سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :1

معجزا

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

 

مھاڳ

 

سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز سنه 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سامهون رکي وئي، جا  1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957 کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ تعلقي وار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين؛ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ’سنڌي لغت آفيس‘ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري ڇپائڻ جي لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقي وار ڪارڪنن ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي. جو ان جي آڌار تي. سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب جون اهي جملي جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙي ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب’ کي بعينہ، ”فوڪ لور“ (Folklore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو، يا ’معياري ادب‘ جو، سرچشمو  بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي؛ ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي، مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد کي گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مُسوّدا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقي وار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ  ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري محترم محمد ابراهيم جويي، هن تجويز جي هر انتظامي مرحلي تي بنده سان دلي تعاون ڪري آسانيون پيدا ڪيون، مفيد مشورا ڏنا ۽ پڻ ڪتابن کي سهڻي نموني ۽ بنا دير ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.

هيءُ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ٻيو ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي ڊسمبر 1958ع ۾ ڪتاب جو مسوّده تيار ڪيو ويو؛ ۽ نومبر 1959ع ۾مسوّده جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد يعقوب ميمڻ هن ڪتاب جي مواد کي اتاري يڪجاء ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ محمد اسمٰعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ ڪتاب جي مُسَوّده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

محترم محبوب علي زيدي، مئنيجر محمدّي پريس، ۽ سندس ساٿين ڪتاب کي جلد ۽ سهڻي نموني ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ ممتاز مرزا ان جا پروف پڙهيا.

 

حيدرآباد سنڌ

20- اپريل  1960ع                           خادم العلم                                                                              ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مقدمہ

 

معجزا، لوڪ ادب سلسلي جو ٽيون ڪتاب آهي جو هن وقت شايع ٿي رهيو آهي. مضمون جي لحاظ سان هيءُ  ڪتاب پهرين ٻن ڪتابن ’مداحون ۽ مناجاتون‘ ۽ ’مناقبا‘ جي مسلسل ڪڙي آهي، ڇاڪاڻ ته ’مداحن‘، ’مناقبن‘ ۽ ’معجزن‘ ٽنهي جو مقصود نبين، اصحابن ۽ ولين جي ثنا ۽ تعريف آهي؛ فرق صرف وصف ۽ ثنا جي قالب جو آهي. مداحن ۾ موثر بيان ذريعي صفت ۽ ثنا ڪئي وڃي ٿي؛ مناقبن ۾ ممدوح جي سوانح جي ڪنهن سُئل ٻڌل واقعي کي صفت ۽ ثنا جو ذريعو بنايو وڃي ٿو؛ ۽ ’معجزن‘ ۾ وري خاص اهڙو سئل ٻڌل واقعو جو بظاهر انسان جي سمجهه ۽ عقل موجب اڻ ٿيڻو هجي، وصف ۽ ثنا جو مرڪز بنجي ٿو. معجزي جو مدار بظاهر اڻ ٿيڻي ڳالهه يا واقعي تي آهي.

معنيٰ ۽ مقصد

معجزو اصل ۾ عربي لفظ (مُعۡجَزة جِ مُعۡجَزات) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اهڙي اڻ ٿيڻي ڳالهه جا نبيءَ جي نبوّت سببان ٿي پوي. انهيءَ لحاظ سان، حقيقي معنيٰ ۾، معجزا نبين جا چئبا ۽ ’ڪرامتون‘ ولين ۽ درويشن جون. علم واري ڄاڻو شاعر کي انهيءَ علمي ۽ اعتقادي تخصيص جي خبر آهي، جيئن ته جمعو، جو هڪ باخبر شاعر ٿو ڀانئجي، بادشاهه پير رحه واري معجزي ۾ چوي ٿو ته (132):

”نرتئون نبين کي معجزا مڪائين،

ڪرامتون ولين کي، ڏاتيون ڏنائين.“

مگر انهيءَ علمي يا اعتقادي فرق کان عوام عموماً بي نياز آهي. سندن عام زبان ۾ ولي ۽ درويش جي ڪرامت به معجزو آهي، ۽ انهيءَ ڪري نبين کان سواءِ جڏهن اصحابن يا ولين جي ڪرامت کي پنهنجي شعر ذريعي ڳايو اٿن ته ان کي به ’معجزو‘ ڪري سڏيو اٿن. مثلاً پانڌي آريسر، حضرت علي رضه بابت چوي ٿو ته: ”پسي معجزو پرينءَ جو، سڀ حيرت  ۾ پيا “(229)؛ نور محمّد، بادشاهه پير رحه بابت چوي ٿو ته: ”معجزو هي محي الدين جو، ملڪن ۾ مشهور“ (245) ۽ پڻ رمضان واڍو، جو هڪ ڄاڻو ۽ با خبر شاعر آهي، بادشاهه پير رحه جي ڪرامت کي مڃيندڙن بابت چوي ٿو ته: ”مڃيائون مشرف معجزو، آندائون ايمان“ (263). انهيءَ لحاظ سان لوڪ ادب جي اصطلاح ۾ ’معجزو‘ اهو نظم آهي جنهن ۾ قدرت جي ڪرشمي، نبي جي معجزي، اصحاب سڳوري يا ولي جي ڪرامت جي بيان ذريعي ممدوح جي صفت ۽ ثنا ۽ پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار مقصود هجي.

”معجزو“ لوڪ ادب شاعري جي هڪ ٻئي فن ”ڏور“ جو مرڪزي محور آهي، ۽ ڏور کي لازمي طور ’معجزي‘ جي محور تي ئي ڦرڻو آهي. فن ”ڏور“ جي اصطلاح ۾ انهن قدرت جي ڪرشمن کي ”قدرت“ چئبو؛ اڳين نبين جي معجزن کي ”نبوت“ چئبو؛ نبي صلعم، اصحابن ۽ امامن سان متعلق معجزن ۽ ڪرامتن کي ”پنج تن“ چئبو؛ ۽ ولين ۽ درويشن جي ڪرامتن کي ”وليت“ چئبو. انهيءَ جو تفصيلي ذڪر لوڪ ادب جي ٻارهين ڪتاب ”ڏور“ ۾ ڪيو ويندو. هت فقط اهو ڄاڻائڻو آهي ته عام اصطلاح موجب، معجزن جي ورڇ اڳين نبين متعلق قدرت جي ڪرشمن، نبي صلعم جي معجزن، ۽ اصحابن ۽ امامن يا ولين ۽ درويشن جي ڪرامتن مطابق مڃيل آهي. انهي عام نظريي موجب ئي هن ڪتاب جي مواد کي پڻ مرتب ڪيو ويو آهي.

مواد جي ترتيب

ڪتاب کي جملي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي: پهرئين ڀاڱي ۾ نبي صلعم کان اڳ وارن نبين جي معجزن کي رکيو ويو آهي. سردست اهڙا فقط ٻه معجزا ملي سگهيا جن مان هڪ  ڪتاب جي شروع ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ٻيو ڪتاب ڇپجڻ بعد مليو جنهن کي آخر ۾ ضميمي طور ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ نبي صلعم جن جا جملي 57 معجزا (4- 225) ڏنا ويا آهن؛ ٽئين ڀاڱي ۾ اصحابن سڳورن مان حضرت عليءَ جو سج وارو معجزو (226- 230) شامل ڪيل آهي؛ ۽ چوٿين ڀاڱي ۾ ولين جي معجزن مان جملي پنج معجزا (231- 264) ڏنا ويا آهن.

اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ جملي 65 معجزا شامل آهن، جن مان 23 معجزا (1) اڳ ڇپيل آهن، ۽ باقي 42 معجزا غالباً پهريون دفعو شايع ٿي رهيا آهن. شاعرن جي لحاظ سان، جملي ٽيٽيهن شاعرن جا نالا نروار آهن، ۽ چار معجزا  (50، 56، 119، 209)) اهڙا آهن جي معلوم نه ٿي سگهيو ته ڪنهن جا چيل آهن. ٽيٽيهن معلوم شاعرن مان، پنڌرهن جون سوانح هيٺ حاشين ۾ ڏنيون ويون آهن.

سڀ کان آڳاٽو شاعر جنهن جو معجزو هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهي  (88)، سو مخدوم غلام محمد بُگائي آهي، جو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور (1133هه/ 1719ع- 1167هه/ 1753) جو هو. ان بعد ميان غلام شاهه جي دور ۾ منظوم معجزا ايترو ته مقبول هُئا جو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (وفات 1174هه) معجزن بابت هڪ ڪتاب ”قوت العاشقين“ منظوم ڪيو، حالانڪ ان ڪتاب ۾ ڪافي نظم اهڙا آهن جن کي ”مناقبا“ چوڻ زياده مناسب ٿيندو. ان وقت کان وٺي ويندي هن وقت تائين منظوم معجزا شغل جي مجلسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا ۽ عام ڪچهرين ۾”ڏور“ جي مراد طور ورجايا وڃن ٿا. موجوده وقت ۾ پڻ شاعر معجزا منظوم ڪن ٿا ۽ هن ڪتاب ۾ ست معجزا (12، 141، 145، 155، 226، 241، 246) زنده شاعرن جا چيل شامل ڪيا ويا آهن. ان مان ظاهر آهي ته سنڌيءَ ۾ ”معجزا“ بحيثيت صنف نظم جي تقريباً اڍائي سؤ سالن تائين مُروّج رهيا آهن، ۽ ان ۾ مخدوم محمد هاشم رحه جهڙن چوٽيءَ جي عالمن توڙي ٻهراڙي جي اڻ پڙهيل شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي.

معجزي جي روايتن جي صحت

معجزن ۾ بيان ٿيل واقعات، شاعرن پنهنجي طرفان پيش نه ڪيا آهن بلڪ منجهانئن پڙهيلن ڪتابن مان ورتا آهن ۽ اڻ پڙهيلن وري پڙهيلن کان ٻُڌا آهن. معجزن منظوم ڪرڻ وقت ڄڻ سڀني کي انهيءَ ڳالهه جي اون آهي ته معجزي جي روايت مستند هجي، ۽ انهيءَ ڪري هر معجزي جي منڍ ۾ شاعر اول سَندَ طور انهي ڪتاب جو نالو آڻيندو جنهن ۾ انهيءَ معجزي جو ذڪر آهي: مثلاً پانڌي آريسر نبي صلعم جي ”شق القمر“ واري معجزي لاءِ ڪتاب ”دُرَّة النّاصحين“ جو (12)، ٻڪري واري معجزي لاءِ ”ڪتابة الفردوس“ جو (155)، ۽ حضرت عليءَ جي ”سج واري“ ڪرامت لاءِ ڪتاب ”انوارالحسنين“ جو (226) حوالو ڏئي ٿو. رمضان واڍو ”انڌي يهودي“ واري واقعي بابت ”قُرّة العُيُون“ ۽ ”ڪهل البشر“ (؟) ڪتابن جا نالا کڻي ٿو (37)؛ عبدالرحمان ”رڪان ڪافر“ واري روايت لاءِ ”مطالع الانوار“ جو حوالو ڏئي ٿو(45)؛ ۽ مهدي شاهه پنهنجي معجزي جي روايت جو ماخذ ٻه ڪتاب ”رَدّ المنڪرين“ ۽ ”رَدّ النصاريٰ“ ڄاڻائي ٿو (195). ڪڏهن وري ڪتاب جي نالي بدران شاعر اصل راوي جو نالو کڻندو آهي؛ مثلاً، ”راوي روايت ٿو ڪري ابن عباسا“ (84)؛ يا ”راوي روايت ٿو ڪري حضرت زبيرا“ (159). پر جيڪڏهن ڪنهن شاعر کي ڪتاب توڙي راوي جي نالي جي پَڪ ڪانهي، پر پڙهيلن کان ٻڌو اٿس ته معجزي واري واقعي جو ڪنهن نه ڪنهن ڪتاب ۾ ذڪر آهي، ته پوءِ ٻُڌندڙن جي خاطري لاءِ هو شروع ۾ ئي ڄاڻائيندو ته هيءَ ڪتابي ڳالهه آهي؛ مثلاً، ”آهي ڪتابن ۾ اهڙي پچارا“ (56، 184. 191) يا ”آهي ڪتابن ۾ اِن پر مذڪورا“ (201).

ڪتابن جا اهي نالا ۽ حوالا ڏيکارين ٿا ته پنهنجي طرفان سنڌي شاعرن معجزن کي مستند طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بيشڪ علمي ۽ تاريخي لحاظ سان خود اهي ڪتاب مستند نه آهن، پر عوام جي نظريي موجب اها هڪ وڏي شاهدي آهي ته ”ڳالهه ڪتابي“ آهي. ازانسواءِ محبت ۽ عقيدت جي ميدان ۾ مقصد صفت ۽ تعريف سان آهي، ۽ نه تنقيد ۽ تحقيق سان. مخدوم محمد هاشم رحه جو درجو بحيثيت هڪ محقق ۽ فقيہ جي مڃيل ۽ مسلَّم آهي. سندس عربي ۽ فارسي تصنيفن ۾ تحقيق ۽ تنقيد جو معيار ايترو بلند آهي جو ان کي ڪي ٿورا عالم پهچي سگهيا آهن. پر پنهنجي سڀني سنڌي تصنيفن ۾ هن عوام جي لياقت ۽ طلب تقاضا کي سامهون رکيو آهي. سندس ڪتاب ”قُوت العاشقين“ سڄو معجزن بابت آهي، جنهن جو مکيه مقصد آهي عوام جي وندر ورونهه ۽ نصيحت خاطر نبي صلعم جون نيڪيون بيان ڪرڻ. ”قُوت العاشقين“ ۾ ڪي حڪايتون اهڙيون آهن جن کي معجزن جي بدران ”مناقبا“ چوڻ زيادهه مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نبوتّ جي برڪت سان ڪنهن ”اَڻ ٿيڻي“ ڳالهه جي ٿيڻ جو ذڪر نه آهي. خود جيڪي معجزا آهن تن لاءِ به پڪي تاريخي شهادت موجود نه آهي. پر ائين ڪو نه چئبو ته مخدوم محمد هاشم رحه ڪو اڻڄاڻ آهي. خود نبي صلعم جي سوانح جي تحقيق ۾ سندس عربي تصنيف ”بذل القُوة في حَواد ث سِني النبوة“ معياري آهي، جنهن ۾ نبي صلعم جن جي سوانح کي هر هڪ سال جي واقعن مطابق مرتب ڪرڻ ۾ مخدوم صاحب جي علمي ڪوشش هڪ انتهائي درجو رکي ٿي. پر ان هوندي به معجزن بابت پنهنجو ڪتاب ”قُوت العاشقين“ عام جي معيار ۽ تقاضا موجب منظوم ڪيائين. همعصر عالمن، خالص علمي معيار کي مد نظر رکندي، مخدوم محمد هاشم رحه جي سنڌي تصنيفن تي اعتراض ڪيا ته ان ۾ ڪن ڳالهين کي موضوع (جڙتو) حديثن جي بناءَ تي پيش ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب انهن اعتراضن جو جواب پنهنجي هڪ خاص تصنيف ”الحِصۡن المَنُوع عَمّا اَورۡدَ علّي من اِدۡراج الحديث الموضوع“ ۾ ڏنو جنهن ۾ ثابت ڪيائين ته آندل حديثون ’موضوع‘ نه آهن، البت ’ضعيف‘ آهن؛ پر پنهنجي نڪتهء نظر جي وضاحت ڪيائين ته نيڪيون ۽ فضيلتون بيان ڪندي، ’ضعيف‘ حديثن جو آڻڻ ڪو گناهه ڪونهي.

ديني مسئلي کي در گذر ڪندي به، اها هڪ نفسياتي حقيقت آهي ته محبوب جي تعريف ۾ دلي جذبي سببان مبالغو هڪ فطري امر آهي. حب ۾ حساب آهي ئي ڪو نه. محبوب جي تعريف انگ ڳڻي ڪا نه ڪبي؛ محبوب بهرحال سهڻو آهي، ۽ ممدوح بهرحال پيارو آهي. انهي لحاظ کان، جڏهن سنڌي  شاعرن معجزن کي منظوم ڪيو آهي، يا عوام انهن کي شغلن جي مجلسن ۾ ڳايو آهي يا ”ڏورن“ جي عام ڪچهرين ۾ ورجايو آهي، ته فقظ انهيءَ لاءِ جو ڀلارن جون ڀلايون بيان ڪرڻ عين سعادت آهي- ”جان جان پسڻ پرينءَ جو، جان سندي پرين پچار“.

نظم جو نمونو ۽ سٽاء.

هڪ صنف نظم جي حيثيت ۾ سنڌيءَ ۾ ’معجزا‘، اَبوالحسن جي سنڌي جي اثر هيٺ اُسريا، ۽ انهيءَ ڪري اسلوب بيان توڙي نظم جي سٽاء ۾ اڪثر ’معجزن‘ تي اوائلي سنڌي نظم جو اثر نمايان آهي. مثلاً، هن ڪتاب ۾ شامل پنجهٺ معجزن مان ٽيتاليهه ’الف اشباع‘ واري قافيي تي چيل آهن. ۽ ٽي (118) (125) ۽ (146) ’نون‘ واري يڪي قافيي تي چيل آهن. ولڻ ولهاري جو چيل معجزو ”جابر انصاري وارو“ (22) پڻ ’يڪي قافيي‘ واري اصولي صنعت موجب چيل آهي، پر ان ۾ وڌيڪ فني اضافو اهو آهي جو ڪافي مصراعن بعد وري قافيو مٽجي ٿو. بنا ’اڌڪ وراڻي‘ جي اها ’يڪي قافيي‘ جي مٽ پڻ آڳاٽي ’سنڌي‘ نظم جي هڪ صنعت آهي. فني لحاظ سان انهيءَ ساڳي صنعت جي ترقي يافته صورت جو مثال جمعي جو چيل بادشاهه پير جو ’ٻڏل ٻيڙو تارڻ وارو‘ معجزو (131) آهي، جنهن ۾ ڊگهن بندن جي بجاءِ ٻن، ٽن، چئن، پنجن يا ڇهن مصراعن بعد قافيو مٽجي ٿو. انهيءَ فني سٽاء جي لحاظ سان اهو معجزو هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو. ٿي سگهي ٿو ته انهي صنعت مان ئي سنڌي ننڍا بيت نڪتا هجن، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهن بندن جي آخري مصراعن ۾ قافيو اڌ تي هجي ۽ ’اڌڪ وراڻي‘ سان بند پورو ٿئي ته ڄڻ اهو بند ’ننڍو بيت‘ بنجي سگهي ٿو. ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ’ڊگها  بيت‘ ’يڪي قافيي‘ وارن بندن جي آخري مصراعن ۾ ”اڌڪ وراڻي“ آڻڻ سان نڪتا آهن. هن ڪتاب ۾ شامل نَـــوَ معجزا آهن (1) انهن ڊگهن بيتن واري صنعت ۾ چيل آهن.

فارسي شاعريءَ  جي اثر هيٺ، هن ڪتاب ۾ جملي ڏهه معجزا شامل آهن، جي بحر وزن جي قالب ۾ سمايل آهن. انهن مان ست مخمس (2)، ٻه مسدس (141، 145)، ۽ هڪ مثمن (108) آهي. اهي نظم نسبتاً پوئين دور جا آهن.

شاعرانه خوبين جي لحاظ سان مخدوم محمّد هاشم رحه جا چيل معجزا سهڻي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ بيان جي ادا ۽ اظهار جا بهترين اوائلي نمونا آهن. جمعي جو چيل معجزو (231-340) سهڻي ۽ سلوڻي سنڌي، توڙي قافين جي تبديل واري فني سٽاء سببان هڪ خاص اهميت رکي ٿو. مولا بخش سومري جو ننڍن بيتن ۾ چيل معجزو (26- 33) ۽ رمضان واڍي جو ڊگهن بيتن ۾ چيل معجزو (257-274)  اهي ٻئي سهڻن ۽ نج سنڌي لفظن ۽ دلپذير اسلوب بيان سببان برک آهن. ’الف اشباع‘ واري قافيي ۾ رمضان ڪنڀر جو چيل معجزو (186- 190) سلاست ۽ رواني جو سهڻو مثال آهي. نئين موزون شاعري جي قالب ۾ سمايل نظمن مان، حمل فقير لغاري، (101- 107) ۽ شاهه محمّد ديدڙ (108- 117) جا چيل هرڻي وارا معجزا، فصاحت ۽ سلاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

ن. ب.

متن

 

معجزا

 

معجزو قدرت طرفان : ابره جي ڪاهه وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو +)

چوٿون معجزو ليکيان، سو پڻ سڻيجاه،

جئن ڪافر هليو هيڪڙو، ڪڏهن سنبري ڪعبي ڏانہ،

ته وڃي ڊاهي ڀتيون، سنديون بيت اللهّ.

’ابرهو‘ نالو ان پليت جو، پٽ سندو صباح،

ظالم هو ظلم گهڻي، لعنت ڪريس خدا،

سو ڪري قصد هليو، يمن ملڪ منجها،

لشڪر کڻي نڱيو، کاڻل کار منجها،

ماڻهو مڙئي تنهن سين، سٺ هزار هئا،

(2)

پڻ هئا هاٿي ساڻس ئي تيرنهن هيڪاندا،

سي ڪندا هئا ڏونہ اَبرهي، نميو سڀ سجدا،

مگر وڏو هاٿي تن ۾ ’محمود‘ جنهين جو نانءٌ،

گهڻو زور وارو سو هو طاقت توانا،

ڪو نه ڏسجي منهن زمين تي ڪو هاٿي تنهن سياء،

سو مورهين نه نميو ڪڏهن ڏونهن ابرهي سجدي لاءِ.

جڏهن اچي سو ڪافر ٿيو واقع، مڪي کي ٻهرا،

تڏهن ڪوٺي عبدالمطلب کي چيائين مُها،

ته اوهان سين ناهه نزاع ڪو، اسان کي اصلا،

مگر جيڪي ڊاهيون، ڪعبي سندي بناءَ،

متان ڪريو ويڙهه ڪا، اوهين اسان سين ان تا.

تڏهن عبدالمطلب چيو ان کي ته، اسين ويڙهه نه ڪنداسون ڪا،

مگر نگهبان ڪعبي سندو، آهي هيڪ الله،

جو ساري سانڍي ان کي، رکي محفوظا،

آهي حوالي تنهن جي، اسان وس نه ڪا.

ان حال ۾ محمود هاٿي ڏٺو، نور نبيءَ جو ظاهر ظهورا،

منجهه پيشانيءَ عبدالمطلب جي، ٿي ڪيائين چمڪا،

تڏهن ڪيو محمود سجدو، نيئي عبدالمطلب ڏانہ،

ڪري ڪورنشون ڪيتريون، نرتئون نيازا،

سو وهٽ ورائي آئيو، پسي پرين پڙاء،

ڳالهايائين عبدالمطلب سين، چٽيءَ زبانا،

ته هونِ سلام اسان جا، مٿي محمّدا،

جو ٿيندو منجهان پُٺِ تنهنجي پيغمبر خدا پيدا،

نور جنهن جو چمڪي، تنهنجي، منهن منجها.

تڏهن جان ابرهي نهاريو، موٽي عبدالمطلب ڏانہ،

تان رسيس نور نراڙ ۾، جلوو جمالا،

ڪر چمڪي چنڊ ٿو، وريو ڏئي وراڪا،

(3)

تڏهن ٿيس هيبت دل ۾، ٻَڌيس زبانا،

ڪرنديئي پيو زمين تي، بيخبريءَ ڪنا،

ٿي دانهون ڪيائين وڏيون، جي سُيون سڀنا،

جهڙيون دانهون ڍڳو ڪري، ڪُسندي ويرا.

سائين سڀ خراب ڪيا، لشڪر تنهين جا،

ڪارڻ مرڻ تنهن جي، موليٰ ابابيل مُڪا،

”و ارسل عليهم طيرًا ابابيل ترميهم بحجارة“ ڪهيو ڪريما،

هيون پهڻيون ٽي ٽي، سڀڪنهن پکيءَ سان،

منجهه وڏائي هڪ جيڏيون، ڪر ڪڻا مُهرن جا،

ٻه تن مان ٻن پيرن ۾، هڪ هڪڙي منجهه چهنبا،

مٿي لشڪر ڪافرن جي، ڪيرائي وڌائون سا،

اچيو مٿي مان سل ڪيو، نڪتيون پيرن منجها،

سي سڀ خراب ٿيا لعنتي، ڪوڙا ڪذابا،

ڪي ڀڳا ڪي مئا، مُٺا سي موڙها،

پسيو پکين ماريا، ماڻهو ۽ گهوڙا.

تڏهن ٿيو عبدالمطلب سرهو، ۽ پڻ ماڻهو مڪي جا،

پيون شادمانيون شهر ۾، سوڙها قريش ٿيا،

اي سڀ ڪرامتون رسول جون، پڌريون پسيجا.

 

معجزو نبي صلعم جو: سراقَت جي مسلمان ٿيڻ وارو *

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو +)

ايڪونجاهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

جڏهن حضرت نورالعالمين،  هليو مديني ڏانہ،

هو هيڪاندو حبيب سين، حضرت صديقا،

اچي رهيا غار ۾، نڪري مڪي کان،

هئا ٽي راتيون تنهن ۾، پرين پاڪيزا،

جمع ڇنڇر ۽ آچر جي، منجهس رات رهيا،

وٺي ورنہ راتڙي، مديني هليا،

جڏهن ڇنائون ڪجهه پنڌڙو، رمي راهه منجها،

اچي رسيا  ’قديد‘ کي، جو ماڳ مشهورا،

تڏهن سردار سندو ڪافرين، پٽ ۾ ٿيو پيدا،

نالو ’سراقت‘ جنهن جو، ’مالڪ‘ جو وياءُ،

سو مَدي پائي من ۾، هليو هو گهَرا،

کڻي لنگهيو لشڪر پاڻ سين، دشمني منجها،

اچي اوڏڙو وڌي، لشڪر پنهنجي کان،

جڏهن وڃي قدر ٻن ٽن نيزن جو، باقي رهيو وچا،

تڏهن حضرت ابابڪر چيو، سچي رسول کي، اي حبيب خدا!

ڪافر ڪاهي آيو، هيءُ دشمنن منجها،

اچي سو اوڏڙو ٿيو، ڪجو ڪا دعا.

تڏهن حضرت دعا گهري، سڻي اِيءُ ڳالهاء،

ته ڌڻي! دفع ڪرين، هي دشمن اسان تا،

چيائون ”اللهم اڪفنا بماشئت“ ٻيو قط نه ڪڇيا،

 

سا ڪريم قبول ڪئي، پرينءَ پچارا،

هو جنهين گهوڙي تي، سراقت سوارا،

سو پيهي ويو پيٽ ۾، منجهه تنهن زمينا،

سا هئي زمين گهڻي، ڏونگر جي پارا،

مرڻ گهوڙو آئيو، ۽ پڻ سندس سوارا،

تڏهن دانهون ڪري درد سين، ٻاڪاري ٻيڪا،

چي، رسهم محمّد ڪارڻي، اڙين جا اَجها!

مون کان بڇڙايون ٿيون، تون ڪر مهر ڪا،

توبهه ڪيم تائب ٿيس، ڇڏيم شومتا،

موٽيس مَٺاين کان، ڪيم دور دغا.

تڏهن حضرت هاشميءَ، دعا گهري سراقت لاءِ،

آيو نڪري زمين کان، حرمت حبيبا،

ڪيائين تعظيم نبيءَ ڏونہ، نرتئون نيازا،

وٺي لشڪر پانهنجا، موٽيو منزل ڏانہ،

پر آيو نه اسلام ۾، هرگز هيج منجها،

ڪئين ورهيه هو ڪفر ۾، پڄاڻا تها،

مگر جڏهن اٺون ورهيه ٿيو، ان ڏينهن پڄاڻا،

تڏهن اچي مڪّو فتح ڪيو، حضرت محمّدا،

وري مڪّي کان هليا، موٽي مديني ڏانہ،

تڏهن آيو سراقت اسلام ۾، سِٽاڻيءَ سِڪا،

پيس سهد سرير ۾، محبت محبوبا،

ڪلمون چيائين صدق سين، مٿي حضرت محمّدا،

موليٰ مشرف ڪيو، ٿيو صحابن منجها،

ايڏا ڪري مون ڌڻي، وڙ ولهن سان.


(1)  ص ص: 1 4، 6، 10، 24، 45، 53، 59، 66، 68، 70، 72، 96، 98، 101، 145، 152، 164، 166، 174، 218، 231، ۽ 265.

(1)  ص ص 22، 26، 194، 224، 231، 241، 249، 257، ۽ 265.

(2)  ص ص 17، 93، 101، 133، 138، 174 ۽ 204.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس، حيدرآباد- سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ سن 1104هه/ 1693ع ۾ ڄائو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ بهرام پور ڳوٺ ۾ درس تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين، پر مقامي مخالفت سببان اتان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو، جتي سندس علميت ۽ قابليت جي واکاڻ ٿيڻ لڳي، ۽ آسپاس جا سوين شاگرد فيض حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس اچڻ لڳا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کيس ٺٽي شهر جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. سن 1135هه ۾ مخدوم صاحب حج ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. اتي پهچي مڪي جي وڏن وڏن عالمن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيائين. سنه 1136هه ۾ مديني شريف جي زيارت ڪري سورت بندر ۾ آيو، جتي سيد سعد الله جي بيعت ڪري، خلافت جو خرقو حاصل ڪيائين. ان بعد ٺٽي ۾ موٽي آيو، جتي حياتيءَ جا باقي ڏينهن خدا جي ياد ۽ خلق جي خدمت ۾ گذاري 1174هه ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار مڪليءَ تي آهي. مخدوم صاحب پنهنجي وقت جو وڏو عالم هو. نبي صلي الله عليہ وسلم جو عاشق ۽ سنت نبوي جو پابند هو. عربي ۾ نبي صلعم جي سوانح حيات لکيائين. سنڌيءَ ۾ سندن معجزن بابت ”قوت العاشقين“ جوڙيائين.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس، حيدرآباد سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org