سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :9

معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو

(چيل حمل فقير لغاري جو )

1.      ساراهيان سبحان کي، جو پاڪ آ پروردگار،

رازق و رحمان، رب العالمين صاحب ستّار،

آهي مالڪ ملڪ جو ۽ ڪُل تي قادر ڪرد گار،

ڇا لِکي ڇا ليکيان، بيحد بزرگي بيشمار،

جنهن خوشيءَ مؤن خلقيو مرسل محمّد نامور.

 

2.     سو نبّي الله هليو سير تي ڪنهن سَٻير سان،

تنهن ڏينهن اُٿي تنها هليا، شامل نه هو ڪو شير سان،

راوت رسي ڪنهن روهه ۾ جان دم گذاريو دير سان،

تان اُتي هرڻي ڏٺائون، آ ٻڌي ڦند ڦير سان،

دانهون ڪيو دردئون چوي، تون پهچ مون کي پيغمبر.

 

3.     جان حضرت هلي هرڻي ڏٺي، سا دُرس آهي دام ۾،

هَي هَي ڪيو هر هر چوي، سرور! آهيان تو  سام ۾،

هيءُ منهنجو ماري ڏسو آهي ستو آرام ۾،

جنهن ويلي جاڳيو ڪُهي تِڪّا ڪندو نيئي طعام ۾،

تون ڇَڏاءِ تنهن کان ڇُٽان، تنهنجي ٿئي مُرسل! مهر.3

 

4.     تڏ مصطفيٰ مهرؤن تنهن کي درست ڏني دلبري،

پوءِ پيغمبر کي چيو تنهن ستم ديده سرسري،

هيڪر هٿن سان جي ڪريو هي ڊوهه جي ڦاهي ڍري،

تان ٻچن کي کير ڏيئي، وهندي اچان ورنہ وِرِي،

تاسين ٿيو ضامن اوهين، جا سين پوي ڪو پل پَهَر.

 

5.     ڇوڙي ڇڏي هرڻي هٿن سان مهر مؤن تڏ مصطفيٰ:

ونءُ ٻچن وٽ پانهنجن، ڪر سيگهه ۾ تن جو سماء،

تون تني کي کير پيارج، دل جو لاهي ڊپ ڊاءُ،

آن تنهنجو ضامن آهيان هر گز نه چُرندس هن هنڌا،

تاسين اِتي ويٺو آهيان، جان تون اچين موٽي مگر.

 

6.     تڏ هَي هَي ڪندي هرڻي هلي سا رت روئي پئي زار زار،

ٻاجهه مؤن ٻچڙن پڇيو، اي مادر غمگسار!

ڪوهه ڪيهون ٿي ڪرين ۽ ڪوهه آهين بيقرار؟

درد پنهنجي دل سندو سو چئو اسان کي آشڪار،

هر حقيقت حال جي ويڌن سڻاء سڀ سربسر.

 

7.     چٺي، چٽي چُوپي بُبا، مون کان سگهو موڪلائيو،

معاملو ماريءَ سندو، تنهن سڀ ويهي سمجهائيو،

دانهون ڪيون مون دام ۾ ٻاڪون ڪري ٻاڏائيو،

آهون سڻي عربي اُتي مرسل محمّد آئيو،

ضامن ڏيئي آيس اوهان ڏي خاتم و خيرالبشر.

 

8.     پوءِ چيائين، پي وَٺو اَئين کير، مان موٽي وڃان،

هو جي ڪيم وعدا ورڻ جا، سي ڀَلي سان نا ڀڃان،

سؤ لکين ٿورا مٿي تي مير مرسل جا مڃان،

ٻيون اميدون آس عربي ڄام ۾ آهن اڃان،

سو ڇڏائيندو ڇين کؤن، ڇانو جو ڇورن ڇپر.8

 

9.     تنهن دم چيو ٻچڙن ٻنهي تان، کير تنهنجو ڪيئن پيون؟

تو ڏنو ضامن جنهين ڏي نيڪ نيت ٿا نِيُون،9

دم نه ڪر تون دير ڪا، تان هلي حاضر ٿيون،

هي سِسيون سِر پانهنجا سرور اڳيون سُرها ڏيون،

من ٻاجهارو ٻاجهه مؤن نرتئون ڪري نافع نظر.

 

10. تڏ قُوت کؤن بي قُوت ٿي، مضبوط سي محڪم هليا،

لب نه لاتائون بُبن کي، پيٽ تن پنهنجا پليا،

کائڻ خوشي وسري وِين، سڏ موت جي سورن سليا،10

هڪ ٻين کؤن تيز تر ويا، چست چابڪ سي چليا،

تان اڳيئي جوان جاڳيو، خواب ۾ هو بيخبر.

 

11.  تنهن پرينديئي پڇا ڪئي شاهه کؤن ته شڪار جي:

ڪير آن ڪاڏي وڃين؟ هر ڪم همہ هر ڪار جي،

آهه تو کي ڪم ڪهڙو دام وٽ درڪار جي؟

هي هتي هرڻي هئي سا ڏس مون کي ڏيکارجي؟

جا ڦسائي مون فِڪر سان هئي ڪري حيلا هنر.11

 

12. مهندان ڏنو مرسل تهين جو، جوان کي هن پر جواب:

مون ڪڍي هرڻي هٿن سان، دام ۾ هُئي دل خراب،

وئي ٻچن کي کير پيارڻ سا ايندي موٽي شتاب،

مون سان اٿس وعدو سچو، ائين اُتو عالي جناب،

آن تنهن جو ضامن آهيان، تيسين نه ڪر تون شور شر.

 

13. جوش کؤن پُر جوش ٿي بيهوش ڪئي ڪاوڙ تڏين:

مون ڦسائي جا ميان! ساري پُڇي ڪيئن ٿو ڇڏين؟

۽ ٿو چوين موٽي ايندي اهڙا عجائب ٿو اَڏِين!

دام جو چٽڪو چکي ويا سي مرون موٽن ڪڏين!

ڪنہ سان ڳالهائن ڪينڪي هو جهنگ جا جي جانور.13

 

14. جان دم گهڙي گفتگو ٿيو، آئي اها هرڻي وري،

سان ٻچن ٻن پانهنجن، بيشڪ آئي سا بربري،14

سِر نائي سَيّد اڳيئون صلوات سرور تي پڙهي،

منهن ڏسي ماري سندو، وئي ڏيل ۾ ڏهڪي ڏري:

هن بَدُوءَ کؤن تون بچائج يا نبي نور البصر!

 

15. تڏ مڙس ماري ڀي اٿيو سو ڪهڻ لئي ڪاتي کڻي،

هَوٌل هيبت کؤن پئي هرڻيءَ جي ڦڦڙن ۾ ڦڻي،

تنهن ڳڻي دل ۾ چيو، جيڪس رضا رب کي وڻي،

يا نبي نور الهديٰ! هن کؤن ڇڏاءِ تون لڳ ڌڻي،

ٿي حمايت هاشمي تون شافعِ روزِ حشر!

 

16. موٽي چيو مرسل تنهين کي خاص ختم الانبيا:

هي ويچاري جا ويئي، آئي وٺي هي ٻئي ٻچا،

ڪر ڦٽي هرڻي وڃي ثابت سلامت سا بجا،

ڏيندو خالق خير جي تو کي جزا روزِ جزا،

آگو ڪندو احسان تو سان هٿ جنهين خود خير شير.

 

17. موٽي چيا ماري اڳيئون هي حرف ظاهر سان زبان،

آهي عجب مون کي ايهو، بلڪل تنهين جو ڪر بيان،

ڪنهن سبب، سَل ايترو، تون مِرُنِ تي آن مهربان؟

۽ اچن وعدي اُتي، تنهنجي جناور اي جوان!

يا نبي، يا اولياء، يا مَلڪ آهين معتبر؟

 

18. ورندا چيا وَرنَہٌ تنهين کي لفظ لائق سان لسان:

آنٌ ريٻارو ربّ جو ۽ آنٌ نبي آخر زمان،

آنٌ ولهن جو واهرو ۽ آنٌ ضعيفن جو زمان،

بيڪسن جو ڀر جهلو جن مون اُتي آندو ايمان.

ڇَن ڇڏيندس ڪينڪي توڙي هوندو بڇڙو بتر.18

 

19. جي ڦٽي هرڻي ڪرين ۽ پڻ ٿئين تون مسلمان،

۽ مڃين رب پانهنجو جو لا مثل ۽ لا مڪان،

آنٌ تنهنجو ضامن آهيان ڏينہ قيام بيشڪ بيگمان،

دفع تو تؤن ٿيندو دوزخ جاءِ تنهنجي منجهه جنان،

ڪو نه ڏسندين ڪو اڳيئون جو سخت سڻجي ٿو سقر[1].

 

20.                        ڇوڙي ڦٽي هرڻي ڪئي سا دم تنهين ۾ دامدار،

پوءِ ڪِري قدمن اُتي پيو شرم کؤن ٿي شرمسار:

مون مدايون ڪيون مڙيئي سيّدا! ساري ڄمار،

هاڻ مون کي ڪر هدايت يا شفيع روزِ شُمار!

هن ڀُليي سان ڪر ڀلائي گمرهن جا راهبر.

 

21. تڏ بيعت سندو بيڪس اُتي عربي ڪنان ارشاد ٿيو،

تهدل تنهين ڪلمون پڙهيو، سو از ڪفر آزاد ٿيو،

دين ۽ ايمان جو اُمّت اُتي امداد ٿيو،

شاد ٿيو اي مومنو! جو ڪل ڪفر برباد ٿيو،

آ مُعَظّم مُعجزو، پر مون چيو آ مختصر.

 

22.                        ڪيڏا ڪرم قادر ڪيا، ڪامل قريشي سان ڪَثير،

ڪئين جياريائين مُئا، نابين ڪيائين ڪئين بصير،

هرڻي ڇاڏايائين همت سان، دام مؤن آهو اسير،

ڪفر کؤن ڪافر ڇُٽو بيحد ڀلو ٿيو بينظير،

مصطفيٰ جا معجزا  مشهور ملڪن ۾ مشر.22

 

23.                        حمد ”حمل“ چئو هزارين سهس صلواتون سلام،

پاڪ پيغمبر اُتي جو آه عالم جو امام،

سڀ ڇڏائيندو اُمت ڏينہ قِيام جي ڪل خاص و عام،

جن پڙهيو ڪلمون نبيءَ تي، تن مٿي دوزخ حرام،

جاءِ جنّت ۾ سدا خوشنود هوندا خوب تر.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو

(چيل شاهه محمد ديدڙ جو )

سهسين صفت صاحب سندي، آگو اُچو اعليٰ عظيم،

بيمثل بيچون آ، ڪُل جي مٿئون قادر ڪريم،

تنهن عنايت جو اجهو آهي اسان عاصين عميم،

رحمان ربّ العالمين، راسخ ڌڻي راحم رحيم،

بي انتها تنهن جو بيان، ڪُل کؤن سندس قدرت قديم،

صانع سندي صنعت پسي، لا فهم ٿيا تنهن ۾ فهيم-

وهه نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

نور مؤن نرمل ٿيو، پيدا پرين سرور سڌير،

آڌر اڙين، اولو اَجهن، ٿوڻي ٿڪن مرسل منير،

ڏَڍُ ڏَڏَن، رهبر رڏن، ڪيو ملڪ جي مالڪ مشير،

سو نوازيندڙ نڌر، احمد ڪري آجا اسير،

مشفق مزاحم مجتبيٰ پرور اڳيئون پارس پنير،

هيڻن مٿي هٿ هاشمي، اوکيءَ رکي احمد امير-

وهه نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان مشفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مرسل ڪيا لک معجزا، خاتم نبي خيرالبشر،

ڇا چئي مان ڇا چوان آهن گهڻا ملڪين مشر،

اَشهد اشاري سان قمر، لاهيو ننگِي ناطق نشر،

حوران مَلَڪ حاضر همہ ۽ ديوَ پريون، جنّ بشر،

سارهه عمر ساري ڪيان، اِتم نه ٿئي عُشر العشر،

اُمّتي آجا ڪندو حضرت هديٰ يوم الحشر-

وهه نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

وهه چڱا چيدا چڱي جا چار گوهر، چار يار،

هڪ سچو صديق اڪبر هم نشين هم غار يار،

ٻيو عمر عادل عدالت تي دلاور دست يار،

زور ذوالنورين کي پلپل ڪيان پرتئون پڪار،

”لا فتيٰ اِلاَّ علي لا سيف اِلا ذوالفقار“،

چار ئي قلعا فولاد جا، چوگرد هن ڪامل ڪنار-

وهه نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

آهي ڪشش ڪمذات کي هر وقت حُب حسنين جي،

لنؤ اندر لوري لڳل، اعليٰ اڪنڊ اِثنين جي،

تن دلبرن سان دل هئي سرور سچي ثقلين جي،

مَلن مِلن مان سان پرينٌ، ٿو دعا گهران دن رين جي،

چاچا سندن تن جي چمان آنٌ شل رَئِي رِجٌلين جي،

سڪندي صحابن ڏي ڏسان نت نت نظرعينين جي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

هاڻي حڪايت ٿو ڪيان، منجهه معجزن مشهور آهه،

تنهن جي طوالت طول جو، مون کي نه ڪجهه مقدور آهه،

آهر عقل ۽ عشق جي، ڪي ڪجهه بدن ڀرپور آهه،

سوسلان  سڪ مؤن سڀو، جنهن جي سلئي دک دور آهه،

سيّد سندي ساراهه ۾، ’مَلِڪو‘ اکر معذور آهه،

مادح محمّد مير وٽ، توڙي مٺو منظور آهه-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

سو سڄڻ ڪنهن سير سانگي، هوت ويو حَب ڏي هلي،

هو مجرّد مصطفيٰ وارث ولهن واهر ولي،

ساڻس نڪو صديق هو، فاروق يا عثمان علي،

تنها تعجب ۾ ڪيو ٿي، سير مرسل منجلي،

گهَٽ گهميو ٿي گهوٽ سو، جانب ڪيو جلوو جلي،

باري خبر باطن سندي، تنهن کي هئي سڀڪا سَلي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

هلندي حبيبن جان ڪيو ڪامل گذر ڪنهن ڪوهه سان،

ريهون ٻڌيون راحم سچي رهبر رسيون تنهن روهه سان،

حضرت ڏٺي هرڻي اُتي، آهون ڪندي اندوهه سان،

ڦاٿل اندر ڦاهيءَ هئي ڪنهن ڊول ڏاڍي ڊوهه سان،

ٿي سڏيائين، سيّدا! ٿِي ڀرجهلو بيڏوهه سان،

آءُ اچي آزاد ڪر، پنهنجي توقع توهه سان-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

نرمل وٽس نزديڪ ويو، شافع شفاعت جو ڌڻي،

ڪامل عنايت جا قدم، خيرالبشر تنهن ڏي کڻي،

هَي هَي ڪري هرڻيءَ چيو، حضرت وڌم هيبت هڻي،

دانهون ڪيان ٿي دام ۾ آجي نه ٿم عضوي اَڻي،

ماريءَ جي ڊپ ماري آهيان، ڦاٽي هنيون ڦرڪي ڦڻي،

واهر وسيلا وير ڪر، غم ۾ گهڙي گهاريم گهڻي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مهل تنهن مرسل چيس، موٽي همہ حالات چئو،

ڪيئن قضا آندءِ هتي، ڪهڙي هنر حاجات چئو،

ڪل قصي جي ڪيفيت، آهُو! سڀا اثبات چئو،

ترس تِر جو ڪون ڪر بي بِيم ٿي هي بات چئو-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

تڏ حال هيءُ هرڻيءَ چيو، رسول الله کي:

يا نبي نورالهديٰ! تو تئون صدق ڪيان ساهه کي،

جاني! چنو ٿي جهنگ ۾ مون گڏ ٻچن سان گاهه کي،

چيچٽ ڪيون چوگرد ٿي چنبڙيا ببن ۾ چاهه کي،

کِير پي خوشنود ٿيا، آرام ٿين ارواح کي،

تن کي ڇڏي ننڊ ۾ هليس، ورتم رمي هن راهه کي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

لئي پيئڻ پاڻي هليس، دانَهه رکي دل ۾ ڌيان،

خوض مؤن ٿي خيز ڪيم، خوشنود ٿي راهون روان،

ڪَل اها هُم ڪا نه ڪا، ٿي دشت ۾ دوڙيس دوان،

دلبر! اچي پيس دام ۾، ناگهه نبي نور العيان!

ڦٿڪيس گهڻو، پر ڦند سان محفوظ ٿيس تنهن جي ميانِ،

عاجز اَپر اُڇلون ڏنم، طاقت وئي، ٿيس ناتوان-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع شادان ڪيا مجرم شديد.


*  هن معجزي جو متن ”ڪليات حمل“ مطبوع، سنڌي ادبي بورڊ پريس سن 1957ع تان ورتل آهي.

+  حمل فقير ولد رحيم خان لغاري، بلوچ قوم جي سيرڪاڻي قبيلي جي بهولاڻي پاڙي مان هو. سن 1225هه/1809ع ۾ ڄائو. سندس وڏا لڏي اچي خيرپور رياست ۾ رهيا هئا، پر پاڻ ڳوٺ ميوي خان لغاريءَ لڳ تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ رهيو. ننڍي هوندي ئي تعليم ۽ تربيت چڱي ملي هئس. پارسيءَ ۾ هوشيار هو. پاڻ به پڙهائي جو ڌنڌو اختيار ڪيو هئائين. ان وقت جا خاندان جهڙوڪ مير عليمراد، مير شاهنواز، پير صاحب پاڳارا ۽ لکي سادات کيس قدر دانيءَ جي نگاهه سان ڏسندا هئا. لواريءَ وارن بزرگن جو مريد هو، انهن جي تعريف ۽ عقيدت ۾ قصيدا چيا اٿس. 2- صفر 1296هه/1878ع ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر ڳوٺ محمود لغاري (تعلقي سڪرنڊ) لڳ ”ابراهيم شاهه واري مقام“ ۾ آهي.

(2) سير سان= گس، پيچري يا واٽ سان.

3 تو سام ۾=تنهنجي پناري، تنهنجي پناهه ۾. تڪا=ڀورا، ڳڀا، ذرا ذرا(گوشت جا)

8  آئين=اوهين. چين کؤن=نقصان کان. ڇانؤ جو ڇورن ڇپر=جو يتيمن جي ڇانؤ ۽ ڇپر يعني اجهو ۽ اوٽ آهي

9  نيت نيت ٿا نيون= نيڪ نيت ٿا رکون

10 سڏ موت جي سورن سليا=موت جي سورن جي سڏ منجهن سوراخ ڪيا

11 ڀرينديئي= شروع ۾ ئي، اول ئي، درڪار جي! ڏيکارجي! ۾ ”جي“ حرف ندا آهي.

13  اتو=چيو

14  بربري=برابر

18 ڇڏ ڇڏيندس ڪينڪي=ڇن ۾ (اڪيلو) ڇڏيندس ڪينڪي. بتر= بدتر

[1] منجهه جنان= جنتن ۾. سقر=دوزخ. دامدار=دام وارو ماري.

22  ڪثير=گهڻا(ڪرم). نابين ڪيائين ڪئين بصير=ڪيترائي نابين نرت وارا(بصير) ڪيائين. اُهو=هرڻي. اسم=قيدي

* هن معجزي جون ٻه روايتون اُتر  مان عبدالڪريم سنديلي (لاڙڪاڻي) ۽ غلام قادر (تعلقي ميرو خان) کان مليون.

+  شاهه محمد ديدڙ ميرن جي آخري دور ۾ ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. مشهور شاعر ”حسين فقير ديدڙ“ سندس نانو هو، ان جي صحبت ۽ تربيت ئي کيس پخته ڪلام شاعر بنايو. سندس ڪلام تي گهڻو ڪري ”حسين فقير ديدڙ“ جو رنگ چڙهيل نظر ايندو. سمورو عرصو درس تدريس ۾ مصروف رهيو. سندس ڪلام بي انداز آهي، جنهن ۾ مولود، مداحون، خطبا، معجزا، حڪايتون ۽ جنگ نامو مشهور آهن. ”سينگار“ تي سندس ڪيترو ئي ڪلام قلمي نسخي جي صورت ۾ هو جو سندس پوين کان گم ٿي ويو. 16- رمضان 1309هه/ 1891ع ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org