڪوريءَ جي پاڻيءَ سان گهورون هڻي
مڪمل گڏ به نه ٿيندو هو، ته ايتري ۾ ڳٺي جو پاڻي
اچيو ڪوريءَ جو سلامي ٿيندو هو. ڪوريءَ جو پاڻي
ريڻ ۽ ڳٺي جي پاڻيءَ جي گهورن ۽ ڳڙگاٽن کي سمائڻ ۾
پورو هوندو هو، ته ايتري ۾ پٽيهل درياء جو پاڻي به
زور سان مست ڍڳي وانگر اچيو ڪوريءَ نديءَ جي
پاڻيءَ کي ڌڪ هڻندو هو. پوءِ پنجن ندين جو پاڻي،
جڏهن حل ٿيڻ لاءِ گهورون هڻندو هو، ۽ ڀنوَر
(ڪـُـن، چڪر) ٺهندو هو، تڏهن نفسا نفسي هوندي
هـُـئي. اِهوئي سبب هو، جو ڪيناهه جو ڪـُـن واپاري
سامونڊين جي ٻيڙين لاءِ خيرخواهه ڪونه هوندو هو.
ڪوري ۽ پراڻ نديءَ جي ڪڙڪاٽن ۽ موجن سان گڏ، ريڻ،
ڳٺو ۽ پٽيهل درياء به موج ۽ مستيءَ ۾ ايندا هئا.
پوءِ اُتي جيڪو خطرناڪ ڪـُـن پيدا ٿيو، اُن جو
نالو وڏڙن ’ڪيناهه‘ جو ڪـُـن رکيو هو. جنهن جو
مطلب هو ته ’ڪجهه به نه آهي.‘ ڇوته اُتي جيڪو ٻيڙو
پهچندو هو، اُهو ”ڪجهه ناهي“ جي حملي ۾ اچي ويندو
هو، اُتان ڪجهه به سلامتيءَ جو سامان نه ملندو هو.
تنهن ڪري اِتان ڪوبه ڏاهو يا زوراور ملاح پنهنجا
ٻيڙا وٺيو نه ايندو هو. البت انهيءَ ڪـُـن مان
بنهه ڪي ڪاريگر ملاح لنگهندا هئا. اُهي به سر جو
آسرو پلي، پوءِ انهيءَ ڪـُـن ڏانهن منهن ڪندا هئا.
پوءِ جيڪو اتان بچي ويو، سو ملاحن جو مور ليکبو
هو. انهيءَ ڪيناهه جي ڪـُـن جو اڄ به وجود آهي.
راوڙ جي ڏکڻ اولهه کان اِهو خطرناڪ ڪـُـن اڄ خاموش
ٿيو بيٺو آهي. پر هـُـن ۾ اڄ به ايترو پاڻي آهي،
جنهن جو دنگ ۽ ڇيهه اچي ئي ڪونه ٿو.
اسان وٽ انهيءَ ڪـُـن لاءِ ٻه آکاڻيون مشهور آهن:
هڪ اِها، ته دنيا جو پاڻي انهيءَ ڪـُـن ۾ اچيو ٿو
ختم ٿئي. ٻي اها ته، سڪندر اعظم جا ٻيڙا هن ڪـُـن
۾ اچي ڦاٿا هئا، پوءِ هڪ سنڌي بزرگ جي مدد سان
انهيءَ ڪـُـن مان جان ڇـُـٽي هيس. هڪ ٻي به آکاڻي
آهي، اُها آکاڻي عراق جي سومرن جي لکيتن مان ملي
ٿي. گل گامش سومرو، پنهنجي هڪ وڏي ’جيو سوڏريو‘
(زيوسودرا) جي ملڻ لاءِ وڏا وڏا ڪشالا ڪڍي ڪيناهه
جو ڪـُـن لتاڙي، ارهي پڻيءَ جي مدد سان پنهنجي وڏي
وٽ پهتو هو. اهي سڀ آکاڻيون ڪيناهه جي ڪـُـن سان
وابستا آهن، جيڪي هتي شامل ڪيون ويون آهن.
گل گامش ۽ ڪيناهه جو ڪـُـن:
گل گامش اڄ کان ساڍا ٽي هزار ورهيه اڳ، عراق جو
حاڪم هو. پاڻ هڪ وڏو پهلوان هو. انهيءَ جي
پهلوانيءَ کان عراق وارا تنگ ٿي پيا. ڪي قدر اُن
جي خلاف هڪ ماڻهو انڪدو، پيدا ڪيو، جنهن اچي ’گل
گامش‘ کي اک ڏيکاري. آخر انڪدو ۽ گل گامش، ڀائر ٿي
ويا. پوءِ اهي ٻئي پهلوان گڏجي هم بابا، ڏيوَ ڏار
جي سنڀاليندڙ کي لبنان ۾ مارڻ نڪتا ۽ کيس ماري
موٽي آيا. انهيءَ فتح سبب ’اشتار‘ عشق جي ديوي گل
گامش تي عاشق ٿي پيئي. پر گل هـُـن مان وڏا عيب
ڪڍيا. پوءِ ’اشتار‘ هن کي ختم ڪرڻ لاءِ ديوتائن کي
چوريو، پر ديوتا هن جي فائدي ۾ ويا، البت انڪدو کي
موت جي منهن ۾ ڏنائون. ’انڪدو‘ کي مرندو ڏسي، گل
گامش کي ڀروسو بيهي ويو ته جي انڪدو مئو آهي، ته
آءٌ به مرندس. انهيءَ موت کان رڳو هڪ بوبار توتو
جو پٽ ’جيو سوڏريو‘ بچيو هو، جنهن کي هميشه جي
حياتي مليل هـُـئي. هميشه جي حياتي ڪيئن ملندي
آهي، انهيءَ راز هٿ ڪرڻ لاءِ گل گامش دلمونءَ
ڏانهن پنڌ پيو. ڇوته زيوسودرا (جيو سوڏريو)
دلمونءَ ۾ اُتوءَ جي باغ ۾ رهيو ٿي. پوءِ گل گامش
مشو جبل لتاڙي، سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ويٺل شراب
پياريندڙ سدوريءَ وٽ آيو. سدوريءَ هن کي ڏس ڏنو،
ته ’ارهو‘ نالي هڪ پڻي ’زيوسودرا‘ جو مهاڻو آهي،
اُهو توکي اُتي وٺي وڃي سگهي ٿو، ٻئي ڪنهن کي سگهه
نه آهي. آخر گل گامش ’ارهي‘ پڻيءَ وٽ آيو. هن کي
عرض ڪيو ته مون کي منهنجي وڏي وٽ وٺي هل. پوءِ
پڻيءَ هن کان هڪ سؤ ويهه ڪاٺ وڍرايا. هرهڪ ڪاٺ 45
گز وڏو هو. انهن ڪاٺن کي وهيل مڇيءَ جي چرٻيءَ سان
چيٺيو ويو. اُهي ڪاٺ ٻيڙيءَ تي رکي روانا ٿيا. ٽي
ڏينهن ٻيڙي ائين ئي هلندي رهي. آخر ٻيڙي ’آبِ –
فنا‘(1)
جي ڪـُـن تي آئي. ڪيناهه جي ڪن وٽ جڏهن ٻيڙي پهتي،
تڏهن ارهي پڻيءَ گل گامش کي چيو، ته: ”ٻيڙيءَ کي
زور سان هلاءِ ۽ ڪاٺين کي پاڻيءَ ۾ وجهه، پر پاڻي
۾ پـُـسڻ کان هٿ بچائج.“ پوءِ هدايتن موجب گل گامش
پاڻيءَ ۾ ڪاٺ وجهندو رهيو. هاڻ گل گامش وٽ نه سڙهه
سلامت رهيو نه ونجهه. پوءِ هن ڪپڙا لاهي انهن مان
بادبان ٺاهيو ۽ پنهنجون ٻانهون سڙهه وانگر هلائي
پنهنجي وڏي ڏانهن وڌيو. اهڙي طرح گل گامش ڪيناهه
جو ڪـُـن ارهي پڻيءَ جي سهاري هيٺ لنگهيو ۽ هـُـو
’جيو سوڏريو‘ وٽ وڃي پهتو، جو دلمون ۾ رهندو هو.
گل گامش ۽ جيو سوڏريو پاڻ ۾ گڏيا. هن پنهنجي وڏي
کي عرض ڪيو، ته مون کي هميشه جيئڻ جو راز ٻڌاءِ.
ڇوته، آءٌ موت ڀر ڏاڍو ڊڄان ٿو، پر گل گامش هن کي
چيو، ته مون کي جو هميشه جي حياتي ملي آهي، تنهن
پٺيان به هڪ وڏي ڳالهه لڪل آهي. ڇا ٿيو جو فرات تي
ٺهيل شرو پاڪ نالي هڪڙو شهر پراڻو ٿي ويو. ماڻهن
۾ گناهه وڌي ويا. ديوتائن دنيا کي ختم ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو. مون کي ’اِيا‘ ديوتا ٻڌايو، ته دنيا
ختم ٿي ٿئي. تون ٻيڙي ٺاهه ۽ اُن ۾ سڀني نسلن جا
جوڙا رک.” پوءِ مون ائين ڪيو. آخر طوفان آيو. سڄو
ملڪ ختم ٿي ويو. آءٌ ٻيڙي هئڻ ڪري بچي ويس. اُن
طوفان وقت سڀ ديوتا دانهون ڪرڻ لڳا. آخر ستين
ڏينهن طوفان ۽ ڇـُـهو ختم ٿيو. دنيا ختم ٿي ويئي ۽
آءٌ ويهي رُئڻ لڳس. منهنجي ٻيڙي جبل نصير تي وڃي
بيٺي. اُتي مون ديوتائن لاءِ خيرات چاڙهي. سڀ
ديوتا اچي ٻيڙيءَ تي بيٺا. پوءِ مون کي سڀني
ديوتائن گڏجي امر ڪيو، فاني انسان مان ديوتا بنايو
۽ مون کي دريائن جي ڇوڙ وٽ رهايو. مون کي اها
حياتي ديوتائن جي گڏ ٿيڻ جي ڪري ملي، پر تو لاءِ
ڪير ايترو جنجهٽ پرائي، تنهن ڪري تون موٽي وڃ.“
پوءِ گل گامش کي جيو سوڏريو هڪ ٻوٽو ڏنو، جو کائڻ
سان، پوڙهو جوان ٿي ٿي ويو، پر واٽ ۾ اِهو ٻوٽو به
گل گامش کان هڪ نانگ کائي ويو، ۽ گل گامش جهڙو هو،
تهڙو موٽي عراق پهتو، ۽ اِهو داستان وڃي هڪ جبل تي
لکت ۾ اُڪيري اُتاريائين.
3. سڪندر اعظم ۽ ڪيناهه جو ڪـُـن:
جڏهن سڪندر اعظم دنيا جي فتح ڪرڻ جي خيال کان نڪتو
هو ۽ عراق- ايران فتح ڪرڻ وقت هـُٰـن کي اُتي جي
عالمن ۽ ڏاهن کان آب- حيات، جي باري ۾ معلومات
ورتي هئي. آب حيات جي ڳالهه هـُـن پنهنجي استاد
ارسطوءَ کان ٻڌي هئي، جيڪا هـُـن ڪنهن پراڻي ڪتاب
۾ پڙهي هئي. عراق ۽ ايران وارن بزرگن سڪندر کي
ارسطوءَ جي ڳالهه لاءِ يقين ڏياريو هـُـئو، ته
”برابر آب حيات جو چشمو سنڌ ۾ ڪنهن هنڌ آهي، ۽
خيال آهي ته اِهو چشمو دريائن جي ڇوڙ وٽ هڪ خطرناڪ
ڪـُـن کان پوءِ ڪنهن جڳهه تي واقع آهي.“ پوءِ جڏهن
سڪندر پنهنجيءَ فوج جي مخالفت هوندي به سنڌ ۾
پهتو، جتان سنڌونديءَ مان ٻيڙين جي رستي پاتال وڃي
پهتو. پاتال وٽ سنڌو درياءَ ٻن حصن ۾ ٿي ٿيو. هڪ
ماٺيڻو پاسو هو، انهيءَ ۾ سفر آسانيءَ سان ٿي
سگهيو ٿي. اِهو پاسو ڪڇ جي اُڀرندي تان ٿيندو،
وڃيو وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيندو هو. سنڌو درياءَ جو
پاتال کان ٻيو وهڪرو سڌو اولهه ڏانهن ٿي ويو. اِهو
وهڪرو ڪوري نديءَ جي نالي سان مشهور هو. مقامي
ماڻهو انهيءَ نديءَ ۾ سفر کان لهرائي رهيا هئا.
انهن کان جڏهن يونانين انهيءَ پاسي سفر ڪرڻ جي
معلومات ورتي ٿي، تڏهن نٽائي ويا ٿي. سڪندر کي
يقين ٿيو، ته آب حيات جو ڏس انهيءَ ڏکائيءَ کان
پريان پيو ته پوندو، نه ته اِهو قصو ئي کوٽو
ليکبو. آخر سڪندر هڪ سنڌي بزرگ نالي سامي ڪيلا ناٿ
کي وڃي هٿ ڪيو. جنهن سڪندر کي ٻڌايو، ته ”اي
بادشاهه! اها ڪوري ندي آهي. اسان ”ڪورو“ اُن کي
چوندا آهيون، جنهن تي ڪجهه به نقش ٿيل نه هجي.
”ڪوري نديءَ“ تي ٻيڙين جو ڪوبه نشان ٿيل نه آهي.
ڇوته اها ندي پڇاڙيءَ ۾ خطرناڪ ڪـُـن رکي ٿي، اُن
ڪـُـنَ مان بچڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، تنهن ڪري اِتان
ڪوبه ٻيڙياتو نه ويندو آهي.“ سڪندر کي سامي ڪيلا
ناٿ سڄي ڳالهه ٻڌائي، ته هـُـن جو اشتياق اڃا به
وڌيو. هن پوڙهي ڪيلي ناٿ جي ڏاڍي خوشامد ڪئي.
ايتري ۾ سڪندر اعظم جو سپهه سالار ”هما اسٿن“
پاتال ۾ درياء جي مطالعي لاءِ جيڪا ڄاڻ حاصل ڪئي
هـُـئي، تنهن کان بادشاهه کي واقف ڪيو. سڀني جو
اِهو فيصلو هو، ته ڪوري نديءَ رستي سڪندر کي سفر
ڪرڻ نه ڏبو، خود پاتال جي حاڪم ميرس جيڪو سڪندر جو
سٺو دوست هو، تنهن به هـُـن کي ڪوريءَ نديءَ مان
سفر ڪرڻ جي منع ڪئي. پر سڪندر پنهنجي ضد تان نه
لٿو. آخر ڪيلي ناٿ کي هـُـو پاڻ سان هلڻ لاءِ
آماده ڪري ويو. ڪي وفادار غلام به هلڻ لاءِ تيار
ٿيا. آخر سڪندر جو ٻيڙو ۽ نوڪرن چاڪرن جا ٻيڙا
سامي ڪيلا ناٿ جي رهبريءَ ۾ روانا ٿيا. اُها ڪوري
ندي، جنهن تان ٻيڙيءَ جو ڪڏهن به ليڪو ڪونه پيو،
اُن تان سڪندر اعظم پنهنجن وفادار يارن ۽ نوڪرن
سان اڳتي وڌي رهيو هو. اڳيان ڪوريءَ نديءَ ۾ پراڻ
درياءُ داخل ٿي رهيو هو. انهيءَ جي تک ۽ گهورن
سڪندر جي ٻيڙن کي سٺو جنجهوڙيو. سڪندر سمجهيو، ته
اِهو ڪيناهه جو ڪـُـن آهي. پر هن ڏٺو ته هن جو
رهبر سامي ڪيلا ناٿ اطمينان سان ويٺو هو. سڪندر کي
اُتاولو ڏسي چيائين، ته ”اي ڏاها بادشاهه، توهان
غلط سمجهيو آهي. اڃا ڪيناهه جو ڪـُـن پري آهي.“
خير هي انهيءَ پراڻ جي ڪشمڪش مان جند ڇڏائي اولهه
طرف روانا ٿيا. اڃا ٿورو ٻيڙا اولهه طرف ٿيا ته
ٻيڙا پاڻيهي اولهه طرف تکا وڃڻ لڳا. اِهو غير
معمولي نمونو سڀني کي حيرت ۾ وجهڻ لاءِ ڪافي هو.
سڪندر کي سندس بحري معلم ڪيلي ناٿ ٻڌايو ته، ”اڃا
ڪيناهه جو ڪـُـن پري آهي، پر اُن جي ڇڪ وڌي ويئي
آهي.“ پوءِ ته ساعت به ساعت ٻيڙا اولهه طرف بنهه
تکا تکا وڃڻ لڳا. پريان ڪڪرن وانگر پاڻي مٿي ٿي
ڏسڻ ۾ آيو، ۽ اُهو پاڻي ڦريو پئي. سامي ڪيلا ناٿ
سڪندر کي ٻڌايو ته، ڪيناهه جي ڪـُـن جو اِهو
ٻاهريون ماٺيڻو ڪنارو آهي. اندر ته بنهه وڏيون
گهورون ۽ لهرون آهن. سڪندر اِهو حال ڏسي ڏاڍو ڊنو،
پر سامي ڪيلا ناٿ چيس ته: ”هاڻ ڊڄڻ اجايو آهي.
ڇوته اسان جا ٻيڙا ڪـُـن جي ڇڪ ۾ آهن. اسين هاڻ
حڪمت عمليءَ کان سواءِ بچي نٿا سگهون. ڪيلي ناٿ
پوءِ سڀ ٻيڙا لوهه جي زنجيرن ۾ گڏ ٻڌايا. ايتري ۾
مذڪوره ڪـُـن جا دهشت ناڪ آواز ڪـَـنين پوڻ لڳا.
هنن ٻيڙا ٻڌي دنگ ڪيا، ته سندن ٻيڙا اولهه طرف وڃڻ
جي بدران اُتر طرف هلڻ لڳا ۽ پوءِ وڃي ريڻ درياء
جي پاڻيءَ سان ٽڪريا، اڃا ريڻ جي پاڻيءَ هنن جي
ٻيڙين کي ڏکڻ طرف ڌڪيو، ته ايتري ۾ وري به هنن
محسوس ڪيو ته، اسان اُتر کان اولهه طرف وڃي رهيا
آهيون. پوءِ هنن جي ٻيڙن کي ڳٺي جي پاڻي ٿورو
ٿيلهي اندر ڪيو. هو ڪجهه ڪـُـن اندر ٿيا ۽ گهيري ۾
ويندي ٿورو اولهه طرف ٿيا، ته پٽيهل درياءَ جي
پاڻيءَ ڪجهه ڌڪو ڏنن ۽ هو اندرئين گهيري ۾ اچي
ويا، پوءِ هنن محسوس ڪيو، ته اسان ڏکڻ کان اوڀر،
اُتر ۽ اولهه طرف گول نموني ۾ ڦري رهيا آهيون.
يونانين جا ساهه اندر نه ٻاهر هجن. سامي ڪيلا ناٿ
پاڻ کي سنڀالي رهيو هو ۽ يونانين کي به همٿائي
رهيو هو. آهستي آهستي يونانين جو هي ٻيڙن جو ميڙ
ويو ڀنوَر کي ويجهو پوندو. ٻاهريون لهرون ۽ گهورون
هن ٻيڙن جي ميڙ کي اندر ڌڪي رهيون هيون. آخر گول
چڪر کائي کائي هي ٻيڙن جو ميڙ اُتي پهتو، جتي گول
چڪرن جو پورو وچ هو. هاڻي سامي ڪيلا ناٿ هڪ
يونانيءَ کي جهلي اُن جي ٽنگ ۾ زنجير ٻڌي ۽ اُهو
کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇليو. هي ڳنڍيل ٻيڙيون ڀنوَر
(ڪـُـن) ۾ پوڻ واريون هيون ۽ مهاڳ واري ٻيڙي ذري
گهٽ منهن ڀنوَر طرف ڪرڻ واري هئي. ايتري ۾ اُن
يونانيءَ کي ڪا وڏي آفت ڇڪي کڻي وٺي ڀڳي ۽ يوناني
ٻيڙين سان ٻڌل هو، سو ٻيڙيون به اُن آفت پٺيان
لڳيون، تان جو ٻيڙيون ڪـُـن جي ڇڪ مان ٻاهر نڪري
ويون. تڏهن ڪيلي سامي ناٿ زنجير ٽوڙي ڇڏيا ۽ ٻيڙا
بيهي رهيا. اهڙي طرح سڪندر اعظم ڪيناهه جي ڪـُـن
مان بچي نڪتو.
سڪندر پوءِ هندي سمنڊ ۾ ڪجهه وقت گذاريو ۽ سامي
ڪيلا ناٿ سان آب حيات جو ذڪر ڪيو. پوءِ ڪوٽيشور
(ڪوٽيسر) ۽ نارائڻ سرور جي ڀرسان هڪ ڳجهي هنڌ تي
سامي ڪيلا ناٿ سڪندر کي وٺي ويو. اُتي آب حيات جو
چشمو هو. آب حيات کي حاصل ڪري ڪيناهه جي ڪـُـن جون
تڪليفون سڪندر وساري ويٺو ۽ هـُـن کي اهڙي خوشي
ٿي، جو ڄڻ ته سڄي دنيا ملي ويئي اٿس. اُتي ئي آب
حيات پيتائين ٿي، پر سامي ڪيلا ناٿ منع ڪيس ۽ پوءِ
وڏو چڪر کائي ڪڇ جي ڏکڻ تان سڪندر کي وٺي ۽ ڪڇ جي
اُڀرندي تان سنڌو نديءَ جي ماٺيڻي وهڪري مان لنگهي
اچي پاتال ۾ پهتو. جتي هما اسٿن پنهنجي ليبارٽريءَ
۾ وڌيڪ تجربا حاصل ڪري چڪو هو. هن پوءِ سڀني ساٿين
کي گهرائي، آب حيات ڏيکاريو ۽ پوءِ انهن جي اڳيان
اِهو پيتائين ٿي، ته سامي ڪيلا ناٿ منع ڪندي چيس
ته، ”اي داناء بادشاهه! تنهنجو عقل ڪيڏانهن ويو
آهي. آب حيات پيڻ کان پوءِ تون مري نه سگهندين.
حياتيءَ جا ڏنڀ سهڻ جي تو ۾ سگهه آهي ڇا؟ تنهنجي
اڳيان تنهنجا پٽ، پوٽا، ڏهٽا ۽ اُنهن جا ڪئين ڪيڙ
(نسل) مرندا ۽ تون اِهو تماشو ڏسندو رهندين. پوءِ
زندگيءَ مان بيزار ٿي پوندين، تڏهن به موت ڪونه
ايندءِ. ڪو توکان به ڏاڍو توکان اچي بادشاهي
ڦريندو، پوءِ فقير ٿيو پنندو وتندين ۽ پاڻ کي مارڻ
لاءِ پٿرن تي پيو هڻندين، تڏهن به ساهه ڪونه
نڪرندءِ. تنهن ڪري اِهو آب حيات نه، پر سورن جو
پيالو نه پي....“ سامي ڪيلا ناٿ جي ڳالهه کي سڪندر
اعظم غور سان ٻڌو. اڄ ڪيلي ناٿ سڪندر اڳيان پنهنجي
استاد ارسطوءَ کان به وڌيڪ مانوارو نظر اچي رهيو
هو ۽ هن سامي ڪيلا ناٿ جو چيو مڃي، آب حيات هاري
ڇڏيو. پيالو ڀڃي ڇڏيو. پوءِ سڪندر اعظم هڪ ٻه
ڏينهن پاتال ۾ رهي، اِتان سڌو بابل (عراق) ڏانهن
روانو ٿيو، ۽ سنڌ جي انهيءَ ڏاهي کي به پاڻ سان گڏ
وٺي هليو، جيئن هـُـو کيس ضرورت موجب ڏاڍيون
سهڻيون صلاحون ڏيندو رهي.(1)
(ڳٺي ڍوري جي ڀرپاسي جي لوڪ ڪهاڻين جا ماڳ ۽ مڪان)
|