معجزو نبي صلعم جو: رڪان
ڪافر وارو
(چيل عبدالرحمان جو
)
لِکي ’مَطالعُ الانوارَ، ۾، هن پر مذڪورا،
جئن هو ڪافر هيڪڙو، منجهه مڪّٖي مبارڪا،
منجهه زماني حضرت رسول جي مير محمّد شاهه،
’رُڪان‘ نالو تنهن جو، منجهه ملڪ مشهورا،
پاڻ سو پنهوار هئو، اَصلي اِبتداء،
سو چاريندو هو ٻڪريون، پاسن منجهه ’حِرا‘،
جو آهي ڏونگر هيڪڙو، مڪّي کي ٻهرا،
تت ايندو ويندو هئو محمّد مصطفيٰ،
۽ رُڪان پڻ تنهن واٽ ۾، هو ڪندو گذرانا،
هو زوراور مرد سو، قُوتّ قَويا،
جئن سؤ مَرد پٖير اُن جو، هئا نه چوريندا،
سو هو زوراور پڌرو، منجهه سڄي عربا،
سو عدُو هو نبيءَ جو، هو ڪندو غيبت گلا،
پڻ چوندو هو قريشن کي، گهڻي فخر منجها،
ته، جيڪڏهن گڏجي مون کي سو محمّد اَمينا،
ته هوُند ڪريان دشمني، جئن آن سُڻئو سا،
آءٌ آهيان تنهن جي واٽ تي، جي ور پوي مون کا،
ته خبر اُن قضيي جي، پڻ سُڻوئي سڀڪا.
تان جان ويو ڏينهن هيڪڙي، حضرت ڏُونہ حِرا،
سو ورندي گڏيو واٽ ۾، سو ’رڪان‘ پنهوارا،
چيائين حضرت حبيب کي، منجهائي ڏمرا:
ڪِ تون ڪير آهين، ڪِ محمّد تنهنجو ناءُ؟
ڪِ چائين نَبي تون ٿو، ڪِ ڪوٺين اسلاما،
ڪِ تون اُهو ئي آهين، جو بتن ڪرين گلا؟
تان چي، آءٌ اُهوئي آهيان، صحي سو شخصا،
تڏهن چيو ’رڪان‘ حضرت حبيب کي، ته هلي اوڏو آ،
اُها قُوّت تو ۾ ڪِهڙي، جو تون چائين نبيّا،
اَڄ نه ڇُٽين مون ڪنا، مطلقاً مُورا،
هُئين تون حيات دنيا ۾، گهڻا ڏينهڙا،
اَچ ته آزمايون پاڻ ۾، پنهجي قوَّتا،
تان اچي بلندي ڪنهن کي پانهنجي پارا،
پڻ آهي شرط پانهنجو، مٿي هن قولا،
جي آءٌ دسيندس توکي، اي محمّد اَمينا!
ته دِين نه سچو تنهنجو، پڻ ڪندوسين قتلام،
۽ جي تون دسيندين مون کي، اي محمد اَمينا!
ته ڏهه ڏيندوسين ٻڪريون، ۽ بت سڀ بيڪارا،
مُور نه مڃيندس تَن کي، وري هميشا،
پڻ ڀائيندس سچو دين تنهنجو، سچو تو الله،
اَچ ته ڪريون پاڻ ۾، قُوّت ڪسرتا.
تان جو چُهٽا پاڻ ۾، گذري ويرم ڪا،
تان ڪيري وڌو ’رڪان‘ کي مير محمّد شاهه،
چڙهي ويٺو اُرهه اُتي، سندٖي رڪانا.
تڏهن ڪيون ’رڪان‘ معذرتون، محمّد کي مهندا،
ته اُٿي قريش مون اُتا، سچا سونهارا!
تون سچو پنهنجي قول ۾، اي محمّد مصطفيٰ!
پر اَڃا وڙهندس توسين، ٻئو مرتبا،
وري وڙهيا پاڻ ۾، تان پڻ ڪرئو رڪانا،
وري چيائين نبيءَ کي، ته اُٿي اُرهه مٿا،
تڏهن اُٿئو ’رڪان‘ جي، اَحمد اُرهه مٿا،
وري ٽيون مرتبو، پڻ چيو رڪانا،
آهي اڃا هيڪڙو، شرط مشروطا،
ڏهه ٻڪريون ٽيون پڻ، ڏيندس توهين کا،
جي دسيندين مون کي، ٽئون مرتبا،
تڏهن اُٿي ياد ڪئا ’رڪانا‘ پانهنجا بُتڙا،
سنڀاريائين سڀن کي، مٿان ٿي مُورا،
پڻ چيائين سڏ ڪري، اُتهين آوازا:
اي لات، اي مُناتِ، اي ياري ڏي عُزا،
”آفراَيتُمُ اللاَّتَ وَ العُزّيٰ و مَنٰوةَ
الثّالِثَةَ الاَخرى“ ڪڍئو قرانا،
ته جي ڪڏهن نه ڏيندا مون کي يارِي هن ويرا،
ته مور نه مڃيندس آن کي هر گز هميشا.
ٽئو مرتبو پڻ وري، ڪئائون آزمائشا،
تان پڻ ڪيري وڌو ’رڪان‘ کي، مير محمّد شاهه،
تڏهن ٿئو شرمندو نِڪڻي ڦِڪو ڦڪايا،
چيائين حضرت حبيب کي، اي مير محمّد شاهه!
تون آهين سچو سَڀن پرين، منجهه پانهنجي قولا،
پڻ سچو اَلله تنهنجو، اي سچا رسولا!
بت باطل ڪوڙ ٻئا، ڪوڙا ڪذابا،
پڻ ٿئو يقين مون کي گهڻو ويساها،
اَڃا معجزو هيڪڙو ٿو مڱان تو ملا،
تڏهن چيو رسول ربّ جي، اُو ڪهڙو معجزو آهه؟
تان چي هو جو درخت، آهي اُڀو واريءَ منجهارا،
اَڌ چيرجي اُن جو، اَچي تو مهندا،
پڻ اَچي ڏي شاهدي، سندءِ رسالتا،
ته آءٌ ايمان آڻيان، هوند گهڻي يقين منجها.
تڏهن ڪئو اشارو درخت کي، محمدّ مصطفيٰ،
تان اَچي اَڌ اُن جي ڏني، شاهدي شوقا،
پوءِ وري وئو ماڳ پنهنجي، جُڙئو جاءِ بجاءِ،
ڏٺو ’رڪان‘ معجزو سندو مير محمّد شاهه!
پر آئيو نه اِسلام ۾، مهندا محبوبا،
چيائين حضرت حبيب کي، اي مير محمّد شاهه!
ته ڪاهي وٺ ٽيهه ٻڪريون، هو جو شرطا،
تڏهن ڏنو جواب تنهن کي مير محمّد شاهه،
ته ڪُہ ڪريان ٻڪريون، تون آڻ اِسلاما.
تڏهن چيائين حضرت حبيب کي منجهان نيازا،
ته ڪندا چٿريون مون مٿان، ماڙهو مڪّي جا،
چوندا ته ’رڪان‘ مغلوب ٿئو، وييسَ قُوّتا،
ڪيون هيون مون ڳالهيون، وڏيون ان مهندا،
فخر ڪئا مُون تن ۾، پنهنجي قُوّت جا،
وڏا ويڻ مُون ڪنا، ٿئائِي هئا،
آهيم عار اِيهِي، اِهو ئي سببا،
پر آڻيندس ايمان تو اُتي، انشاءَ الله تعاليٰ،
پڄاڻا ڪنهن وقت جي، آهيم اُميدا.
پوءِ مرسل آئيو محمّد مڪّي ڏانہ،
تان مهندا گڏئو مير کي سچو صديقا،
پوءِ پڇيائين پرينءَ کي، ته هيسِين ڪٿ هئا،
تڏهن ڏنائون حقيقت ’رڪان‘ جي، ته گڏئو اسان کا،
هن پَر هو سو مقابلو ۽ هِن پَر مذڪورا،
تڏهن ڪئو شڪرانو ربَّ جو حضرت صديقا،
ته ڏني ياري حضرت کي، ربّ پانهنجي پارا،
ايءُ پڻ ظاهر ٿئو معجزو، سندو سردارا.
معجزو نبي صلعم جو: محسن جي جئيري ٿيڻ وارو
راوي روايت ٿي ڪئي، اِن پر اقداما،
ڪئي روايت تنهن جي حضرت ’انس‘ اصحابا:
جڏهن طرف ’تبوڪ‘ جي، هو سنبهيو سردارا،
پاڙي پرينءَ رسول جي، هئي هڪ اَڀري عورتا،
هو پُٽ تنهن جو هيڪڙو، نالي ’مُحسنا‘،
جوان جنگي جهونجهار هو، انصارن منجها،
تنهن چيو پنهنجيءَ ماءُ کي، اَما اِصمتا!
آءٌ ويندس نبيءَ ڪريم سان، مون کي جهل نه ماءٌ.
ماءُ چيو پٽ کي، منهنجا اکين ٺار ابا!
والد، چاچا تنهنجا، سڳا سوٽ هئا،
سي ’احد‘ جي جنگ ۾، ٿيا شهيدا،
تن مان بچنم هيڪڙو، جاني مون جگرا،
تون نه وڃ اوڏهين، پسر پيارا،
محسن چيو ماءُ کي، اما اِصمتا!
هينئون رهيم ٿو ڪينڪي، ڏيهه ڌڻين ڌارا،
اِئين چوندي اٿيو، محسن ماءُ وٽا،
هلي آيو حضور ۾، مهندان محبوبا،
ماءُ پڻ تنهن جي پٺ ۾، آئي اُن ويرا،
عرض ڪيائين ادب سان، يا رسول الله!
محسن مڃي ٿو ڪانڪا، منع مادرا،
تڏهن نهاري محسن ڏانهن، ڪيائون نصيحتا:
اول درجو ماءُ جو آهي، پيءُ کان زيادا،
تڏهن ڪِري قدمن تي پيو، محسن اُن ويرا،
مون کي ڇَڏ مَ منهنجا پرين، اڙين اَڌارا!
آءٌ هلندس اوهان سان، سچا سردارا،
پوءِ ورتائين موڪل ماءُ کان، ڪري معذرتا،
ماءُ ڏني پٽ کي، رضا رخصتا،
محسن سنبهيو مير سان، هليو هيج منجها،
رسيا طرف تبوڪ جي، نرمل نورهديٰ،
اڳيان تبوڪين پڇيو، اهڙي طريقا،
ته هي لشڪر ڪنهن جو، وڃي ٿو ڪيڏانهه؟
ڏنو جواب تن کي ابابڪر صديقا،
لشڪر آهي اسلام جو، آهيون اصحابا،
آهي اسان تي ڪارڻي، جو مٺو محمّدا،
سا سڻندي ڳالهڙي، ٿيا تبوڪي تيارا،
لڳي جنگ غوغاءُ ٿيو، ڪٺا ڪفارا،
مردود سڀ ماريا، جيڪي جنگي جوانا،
ڪي آيا اسلام ۾، ڪي جهنم منجهه ويا.
اُنهيءَ جنگ ۾ ٿيو، محسن شهيدا،
ٻيا سڀ وريا پوئتي، ڪَيُنِ خير خدا،
ساٿ سلامت آئيو، مڪّي کان ٻهرا،
آئي عورت اَڀري، جا محسن سندي ماءُ،
مون کي ڏيو منهنجا پرين! منهنجي امانتا،
سا سڻندي ڳالهڙي، عجب منجهه پيا.
اُڀن کان اُلهي آئيو، ملڪ جبرئيلا،
جبرئيل جواب ڪيو، ڌڻيءَ جي پارا،
ته نه ڪريو دل ۾ ڪو خاطر خيالا،
اوهين سڏيو محسن کي، ته اچي اِن ويرا،
تڏهن سڏ ڪيو محسن کي مِٺي محمّدا،
سگهو آءُ ساعت ۾، ڪر مَ ويرم ڪا،
ماءُ، محسن! تنهنجي، ڪري ٿي طلبا،
ڪيو طلب امانت جي، رهي مون نه سا،
چوڏهن منزلون پنڌ جون، هو وچ مڪّو تبوڪا،
آيو انهيءَ ساعت ۾، محسن ان ويرا.
وٺي ٻانهن محسن جي، ڏني مٺي محمّدا،
وٺ امانت پانهنجي، سلامت صحيحا،
پوءِ ماءُ پٽ گڏيا پاڻ ۾، ٿيون شاديون شڪرانا،
اهڙا نبيءَ ڪريم جا، آهن لکين معجزا،
چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، لکين دائم درودا،
ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.
لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله
معجزو نبي صلعم جو: زهر پيل گوشت وارو
(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو
)
چوهتريون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،
ته جڏهن فتح ڪيو خيبر کي، حضرت محمّدا،
پر اڃا هئو خيبر ۾، ماڳهين محبوبا،
تڏهن ڪافرياڻي هيڪڙي، يهودين منجها،
زينب ڌيءَ حارث جي، لِکن تنهن جو نانءُ،
تنهن هديو هلايو ماس ٻڪريءَ جو، ڏنہ محمّد شاهه،
سو گڏي مُڪائين وهه سين، ڀري زهر ملا،
سوئي زهر وڌائين تنهن ۾، جو ڪري ڪو نه جٽاءُ،
پڇا ڪيائين پَر ۾، ڪن واقفن ڪنا،
ته ڪهڙو ماهه ٻڪريءَ جو، سرور گهڻو سيباءِ،
تان چيائون ته گهڻو وڻي ورنَہ کي، سندي ٻڪريءَ
ٻانہ،
تڏهن ظالم وڌو زهر ٻانهن ۾، ويتر ٻئنئا،
جڏهن اچي رسيو، هديو حضرت کا،
تڏهن تنهن ساعت ۾ هئا، حبيب وٽ ڪي صحابي ٿورا،
پر هو تن منجهه هيڪڙو، بِشر پٽ براءِ جو حاضر
حضورا،
جي ميڙي وهاريائون کائڻ تي، سيّد صحابا،
جان پهرين حضرت کڻي، ٻانهن ٻڪريءَ جي، ڪي چکيو
ماهه،
بِشر پڻ ڀريو هيڪڙو، اڃا پهريون گراهه،
تان سچي حبيب فرمايو ته کائو ڪين هتا،
ويرياڻيءَ هن ٻڪريءَ ۾، وهه وڌوئي آهه.
تڏهن هٿ ڪڍيو مومنن، تنهن ماهه منجها،
ماڻهو مڪائون زينب ڏونهن، گهرايائون سا،
پڌرو چيائون تنهن کي، ڪري اظهارا:
ڪم ههڙا ڪوهه ڪرين، ڪافر ڪڄاڙي لاءِ.
تڏهن سچي ڪيائين سڀڪا، موچاري مهندا،
چي، هيءُ مَٺو ڪيم ڪمڙو، ڄاڻِي ڄاڻ منجها،
پر ٿي ڀانيم چِت ۾ ته جان سچو نبي آهه،
تان ذرو نه ٿيندو تنهن کي، ضرر زيانا،
۽ جان تفاوت آهي ڳالهه ۾، تان ڇٽنداسون سُورا،
جيئن ڀڃي دين اسان جو، ڪافر ڪري ڪوڙا.
تڏهن حضرت رسول عَفوَ ڪيو، رحمت سين عورت کي
گناها،
ڪا ڪيائين تنهن سين موٽي عقوبت ڪا،
اهڙا سٻاجها سُپرين، مِٺا ماکيءَ ساءِ،
سچو رسول رحمت جو پيغمبر خدا،
جنهن بشر کاڌو ماهه سو، اُو هليو ڌڻيءَ ڏانہ،
هئا گهڻي مدت دنيا ۾، تنهن پڄاڻا،
سونهاري شفيع جا، اهڙا معجزا،
پڻ آهي صحيح حديث ۾ اهڙي روايتا،
ته جڏهن اوڏو آيو وقت وفات جو، کي پيغمبر خدا،
تڏهن سو زهر اثر ڪيو، موٽي ٻيهارا،
سائين شهادت نصيب ڪئي، پنهنجي پرينءَ کا،
مرتبو نبوتّ ۽ شهادت، ٻئي سي گڏيا،
ڳڻي ڳڻيان ڪيترا، ڪرم قادر جا،
سائينءَ پنهنجي پرينءَ سين، پسو فضل ڪيا،
پر آهي اختلاف عورت ۾ عالمن جو، منجهه زينب
اسلاما،
ڪن ڪتابن ۾ آئي، اهڙي خبر اِها،
ته جڏهن ڪوٺي آندائون مهندا محمّد شاهه،
تڏهن ڪفر ڇڏيائين، اسلام آندائين، لاهي دل دغا،
ڪلمون چيائين پرينديئي، پيغمبر اڳيا،
چيائين ’اَشهد اَن لا اِلہٰ الا الله و اَشهد اَن
محمّد رّسول الله‘ ظاهر زبانا،
پسو عجائب ربّ جا، جهڙائي وڏا،
ڪفران ڪڍيو واٽ ڪري، موٽايو مُوڙها،
لاهي لحظي ۾ هيڪڙي، وِرهه ورهن جا،
ڪريو ڪجي تنهن صاحب کي، سدائين ثنا.
معجزو نبي صلعم جو: جنتي پوشاڪ وارو
آهي ڪتابن ۾، اهڙي حڪايتا:
ته مديني شهر ۾، هئا ساڪن شفيعا،
ته مڙي عربياڻيون آيون، قريشيءَ مهندا،
آيون وڏي ڏيل سين، ڍڪي سڀ ڪپڙا،
گهڻي شان شعور سان، زينت ذوق منجها،
هُين دغا دل ۾، مَٺائي مورا،
ته ڪنهن پَهه ڏسون ڏانٌو سين، گهر تڙ گهوٽ سندا،
ته ڪا تنهن جي گهر ۾، آهي مڏي مال متاع.
اچي چيائون سردار کي، مِٺا محمّدا!
اَٿانٌوَ دعوت وهانءَ جي، ڪريو قبولا،
ابوجهل جي ڌيءَ جو، آهي نڪاحا،
هلڻ گهُرجي اوهان کي، جئن مڙندا عزيزا،
چئو پنهنجيءَ عاجزان کي، اسان جي پاران،
ته هلي ويهي وچ مارڪي، بيبي بتولا،
سو سُونهندو مارڪو، جنهن هلندي فاطمة الزهريٰ.
تڏهن هليا بيبيءَ ڏانهن، سچا سردارا،
اچي چيائون بيبيءَ کي، اما فاطمتا!
ابوجهل جي ڌيءَ جو، اڄ آهي نڪاحا،
هلڻ گهرجي پاڻ کي، جت مڙندا عزيزا.
تڏهن فرمايو فضل سان، بيبي فاطمتا،
ته، سچ چيو تو سيّدا، اي ڌُئل دوست خدا!
پر پهرڻ اسان جي انگڙن تي، آهن پُراڻا،
تنهن ۾ پييون ٿڳڙيون، موٽي ٻِهارا،
کَٿَن جهڙا انگڙن تي، آهن لباسا،
اتي ويٺيون هونديون، شريڪياڻيون اڳيا،
ڏسڻ سان سي ڏينديون، ترت سڀ طعنا،
ڌيءَ جا ابوجهل جي، سا ڪندي ويڻ وڏا،
پڻ جوءِ ابوجهل جي، آهي هچاري اصلا،
جا وجهندي هئي واٽن تي، مٿي راهه ڪنڊا،
تن ۾ ويهڻ اسان جو، ناهي صلاحا.
چي، ريت رسم اسان جي، اصل آهه اِها،
ته جيڪو اسان سين ڪندو، مَٺائِي مُورا،
اسين ڪريون تنهن، سين ٻَهون ٻاجهه ٻڏا.
تان اُلهي آئيو اُڀن کان، حضرت جبرئيلا،
اچي چيائين نبي ڪريم کي، يا مٺا محمّدا!
متان ڪريو دل ۾ ڪو خاطر خيالا،
وٺيو اچان ٿو ساعت ۾، وڳا بِهشت منجها.
سو وهلو وري آئيو، مَلڪ جبرئيلا،
آندائين جنّت مان، زيور زينت جا،
حورون هلي آئيون، منجهان بهشت فردوسا،
بغچا مٿن تي کڻي، آيون هيج منجها،
آڻي رکيائون راض سان، بيبيءَ جي اڳيا،
تڏهن سَرهي ٿي سَرير ۾، بيبي بتولا،
سَنبهي هلي ڪاڄ تي، سڳوري سهجا،
پيرين پيادو پنڌ ۾، مهندان مَلڪ جبرئيلا،
حورون تنهن جي پُٺ ۾، ٿيون دافع ۽ دستا،
هلي ويٺي ڪاڄ ۾، سڳوري سهجا،
تڏهن ٽپا ڏيئي اُٿيون، عربياڻيون اڳيا،
پيون پريندي هوءِ ۾، همہ حيرانا،
ته لک اسان جي گهر ۾، ڪروڙين پدما،
پر نه ڏٺاسون ڪڏهن، اهڙا قيمتي ڪپڙا،
جوءِ ابوجهل جي، ڪُڇي ڪين مُها،
ڌيءَ ابولهب جي، ٿي ڦڪي في الحالا،
واحد وڌايو، مرتبو، سندو مير محمّد شاهه،
اوهين ڏسو مومنان معجزا، مديني مير جا،
لکين صلواتون سيّد تي، دائم درودا،
ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله
|