سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان

باب؛ -

صفحو ؛ 2

 

ساڳي راءِ ڊاڪٽر زيگ ويسٽ فال ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر هائينز فال ويسٽ جي آهي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته جت قبيلا، بلوچستان کان سنڌ ۾ لڏي ڪونه ويا هئا، پر ان جي برعڪس هي قبيلا، سنڌ مان بلوچستان، پنجاب، ايران ۽ عراق طرف لڏي ويا هئا.

هنن ٻنهي جرمن ماهرن جي راءِ موجب: ”عراق ڏانهن لڏي ويل جـَـت، اڃا تائين عراق جي ڏاکڻين حـصي ۾ آباد آهن ۽ پنهنجي مختلف رهڻي ڪهڻيءَ جي ڪري، عراق جي ٻين قومن کان مختلف آهن ۽ عراقي هنن کي ’مـَـدانَ‘ سڏيندا آهن(3) .“

”عراق جا مـَدانَ (جت) سـَـرَن ۽ ڊَڀن وارين ڊٻن تي، ڪکن مان ٺهيل وانڍن ۽ ويڙهن ۾ رهندا آهن. هو ڊڀن ۽ سـَـرن جهڙن گاهن ۽ ڪانن مان تڏا، تؤنريون ۽ ٻيون شيون ٺاهي وڪڻندا آهن. هنن جو مکيه ڌنڌو مينهون پالڻ آهي. پاڻيءَ جي گهٽجي وڃڻ ۽ سڪي وڃڻ سبب، هي ماڻهو پنهنجا ڌڻ ڪاهي، گاهه ۽ پاڻيءَ جي سانگي گهمندا وتندا آهن. هو مينهن جي کير ۽ مکڻ تي گذر ڪندا آهن. مکڻ ڀروارن شهرن ۾ وڪڻندا آهن. ’عرب‘ ۽ ’مدان‘ هڪ ٻئي مان شاديون ڪونه ڪن، بلڪ سڀ عرب قبيلا مدانن کي پاڻ کان گهٽ درجي وارو سمجهندا آهن(1) .“

بلوچستان ۾ لڏي ويل جتن کي، سندن زبان جي ڪري ’جدگال‘ (جو يعني جت+ گال يعني ٻولي) سڏيو ويو.(2)

زيگ ويسٽ فال جي پنهنجي تحقيق ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”جدگال، راءِ گهراڻي جي حڪومت واري زماني (492ع کان 642ع) ۾ سنڌ مان لڏي، بلوچستان جي ڪڇي ۽ لس ٻيلي وارن علائقن ۾ پکڙجي ويا ۽ اتي ئي ويهي رهيا. هت هن قوم (جدگال) جا گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پاڙا رهن ٿا(3) .“

سنڌ جو مشهور مؤرخ، جناب رحيمداد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو: ”راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ ديوائج (ديوراج) جي حڪومت واري زماني ۾، جدگال سنڌ جي فوج ۾ هوندا هئا. پنجين صدي عيسويءَ ڌاري ’سفيد هـُـن‘ (White Huns) بلوچستان ۾ آيا، انهيءَ زماني ۾ جت قبيلا پڻ گهڻي تعداد ۾ بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا ۽ عربن جي ڪاهن وقت يعني ستين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ ميد ۽ جت قومون گهڻي تعداد ۾ آباد هيون. ميد ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي آباد هئا ۽ جـَـت (جد گال)، ڪڇي، لس ٻيلي ۽ مڪران ۾ آباد هوندا هئا(4) .“

جناب مير احمد يار جي راءِ موجب: جدگال، بلوچستان واري علائقي ۾، بلوچ قبيلن کان اڳ آباد ٿيا هئا. هو لکي ٿو: ”اها مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا، بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن، پر مڪران ۽ بلوچستان ۾ بلوچ قبيلن چوٿين صدي عيسويءَ کان اچڻ شروع ڪيو. بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن علائقي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جدگال گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا.“(5)

بلوچستان جي ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”جنهن زماني ۾ ابن حوقل مڪران پهتو هو، تنهن زماني ۾ يعني ڏهين صدي عيسوي ۾، مڪران تي جدگالن جو قبضو هو، جيڪي قديم زماني کان هت رهندا هئا ۽ اُن زماني ۾ ڪرمان کان هيٺ سارو ملڪ، سنڌ جي سرحد ۾ داخل هو ۽ اُتي جا رهاڪو سنڌي سڏبا هئا ۽ لشڪر ۾ به سنڌي جوانن جي اڪثريت هوندي هئي، اُنهن مان ڪي اڃا تائين بلوچستان، دشت ۽ ڪرمان واري ايراضيءَ ۾ رهن ٿا ۽ پاڻ کي جدگال سڏائين ٿا. انهن جي ٻولي به سنڌي آهي جنهن کي هو جدگالي سڏيندا آهن“.(1)

”مجمل التواريخ ۾ هڪ دلچسپ وارتا بيان ڪيل آهي. اُن ۾ ڄاڻايل آهي ته: سنڌ جي جتن ۽ ميدن گڏجي راجا ’ڌريو ڌن‘ جي دربار ۾ پنهنجا نمائنده موڪليا ۽ عرض ڪيائون ته ’راجا ڌريو ڌن‘ انهن (جتن ۽ ميدن) جي مٿان ڪنهن کي حاڪم مقرر ڪري، ’جت‘ ۽ ’ميد‘ سنڌونديءَ جي ’بهار‘ ڇاڙ وٽ رهندا هئا، ’ميدن‘ جي جتن تي چڙهت هئي. ’ميدن‘، ’جتن‘ تي ڏاڍا ظلم ڪيا، جنهن ڪري ’جتن‘ جا ڪافي قبيلا سنڌ مان لڏي، پنجاب ۾ ’پنج ند‘ جي ٻيءَ ڀر وڃي ويٺا، پر ڪڏهن ڪڏهن ٻيڙين جي وسيلي، ’ميدن‘ تي حملو ڪندا هئا، جن وٽ رڍن جا وڏا ڌڻ هوندا هئا. ’جتن‘ جي انهن لڳاتار حملن، ’ميدن‘ کي ڪمزور بنائي ڇڏيو. ’جتن‘ جي حملن جي ڪري بيشمار ميد مارجي ويا ۽ آخرڪار ’جتن‘، ’ميدن‘ جي ملڪ ۾ ڦرلٽ مچائي، ۽ ’ميدن‘ کي مطيع بنائي ڇڏيو. ڪشميري برهمڻ انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ آيا.(2)

ساڳي ڳالهه سنڌ جي تاريخ دان گنگارام سمراٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌو سو ؤير“ ۾ لکي ٿو ته جڏهن ميد ۽ جت صدين کان جنگيون ڪندي ٿڪجي پيا، تڏهن هنن ٻنهي ڌرين جا ڏاها ماڻهو گڏجي ڪري راجا جي درٻار ۾ ويا ۽ هڪ حاڪم جي گهر ڪيائون، جيڪو مٿن انصاف سان حڪمراني ڪري، جنهن تي راجا ”ڌريوڌن“ هنن جي مٿان پنهنجي ڏاهي ڀيڻ راڻي دهسرا/ دهشلا کي حڪمران بڻايو.(3)

جڏهن ته ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي پنهنجي مقالي ۾ لاڙ جي ملاحن بابت لغوي ۽ تاريخي حوالن سان لکي ٿو ته:

عربي ٻوليءَ ۾ جهاز هلائڻ وارن لاءِ سڀني کان عام لفظ ’ملاحـة‘ جو آهي. جيئن ته سمنڊ جو پاڻي کارو ۽ نمڪين ٿيندو آهي ۽ عربيءَ ۾ نمڪين کي ملحُ چوندا آهن. تنهنڪري سمنڊ ۾ وڃڻ واري کي ملاح چوڻ لڳا ۽ لوڻ ٺاهڻ وارن کي به شروعات ۾ ملاح چوندا هئا. انهيءَ مان فعالت جي وزن تي ملاحـة معنيٰ ٻيڙياتا يا جهازي چوڻ لڳا. ٻيو لفظ انهيءَ لاءِ ”سفانـة“ آهي جو ظاهر آهي ”سفينـة“ مان ٺهيل آهي. انهيءَ ڪري جهاز هلائيندڙ کي ملاح ۽ سفان چوندا آهن. بحار به لفظ ڪتب آڻيندا آهن. جيڪو بحر مان جڙيو آهي. ٻئي طرف ايراني نار واري علائقي ۾ سنڌي ۽ عربي جهازين لاءِ لفظ ناخوزه.“ جو واهپو ٿيو. ان جو جمع نواخده ٺاهيو ويو آهي. ٻولين جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”هي لفظ هندي، فارسي ترڪيب تي ٺاهيو ويو آهي. جنهن کي اردو ٻوليءَ ۾ ”ناخدا“ ۽ سنڌي ۾ ”ناکئا“ چئبو آهي. جيئن لطيف سائين چيو آهي.

ايهين ڪج پاتڻي! جنهن پـَـرَ پرينءَ مـِـڙان،
ڪاروُن ٿي ڪريان، تـِـو در اُڀي ناکـُـئا!

 --

بندر جان ڀئي، ته سکاڻيا مَ سـُـمهو،
ڪپرٿو ڪـَـنَ ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
ايڏو سـُـورُ سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!

ٻئي طرف بحر روم ۾ جهاز هلائيندڙ عرب جهازي جهاز هلائيندڙ کي ”نوتي“ لفظ ڪتب آڻيندا هئا. اهو لفظ به اسلام کان اڳ جي دور ۾ عربي  شاعريءَ ۾ ملي ٿو.

لسان العرب في کلام ابن عباس ۾لکيل آهي ته:

”والنوتي الملاح الذي يدبر السفينـة“:(1)

]”نوتي“ ملاح جيڪو جهاز جو سڄو انتظام سنڀاليندو آهي. [

انهيءَ لفظ کي عربي وزن ۾ ڪري نواڻ جي صورت ۾ ڳالهايو ويو آهي. هڪ آيت جي تفسير ۾ حضرت ابن عباس رضي الله عنه کان روايت آهي ته:

انهم کانو انواتين اي ملاحين“.

]اهي ماڻهو نوات - ملاح هئا. [

اهو لفظ عربي زبان ۾ قديم زماني کان مروج هو، پر نج عربي لفظ ڪونهي. جو هديءَ صحاح ۾ تشريح ڪيل آهي ته:

”وهو من کلام اهل الشام“

]اهو شام وارن جو محاورو آهي[

انهيءَ مان پتو پوي ٿو ته روم جي رستي کان هيءُ لفظ شام مان ٿيندو عرب ۾ آيو آهي. هيءُ لفظ اصل ۾ لاطيني لفظ نيوٽس (Nautains) جنهن کي فرينچ ٻولي ۾ نيوطق (Nautique)، انگريزي ۾ نيوي (Navey)، نيويگيشن (Navigation) ، نيول (Naval) ۽ ناٽيڪل (Nautical) جهڙا لفظ ٺهيا آهن.

سنڌ جي لاڙ واري حـصي ۾ سامونڊي ڪناري تي آباد هڪ قبيلو نوت يا نوتڪاڻي قديم زماني کان آباد رهيو آهي، جن جا جهاز بحر روم تائين ويندا هئا. سيد سليمان ندويءَ جو خيال آهي ته اهي عربي النسل ماڻهو آهن، ان ڪري هو لکي ٿو: ڏکڻ هندستان ۾ هڪ عربي النسل قوم نائت يا نوائت آباد آهي. خيال ٿئي ٿو ته هو انهيءَ نواتين يعني عرب جهازين جو اولاد آهن، جيڪي پوءِ هندستان جي سامونڊي ڪنارن سان آباد ٿي ويا. (1) پر لاڙ ۾ اڄ به نوتڪاڻي رهن ٿا. اهي نه ٻروچ آهن نڪي عرب اهي اصلوڪا سنڌي لوڪ آهن، جن ڪنهن زماني ۾ سمنڊ تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو هو.

اها ڳالهه مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي ”بياض هاشمي“ جي حوالي سان ٻڌائي هئي ته: حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي زماني ۾ ٽي اصحاب سڳورا سنڌ ۾ آيا، جن مان هڪ جي مرقد حيدرآباد ۾ قلعي وٽ در جي سامهون موجود آهي ۽ ٻئي متعلق ٻڌايو وڃي ٿو اسلام جي تبليغ ڪندي درياءَ ريڻ جي ڪناري پهتو، ۽ اتي ئي تبليغ ڪندو رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪري ويو. سندس مزار ريڻ جي ڪناري تي بدين ضلع جي شهر لڳ سيراڻي جي ويجهو آهي. ٽيون اصحابي تبليغ جو ڪم مڪمل ڪري حجاز ڏانهن واپس موٽي ويو.

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسلام کان اڳ ۽ پوءِ واري دور ۾ سنڌ جا هنرمند، واپاري ماڻهو ۽ عالم وچ اوڀر ۾ مان واري نظر سان ڏٺا ويندا هئا.

مشهور سياح جاحظ جو چوڻ آهي ته:

”عراق جا سوناراحساب ڪتاب رکڻ لاءِ سنڌي خزانچي رکندا.“ هو وڌيڪ چوي ٿو ته ”سنڌي هٿيار ٺاهڻ، تلوارون جوڙڻ جا ماهر آهن، طب، علم موسيقي ۽ شطرنج سنڌين جون ايجادون آهن.“(1)

اموي دور ۾ بنو هاشم قبيلي جا ڪجهه ماڻهو هتان (لاڙ) جي جتن جي سرڪشي ختم ڪرڻ لاءِ ڏکڻ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ سڄو اموين ۽ عباسين جو دور جتن عرب حڪمرانيءَ خلاف ويڙهه ڪندي گذاريو. هباري دور ۽ سومرا دور شروع ٿيڻ تائين اهي جتن جا ويڙهاڪ قبيلا ماٺ ڪري امن امان سان رهڻ لڳا. اهي انهيءَ ڪري جو سنڌ جا مقامي ماڻهو اقتدار ۾ اچي چڪا هئا ۽ ويڙهه جو جواز ختم ٿي چڪو هو.

سنڌ جي جتن جن عرب جا ساحلي علائقا وڃي وسايا تن پنهنجي ٻوليءَ ريتن رسمن کي نه رڳو محفوظ ڪيو بلڪ ان جو اثر عربي ٻوليءَ تي پڻ پيو.

مجمع البحرين ۾ ذڪر اچي ٿو ته: ”وفي حديث انـه الحا فرغ من قتال اهل البصرهِ اتاه سبعون رجلاً من الزُط وڪلموه بلسا نهم فقالو العنهم الله بل انت“.(2)

ُحضرت علي رضه جن جڏهن اهلِ بصره کان جنگ مان فارغ ٿيا ته سندن خدمت ۾ هڪ جماعت حاضر ٿي، هنن پنهنجي مادري ٻوليءَ (سنڌي) ۾ چيو الله انهن (اهل بصره) تي لعنت ڪري. ڪو ٻيو نه بلڪ اهي جت هئا. للهان جو مطلب ته سنڌ جي جتن خلافت جي زماني تائين پنهنجي ٻوليءَ کي محفوظ ڪيو هو. عربستان جي ٻين علائقن جتي جتي سنڌي آباد ٿيا، خاص طرح سان بحرين ۾ اتي سنڌي ٻوليءَ جو عربي زبان تي ايترو اثر ٿيو جو عربن جي قبيلي ابوالقيس ۽ ٻين جي زبان غير مستند قرار ڏني وئي ته اهو قبيلو پنهنجي سنڌي ۽ ٻين عجمي زبانن جي اثر هيٺ عربي فصاحت ۽ بلاغت وڃائي چڪو آهي.

عربستان ۾ سنڌي جتن جون ڪيتريون ثقافتي شيون مشهور ٿي ويون هيون. جهڙوڪ: مٿو ڪوڙائڻ، وار ٺهرائڻ وغيره.

”وفي الاخبار محلق راسـه زطيـة - قيل هو مثلا الصليب کانـة فعل الزُط“(1)

]ڪن هنڌن تي ۾ آيو آهي ته پاڻ سڳورن سنڌ جي جتن جي طريقي تي وار ٺهرايا.[

وار ٺهرائڻ وارو اهڙو حوالو اصحاب سڳورن ڏانهن به منسوب ڪيو ويو هو. ان کان علاوه عرب جي بازارن ۾ جتن جي ڪاروبار جي پڻ شاهديون ملن ٿيون.

”الزُط جـَـيل اسود من السـَـندِ، اِلـَـيهـُـم تـَـنسـِـب الثـُـياب الزُطيه“

]جت سنڌ جا ڪاري رنگ جا ماڻهو آهن. انهن ڏانهن ”ثياب زطيه“ منسوب آهي. [

”ڪتاب الحيوان“ ۾ ”ثياب زطيه“ هڪ قسم جو ڪپڙو هو، جيڪو جت عرب جي بازارن ۾ وڪرو ڪندا هئا.

انهيءَ کان علاوه سنڌي جتن وسيلي هندي راڳ ۽ سر قديم زماني کان عربستان ۾ ڏاڍا مشهور هئا. جاحظ بغدادي جي انهيءَ ڪتاب مان ڄاڻ ملي ٿي ته ڪنهن سنڌي شاعر جي رجز کي نقل ڪيو آهي.

انهيءَ رجز جو  هڪ مصرعو هن ريت ڏنل آهي:

”از تـُـغنين غـِـناعَ اَلزُط“

]مڇر جتن جي راڳ وانگر ڳائي رهيا هيا[

مسعودي پنهنجي ڪتاب ”التنبيه والاشراف“ ۾ لکي ٿو ته سنڌي ماڻهن جي ڪري ملڪ شام جي ماڻهن مينهون پالڻ شروع ڪيون.

سنڌ جا ملاح مسقط، اُر (ڏکڻ عراق)، مصر، جاوا سماترا (انڊونيشيا)، اسپين، ترڪي، استنبول ۽ روم جي بندرگاهن تي واپار سانگي ايندا ويندا هئا.

اهڙيون ثابتيون فرعون اخناطون کي دفنائڻ وقت پهرايل اجرڪ، اُر شهر جي کوٽاين مان مليل موئن جي دڙي جهڙين 30 مهرن مان ملن ٿيون. دنيا جي هڪ وڏي حـصي تي 10 هزار سال اڳ کان پنهنجو ثقافتي اثر وجهندڙ سنڌ جي ثقافت هڪ عالمگير ثقافت رهي آهي. ان جو اثر ڏهه لک چورس ميلن تائين رهيو. لاڙ انهيءَ قديم ثقافت جو هڪ مکي مرڪز رهيو آهي.

انهيءَ ڪري سنڌ جي تاريخ هن علائقي ۾مزاحمتي ڪردارن کي وائکو ڪري ٿي. انهيءَ سامونڊي ڪنارن تان سما حڪمران پهرين راءِ گهراڻي جي روپ ۾، آخر ۾ سما مسلمانن جي روپ ۾ ڌرتيءَ جو امر تاريخي ڪردار نڀائيندي نظر اچن ٿا. جڏهن سومرا به انهيءَ علائقي مان حڪمرانن جي روپ ۾ اُسريا هنن ٻنهي سنڌي قبيلن ڪڇ ڀڄ کان وٺي ملتان تائين عظيم سنڌو سلطنت جو بنياد وڌو.

لاڙ هڪ تمام خوبصورت علائقو آهي. سمن جي دور ۾ ٺٽي ۾ تمام وڏا باغ هئا، جن ۾ طرح طرح جا ميوا، ڏاڙهون، انگور وغيره پيدا ٿيندا هئا. هتي جي جابلو علائقن جون نئيون ساوڻيءَ ۾ تمام سهڻو نظارو پيش ڪنديون آهن. جنگ شاهيءَ وارن جبلن مان نئن ڍانگ، نئن اڌ ۽ نئن رورئياري ڪينجهر سان اچيو لانئون لهن. جڏهن ته نئن ڍورو لوڙئيو ۽ نئن سورجي اچي سونهريءَ ۾ ڀاڪرين پوي. جڏهن ته لاڙ جي انهيءَ علائقي ۾ سوين ڍورا ۽ ڍنڍون آهن، جتي سياري جي مند ۾ سائبيريا جا پکي ايندا آهن، اتي مڇي به جام ٿئي. ان کان علاوه ڍنڍن ۾ بهه، قم، ڪوڻيون، پن وغيره جام ٿين، اهو ذڪر لطيف سائين پنهنجي لازوال شاعريءَ ۾ پڻ ڪيو آهي:

پن، پٻڻ، قم، ڪــُـوڻيون، مٿي جر جرڪن،
اچي رهيا ريل ۾، ڪارڻ ڪالوڙين،
سـَـهسين راڄ سيد چئي، پاسي تن پرن،
مـِـڙي ملاحن، رات تماچي رانئيو.
 

-------

پن، پٻڻ، قم، ڪوڻيون، ڏوڏا، بهه، ڏاجون،
نعمت لوڙهه لطيف چئي، کيڻ مڇيءَ کاجون،
رهن ٻهن سرٻاندئين، آسڻ ايءَ آجون،
پارس سين پاسئون، لڳن ته لعل ٿيا.

لطيف سائين لاڙ جي ڍنڍن تي سوين راڄن جو پيٽ گذران ٿيندي ڏٺو تڏهن ته چيائين:

سهسين راڄ سيد چئي، پاسي تـِـن پـَـرنَ،

اهي ڍنڍون لاڙ جو سينگار ۽ سونهن آهن، پر اڄڪلهه ساوڻيءَ ۾ ڄڻ سوڪهڙو آهي، لطيف سائين ڍوري جي ڪپ تي جيڪي نوحا چيا هئا. اڄ ساڳي حالت آهي.

سچ ڪ سڪو ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا،
جـُـنگن ڇڏيو زور، سر سـُـڪو سـُـونگي ڳيا.

لاڙ جي هڪ سڄاڻ سگهڙ، لاڙ جي ساڳي اوج جي موٽي ملڻ جي آس رکندي هيئن چيو:

لاڙ ايندو لاڏ ۾، ڪـُـڏندا ڪـُـل ڪڇي،
مقابلو ٿيندو ميدان ۾، نڪرندا مرد مچي،
ڄار پوندا ڄرڪن ۾، مرندي مـَـڪُ مـَـکي،
تهان پوءِ ٿيندي سچي، ڳالهه سڳوري سنڌ جي.

اهو لاڙ، جنهن جي شهر ٺٽي لاءِ سائين محمد خان مجيدي چيو:

”هيءُ شهر اسان جو شان ڀريو، نت شهرن جو هو شان اڳي.“

اهو لاڙ تاريخ جي هڪ عرصي دوران سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو. سنڌ جي ڪيترن حڪمرانن جا تخت گاهه هتي رهيا، محمد طور، روپاهه ماڙي، ٺٽو ۽ ان جا قديم آثار اڄ به انهيءَ شاهي شهر جي گواهي ڏين ٿا.

اڏاوت سازيءَ جو فن لاڙ جي ماڻهن جو دل گهريو فن رهيو آهي. ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان اسلام کان اڳ واري گهرو اڏاوت جا اهڙا اهڃاڻ مليا آهن.(1) سنڌ ۾ پڪسرائين اڏاوت موئن جي دڙي مان ثابت آهي. جڏهن ته پٿر مان جايون جوڙڻ ۽ پٿرن جي چٽساليءَ جي مختلف ورن جا شاهڪار جوڙڻ ۾ لاڙ پاڻ موکيو آهي. لاڙ جو هڪ شهر ٺٽو ان جو بهترين مثال آهي. بقول حليم باغي جي ته:

اِها ماٺ مڪلي چئي ڏي! چئي ڏي،
اسان تو ۾ ڪيڏيون ڪهاڻيون لڪايون!

هزارين ورهيه اڳ جڏهن درياءَ جي پڇاڙ واريون ڇاڙون ڀرپور وهنديون هيون، درياءَ هاڪڙو چولستان ۽ ٿر جي ڀر ڏيو وڃيو ڪڇ ڪاهيندو هو. ساوڻيءَ ۾ ڪڇ ۽ ڪڪرالي ۾ سرسوتي ۽ چٽانگ جا پنهنجا انڊلٺي رنگ هوندا هئا. تڏهن انهن دريائن جي پڇاڙ وارين ڇاڙن جي دوآبن جي سـَـرهي سيمن تي، مارولوڪ پنهنجي پنهنجي مال/ڌڻن سان پهريندا هئا. ان ريت ڏکڻ هندستان ۽ سنڌ جي لاڙ جي ماڻهن جي شڪاري ۽ مالوند قبيلن جي پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ ٿي. ان دور ۾ موئن راڄ جي پڻي لوڪن (واپاري ماڻهن) انهن شڪاري ۽ ڌنار قبيلن وسيلي پنهنجي وڻج واپار کي ڏورڏيهن تائين پکيڙيو. اهي شڪاري ۽ مالوند قبيلا  موئن راڄ جي وچئين واپاري ماڻهوءَ (ڀلاوڻي) واري حيثيت ۾ واپاري ڪندي مال پهريندي وڃي. دنيا جي انيڪ ملڪن تائين پهتا. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي ڪري اها به تحقيق ٿئي ته: سنڌو نديءَ جي پاڇاڙ وارن علائقن جا مالوند قبيلا ئي ننڍي کنڊ جي سمراٽن /سماٽن جا ابا ڏاڏا هئا.

انهيءَ لاڙ جي بندرن مان ڏيساورن ڏانهن مال ايندو ۽ ويندو هو. ديبل بندر، لاهري بندر، ڀنڀور، ڪيٽي بندر جي هاڪ دنيا ۾ هنڌين ماڳين رهي آهي. يورپ ۾ لاڙ /ٺٽي جي ڪپڙي ڪيليڪو (Calica) گهوڙن جي ڀرت ڀريل سنجن ۽ ٻين مصنوعات جي وڏي گهرج رهي آهي. پورچوگيزين هرمز کاڙيءَ تي قبضو انهيءَ مقصد سان ڪيو، ته جيئن سنڌ (لاڙ) جي واپار جو رخ وچ اوڀر کان ڦيرائي يورپ ڏانهن ڪن ۽ لاڙ جي واپار تي سندن هڪ هٽي قائم رهي.(1)

انهيءَ لاڙ مان سنڌ جا سما ۽ سومرا قبيلا سياسي طاقت حاصل ڪري ڪڇ کان وٺي ملتان تائين حڪومت ڪندا رهيا. انهيءَ لاڙ جا ملاح پنهنجا ٻيڙا ڪاهي ڏيساورن ڏانهن ويا ۽ سنڌ جي واپار سان گڏ سنڌ جي ثقافت کي به پرڏيهه ۾ متعارف ڪيائون. سنڌ جا جت لاڙ مان نڪري سڄيءَ دنيا ۾ پهتا ۽ تاريخ ۾ انهن جو تذڪرو جـِـت ڪـِـٿ ملي ٿو، سنڌ جو هيءُ هڪ ڪرشماتي ڀاڱو لاڙ، اڄ به پنهنجي قديم آثارن ۽ قديم تذڪرن ۾ شان وارو آهي، تاريخ جون محرڪ قوتون پنهنجي ڪاريگري ڏيکاريندي انهيءَ اڳوڻي شان واري، هاڻ پوئتي پيل ڀاڱي ”لاڙ“ کي نئين روپ ۾ ضرور نروار ڪنديون.

اهو سڄو لاڙ انيڪ ماڳن ۽ مڪانن سان جهنجهيو پيو آهي، ٺري واري ماڳ تان پٿر جي دور جا اوزار لڌا آهن، اهو ماڳ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ آهي، الله ڏنو ساند وارو ماڳ جيڪو آڳاٽي مالوند دور جا اهڃاڻ ٻڌائي ٿو. جهرڪن ڏانهن، سونڍن وارو قبرستان، ميران پور، بهرام پور، گونگڙي درياءَ جو پيٽ، مخدوم صدو لانگاهه جي درگاهه بدين واري پاسي رحمڪي بازار، روپاهه ماڙي، ڪڍڻ، نندو، ڪيٽين جو ڪوٽ (ماڻڪاڻي ميرن جو تخت گاهه) ميرن جا قبا، جاتيءَ ۾ نند ڪوٽ، رڙي، وسائي جو ماڙيون، ملو حسن، جتن ۽ ڪهيرن جو ڇٽيون، اڀن شاهه جا ٽـَـڪر، سجاول ۾ ٻـُـڌڪا ٽڪر، ماجيرا جي ماڙي، ٺٽي ۾ سمن حاڪمن جا مقبرا، ترخانن ۽ مغلن جا قبا، انيڪ مسجدون ۽ ٻيا آثار موجود آهن. پر هن ڪتاب ۾ لاڙ جي وساريل ٻن ماڳن: ”ماڻڪاڻي ميرن جي پهرئين تختگاهه: ڪيٽين جو ڪوٽ“ ۽ ”ڳٺي ڍوري“ جي ڀرپاسي وارن ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر آيل آهي. هن مقدمي وارو مواد عالمن ۽ محققن پاران مقالن ۽ مختلف ڪتابن ۾ آيل آهي. هن مقدمي جي سهيڙ جو مقصد لاڙ جي شاندار ماضي جو ذڪر ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي کي هڪ وسيع تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي پس منظر ۾ پيش ڪرڻ پڻ آهي. هن ڪتاب جي سوڌ ۽ سنوار ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ۽ مهاڳ لکڻ ۾ ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب وڏا ڀال ڀلايا آهن.

وڏي وَسَ هـُـئام، ٻاروچا ڀنڀور ۾.

(ادارو)


(3) Sigrid Westphal & Heinz Westphal, Dr. op. Cit. pp. 52- 55 and 88- 89.

(1) Sigrid Westphal & Heinz Westphal, Dr. op. Cit. pp. 52- 55 and 88- 89.

(2)  غلام علي الانا، ڊاڪٽر ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ ڇاپو ٻيو، ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1982ع، ص 144.

(3) Sigrid Westphal, 2, p. 104

(4)  رحيمداد خان مولائي شيدائي، ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ 1958ع، ص 27.

(5) Mir Ahmed Yar Khan, ”Inside Balochistan”, a biography, Karachi, Royal Book Company, 1977.

(1) ”Balochistan District gazetteer Series", Vol: VII, Makran, Karachi, the Times Press, 1907, pp. 41- 72.

(2) Elliot. H. ”History of India”.

(3)  سمراٽ گنگا رام ”سنڌو سووير احمد آباد بڙوده انڊيا 1980ع.

(1) ”لسان العرب في ڪلام“ ابن عباس رضي الله عنها ص. 163.

(1)  عربون کي جهاز راني ص. 7.

(1)  رساله فخر السودان اللبيان ”هندستان عربون کي نظر مين“ جلد اول، دارالمصنفين، اعظم ڳڙهه. 1961ع ص. 704.

(2)  مجمع البحار

(1)  مجمع البحار جلد 20-622.

(1) Khan F.A Bhanbhor Excavation op: cit. p.25

(1) ”ٺٽي جا ڪاتب“ از: محمد عبدالغفور، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2004ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org