باب چوٿون
ڳٺي جا قديم آثار
ڳٺو ڍورو هڪ پراڻو وهڪرو آهي، جنهن جي ڪنڌين ۽
ڪنارن تي ڪئين پراڻا شهر آباد هئا. انهن شهرن ۾
ڪئين راڄ راڻا ڪونڌر مڙس رهيا ٿي. انهن شهرن تي
اڄ ويراني ڇانئي پيئي آهي، هي شهر برباديءَ واري
راڪاس جي ڇانوَ ۾ نوحا آلاپي رهيا آهن. انهن قديم
ويرانين جو ذڪر هن ڀاڱي ۾ حاضر آهي:
(الف) دلن جو دڙو:
هيءُ دڙو ڳوٺ غلام حسين جمالي جي ڏکڻ اوڀر طرف
واقع آهي. اٽڪل روءِ 25 ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي. چوڻ ۾
اچي ٿو، ته انهيءَ دڙي واري جڳهه تي دل ذات جي
ماڻهن جا گهر هئا. هن وسنديءَ کي مدد خان پٺاڻ
تباهه ڪيو. هن قديم دڙي کي کوٽبو ته قديم تاريخ جو
خزانو ملي سگهي ٿو. هن جي اُڀرندي کان ريڻ درياء
وهندو هو. ڳٺو ڍورو ريڻ مان انهيءَ هنڌان نڪرندو
هو.
(ب) ڀٽونءَ جو دڙو:
ڳٺي ڍوري جي کاٻي ڪناري تي ڀٽونءَ جو دڙو واقع
آهي. هيءَ دڙو ٻن ٽن ايڪڙن تي پکڙيل آهي. زمين دوز
ڪي جڳهيون هجن، ته ٻي ڳالهه آهي، باقي ظاهري طور
وڏين جاين جا آثار نظر ڪونه ٿا اچن. البت برسات
وقت ڌنار ماڻهو، هن دڙي مان سون لڀندا آهن. غلام
محمد ڀٽيءَ جي الهندي ڏکڻ کان آهي. زمين کان 10-12
فوٽ مٿي آهي. ٻن ايڪڙن ۾ پکيڙ رکي ٿو.
(ت) اوٺڪي دڙو:
پيرو لاشاريءَ جي اُتر کان بدين- حيدرآباد روڊ تي
هن قديم دڙي جا آثار آهن. ماضيءَ ۾ هتي هڪ مدرسو
به هو. هتي اوٺار برادريءَ جا ماڻهو رهاڪو هوندا
هئا، جيڪي اڃا تائين ڀرپاسي ۾ رهندا آهن.
(ث) آرين جو دڙو:
هيءُ تمام آڳاٽو دڙو آهي، جيڪو زمين هيٺ دٻجي ويو.
سن 1964ع ۾ هڪ وڏو طوفان لڳو هو، اُن ۾ هي دڙو
ظاهر ٿي پيو هو. هن دڙي مان ماڻهن کي شاهه جهان جي
وقت جا سڪا به هٿ لڳا. اهو دڙو پيرو لاشاريءَ جي
اولهه ڏکڻ کان واقع آهي. هي دڙو ٻن ٽن ايڪڙن ۾
پکڙيل آهي. ان دڙي جي ڀرسان پٿر پيل آهن، جن تي
لکيل اکر پڙهي نٿا سگهجن. اهو دڙو ڍوري جي کاٻي
ڪناري تي آهي. ڪي بزرگ چون ٿا ته، اِهو دڙو آرين
جو نه پر ”اَهيرين(1)
جو دڙو“ آهي.
(ج) مخدوم نوح رح جي ڪـُـني:
هن شهر جا آثار چٽا آهن، پر نالي کان واقف نه
آهيون. البت مخدوم نوح رح جي ڪـُـني، عبدالرحيم
ڏيٿي سبب مشهور ٿي، ته اهي آثار به انهيءَ نالي
سان مشهور ٿيا آهن. قديم آثار اٽڪل روءِ ٻن ايڪڙن
۾ پکڙيل آهن. هي آثار رپ جي اُتر ۽ ٻاريجي ڍنڍ جي
اُڀرندي کان ڏسي سگهجن ٿا.
(ح) ڀلي خاصخيليءَ جو دڙو:
ڀلي خاصخيليءَ جو ڳوٺ هڪ دڙي تي ٻڌل آهي. اِهو دڙو
ٻن ايڪڙن ۾ پکڙيل ٿيندو. هن دڙي جي اُڀرندي ۽ اُتر
کان ڳٺو ڍورو وهندو هو، اُن ڪري هن دڙي جي ڪوٽ جا
ٻه پاسا حفاظت ۾ هوندا هئا. هن دڙي جي ڏکڻ کان
ستين جو مقام آهي.
(خ) توت جو دڙو:
هن دڙي جي ڀرسان توت بادشاهه ڳٺي جي ڪناري تي
گهوڙن وهنجارڻ لاءِ ٿلهو ٺهرايو هو. توت جو ڪوٽ
ڊهي ختم ٿيو ته گهڻي عرصي کان پوءِ،
غلام حسين پرهياڙ وارن اُن دڙي مٿان ڳوٺ ٻڌو. اِهو
دڙو ٻن ايڪڙن ۾ ٿيندو، پر مٿان نئين ڳوٺ اڏجڻ جي
سبب ڳولا ڦولا ۽ جاچ کان پري آهي ۽ توت بادشاهه جي
ڪوٽ جا آثار ڳوٺ وارن جي اچ وڃ ۽ هلچل لٽي ڇڏيا
آهن.
(د) ساميءَ جو دڙو:
ڳوٺ ڦتن پرهياڙ جي اولهه ڏکڻ طرف ڍوري جي کاٻي
ڪناري تي مذڪوره دڙو چوڪڙي تي پکڙيل آهي. هن دڙي
تي ڪنهن وقت ڪو سامي رهندو هو، جنهن کي محمود درس
(سمي) ٻانهاڻيءَ مات ڪري، سندس ڪاني ڪرامت ختم
ڪئي. هن دڙي جي ڀرسان سيد حسن رح به آرامي آهي. سن
1964ع جي طوفان ۾ هن دڙي مان لاشن جا هڏاوان پڃرا
نڪتا هئا، جي قد ۾ تمام وڏا هئا.
(ذ) شيرخان چانگ جو دڙو:
هيءُ بزرگ، ميرن جي ڏينهن ۾، ساميءَ جي دڙي ۽ ڦتن
پرهياڙ جي اُلهندي کان رهندو هو. هن کي پنهنجو ڪوٽ
هو. جنگي جوڌي هئڻ سبب پاڻ بندوقون ۽ تلوارون
پنهنجي ڪوٽ ۾ ٺهرائيندو هو. هي بزرگ پوءِ جتن جي
لڙائيءَ ۾ مغلڀين ۾ شهيد ٿيو. هن جو دڙو ٻن ايڪڙن
جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن دڙي مان مهرون مليون
آهن، جن تي بنو اميه گهراڻي جي خليفي عبدالملڪ جو
نالو پڙهيو ويو آهي.
(ر) صوڀي جو ڀـُـڙو:
شيرخان چانگ جي پڊ جي ڏکڻ طرف ڍوري جي کاٻي پاسي
ڪنگار جي ڇن جي اُڀرندي تان صوڀي جو ڀـُـڙو آهي.
هي ڀڙو ڀرپاسي جي زمين جي ڀيٽ ۾ ڪارسري مٽي رکي
ٿو. شايد هن کي باهه ڏيئي ختم ڪيو ويو آهي. دڙي جي
معائني مان به اهڙي ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي.
(ز) تاجن جو دڙو:
لاڙ جي مشهور اڙٻنگ تاجن جو اِهو ڪوٽ هو، جنهن کي
ميان نور محمد ڪلهوڙي ڊاهي پٽ ڪيو. تاجن منڌري جي
ظلمن جو پڙاڏو ئي هو، جو سندس ڪوٽ، دڙي ۾ تبديل
ٿيو. هي دڙو ٻن چوڪڙين ۾ پکڙيل آهي. هن دڙي جي
ڀرسان تاجن منڌري جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ منڌرا رهن
ٿا. ڪوٽ جي اُتر کان ولي الله سيد سليمان شاهه جي
آرام گاهه آهي.
(س) نم جو دڙو:
تاجن جي دڙي جي اولهه - ڏکڻ کان ڍوري جي ور ۾ نم
جو دڙو واقع آهي. هن دڙي جي اصلي نالي جي ڪابه سڌ
نه آهي. البت مٿس نم جا وڻ گهڻا بيٺل آهن، تنهن
ڪري هن دڙي کي ماڻهو ”نم جو دڙو“ چوندا آهن. هيءُ
دڙو اٽڪل روءِ ٽن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي.
(ش) شيخ نورئي جو دڙو:
هي ويهن ايڪڙن تي پکڙيل دڙو ابراهيم ٻـُـچي
جي
ڳوٺ
کان
الهندي
کان،
نند
ڪوٽ
جي اُتر
کان
واقع
آهي. هن دڙي تي بزرگ شيخ نوريو آرامي آهي، تنهن
ڪري دڙو به سندس نالي سان سڏجي ٿو، نه ته مذڪوره
دڙي جي اصلي نالي کان اَڻ واقف آهيون. هيءُ دڙو
کوٽجي ته، تاريخ جو گم ٿيل مواد ملي سگهي ٿو.
(ص) نندڪوٽ:
ابراهيم ٻچي جي ڳوٺ اولهه ڏکڻ ۽ ڍوري جي ڪيٽيءَ ۾
راجا نند جو ڪوٽ هو. مذڪوره راجا مشهور لوڪ داستان
وارين حسين عورتن، سومل ۽ مومل جو والد هو ۽ سومرن
جي آخري دور ۾ حڪومت ڪندو هو. نندڪوٽ 25 ايڪڙن تي
ٻڌل آهي پر هن وقت سـِـرَ سـِـرَ ٿيو پکڙيو پيو
آهي. جيڪڏهن هن ڪوٽ کي کوٽيو وڃي، ته جيڪر سومرن
جي ڏينهن جا ۽ اُن کان اڳ جا ڪافي آثار ملي سگهن
ٿا، ۽ اُن وقت جي تاريخ پڌري ٿي سگهي ٿي. هن ڪوٽ ۾
سرون بنهه ٿـُـلهيون ڪم آيل آهن، جن تي ڪنهن
نامعلوم رسم الخط ۾ اکر پڻ لکيل آهن.
(ض) سهڻيءَ جو دڙو:
هميت ڍنڍ جي ڏکڻ اولهه کان ڍوري جي اُلهندي ۽ پير
قرهئي ڀانڊاريءَ جي اولهه کان اٽڪل ٽن ميلن تي
مذڪوره دڙو موجود آهي. اهو دڙو سرن جي ڍير جي شڪل
۾ موجود آهي. ڀرسان ڪي به جاين جا نشان ڏسڻ ۾ ڪونه
ٿا اچن. اُتي جي رهواسين جي روايتن موجب، ميهار جي
سهڻيءَ تي اِهو قبو ٺهيل هو، جو هينئر ڊهيو سرن جو
ڍير ٿيو پيو آهي.(1)
(ط) پير قرهيئي ڀانڊاريءَ جا کنڊر:
درگاهه جي الهندي کان ٻن چوڪڙين ۾ پراڻي شهر ۽
بازار جا چٽا آثار موجود آهن، جيڪي اولهه - اوڀر
تي آهن. درگاهه جي اُڀرندي کان مرکان جو پڊ آهي،
جيڪو پڻ ٻن ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي پکڙيل آهي.
درگاهه جي آسپاس اٽڪل روءِ 25 ايڪڙن ۾ پراڻن شهرن
جا آثار آهن. هي ڦٽل شهر ميرن جي وقت جو چيو وڃي
ٿو. اُن کان اڳ اِهو شهر آباد هو. درگاهه جي ڀرسان
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هڪ قلعو ٺهرايو هو. انهيءَ
ڪري مذڪوره جڳهه جو نالو ”شاهه ڪرهه“ ٿي مشهور ٿيو
هو. وسڪاري مهل هتان سڪا ملندا آهن.
(ظ) جکار:
سنڌ جي مشهور سمي حاڪم جکري اِهو شهر ٺهرايو هو،
جنهن ڪري اُن تي ”جکار“ نالو پيو. اِهو شهر کنڊرن
جي صورت ۾ اڄ به ميلن ۾ پکڙيو پيو آهي. اِهو قديم
شهر درگاهه شيخ پير قرهئي ڀانڊاريءَ کان اولهه ڏکڻ
۾ ٻن ميلن تي واقع آهي. هن شهر جي اُڀرندي اُتر
کان سرن جو ڪـُـن ۽ اولهه کان ڳٺي ڍوري جو وهڪرو
ظاهر آهي. ڳٺي ڍوري جو اِهو آخري شهر هو.
---------
جڏهن
ته سهڻي ۽ ميهار جون قبرون موجوده ضلع سانگهڙ
۾ ڍوري جي ڪپ تي شهر شهدادپور ۾ موجود آهن.
(نظرثاني ڪندڙ)
|