ڇپائيندڙ پاران
سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي تاريخ تمام قديم آهي.
سنڌ جي اها سموري تاريخ انهيءَ عظيم سنڌ جي قديم
ماڳن ۽ مڪانن ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جي شهنشاهيت جي
پکيڙ ڏهه لک چورس ميلن تائين هئي. لاڙ انهيءَ عظيم
سنڌو سڀيتا جو رڳو هڪ ڀاڱو رهيو آهي، پر ان جي
حيثيت هڪ اهم ۽ مرڪزي علائقي جهڙي رهي آهي.
لاڙ جي قديم ماڳن جي جاچ پڙتال مان هن علائقي تي،
هخامنشي سلطنت، سڪندر اعظم ، موريا حڪمران، يوناني
باختري حڪمران، سٿين حڪمران، پارٿين حڪمران،ڪشن
حڪمران ،ساساني حڪمران،وهليڪا خاندان، راءِ
گهراڻو، برهمڻ گهراڻو،عرب دور سميت هبارين، سومرن
، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن
حڪمراني ڪئي.
هن ڪتاب ۾ لاڙ جي جن وساريل ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر
آهي، تن جو لاڳاپو موجوده بدين ضلعي واري ايراضيءَ
سان رهيو آهي. اهو بديڻ - بديڻي ملاح جي نالي تي
آباد هو ۽ اڳ اهو شهر سمنڊ جي ويجهو هو. پوءِ
ڀونچالن ۽ زلزلن جي ڪري سمنڊ پري هٽي ويو.
لاڙ جي هن بدين ضلعي واري علائقي ۾، سڪندر جي
زماني ۾ موئرس (Moeris)
نالي هڪ حاڪم راڄ ڪندو هو. جڏهن ته مينانگر يعني
ٺٽي واري علائقي تي ’سامبس‘ نالي هڪ حاڪم راڄ ڪندو
هو. اُتي جي عوام سڪندر اعظم جي فوج سان مهاڏو
اٽڪايو ۽ عارضي شڪست کائڻ کان پوءِ وجهه ملڻ تي
هنن مقدونين خلاف بغاوتون ڪيون. هڪ يوناني باختري
شهزادي ’ڊمسيٽريئس‘ هتي پنهنجي حڪومت پڻ قائم ڪئي
هئي. سٿين لوڪ تمام جلد هتي ثقافتي طرح ضم ٿي، هتي
جي جتن جو هڪ حصو ٿي ويا.
لاڙ جي هڪ ماڳ ڀـنڀور مان پارٿي حڪمرانن جا نشان
۽ وٿون لڌيون آهن. ڪشن خاندان جي دور ۾ هتي ٻڌ ازم
زور ورتو ۽ ٻڌڪا ٽڪر ۽ ماجيرا جون ماڙيون ان دور
جا ثبوت آهن.
سنڌ جي راءِ گهراڻي جي دور ۾ سنڌو شهنشاهيت اولهه
۾ ڪيڪانان، اوڀر ۾ سورت بندر تائين پکڙي ته اتر ۾
ڪشمير ۽ ڏکڻ ۾ ديبل بندر تائين سندس حدون رهيون.
عربن جون تمام شروعاتي جنگيون انهيءَ لاڙ واري
علائقي ۾ ٿيون.
انهن سمورن دورن جي تاريخ لاڙ جي دڙن ۾ دفن ٿيل
آهي، جن جي اڃا تائين کوٽائي نه ٿي آهي. محمد
سومار شيخ کي هتان جي هڪ دڙي مان سڪندر اعظم واري
دور جا سڪا هٿ آيا هئا. راءِ دور، برهمڻ دور ۽
اسلامي دور جا ڪيترائي اهم نشان لاڙ جي انهن دڙن ۾
دفن ٿيل آهن جڏهن ته اهي دڙا هاڻ ختم ٿيندا پيا
وڃن يا ماڻهن دڙا ختم ڪري، زمين کيڙي فصل اُپائڻ
شروع ڪيو آهي.
لاڙ جي قديم قبيلن، نوت / نوات / نوتي ملاحن، ميدن
۽ جتن جو ذڪر سڄيءَ دنيا ۾ نظر ايندو. لاڙ جي
انهيءَ قديم ماڳ جا جت هتان نڪري سڄو پنجاب،
ڪشمير، ڪابل، قنڌار والاريندي وڃي جرمني تائين
پهتا. ٻئي طرف اهي ڀاڳيا جت وچ اوڀر جو سڄو
سامونڊي علائقو والاري ويا. عرب تاريخدانن انهن جو
دلچسپ ذڪر ڪيو آهي. هتان جا جت لڏي ايران ۽
افغانستان وڃي آباد ٿيا هئا ۽ علمي ترقي ڪري وڏي
اوج تي پهتا. عربن جي قديم تذڪرن ۾ اهي عربن لاءِ
عجب جهڙو جانور مينهن کڻي شام، عراق، پهتا ۽ اتي
مال ڌارڻ سان گڏ، سنڌي مصنوعات جو واپار ڪندي نظر
اچن ٿا.
سنڌ جي لاڙ واي ڀاڱي جا ملاح - عربي / سنڌي سمنڊ
تي راڄ ڪندي نظر اچن ٿا. هنن جا پيرا، روم،
استنبول، اسپين، جاوا، سماترا ۾ به نظر اچن ٿا.
ڪتاب ”لاڙ جا ماڳ ۽ مڪان“ محترم محمد سومار شيخ جي
ٻن مضمونن: ”ماڻڪاڻي ميرن جي تخت گاهه: ڪيٽين جو
ڪوٽ“ ۽ ”ڳٺي ڍوري“ جي احوال تي ٻڌل آهي. لاڙ جي
وسيع تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي پس منظر تي روشني
وجهڻ لاءِ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جي رهبريءَ ۾
مقدمو عبدالحفيظ قريشيءَ تيار ڪيو. جڏهن ته
نظرثاني وارو ڪم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ڪيو
آهي. جنهن جي پڙهڻ سان لاڙ جي تاريخ، لاڙ جي ماڳن،
مڪانن ۽ قديم لوڪن جي ڪرشماتي ڪردارن تي پڻ روشني
پوي ٿي. هيءُ مسودو محترم محمد سومار شيخ سن 1966ع
۾ لکي تيار ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو هو، جيڪو چاليهن
سالن پڄاڻان منهنجي ايام ڪاريءَ ۾ ڪتابي صورت ۾
ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اميد آهي ته سنڌ جي تاريخ ۽
تذڪرو پڙهندڙن وٽ هيءُ ڪتاب مانُ لهندو.
ڄام شورو سنڌ
اعجاز احمد منگي
خميس 7- رجب المرجب 1427هه
سيڪريٽري
بمطابق 3- آگسٽ 2006ع
سنڌي ادبي بورڊ
ارداس
اسان جي پياريءَ سنڌ جو ذرو ذرو هڪ اڻ کٽندڙ
داستان آهي، هنڌ هنڌ تاريخ جو آستان آهي، پر ڪو
وينجهار هجي، جو هن خاڪ جي ذري ذري کي ويهي پروڙي
۽ ويهي اُتي جي تاريخ کي پنهنجي قلم سان لکي. پر
آءٌ سمجهان ٿو، ته اها هڪ ڄڻي جي وس جي ڳالهه نه
آهي. سڀ سنڌي جڏهن پنهنجي گهر گهر جي تاريخ لکندا
۽ پنهنجي اوسي پاسي جا داستان لکندا، تڏهن به ڪانه
ڪا ڳالهه ضرور رهجي ويندي. دراصل اُها هر هنڌان
لکيل تاريخ ئي، اڳتي هلي سنڌ جي سڄيءَ تاريخ جي
سهيڙ لاءِ مواد مهيا ڪندي. انهيءَ تاريخ جي ايڊٽنگ
لاءِ محققن جو وڏو بورڊ ڪم ڪندو، تڏهن وڃي سنڌ جي
تاريخ مڪمل ٿيندي، نه ته ههڙي قديم ۽ گمنام ملڪ جي
تاريخ ڪڏهن به مڪمل لکجي نه سگهندي.
سنڌ... امڙ سنڌ... اسان کان اِهو طلبي ٿي ته، اسين
آرس ڇڏي، اوڳائي ڦٽي ڪري، رات ڏينهن هڪ ڪري،
پنهنجي تاريخ لکي پڌري ڪريون. انهيءَ ڳالهه کي
اڳيان رکي، مون هي جهڙو تهڙو تحفو اوهان اڳيان
پيش ڪيو آهي. هن تذڪري ”لاڙ جا ماڳ ۽ مڪان“ ۾ اڻ
پوريءَ طرح ڪيٽين جي ڪوٽ ۽ ماڻڪاڻي ميرن جي چـُـر
پـُـر سان گڏ ڳٺي جي ڍوري جو ذڪر ڪيو اٿم. اوهان
اڳيان آءٌ هڪ قديم ڍوري جو مختصر خاڪو پيش ڪري
رهيو آهيان، جنهن تي جيڪڏهن سهي سنبري ويهجي، ته
هوند اهڙا سؤڻا صفحا به ڪر ٿورا ٿين، پر ”ٿورو
تيئن مٺو“ تي عمل ڪندي جو ماسو مال مليو آهي، سو
مون تاريخ ۽ اتهاس جي پوڄاريءَ لاءِ گهڻو آهي. هن
خاڪي ۾ جيڪڏهن ڪو رنگارنگي پيدا ڪندو، ته ڪنهن تي
ٿورو ڪونه ڪندو، پر اِهو ٿورو ۽ احسان هن جو
تاريخ، اتهاس سان گڏ امڙ سنڌ تي پڻ ٿيندو. مون
هيءُ پيار جو پورهيو ڪيو آهي، قدردان اُميد ته
خلوص جو قدر سڃاڻندا.
هن ڪتاب جي مواد لاءِ مون کي ڪيترن جهونن جوڳين ۽
بزرگن سان روح رهاڻيون ڪرڻيون پيون. ڪيترن دڙن،
اوليائن ۽ اڪابرن جي ماڳن تي سلامي ڏيڻي پئي. ڪٿي
ڪٿي، ته سڄيون راتين جون راتيون ۽ ڏينهن جا ڏينهن
به ويهڻو پيو. ڳٺي ڍوري جي وهڪري کان وٺي ويندي
ڇوڙ تائين، ڍوري جو پيٽ وٺي هلڻو به پيم، انهيءَ
محنت ۽ تڪليف جو اُجورو جڏهن هن ڪتاب ۾ لکي اوهان
اڳيان پيش پيو ڪريان، تڏهن خوشيءَ جي انتها ٿو
سمجهان ۽ پنهنجن انهن تڪليفن ۽ ڏکن کي وساري ڇڏيان
ٿو. جيڪي ٻـُـڌايل ڍوري جي ڦيري ڪرڻ مهل مون کي
سهڻا پيا هئا.
منهنجي مـُـلڪ جا واهه، نديون ۽ ڍورا - پراڻيءَ
تاريخ جا رستا آهن، انهن جا پيچرا وٺي پنڌ ڪبو ته،
سنڌ جي تاريخ ذري ذري تي ملندي رهندي. جيڪڏهن امڙ
سنڌ جو اتهاس گڏ ڪرڻو آهي، ته ٻين ڳالهين کي ڇڏي
پاڻيءَ جي وهڪرن جي واٽ وٺڻي پوندي. منهنجي هيءَ
واٽ پڻ مادرِ وطن سنڌ جي تاريخ لاءِ هڪ
اَلـَـکـِـي (اڻ- لکي) ڪوشش آهي، اِهو ڳٺو ڍورو،
ريڻ درياءَ جي هڪ ڇاڙ آهي، انهيءَ شاخ جي بيان
حاصل ڪرڻ جو، مون جيڪو به جتن ڪيو، سو اڳتي جو
مواد اوهان کي آگاهه ڪندو. انهيءَ باري ۾ آءٌ ڪجهه
به نه چوندس. باقي ايترو سو ضرور چوندس، ته اهڙي
ڪوشش جي سؤ سال اڳ ڪجي ها، ته هن کان وڌيڪ صحت مند
۽ تاريخ سان لبريز ذڪر ملي ها. پر اِهو به يقين
آهي، ته هن کان پوءِ ڪو انهيءَ ڍوري تي جي تحقيق
ڪندو، ته اُن کي ايترو مواد ڪونه ملندو، جيترو مون
کي مليو آهي. ڇو ته، پوڙها بزرگ وڃن لڏيندا، پوين
کي پراڻين ڳالهين سان بنهه گهٽ دلچسپي آهي. تنهن
ڪري ائين چئي سگهجي ٿو، ته هي ئي مناسب وقت هو، جو
اهڙو ذڪر قلم جي حوالي ڪجي، نه ته اُهي تاريخي يا
نيم تاريخي ڳالهيون، آثار ۽ اهڃاڻ آهستي آهستي ختم
ٿي وڃن ها. ڀاڳ ڀڙايم، جو اِهو سدورو ڪم هٿ ۾
کنيم.
مون کي سـُـڌ آهي، ته مون ڪئين خطائون کاڌيون آهن،
ڪئين بيان ڇڏي ڏنا آهن. پر اها پڪ سمجهو ته مون
ٻـُـڌايل بيان ڄاڻي ٻجهي ڪونه ڇڏيا آهن، مون
پوڄاري کي ته جو به ماسو مال مليو آهي، ته اُن ذري
به مون کي پـُـر ڪيو آهي. انهيءَ حاصلات کان پوءِ
به آءٌ اُڃ پيو محسوس ڪريان، پر تنهن هوندي به
جيسين رتو راس ٿئي، تيسين ڀڳيءَ سان ڀيريو اٿم.
مون کي اُميد آهي ته، منهنجو هيءُ پيار جو پورهيو
قبول پوندو ۽ اوهان دانائن کان مون کي داد
ڏياريندو. اُميد آهي، ته آءٌ پارکن وٽ کري جي نظر
سان پرکيو ويندس.
سنڌي
ادب جو فدائي
پير عالي شاهه جو ڪوٽ، محمد
سومار الله بچايو شيخ
بدين - سنڌ
9- مارچ 1968ع
مقدمو
سنڌ جي انهيءَ ڀاڱي، جنهن کي لاڙ ٿو ڪوٺيو وڃي. ان
جي تاريخ ايتري قديم آهي، جيتري سنڌ ڌرتيءَ جي
تاريخ. سنڌ جي اها سموري تاريخ انهيءَ عظيم سنڌ جي
قديم ماڳن ۽ مڪانن ۾ دفن ٿيل آهي، جنهن جي
شهنشاهيت جي پکيڙ ڏهه لک چورس ميلن تائين پکڙيل
هئي.(1)
لاڙ انهيءَ عظيم سنڌو سڀيتا جو رڳو هڪ ڀاڱو رهيو
آهي، پر ان جي حيثيت هڪ اهم علائقي جهڙي رهي آهي.
لاڙ جي ڪل ايراضي يارنهن هزار پنج سو اڻانوي چورس
ميل آهي.(2)
لاڙ جي ايراضي گنجي ٽڪر جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع
ٿئي ٿي ۽ بدين ضلعي جي پراڻ درياءَ جي اورئين ڀر
تائين سڄو بدين ضلعو، ٽنڊو محمد خان ضلعو ۽ ٺٽو
ضلعو ان ايراضي ۾ شامل آهن(3).
جڏهن ته سن 1998ع جي آدم شماري موجب لاڙ جي ڪـُـل
آبادي ڇويهه لک ٻاهتر هزار، ٽي سؤ اڻٽيهه (329،
72، 26) آهي.(4)
پيٿاوالا لکي ٿو ته: ”لاڙ، ايشيا ۽ يورپ جي واپاري
منڊي هو.“
سنڌو تهذيب انهيءَ لاڙ واري علائقي جي سامونڊي
ڪنارن کان نڪري ٻين کنڊن تائين پهتي. سنڌي ملاح،
وڻجارا ۽ پڻي لوڪ ڏيساورن کان مال آڻيندا ۽ سنڌ جو
طرح طرح جو ڪپڙو، خوشبو، اگر، مسالا، چمڙي جو
سامان ۽ ٻيو وکر پرڏيهه نيندا هئا.
لاڙ جي تاريخ سماج ۽ ثقافت جوجيڪو ذڪر عالمن ۽
محققن ڪيو آهي،سو تمام دلچسپ ۽ اُتساهيندڙ آهي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي ڪتاب ”لاڙ جي ادبي ۽
ثقافتي تاريخ“ ۾ حوالن سان لکي ٿو ته:(5)
1. لاڙ جي زمين، پنهنجي مشهور شهرن، شاهوڪار
بندرن، زرخيزي ۽ شادابيءَ ڪري، هڪ بين الاقوامي
مرڪز رهي آهي، ۽ ”آثار قديمه“ جي ماهرن اهو ثابت
ڪيو آهي، ته عربن جي حملي کان اڳ هن خطي کي
ايرانين، سٿين ۽ پارٿين پنهنجي زير اثر ڪيو هو(1)
. تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته 516 ق.م ۾ ايران جو
حاڪم دارا اعظم (پهريون) سنڌونديءَ جي ڇوڙ تائين
ڪاهي آيو هو ۽ هيءُ خطو پنهنجي تابع ڪيو هئائين(2)
.
2. سڪندر جي ڪاهه:
ايرانين کان پوءِ 325 ق. م، ”سڪندر اعظم“ ننڍي
کنڊ تي ڪاهي آيو، ۽ سوات کان پنجاب ۾ پهچي، ”راجا
پورس“ کي شڪست ڏيئي، ملتان کان ٿيندو، سنڌو نديءَ
ذريعي لاڙ جي مرڪزي شهر پٽالا ۾ وارد ٿيو(3)
. اُن وقت اُتي جو حاڪم ”موئرس“ (Moeris)
هو(4)
، جنهن آڻ مڃي. سڪندر اعظم پوءِ حڪومت سندس حوالي
ڪري، اڳتي وڌيو، ۽ ”مينا نگر“ جي يادوونسي راجا،
”سامبس“، کي شڪست ڏيئي، لشڪر نيارڪس (Nearchus)
جي اڳواڻيءَ هيٺ مڪران ڏانهن روانو ڪرڻ لاءِ سنڌ
ڇڏي(5)
، حب ندي ٽپي روانو ٿي ويو.(6)
واپس ويندي هن ”بابل“ ۾ وفات ڪئي(7)
.
3. باختري يونانين جو حملو:
سنه 180 ق. م ۾ بختر قوم جا يوناني حاڪم، لاڙ تي
ڪاهي آيا(8)
۽ ”ڊميسٽريئس“ نالي هڪ شهزادي ”پٽالا“ (لاڙ) تي
اچي قبضو ڪيو(9)
.
4. سٿين جون ڪاهون:
عيسوي سن کان 70 سال اڳ، ”ساڪ“ يا ”سٿين“ قوم جي
ماڻهن، بولان لڪ واري رستي، سنڌ تي حملو ڪيو(10)
۽ سنڌ ۾ کپ کوڙي ويهي رهيا. لاڙ واري خطي ۾ ته
ايتريقدر زور هئا، جو انهيءَ حـصي تي ”انڊوسٿيا“
نالو پئجي ويو(1)
. ڀنڀور جي کوٽائيءَ (1960ع) مان هـُـن
(Hun)
قوم جي قيام جا نشان لڌا آهن(2)
. هنن کان پوءِ ”پارٿين“ قومون ڪاهي آيون(3)،
جن ”انڊو سٿيا“ ۾ اچي پنهجو ڌاڪو ڄمايو(4)
. ”پارٿين“ جا به ڀنڀور مان اهڙا نشان لڌا آهن(5)
.
5. ڪشن گهراڻي جي حڪومت(6):
هن گهراڻي جا حاڪم ٻڌ ڌرم جا پوءِ لڳ هئا(7)
. هن مذهب جو بنياد عيسوي سن کان ڇهه صديون اڳ پيو
هو(8)
. هيءُ مذهب هوريان هوريان سنڌ تائين پکڙجي ويو، ۽
راءِ گهراڻي جي حڪومت تائين سنڌ ۾ سرڪاري مذهب ٿي
رهيو(9)
. راءِ گهراڻي جي حڪومت کان اڳ، ڪشن گهراڻي جي
حاڪم، ”راجا ڪنشڪ“ جي ڏينهن ۾، هڪ صدي عيسويءَ
ڌاري، ٻڌ مذهب جو لاڙ ۾ زور هو(10)
. راجا ڪنشڪ جي ڏينهن ۾، ”سڏيرڻ جو ٺل“ ٺهيو(11)
، ازانسواءِ ”ٻڌڪن جا ٽڪر“(12)
، ”ماجيراءِ جي ماڙي“ (ڪافر ڪوٽ) به هن حاڪم جي
ڏينهن جا يادگار آهن(13)
.
6. راءِ گهراڻي جي حڪومت:
هن گهراڻي جي پنجن حاڪمن، عيسوي ستينءَ صديءَ جي
شروعات (622ع) تائين، حڪومت ڪئي(14)
، انهن حاڪمن جا نالا هي آهن:
راءِ ديوائج، راءِ سهيرس پهريون، راءِ ساهسي
پهريون، راءِ سهيرس ٻيو ۽
راءِ ساهسي ٻيو(1)
. هن گهراڻي جي حڪومت جون حدون اتر طرف ڪشمير
تائين اوڀر طرف قنوج تائين، اولهه طرف ڪيڪانان
تائين ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ڪناري ديبل بندر تائين
۽ ڏکڻ اوڀر طرف سورت بندر تائين پکڙيل هيون(2)
.
7. برهمڻ گهراڻو:
راءِ گهراڻي جي پوئين حاڪم جي وفات کان پوءِ ۽
راڻي سونهن ديويءَ جي مدد سان 632ع ۾ سندس وزير
”چچ“ حڪمراني جي تخت تي ويٺو ۽ برهمڻ گهراڻي جي
راڄ جو پايو وڌائين(3)
.
(الف) عربن جون سنڌ تي شروعاتي ڪاهون:
سنه 15 هجري 632ع ۾ حضرت عمر رضه جي دور خلافت ۾،
عثمان بن ابي العاص ثقفيءَ کي ”بحرين“ ۽ ”عمان“ تي
حملي ڪرڻ لاءِ لشڪر سان موڪليو ويو(4)
. هو لشڪر وٺي عمان روانو ٿيو ۽ جنگي ٻيڙا درياءَ
رستي، ”مغيره بن ابي العاص“ جي سرداريءَ هيٺ بحرين
موڪليائين، انهيءَ لاءِ ته هو انهيءَ رستي کان
ديبل روانا ٿين(5)
. راجا چچ بن سيلائج جي طرفان، ”سامه بن ديوائج“
ديبل جو حاڪم هو(6)
. اسلامي لشڪر جڏهن ديبل وٽ پهتو، تڏهن ديبل وارن
ٻاهر نڪري لڙائي شروع ڪئي. هن جنگ ۾ ”مغيره بن ابي
العاص“ شهيد ٿي ويو(7)
. عربن جو سنڌ تي اهو سڀ کان پهريون حملو هو. ان
کان پوءِ به عربن جا سنڌ تي چوڏهن حملا ٿيا آهن.
جن جو مختصر احوال تعصل مولوي نور محمد نظاماڻي
”تاريخ سنڌ“ ۾ ڏنو آهي. آخري حملو 712ع ۾ محمد بن
قاسم ڪيو(8)
.
تاريخدان ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي پنهنجي مقالي ”بدين
ضلعي جي قديم آثارن جو مختصر جائزو“ ۾ لکي ٿو، ته:
لاڙ جي تاريخ، قديم دڙن، پٿر جي بتن، پٿر جي
اُڪيريل چٽسالي وارن ورن ۽ راوين جي سينن ۾ سانڍيل
آهي. اڄ دڙا زمين دوز ٿيندا پيا وڃن. تاريخ جي
ورقن کي سيني ۾ سانڍيندڙ پوڙها موڪلائيندا پيا
وڃن. اڄ به لاڙ جي قديم دڙن جي کوٽائي ٿئي ته
هتان، سنڌ جي تمام آڳاٽين حڪومتن، جهڙوڪ: هخامنشي
سلطنت (519 - 450 ق.م)، سڪندر اعظم (325 ق.م)،
موريا حڪمرانن (324 - 187 ق.م)، يوناني باختري
(184 - 70 ق.م) سٿين (70 ق.م - 46ع)، پارٿي خاندان
(46 - 78ع)، ڪشن حڪمران (62 - 283ع)، ساساني
حڪمران (176 - 367ع)، وهليڪا خاندان (367 - 470ع)،
راءِ گهراڻو (499 - 641ع)، برهمڻ گهراڻو (642 -
712ع) ويندي عرب دور جا اهڃاڻ ملي سگهن ٿا. سنڌ جي
تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي سلسلن جون ڪيتريون وڃايل
ڪڙيون ۽ ثبوت هٿ اچي سگهن ٿا.
سنڌ تي 324 ق.م کان 187 ق.م تائين موريا گهراڻي جي
حڪومت رهي آهي. انهيءَ دور جا اهڃاڻ بدين ويجهو هڪ
دڙي مان مليا آهن. جنهن کي ”مڱرين جو دڙو“ ڪوٺيو
وڃي ٿو. اُتان چندر گپت موريا جو هڪ مجسمو مليو
آهي. انهيءَ کان پوءِ تاريخ جي اتهاس ۾ راءِ
گهراڻي جي حڪمران راءِ سهاسي (ثاني) جو هتان جي
ملاحن، جتن ۽ لوهاڻن وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، انهيءَ جو
ذڪر ملي ٿو. تنهن کان پوءِ برهمڻ گهراڻي سن 642ع
کان 712ع تائين هن علائقي تي حڪومت ڪئي، انهيءَ جي
ثابتي ”ڪورائي واري دڙي“ مان ملي ٿي. ان جي اتر ۾
اٽڪل چئن ميلن جي فاصلي تي هڪ ڦٽل شهر جا آثار
مليا آهن، جنهن کي مقامي ماڻهو برهمڻ آباد جو ڦٽل
شهر چون ٿا.
ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي صاحب پنهنجي مقالي: ”بدين ضلعي
جي قديم آثارن جو مختصر تاريخي جائزو“ ۾ مختلف
تاريخدانن جا حوالا ڏيندي لکي ٿو ته ”بدين جو شهر،
هن موجوده شهر کان ڪجهه فاصلي تي ڏکڻ طرف سمنڊ جي
ڪناري جي قريب هو، پر زلزلن ڪري سمنڊ ڪافي پري هٽي
ويو آهي(1).
بديڻي نالي هڪ ملاح تان اهو نالو پيو آهي.
تاريخدان ۽ ڀون وگيان
(geology)
جا ڄاڻو ۽ عالم انهيءَ سمنڊ جي قريب هجڻ جي تصديق
ڪن ٿا ته پوءِ اهو اندازو غلط نه ٿيندو ته اهو ڳوٺ
هتان جي ملاحن جو آباد ڪيل هو، جن جو عربي سمنڊ تي
قبضو هو، جن لاءِ عربن ”ميد“ لفظ استعمال ڪيو آهي.
بديڻو ڪو ملاحن جو وڏو هو. هيءُ ڪو مڙس مٿير ٿي
گذريو آهي. انهيءَ جي نالي تي اهو شهر يا ڳوٺ قائم
هو. سندس قوم سڪندر مقدونيءَ جي گماشتن کي به هن
پٽ ۾ پير کوڙڻ ڪونه ڏنا هئا. اهڙي قسم جي نالن رکڻ
جو رواج سنڌ ۾ عام هو ۽ آهي مثلاً: پيراڻو، ڌڱاڻو
۽ ملاڻو وغيره، انهيءَ کان سواءِ وڻن، ميون جا
نالا پڻ رکيا ويندا هئا. اهڙي نموني سان بديڻو به
هڪ ماڻهوءَ جو نالو آهي.
هيءُ شهر ٺٽي کان گجرات ڏانهن ويندڙ رستي تي واقع
هو. ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ لڳل لڙائي
جي ڪري هن کي تمام گهڻو نقصان پهتو. تنهن کان پوءِ
سن 1519ع ۾ ارغونن ٺٽي ۾ مغل روايتن موجب ڦر لٽ ۽
قتل عام ڪيو. اڃا اهي زخم ڀريائي نه هئا ته سن
1556ع ۾ مرزا عيسيٰ ترخان جي زماني ۾ ”پورچوگيزين“
پيڊروبئريٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ٺٽي ۾ ڦرلٽ ڪري سڄي شهر
کي باهيون ڏئي اُجاڙي ڇڏيو. انهيءَ ڦرلٽ ۾
پورچوگيزن کي 20 لک پائونڊن جيترو سامان هٿ لڳو.
اها ايشيا جي سڀ کان وڏي ڦر جي واردات هئي.
تنهنڪري اتان جي معزز واپاري برادرين مثلاً:
ميمڻن، سونارن ۽ ٻين سرنديءَ وارن ٺٽي کي ڇڏي وڃي
نوان شهر آباد ڪيا. تن شهرن ۾ بدين ۽ ڏيپلو وغيره
به آهن. اهي شهر گجرات ڏانهن ويندڙ رستي کان هٽي
تعمير ڪيا ويا آهن.
ول ڊيورانٽ لکي ٿو ته ”جتي جي زمين هموار، پاڻيءَ
جي گهڻائي ۽ هوا معتدل هوندي آهي، اتي ئي تهذيبن
جي واڌ ۽ ويجهه ٿيندي آهي.“(1)
لاڙ جي زمين هموار ۽ هوا به نه سخت گرم ۽ نه سخت
سرد آهي. پراڻ درياءَ ۽ ان جا ڦاٽ، يعني ساگرو
درياءَ، جيڪو ٽنڊي باگي جي نزديڪ وهندو هو. پٽيهل
درياءَ ۽ ريڻ درياءَ تي به ڪيترائي شهر آباد هئا ۽
واپاري مرڪز پڻ هئا. آبپاشي جو نظام بهتر هو. جوڻ
۽ فتح باغ جو ذڪر، گل بدن بيگم، ”همايون نامه“ ۾
ڪيو آهي.(2)
جيڪي ريڻ درياء جي قريب هئا. ٺٽي ڏانهن اچڻ، وڃڻ
جو رستو به سمن جي دور حڪومت تائين هتان هو، جو
مهدي جونپوري گجرات کان ٺٽي ويندي هتان گذريو آهي
۽ ڪجهه وقت لاءِ جهوڪ شريف ۾ ترسيو هو، ان کان
پوءِ جهوڪ کي ’جهوڪ ميرانپور‘ جي نالي سان به سڏيو
وڃي ٿو.(3)
ايراني بادشاهه سائرس سنه 518 ق. م ۾ هيءُ ملڪ
جمنا جي ڪناري تائين فتح ڪيو ۽ سنڌ ۾ قلعا ۽ ڪجهه
شهر حملن جي بچاءَ لاءِ تعمير ڪرايا ۽ هتان جي
ماڻهن کي سپاهي طور پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي ڪري ساڻ
وٺي ويو هو.(1)
عبدالرزاق اصفهانيءَ ٽي شهر ’بهمن آباد‘ نالي سان
انهيءَ وقت جا لکيا آهن. پهريون موجود برهمڻ
آباد، منصوره جي قريب، ٻيو لاڙ ۾ باربيڪا بند،
جيڪو قديم بدين جي اولهه ۾ آهي ۽ ٽيون مڪران جي
قريب.(2)
محترم عطا محمد ڀنڀري جو چوڻ آهي ته: بهمن آباد ۽
برهمڻ آباد رڳو اتفاقي نالن جي هڪجهڙائي آهي، اهي
قلعا مقامي سنڌي حڪمران جا آهن، نڪي ايرانين جا
جوڙايل آهن.
سڪندر اعظم سنڌ تي حملو سنه 326 ق. م ۾ ڪيو.
ٽيڪسيلا ۾ هخامنشي دؤر جو حاڪم ”آمپسي“ بنا مقابلي
جي حڪومت سڪندر اعظم جي حوالي ڪري فرار ٿي ويو.
سڪندر سنه 323 ق.م ۾ سيوهڻ سنڌ مان يونان لاءِ
ويندي بابل ۾ بنا اولاد وفات ڪري ويو. سنه 322 ق.م
چندر گپت موريا پنهنجو موروثي ملڪ، راجانند کان
فتح ڪيو ۽ ملڪ جون حدون هماليا کان نربدا نديءَ ۽
عربي سمنڊ تائين وڌايون. پنهنجي قابل وزير ۽ مشهور
فيلسوف، صلاحڪار چانڪيا ڪوٽلي جي مشوري سان ملڪ جي
بهتر انتظام لاءِ ملڪ کي صوبن ۾ ورهايو. هن سنڌ ۾
لاڙ جي خطي لاءِ حاڪم ”بندوسار“ کي مقرر ڪيو، جنهن
کي تعميرات جو شوق هو. سڪندر اعظم جي مقرر ڪيل
حاڪم ”ڊيميٽريوس“ به سنڌ ۾ ڪي شهر تعمير ڪرايا
هئا. انهيءَ زماني ۾ لاڙ کي ’ساڪا ديپا‘ سڏيو
ويندو هو. اهي شهر ۽ انهن جي ثقافت اڄ هت دڙن ۽
کنڊرن جي حالت ۾ موجود آهي.(3)
”مڱرين جو دڙو“ جيڪو ڪڙئي گنهور کان تقريباً ٻن
ميلن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف آهي. اتان موريا گهراڻي
جي وقت جي مليل مورتيءَ جهڙي مورتي ٽيڪسيلا جي
عجائب گهر ۾ پڻ موجود آهي. راجا نند جو يادگار،
’نند ڪوٽ‘ جي نالي سيراڻي کان ڏکڻ - اولهه طرف،
پنجن ميلن جي فاصلي تي آثار قديمه کاتي جي انتظار
۾ آهي. ”ڪورائيءَ جو دڙو“، جيڪو اٽڪل پنجن يا ڇهن
ميلن تي ڪڙئي گنهور کان آهي. اتان اَشوڪا جي زماني
جا آثار مليا آهن، جن ۾ بت به آهن. جيئن ته اَشوڪا
جو تعلق ٻڌمت جي فرقي مهايانا سان هو، تنهن ڪري هن
گوتم ٻڌ جون مورتيون يونانين کان ٺهرايون هيون.
گنڌارا آرٽ ۽ يونانين جي نقاشي جي هنر ۾ ڪافي فرق
آهي. اهو فرق ٽيڪسيلا جي عجائب گهر ۾ ڏسي سگهجي
ٿو. يوناني سنگ تراشيءَ جا ماهر هئا. انهن جيڪي
گوتم ٻڌ جون مورتيون ٺاهيون آهن، انهن گوتم ٻڌ جو
نڪ سنهو ۽ نوڪدار ٺاهيو آهي ۽ چپ سنها ۽ خوبصورت،
پر گنڌارا نقاشيءَ وارن انهيءَ طرف توجهه نه ڏنو
آهي. جيڪا مورتي هتان ملي آهي سا يوناني نقاشيءَ
جو نادر نمونو آهي. پلوٽارچ لکي ٿو ته ”ڪنشڪ جي
دؤر حڪومت ۾ راجسٿان ۽ سنڌ جي لاڙ واري علائقي کي
سنتراب يعني صوبو سڏيو ويندو هو. هن خاندان جو
مشهور بادشاهه ”رورادمن“ سنه 150 ق. م ۾ ٿي گذريو
آهي. سندس وقت جا فرمان تختين ۽ پٿرن تي اڪريل
جيڪي راجسٿان مان مليا آهن، سي هتي به ان وقت جي
دڙن ۾ ڪٿي دفن هوندا ۽ وقت جي انتظار ۾ آهن.
(1)
بدين ضلعي ۾ هڪ رڙيءَ جو دڙو به آهي جيڪو اڃا
تائين قديم آثارن واري کاتي ڏانهن واجهائي رهيو
آهي ان جي قدامت هڪ نشان بڻيل آهي. انهيءَ نالي
واري رڙي ٻيلي جو احوال عباسي دؤر خلافت ۾ ملي ٿو.
ابو ظفر ندوي لکي ٿو ته ”ابو منصور عباسي خليفي جي
وقت سنه 142هه ۾ سنڌ جو گورنر عمرو ابن حفص، ڪنيت
”هزار مرد“ هو. انهيءَ جي ڏينهن ۾ عبدالله بن محمد
النفس ذڪي، زيديه فرقي جي تبليغ لاءِ منصوره آيو
جتان لاڙ پهتو ۽ ڪڇ به ويو. اتي جي راجا، هن جي
نيڪ سيرت ۽ صورت ڏسي نه صرف هن کي پناهه ڏني پر
ڌيءُ جو سڱ به کيس ڏنو(2)
. جڏهن اها خبر خليفي کي بغداد ۾ پهتي، ته هن
”هزار مرد“ کي عمان موڪلي سندس جاءِ تي هشام
تغلبيءَ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته
عبدالله جي تحريڪ کي ختم ڪري ۽ عبدالله جو انت
آندو وڃي. هشام انهيءَ ڪم لاءِ پنهنجي ڀاءُ سفاح
کي مقرر ڪيو. سفاح، لاڙ ۾ رهي عبدالله جي هر چرپر
تي نظر رکندو رهيو. هڪ ڏينهن جڏهن عبدالله پنهنجي
ڏهن ساٿين سان ’رڙي‘ ٻيلي ۾ شڪار ڪري رهيو هو، ته
سفاح هن تي اوچتو حملو ڪيو، جنهن ۾ عبدالله پنهنجي
ساٿين سميت شهيد ٿي ويو. سندس آخري آرام گاهه ۽
انهن ٻين شهيدن جي قبرن جي خبر نه آهي، ته ڪٿي
آهن.
ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي پنهنجي هڪ ٻئي مقالي: ”لاڙ جون
ٻه قومون جت ۽ ملاح“ ۾ تاريخ جي حوالن سان لکي ٿو
ته:(1)
هتي آڳاٽي دور جي لاڙ جي ڪجهه سنڌي قبيلن جو ذڪر
ٿيڻ گهرجي، جن جو، يونان، ايران ۽ عرب ملڪن ۾ وڏو
ڏهڪاءُ رهيو.
انهن قبيلن جو ذڪر عرب تاريخدانن، جاگرافي نويسن ۽
سياحن تمام زبردست نموني ڪيو آهي.
اهي سنڌ جا قديم قبيلا جت ۽ ملاح هئا ۽ آهن، جيڪي
اڄ به سنڌ جي سامونڊي ڪنارن وارن علائقن ۾ آباد
آهن. جت جنهن کي عربي زبان ۾ ”زَط“ چيو ويو آهي.
ڪتاب ”لسان العرب“ ۾ لکيل آهي ته:
جت هڪ ڪاري رنگ جي نج سنڌي قوم آهي، جيڪا قديم
زماني کان وٺي عرب علائقن ۾ وڏي تعداد ۾ آباد هئي.
ڪن تاريخدانن ته بلوچستان جي ماڻهن کي جت ڪري لکيو
آهي. ”الزط جيل اسود من السند .... مـَـثل
الزنـُـجُ ولزنجي الرمُ والرُومي(2)
علامه محمد طاهر لکي ٿو ته:
”وَ همَ جـِـنس مـِـن الاسـَـودِ مـِـن السنود
والهنود“.(3)
”هي ڪاري رنگ جا سنڌي ۽ هندي جنس جا آهن.“
”و اما البلوص المذڪورون فيقال لهم في زماننا
الجت“
]انهن بلوچن کي اسان جي زماني ۾ ”جت“ سڏيو ويندو آهي.
[
قديم جاگرافي نويس ابن خردازبه، سندن آبادي وارو
علائقو، مڪران ۽ منصوره (سنڌ) جي وچ واري سوين
ميلن وارو علائقو لکيو آهي. هو فهرج (ايران) کان
سنڌ ڏانهن اچڻ واري شاهراهه جا محافظ آهن. انهيءَ
جو تفصيل ابن خردازبه هن طرح سان ڪري ٿو ته:
”من اَول مـَـکراَن اِلـٰـي المـَـنصـُـورهِ
ثـَـلـَـثُ مـَـائـة و ثانيـة وَ خـَـمسـُـونَ
فـَـرسـَـحـَّـَـاً وَ الطريق فـَـيِ بلادَ الزُط
وَ هـَـم حفـَـاظُ الطـِـريـِـق.“
]مڪران کان وٺي منصوره تائين 358 فرسخ جو فاصلو آهي سڄو رستو جتن جي علائقن ۾
اچي ٿو، اهي ماڻهو رستي جا محافظ آهن.[(1)
اصطخري سنڌ (منصوره) ملتان تائين سڄي وچئين علائقن
کي جتن جو علائقو ڄاڻايو آهي ۽ اُتي سندن وسندين ۽
ڳوٺن جو ذڪر ڪيو اٿس.(2)
هن لکيو آهي ته:
”وبلدالسند هو المنصوره والارض الزُط وما والاها
الي الملتان“(3)
سنڌ جي لاڙ واري علائقي جا هي جت قبيلا عربستان ۾
مختلف طريقن سان پهتا هئا. ڪجهه بصري کان عمان ۽
بحرين تائين ساحلي علائقن
(Coastal Area)
۾ آباد ٿي ويا هئا، هو رڍون، ٻڪريون ۽ اُٺ پاليندا
هئا. انهن مان گهڻا اهي هئا، جيڪي ايران جي فوج ۾
سپاهي طور ڀرتي ٿي ايران جي مخالفن سان وڙهندا
هئا. سندن مرڪز ابله
]بصر[
۽ يمن جو ڏاکڻو علائقو هو. ايران ۾ قديم زماني
يعني هخامنشي دور ۽ ساساني دور حڪومت ۾ سنڌ جي جتن
جون وڏيون وسنديون ۽ وڏا ڪاروباري شهر آباد هئا.
ابن خردازبه لکي ٿو ته: اهو ان کان فارسي
]شيراز[ ويندڙ شاهراهه تي اٽڪل 60 ميلن جي فاصلي تي جتن جو هڪ
خوبصورت شهر ”سوق“ نالي آباد هو. هن شهر کي زط
سڏيو ويندو هو. ابن خردازبه لکي ٿو ته:
من الاهواز اليٰ ازم ستـة فراسخ و منها عبدين
خمسـة فراسخ ثم اليٰ ارم هرمز ستـة فراسخ ثما اليٰ
الزط ستـة فراسخ(4)
.
]اهواز کان ازم تائين 6 فرسخ جو سفر آهي ۽ ازم کان عبدين 5 فرسخ جي فاصلي تي
آهي ۽ هرمز تائين 6 فرسخ آهي پوءِ اُتان زط شهر 6
فرسخ جي پنڌ تي ٿيندو.[
انهيءَ کان سواءِ خوزستان ايران جي علائقي ۾ به
جتن جو هڪ سهڻو شهر آباد هو ۽ اهو شهر ٻن علائقن ۾
ورهايل هو ۽ ٻن جدا جدا نالن سان سڏيو ويندو هو.هڪ
کي ”خـَـومـة الزط“ يعني جتن جو علائقو ۽ ٻئي
علائقي کي ”خابران“ چوندا هئا. اهي ٻئي علائقا وڏا
وسيع ۽ ڪشادا هئا ۽ ٻئي ندين جي ڪنارن تي آباد
هئا.
اصطخري ’اقليم خوزستان‘ ۾ جتن جي شهرن جو
تذڪروڪندي لکي ٿو ته:
”وحومـة الزُط و الخابرون وهما واحد والزط و
الخابران هما کورتان عامر تانِ علي نـَـهرين
جارين.“(1)
]احومـة الزط ۽ خابران ٻئي هڪ ئي علائقي جا نالا آهن زط ۽ خابران ٻئي شهر ٻن
وهندڙ دريائن جي ڪناري تي آباد آهن.[
ابن خلڪان لکي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جا جت ڪابل
۾ به آباد هئا، انهن مان ئي امام اعظم ابوحنيفه
نعمان بن ثابت زوطي بن ماهه رخ پيدا ٿيو. ماهه رخ
حضرت ابو حنيفه رح جو ڏاڏو هو ۽ شاهه ايران جو
نائب هو. انهيءَ ڪري ڪن روايتن ۾ زوطي بن ماهه جي
بدران نعمان بن مرزبان آيو آهي.(2)
جت اصل ڪير آهن؟ اهي هتي جا اصلوڪا رهاڪو آهن يا
ڪٿان ٻاهران اچي هت آباد ٿيا؟ پاڪستان ۾ عموماً ۽
سنڌ ۾ خصوصاً جتن جا ڌار ڌار ڪهڙا ڪهڙا پاڙا آهن؟
هن ڏس ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجي مقالي: ”جت
قوم، ان جي تاريخ، سنڌ ثقافت ۾ انهن جي ڪردار جو
اڀياس“ ۾ مختلف ناميارن محققن جهڙوڪ: ڀارت جي عالم
ڪالڪا رنجن قانون گو (Kalika
- Ranjan Qanungo)
ڪرنل ٽاڊ، بيليو (Bellew)،
هنٽر (Hunter)،
ائٽڪن (Aitken)،
ڊاڪٽر ذيگ ويسٽ فال (Dr. Sigrid west phal)،
ڊاڪٽر هينز ويسٽ فال (Dr.
Heinz west phal) ۽ ايليٽ (Elliot)
جي حوالن سان لکي ٿو،(3)
ته جت اصلوڪا ڏکڻ سنڌ جا رهاڪو لوڪ آهن، جيڪي پوءِ
ڪن سببن جي ڪري، لڏپلاڻ ڪندا، ڌرتيءَ جي گهڻن ملڪن
۾پکڙجي ويا.
”جت لفظ، عالمن جي ڪنن تي پهريون دفعو ’جيتي‘ (gaete)، ”يـُـتي“ (Yuti)
۽ ’ييٿا‘ (Yetha)
جي ڌار ڌار نالن جي صورتن م پهتو. اهي قبيلا ”آمو
دريا“ (Oxus
river)
واري خطي جا رهاڪو هئا، پر ٻوليءَ جي ماهرن (Philologists)
پهريون دفعو هن راءِ تي اعتراض ڪيو. ڊاڪٽر ٽرمپ ۽
جان بيس دعوا ڪئي ته ”جت قبيلا خالص هند آريائي
نسل سان واسطو رکن ٿا ڇاڪاڻ ته انهن جي ٻولي،
جسماني بناوت ۽ ڊول، هند - آريائي نسل وارن ماڻهن
جهڙو آهي ۽ انهن جي ٻولي هنديءَ جو لهجو لڳي ٿي،
پر انهن ٻنهي ماهرن اُن راءِ طرف ڪوبه ڌيان ڪونه
ڏنو ته جتن جي نسل جا سٿين قوم سان به ڪي اهڃاڻ ۽
نشان پار ملن ٿا. هنن ماهرن کي، سائنس جي انهن
ترقي يافته نتيجن شايد خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو،
جنهن موجب هيءُ قول قبول ڪيو ويو هو ته:
”ڪنهن قوم جي حسب نسب لاءِ ٻولي ڪو دليل مهيا نٿي
ڪري“. (Language is not a proof of race)(1)
مشهور اينٿا لاجسٽ، محترم بيليو (Bellew)
جتن کي بلوچ نٿو ڪوٺي، پر هن جي خيال موجب جت،
سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي (لاڙ) جا اصلوڪا رهاڪو
آهن ۽ هت ڪٿان به ٻاهران ڪونه آيا، بلڪ هتان ئي
ٻين پاسن طرف پکڙيا.
بيليو پنهنجي مشهور ڪتاب ’افغانستان ۾ وسيل قبيلا‘
(The
Races of Afghanistan)
۾ لکي ٿو: ”جت، ڪٺي ۽ سٿيا، اصل سنڌو ماٿر جا
رهاڪو آهن، جيڪي هندو ڪش جبلن ڏانهن لڏي ويا هئا.
يورپي ماهرن جي خيال موجب جت (gaetes)
۽ ڪٺي (Catti)
هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿا. جتن کي هاڻ
هت (افعانستان ۾) ’گوجر‘ سڏيندا آهن.“(2)
. هو وڌيڪ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو: ”جت، ڪٺي ۽ سٿيا،
افغانستان ۾ پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ڌاري لڏي
آيا، پر هت (افغانستان ۾) هاڻ جتن جي نالي سان
ڪوبه قبيلو نه ٿو رهي، اهي هاڻ ”گوجر“ سڏبا آهن“.(3)
جڏهن ته هنٽر جو چوڻ آهي ته: ”افغانستان ۾ رهندڙ
جت، بلاشڪ جتن جي قبيلن سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن
منجهان آهن. جت جيڪي هاڻ لاهور کان وٺي ڪراچيءَ
تائين آباد آهن، ۽ جن جو بڻ بنياد پڻ پنهنجا پار
پتا وساري چڪو آهي، انهن جو تعداد وڏي آباديءَ تي
مشتمل آهي“(1)
”جت“ قبيلا اصل ۾ سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي جا
(يعني لاڙ ۽ ڪڇ جا) رهاڪو آهن، جيڪي هتان ٻين طرفن
لڏي ويا. بيليو هن ڏس ۾ وڌيڪ لکي ٿو: ”سنڌو ماٿر
جي هيٺين خطن مان ڌڪجڻ کان پو“، جتن پنجاب جو رخ
ڪيو ۽ اتي هاري بنجي سهارو ورتائون ۽ ”جاٽ“ سڏجڻ
لڳا.(2)
محترم بيليو پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻائي ٿو ته سوات جي
واديءَ ۽ افغانستان ۾ رهندڙ ”گوجر“، اصل ۾ ”جت“
آهن، جيڪي سنڌو ماٿر جي هيٺئين خطي (لاڙ) مان لڏي،
اتر ۽ اتر اوڀر ۽ اتر اولهه طرف وڌيا“(3)
.
بيليو ساڳي ڳالهه ڪجهه واڌارن سان هن ريت ڪري ٿو
ته: ”پنجين ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جتن ۽ ڪٺين،
مقامي رهاڪن گنڌارين کي، اولهه طرف ”هيلمند“ (Helmand)
جي واديءَ ڏانهن ڀڄائي ڪڍيو. هن دعويٰ جي تصديق هن
حقيقت مان به ملي ٿي ته جتن جي باقيات هن وقت به
هنن علائقن ۾ پشاور جي واديءَ ۾ پکڙيل نظر ايندي،
پر هاڻ هو پاڻ کي جت نه، پر ”گوجر“ سڏيندا آهن.
هنن جي ڪرت ۽ ڌنڌو مال جا ڌڻ پالڻ ۽ کيتي ٻاڙي ڪرڻ
آهي“.(4)
جتن جي پهچ ۽ پکڙجڻ جي باري ۾ محترم ڪالڪا رنجن جو
اڀياس آهي ته: ”هاڻ سنڌو ماٿر کان اڳتي بلوچستان،
پشاور جي واديءَ ويندي سليمان جبلن جي قطار تائين،
جتن جي پکڙيل آبادي نظر ايندي آهي.“(5)
اٽڪ ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر ۾ لکيل آهي ته: ”اها خبر نٿي
پوي ته جت، هت ڪٿان آيا ۽ ڪڏهن آيا؟ ممڪن آهي ته
اهي اوڀر کان آيا هجن، جيتوڻيڪ هو (جت) هتي جا
اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر اهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو
ته عام راجپوتن ۽ جتن جي وچ ۾ ظاهري ڏيک ويک، شڪل
۽ صورت ۽ قدڪاٺ ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. هتي جت آبادگار
(Cultivators)
۽ هاري آهن“(6)
.
وي. اي. سمٿ(V.A
Smith)
جو چوڻ آهي ته: ”جڏهن بيسمار، بالا، انڊو - سٿين
گجر ۽ هـُـن قبيلا ڇهين صديءَ ۾ ڀارت لڏي آيا،
تڏهن اُنهن مان جيڪي شان مانَ سان رهڻ لڳا تن کي
راجپوت سڏيو ويو ۽ اُهي قبيلا، جن زراعت جو پيشو
اختيار ڪيو، تن کي جـَـت سڏيائون.“(1)
هن جي تحقيق مطابق، ”جت، گـُـجرن کان ٿورو پوءِ،
پر ساڳئي وقت ۾ ننڍي کنڊ ۾ لڏي آيا هئا. هـُـو سڄي
ملڪ ۾ پکڙجي ويا هئا ۽ اثر رکندا ويا، نيٺ پرمار
راجپوتن، دهليءَ تي سندن قبضي کي ختم ڪيو ۽ کين
مالوا طرف ڌڪي ڪڍيو، ۽ راٺوڙ، بيڪانير تي قابض
ٿيا، ڀاٽين جيسلمير تي قبضوڪيو ۽ جتن کي اُتان
ڀڄائي ڪڍيائون.“(2)
.
ايٽڪن جتن جي اصل نسل جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ هن طرح
پيش ڪري ٿو ته: ”جت سنڌي قبيلو آهي، پر سٿين قوم
جي باقيات هن ۾ شامل آهي، جيڪي آڳاٽي زماني ۾ هن
طرف لڏي آيا. هنن جو رڪارڊ ڪڇي ٻوليءَ جي ”نوڌا“ (Nudha) ۾ موجود آهي، جتان اهي قبيلا ڏکڻ سنڌ ڏانهن لڏي ويا، جتي هنن
جي اڪثر آبادي آهي. مشهور سياح، ابن حوقل، ڏهين
صديءَ عيسويءَ ۾ هنن کي هن علائقي ۾ ڏٺو. هي اُٺن
جا وڳ ڌاريندا هئا ۽ اُٺن جي ڪري هيءُ علائقو
مشهور هو. اڄ ڏينهن تائين هي قبيلا ساڳيو ڌنڌو
اختيار ڪريو اچن.“(3)
جتن جي باري ۾ جرمن ماهرن ۽ محققن، ڊاڪٽر زيگ ويسٽ
فال(Dr. Sigrid Westphal)
۽ سندس وڏ وڙي زال ڊاڪٽر هائينز ويسٽ فال (Dr. Heinz Westphal)
جي راءِ پڻ وڏي اهميت واري آهي. هنن ٻنهي ماهرن،
جتن جي اصل نسل ۽ حسب نسب توڙي لڏپلاڻ جي باري ۾
وڏي جاکوڙ ڪري تحقيقي رپورٽ لکي. هنن هن سلسلي ۾
جرمنيءَ کان جتن جا اُبتا پيرا کنيا ۽ مصر، اُردن،
عراق، ايران، افغانستان، بلوچستان، صوبه سرحد،
لسٻيلي، پنجاب، ڪوهستان، اُتر سنڌ، لاڙ، ڪڇ ۽
راجسٿان ۾ جتن جي لڏپلاڻ وارا ماڳ ۽ مڪان ڏٺا،
اُنهن جا پار پتا پڇيا. انهيءَ تحقيق جي آڌار تي
هو لکن ٿا ته: ”جت قوم قديم سنڌ ۾، اسلام جي ظهور
کان اڳ، لاڙ واري حصي، ڪڇ ۽ راجسٿان ۾ آباد هئي.
هن قوم جا مختلف قبيلا ۽ پاڙا، اسلام جي سنڌ ۾ آمد
کان اڳ، سنڌ مان لڏي بلوچستان، لس ٻيلي جي رياست،
قلات جي رياست، ايران، عراق، اردن، عربستان ۽ اڃا
به اڳتي وڌي وڃي آباد ٿيا(1)
.
جڏهن ته ڪالڪا جي ڪيل تحقيق موجب: ”جت ۽ راجپوت
ساڳئي نسل سان واسطو رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته جسماني
بناوت، ٻولي، اخلاق، اُٿڻ ويهڻ جي آدابن ۽ اصولن،
طبعي رجحان ۽ جذبن، سوچ ۽ راڄوڻي سمجهه توڙي سماجي
نگاهه کان اڄ جا جت، هندن جي ٻين تن ذاتين جي ڀيٽ
۾ قديم آرين جا نمائنده ۽ وارث لڳن ٿا(2)
.“
هن ڏس ۾ ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽ ڊاڪٽر هائينز ويسٽ
فال تاريخ جي حوالي سان لکن ٿا:
”هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي ته وڪرماجيت کي ساڪ
(سٿين) حمله آورن سان 57 ق. م ۾ مقابلو ڪرڻو پيو
هو ۽ اها به حقيقت آهي ته ننڍي کنڊ جي سڀني اتر -
اولهه وارن حصن ۾ انهن(ساڪن/ سٿين) جو سڪو ڄميل
هو، پر ساڪ / سٿيا انهن خانه بدوش ٽولن جو مجموعي
نالو هو، جن ڪجهه صديون اڳ برصغير کي پنهنجن حملن
جو نشانو بنايو هو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن (ساڪ ۽ سٿين لوڪن)،اُٺ ۽
مينهن پاليندڙ جت قبيلن سان پاڻ کي ضم ڪرڻ آسان
سمجهيو، ڇو ته هنن جي پنهنجي روزمره واري زندگي،
جتن جي زندگيءَ وانگر خانه بدوش هوندي هئي. اهو به
هڪ انومان
(Hypothesis)
آهي ته جت قوم اڳ ۾ آيل ساڪن / سٿين جي باقيات مان
هجن، جيڪي حملي کان پوءِ هت رهجي ويا هجن ۽ هتي ئي
آباد ٿي ويا هجن.(3)
ڪالڪا ”سرجيمس ڪئميل (James
Camphell)
جي حوالي سان جتن کي ٻاهران آيل ٿو سڏي، جيڪي ننڍي
کنڊ ۾ 150 ق - م کان 100 ق - م تائين حمله آورن
سان گڏ آيا(4)
.“
ڪالڪا، ايليٽ جي حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ ڏئي ٿو ته:
”اسان وٽ ڪوبه مستند تاريخي احوال ڪونهي ته جت،
اُتر - اولهه واي علائقي طرف ڪيئن لڏي ويا ۽ ننڍي
کنڊ جي سرحدن کان ٻئي طرف اڳتي ڪيئن ويا، جڏهن ته
ننڍي کنڊ جي تاريخ جي اوائلي ۽ ابتدائي زماني ۾
انهن کي منصوره کان ڪرمان تائين ۽ ان کان سواءِ
ايران جي سرحدي علائقن ۾ عرب سياحن، جاگرافيدانن ۽
مؤرخن، کيتي ٻاڙي ۽ مال پالڻ وارن ڌنڌن ۾ مشغول
ڏٺو.“(1)
”هڪ راءِ هيءَ به آهي ته: جت اصل ۾ هند - آريائي
لوڪ آهن، جيڪي اوڀر وارن علائقن کان لڏي آيا ۽ نه
ڪ انڊو - سٿين، جيڪي ”آمو دريا“ (Oxus river) کان آيا هئا. بلاشڪ جتن جا ڪي قبيلا ۽ پاڙا، ننڍي کنڊ
مان، پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ، اُتر طرف لڏي ويا ۽
ڪن صدين جي گذرڻ کان پوءِ، ايران جي سرحدي علائقن
کان سنڌوءَ جي اڀرندي ڪناري طرف واپس لڏي آيا،
يعني هو(جت) دراصل برصغير جا اصلوڪا رهاڪو آهن ۽
کين (جتن کي) لغوي لحاظ کان ساڳين آوازن جي بنياد
تي ’جيتي‘
gaete)
، يـُـتي، (Yuti)
”ييٿا“ (Yetha)
يا ”انڊو- سٿيا، سڏڻ صحيح نه آهي(2)
.“
`سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ‘
از: ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، سال 1956 ص. 121.
سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو
”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“،
خواجه غلام علي الانا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
سال 1977ع.
مير
علي شير قانع:- "تحفـة
الڪرام"، ص 9.
مير علي شير قانع: ”تحفـة
الڪرام”، 1957ع، ص 9.
|