سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :13

معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو

(چيل رمضان واڍي جو )

ساراهيان سچو ڌڻي آگو عليما،

جڳائي تنهن صاحب کي سڀڪا ساراها،

ريٻارو رحمان جو ختم الانبياء،

هو ڏينهن هيڪڙو منجهه اڳئين زمانا،

مسجد مديني شهر ۾ ورنَهه هئا ويٺا،

شافع شفاعت جو ڌڻي هو مٺو محمّدا،

هونِ سونهارو هنجهه ۾ امام حسن شاهه،

هو پيارو پيغمبر کي ڏوهٽو نبيا.

آيو انهيءَ وقت ۾ هڪ ماري اشهادا،

ٻچو وٺي هرڻيءَ جو، ڏاڍو مرگهه ملوڪا،

اچي چيائين حضور ۾، يا رسول الله!

ڏاتار! مون کي ڏياريو هن جو انعاما،

تڏهن مرسل ماريءَ کي ڏنا ٻه ٽي دينارا،

وٺي ڏنائين امام حسن کي راند ڪرڻ لاءِ،

سو کڻي ويو وچ وادئين جتي نينگر هئا ٻيا،

اُتي امام حسين ننڍڙو ٿي راند رميا،

ڏٺئين امام حسن جي هٿ ۾ آهو عجيبا،

چيائين پنهنجي ڀاءُ کي، منجهان محبتا:

ادا! مون کي ڏياريو، آءٌ راند ڪُڏايان.

تڏهن چيو امام حسين کي حضرت حسن شاهه:

وڃي وٺ ناني نبي ڪريم کان جنهن مون کي ڏنو آهه.

تڏهن ڪاوڙ جي ڪست مان آيو امام حسينا،

اچي چيائين حضور ۾، يا رسول الله!

نانا مون کي ڏياريو، اهڙو آهو عجيبا.

تڏهن پرچائڻ لاءِ پرين جي ڪيا ورنَهه وس وڏا،

ته به پرتو ٿي ڪينڪي، ري هرڻ وٺڻ ڌارا،

آيس آب اکين مان، ڳلن سر ڳوڙها،

ارمان احمد ڄام کي، ٿيو گوهر غمناڪا.

مولي ملائڪ موڪليا سگها سيگهه منجها:

وڃو هرڻي کڻي ڏيو، کي حضرت حُسينا،

متان ڪِري پون پٽ تي، لڙڪ لالڻ جا،

ڪرڻ سان تن لڙڪن جي، نه ڪندي اُپت زمينا،

ويندي لذت بهشت مان، دهشت دوزخا.

تڏهن ڪڏندي آئي هرڻي، هڪ مرگهه ملوڪا،

پڻ ڪڏندو آيو ٻٺڙو، تنهن جو تنهن پٺيا،

ڪڏندي چيائين قريشيءَ کي، هيءُ پويم پُٽ قبولا،

ڪيو قبول ڪارڻي مٺي محمّدا،

وٺي ڏنائين امام حسين کي راند ڪڏڻ لاءِ،

سو کڻي ويو وچ وادئين، جتي نينگر ها ٻيا،

پوءِ پڇيو حال هرڻي  کان، سارو حبيب خدا،

ڪٿي هئينءَ تون هرڻي! سا مون ڳالهه سڻاءِ.

هرڻيءَ تڏهن بيان ڪيو، مهندا محبوبا:

حضرت منهنجي حال جي، سڻو حڪايتا،

ويس جهانگياڻي جهنگ ۾، چنم ساوا گاهه،

ٻچا لايو پٺيان، يا رهبر رسولا!

هڪڙو ڦاهيءَ ڦاسايو، تنهن جي ڪل نه رهيم ڪا،

ڏک تنهن جو ڏيل ۾، هُئم اپر اندوها،

باقي بچيم هيڪڙو، جو تو آڏو محمّدا!

چاريم تنهن کي چاهه مان، ڏاڍا ڏيو پٽڙا،

مولي ملائڪ موڪليا، تابش مان تڪڙا،

هلي هرڻي حسين ڏانهن، جو هو ڏوهٽو نبيا،

پوءِ ويڙهي ڏنائون مون کي، پيرن هيٺان زمينا،

هڪڙي وک وڌيم وچ تي، ٻيءَ سين آيس هتا،

پوءِ چيس رسول رب جي، مٺي محمّدا،

هاڻ ماٺ ڪري هرڻي، تنهنجا ڪارج سڀ سريا،

اڳوڻو پٽ اسان وٽ، تنهنجو آهي هٿيڪا،

تنهن سان ڪري ٿو راندڙي، امام حسن شاهه،

هِن سان ڪري ٿو راندڙي، امام حسينا،

تڏهن شڪر آلحمد لِله چيو، هرڻيءَ اُت مُنها،

تڏهن پٽ پرتئي منهنجا پرين رهبر رسولا!

ڌڻيءَ لڳ دعا ڪريو، وري شال وڃا،

کڻي هٿ خدا ڏانهن ڪري ٻهون ٻاجهه ٻُڏا،

هرڻي ويئي هيڪلي، راهي رڻ منجها،

”رمضان واڍي“ تي راضي ٿئي، رهبر رسولا،

مائٽ مِٽن سان مصطفيٰ! مديني پهچاءِ،

چئو صلوات حضرت نبي ڪريم تي، لکين دائم درودا،

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جي چون مُها.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: ٻڪريءَ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو )

ٻاونجاهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاهه،

جڏهن حضرت مڪي کان هليو، لڏي مديني ڏانهه،

هو حضرت صديق ساڻن، هيڪاندو همراهه،

ڪجهه ڇنائون پنڌڙو، هلي واٽ منجها،

وڃي گذر ڪيائون، ’ام معبد‘ وٽا،

جا رهندي هئي واٽ ۾، سودي سلف لاءِ،

هئي وڪڻندي کارڪون، پڻ گيهون ۽ ماهه،

تنبو تنهن جا ٻه هوا، پڌرا بيٺا،

حضرت نظر جان ڪري، هيڪڙي منجهارا،

ته منجهس ڏٺائون ٻڪري، ڏٻري هئي جا،

نڪي هليو سا سگهي، نڪي چري گاهه،

رڙهيٖ رڙهڻ ناهه ڪو، چلڻ سڀ چُڪا.

حضرت پڇيو ام معبد کي، ڪي منجهس کير آهه؟

تان چي هيءَ ٻڪري آهي ڏٻري، گهڻو لڳس ڏک ڏولا،

منجهس سار نه سگهه ڪا، نڪو کير ٿَڻا،

پڻ آهي حامل سا ٿي، ڪن ڏينهن پڄاڻا،

چيو حضرت تنهن عورت کي، مُرڪي مهندا،

ته، هوند کير ڏُهون منجهانٌئس ڪي، جي موڪل ڏئين ماء!

تان چي ماءُ پيءُ منهنجا گهوريا، محمّد تو اُتان،

جيڪي پسو کير پهن ۾، ته موڪل مون پارا،

تڏهن رسول ڌڻيءَ جي، ٿڻ ٻڪريءَ جا هٿن سين مليا،

دعا گهريائون ڌڻيءَ ڪنان، چئي بسم الله،

تان ڀرجي ٿڻ ٻڪريءَ جا، آيا کير منجها،

ڏهي ڀريائون تنهن کان، گهڻو وڏيرو ٿانءُ،

وٺي ڏنائون کير سو، مڙني ماڻهن کان،

جيڪي هئا تنهن ماڳ ۾، حاضر هيڪاندا،

کڻيو ڏنائون سڀني کي، ڀري پيالا،

پر پياريائون ام معبد کي، پهريائين تِنٌها،

تنهن پڄاڻا پياري ڍايائون، پڻ ماڻهو سڀ ٻيا،

تان پڻ پيتائون کير ڪي، سڀني پڄاڻا،

ماڻهو سڀئي تنهن منجهان، پيئندي پُر ٿيا،

پڻ موٽي ڏڌائون پَهُونٌ کي، ڦِري ٻيهارا،

ڏُهي ڀريائون ٿانٌءُ وڏو، وري تنهن منجها،

سو ڏيئي ام معبد کي، ماڳهين ڇڏي هليا،

جڏهن بيبيءَ اُم معبد ڏٺا، پڌرا پريٌنءَ جا پِرتا،

تڏهن آئي پريندئي اسلام ۾، سٽاڻي صدقا،

ڪلمون چيائين مهد سين، مهندان حضرت محمّدا،

سائيٌنءَ سڳوري ڪئي، پلئه لڳي پريا،

سڻو محمّد مير جا، معجزا موچارا،

سا بيبي اُم معبد ڪري، سچي روايتا،

ته هئي پَهُونٌ اسان ڪن، گهڻا ورهيه سا،

جيسين ٿيو زمانو خلافت جو، حضرت عمر لاءِ،

ارڙهون ورهه سو هئو حبيب کي، آئي مديني ڏانٌهه،

تڏهن ڦُڙو نه لڀي کير جو، ڪنهين ڌڻ منجها،

اُرهه سندا اُٺئين، سڀ سُڪي ٿيا سوڙها،

پر اسين سنجهي صبوح تنهن پَهُونٌ منجهان، هواسُونٌ ڏهندا،

کير نه کُٽو تنهن جو، پاڻان ويرا وير وڌاءِ،

ايءَ نسورا معجزا، نبي نُور سندا،

ڪجي رسول ڪريم جي، سدا ساراها-

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: ٻڪريءَ وارو

(چيل پانڌي آريسر جو )

ساراهيان صاحب کي جو آگو عليما،

اڏي اڏيائين ڪيترا فرش في الحالا،

عشق رکِي احمد سان، ڪيائين محمّد معشوقا،

’لولاڪ لَمّا خَلَقۡتُ الافلاڪَ‘ پرور پيارا،

هيءَ حڪايت هڪڙي، سڻو مومن موچارا،

’ڪتابة الفردوس‘ ۾، آهي هيءَ پچارا،

جڏهن غار ڇڏي سفر هليا، محب مديني ڏانٌهه،

ابابڪر صديق هو، ساڻن رفيقا،

منزل سر منزلون ڪندا، آيا ڪامل ڪوهيارا،

اچي لٿا گهر بيبيءَ، ’اُم المُعبٌد‘ نام نشانا،

مڪّي مديني وچ ۾، هو ان جو آستانا،

مهمان نواز مائي هئي، سا پڻ مشهورا،

ويٺي هوندي هئي خيمن جي، سدا ٻاهرا،

ڪارڻ خدمت خلق جي، پاڻي پيارڻ لاءِ،

چڱي ڪندي هئي چاڪري، مسافرن مردا،

جڏهن اُت سونهارا سپرين، آيا عجيبا،

ڏٺو بيبيءَ قافلي منجهه، ڪامل ڪوهيارا،

صورت شفيع شاهه جي، ڄڻ شمع ڪري شعاع،

ٻري مثال مچ جي، ڄڻڪ ماهه منيرا،

ڪامل قريشي اُلٿا، اُٺ مٿانرا،

منزل ڪيائون اچي، انهيءَ ملڪ مڪانا،

بيبيءَ ڏٺو نبيءَ ڪريم کي، پنهنجي اکڙين سا،

سا ڪري پيئي قدمن تي، نوڙي نيازا:

ڀلي ڪري آئينم تون، پنهل پرڏيها!

ڀلي ڪري آئينم تون، پنهل پرڏيها!

قربان ٿيان قربان ٿيان جا هئس زبانئون الفاظا،

جيڪي هوس گهر ۾، سو آڻي رکيائين اڳيا،

مُرڪي محمّد منهن مبارڪ مان، ڪڍيا الفاظا:

گهُرجي کير، کجور، لحم ٿو هاڻي هن ويرا.

تڏهن ٻئي ٻڌائين ادب سان، حاضر ٿي هٿڙا،

چي، اوهان جي نانءَ تان، صدقي سو وارا،

قحط ساري ڏيهه ۾، ڏاڍو ڏُڪارا،

ماڻهو، مال، ڌڻ، ڪيا بکن بيزارا،

ڏڌ نه ساري ڏيهه ۾، ڪئين مري مال ويا،

کير نه لڀي ڪڏهن، ڪو ڪٿهين قليلا.

نرمل نهاري جان ڏسي، لاغر ٻڪريءَ ڏانهه،

ڪنڌيءَ پاس خيمي جي، هئي پيل پنارا،

عاجز اَڀري اٿڻ ڳنا، ۽ هلاڪ هلڻ ڪنا،

پئي هئي پَٽ ۾، گهڻا ڪي ڏينهڙا،

چي، ڪنهن جي آهي ٻڪري؟ ٻڍڙي ڪر بيانا.

هٿ ٻڌي ٻڍڙيءَ ڪيو، اُڀي احوالا:

حضرتا! ٻڪري منهنجي، آهي زبون ضعيفا،

ڪونهيس کير ٿڻن ۾، ضعيفائيءَ سببا.

تڏهن فرمايو فضل سان، مٺي محمّدا:

موڪل ڏي کير جي، ڪڍون ٿڻن منجها.

موٽي تنهن مائيءِ چيو، کي اڪمل احمدا،

ته، قربان ڪريان هڏهون، مال ۽ ٻار ٻچا،

کير ٻڪريءَ ۾ ناهي، ڪو اگهائي اَثرا،

تڏهن حضرت هلي آئيو، وٽ ٻڪري ضعيفا،

حضرت هٿ ڦيريا، ٻڪريءَ جي پٺن تا،

قدرت سان ڪريم جي، ٿيو معجزو مشهورا،

ٻڪري ترت تازي ٿي، اُٿي بيٺي اُن ويرا،

ٿُلهي، متاري، ٿنڀري، سهڻي سؤ ڀيرا،

اوهه ڀريو کير سان، ٿڻ ٿيس ٿُلها،

قدرت ڪُل ڪريم جي، عجب اسرارا،

اچي کير ٿڻن مان دود ڪيا ڌڌڪا،

ڏهي سڳورن ٿانو ڀريا، برتن کير منجها،

ماٽيون، مٽ، ماٽورا، لوٽيون ۽ لوٽا،

جيڪي گهر ۾ ٿانو هئا، سي سڀيئي ڀريا،

پهرين پيتو کير گهر وارن، جي مالڪ ٻڪري جا،

پوءِ ابابڪر صديق کي، جو سندن رفيقا،

پياري کير پورو ڪيئون، جي ساٿي سفر جا،

وري ٻيو لڱا ٻڪري ڏڌي، حضرت هٿن سا،

ساري خلق خوش ٿي، پِي سڀ پُر ٿيا،

پوءِ پاڻ سنبهي هليا، سڄڻ ساٿِيڙَا،

طرف ملڪ مديني جي، مڪي مرسلا.

وقت خلافت عمر جي، لکن تاريخ ’خمس‘ ۾ ٿا،

ته، ٻڪري هئي جِئري، ارڙهن سال سڄا،

ماڻهو ڏهندا هئا اُها ٻڪري، لکين هزارا،

پري کان پنڌ ڪري اچي، بدوي سڳورا،

ڏهي کير ٿڪي پيا، ماڻهو مُلڪن جا،

پر کُٽو ڪين کير، جو هئو حڪمت حڪيما،

برڪت نبيءَ ڪريم جي، سيّد سونهارا.

جڏهن مرد اُن عورت جو آيو مڪانا،

اچي ڏٺائين گهر پنهنجو، برسيل بهارا،

سڄو گهر آسودو هو، ڪنان ڏڪارا،

بدوي ڏسيو ڇا ڏسي، جلوو جنسارا،

پڇيائين پنهنجيءَ زال کان، ته ڪر خاص خبرا،

ته، هي اسرار ڪهڙو؟ سچي ڳالهه سڻاءِ.

تان عورت اُڀي سان ڪيو، مهندا ور اُتا،

ته، اڄ مهمان مون وٽ آئيو، محمّد مختيارا،

انهيءَ آئي عيدون ٿيون، باغن بهارا،

اڄ پنهنجي گهر ۾، پرين پير وڌا،

تڏهن لهي ڏڪار ويو، ٿيو سرهو ساڻيها.

سرهو ٿيو سرير ۾، سڻي ڳالهه اِها،

چيائين، ڀلا ڀاڳ بدون جا جن جي گهر گهوٽ آيا،

هلو ته هلون ٻئي ڄڻا، ملڪ مديني ڏانهه.

ٻئي هليا عشق مان، پڻ محبت مجازا،

ويجهي شوق وجود ۾، ٿيا محبتي مجنا،

حاضر ٿيا حضور ۾، عاشق عليلا،

اشهد پڙهيائون ڪلمون، قربئون ڪوڏ منجها.

اهڙا معجزا محبن جا، لک لک هزارا،

”آريسر“ کي، ڪر هادي هدايتا،

چئو صلواتون شفيع تي، هردم هميشا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

 

لا اِلہٰ الا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: ٻڪرين وارو

(چيل فقير محمد ماڇي جو )

راوي روايت ٿو ڪري حضرت زبيرا،

جو ’عَشَر ةُ المَبشّرِين‘ مؤن، آهي سچو صحابا،

ته هئو ڪافر هڪڙو، منجهه مڪي مبارڪا،

چاريندو هو ٻڪريون، راعي منجهه رڻا،

ٻه ٻڪريون تنهن ڌڻ ۾، هيون بي همتا،

هڪ گَري گَريال هئي، ٻي منڊي محتاجا،

پنڌ ۾ پڄن ڪينڪي، اَجڙ کي اصلا،

هڪ وهندي وڻن ۾ وتي سخت سور کا،

ٻي هلڻ منجهه هلاک هئي، اوکن اَنٌداما،

هو چري اچن واڙ تي، هي ڪڻڪن منجهه ڪوها،

راض نه راعيءَ جو تن تي، مهر نڪا مُورا،

هوءَ پوئين رت رُلي اَچي، ويهن وٿاڻا.

هڪ ڏينهن ٻڪريون ڇيڙيون بَر ڏي بُزدارا،

گهڻو پنڌ پري ويون، ڏوري ڏونگرا،

هو تازيون وتن تيز ڪنديون، چرنديون چوطرفا،

هي ٽُرن ڪين ٽڪر ۾، ٿيون آجيون ڏنٌهه اَجڙا،

هُو چري آيون واڙ تي، هي رات رهيون ۾ رڻا،

ويهي رهيون واٽ ۾، پاسي ڪنهن پَهڻا،

هڪڙو ڊپ مرن جو، ٻيو بک ۾ بيحالا،

هڪ تڪيو تاري ربّ جي، وسهن واهه نه ڪا؛

تڏهن منڊيءَ ڪيا اُن مهل ۾، گريءَ سان گفتا،

ته، گهُر دعا درگاهه مان، ادي! سان ادبا،

پوءِ ڳُجهه ڳالهايائون پاڻ ۾، مَن ۾ معذرتا،

اسان کي آجو ڪري، من! نُور ڀريو نبيّا،

ڏٺي محمّد مصطفيٰ جي، من ٿين عيب انيٰ.

پوءِ رات وهامي ڏينهن ٿيو، ڪيو شمس شعاع،

تڏهن اُٿي هليون، جاڏي هين وٿاڻا،

پوءِ پنڌ ڪيائون ڪيترو، رمي راهه منجها،

ته، ورنهه ملين واٽ ۾، محمّد مصطفيٰ،

 نبي نُور خدا جو، عزت ڀريو اعليٰ،

ٻڪريون ٻهڳڻ کي ڏسي، ٿيون گهڻو خوشنودا،

اچي قدمن تي ڪريون، محمّد جي مهندا،

صدا ڪيائون سيّد کي، سچي صدق منجها،

ته، سچ نبي سردار تون، اڙين آڌارا!

تون حامي هيڻن جو آهين، دُکين جو دردا،

هاڻ حقيقت حال جي، ٻڌ مرسل محمّدا!

ته جيڪو مالڪ اسان کي آهي ڏنو ڏاتارا،

حضرت! ڪافر آهه سو، ڪٽو ڪفارا،

قياس نه پويس اصلئون، تنهين کي توڙا،

اسين جڏيون جان ۾، بُت ۾ بيمارا،

 اسان جي آزار جي، ڪري ڪان دوا،

مور نه محتاجن جو، لهي سُڌ سماء،

هڪ تڪيو تاري ربّ جي، ٻي مدد مور نه ڪا،

اسان تي انصاف جي، ڪر عربي! عنايتا،

ته مرضِ اسان تؤن معاف ٿين، ڏک ۽ ڏولاوا،

ته چَرون پِيون چاق ٿي، دم جيڪي دنيا.

پيو قياس ڪريم کي، ٿيو راضي رسولا،

ٻاجهه منجهان ٻڪرين تي، هاديءَ هٿ ڦيريا،

ته گَريءَ اُتان گَر لٿي، ٿي ڏوڙي ڏاس مٿا،

مَنڊيءَ جا مضبوط ٿيا، سالم سڀ عضوا،

پوءِ ٻڪريون ٻهڳڻ جي اڳيئون، ڪن طرحين تماشا،

اڳيئون احمد ڄام جي، خوشيون خيالا،

ٿيون تازيون تن ۾، وين مرض مٿا،

نظر ساڻ نبيءَ جي، سڀ اهنج آزارا،

پوءِ حال حبيب سان، ٻڪرين ٻول ڪيا،

ته، اسان تؤن آجي ڪئي، اڄ تو تهمتا،

اسان کي وٺي وڃ پاڻ ڏي، احمد عجيبا!

ته گڏ گذاريون ڏينهڙا، پاڙي تو پِريا،

تون مَنَهَنٌ محتاجن جو، ڇورن جو ڇپرا،

تون تُرِهو آڻ تارُن جو، تون عنايتي ابرا،

جيڏي وَسينٌ واهه ٿئي، سڃن سيلابا،

لهي بک بکاين جي، ٿين جَرٿَر آب جهجها،

مور نه منڪر ڏي وڃون، موٽي محمّدا!.

آهي دُشمن دين جو، احمق اِبليسا.

تڏهن فرماين فضل سان، مِٺي محمّد شاهه،

ته، وڃو تنهن واڙَ ڏي، جيڪا اَٿوَ جاڳاها،

موڪل مالڪ کان وٺي، اچو اسان ڏانٌهه.

ٻُڌڻ سان ٻُٽجي ويون، سُسي سوز منجها،

اڳيئون احمد ڄام جي، روئن رت ڦڙا،

تڏ ٻهڳڻ ٻڪرين کي ڏنا، دلبر دلاسا،

ته، ايندو سو اسلام تي، راعي ساڻ رضا،

عطا اسان کي ڪندو، ڌڻ سڀ ڌنارا.

پوءِ رهبر روانيون ڪيون، موٽِي مالڪ ڏانٌهه،

تيز ڪري تڪڙيون وڃي، ٿيون واڙي ۾ وصلا،

حاضر هئو هن حال ۾، ڌڻ ۾ ڌنارا،

ڏور ڏٺائين  ٻڪريون،  اينديون اکين سا،

هيون سرسيون سڀ کؤن، ڦرنيون فربِها،

سهڻيون صورت ۾ گهڻيون، اُتم ٿيون اعليٰ.

پوءِ بُزن کؤن بُزدار ٿي، ڪئي پرس پڇا،

ته، اوهان سان انصاف ٿيو، ڪهڙيءَ قدرت سا،

هاديءَ هڪڙي رات ۾، ڪيو دفع آزارا.

تڏهن ٻڪرين ڪئي ٻڪرار سان، من جي مقالا،

ته، اسان کي احمد مليو، رهبر راهه مٿا،

اسان قدم ڪريم جا، چپن سان چميا،

پوءِ ڀليٖ ڀلائي ڪئي، ڏسي هيڻن جو حالا،

حضرت هٿ گهمايا، شافع شفقت جا،

مرض اسان تؤن معاف ٿيو، ڪئي دوست دعا،

ڪو نه جهڙس ڪو ٻيو، پرور ڪيو پيدا،

ٻيا ڪم ڪوڙا سڀئي، آهن اُمورا،

سچو مالڪ مُلڪ جو، ٻيو سچو رسول خدا،

لاهي لحظي ۾ ڇڏي، ڏک ڏکوين جا،

اسان کي موڪل ڏي، رخصت ساڻ رضا،

ته دين دنيا جي ڏينهڙا، هجون هميشا،

پاڙي ۾ پرينِ جي، جيون جا نٌڪي تا،

پوءِ ٻاجهه پيئي ٻڪرار کي، ديني دعوتا،

ٻئي ڇڏيائين ٻڪريون، ڪڍي ڌڻ منجها،

سي پُريون پرينٌ رسول ڏي، ترت تعجيلا،

حاضر ٿيون حبيب وٽ، بُزون بحالا،

سڪ مؤن سُوائون ٿيون، اصل نه آب ستا،

ڪڏهن ويائيون ڪينڪي، مالڪ وٽ مُورا،

ٿڻ ٿلها ٿيا تن جا، بُبا ٻئي بالا،

خاوند تن ۾ کير وڌو، شير شهد شڪرا،

پيئندا کير امام هئا، حسن حسينا،

پيئندو پاڪ رسول هو، ٻي بيبي فاطمتا،

پيئندا چار ئي يار هئا، پين اصحابا،

کير نه کپي تن مؤن، لَبن ڪو لمحا.

خبر انهيءَ کير جي، ٻڌي ٻڪرارا،

”ماڇي“ چئي ڏسي معجزو، اُن آندو ايمانا،

”فقير محمد“ چئي ڌڻ پانهنجو، آندائين اُن ويرا،

ڪيائين بخش رسول کي، اهو سڀ اَجڙا،

پاڻ چيائين ڪلمون، مٿي محمّدا،

ڪافر مسلمان ٿيو، ڏسي محبن جا معجزا،

چئو صلوات رسول ڪريم تي، دائم درودا،

وينداسي ايمان سان، جي ڪلمون طيب پڙهندا.

لا اِلہٖ اِلا الله محمد رسول الله


*  هن معجزي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين “مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

*  هن معجزي جي روايت وچولي(تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 12.

*  هن معجزي جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org