جيڪو منڪر آهه هن ڏهؤن، تنهن کي ڪاٿي جاءِ ناهه،
دين روشن آهه هِن جو، هِن جي آئي وئي اونداهه،
ٻنهي جهانن جو وسيلو، روز قيامت شفيع آهه،
هي نبي المصطفيٰ آهه، غير وارا خيال لاهه،
خوف خطرا ڪر ڦٽي تون، جاڳ ننڊ مؤن ٿي بيدار.
ساڻ شاهدي معجزي جي، سينو سائل جو ٿيو صاف،
دفع ٿيس ديدار سان جي، خيال ويٺا هوس خلاف،
ڪسوَٽيءَ تي قلب پنهنجي، سونَ سمجهي ٿيو صراف،
پوءِ قدمبوسي ڪيائين، ترت تعظيمي طواف،
ڪو نه ڏسندؤ ڪڏهن ڀي، هر گز اوهان ڪو در ديوار.
احمدا! اسلام تي ڪر، استقامت تون عطا،
پيروي پنهنجي تي تون، وٺ بچائي ڏهؤن خطا،
خيال خطرن کي وڃائي، ڪر نصيب راههِ خدا،
رازق رزق بخش برڪت لاهه محتاجي سدا،
صاف ڪر سيّد سچا! دل جي ڪٽورِي تان زنگار.
اُمتي ادنيٰ تنهنجو آ ”امام بخش“ عيبدار،
لاڳ جي لالچ رکان ٿو، آهيان منگتو مڱڻهار،
هڪ ڏي فرزند فائق، ٻيو پسائي پنهنجو پار!
ڪج شفاعت منجهه قيامت، آهيان عاصي گنهگار.
ساڻ مڙني مومنن، ڪلمي سان ڏي قلبي قرار.
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله
معجزو نبي صلعم جو: ڪانگ وارو
(چيل عبدالرحيم جو )
ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عليما،
جڳائي تنهن صاحب کي، سڀڪا ساراها.
آهي ڪتابن ۾، لکيل اهڙي پچارا،
ته، هڪ ڏينهن دعوت طعامن جي، ڪئي مٺي محمّدا،
هزارين حلوا رڌا، ڪي چِندي چون ٿا،
لحم لذيذ لقما، خاصا کاڄ رڌا،
اُتي ماڻهو مِڙي آئيا، عرب اصحابا،
کائي مڙئي خوش ٿيا، خاصي طعام منجها.
مُرغن اُت ميڙا ڪيا، چُوڻي چُڳڻ لاءِ،
ڪانگي طعامون ڪٺو ڪيو، نه کاڌائين لُقما،
ڀري تنهن ڀرپور ڪري، چتائِي چُهنبا،
تڏهن نهاري نبيءَ ڪريم، مٺي محمّدا،
پڇيو اُن پکيءَ کان، ته ڏي تون حقيقتا،
ته، ڪوه لڪائِين لقمون، ڪڄاڙي لاءِ ڪانگا؟
تڏهن بيهي مرغ بيان ڪيو، مرسل جي مهندا،
ته، حضرت! منهنجي حال جي، سڻ حامي حڪايتا؛
پکي پيرسن هڪڙو، مجنو سڻ مستانا،
پيريءَ ڪري تنهن جا، ٿيا پَر ڇڻِي پرزا،
آڻيان ڀور اناج جا، آءٌ کسي ٻارن کا.
وجهان اُن جي وات ۾، ڦڙا آب سندا،
پوءِ منهنجي دل خوش ٿئي، سائين سرورا!
هَنيٌو وتان اُن جي هؤر ۾، يا مٺا محمّدا!
تڏهن چيو سچي ڪارڻيءَ، مٺي محمّدا:
ڪوڙئين ڏج ان ڪانگ کي، منهنجا سهجئون سلاما،
ڏاتر ڏيندو ان کي، سو قادر قُوّتا،
وٺي اچج تنهن کي، اسان جي اڳيا.
وٺي رخصت رسول کان، موٽيو ان ويرا،
وٺي اڏاڻو اوڏانهين، جتي وڻن واهيرا،
اچي رسيو ان جاءِ تي، جتي پکي پيرسَنا.
سو، ڏيل ڏرمايو ڏسڪي، ڏاڍي ڏک منجها:
خواهش نه رکندس طعام جي، ڪا ٻولي ٻِهارا،
مون کي هن قيد کان، هوند ڪهي ڪرين ڳترا.
تڏهن ڪانگل چيو ان کي، اڳيان ايئن مهندا:
سڻ سلام سردار جا، تون پُرزو پيغاما.
تڏهن سڻي سنيهو سردار جو، ٿيو سرهو سريرا،
گوهر گل چهرو ٿي، چمڪيو چوڌارا،
ته، ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان؟ منهنجي وس نه ڪا،
نه ته هوند اُڏامي اوڏو ٿيان، پاڙي منجهه پريا!
پوءِ حڪم ساڻ الله جي، پَرَ ٿيس پيدا،
اُٿي اڏاڻو اُن طرف، ڏنهن رهبر روانا،
اچي رسيو اُن جاءِ تي، جِت مٺو محمّدا.
اچي ڪانگو قربان ٿيو، ڪرِي منجهه قدما،
هٿ چميو، پير چمي، مٺي محمّد جا.
آگا! ”عبدالرحيم“ کي، مرهين شل موليٰ!
پاڙي محمّد ڪريم جي، شل پورا ٿين پساهه،
چئو صلواتون رسول ڪريم تي، دائم درودا،
وڃن سي ايمان سان، جي ڪلمون چون مُها!
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله
معجزو نبي صلعم جو: ڪانگ وارو
(چيل رمضان ڪنڀر جو
)
هڪ الله جل جلالہ، ٻيو سندس محبوبا،
جڳائي جن جي صفت ساراها.
قمر ڪچهريءَ وچ ۾، خاصو خوشنودا،
وير وهاريو ويجهڙو، مرغ کي مهندا،
خبر کيانتي کان پڇي، خاصي دوست خدا:
گهڻا گذاريئي ڏينهڙا، منجهه دار هن دُنيا؟
تڏهن نبيءَ نرمل نور کي، ڪيائين سجدو سلاما:
سوين سير سبيل ڪيام منجهه هن جهانا،
نظر نه آيم يا نبي! تو مثل محبوبا،
تون مرهم مريضن جو، دارون درد دوا،
تون شمع دل جو سوجهرو، ابر عنايتا،
ختم الرّسل، خيرالبشر، اونهون اسرارا،
شافع اُمت روز حشر، ٻئي ڪنهن دعويٰ؟
حضرت منهنجي حال جي، سڻ گويائي گفتارا:
سانگ پئي ڪنهن سير تي، ويس پري پرڏيها،
پَروَس ٿيس پرديس ۾، قسمت قيدالماء.
شهر ولايت شام ۾ هئي حسن حيرت سا،
پُرس تنهن ۾ پاتشاهه هو عادل اميرا.
وڻ ڪنڊو هو ويجهڙو شهر کي ٻاهرا،
وڃي ويٺس تنهن وڻ تي، يا رسول الله!
وري وِير! وطن جي، ٿيم اُڪنڊا رواحا،
سڄڻ ساريم سپرين، ياور يگانا،
هنجون هاريم، ٿي نهاريم، سڪيس سڄڻ لاءِ،
اکين اَگم ڪيا، بوندن بس نه ڪا،
وڇڙيا وار وطن تي، شل! ميڙيندو موليٰ.
اٿي ٿيس اُٻاڻڪو، مير محمّد شاهه!
وارث ولوڙن جا، مٺا محبوبا!
ڪامل! ٿيم وطن جي طلب گهڻي تنها.
ويٺو تنهن وڻ هيٺ هو، فائق فقيرا،
سو جيڪي آڻي جاءِ تي، دانہ درويشا،
تان آڻي فقير ان جاءِ، ڏنم قوت ڪڻا،
سو کائي، چُڳي چاق ٿي، ديکيم دوارا،
موٽي مهل تي، اچي هوس ويهندو وڻ مٿا.
پوءِ حضرت! ڏينهن هِيڪڙي، ڪيم سرور ستونا،
ويس پراهون نڪري، جُنبِي جلدي ما،
پوءِ سگهو آيس سيگهه ۾، اپر اونداها،
ته، جاني انهيءَ جاءِ تي، سو يا ور نه يگانا،
ويو ناگهه نڪري، ڇڏي آسڻ اوتارا،
هوم آسابند ارواح جو، سمر سهيا،
آيم جالڻ اُن ريءَ اپر اولاڪا،
نهاريم ٿي نرت مان، وَر ڏيو وصلا،
پوءِ ڳولو پيس ڳوٺ ۾، يا حضرت حبيبا!
سَٽون سيرن ۾ ڏيان، وتان گهمندو گهٽين کا،
تان اچي پيم اوچتو، نَر تٖي نگاها،
سو مرد ماڙيءَ سامهون، اڀو عاشق آهه.
ٻي مُنڌَ محلات ۾، حيرت حسينا،
دختر هئي بادشاهه جي، وڏي رعب ريا،
سا مورت ماهه اڳري، نازڪ نزديڪا.
عقرب تارا تنهن اڳيئون، ڪجل آهه ڪجا!
سج، صورت سامهون، ڪري تابش نه ڪو تاء،
مہ لقائي لڄ ڀري، قمر قنديلا،
رخ تنهن جي روءِ جا، پون پکين پرتوا،
سَٽجو پون پَٽ تي، ڪيفي ڪبابا،
کامي وڃن خاڪ ٿي، پچي پتنگن جان،
هوءَ کِلندي ئي خون ڪري، خوشتر خوشحالا.
هئي نه ڀيرو هيڪڙو، قدر نه پيئي ڪهلا،
نينهن ڪيو تنهن نار کي، نازڪ نهالا،
جئن چندن وڻ جانٌ کاتِي پرت پيچ پيا،
هن جي عشق الوٽ ڪئي، محبت مجازا،
هوءَ ملڻ لئي ماندي مري، روئي رت ريلا؛
هوءَ گهڙي ڌار نه گهاري، جاني کؤن جدا،
تنهن ڪڍي ڪيترڪ موڪلي، راڻي راز منجها:
تون وڃي عاشق کي ڏجان، دم دم دلاسا،
مَ ٿي ماندو مون پرين، دلبر! دلگيرا،
عاشق تون اعتبار ڪري، سڻ سالڪ سچارا،
هل، اينداسون اوڏهين، هڪڙي پهر پڄاڻا.
تڏهن جُنگ ويو جاءِ تي، وري ورياما،
واٽون ڏسو وِجهلي گهڻو، اڄ ايندم عجيبا.
ٿيس ڳرهڻ ڳالهيون، وحدت ورجان.
ڌارو ڌار نه گذري، ائين ساعت ڪا،
ته قافلو ڪنهن پار جو، اچي پريان ٿيو پيدا،
هئو سوداگر ساٿ سان، ورنہ ولايتا،
ويلو پيس وچ تي، تنهن منزل مڪانا،
ويڙهي ويٺا وڻ کي، ڦِري چوڌارا؛
پوءِ جاسوسن جو ان کي ڏٺو ڪو ڏوران،
هو تَڙينس تڪڙو، سڀئِي ساٿيڙا،
دزد ڪري داناءُ کي، آڻي ڪيائون حاضر حقيرا.
چيس سوداگر، سَل سگهو، آهين ڪير ادا؟
سو سُڏڪيو ساهه ٿڌو کڻي، مرد مسڪينا:
قصو پنهنجي ڪم جو، ڪيائين منجهان ماتاما،
ته، مون کي سڪندي سال ٿيا، پچندي پٌرينءَ لاءِ،
وڃن وهامي راتڙيون، تڪيندي تارا،
سي دلبر هن ديوار ۾، منهنجا اڄ سڄڻ ايندا.
تڏهن سوداگر سمجهي رهيو، ساٿين سردارا،
عزت عاشق کي ڏنائين، ياور يتيما،
کَٽ بخشيائين خان کي، تنبو طولانا،
سونا سيج بند سهڻا، جواهر جَڙيا،
پوءِ هُونگاري هليا، ڪاهي ڪُل ڪرها.
جن اوقات عشق جا، تن ساٿين سُور پيا-
راڻيءَ رات نه گذٖري خاطر خيالا.
ترڪ ڏنائين طول کي، سک سيج نه ستي سا،
ماڙي ڇڏي مسند، هنڌ، محلات، حجرا،
درد دلوچا دوست ٿيس، وِهه وهاڻا،
کٽ ڇڏي پٽ تي رکيو، پير نه ڏنو پا،
تنهن کي برهه ڏياريون بيوس، قدمي ڪشالا.
سا، ڪري بهانو باغ جو، هلي هيج منجها،
آفريدي ڪيائين اڳ ۾، نڱي نروارا،
ٻي سڀ چپ چپاتي ڪنهن کي ڪل نه ڪا.
رند وٺيو رڙندي وڃي، ڳجهارت ڳوڙها،
ڪيس پو پرينءَ جئن دور درياها،
اڀريس لهريون عشق جون، اجگر اليلا،
ڇلڪيا ڇول اکين مان آتش آب سندا،
حسن ڪيان تنهن حَسين جي، جڏهن گويائي گفتارا،
چنڊ تارا سڀ چُور ٿيا، همہ حيرانا!
آئي شهبانو باغ ۾، شوقئون شتابا،
گل سڀ گڏ ٿيا، همہ هيڪاندا،
گلن گلزاريون ڪيون چوڌاري چمڪا،
گل گشتو، گل پشتو، گل ڦل ڦلڪارا،
گل نرگس، گل رهبيل، گل گلشن گلزارا،
گل زردو، گل زنگي، گل ڪيسو ڪچنالا،
گل گونٽو، گل گلاب، گل کٽڻهار کليا،
گل خيرو، چنبل چهرو، روشن رنگيلا،
گل جاءِ، گرگ زهرا، تڪمي تماشا،
گل هزارو حڪمتي، گل نرمي نظارا،
گل کيت ڪرن ڪيچي، گل سورج ۽ لالا،
ٻيا ڀي گل ٻَهُون هئا، افضل ۽ اعليٰ.
ٿيو شمع سڀن ۾، سوجهرو مثل مهتابا،
سي صورت جي مقابلي ٿيا مَٽ نه مثالا،
پرتم سندي پرتوي، ڪيا گرد مڙئي گلڙا.
پڇندي وڃي پيچرا، پرينءَ جي پارا،
مهر ڪيائين مشتاقاڻي اچي اظهارا،
عاشق سر عجيب تؤن هوند ڪري قربانا،
هوءَ گهوريو گهوري جندڙي، پل پل پساها،
”فَانَّ مَعّ العُسِريُسّرا اِنّ مَعّ العسرايسرا“
ڪامل قرانا،
ويا گوندر گذري، ڏکن ڏولاوا.
ربّ ميڙيا ”رمضان“ چئي، ويراڳي وڇڙيا،
سچو عشق سڄڻ جو، لاشڪ لکن ٿا،
چئو صلوات حضرت رسول ڪريم تي، لکين درودا،
ويندا سي ايمان سان ڪلمون جي چوندا.
لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله
معجزو نبي صلعم جو: انب جي سڪل وڻ سائي ٿيڻ وارو
ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عليما،
جڳائي تنهن صاحب کي سڀڪا ساراها.
آهي ڪتابن ۾ لکيل، اهڙي پچارا،
ربّ حڪم ڪيو رسول ڪريم کي، ٿي تنهن ڏنهون تيارا،
ته، آهي شهر يمن ۾، هڪڙو ڪافر نصارا،
ٿو ڏهاڻي لشڪر تيار ڪري، اوهان ڏنهون احمدا!
ته وڃي وڙهان وريام سان، جو ويٺل مديني شهرا.
اُسريا شهر يمن ڏي، محب موچارا،
هلي آيا تنهن باغ ۾، سرور سونهارا،
هو باغ تنهن ڪافر جو، برسيل بهارا،
منجهس نخل، نارنگيون، ٻيا انب، انجيرا.
هو وقت اڳينءَ جو، منجهه ظاهر ظهورا،
پاڻ پڙهيائون نماز ٿي، نايو نراڙا،
سجدو ڪيائون صاحب کي، صدق منجهارا،
دعا گهريائون درگاهه مان، الاهي عجيبا!
تڏهين نخل سڀ نئي پيا، جيڪي واڙيون وڻڪارا،
سڄي باغ سجدو ڪيو، جيڪي گل ڦل گلزارا،
تڏهن بيٺي باغائيءَ ڏٺو، عجب اسرارا،
هلي باغائي آئيو، وٽ مٺي محمّدا:
ڪير آهين، ڪٿي رهين؟ ڪر نام نروارا.
ڪوڙ ڳالهائيندا ڪين هئا، سرور سونهارا:
ذات قريش، نالو محمّد، ويٺل منجهه مديني شهرا.
تڏهن بيهي باغائي بيان ڪيو، مهندان محمّدا،
ته، ناحق آئين هن ڪوٽ تي، نبي نروارا،
ڏسندو ڪافر تو کي، ڪندو بيحد ڀُلڪارا.
تڏهن ايئن چوندي اٿيو نبي اُن ويرا.
آيو باغائي هلي، وٽ پنهنجي اميرا،
ته، آيو پنهنجي ڪوٽ تي، نبي نروارا،
ذات قريش، نالو محمّد، ويٺل منجهه مديني شهرا.
سائي سڻندي ڳالهڙي، اٿيو اميرا،
آيو اوڏڙو محمّد مير جي، اهو نصارا.
تڏهن اڀي چيائين محمّد مير کي، ههڙي طريقا،
ته، هو بنڊ بيٺو آهي، جو مُڇيل آهي مورا،
سڪي ٽاريون ويون، ٻيا سڪا پن تنهن جا،
ڇوڏو ناهي انهيءَ بنڊ کي، ڪو اُڏوهيءَ اثرا،
سو وڻ وري سائو ٿئي، جو موڪ جهلي ميوا.
تڏهن اٿي انهي بنڊ تي،گهمايا مٺي محمّد هٿڙا:
سو وڻ موٽي سائو ٿيو، موڪ جهليئين ميوا،
اصل اهو انب هو، جنهن جا پن اميرا،
تنهن وڻ مان ڇڳا ڇاڻيا مٺي محمّدا.
هڪ انب اُچو امير هو، جو مڙنئون موچارا،
سي پڙهي ڏنائون ان پليت کي، ته کاءُ دعوت دستورا،
سو ڪٺل کاڌو ڪينڪي، کڻي ويو منجهه حرم سرا،
وڃي ڏنائين پنهنجي ڌيءَ کي، جنهن جي ست ورهيه
ڄمارا،
ڏسندي انب، انهي ڇڏيو کائي سمورا،
تڏهن کائيندي سان ٿيو ان کي، سُور سريرا،
سور ساڻ سِرجي اُٿيو، تنهن کي حمل ان ويرا،
تڏهن پلڪ ۾ پڪو ٿيو، آئي ويامڻ ويرا،
تڏهن دائيءَ ڌوڻي ڪڍيو، ٻار اهو ٻهرا.
اڇي ڏاڙهيءَ منهن ۾، وارن ڪئي ڪارا،
سينڌ سڄي هئي سهڻي، ڪتريل ڪنارا،
سمهاريائونس صندل تي، اڀو ان ويرا.
تڏهن عجب عورتن کي ٿيو، ڏاڍو اسرارا.
پوءِ گهرايائون ڪافر کي، جو نانَسُ نصارا،
تڏهن ايندي ساڻ ڏٺائين، طفل تيارا،
ڀانيائين پنهنجي چتِ ۾، ساحر ڪيو سحِرا.
تڏهن ڇوڪر ڳالهايو، ڪافر سان تنهن ويرا،
ته، نانا! تو ننڍو آءٌ وڏو، منهنجي مادر صغيرا،
نانا! تون نٿو سڃاڻين نبيءَ ڪريم کي، آءٌ ٿو
سڃاڻا،
نانا! اهڙو نبي ڪو نه ٿيو، ملڪن ۾ مورا.
ڪڍي ڏنائين ڪاغذ صندل مان، کڻي تنهن ويرا،
ڏسندي ساڻ ڪاغذ جي، پڙهيئين ڪلمون ڪريما:
”لا اِلہٖ اِلا الله مُحَمّدُ رّسوُل الله“، اها
تن من تنوارا.
پوءِ کڻي هليا ڇوڪر کي منجهه شهر بازارا،
پوءِ ڏسندي ساڻ ڇوڪر کي، او سڀئي مسلمان ٿيا،
ذڪر صلواتون تسبيحون ٿيون، چوڏس چوڌارا.
پوءِ کڻي آيا ڇوڪر کي وٽ مٺي محمّدا،
پوءِ گهمايا ڇوڪر جي سيني تي مٺي محمّد هٿڙا،
سو بخشي ڏنائين مائٽن کي بخشش بسيارا.
اهڙا معجزا نبيءَ ڪريم جا لک ڪروڙين پدما.
چئو صلواتون حضرت رسول اڪرم تي دائم درودا،
هوندا سي ايمان سان جي ڪلمون پاڪ پڙهندا.
لا اِلہٖ اِلا الله محمد رسول الله
معجزو نبي صلعم جو: سڪل وڻ ساوا ٿيڻ وارو
(چيل مهدي شاهه جو)
سارهه ڪيان سبحان جي، رازق ربّ رحمان،
سٻاجٖهي سلطان جِي، مالڪ مِٺي منّان،
جنهن رِيءَ ٿوڻِئيٖن، عرش اَڏيو آسمان،
رِي ٿنڀ ظاهر زمينون ڪيون، بيچوني بيان،
تنهن صانع جي صنعت جو، بيحد آهي بيان،
جنهن پيدا پيغمبر ڪيو، ضعيفن ضمان،
ڪندو شفاعت ڪارڻي، عاجز تي احسان،
هلي ايندو هاشمي، جت محشر جو ميدان،
نازل ڪيو نبيءَ تي، قادر ربّ قرآن،
تنهن ۾ ثنا سردار جي، شرف وڏو ئي شان،
تعريف تن جي ڇا ڪري، عاجز هي انسان!
آهي بيحد بات بيان، ثنا منجهه سردار جي.
سچي تنهن سردار جا، هئا چوکا چارئي يار،
ابوبڪر، عمر، عثمان، علي شاهه ثابت سچار،
هئا هيڪاندا هوت سين، هئي وِٿي نه هڪ وار،
آهن اوٽ اسان جي، اَپر ڇَپر آڌار،
هيڻن حُسين حامي آهي، ڪامل قربدار،
پنجتن جي پنار، لڳا لاري آهيون.
لڳا لاري الله جي، ٻيو عربي ڄام جي اوٽ،
جنهن ڪامل ڪفارن جا، ڀڳا قلعا ڪوٽ،
مڃايو منڪرن کي، چئنچل ڏئي چوٽ،
تنهن غازي گوهر گهوٽ، جو هي ٻڌو معجزو.
آهي ڪتابن ۾ اِن پر مذڪورا،
منجهه ڪتاب ”رَدالٌمُنٌڪَريِن“، منجهه
”ردالنصَاريٰ“،
ته، هئو يمن عجم جو، هڪ حاڪم نصارا،
مٿي دين حضرت عيسيٰ جي، هو تڪڙو تيارا،
مڃيندو نه هو مُرسل کي، هو تڙيو تڪرارا،
دل ۾ رکندو هو دشمني، موذي منهن ڪارا،
روز شب سرور ڄام لئي، لشڪر سنباهيندو هو سارا،
سو ڪافر چوندو هو ڪوڏ مان، اهڙي اعتبارا،
ته، ٻجهي ٿو شهر مديني ۾، هڪ مرِسل مختارا،
هلون هلي تنهن ڏي، تڪڙو تِکارا،
وڙهون هلي تنهن وِير سان، ڪيون جنگ جدارا،
گهائي وجهون تنهن گهوٽ جا، سپہ سمورا،
سندو مديني شهرا، ساعت ۾ سگهي وٺون.
سو ڪافر روز ڪندو هو، دشمنيءَ جا دليل،
هِت حڪم حضرت کي ٿيو، سندو ربّ جليل،
ته، وڃ تنهن عجم يمن ۾، سگهو پنڌ سَبيل،
دعوت ڏئينس دين جي، ڏيئي پيرن پِيل،
ته مڃي وحدانيت کي، ۽ تو کي خاص خليل،
آڻي جئن ايمان تو تي، ڇڏي ڪوٽ قبيل.
تڏهن هليو ساجن سنڀري، سان حڪم ربّ جليل،
وٺي هليو وير سو، رهبر راهه طويل،
ڏيئي پيغمبر پِيل، دلبر ويو تنهن ديس ۾.
ٻاهر شهر يمن کان، هئو بيشڪ باغ بهار،
گل ڦل گلزاريون هيون، درس گهڻو ديدار،
ليما، انب، انجير تنهن ۾، باداميون بِسيار،
توت، صوف، ڪيوڙا، تن جوڙ رکيو جنسار،
اَملداس، اَنار گهڻا، ٻيو سَرؤ گهڻو سينگار،
نِمون، سَنجهِيون، سُهانجڙا، ٻي ليسوڙن لَلڪار،
زور زردالو ڦُٽل ٿِي، ڦل مٿان ڦُلڪار،
وڻ ڳڻي ڳڻن ڪيترا، سِرو ناهه شمار،
واديون جاري تنهن اندر، واهه وڻيل وڻڪار،
برسيل باغ گهڻو هو، منڪر جو موچار،
ٿيو نبي اچي نروار، بانڪو انهيءَ باغ ۾.
سو هئو وقت ٻپهريءَ جو، منجهه ڪتابن لکن،
ڪيو وير وضو جو، هٿ سعيو ڀي سڄڻن،
نِيتَي نماز نروار ٿي، منهنجي مِٺي محبوبن،
تان ڪُل ئي وڻ قطار ڪري، بيٺا پٺيان پاڪيزن،
سجدي پٺيءَ سڀ وڻ، نِميا نَخلَ پون،
چمن ۾ چانڊاڻ ٿي، آئٖي عجيبن،
گل ڦل ٽڙي گلزار ٿيا، پسي پاڪيزن،
سجدو سڄي باغ ڪيو، پٺيءَ مون پِرين.
جڏ نماز پڙهي فارغ ٿيا، اَجها عاصِيڙَن،
تڏهن ورايو وِير سلام، اتر، ڏکڻ جي پارن؛
جيڪي سُڪا وڻ سڙي ويا، ترت ٻنهي طرفن،
نظر نافع نُور جي، پئي مٿي تن وڻن،
سي سڀ سڪا وڻ ساوا ٿيا، پسڻ سان پِرين،
مهند تنهن ماڳن، پئي عجب آرائِيءَ ڏٺو.
پئي عجب آرائِيءَ ڏٺو، اِلاهي اسرارا،
سو ڊوڙي نرمل نور وٽ، اچي ٿيو اظهار،
سو ترت اتي تڪرار، ٿو پڇي ويڌن وير کؤن،
ته، ڪير آهين، ڪاڏي وڃين؟ مانجهي مسافر!
ڪهڙي ڪامل ذات تو، رهين ڪٿ رهبر؟
ڪهڙي قدرت تون رکين، اي گُل مثل گوهر!
جو پٺيئون پاڪ! اوهان جي، ڪن سجدا وڻ سڀر!
۽ سڪا وڻ ساوا ٿيا، تنهنجيءَ نيڪ نظر،
هئا ڪوڙ ڳالهائيندا ڪينڪي، دوست پِرين دلبر،
چي، ذات قريش، نانٌءُ محمّد، ويٺل مديني منور،
هلي آيس هن هاج سان، ته ڪٖيريان ڪوٽ ڪفر.
اها سونهاري سرور، باغائيءَ سان بات ڪئي.
سڻي باغائي بات سا، آپر ڪيا ارمان،
ته، ناحق نبي! آئين، انهيءَ ماڳ مڪان،
نڪي لشڪر ساڻ تو، نڪي سيف سجان،
آئين هلي هيڪلو، نر نوري نُوران!
هت قوم اَٿي ڪفران، ڏسندي ويندئي ڏمرجي.
اڳي ڪندا هئا ڳالهيون، سان اهڙي عقل اوّل،
ته، هلون مديني شهر ڏي، مڃايون مرسل،
روز مرهه ڪندا هئا، اهڙا ڦَند ڦَڪل،
هلي آئين ڪيئن هيڪلو، اي نوري هِت نرمل!
سڻي ڳالهه صبر ڪيو، نور نبي نرمل،
ڀڄي باغائي ويو، پلڪ تنهين منجهه پل؛
تنهن انهيءَ ماڳ مهل، هي قصو ڪافر کي ڪيو:
ته، نالو محمّد جنهن سندو، سچو شاهنشاهه،
ويٺل شهر مديني جو، آ مير مُنوّر ماهه،
سو بانڪو ويٺو باغ ۾ آ، بيشَڪ بيپرواهه،
نرمل ٿي نماز پڙهِي، جوان انهي جاڳاهه،
سجدو سڀني وڻن ڪيو، نَخل نميا ناگاهه،
تنهن نرمل جي نگاهه، سڪا وڻ ساوا ڪيا.
سڻي ڪافر سو قصو، هليو ڀري گام،
لشڪر لَڪڻ نه ساڻ تنهن، هليو ترت تمام،
اچي آڏو ويٺو انب تي، هلي ويڙس هام،
پڇيائين پاڻ ڪريم کان، ڪيائين ڪلام،
ته، اڳيئون ڪر معجزو، اي مديني جا ڄام!
ڏسي گوهر سو گُلفام، آڻيان پوءِ ايمان ڀي.
تڏهن چيس مٺي مصطفيٰ، ڇڏ فرصت ناهه في الحال،
چئو ته ڪهڙو معجزو ڪيان، ڪافر! آءٌ ڪمال؟
چي، بيشڪ هيءُ جو باغ ۾، آهي پيڙو بُنڊ بحال،
مُورئون مُڇَل آهي، پاڙون ٿيس پائمال،
نڪو ڇوڏو بنڊ تي، ڪيس اُڏوهيءَ زور زوال،
نٿو سمجهڻ ۾ اچي، هو ڪهڙو وڻ وڻيال،
سو ساڳو وڻ سَهي ٿئي، هجنس ميوا برحال،
اهڙي سان احوال، مرسل! ڪر تون معجزو.
تڏهن ڦيريا هٿڙا بُنڊ تي، سچي سردارا،
ساڳيو وڻ سَهي ٿيو، منجهس گل ڦل گلزارا،
سَرس تنهن سبزي گهڻي، هئس انب بي شمارا،
سو اصلي وَڻ هو انب جو، توڙئون تڪرارا،
مڃو موذي ڪينڪي، ڪافر منهن ڪارا،
پوءِ ڇاڻي انب هٿن سان، حضرت ڏنس دعوت دستورا،
سو ڪافر کاڌو ڪينڪي، ميوو موچارا،
کڻي حاويليءَ ڏي هليو، ڪري هوڏ هچارا.
وڃي ڏنائين نينگر کي، ستن ورهن شمارا.
تنهن کاڌو خوب خوشيءَ سان سو انب احمارا،
کائيندي پيس سُور پيٽ ۾، ٿيس حمل هشيارا،
ٿيس پڪو ٻار پيٽ ۾، درد تنهن ويرا،
ويامڻ کي ٿي ويجهڙي، سا دانَهه دُخترا،
اچي دائيءَ درڪارا، ٻاهر ڪڍيو ٻار کي.
ٻاهر نڪتو ٻار سو، ڪري هاتڪ هشياري:
اڇي ڏاڙهي منهن ۾، صفا سونهاري،
نه ڪتريل ڪنارا تنهن جا، هيس سڀ ساري؛
چؤطرف هيٺ مٿي، ڪري نظر نهاري.
عجب ٿيو عورتن کي، ڏسي اهڙي اسراري!
پوءِ ڪوٺي آيا ڪافر کي، جو هئس نانو نصاري،
اُن اچي اڇي ڏاڙهيءَ ڏٺو، ٻالڪ ٻَهُڪاري،
ته به مڃيو موذيءَ ڪينڪي، چي، هيءَ بات سحر ساري،
اتي اظهاري، نينگر ناني کي چيو.
نينگر ناني کي چيو، اي نصارا نانا!
ڏسي معجزو مرسل جو، تون آڻج يقينا،
جنهن مون کي پيدا ننڍي ماءُ مؤن، ڪيو احمد امينا،
ماءُ صغير، پُٽ پير مرد، ٿيو مٿي ظاهر زمينا؛
تون مورئون مڃين نا، اهڙي مرسل مير کي!
تون مڃين ٿو ڪينڪي، ته مان مڃان ٿو مرسل،
پڙهان ٿو ڪلمون رسول تي، ڪري شوق شغل،
ڀلو عيسوي دين کان، آ دلبر دين افضل،
ڪين ڪيو حضرت عيسيٰ هو، گفتو هيءُ گل ؟
ته آخر زماني جي نبيءَ جا، ٿيو اُمتي اصل!
ان اَمر جا انجيل ۾، هِن سَهي لفظ لکيل؟
ناني ڏنيس هيءَ وراڻي، اتهين کي عاقل،
ته، ناهي انجيل گهر اسان جي، نه ته پروڙجي پرجهل.
تڏهن ڏنائينس پتو، پلڪ تنهين منجهه پل،
پوءِ پروڙي پُرجهي ويو، مڃيائين مرسل،
ڪِري قدمن تي پيو، ڇڏي ڦند ڦڪل،
پوءِ سندي صلوات جا ٻُڌا، مٿي حضرت هُل،
ڪروڙن کان ڪيترا ڪيا، اهڙا معجزا مرسل،
نور نبي نرمل، مڙئي مُلڪ مڃائيا.
مڙئي مُلڪ مڃائيا، سيّد تنهن سردار،
عالم لڳا آسري، عربيءَ جي آڌار،
مَداحي مسڪين کي، ڏي دان وٺي دلدار،
ٿِج هِت، هُت حامي حضرت، ڀُل جتي ڀلڪار،
دشمن دور دفع ٿيو، موذي منهن ڪار،
”مهدي شاهه“ مسڪين جا، سڻ سوال سچا سردار!
لڳا لاري آهيون، تنهنجي پلئه پينار،
ڪلمي جي قرار، پهچائج پساهه مون.
لا الہٰ الا محمد رسول الله
|