سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :8

معجزو نبي صلعم جو: اُٺ وارو

(چيل عبدالله ڊکڻ جو )

راوي روايت ٿو ڪري ابن عباسا،

حاضر هوس حضور ۾ منجهه مجلس محمّدا،

جانب ڏينهن جمعي جي پڙهيو خطبو خيرالوريٰ،

وارث وعظ ٿي ڪيو صدقي جو صحيحيا،

آيو اعرابي هڪڙو مرد مومنا،

وٺي آيو اُٺِ کي مهندئون مهارا،

اعرابيءَ ادب سان، ڪيو التماس اڳيان،

ته سرور آنديم صدقو، هيءَ اُٺِ احمدا،

ڪريو قبول ڪارڻي مٺا محمّدا.

صدقو نبّين کي وٺڻ ناهي روا،

تڏهن صدقو اصحابن ڪيو ڪرمئون قبولا،

ڏاتر ڏسي اُٺِ ڏي، ڪئي عربي عبرتا،

اُٺِ اهڙي نه لڀي ڪنهن وٽ ڪميابا،

صحيح سرخ سهڻي، آهي احمر عجيبا،

تڏهن احمد اصحابن کي ڪيو هي امرا،

ته وڃي ڪريو بَيٌع بَعِيٌرَ جي بها بازارا،

تڏهن وڃي ڪيائون بَعِيٌرَ جي بها بازارا،

پوءِ ورنهه اها ورتي، ڏئي قيمت ڪريما،

حضرت رکي هسواري لاءِ مِٺي محبوبا،

’آسمان‘ نالو تنهن جو رکيو رهبر رسولا،

هو ناقہ نينهن نبيءَ سان محبت مجازا،

وٺيو در دلبر جو ويهي واٽ مٿا،

ته حضرت مانَ هتان اچي منهنجو مٺو محمّدا.

حضرت هڪڙيءَ رات جو، نڪتو نبّيا،

ته دانہ ڏٺي در تي، ناقہ ناگاها،

اُٺِ عجيبن کي ڏسي ڪيا سهسين سلاما،

هٿ چميو پير چمي، مٺي محمّد جا،

حضرت! منهنجي حال جي سڻ حامي حڪايتا،

پرينٌ! پهرين وٽ هئس مالڪ محبوبا،

تنهن کان وڙڪندي ويس نڪري حضرت! هڪ ڏينها،

وڃي پيس پراهون ڪنهن مُلڪ مَڪانا،

جت وائي وسندي نه لڀي، ماڻهن جي مُورا،

اُتي سهڙي ڪون ڪو آدم انسانا،

رڻ ۾ پيم راتڙي، رهبر رسولا،

ورتيس خوف مِرن جي، دهشت دل منجها،

پر مون انهيءَ ماڳ جا، جيڪي جانورا،

تن مڙيو پاڻ ۾ ڪيا اهڙا الفاظا،

چي، اُٺ احمد ڄام جي، آهي مرڪ محمّدا،

متان تنهن سان ڪو ڪري، اهنج عذابا،

مڙي مون کي ٿي ڏنيون، تن مرن مبارڪا،

چي، توڏِي! طالع تنهنجو، آهي بخت بلندا،

چنڊ چڙهندو تو مٿي، نوري نبّيا،

پڻ وڻن وينتيون ٿي ڪيون، مون کي معذرتا،

چانگي! چر اسان کي، اُٺِ عجيبنئا،

تو چِني مان چڱا ٿيون، اسين آجا عيبن کان،

اهڙو عزّ عظيم ڪيو، مون رهبر رسولا،

تهان پوءِ ٿي آءٌ پنان، سا اڳ جي عنايتا،

حضرت! هن دنيا ۾ پارت ٿي پنان،

حضرت هالاڻو ٿئي، انهن جو اڳي احمدا!

پارت پوين کي ڪجو، وارث وصيتا،

ته متان مون تي ڪو چڙهي، آدم انسانا،

مون تي چڙهجانءَ ڏينهن قيام جي، تون مٺا محمّدا!

تڏهن عرض مڙئي اٺ جا ڪيا ڪامل قبولا،

دلبر دلاسن سان ڪئي سرور سڌيرا،

پوءِ گوهر هليو گهر ڏانهن مير محمّد شاهه،

اُتو بيبي فاطمہ کي خاصي خيرالوريٰ:

امان! ڪريان اُٺِ جي پارت تو پرنا،

ڪرهِي ڪاهل نه ٿئي، مَرڪي ملولا،

رحم توڏيءَ تي ڪجو ٻَهون ٻاجهه ٻڏا.

ڪري سپارت سپرين، حاذِق هوت هليا،

جڏهن هوتن هالاڻو ڪري، ڇڏيو دار هي دنيا،

هوتن جي هلڻ جا، پيا اُٺِ کي پَرا،

چانگيءَ چرڻ ڇڏيو، روئي شب روزا،

ڪرهِي قرار نه اُجهي، گهڻو لڇي لالڻ لاءِ،

هنڌ نهاري حضرت جا، اڱڻ اوتارا،

وريو اچي مسجد ڏي، ڪري توڏي تنوارا،

پر ڪون ٻڌي ڪو سّيد ري، ان جو آوازا،

وريو اچي بيبيءَ جي در تي، ڪري دانهان درد منجهان،

ڪنهن وقت ۾ نڪتي بيبي خيرالوريٰ،

دانهن سُڻائين در تي، اُٺِ جو آوازا،

تڏهن عصمت آئي اُٺِ وٽ ڦري فاطمتا،

پائي ڳاٽ ڳراٽڙيون پڇيس بيبيءَ بيانا،

روئي رحمت کي چيو، اُٺِ اهڙا احوالا،

سچ ڪي سرور لڏيو، منهنجو مٺو محمّدا؟

جنّت! جانيئڙن کي، مون ڏٺي ڏينهن ٿيا،

جن ريءَ ساعت نه سري، تن ريءَ پَهرَ پيا،

آءٌ ڀي ويندس اوڏهين، جاڏي جاني اُسهيا.

ائين چئي اُٺِ اُٽلي، ڪِري اُن ماڳا،

روح ڏنائين ربّ کي، داور جي درگاها،

خاتون ڪفنائي ڪئي، ڌرتيءَ ۾ دفنا،

ستين ڏينهن ستيءَ جي، پوءِ پٽايائين قبرا،

ڪون پسي ڪو اُٺِ جو پرزو اُن ماڳا،

اُٺِ اسهي اوڏهين، جيڏنهن جاني ويا،

وڃي ملي محمّد مير کي جنّت ڪيائين جاءِ،

عشق احمد ڄام سين، ايڏو حيوانا،

حضرت حيوانن تي ڪيا، ايڏا احسانا،

ڪري سوال سيّد! ٿو، مادح مداما،

لالڻ! ”لنگهو“ آهيان، مڱڻو مسڪينا،

پوريون پينوءَ جون ڪريو، مرسل مُرادا،

لالچ ڪري لاڳ جي آيس اميدا،

لاڳ ڏياريو لطف سين، مون کي محمّدا!

مشفق، مداحين تي ڪندو رحمت رسولا،

چئو صلواتون نبي ڪريم تي دائم درودا،

ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چون مُها.

لاالہٰ الا الله محمد رسول الله

 

  معجزو نبي صلعم جو: آزاريل اُٺ وارو

(چيل مخدوم غلام محمد بگائي جو

ساراهيان سچو ڌڻي، آگو عليما،

موچارو مڙني پَرئين آهي مِٺو محمّدا،

ڪريان قصي ڳالهڙي، ماهيت مذڪورا،

ته وينديون هيون شام ڏي، واٽون ٻن طرفا،

هڪ جا واٽ ويندي هئي، جاري جبل ڏانهه،

هڪڙي مهيني جو پنڌ هو، انهيءَ واٽ وچا،

ٻي جا واٽ ويندي هئي، بَر اندر بِيرا،

ڏهن ڏينهن جو پنڌ هو، تنهن منزل مڪانا،

آب نه آبادي اوستائين، نڪا گذرگاها،

نڪو ڪک، نڪو پن هو، جو چرن چوپايا،

 

لُوهِن لُکون لڱن کي، جهورنِ ٿا جهولا،

کامي سڙي خاڪ ٿيا، اپر اشجارا،

مٿي منزل کوهه هو، بر اندر بِيرا،

اُٺ آزاري کوهه تي، پيو هو موت جي مرضا،

ڇالا، ڌڪ، ڇُلڻا، ٻيا پٺيءَ ريش پيا،

ڪانگن چتايس جندڙو، ڪرڪر ڪنس ڪيڙا،

ڪِنو ڪوجهو گر گرو، جنهن کي گڏرن گس ڪيا،

گندي منجهس گندگي، هئي اهڙي عفونتا،

بدبوءِ جنهن کي آئي، لنگهي اُن واٽا،

ته ماڳهين سو مريض ٿيو، سبب مرض ڪنا،

تڏهن ويهي ساٿ وارن پاڻ ۾ پهيو پرياڻا،

ته، ڪهڙي هلجي واٽ سا، ڪريو مصلحتا.

ابوجهل عدو چيو، موٽي ان ويرا،

ته، وٺي هلون واٽ جبل جي سهنجي سبيلا.

موٽي چيو ميسري، تپي تئو منجها،

ته اسين احمد ڄام جي، آهيون پٺيءَ لڳا،

جيڪا چوندو نبي، سا واٽ وٺي ويندا.

پوءِ موٽي چيو ميسري، اُڀي عرض اڳيا،

ته، حضرت هلون واٽ ڪهڙي، آهه پنڌ سبيلا؟

تڏهن چيو نبي، وٺي بَرَ جي، هلون واٽ هتا،

آهي اوکي گهَڙي، سا اهڙي عفونتا،

پر سائين سا سؤکي ڪندو، قادر ڪرم ڪنا.

تڏهن حضرت هٿ کڻي چيو، اي سائين سٻاجها!

اي موليٰ! مينهن وساءِ، ڪر راحم رحمتا،

ته سکيو پوي ساٿڙو، ڪنهن مُنهن قافلا،

مند نه مينهن، مهر جا وسيا وسڪارا،

ڀريون نديون نياڻ، سڀ تُرها تار ٿيا،

وهن واهڻ واديون، ڏين دور دريا،

جهڪا جهُڙن لائيا، رڻ ۾ ٿيا ريلا،

ابر اُمارا ڪيو، ٿا وسن وڏڦڙا،

تاجر تماشا ڪندا وڃن شاديون شڪرانا،

وڃن ميگهه ملهاريا، ٿيا سرها ساٿيڙا،

جر هاريندو وترو، آيو اُتر ڏانٌهه،

جي ڏَر ڏين گهڻو، سي ريل ريجاڻا،

ٿاڌل ٿي ٿرن برن ۾، ويو تابش تاءُ،

پسيو سبزا ساوڪون، ڪن تِتر تماشا،

پاڪيزا پٽن تي، پچي چيزَ پيا،

ڏجهو لٿو ڏوٿئين، جتي بري بک مئا.

هلندو ويو قافلو، مٿي منزل مڪانا،

تان کڻي آيا کوهه تي، ڪاهي قافلا،

اُٺ آزاريءَ ساٿ ڏانهن، ڪئي ناگهه نگاها،

دانهه ڪيائين درد مؤن فغان فريادا:

اَغثِني رسول ربّ جا، اڙين آڌارا!

آءٌ آزاري عليل آهيان، ٿو مران مرض ڪنا،

رحمت ڪر رسول تون، تو کي مولٖي مُڪو آهه،

ٻُڏن کي ٻانهون ڏي، ٿي رهين رهنما،

ڏکين لاهين ڏکڙا، سورن ڏي سهجا،

يا سردار جهان جا! تون سڀن ڏي صحتا،

حضرت منهنجي حال جي، سُڻ حامي حڪايتا،

ڪَرارو هئس قطار ۾، اُچو اُٺن ڪنا،

هئس باري بارڪش، طاقت توانا،

سرهو هوس ساٿ ۾، سڀني کان سَرا،

ڪنهن نه ڪشاليٖ ۾ ڪئي، مون سان دعويٰ مدعا،

مڙئي منزل ۾ هوا، پٺيءَ مون پوندا،

مڙئي منهنجي مزوريءَ تي، هئا مالڪ موجودا،

مڙئي منهنجي مزوريءَ تي، پٺيءَ هئا پَرندا،

اچي رسيم جان ۾، هڪ مرض مضبوطا،

پيم ڏڪڻي جان ۾، وييم وجودا،

لحم لڱن ڇڏيو، منهنجا هيڻا ٿيا هڏڙا،

تڏهن جفائن کؤن ڇڏي، پُٺيءَ آءٌ پوان،

تڏهن ماريندا هئا منزل ۾، هڻندا ڌڪ هئا،

پوءِ ڪري پيس زمين تي، هيڻائيءَ جي سببا،

اُٿان ته اُٿي نه سگهان، مٿان مارين پيا،

کُهيا کڻي نه سگهيا، هُو وس ڪري ورتا،

پوءِ ڪڍيائون قهرسين، ڪاتيون ڪهڻ لاءِ،

پر هڪ ڏٺائون ڏٻرو، ويس کيڻ ڪنا،

وارث! انهيءَ وقت ۾ مون کي واقف ڇڏي ويا،

عيب پسي عاجز جا، ساٿي سڀ ويا،

هاڻي تڳان توهه تنهنجي، يا سرور سٻاجها،

ڏک ڏکويل جا لاهيين، تون نرمل نماڻن جا،

ٻڌي عرض عليل جا، رهبر رسولا،

سيّد ساٿين کي چيو، مرسل محمّدا،

ته، اوهين اُڀيو اِتي، آءٌ لهان ڪرهي ڪل ڪا،

مٿان بودي سندي بوءِ جي اچي آن کي عفونتا،

قادر انهن ڪمن لاءِ، مون کي مولٖي مڪو آه،

کارائجي بکين کي، ڍڪجن اُگهاڙا،

پاڻي پيارجي اُڃن کي، مڃجن ملولا،

سُڌ سقيمن لهجي، پڇجن پاڙيچا،

رنان جويون جي ٿيون، وارث جن ويا،

ڪارون ڪجن تن سين، ٻهون ٻاجهه ٻُڏا،

ڏجن يتيمن کي، ورد وظيفا،

ويندن واٽون ڏسجن، ايندن اوتارا،

کوهه کڻائڻ، مسجدون اَڏائڻ، سبيلون سفرا.

پوءِ هلي آيو اُٺ وٽ، مرسل محمّدا،

پيو هو پٽ ۾، پاسيرو پٺيءَ ڏانہ،

مٿي ڏنہ مريض جي، اچي ويٺو رسولا،

حضرت ڦيريس هٿڙا، مرسل مهر منجها،

آجو ٿيو آزار کؤن، لهي سور ويا،

اڳئين کؤن اڳرو ٿيو، سَڌر سؤ ڀيرا،

نچي پَنبِي ناز مان، نَٽ ڪري نخرا،

اُڀو ڪُڏي ڪرهو، جُمل جلديءَ کان،

هٿ چُميو، پير چُمي، ڪري توڏو تعظيما،

چي، مون تي ٿيون مهرون، ٻهون ٻاجهه ٻُڏا،

هاڻ عرض سڻ عليل جا، اي سچا رسولا!

حضرت! چڙهي سوار ٿي، هل مون تي محمّدا.

عرض ڪيائون اُٺ جا، ڪوڏئون قبولا،

پلاڻي پرين لئي، ڪيائون توڏو تيارا،

مٿس ڪجائو قيمتي، ٻيا جهڳمڳ جا جهوڙا،

گل ڦل ڳانَن ڳُتيا، مَڙهي موتين مهارا،

حضرت چڙهي هسوار ٿيس، مٿسِ محبوبا،

ڪرهو سڀ قطار کؤن، وڃي توڏو تَو منجها،

ڪون پڄيس ڪو پنڌ ۾، ڪو بودو برابرا،

ڪيڏا ڪيا اُٺ سين، احمد احسانا،

سو ڪين ڇڏيندو اُمتي، پيغمبر پنهنجا،

چوي ”غلام محمّدي“ عرض نالي غلاما،

ڪلام منهنجو ڪرم سان، ٿئي مدح مقبولا،

ڪلمي ساڻ ڪريم جي پڄندم پساها،

چئو صلواتون سرور تي، لکين درودا،

وينداسي ايمان سان، ڪلمون جي ڪهندا.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: اُٺ جي پٺيءَ تي کجي پيدا ٿيڻ وارو

(چيل مهدي شاهه جو )

ساراهجي سبحان کي، جو ملڪ جو مالڪ خدا،

حيُّ، قائم جو هميشہ، خالقِ هردوسريٰ،

پرت مؤن پيدا ڪيو، جنهن مير مرسل مقتدا،

چمن ۾ چانڊاڻ ٿِي، نروار ٿيو نورالهديٰ،

چارئي چڱيرا يار تنهن سردار آهن سربسر.

 

پنجتن جي پار جي هردم اٿم سڪ ساهه ۾،

جي وسيلا واهرو حامي ٿيندا هرگاهه ۾،

آءٌ سوالي آهيان، ٿئي داد ڪو درگاهه ۾،

لک اُميدون آسرا، آهن محمّد شاهه ۾،

اُمّت ڇڏائي پانهنجي، آزاد ڪندو از سقر.

 

ڪريان قصي جي ڳالهڙي، آهي ڪتابن منجهه عيان،

راوي روايت هن سندي ٿو ڪري بيشڪ بيان،

ساري سڻو اي مومنو! مرسل ٿيندو مهربان،

صلوات سيّد تي پڙهو، هردم هميشہ هر زمان،

مؤن قبيلي عرب جي، هو مرد هڪڙو معتبر.

 

سو وٽ پيغمبر پاڪ جي، هڪ ڏينهن اچي حاضر ٿيو،

اُن سان اڪيچار ڀي مجمع گهڻو هو گڏ ٿيو،

مرسل مٺي مجلس اندر، وارث ويٺي واعظ ڪيو،

هي ڀي پيغمبر پاڪ جي، قدمن مٿئون قربان ٿيو،

مرحبا مرسل ڪيس، خيرالوريٰ خوش ٿي کيڪر.

 

پڇيس پيغمبر پرت مؤن، مرسل مٿان پوءِ مصطفيٰ:

ڏي حقيقت حال جي، تون من سندي ماهيتا،

مڃ منزّه پاڪ تون ۽ مڃ رسولِ رهنما،

تان قيامت ڏينهن ڀي، توتي ڪندس آءٌ شفا،

طلب ڪيائين معجزي جي، کؤن رسولِ راهبر.

 

حضرتا! جيڪا اڳيائون، اُٺ بيٺي آهي اُڀي،

پٺ تنهين جي مؤن پيدا، ٿئي کارڪن سان وڻ کجي،

سي رطب کائي رهنما! ايمان آڻيندس تبي،

ڪيو معجزو تانٌ مانٌ مڃان نروار، نازڪ تو نبي،

هاشمي هٿڙا کڻي، سو عرض  ڪيو آگي جي در.

 

سو عرض عربي ڄام جو، آگي جي در سارو اگهيو،

ماڻهو ڏسڻ ڪاڻ معجزي جي عرب عالم اڙد ٿيو،

تان پسون هي ڪيئن ڪري، ٿو مير مرسل معجزو،

شڪ شبهي کي ڀڃون، وڃي وجودئون وسوسو،

اُٺ جي پٺيءَ تي ڦيريا، هٿڙا ٻئي سيّد سڌر.

 

هڪ پلڪ ۾ پيدا ٿيو، اُٺ جي پٺيءَ تي آشڪار،

موجود ميوا ڀي منجهس، سو نخل وڻ نموني دار،

رطب جنهن ۾ رونقي، ماکيون مٺا شڪر شمار،

حضرت چيس، موليٰ ڪيا هي رطب تنهنجي لئي تيار،

کاءُ خوشيءَ کؤن کارڪون ۽ ڪر ڪنارو کؤن ڪفر.

 

تڏهن خوشي کؤن کارڪون، کاڌيون کڻي اُتهين کلي،

چيائين قلب منهنجي مؤن ڪفر، هڪدم ويو هلي،

سڀن کاڌيون کارڪون، رهبر رسول سان رلي،

چيائون پيغمبر پاڪ کي، ٿي ڀلا! تو ڏنهه ڀلي،

ايمان آندو سي توتي، مڃيوسي خالق مقتدر.

 

ڏسي معجزو مرسل سندو، قدمن مٿئون پيڙو ڪري،

حجت سندي هوتن کؤن ٿي منتظر، معافي گهري،

تون وسيلو واهرو، تون دين دنيا جي دري،

آيو ادا اسلام تي، ڪلمون محمّد تي پڙهي،

محبت منجهئون مڙني چيو، صلوعليٰ هل حشر.

 

اهڙا هزارين معجزا، آهن سچي سردار جا،

جلوو ٿيو اسلام جو، ڪِريا قلعا ڪفار جا،

پاڪ پرور سي پسائي، منارا تنهن مهندار جا،

سڪ ساهه ۾ سردار جي آهيون اُڃا ديدار جا،

ڪلمي سان ”مهدي شاهه“ جو سهنجو ٿئي اڳ جو سفر.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

 

 معجزو نبي صلعم جو: ڏٻري وهٽ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو )

پنڌرهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

جڏهن موٽي هلي مڪي کان، بيبي حليما،

وٺي ٻيلياڻون پنهنجون، وري وطن ڏانہ،

مٿي وهٽ سوار ٿيون، ڪري مير محمّد مهندا،

اِي وهٽ سندس اڳيئون، جو هو بلڪل ضعيفا،

ڏک ڏکندي هو جهوريو، چلڻ سڀ چُڪا،

هلندو هو هري هري، ڪر وک نه وجهي ڪا،

هو رهندو رڃ ۾ پوئتي، سڀن جي پٺيا،

سڀ وينديون هيون هيڪل ڇڏي حليمت کا،

جڏهن کڻي ڪامل ڪيو ڪڇ ۾، بيبيءَ حليمت هيجا،

تڏهن ڪنڌ زمين تي نيئي، نِوڙي تنهن وهٽڙا،

ڪيو ڪعبة الله ڏونهن، سجدو ٽي ڀيرا،

پوءِ ڪري ڪنڌ اُتانهون اُڀن ڏونهن، رميو وٺي راهه،

وڃي سو ولاڙيو پنڌ کي، جهل نه ڏئي ڪا،

ڪر اُڏاڻو آهي پکيئڙو، ڇنڊي پک پنهنجا،

ويندي وهٽ نه ڀانئجي، ڪر وجهي وڄ ورڪا،

وڃي مڙني مهند ٿي، مير محمّد جي ماءُ،

سڀ ٻيلياڻيون پنهنجون، ڇڏي پٺ پُٺيا،

رسي راحت رحمت کي، پلئي لڳي پِريا،

تڏهن تعجب لڳو جيڏئين، پسي حليمت حالا،

پر ۾ پڇيائون تنهن کي، مرڪي منهن منجها،

چي، اڳي آهي ضعيف گهڻو، مرڪب تنهنجو ماءُ،

هلندو هو پٺ ۾، سڀني پوءِ وارا،

هينئر وڃي اُڏاڻو پکي جان، ڪهڙو وريس واءُ؟

تان وهٽ وائيءَ آيو، ڪيائين ڳالهاءَ،

چي، ڀوريون! ڀال نه ڄاڻو، جي مون سين ڪرم ڪريم ڪيا،

جيئرو ڪيائين ڪرم سين، مرڻ پڄاڻا،

ڪِ پروڙيو غافلو! سندي تنهن خبرا،

منهنجي پُٺ تي جو ٿيو، سرور سوارا،

جو ڀلارو ڀلن ۾، ختم الانبيا،

سيّد سندو سهاڳين، ڪيو مولٖي مختيارا،

جنهن عالم سڀ اُجاريا، پويان توءِ پهريا،

دوست سٻاجهو ڌڻيءَ جو، مير محمّد شاهه،

آءٌ جيئرو ٿيس جان ۾، سرهو سريرا،

ڏک ويڙم ڏاکڙا، ڏٻرا ڏولائا‏،

جڏهن چڙهيو مون اُتي مرسل مصطفيٰ،

سڻو پاڪ رسول جي، سونهاري صفتا،

موليٰ مون مجرم تي، مهر ڪرين سائين سٻاجها!

ڪيم ڪوڙ ڪچايون، ڪوڙين ڪبيرا،

عاصيءَ کي عَفو ڪرين، قادر ڪريما!

تُسين تون توهه ڪرين، صاحب سڀن سا،

جن چيو ڪلمون، هينئين سان هيجا،

لااِلہٰ اِلاالله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

اوڻونجهاون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

بيبي اُم سلمة روايت ڪري، سندي حديثا،

ته هليو حضرت ڪڏهين، ٻهر مديني کان،

ته هلندي سُئائون صحرا ۾، سڏڙا اوچتا،

جئن ڪر ڪنهن ٽي ڀيرا، چيو يا رسول الله!

تڏهن نظر ڪيائون نيڻ کڻي، چوڏس چوڌارا،

ته آهي هرڻي هيڪڙي، ٻڌي ڦاهيءَ سا،

ويڙهيو مڙس هيڪڙو گنديءَ ۾، پڻ وٽس سُتو آهه،

تڏهن حضرت پڇيو هرڻيءَ کي، هلي ٻاجهه منجها:

ڪهڙو سبب تو ٿيو، جئن مون کي سڏ ڪيا،

تان عرض ڪيو حال جو، هرڻيءَ حضرت سا،

چي، مون کي هن اوڏڙي جبل ۾ رهندي ڏينهن ٿيا،

هاڻي ڏنم تنهن ۾، گهڻائي ٻٺڙا،

اڄ اڄوڪي ڏينهن پيو، ماري مون مَٿا،

جيڪس کُٽم ڏينهڙا، پُنم پساها،

پر مران انهيءَ مامري، روئان رت ريلا،

جئن ٻچن کير نه پيتو، مرن بک منجها،

ڪريان عرض ان حال جو، پرين! تو اڳيا،

جي تون مون کي ڇڏائين لک سين، اي محمّد شاهه!

ته هوند سگهيائي موٽي اچان، پياري کير ٻچڙا،

ڏيئي وران ان کي، دل ۾ دم دلاسا.

چيو حضرت هرڻيءَ کي، موٽي مهر منجها،

ته، جي تون پاڙين قول پانهنجو، ته ڇڏايائين هِتا،

هرڻيءَ چيو حبيب کي، اي سچا محمّدا!

ساهه مٿان تو صدقو، روح رڳن سا،

جو ڪيم قول حضور ۾، ڦِرن ڪيئن تِها،

جنهين توهان منهن موڙيو، سي مڱر منجهه ويا،

سگهو ورنديس سپرين! پسي ٻار ٻچا،

کير پياري ان کي، وير نه ڪنديس ڪا.

تڏهن حضرت هرڻي ڇوڙي ڇڏي، ڪڍي ڦاهيءَ کا،

ٿوريءَ گهڻيءَ ويرم ۾، جاڳيو  ماري ننڊ منجها،

اٿيو پڇي خبرون خليل کي، سنديون شڪارا،

کجي کامي کپي گهڻو، آٽي اندوها،

چي، مون هرڻي جهلي، ڪري وس وڏا،

ڪارڻ قوت عيال جي، ڪيا مون حيلا،

سو ميان! شڪار منهنجا، ڪڍيئي ڪڄاڙي لا؟

چي، هرڻي ويئي ٻچڙن ڏونٌهه، ڪري اقرارا،

هيس بکيا ٻٺڙا، لنگهڻ ويچارا وياء،

ايندي سگهيائي وري، پياريٖ پنهنجا ٻٺڙا،

آءٌ آهيان ضامن تنهن جو، جيسين اچي سا.

تان ماريءَ چيو محمّد مير کي، اي سچا سونهارا!

ڪڏهن ڪَنين نه سُئا، ته مرون موٽندا،

ڪنهن پر ڦِرن پکڻا، چکي ڦاهيءَ ساءَ،

مٺو موت نه ڪنهن کي، سڀني ڪين سهاء.

ڪندي ڳالهيون پاڻ ۾، گذري ويرم ڪا،

تان اچي پريان هرڻي، هلي هيج منجها،

اچي چيائين سلام رسول تي، بيهنديئي  اڳيا،

تڏهن حضرت چيو ماريءَ کي، ته هيءَ تنهنجي امانتا،

پر اسين شفاعت ٿا ڪريون، ان هرڻيءَ لا،

آهيون شفيع جهان جا، اڙين آڌارا،

جي تون ڇوڙي ڇڏين، هرڻي لاءِ خدا،

ته آءٌ آهيان ضامن تنهنجو، قيامت ڏينها.

تڏهن ماريءَ ڏٺو معجزو، سندو حضرت محمّدا،

سچو لڌائين سپرين، صادق سڀن ڪنا،

وسوڙو ويساهه سين، آڻي اميدا،

ته پاڙي قول پانهنجا، آخرت ۽ دنيا،

مانَ منهنجي ڪري، ڪا ورنَهه واهرا،

جو ڪري تکيِءَ تار ۾، ٻُڏن ٻيٖلپا،

ڇوڙي ڇڏيائين هرڻي، ڪڍي ڦاهيءَ ما،

سا ڊڪي ڊوڙي سرهي ٿئي، نچي ناز منجها،

چوي چِٽيءَ ڄڀ سين، ڪلمون پاڪ مُها.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله


* هن معجزي جون ٽي روايتون مليون، اتر مان عبدالحق (شهدادڪوٽ)، فتح محمد (قنبر) ۽ وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

+   حاجي عبدالله ولد محمد فقير سومرو ڊکڻ، ڳوٺ الهه رکئي جلباڻي تعلقي نصير آباد ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. اندازاً 1287هه/ 1870ع ۾ ڄائو. روهڙيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي، عربي ۽ پارسيءَ کان واقف هو. راڳ جو به چڱو ڄاڻو هو. سندس ڪلام جو گهڻو حصو معجزا، مناقبا، مداحون ۽ ٽيهه اکريون آهن. سن 47-1349هه/ 28-1930ع ڌاري وفات ڪيائين.

*  هن معجزي جون ٽي روايتون مليون، جن مان ٻه اُتر مان عبدالحق (تعلقو شهدادڪوٽ)، غلام نبي (تعلقو ڏوڪري) کان مليون ۽ ٽي وچولي (تعلقو ٽنڊوالهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

+  مخدوم غلام محمد بگائي، ڳوٺ بگا تعلقي موري جو ويٺل هو، جو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشق رسول صلعم ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب جي ڄمڻ ۽ وفات جو سال توڙي احوال ملي نه سگهيو آهي. باقي مختلف روايتن موجب ميان نور محمد ڪلهوڙي (1133هه/1719ع- 1167هه/1753ع) جي زماني ۾ زنده هو. نهايت ئي پرهيز گار ۽ راست گو هو. جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي، مشهور بزرگ مخدوم عبدالرحمان کي 1145هه/ 1732ع ۾ ) شهيد ڪرايو، تڏهن مخدوم ئي هو جنهن ميان کي سخت ننديو ۽ مخدوم صاحب جي شهادت جو واقعو نظم ۾ قلمبند ڪيو. سندس چيل مولود اڄ تائين سڄيءَ سنڌ ۾ ڳائبا آهن. سندس ڪلام ۾ نالي واري مصرع هميشہ هن طرح هوندي آهي:

چوي ”غلام محمدي“ نالي غلاما،

وينداسي ايمان سين، جي ڪملون چون مُها.

*  هن معجزي جي روايت اُتر(تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق کان ملي.

+  سوانح عمري ملي نه سگهي آهي.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ، سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص1.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص1.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org