باب ٻيو
ڪيٽين جي
ڪوٽ جون لوڪ ڪهاڻيون
ماڻڪاڻي ميرن جو پهريون تخت گاهه ڪيٽين جو ڪوٽ هو.
جو نندي شهر کان اُڀرندي پراڻ جي گهيري ۾ واقع
آهي. انهيءَ ڪوٽ ۾ مير ڪافي عرصو رهيا. جيئن ته،
جتي حاڪم، رئيس ۽ دل وارا بزرگ اچيو گڏ ٿين، اُتي
ڪن مشهور ڳالهين جو ڦهلجڻ تمام ضروري آهي. اهڙين
ڳالهين مان ڪيٽين جي ڪوٽ مان هيٺيون ٽي آکاڻيون
ڦهليون ۽ وڌيون. اهي ڪهاڻيون نيم تاريخي لوڪ
ڪهاڻيون آهن:
1. سونيتي ۽ مير باگو
2. ول واري جنگ
3. مير ٺارو ۽ نبي بخش خان لغاري
مير باگي سنڌ حڪومت ۽ سونيتيءَ جي سڱ مان سونيتيءَ
جي چونڊ ڪري، ساڻس شادي ڪئي ۽ پوءِ اچي ڪيٽين ۾
رهيو هو. افسوس جو اڳوڻي سنڌ راڻيءَ، مير باگو سان
ٿورو وقت نباهيو ۽ هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي ڏک ۾ جلد
وفات ڪري ويئي.
ول واري جنگ: ’سام‘ جي نالي سان شروع ٿي. انهيءَ
جنگ ۾ شايد خانداني رنجش به شامل هئي. هيءَ جنگ
محض جنگ خاطر لڳي، جنهن ۾ ڪيٽين جي ڌڻين هارايو ۽
جن انهيءَ جاءِ کي ئي ڇڏي ڏنو، پوءِ ميرن وڃي
ميرپورخاص کي تخت گاهه بنايو.
مير ٺاري ۽ نبي بخش لغاريءَ کي هڪ عورت ويڙهائڻ ٿي
گهريو، پر لغاريءَ اُن جو سر ڪٽي آڻي مير ٺاري
اڳيان رکيو، ائين هي دل وارا ماڻهو جهيڙي جهڳڙي
کان بچي ويا. اهي ڳالهيون آهن، جن کي تفصيل سان
پيش ڪجي ٿو.
مير باگو ۽ سونيتي (سنڌ راڻي):
ماڻڪاڻي ميرن مان مير باگو هڪ مشهور هستي هو. هن
فقط سنڌ راڻيءَ جي ڪري سنڌ جي حڪومت تان هٿ کنيو،
حڪومت کي ڇڏي، سنڌ راڻي کنيائين ۽ کيس هڪ ويران
جاگير ڏني ويئي، جنهن کي پاڻ عقل - سليم سان اچي
شاد ۽ آباد ڪيو. مير باگو، مير ٺاري سان پهرين
ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ رهندو هو. پوءِ جڏهن سندس جاگير
آباد ٿي ۽ پاڻ اُتان لڏي پنهنجيءَ جاگير جي وچ ۾
شهر اڏي وڃي ويٺو، جنهن کي ”ٽنڊو باگو“ سڏيو ويو.
مير باگو پنهنجي شهر ۾ اچي رهيو ۽ مير ٺارو
ميرپورخاص ۾ وڃي رهيو. اهڙيءَ طرح ڪيٽيون پنهنجي
محسنن کان وانجهجي ويون ۽ آهستي آهستي انهيءَ ڏک ۾
مذڪوره ماڳ ۽ مڪان تباهه ٿي ويا.
ٺري (ماتلي) جي آسپاس اُڍيجا رهندا هئا. اُنهن جي
وڏيري کي سڪي پني هڪ ڌيءُ ڄائي، جنهن جو نالو
”مريم“ رکيائين. پر پوءِ مائٽن پاران سندس سونهن
جي ڪري کيس ”سونيتي“ سڏيو ويو. سونيتي سونهن ۽
سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي.
انهيءَ وقت ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ڪڇ جي راجا جي
ڀائيٽي ’راءِ ويسوءَ‘ جي ڌيءُ پرڻجي ٺريءَ وٽان
اچي لنگهيو.
ٻاراڻو خيال، هڪ جيڏين نينگرين ۽ ساهيڙين وري
پنهنجي جيڏل سونيتيءَ کي ”سنڌ سونيتي“ جو کڻي لقب
ڏنو. اهڙيءَ طرح هو وهانءَ کان پهرين ئي ”سنڌ
سونيتي“ جي نالي سان مشهور ٿيڻ لڳي.
اُڍيجن جي راڄ مان ٻه ڀائر سونيتيءَ جي مائٽن کان
سڱ وٺڻ ويا. جنهن کي وڏيري چيو، ته ”ادا! اڃا
منهنجي نياڻي لائق ڪونه ٿي آهي، وڏي ٿئي، پوءِ آءٌ
ڀائرن کان ڪيڏانهن ويندس؟“ اِهو جواب هڪ کي ته
وڻيو، پر ٻئي چيو ته، ”تون اسان مان ڪينو ٿو ڪڍين،
اسين توتي حاڪم چاڙهي اينداسون.“ اُن وقت
”سونيتيءَ“ جي عمر اَٺ سال هئي.
مخالف ڌر ڪاهي ميان سرفراز ڪلهوڙي وٽ ويئي، سرفراز
اُن وقت ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ وارو هو. مخالف همراهه
ميان سرفراز کي صلاح ڏني، ته ”اوهان اُتي اچي منزل
ڪريو، جتي ميان غلام شاهه اچي ڪئي هئي، پوءِ توهان
ڏسجو، ته آءٌ ڳالهه ۾ ڪيترو سچو آهيان.“ ميان
سرفراز ڪڇ ڏانهن هونئن ئي ڪاهيو ٿي ويو، تنهن
پنهنجي منزل اچي ٺريءَ ۾ ڪئي ۽ وڏيري کي گهرائي
ڏاڍي عزت ڏني ۽ تمام سهڻي نموني کانئس سونيتيءَ جو
سڱ گهريو. وڏيري چيو ته، ”سائين اوهان اسان کان
عزت سان سڱ گهريو آهي، سو سڱ اوهان کي آيو. باقي
اسان جو هڪ ڀاءُ چئي ويو هو ته، آءٌ اوهان تي حاڪم
چاڙهي ايندس، جي اوهان زوريءَ سڱ وٺو ها، ته ڪر
آءٌ سڱ ڪونه ڏيان ها.“ ميان کي وڏيري جي غيرت واري
ڳالهه پڻ پسند آئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ڳوٺ جي
تلاءَ تي اڪيلي سر پسار ڪندي خود ”سونيتي“ سان
ملاقاتي ٿيو. ميان سرفراز کي اها ڇوڪري ڏاڍي وڻي
ويئي. هن ميان سرفراز سان ڪجهه وقت ڳالهيون به
ڪيون. ميان سرفراز ننڍڙيءَ نينگر سونيتيءَ کي ڏسي
بيحد سرهو ٿيو. پوءِ ته هو اڍيجن جي وڏيري تي
هيڪاري وڌيڪ مهربان ٿي پيو. وڏيرو به سندس خيال
رکڻ لڳو.
ميان سرفراز ڪڇ سڄي ۽ گجرات جا ڪجهه حصا تابع ڪري
واپس خدا آباد پهتو ۽ هن ”سونيتيءَ“ جي پيءُ کي
نوازڻ شروع ڪيو. هوڏانهن سونيتي به دل ۾ ميان
سرفراز کي ”ور“ ڪري قبولڻ لاءِ راضي هئي. سهيليون
پوءِ ته، ”سونيتيءَ“ کي ”سنڌراڻي“ ڪري سڏڻ لڳيون.
ميان سرفراز وٽ وڏيرو قبيلي ساڻ به هڪ ٻه دفعا
ويو، ته ائين خانداني تعلق به وڌيو.
جڏهن ميان سرفراز وٽ وڏيرو مهمان ٿي ويو، تڏهن مير
مرزي خان، جنهن جو پٽ مير باگو خان ميان سرفراز جو
محافظ ۽ خدمت ڪندڙ هو، وڏيري جي نياڻي جڏهن رواني
ٿي، تڏهن مير باگي ”سونيتي“ کي ڏسي ورتو ۽ سندس
سونهن جي ڪري گهايل به ٿي پيو، پر پنهنجي مرشد ۽
آقا، ميان سرفراز جي ادب ۽ احترام جي ڪري، اِها
ڳالهه وساري ڇڏيائين.
ٿوري عرصي کان پوءِ ميان سرفراز جي سونيتيءَ سان
مڱڻي جي رسم ادا ٿي، پر وڏيرو اڃا به انهيءَ ضد تي
چڙهيل هو، ته شادي تڏهن ٿيندي، جڏهن نياڻي لائق
ٿيندي. ميان صاحب زلفن جي سر ٿيڻ تائين ترسي ويٺو.
ٻئي دفعي جڏهن سونيتي خدا آباد ۾ ويئي، تڏهن ميان
عبدالنبي جي نظر وڃي هـُـن حور تي پيئي. هو ميان
سرفراز جو چاچو هو، پر دل هٿن مان ڦرائي ويٺو.
انهيءَ زماني ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت گهرو سازشن جي
ورچڙهيل هئي ۽ راڄي ليکي جي چوڻ تي ميان سرفراز،
مير بهرام خان کي مارائي ڇڏيو هو، سو ٽالپر ميان
کي قيد ڪري کڻي گاديءَ تي ميان عبدالنبي کي
ويهاريو. ٽالپر انهيءَ سان به نه ٺهيا، ڇو ته هنن
ميان سرفراز کي قيد ۾ شهيد ڪري ڇڏيو هو.
سونيتي ۽ وڏيرو انهيءَ ڳالهه کان اڻ واقف ڪونه
هئا. سونيتي پنهنجي بخت کي ڏوهه ڏنو. وڏيري پنهنجو
ڀاڳ ڀيلو سمجهيو. سهيلين سونيتيءَ کي آسرو ڏنو، ته
”جيئن رب کي منظور هوندو، ائين ٿيندو.“
عبدالنبيءَ وڏيري ڏانهن ماڻهو موڪليا، ته ”سونيتي
اسان جي حوالي ڪر.“ هـُـو سمجهي ويٺو هو، ته رڳو
گهرڻ جي دير ٿيندي، پر وڏيري ميان عبدالنبيءَ کي
صفا رکو جواب ڏنو ۽ سونيتيءَ به ميان عبدالنبيءَ
کان نفرت ڏيکاري. ميان عبدالنبي جي پيغامن مان
ڪجهه نه وريو، ته وڏيري کي ميان عبدالنبيءَ سڏائي
اها ڳالهه مڃرائڻ تي زور رکيو، پر هن نه مڃيو، ته
ميان عبدالنبيءَ هن کي ڪـُـهارائي ڇڏيو.
اُن کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ، سائينڏني تي زور
رکيو، ته هن کڻي
ميان عبدالنبيءَ جو مڱڻو قبول ڪيو ۽ سونيتيءَ جو
مڱڻو عبدالنبيءَ سان ٿيو، جنهن سونيتيءَ کي
”سنڌراڻيءَ“ جو لقب ٻيهر ڏنو ۽ اهڙو اعلان ڪيو. پر
سونيتيءَ چيو، ته ”ادا سائينڏنا آءٌ ميان
عبدالنبيءَ سان شادي ڪونه ڪنديس. مون کي ميرن جي
سام هلي وجهه.“
اِها خبر جڏهن مير باگي کي پيئي، ته سائينڏني کي
مير فتح علي خان جي ڪچهريءَ ۾ وٺي آيو. سائينڏني
مير فتح علي خان کي ميان عبدالنبيءَ جي ظلم جي سڄي
آکاڻي ڪري ٻڌائي. مير فتح علي خان چيو، ته ”ميان
صاحب کي اسين سمجهائينداسون، هو اوهان تي ظلم نه
ڪندو. هاڻ اوهان اسان جي سام ۾ آهيو.“
انهيءَ عرصي اندر ميان عبدالنبيءَ، مير بجار ۽ ٻين
ڪيترن کي مارائي ڇڏيو. انهن ڳالهين تان مير فتح
علي خان، ميان عبدالنبيءَ سان جنگ ڪئي. ميان
هارائي ڀڄي ويو، ان ريت سنڌ جا والي ڪلهوڙن جي
بدران ٽالپر ٿيا.
”سونيتي ۽ سائينڏنو“ مير فتح علي خان جي سام هيٺ
هئا. ميرن جي حڪومت شروع ٿي. اُن وقت سونيتي
سورنهن ورهين جي ٿي چـُـڪي هئي. کيس سالم عقل اچي
چڪو هو. هن ڀاءُ کي چيو، ته: ”هاڻ ڪوٽ مان نڪري
ڪيڏانهن هلنداسون. منهنجو سڱ ميرن جي حوالي ڪر،
پوءِ جيئن قسمت ۾ هوندو تيئن ٿيندو.“
ميرن اڳي ئي انهيءَ ڳالهه تي پئي ويچاريو، ته
سونيتيءَ جو سڱ ڪنهن کي ڏجي. مٿان سائينڏني
سونيتيءَ جي فيصلي کان هنن کي آگاهه ڪيو ته، ميرن
۾ هن جي سڱ تان ممڻ جا آثار ظاهر ٿي پيا. مير باگو
مٿانئس فدا هو. اُن زوردار نموني ۾ اِها ڳالهه
ڦهلائڻ شروع ڪئي، ته ”مون کي سونيتيءَ سان پيار
آهي.“ هوڏانهن مير فتح علي خان جو به هن کي ڪوٽ
مان ڪڍڻ جو خيال ڪونه هو ۽ ميرن مان هرهڪ جي اِها
مرضي هئي، ته سونيتيءَ جي ٻانهن منهنجي حوالي ٿئي.
مير فتح علي خان چيو، ته ”سونيتيءَ“ ڪلهوڙن جو گهر
آباد ڪيو. هاڻ ميرن جو وارو آهي. هيءَ ڳالهه ڪبي،
ته جيڪو سونيتيءَ جي ٻانهن گهرندو، اُن کي سنڌ جي
حڪومت ۾ ذري ماتر دخل نه هوندو ۽ ملڪيت مان ڪجهه
به نه ملندس.“
اِهو شرط پيش ٿيو، ته ٻيا ڪڇن ئي ڪڇن، مير باگي
يڪدم چيو ته، ”اِهو شرط مون کي قبول آهي. مون کي
سنڌ جي حڪومت نه گهرجي پر سونيتيءَ جي ٻانهن کپي.“
پوءِ سڀني چيو، ته ميان عبدالنبي سونيتيءَ جو پيءُ
مارائي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري ڪو سونيتيءَ جو پيءُ ٿي
اِهو بار لاهي. مير فتح علي خان اِهو حق خود ادا
ڪيو. پوءِ پهريون دفعو سونيتيءَ وٽ لنگهي ويو ۽
وڃي سندس شڪل ڏٺائين. مير فتح علي خان سونيتيءَ کي
سڄي فيصلي کان واقف ڪيو. هـُـن اکين تي هٿ رکي
اِهو فيصلو قبول ڪيو ۽ پنهنجي دين جي پيءُ کي اڻ
سڌيءَ طرح چيو ته، ”مير باگو ڪو هر ڪونه ڪاهيندو.“
تنهن ڪري اُن کي غيرآباد زمين آباد ڪرڻ جو اختيار
ڏنو ويو، ته هو گونيءَ مان ڪو واهه ڪڍي، ڪيٽين جي
ڀرسان رڻ پيو آهي، اُهو آباد ڪندو، ته اسان جي کيس
ڪابه منع ڪونهي.
ان ريت سونيتيءَ جو مير باگي سان وهانءُ ٿيو.
سنڌراڻيءَ کي ڏيج ۾
مير فتح علي خان ڀلي گهوڙي در دانهه ڏني ۽ هڪ تازڻ
پوني ڪتي به سوکڙي ڪري ڏني هئي. مير باگو تخت
وڃائي بخت وٺي، ڪيٽين ۾ موٽي آيو.
مير باگو گونيءَ مان ڇيڙون ڪرائي واهه ڪڍيو. اِهو
واهه مير باگي جي جاگير کي آباد ۽ شاد ڪرڻ لڳو. ٻن
ٽن سالن ۾ ملڪ ڏاڍو سـُـکيو ستابو ٿيو ۽ پاڻ
سونيتيءَ جي پيار جو پکيئڙو ٿيو ساڻس گڏ پيو
گهاريندو هو.
مير باگو ۽ سونيتي ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ رهيا پيا هئا.
سندن پيار جو داستان ڏيهن ۾ مشهور ٿيڻ لڳو.
انهيءَ وچ ۾ عمر ڪوٽ جو راڻو ڪيٽين ۾ ميرن جو اچي
مهمان ٿي رهيو. سونيتيءَ جو ڀاءُ سائينڏنو جيڪو
گهڻو ڪري مير باگي جي جاگير سنڀاليندو هو، سو به
اُن ڏينهن ڀيڻ تان ڦيرو ڪرڻ لاءِ ڪيٽين ۾ آيو هو.
سونيتيءَ جو پنهنجي ڀاءُ سان ڏاڍو پيار هو، اُها
کيس هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا ضرور حويليءَ ۾ گهرائيندي
هئي.
رات جو ڪچهريءَ ۾ سائينڏني ۽ عمر ڪوٽ جي راڻي پاڻ
۾ چؤپڙ راند ڪئي. راند ۾ نه ٺهيا، ته سائينڏني هن
کي ڪجهه برو ڀلو چيو. راڻو اِهو سور سهي ويو ۽
موٽي عمر ڪوٽ هليو ويو. ساڳئي سال سائينڏنو پراڻ
جو پاسو وٺي، اُتر طرف شڪار ڪندو ويو، تان جو وڃي
”روهلڙي جي گهيڙ“ وٽ پهتو. جيڪو فضل ڀنڀري ۽ نئين
ڪوٽ اسٽيشن جي وچ تي آهي. اِها خبر عمر ڪوٽ جي
راڻي کي پيئي، تنهن سازش ڪري، سائينڏني کي قتل
ڪرائي ڇڏيو.
اِهو واقعو 4- رمضان 1204 هه ۾ ٿيو هو. سائينڏني
جي قتل جي خبر ٻئي ڏينهن ڪيٽين ۾ پهتي. خبر ملڻ
سان ”سونيتي“ مير باگي کي چيو ته، ”منهنجو لاش
منهنجي اباڻي مقام ۾ دفن ڪجو.“ ائين چئي، ساڍين
ستن والن ڪپڙي جي بيٺ ٻڌي پنهنجي ڀاءُ جي ڏک ۾
ماتم ڪرڻ لاءِ اُٿي. هڪ ڌڪ هنيائين، ٻيو ڌڪ
هنيائين ۽ ٽيون ڪوڙي تي ڌڪ هڻي، ”ادا سائين!“ چئي،
پٽ تي ڪري پيئي، سندس ساهه پنهنجي مرحوم ڀاءُ ڀيڙو
وڃي ٿيو. مير باگو اِهو ڏسي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙڻ لڳو،
پر پڻس مرزي خان ۽ ٻين نصيحت ڪيس، تڏهن به گهڻي
زماني تائين انهيءَ واقعي جو ڏک هوس.
پنهنجي سونيتيءَ کي سندس وصيت موجب ”ديواني شاهه“
جي قبرستان جي اڍيجن واري مقام ۾ دفن ڪرايو ۽ مٿس
سنگ مرمر جي پٿرن جي قبر ٺهرائي، جنهن تي وفات جو
سال 5 - رمضان 1204هه لکيل آهي.
انهيءَ کان پوءِ مير باگو پنهنجيءَ جاگير طرف خيال
ڏيڻ لڳو ۽ پنهنجي جاگير جي وچ ۾ ڪوٽ ٻڌي وڃي رهيو
۽ ٻيا ماڻهو اُن ڪوٽ جي ڀرپاسي اچي آباد ٿيا ۽
اُهو شهر ”ٽنڊو باگو“ جي نالي سان مشهور آهي. مير
باگي جيڪو پنهنجي جاگير ۾ واهه کوٽايو هو ۽ رڻ کي
آباد ڪيو هو، اُن واهه جو اڄ به نالو ”باگو واهه“
آهي.
مائي سونيتي ۽ مير باگي جي ڳالهه جا خاص نڪتا:
1. سونيتيءَ جو اصل نالو مريم هو، جنهن کي سوني پڻ
چيو ويندو هو. هوءَ ذات جي اُڍيجي هئي. کيس ٻه
ڀيرا سنڌ راڻيءَ جو لقب مليو. پهريون پهريون ميان
سرفراز سان مڱڻو ٿيڻ کان پوءِ ٻيو ڀيرو ميان
عبدالنبي جي مڱ ٿيڻ کان پوءِ مليو. سندس ڀاءُ
سائينڏنو ساڻس آخر تائين ساٿ ۾ رهيو. هوءَ جنهن جي
به نالي ٿـِـي ٿي، اُهو تباهه ٿي ٿيو. صرف مير
باگو ئي هو جو جان بچائي سگهيو، پر اُن تي به محبت
جي ڪري ”حڪومت وڃائڻ“ جي مصيبت نازل ٿي. سونيتيءَ
سن 1204هه ۾ وفات ڪئي. وفات وقت سندس عمر 24-25
ورهيه هوندي. انهيءَ حساب سان هوءَ سن 1180هه ڌاري
ڄائي هوندي. ننڍي هوندي ته سهڻي هئي، پر جوانيءَ ۾
وڌيڪ حسين ٿي ويئي هئي. مير ٺارو کيس پنهنجي ڀيڻ
ڪري سڏيندو هو. جيسين سونيتيءَ حيات هئي، مير باگو
ڪيٽين ۾ رهندو آيو. سونيتيءَ جي وفات کان پوءِ مير
باگي وڃي ٽنڊو باگو وسايو.
2. اڳي ننڍي وهيءَ ۾ شاديون ٿينديون هيون، پر
سونيتيءَ جو پيءُ ننڍي هوندي جي شاديءَ جي خلاف
هو. ننڍي هوندي شادين جو رواج هاڻي گهڻي قدر نڪري
ويو آهي. پر اڳي عام جام هو. ميرن جي ڏينهن ۾ به
ننڍي ڄمار ۾ شاديون عام طرح ٿينديون هيون، پر ڪو
ڌيءُ جو پيءُ انهيءَ ڳالهه تي اعتراض ڪندو هو، ته
گهوٽيتا صبر کان ڪم وٺندا هئا.
3. مڱڻو شاديءَ کان اڳ ٿيندو هو. مڱڻو حق جتاڻي
هوندو هو. ميرن جي ڏينهن ۾ اِهو رواج جاري هو ۽ اڄ
به اِهو رواج جاري آهي ۽ ”موئن جي دڙي“ کان وٺي
اِهو رواج هليو ٿو اچي.
4. سائينڏنو اُڍيجو پنهنجي ڀيڻ سونيتيءَ سان هر
هنڌ گڏ رهيو. هنن جي محبت مثالي هئي. مير باگي جي
جاگير کي پهرين پهرين زور سائينڏني وٺرايو.
سونيتي، سائينڏني تي ساهه ڇڏيندي هئي. عمر ڪوٽ جي
راڻي سان چؤپڙ راند تان سائينڏني جو ڪيٽين جي ڪوٽ
۾ تڪرار ٿيو هو. آخر راڻي ئي کيس مارايو. سندس لاش
اباڻي قبرستان، جيڪو ٺري (ماتلي) جي ڀرسان ”ديواني
شاهه“ نالي سان اڄ به موجود آهي، تنهن ۾ دفنايو
ويو. سائينڏني جي ڏک ۾ سندس ڀيڻ سونيتيءَ ڪيٽين ۾
وفات ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح ڀيڻ، ڀاءُ جي مرڻ جو ٻڌي،
پنهنجو ساهه ڀاءُ مٿان صدقي ڪيو.
5. مير باگو ماڻڪاڻي ميرن مان هو. هن جو شجرو ماڻڪ
خان سان هيٺينءَ ريت وڃيو ٿو گڏجي:
مير باگو پٽ مرزو خان، پٽ الله يار خان پٽ ماڻڪ
خان. مير باگو خان ڪيٽين واري قبرستان ۾، جيڪو مير
”عبدالله جو قبرستان“ سڏيو وڃي ٿو، جن کي ”ڌٻڻي
وارا قبا“ به چيو ويندو آهي، ۾ مدفون آهي. اِهو
قبرستان ديهه ڌٻڻي تعلقي ٽنڊي باگي ۾ آهي.
مير باگو عشق جو شيدائي هو. هن ڀاڳ ورتو، پر راڄ
ڇڏيو. مير ٺاري جا ساڻس ڀائرن جهڙا تعلقات هئا.
مير باگي خان کي ميرن عشق جي ڏوهه ۾ غريب ڪرڻ ٿي
گهريو، پر سونيتيءَ کيس ڏاج ۾ گونيءَ مان واهه
کوٽڻ جي موڪل وٺي ڏني، ته هو رڻ آباد ڪري، پنهنجي
حالت سڌاري ويو ۽ ٻين ميرن وانگر عزت ۽ آبروءَ سان
رهندو آيو. هن کي ”سرڪار باگو خان“ جي نالي سان
ياد ڪيو ويندو هو.
6. مير فتح علي خان به سونيتيءَ تي فدا ٿي پيو هو.
پر اُن ۾ مير باگي جيترو جوش ڪونه هو، جو حڪومت
ڇڏي ڏئي ۽ سونيتي کڻي.
7. ٻيا مير به سونيتيءَ تي عاشق هئا، پر مير باگي
جهڙو محبت جو جذبو منجهن ڪونه هو، تنهن ڪري انهن
کي حڪومت پياري لڳي ۽ هو سونيتيءَ ڏانهن وڌي نه
سگهيا، پر مير باگو حڪومت ڇڏي، سنڌراڻيءَ ڏانهن
وڌيو، ته پنهنجيءَ جاگير ۾ راڄ به ڪري ويو ۽ محبت
به ماڻي ويو.
8. سن 1204هه کان پوءِ ميرباگو پنهنجي جاگير جي
ڪوٽ ۾ وڃي رهيو. اُن کان اڳ هو عشق جي واديءَ ۾
گذاريندو هو ۽ جاگير سائينڏنو پيو سنڀاليندو هو.
هڪ اندازو آهي ته، ٽنڊو باگو شهر سن 1204هه کان
پوءِ ٺهيو ۽ ماڻهو اچي منجهس رهڻ لڳا. اِهو شهر اڄ
ضلعي بدين جو مشهور شهر آهي ۽ مير غلام محمد خان
جي جوڙايل انگريزي هاءِ اسڪول سبب، اِهو شهر جڳ
مشهور آهي.
ول واري جنگ:
”مرکان جو ڳوٺ“ جيڪو ديهه مرکان تپو قائمپور تعلقي
بدين ۾ آهي، اُن جي اُتر تي ”ونگي جو واهه“ آهي.
مذڪوره واهه اڳي گونيءَ مان نڪرندو هو، نون سڌارن
موجب اُن جو منهن چينل مان نڪرندڙ آهي. ول واري
جنگ انهيءَ واهه جي ڪناري تي سن 1813ع لڳي هـُـئي.(1)
ان جاءِ تي هينئر ٻنيون آباد آهن، پر اڳي
ميدان هو. انهيءَ ميدان تي مير ٺاري ۽ مير صوبدار
جا لشڪر آمهون سامهون ٿيا هئا. مير ٺارو ڪيٽين جو
حاڪم هو ۽ مير صوبدار مير غلام علي حيدرآباد واري
جو ڀائٽيو هو.
مرکان ۾ رهندڙ بزرگ ٻڌائن ٿا ته، ”ول واري جنگ رات
جو به هلندي رهي ۽ تلوارن جا چمڪاٽ اسان جي ڳوٺ ۾
کنوڻين جي تجلن (شعلن) وانگر ڏسڻ ۾ پئي آيا.“
ول واري جنگ به عجيب نموني سان شروع ٿي. ونگي واهه
جي ڀرسان ڪنهن هاريءَ آرڻ پوکيو هو.
]ميرپور
وارا مير پوءِ سڏيا ويا، پر اُن وقت ڪيٽين وارا
مير سڏبا هئا،[
انهن جي ۽ حيدرآباد وارن ميرن جي هارين جي ٻني لڳو
لڳ هئي. آرڻ مير ٺاري جي پاسي وارن هارين جو هو،
انهيءَ جي ول مير صوبدار وارن هارين جي پاسي وڃي
ڇانهين جهلي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ آرڻ واري هاريءَ ڏٺو ته، هاڻ
ڇانهين پڪي هوندي، تڏهن پٽڻ جو خيال ڏيکاريو. مير
صوبدار جي طرف وارو هاري اِها ڳالهه تاڻيو ويٺو
هو، اُن هاريءَ کي ڇانهين پٽڻ نه ڏني. جواب هي
ڏنائين ته، ”هيءَ اسان جي سام پيئي آهي، سا اوهان
کي ڪونه ڏينداسون.“ آرڻ واري هاريءَ چيو ته، ”اِها
منهنجي ول جي ڇانهين آهي، سا ڪونه ڏيندس.“ انهيءَ
ڳالهه تان ٻنهي هارين ۾ ”تون ڇا؟ تون ڇا؟“ ٿيڻ
لڳي. گوڙ ۽ هل وارين آوازن کي ٻـُـڌي ڪجهه هـُـن
طرف جا، ڪجهه هـِـن طرف جا هاري اچي گڏ ٿيا. هو
ڇانهين پٽڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ هي ڇانهين نه ڏيڻ لاءِ
ڪمرڪشي بيٺا. ڳالهه وڃي لٺ ڌُڪي کان مٿي چڙهي.
جهيڙو وڏو ٿي پيو. جهڳڙي ۾ ول ۽ ڇانهين ته ختم ٿي،
پر مڙس به رت ۾ ڳاڙها ٿي ويا. ڇانهين ٻنهي ڌرين
مان ڪنهن کي به حاصل ڪونه ٿي.(1)
ٻنهن ڌرين اِهو محسوس ڪيو، ته اسان سان مخالف ڌر
ظلم ڪيو آهي. اهي ڳالهيون سوچي، هڪ ڌر مير ٺاري وٽ
ڪيٽين ۾ دانهن کڻي ويئي ۽ ٻي ڌر وري حيدرآباد
ڏانهن مير صوبدار وٽ فرياد کڻي ويئي.
نتيجو هي نڪتو جو ميرن هڪٻئي ڏانهن قاصد موڪليا،
پر قاصدن جي ڳالهين مان ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو. مير
ٺارو هن خيال جو هو، ته: ”اسان جي پاسي جي،
شهداداڻي(1)
اڄ ڇانهين قبضي ۾ ڪري ويا آهن، سڀاڻي اسان جي
حڪومت ۾ اکيون وجهندا! انهيءَ ڪري کين ترت سخت سزا
ڏيڻ گهرجي، ته جيئن ٻيهر اسان جي ڪنهن به شيءِ طرف
سندن لالچائي اکيون کڄي نه سگهن.“ مير صوبدار جو
خيال هو ته، مير ٺاري وارن کي گهرجي، ته جڏهن ڪا
شيءِ اسان جي سام پوي ته، شاهي گاديءَ جو احترام
ڪن ۽ اُن جي اسان کان گـُـهر نه ڪن. اڄ هنن
ڇانهينءَ تي ضد رکيو آهي، سڀاڻي ڪو هـُـتان مظلوم
اسان وٽ اچي سام پيو، ته هو تڪرار ڪندا، تنهن ڪري
هنن جي مـِـيس هينئر ئي مارڻ گهرجي. آخر ڳالهه
لشڪرڪشيءَ تي وڃي پهتي.
مير ٺارو، سدا سوڀارو، اکين جو تارو هو. اُن جي
سامهون جنگ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه ڪونه هئي. ڪنهن کي
به سـَـڌ ڪانه ٿي ٿئي، جو مير ٺاري تي ڪاهي وڃي.
آخر مير خان ڀرڳڙي مير صوبدار کان تلوار ورتي ۽
مير ٺاري سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. مير خان اُن
وقت ٻن هزار سپاهين جو اڳواڻ هو. هـُـو پنهنجي فوج
وٺي، مير ٺاري تي ڪاهي آيو.
ٽي ڏينهن پراڻ درياء جي ڀرسان ڪيٽين ۾ جنگ هلندي
رهي. آخر مير خان، مير ٺاري کي ماري وڌو. مير ٺاري
جي فوج پنهنجو بادشاهه ڦٽجندي ڏٺو، سو وٺي مير خان
تي ڪاهه ڪيائون ۽ مير خان کي به ماري وڌائون.
مير صوبدار، مير خان جي پٽ عالم خان کي ساڪري ۾
جاگير ڏني، پر جيئن ته اُها درياء جي هـُـن پاسي
هئي، تنهن ڪري اُها جاگير عالم خان لاءِ ڪمائتي
ڪونه ٿي. عالم خان انهيءَ جاگير لاءِ بيت چيو هو
ته:
مير ڏنو جاگير اسان کي، ساڪري ۾ صوبدار،
ڪک پـَـن ڪم ڪين اچي، داڻا درياهون پار،
هتي ويجهو وسندي مانجهي، نالو تنهن نروار،
وائي گهائي گام اسان جا، چارين ڌڻ ڌنار،
هل پير کڻ خير خوشيءَ سان، دير نه ڪر دک ٽار،
پڪو کوهه مسيت موچاري، وڻ ٽڻ باغ بهار.
عالم خان پوءِ مديني منور ڏانهن هليو ويو. اُتي
40-45 ورهين جي ڄمار ۾ سن 38-1839ع ڌاري وفات ڪري
ويو.
”عرضي خان جمالي، مير نصير خان جو سپهه سالار هو.
مير نصير خان عرضي خان کي چيو هو، ته ’مير ٺاري کي
مارجو اصل نه، پر جيئرو گرفتار ڪري وٺي اچجو.‘
عرضي خان جمالي مرکان جي ڳوٺ جو رهندڙ هو.(1)
مير ٺاري ۽ عرضي جماليءَ جي لڙائي ول واريءَ
جاءِ تي لڳي. رات جو کنوڻن جا تجلا (شعلا) وڄ
وانگر ڳوٺ مرکان ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيا. آخر انهيءَ جنگ
۾ مير ٺاري هارايو ۽ عرضي خان کيس با ادب نموني
سان نظربند ڪري حيدرآباد وٺي ويو.
مير نصير پوءِ مير ٺاري کي باعزت آجو ڪيو، ڇو ته
مير ٺاري جي ڀيڻ مير نصير خان جي گهر ۾ هئي. سندس
اُن ڀيڻ پوءِ مير ٺاري جو وير عرضي جماليءَ کان هن
ريت ورتو، جو ننگرپارڪر جي ڪولهين تي عرضيءَ خان
کي چاڙهي موڪليو ويو، پارڪر جا ڪولهي ڏاڍا اڙٻنگ
هوندا هئا. پر عرضي خان جماليءَ ماري وڃي مات ڪيا.
سڀني کي قيد ڪيائين. انهن جي پٽيل جي شادي هئي، سو
به عرضيءَ جو قيدي ٿي پيو هو. ڪولهين منٿ ميڙ ڪندي
چيو ته، ”اسان جو مکي ويڏي پڙهڻ لاءِ ڇڏ. هو وري
موٽي ايندو.“ پر عرضي خان اِها هڪ چال سمجهي ۽
ڪولهين جي مکيءَ کي شاديءَ لاءِ آجو ڪونه ڪيو.
پوءِ ڪولهي ڪاوڙجي پيا ۽ هن کي ”وير مـُـٺ“ هڻي
ماري وڌائون. اهڙيءَ طرح مير ٺاري جي ڀيڻ مير نصير
خان کان وِگهه (وير) ورتو ۽ سندس خاص سپهه سالار
عرضي خان کيس مارائي ڏنو.
راوين جي روايتن ۾ ڪجهه چـُـڪون آهن. هر ڪنهن
راويءَ پنهنجي ماڳ ۽ مڪان واري سپهه سالار کي اُچو
۽ اعليٰ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
حقيقت هيءَ آهي، ته ول واري جنگ سن 1218هه /1803ع
۾ لڳي هئي. اِها جنگ ڪيٽين ۾ ۽ ونگي واهه جي ڀر تي
لڳي هئي. مير خان ۽ عرضي خان حيدرآباد وارن ميرن
جا سرويچ فوجي آفيسر هئا. هيءَ جنگ ”تاريخ تمدن“
جي ليکڪ جي چوڻ موجب پنج ڏينهن هلي. شهداداڻين جا
410 ۽ ماڻڪاڻين جا 300 ماڻهو انهيءَ جنگ ۾ مارجي
ويا. شهداداڻين جا چونڊ ماڻهو جهڙوڪ: ٻيڙو خان
کوکر، ڏاتو جمالي، نبي بخش خان ڀرڳڙي، مير خان
ڀرڳڙي ۽ ٻيا هن جنگ ۾ ڪم آيا. ماڻڪاڻي ميرن
شهداداڻي ميرن کي وڏو نقصان رسايو. پر مير ٺارو
جهلجي پيو.
اُن وقت حيدرآباد جي گاديءَ تي مير فتح علي خان
(سن 1782ع-1801ع) جو ڀاءُ مير غلام علي خان (سن
1802ع-1812ع) ويٺل هو. مير صوبدار، مير غلام علي
جو ڀائٽيو ۽ مير فتح علي خان جو فرزند هو. انهيءَ
ڪري مير صوبدار ول واريءَ جنگ ۾ سڌيءَ طرح هٿ وڌو
هو. مير نصير خان جيڪو گهڻو پوءِ سن1841ع ۾ گاديءَ
تي ويٺو ۽ سن 1843ع ۾ گاديءَ تان کيس انگريزن
لاٿو، سو ۽ مير صوبدار پاڻ ۾ ڪونه ٺهندا هئا.
انهيءَ ڪري، ول واريءَ جنگ ۾ مير فتح علي خان صرف
سرپرست ٿي رهيو ۽ جنگ کي دکائيندڙ مير صوبدار ۽
مير نصير خان هئا، جيڪي هونئن ته حڪومت ۾ شهزادن
جي حيثيت رکندڙ هئا ۽ مير ٺارو جڏهن مير غلام علي
خان وٽ نظربند ٿي آيو ته، مير غلام علي کيس ڪجهه
ڏينهن پاڻ وٽ عزت سان رهائي، وڏي شان ۽ مان سان
کيس پنهنجي جاگير ڏانهن وڃڻ ڏنو. اهڙي طرح هن جنگ
جو خاتمو ٿيو.
مٿي راوين جون جيڪي به روايتون آهن، انهن ۾ واڌ
تمام گهڻي آهي، پر ايترو پتو پوي ٿو. جڏهن ته مير
صوبدار ۽ مير نصير خان ڪو حڪم ڪندا هئا، پوءِ اُهو
غلط يا صحيح هوندو هو، مير غلام علي اُن کي آڏو نه
ايندو هو. ڇو ته، مير صوبدار، مير غلام علي خان جي
وڏي ڀاءُ جو فرزند هو. مير فتح علي خان انهيءَ
لاءِ سرپرست پنهنجو ڀاءُ غلام علي مقرر ڪيو هو.
مير صوبدار جي خاص عزيزن ۾ مير نصير خان به هو.
تنهن ڪري انهيءَ ول واريءَ جنگ ۾ نصير خان جو سپهه
سالار عرضي خان جمالي ۽ صوبدار مير جو سپهه سالار
مير خان ڀرڳڙي پيش پيش هئا. انهيءَ لڙائيءَ ۾
خانداني دشمنيءَ جو به ڪجهه حصو هو.
شفيع محمد جماليءَ واري روايت ۾ هي عيب آهي، جو هن
جي ليکي
مير نصير خان جي گهر واري مير ٺاري جي ڀيڻ هئي. پر
اِها راويءَ کان غلطي ٿي آهي جڏهن ته مير غلام علي
واليءَ سنڌ جي گهر ۾ مير ٺاري جي ڀيڻ هئي.
شفيع محمد ۽ نبي بخش ٻئي راوي ڪيٽين جي ڪوٽ وارن
ميرن جي مخالف ڌر مان آهن، ڇوته، سندن وڏا
حيدرآباد وارن ميرن سان وفاداري ۽ لاڳاپا رکندا
هئا. انهيءَ ڪري نبي بخش، مير ٺاري کي پنهنجي سپهه
سالار کان مارائي وڌو آهي. حقيقتاً مير خان کان
ڪيٽين جي جنگ ۾ مير ٺارو خان صرف ڦٽيو هو. ڪيٽين ۾
اٽڪل روءِ ٻه ڏينهن جنگ هلي هئي، جنهن ۾
سيد احمد شاهه خوب جنگ وڙهي هئي. مير ٺاري جو سيد
احمد شاهه خاص سپهه سالار هو. پر افسوس جو اسان کي
ماڻڪاڻي ميرن جي پاسي وارو ڪجهه راوي اڃا ڪونه
مليو آهي. ٿي سگهي ٿو ته، انهيءَ پاسي جي راوين وٽ
ڪجهه مختلف روايتون موجود هجن.
ول واري جنگ جي وچور هن ريت آهي:
1. ول واري جنگ ذوالحج جي مهيني ۾ 1218هه/ 1803ع ۾
لڳي.
2. اِها جنگ شهداداڻي ۽ ماڻڪاڻي ميرن جي وچ ۾ لڳي.
3. اِها جنگ مير غلام علي خان جي گاديءَ تي ويهڻ
کان، هڪ سال پوءِ لڳي.
4. مير غلام علي سن 1802ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. اُن
وقت ماڻڪاڻي ميرن جو وڏو بزرگ مير ٺارو هو.
5. مير ٺاري جي همشيره مير غلام علي جي گهر ۾ هئي.
6. مير ٺاري ۽ مير غلام علي خان جي وچ ۾ ول واريءَ
جنگ جي شروعات ڳوٺ مرکان (تعلقه بدين) ۾ ٿي، اها
جنگ ٽي ڏينهن هلي.
7. مير غلام عليءَ جي پاران مير صوبدار خان ۽ مير
نصير خان، مير ٺاري سان وڙهڻ آيا هئا.
8. مير صوبدار ۽ مير نصير خان جا هيٺيان خاص
ويڙهاڪ ماڻهون، هن جنگ ۾ بهرو ورتو:
i-
مير خان ڀرڳڙي
ii-
عرضي خان جمالي
iii-
ڏاتو جمالي
iv-
نبي بخش خان ڀرڳڙي
v-
ٻيڙو خان کوکر
9. مير ٺارو خود ميدان ۾ آيو، هن جو سپهه سالار
سيد احمد شاهه ساڻس ساٿي هو.
10. ”مرکان“ کان اُتر طرف ميل پنڌ تي ونگي واهه وٽ
هلندڙ انهي جنگ ۾ سوين ڪونڌر ڪسي ويا.
11. آخر سيد احمد شاهه جي صلاح تي، مير ٺارو ڪيٽين
جي ڪوٽ ۾ وڃي ويٺو ۽ حيدرآباد وارن ميرن اُتي به
حملا شروع ڪيا.
12. ٻن ڏينهن جي لڙائيءَ کان پوءِ مير ٺارو خود
مير خان ڀرڳڙيءَ کي سامهون ٿيو، ۽ ڦٽجي پيو، عرضي
خان به اُن کي ساٿ ڏنو. سپاهين جي هٿان مير خان
ڀرڳڙي مري پيو، جنهن کان پوءِ عرضي خان، ڦٽيل مير
ٺاري کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو.
13. شهداداڻي مير فتحياب ته ٿيا، پر پنهنجي فوجي
قوت ختم ڪرائي ڇڏيائون. مير خان ڀرڳڙي، ڏاتو خان
جمالي، ٻيڙو خان کوکر ۽ نبي بخش خان ڀرڳڙي ۽ ٻيا
سپهه سالار جيڪي شهداداڻي فوج جو نڪ هئا، اُهي هن
جنگ ۾ مارجي ويا.
14. هڪ ٻي روايت موجب هيءَ جنگ پنج ڏينهن هلي.
15. هن جنگ ۾ حيدرآباد وارن ميرن جا 410 ۽ ڪيٽين
وارن ميرن جا 300 ماڻهو جنگ جو کاڄ بڻيا.
16. مير غلام علي خان کي هن جنگ جي ڪري گهرو تلخي
سهڻي پيئي.
17. مير غلام علي خان، مير صوبدار خان ۽ مير نصير
خان کي ڪجهه به نه چيو ۽ پنهنجي عزيز مير ٺاري خان
کي عزت آبروءَ سان آزاد ڪيو.
18. عرضي خان جمالي، جنهن هن جنگ ۾ تمام گهڻو حصو
ورتو هو، اُن کي مير غلام علي خان، پنهنجيءَ گهر
واريءَ جي چوڻ تي پارڪر جي ڪولهين تي چاڙهي موڪليو
۽ هو سوڀارو ٿيو.(1)
19. هيءَ جنگ بنا ڪنهن مقصد جي شروع ٿي هئي ۽ بنا
ڪنهن مقصد جي ختم ٿي ويئي.
ڪتاب ”جنگناما“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مختلف
راوين وسيلي ”ول واري جنگ“ جو تفصيل هن ريت ڏنو
آهي:
ول واري جنگ بابت شاعري(1)
(مير ٺاري واري جنگ)
هيءَ جنگ ذوالحج مهيني سن 1218هه (1803ع) ۾ لڳي.
هڪ طرف ميرپور خاص جو حڪمران مير ٺارو خان ۽ سندس
سپاهه هو ته ٻئي طرف حيدرآباد طرفان مير محمد خان
۽ سندس سپاهه هو. هن جنگ لاءِ ڪو خاص سبب ڪونه هو.
ميرپور خاص جي طرف وارن مرين ۽ حيدرآباد جي طرف
وارن لغارين ٿوري جهيڙي کي وڌائي وڏو ڪيو. مير
ٺارو خان بروقت موجود ڪونه هو، ۽ پنهنجين ڪيٽين ۾
هو. جي هتي هجي ها ته ايڏو ممڻ نه مچي ها. کيس خبر
تڏهن ملي جڏهن طرفدار قبيلا جنگ لاءِ تيار ٿي ويا
هئا.
سهراب فقير چارڻ جو ان وقت جو وڏو داناءَ
سگهڙ هو، تنهن پنهنجن منظوم بندن ۾ هن جنگ جو سمان
چـِـٽيو آهي ۽ جنگ ۾ جيڪي بهادر وڙهيا ۽ ماريا، تن
جا نالا وٺي کين ڳايو آهي. سگهڙ سهراب جا اهي
منظوم بند "جنگنامي" جي نطم جو هڪ انوکو ۽ اعليٰ
مثال آهن.
قادر قدرت جو ڌڻي، راز رب جبار
خاوند خالق خلق جو، آ قدرتي ڪلتار
جنهن جوڙي راس جهان ڪيو، درس ڪري ديدار
خاصو خلقيائين خلق ۾ نـُـور نبي نروار
سو شفاعت ساڻين ڪندو، امت تي اظهار
ٻيو علي شاهه سخي چوان، دين سندو دهوار
-
ديمي درس ٿيا دود ستا، کليون کڙڳ وهاون خستا
ماريوَمٽ وهاوَن مـَـستا، راوت رُڪ ٻڌا تت
رستاڪـُـڙها ڪلـِـي پون ڪاهيـُـون
طاهر خان ڪيون به طفيلان، کوسي کڙڳ هڻي ڪيون کيلان
زنگ وڌي پيو زرهان زيلان، پڙ ۾ پتنگ پيون ڪن پيلان
ماري اُت وڃي مـُـنهن ڪايون
طاهر تيز وڙهيو تت تائوُ، غازي گڏ ڪري تت گهائو
وير وساڻ صـَـقيلـَـن سائو، بير بهادر جنگ
جـُـنبائـُـو
اَرڏو اڌ ڪري اُٿلايون.
واهه وڙهڻ جا جنهن ڪيا وارا، چهڪا چاهه وڌا تن
چارا
سندس سپاهي سي سوڀارا، ڪڙڪي ڪـُـونڌ ڪٽن ڪپارا
وهندو وڍ وجهن وهايون.
دانهه درس هڻن دو دستي، ڪوپو ڪپي ڪيهر ڪـَـستي
هـُـوڪ هنئي تنهن هاڙهي هستي، ماري مـَـٽ مناون
مستي
تائو تيز وڙهيو هو تايون.
گوهر گنهور چڙهيو غازي، سـَـٽ ڪـُـٽ سيف صقيلن
سازي
بير بندوقن سان ڪئي بازي، اَرڏو اُلٽ وڙهيو اغمازي
عارف اڙٻنگ پيو اٺايون.
جسوَت جلد وڙهيو تت جائي، کنا کڙڳ ويس تت کائي
سر شهيدن موت لکائي، وڙهي ورنهه وک وڌائي
رڻ ۾ رِڏ رهي ڪن رايـُـون.
جوان وڙهيو تت جهڙڪا لائي، اڳ ۾ اڙٻنگ ويو اُٺائي
پيو پتنگ جان پاڻ جلائي، بانڪو هشت بهشت سڏائي
ناميو نيڪي ويو نباهيـُـون.
غازي خان مري موچارو، وڃن ساڻ وڙهي ڪيائين وارو
سر صقيلن جو سٽڪارو، چهڪو چست ٿيو چوڌارو
ورنهه واهه وڙهيو وک وارو، غازي گـڏي تني کي گهايو
ڪونڌ مڙئي اُت چهه چهڪايـُـون
عارف عقل ساڻ اَلايون، مري مرد وڙهيو مرڪايون
غازي خان تنهن تي گهايون، سهڻو شير شهادت پايون
جعفر خان ڪليريءَ ڪاهيو، نمڪ جو جنهن ننگ ملهايو
پرتئون پير اڳيئون ٿي پايو، چـَـهڪو چـُـست هڻي
چهڪايو
ورنهه واهه وڙهي وڌ گهايون.
ڪيهر ڪونڌ اُتي ٿي ڪـُـٺا، ٻارا ٻهل وجهون تنهن
ٻٽا
نامئي نسنگ هٿئون لک لٽيا، چستئون چست اٿي ٿي ڇٽا
مڙي ڪليري پاڻ ملهايون.
ميهر شاهه مهايون مارو، ڏوڪن ڏار وجهيو تن ڏارو
ناميي نيڪيءَ ننگ نهاريو، اڳ ۾ اڙٻنگ ويو اٺايون.
کوکر خان وڙهيا تت خاصا، سورهيه شير کـَـٽن شاباس!
رڻ ۾ رت ڀريا تن پاسا، جن مقابل هنيو مـُـهايون.
بيڙو ٻول وڙهيو ٻولائي ، نهرو ناميو نسنگ نوائي
بهادر بان نشان بڇائي، ميل وڙهيا ات مچ مچائي
رڻ ۾ ريلا پاڻ رچايـُـون.
رتو راض وڙهيو رنگ لائي، ڪيهر ڪست منجهئون پيو
ڪاهي
فوجون ڦاڙ وجهي ڦهڪائي، ڇـَـتو ڇوهه هليو ڇمڪائي
مڳ وڙهيا سي پاڻ مرڪايـُـون.
فتح خان اُتي ڦهڪايون، ڪوپي ڪونڌ اتي ڪڙڪايون
مصريون مڳ هنيون ٻه - مـُـنهايون، لاشا لال وجهن
ليٽايون
ستا شير شهادت پايـُـون.
ونگ ونگارو وهنگ وهائي، شير شمشيرون ڪوپو ڪاهي
تنهن کي ٺپ ڪيا تنهن ٺاهي، کنا کوکر پيا کـِـنوائي
واهه وجهن سي جلد جلايـُـون.
ڪو پر کڙڳ جتان اُت ڪٽن، ٻارا ٻهل وجهون جت پٽن
ناميا نسنگ هنيو لک لٽن، چورنگ چست اتي ٿا چـُـٽن
دُهرا دست هڻن دٻايون.
ڪمال خان ڪليري ڪڙڪيو، سورهيه سيفن سان ٿي سرڪيو
اٽکيون اڌ ڪيون ٿي اڙڪيو، غلام الله ملوتت
مـَـرڪيو
جهور جهڪور ڪنگور ڪڙڪيو، تائو تيز وڙهيو تت تايون.
جهان خان جوان لغاري، جلمل جن کنيا جونجهاري
چهڪا چؤڪس ڪري چوڌاري، ڪپي هول ڪنگول هزاري
ڪـُـوپو ڪـُـرهه ڪلـِـي ۾ ڪاهيون.
خيري خان ڪيا تت سٽڪا، لغاري لايا چؤڪس چٽڪا
ڦهه تي ڦهه وڌا تنهن ڦٽڪا، لوهـُـو لعل ڪيا تت
لٽڪا
شير شهيد ڪيو سر سهيون.
وهه وهه واهه وڙهي ڪن وارا، کـَـٽن سـَـٽن ڪونڌ
قرارا
ماريو وڄن موت نقارا، ڪونڌ ڪـُـٺا تت قرب قرار
جودئون جود وڙهيا جنگ لايون.
واهه ولي محمد جت وڙهيو، جنگ ۾ جوان غازي تت گهڙيو
ڦهه ڦهه ڦيهه وجهي وڏ - ڦڙيو، مـَـٽومـَـٽ مـَـٽن
کي مڙيو
بيحد باز بندوقين لڙيو، ناميي لحظي ڪيون لڙايون.
لائي لغاري ڪيا وهه وارا، غلام الله وڌا گلزارا
وڌا شير تتي سٽڪارا، دوڳ ڪپي ڪيا تنهن ڌڌڪارا
غازي گهوٽ وڃي تت گهايـُـون.
شير وڙهيو سهراب سوائي، جنهين جوهر خوب کنوائي
راوت رِڏ ٿيا رڻ وائي، واهه بـُـوهڙن خوب
بـَـڇايون.
عالم شاهه سيد سوڀارو، وڃڻ ساڻ ڪيو جنهن وارو
سورهيه صقيلن سان ڪيو وارو، محب مري ٿيو مڳ متارو
جنهن جواني جس جـُـڳايـُـون.
وڌو ڪرم علي رند ور وڌائي، ڪيهر ڪست منجهئون پيو
ڪاهي
مهرا مـَـٽ ڪيون کڳ کائي، ستو شير شهادت پائي
پيو پتنگ جان پاڻ جلايـُـون.
غلام علي مرزو رند حيدر، هڻي هٿيار سچا ٿيا سـَـٻر
ڪـُـهن ڪونڌ اتي ٿا ڪيهر، ونگا وير وجهن ٿا ويهر
چهڪا چهڪ وجهن چهڪارو، گل محمد، محمد خان مارو
تائن تيز هنيو تڪرارو، وَڌئون وَڌو کائن وارو
ڪڙڪيو ڪونڌ ڪٽن ڪاپارو، دانهن درس هـَـڻن دل
لايون.
خيرو خان جمالي جنگي، ناهر نسنگ وڙهيو تت ننگي
راوت رت منجهئون ٿيو رنگي، ترت ترارن جي ڪئي تنگي
ڦٽڪا ڦاڙ وجهن ڦهڪايون.
اميد علي اتي اچي اٽڪيو، قابل ڪونڌ ڪپر جان ڪڙڪيو
سورهيه سيفن سان جئن سرڪيو، هيبت ملهه وڙهي ٿي
مرڪيو
مصريون مرد هڻن مـُـونهايـُـون.
حيات خان هئو حـَـميلان، کوسي کڙڳ هڻي ڪيون ڪيلان
بهادر پٽ اتي ڪيون ٻيلان، محمد خان ٻڌا تت ميلان
ناميا نسنگ وجهن نر نايـُـون.
جنگ جمالي جودئون جوڙن، مصريون ماڳ مـُـنهايون
موڙن
ٽيڪان مار تتان اُت ٽوڙن، کنان خان اتان اُت کوڙن
واهه جمالي ڪن جلدايـُـون.
شير خان اَٽڪيو شير بهارو، فتح خان وڌو ڦهڪارو
چاڪر دودي وڌو چهڪارو، سونو عرضي جيئو جهونجهارو
چاڳ وڙهيو تت چهڪا لايـُـون.
پيا کٽياڻ اتي جنگ جوڙي، کنان خانن وڌا کوڙي
موسو مـُـنهين مور نه موڙي، واهه اسماعيل وڌو
ولوڙي
قابل ڪونڌ وجهن ڪيرايون.
جوان خضر پيو جنگ ۾ جائي، جيري جوان وڙهي جنگ لائي
قوس کٽياڻ خوب کـِـنوائي، جن سـُـتوڻا ڪيون
سرسايـُـون.
کـُـهاوڙ کيل ڪيون ات ڪيلان، زنگ چنان ۽ زرهان
زيلان
پڙ ۾ پتنگ پئي ڪيون پيلان، تائو ترت ڪيون به
تفيلان
لائق لڌيون رڻ ۾ لانئون.
بهادر پيل ڪئي تنهن پيلي، هنيون تراريون مڳ جان
ميلي
رڻ ۾ تڙڦي پيو طفيلي، وڌو بندقن رڻ ۾ ريلي
جوان وڙهيا هوند جند جلايون.
عزت خان آيو ات اُسري، دانهه دُرس وهائي دُسري
ناميي نسنگ هنئي ات نسري، ماري موک هنئي ات مصري
مري موت پنهنجو مرڪايـَـون.
آدم خان ڪوپو پيو ڪاهي، اڙن ۾ اڙٻنگ اُٺائي
مري محراب وڙهيو مرڪائي، ستو شير شهادت پائي
سانچن ثابت هنيون سرواهيون.
مري مڳ هئا مردانا، خاني خان وڙهيا وچ خانا
جن لائق سرناما، مريد پٽ پيا پروانا
ڏوکي ڏار وجهن تت ڏايـُـون.
ڪاهه فقيرو پيو واهه واري، سنگت منجهه هيو سو باري
مصريون مڳ هنيون تنهن ماري، دانهه درس هيو دلداري
بانڪو ڀڙ وڙهيو ڀڙڪايـُـون.
ڪوپو ڪاهه وڙهيو تت ڪاهي، اڙن ۾ اڻ موٽ اُٺائي
قابل ڪونڌ هنيو ڪڙڪائي، جنهن ستوڻا ڪيون سرسايون.
ڀٽي آهه ڏتو ڀڙ بانڪو، دولهه دست وڌو تنهن ڌاڪو
سٽ ڦٽ شير وڌو واهه واڪو، جهڳ مڳ جوڙ جهڳوڙ جهڙاڪو
وهندو وجهي هن به وهايـُـون.
گل محمد مگسي مارو، ڏاتو ڏار وجهي تت ڏارو
ناميي نمڪ جو ننگ پاريو، پتنگ وڙهيا پهچي پٽ
پايـُـون.
جعفر خان ڪلوئي آيو، باگي ڀائن کي ڀڙڪايو
سنگت فقيري ساڻ سوايو، سورهيه سرند ڪيون سرسايون.
سوين سپاهه وڙهي ڪن وارا، چهڪا چاهه وڌا تن چارا
شير وڙهيا سي سخن سچارا، رڻ رهيا سي رت وهايون.
ٻيا جي پوءِ آيا لڳي لاڻي، سڀڪو پنهنجو قدر سڃاڻي
پير پنهنجا ٿو هرڪوئي ڄاڻي، ڪهڙي ڳالهه ڪيان
واکاڻي
لڪامورن منهن لڪايـُـون.
ٺاري ٺاهه وڌا تنهن ٺهڪا، ڦٽي ڦٽ وڌا تنهن ڦهڪا
چورنگ چست وڌا تنهن چهڪا، آگي اڌ ڪين اُٿلايون.
ڦهه ڦهه ڦاهه جٿان ات ڦهڪن، لاون لحظي دي وچ لهڪن
چقمق چست چوڌاري چهڪن، دلمل دست دٻايون دهڪن
ڪڙهه ڪلي ۾ پون ڪاهيـُـون.
چهڪا ڦڪا ٿيا چوڌاري، ڪڙڪيون ڪانُ لڳن تت ڪاري
ڪونڌ ڪرن ات هفت هزاري، ڇـُـٽڪيا بانَ اتي ڀڙڪاري
دُهرا دست هڻن دٻايـُـون.
ڪهڳل ڪوچ ٿيو ڪيڏارو، دارون ڌنڌ ڪيو ڌنڌڪارو
رڻ ۾ رڏ وڙهي ڪن وارو، سورهيه سيفن سان سٽڪارو
چهڪا چهڪ وجهن چهڪايـُـون.
چئو سهراب تني جو وارو، پڙ ۾ پتنگ ڪرن پوڪارو
ڇٽڪيا موت نغارا مارو، سورهيه ساک هڻي ڪن سارو
زنگ هڻن تت زور وهايون.
زابر زهوان چاون زيلان، کـَـني کوڙ اتان ڪن
ڪـِـيلان
هاڙهـِـي مارن تت حميلان، رهه رهه ريج ٿيا تت
ريلان
خانا خان وجهن تت کايـُـون.
ڪوپر ڪـَـرنگهه جٿان رت ڪٽن، ٻارا ٻهل جٿان ات ٻٽن
ناميا نسنگ هنيو لک لٽن، لٽ پٽ لال لهو ۾ ليٽن
ڪڙهه ڪلي ۾ پون ڪاهيـُـون.
جهان جهان جهور جهڪور حـُـّنباوَن، ڪهه ڪهه ڪونڌ
ڪپيو ڪيرائن
وهه وهه وير اٿان ورکاون، ڪوپر ڪرپ ڪلنگ ڪيرايون.
دهه دهه دس هڻن سي دهرا، مـَـهه مـَـهه ملهه ٿيا
تت مهرا
لايون لال ليکن لهرا، غازي گل ٻڌن تت گهرا
بيحد بانَ نشان بڇايون.
ڀڙڪيو باز ڏيون ڀلڪاري، ڪٽن سٽن ڪونڌ قراري
سر شهيدن موت پڪاري، مرڪي موڙ ٻڌن مڻياري
جوان وڙهن جت جنگ جـُـنبايـُـون.
(ج) سـُـرهي، مير ٺارو خان ۽ نبي بخش لغاري:
ڪيٽين جي ڪوٽ ۾ مير ٺارو خان رهندو هو، پر پوءِ
وڃي ميرپورخاص ۾ رهيو.(1)
مير ٺارو، پٺيان نبي بخش خان لغاريءَ کي ڪيٽين جي
نظرداري سونپي ويو هو. هونئن نبي بخش خان لغاريءَ
جو ڳوٺ مٺيءَ ۾ هو. سندس پيءُ بالاچ خان ميرن جي
خاص ماڻهن مان هو. ماڻڪاڻي مير مٿس ڪـُـل اعتماد
رکندا هئا. بالاچ خان کان پوءِ سندس پٽ نبي بخش
خان لغاريءَ ۾ پڻ ماڻڪاڻي ميرن جو اهڙو ئي اعتقاد
هو. هـُـو ڪيٽين جي ڪوٽن جي نظرداري ڪندو هو. ميرن
جي هر ڪنهن شيءِ کي حفاظت سان رکندو هو. پاڻ جيئن
ته بالاچ لغاريءَ جو پٽ هو، جيڪو پير پاڳاري جو
خاص خليفو هو، تنهن ڪري نبي بخش کي به ماڻهو خليفو
ڪري سڏيندا هئا. پاڻ به شريف النفس ۽ بي حد
ايماندار ۽ حيادار شخص هو.
ميرن جا ديرا ميرپورخاص هليا ويا هئا. ڪيٽين جي
ڪوٽ ۾ پٺيان نوڪر چاڪر نظر پيا رکندا هئا ۽ ڪوٽ
پيا سنڀاليندا هئا. انهيءَ ڪوٽ ۾ مير ٺاري جو
سـُـرهي نالي هڪ عورت سان نينهن جو ناتو هو، سا
ڪوٽ ۾ رهندي هئي ۽ نوڪر چاڪر انهيءَ جي خدمت پيا
ڪندا هئا. انهن نوڪرن جي مٿان خليفو نبي بخش لغاري
نظرداري پيو ڪندو هو.
هڪ ڏينهن سـُـرهيءَ تي نبي بخش لغاريءَ جي وڃي نظر
پيئي، جيڪا هتي مير جي محبت جو مرڪز هئي. اها عورت
تمام حسين سهڻي هئي. لغاري هونئن ته تمام شريف
النفس هو، پر سـُـرهيءَ جو هن ڏانهن ڀرپور نظر سان
ڏٺو ۽ بنا حجاب جي ڳالهايو، ته هـُـن جي به دل وٽس
نه رهي، ان ريت هو به عورت کي ويجهو اچڻ لڳو.
خليفو سـُـرهيءَ جي عشق ۾ اهڙو جڪڙيو، جو کيس
پنهنجي محسن جو نمڪ پاڻي به آڏو نه آيو. سـُـرهي ۽
خليفو نبي بخش انهيءَ ڪيٽيءَ جي ڪوٽ کي ڪارو ڪندا
رهيا.
مير ٺارو خان پنهنجي ڪوٽ ۾ سـُـرهيءَ سان سال ۾ هڪ
ٻه ڀيرا ملڻ ايندو هو. اڳوڻي (هن ڀيري) جيئن مير
ٺارو پنهنجي ڪوٽ ۾ آيو ته، سـُـرهيءَ جي محبت ۾
ڪجهه شڪ پيس. نوڪرياڻين کان آڏي پڇا ڪيائين ته،
راز کـُـلي پيو. سـُـرهيءَ کي به خبر پيئي، تنهن
يڪدم خليفي کي ڄاڻ ڪئي ته، ”مير صاحب اچي ويو آهي
۽ تنهنجي منهنجي عشق جي خبر پئجي ويئي اٿس، توکي
جي گهرائي ته پنهنجي بچاءَ سان اچج.“ نبي بخش کي
قاصد نياپو پهچايو ته ٿوريءَ دير کان پوءِ مير
ٺاري خان جو به ماڻهو اچي پهتو ۽ مير طرفان ميار
رکي چوڻ لڳو ته، ”اسان ڪوٽ ۾ پهچي ويا آهيون ۽
اسان جو خدمتگار خليفو صاحب گهر آرام فرمائي رهيو
آهي، موصوف اسان جي پٺيان ڪيئن ڪاروبار هلائيندو
آهي؟ سو اسان کي اچي ٻڌائي.“ خليفي قاصد کي چيو
ته، ”آءٌ طبعيت ۾ ڪجهه ٺيڪ نه آهيان، شام جو انشاء
الله اچي پهچندس.“ قاصد واپس هليو ويو.
مير ٺارو خان انهيءَ سوچ ۾ هو ته ڏٺي مان به ڪجهه
ڏسجي. تڪڙو قدم نه کڻڻ گهرجي. انهيءَ سبب مير ٺاري
خان نه سـُـرهيءَ کي ڪڙو منهن ڏنو ۽ نه ڪا ڪاوڙ
ڏيکاري، پر اندر ۾ آنڌ مانڌ متي پيئي هـُـيس ته،
”خليفي خيانت ڪيئن ڪئي؟“ سـُـرهي به پنهنجي سر جو
آسرو لاهي چـُـڪي هئي. پر ٻاهريون ٻنو رکيو پئي
مـُـرڪي. هوڏانهن خليفي به پنهنجا تمام گهڻا لغاري
گڏ ڪيا. پنهنجو سڄو لشڪر وٺي پاڻ اچي مير جو سلامي
ٿيو ۽ پنهنجي لغاري ڀائرن کي ٻڌايائين، ته جي مير
ٺارو خان مون کي ماري يا حملو ڪري، ته مير صاحب کي
ڪجهه نه ڪجو، باقي ٻيو ڪو سپاهي اچي ته، اُن کي
منهن ڏجو.
مير ٺارو خان اُن وقت ڪيٽين جي ڪوٽ جي ”انصاف ڪرڻ
واري“ بنگلي ۾ ويٺو هو. نبي بخش آيو ۽ مير ٺاري
خان کي پري کان سلام ڪري، هڪ گوڏو پٽ تي کوڙي ٻيو
گوڏو مٿي جهلي، تلوار جي ٽيڪ تي بيهي رهيو. هـُـن
مير ٺاري خان کي ڏٺو، جيڪو تمام سنجيدو ٿيو ويٺو
هو، پر لغاريءَ جي هيءَ هلت ڏسي ڪجهه اندر ۾ ارمان
ٿيس ۽ کيس چيائين، ته ”نبو! ڇا تنهنجي مت کـِـسجي
ويئي هـُـئي ڪَ؟“ نبي بخش سمجهي ويو، ته مير ٺارو
خان ڇا ٿو فرمائي، جواب ڏنائين ته، ”آقا! جڏهن
عشق ايندو آهي، تڏهن مت هلي ويندي آهي.“ مير ٺاري
خان کي هـُـن جو اِهو جواب ڏاڍو وڻيو. مير ٺارو
خان اڳي ئي سوچي ويچاري هن ڳالهه تي پهتو هو، ته:
نبي بخش کي معاف ڪجي ۽ اِها رول رن سـُـرهي کيس
بخش ڪجي، پر سندس خيال هاڻ وڌيڪ مخلصانه ٿيو ۽ پاڻ
خليفي کي چيائين ته، ”تنهنجو جي انهيءَ سان عشق
آهي، ته اِها آئي توکي.“ انهيءَ کان پوءِ مير ٺارو
خان انهيءَ مهل روانو ٿي ويو. ٻيڙيون پراڻ مان
منزل طرف هلڻ لڳيون. مير ٺارو خان ٻيڙين ۾ ويهي دل
کي وندرائي رهيو هو، ۽ مير ٺاري خان جي حڪم تي
ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڳائڻيون راڳ ڳائڻ لڳيون. اِهو شاهي
ٻيڙين جو ميڙ اُتر طرف وڌندو ويو.
ايتري ۾ مير ٺاري خان جي ڪنهن نوڪر چيو ته، ”آقا!
لغاري نبي بخش هڪ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو آهي ۽ ملاح ٻيڙيءَ
کي تکو ڪاهيندا پيا اچن.“ مير ٺاري خان پنهنجي
ٻيڙين کي بيهڻ جو حڪم ڏنو. سج لهڻ تي هو ته مير
ٺاري خان جي اڳيان خليفي نبي بخش جي ٻيڙي به اچي
بيٺي. خليفو گنديءَ ۾ وٽيل ڪا شيءِ ڪڍڻ لڳو ۽ پوءِ
سڀني ڏٺو ته، نبي بخش سـُـرهيءَ جي وڍيل سسي جي
وارن ۾ هٿ جهليو مير ٺاري خان جي اڳيان بيٺو هو ۽
چئي رهيو هو ته، ”آقا! جنهن سـُـرهيءَ تو ۽ مون
کي ارهو ڪيو هو، اُها توهان جي اڳيان حاضر آهي.“
مير ٺاري خان سـُـرهيءَ جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سسي ڏسي
نبي بخش کي چيو ته، ”منهنجو ڀاءُ آهين. هن رن پاڻ
۾ ويڇو ٿي وڌو، سو تو عقل سان دور ڪري ڇڏيو.“ پوءِ
نبي بخش جي عرض تي، مير ٺارو خان وري موٽي واپس
ڪيٽين ۾ اچي رات رهيو.
اوسي پاسي جي ڳالهين کان پوءِ سـُـرهيءَ جي ڪفن
دفن جي ڳالهه نڪتي. پر نبي بخش چيو ته، ڪميڻي رن
جا ڪهڙا دفن ۽ ڪفن جا سعيا ڪبا. مون کيس ”راڄ ڊوهي
کوهه“ ۾ اُڇلرائي ڇڏيو آهي. ڌڙ ته اڳي ئي اُن کوهه
۾ اُڇلارايو ويو هو ۽ سسي به اُتي پهچائي ويئي
آهي. اهڙي طرح وري به مير ٺارو خان ۽ نبي بخش
لغاري کيرکنڊ ٿي ويا. مير ٺارو خان ڪجهه عرصو
ڪيٽين ۾ رهي پوءِ واپس وريو.
”مائي سـُـرهي ميرن جي ديرن ۾ ايندي ويندي هئي ۽
مير گهڻو مانِ ڏيندا هئس.“ هڪ روايت موجب ”مائي
سـُـرهي ميرن جي ديرن جي دائي هئي.“ بهر صورت
جيترا وات اوتريون ڳالهيون. ڪوڙ سچ راوين جي ڪنڌ
تي. اسان کي سـُـرهي امير بخش ۽ محمد خان جي
روايتن موجب مٿي ذڪر ڪيل قصي جو مکيه ڪردار ٿي ملي
آهي. اِها ڳالهه ڪيٽين جي تخت گاهه سان وابستا
آهي، تڏهن مشهور ٿي راوين جي وات پيئي آهي، نه ته
معمولي ڳالهيون ڪٿان ٿيون ياد رهن!(1)
سـُـرهي ۽ مير ٺاري خان واري ڳالهه جا خاص نڪتا:
1. سيد احمد شاهه جي وفات کان پوءِ نبي بخش خان
لغاري ڪيٽين جي ڪوٽ جو نگهدار ۽ محافظ ٿي رهيو.
اُن وقت نبي بخش لغاري نوجوان هو.
2. نبي بخش لغاريءَ جو والد بالاچ به ميرن جو خاص
ماڻهو هو. ماڻڪاڻي مير هن کي به وڏي عزت ڏيندا
هئا. هي ٻئي پيءُ پٽ پير پاڳاري جا مريد ۽ خليفا
هئا.
3. ول واريءَ جنگ کان پوءِ، مير ٺاري خان هتي رهڻ
پسند نه ڪيو ۽ آخر سن 1806ع ۾ ميرپورخاص جو بنياد
پيو.
4. مير گهڻو ڪري ڪيٽين ۾ پنهنجا شڪارگاهه رکندا
هئا، جتي اچيو سال ۾ هڪ ٻه دفعو شڪار ڪندا هئا.
ماڻڪاڻي ميرن جي ڪيٽي، جا پهريون تخت گاهه به هئي،
سو پوءِ سندن شڪارگاهه ۽ هڪ تفريح جي جاءِ ٿي رهي.
5. ميرن مان ڪنهن جي ڪنهن سان محبت ٿي ويندي هئي
ته، انهيءَ کي پنهنجي نڪاح ٻڌيءَ زال جهڙا حق ته
نه ڏيندا هئا، پر هن کي سڀ زماني جا سهنج ڪريو
ڏيندا هئا. اهڙين سـُـريتن وٽ سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا
ويندا هئا.
6. جيڪي سريتون هونديون هيون، انهن جي هٿ ۾ نوڪر ۽
غلام هوندا هئا. اُهي هنن جي هر وقت خدمت چاڪري،
سچيءَ سائن وانگر ڪندا هئا.
7. مير سچ ڳالهائڻ تي وڏا وڏا ڏوهه بخش ڪري ڇڏيندا
هئا. جيئن
مير ٺاري خان، نبي بخش کي مذڪوره ڏوهه بخشي ڇڏيو.
8. مير سخا جا مالڪ هئا، جي روح خوش ٿين، يا ڪنهن
جي ڪا ڳالهه وڻي وين، ته انهن کي لک لـُـٽيو ڏيندا
هئا. جڏهن سخاوت ڪندا هئا، تڏهن ايڏا درياء دل
ٿيندا هئا، جو پنهنجي توهين کي به درگذر ڪري ويندا
هئا.
9. مير وڏيءَ نظر وارا هوندا هئا، هر ڪنهن ڳالهه
کي تڪي توري، اڳ پوءِ جاچي پوءِ هٿ ۾ کڻندا هئا.
جيترو ٿي سگهندو هو، اوترو ٻين جو ڀلو ڪندا هئا ۽
کين ڇيهو پوندو هو، ته اُهو خوشيءَ سان برداشت ڪري
ويندا هئا، انهيءَ نقصان جي جذبات کي وات تي نه
آڻيندا هئا ۽ نڪو ڀلجي ڪڏهن هلڪا ٿيو اهڙي ڳالهه
ڪندا هئا.
10. مير ڪنهن دشمن تي به پنهنجي فياضاڻي طبعيت
موجب ٿورو ڪندا هئا ۽ اُهو دشمن موٽ ۾ وري کين
راضي ڪندو هو، ته اُن کي بنهه پنهنجي ڀاءُ جهڙو
ڪري سمجهندا هئا. انهيءَ تي انعامن جو مينهن
وسائيندا هئا.
11. مير جنهن کي نوازيندا هئا، اُهو جيڪڏهن نمڪ
چور ٿيندو هو، ته به وڏي نظر ڪري، اُهو سـُـور پي
ويندا هئا ۽ انهيءَ کان پنهنجيون ڏنل نوازشون واپس
نه وٺندا هئا. جيئن نالائق اولاد تي مشفق والد
مهرباني ڪندو آهي، مير پنهنجي رعيت سان اهڙي هلت
هلندا هئا.
12. مير گهڻو ڪري ڏوهين کي ڪاٺ ۾ وجهندا هئا ۽
ڏوهيءَ جو ڏاڙهي مٿو ڪوڙيندا هئا. پر ڪو مـُـلڪ
سان غداري ڪندو هو، يا ميرن کي راڄو ليکي(1)
بنجيو وڙهائيندو هو، ته اُن کي ”راڄ ڊوهي“ جو
لقب ملندو هو. راڄ ڊوهيءَ لاءِ مير سنها کوهه
کڻائيندا هئا، اهي کوهه مٿان 3-4 فوٽ ويڪرا هوندا
هئا ۽ هيٺ آهستي 2-3 فوٽ وڃيو ٿيندا هئا. راڄ
ڊوهي فردن کي ماري يا جيئرو اُن کوهه ۾ وڌو ويندو
هو. جي ڏوهي جيئرو هوندو هو، ته اُن اونهي کوهه جي
تر ۾ چرڻ ڦرڻ کان سواءِ سوڙهه ۽ گـُـهٽ ۾ دانهون
ڪري ڪري مري ويندو هو. اهڙو کوهه ڪيٽين جي ڪوٽ کان
100 گز اُڀرندي تي اڄ به ڏسي سگهجي ٿو. سـُـرهي جو
لاش اُن کوهه ۾ اُڇليو ويو هو. ڇو ته هن جي وجود
جي ڪري حاڪم ۽ امير پاڻ ۾ وڙهيا هئا.
13. راڄ ڊوهي سزا کائيندو هو، مير ۽ سندس مخالف ڌر
ٺهي ويندا هئا. ميرن جي حڪومت ۾ ”راڄو ليکي“ /
”راڄ ڊوهي“ ٿيڻ سڀ کان وڏو ڏوهه هو. مير چاهيندا
هئا ته ڪوبه فرد، ڪنهن به انسان سان وفاداريون
وابستا ڪري، ته آخر تائين اُن سان وفاداريون قائم
رکي. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو وفادار رهي نه سگهي، ته
جنهن سان اُهو فرد وفادار آهي، اُتي وڃي رهي ۽
منافق ٿي، ساڳيءَ جڳهه تي نه رهي.
14. مير سچ کي وڏي اهميت ڏيندا هئا. سچي جا مارا
ڪونه ٿيندا هئا ۽ انهيءَ جو قدر ڪندا هئا. پوءِ
کڻي سچ ڳالهائيندڙ ڪو وڏو سماجي ڏوهه ڪندو هو، ته
به کيس بخشيو ويندو هو.
--------
|