سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :2

معجزو بادشاهه پير رحه جو: ٻڏل ٻيڙي تارڻ وارو

(چيل الهه بخش سومري جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، سٻاجهو سبحان،

جنهن ڪرسي لوح قلم ڪيو، عرش اَڏيو آسمان،

زمينان ظاهر ڪيون، باري بهشت بيان،

الاهي اسرار جو، مٿو ناهي مڪان،

ڪندو شفاعت ڪارڻي، محمّد مهربان،

هِت هُتِ حضرت  هاشمي، آهه ضعيفن ضمان،

چئني يارن  جو چڱو، آهه  شرف وڏو ئي شان،

ابابڪر، عمر، عثمان، علي، جن ڪنبايو ڪفران،

ڌُرئون تنهن تي ڌيان، پرور ڪيو پانهنجو.

 

پرور ڪيو پانهنجو، انهن سان احسان،

آهي ماڙَ اسان جي، پشت پنہ پيران،

نسل پاڪ نبيءَ جو، آهه نر نُوري نوران،

ڪل پيرن جو پڳدار، آهه جيلاني جوان،

حڪم جنهن جي هٿ ۾، آهي دفتر جو ديوان،

لهندو لائق لاڏلو، سڌ ساري سلطان،

ميران! هر مريد کي، ترت ڪر توان،

دشمن دزد دفع ٿئي، شوم شرير شيطان،

لاهي لطف سان ڇڏيو، اندر جو عنوان،

جو دستگير! دليئون گهران، سو داتا ڏيارج دان،

آهن تعريفن طولان، تنهنجا مشر مير مناقبا.

 

جڏهن مير هليو معراج تي، موليٖ جو مختيار،

مالڪ ملاقات لئي، اُت سڏايو سردار،

بيٺو هو بهشت ۾، ڪو بوراق بهار،

جوڙي جبرئيل آندو، ترت تازي تيار،

سنج پيا هئس سهڻا، ٻيو سرس ڪيائين سينگار،

هيرا لعل لکين ٿيا، جڙيو وڌ جنهوار،

تنهن تي حضرت هاشمي، هلي ٿيو هسوار،

طرفة العين ۾ سدره المنتهيٰ تي، وڃي ٿيو اظهار،

مٿي عرش اربيلي ڪاڻ هو، الاهي اسرار،

جتي جاءِ نه اسپ جي، جنهن کوڙي نروار،

جُتيءَ ۾ جنسار، پسو قدم ڪريم جا.

 

سيّد هڪ ڏينهن سير ڪيو، پس جان قادر پير،

دستگير درياهه ڏي، ويو عارف ساڻ اُڪير،

تان هڪڙي زال زاريون ڪري، روئي نديءَ ڪناري نير،

اڳ تنهان ٿي تعريف ڪئي، موليٰ جي تنهن مير،

زينب نالو تنهن جو، ٿا چون سرت سڌير،

آهون اِلاهون ڪري، درماندي دلگير،

دانهون تنهن جي درد جون، ٻڌيون ماهه منير،

تنهن کؤن ويڌن وير، پڇي پيران بادشاهه.

 

پڇيو پيران بادشاهه، ٿي حامي تنهن کؤن حال،

جنهن مرض تو کي ماندو ڪيو، ڪر اسان سان احوال،

سل حقيقت حال جي، ته فيض رسي في الحال،

طالع تنهنجو ئي تريو، جو ڀلي ڪيو ٿي ڀال،

جنهن خيال وڏو خال، ٿيندءِ دارون تنهن درد جو.

الايو عارف سان، تنهن نيڻ کڻي نيوِرَ،

ته، تون منهنجي اچي، ڪوهه پڇين ٿو ڪَر،

جيڪي لکيا لوح ۾، آگي پاڻ اکر،

وس کان ڳالهه پري وئي، ڪئي جا قادر،

هاڻي ڪير ڪريم جا، ميٽائي اکر،

هيجئون ڏسان، سا کوليان ڪيئن خبر،

ٻاري سُور سوين ڇڏيا، آڙاهه منجهه اندر،

ڪر دارون تنهن درد جو، اي نور ڀريا نينگر،

اهڙو حرف چيو هر هر، ٿي ٻڏي ٻوڙهٽ ۾ وڃي.

 

ٻڏي ٻوڙهٽ ۾ وڃي، ائين الايون عورت،

موٽي چيو منڌ کي، مير منجهئون محبت،

آءٌ جيلاني آهيان، ڏيان هيڻن مٿان هٿ،

اوکيءَ ويل اچڻ جو، آهي اسان ۾ البت،

تنهنجا مقصد مڙئي ٿيا، باريءَ جي برڪت،

ڦٽي ڪر فرصت، سل حقيقت حال جي.

 

سڃاڻي سيّد کي، ٿي سرهي اندر ساهه،

ڪري قدمن تي پئي، عاجز ڪري آهه،

سڻي دانهون درد جون، تون ڪامل! آئين ڪاهه،

ٻڌ حقيقت حال جي، دل لائي داناهه!

ڏنو فرزند هڪڙو، پنهنجي فضل ساڻ فتاح،

ساماڻجي سو ٿيو، راسخ چڱيءَ راهه،

بالا بخت تنهن جو، اعليٰ ڪيو الله،

پانَوَ پرڻي جي رکي، پرت منجهئون پرواهه،

ڪري صاف صلاح، هليو وير وهانَو تي.

 

هليو وير وهانوَ تي، پانَو چڱيءَ پر،

دهل دماما نقرا، ٻيا ساز وڄن ڪُل سر،

لنگها سڏائي ڪري، دانہ آندا در،

مائٽ تنهن ملوڪ جا، ٿا ڪن چَليو تت چهر،

اُٺ خزانا آذقا، ٻي زور کنيائون زر،

ٻهڳڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو، ٻڌي موڙ مڱر،

گهوٽ لٿو نئي گهر، ڪوڏئون ڪنواريتن جي.

 

قابل ڪهڙو ڪاج ڪيو، پس جان پهرين رات،

جوڙي طعام تيار ڪيا، مڙي سان مصلحات،

کاڌو کاڄ خوشيءَ سان، ذوقئون ذات بذات،

عاقل جي انصاف جي، ٿي سڀ ڪنهن وائي وات،

جنهن وڻي تنهن ڏئي ٿو، ڏاتر پنهنجي ڏات،

لائون لال لڌيون، پرهه ڦٽيءَ پرڀات،

جنهن جي توڙئون هيس تات، مليو تنهن محبوب کي.

 

گهوران گهورن گهوٽ تؤن، ڏس ڏهوڻا ڏاج،

پرور تنهن جا پرت مؤن، اگهايا عيلاج،

ڪيس قادر پورا ڪاج، ڪوڏئون پنهنجي ڪرم سان.

 

سورهيه آيو سَٿ ۾، صبح سر سويل،

سڀئي لنگها مڙي اَچي، ٻهڳڻ ويٺس ٻيل،

ڏنيون واڌايون وهانو جون، ورنهه کي تنهن ويل،

تنهن سڀِ پهرايا، پاتڻي، آڻائي اڻگيل،

ڪري پانوَ پيل، اچي ٻهڳڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو.

 

ٻهڳڻ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو، ڪري اُت انبوهه،

اهي انگ ازل جا، ڪي لکيا هئا منجهه لوح،

سي پاڪ پاڙڻ ٿي، ثابت ساڻ ستوهه،

پئجي اوٿر اُڀريو، ڇوهو منجهان ڇوهه،

تنهن اُڏائي آب مؤن، ڪشتي نِينٌ سؤ ڪوهه،

ڦيرائي ڦرهن تي،  ٿي ڪئي رم روهه،

اُٿلي ساڻ اندوهه، گئون ٿيو غوراب غار ۾.

 

تنهن کي ٻڏي ٻارهن ماهه ٿيا، درس منجهه درياهه،

گهوڙا وهٽ گهوٽ سان، هيسي هئا همراهه،

لنگها لائق لاڏڪا، ٻيا ماڻهو مَيء ملاح،

هڪ پرزو پيدا نه ٿيو، منجهئون مال متاهه،

رويو چوان ٿي ربّ کي، دانهون ۾ درگاهه،

چئو تان خاص خليل کي، وڃي اُجهائي آڙاهه،

ٻيڙي حضرت نوح جي، تاري ڏنہ طوفان تباهه،

ڏي منهنجا مون کي وٺي، جي آب ڳٿا ارواح،

اڄ وسيلا واهه، تون پهچي ڪَرج تار ۾.

 

راسخ ريڌو رحم سان، حامي ڀري هام،

جيلانيءَ جذبو ٿيو، جئن جهڙ ڏئي جهام،

الاهي اسرار ۾، پاتي وک وريام،

صدا صاحب کي ڪئي، عارف اولياءَ عام،

قادر ”ڪُن فَيَڪُون“ سان، جوڙيو ڪُل ڪِمام،

هيءُ به سوال سچا ڌڻي! پورو ڪر پينام،

ٻانهيءَ ٻاڏايو گهڻو، لڳي تنهنجي لام،

ساري ثابت سام، سي باري بچاءِ بحر مؤن.

 

اگهيو در الله جي، سيّد جو هيءُ سوال،

مالڪ ملائڪن کي چيو، فضل سان في الحال،

وڃي درس درياهه مؤن، ميڙيو ساڻ محال،

هڏا هيڪاندا ڪيو، جي پاڻيءَ ڪيا پائمال،

بُت تني جا بحر مؤن، بنايو بر حال،

جي مئي پڄاڻا محو ٿيا، گذرين سارو سال،

تن کي فائق في الحال، وجهو ساهه سرير ۾.

 

ويا فرشتا امر سان، آب ۾ فرفر،

اُٺ خزانا آذقا، هئا جيڪي جانور،

هئي جنس جهڙي جنهن جي، ٿيا تهڙيءَ سِٽ سڀر،

موٽي ملائڪن ڪئي، اچي خاوند ساڻ خبر،

اڳتي جاءِ نه اسان جي، تون پاڻ ڪڍج پرور!

سيگهه ڌڻي سرور، جوڙي سڀ جيئرا ڪيا.

 

جوڙي سڀ جيئرا ڪيا، خاوند منجهئون خاڪ،

تن جا تختا تار تنبي، آب تري ڪيا طاق،

تن کي موليٰ موٽائي ڏنا، سندا روح رزاق،

ساڳي ڄڃ صحيح اچِي، دؤنڪي سان ديماڪ،

ساز وڄائن سهج مؤن، هل ڪيون هشناڪ،

تن کي پرور پاڪ، آڻي پلڪ ۾ پيدا ڪيو.

 

پلڪ ۾ پيدا ڪيو، صاحب رب ستار،

جا منڌ گهڻو ماندي هئي، دوست بنا دلدار،

پٽ کي ملي پنهنجي پسي گهڻو پيار،

کنيو چپن سان چمي ٿي، پِير سندي پيزار؛

موڪلائي ميران کئون، پُريا پنهنجي پار،

اهڙا مير مناقبا ڪيا، سيّد سهس هزار،

سدا مون سائل جو، تون سوال مڃي سردار!

مداحي مرڪاءِ تون، غوث اچي گلزار،

تو کي پاڻ تبار، عيان سڀ اسرار ڪيو.

 

عيان سڀ اسرار ڪيو، اعليٰ ريت مڪان،

نَوَ کنڊ تو کي نيانٌ، ٻيو جملي سڀ جهان،

تون وارث ولايت جو، نر نوري نوران،

مڃي تو محي الدين کي، عرب عجم ايران،

سارو ئي  تو سيّد جو، آهه خادم خراسان،

تبريزي تابع تنهنجا، مُهر هيٺان ملتان،

ڪابل، ڪشمير، قنڌاري، ڪوهه مڃي ڪُستان،

ڪردي ڪيچ قلات ڪڇي، توڙي خوءِ موچارا خان،

سڀ صدق سچي سان، آهن در اُتي دربان،

شوق شيرِازن خاص خليفن، توڙي ترڪستان،

امر ڪيو اجمير اُتي، ٻيو فرنگين سر فرمان،

اِرم عراقي اڳرو، توڙي انگريزي اوغان،

يمن، يوناني، گوئا گجراتي، بيحد بڙودا ڪن بيان،

امبراسر، اٽڪ اوهان ڏي، گنگا جمنا گوهر گيان،

لال لاهوري لکنو لائق، ڇا جي قوم هجي ڪفران!

هندي، سنڌي سڀ سائل تنهنجا، در منگن دان،

چوچڪ چين ولايت چشتي، تنهن ۾ طبل تنهنجا طولان،

سي سڀ ساراهي سبحان، ٿا ڪن تعريفون تنهنجون.

 

ڪن تعريفون تنهنجون، ثابت سڀ سچار

مير مڪي جي مرسل ڏياريوَ، دين سندي دستار،

ماڙ مديني مڱن مريدان، تنهنجي طلب تنوار،

مصري، مڪي، مشهد ملڪي، مروندي موچار،

فراس کي ٿيو نينهن اوهان جو، پيرل! تو ساڻ پيار،

جيسلمير، جهونا ڳڙهه تي، گام سندو گرنار،

ڪنعان، ڪلڪتي جا عاشق، تو تي آب اپار،

بمبئي مڏي مسقط، موهيئي هنگلاج هزار،

سامونڊين تي سير سيّد! ڏنو بهرو تن بيشمار،

بندر بنگالو بيشڪ بدوي، تنهنجي بادشاهي بلغار،

تخت هزارو توڙئون توکي، ڏنو آ ڏاتار،

ڪروءَ چڪُوءَ جا قابل تنهنجا، سگ سڏائن سؤ وار،

سنڌ سِري جا سڀ سهاڳي، اوهان جي آڌار،

بلد يهودي نسنگ نصارا، هندو جوڙين هٿ هزار،

مشرق مغرب ملڪ سندو، تون مالڪ آن مختيار،

سڪ تنهنجيءَ ۾ سڀ جڳ سارو، ڪونهي شرط شمار،

صمد سخا جو صاحب آهين، خاص خزانا اڪيچار،

لاکو، سپڙ، حاتم طائي، سڻجن ۾ سنسار،

سي ننگ تنهنجي تؤن ناميا، اچي کائن تڪرار،

روءِ زمين جا رئيس راجا، بردا برخوردار،

قطبين تنهنجو قدم ڪريمي، ڪيو ڪرم سان ڪلتار،

ڪُل وليءَ تي قدم اوهان جو، اعليٰ ٿيو اظهار،

سرهو سائل کي ڪريو، دهرا دان ڏئي دلدار،

ڏوهن ڏاڍائي ڪئي، ڏيل اندر ڏهڪار،

اول آجو تون ڪرين، انهيءَ کؤن آزار،

ٻي سوڙهه ٻُجهي سڪرات جي، سا سهنجي ڪر ستار،

مالڪ محشر ڏينهن تي، والي! ڪج وهار،

اهي عرض اگهاءِ تون، ربّ جليل جبار!

باري! تو ڏنهن ”بخش“ چئي، آهيان اميدوار،

ڪلمي ساڻ قرار، آگا تون ايمان ڏئين.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

معجزو بادشاهه پير رحه جو: ڪوريءَ کي جيارڻ وارو

(چيل رمضان واچي جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، جو عالمن الله،

جنهن جوڙي راس جهان ڪيو، پنهنجي سگهه سپاهه،

جو نِڌر نوازي نِديا، فضلن ساڻ فتاح،

سو پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو، مرسل مانجهي ماهه،

ايندو عاصيڙن تي، ڪري شفاعت شاهه،

ورنهه تنهن سان واهه، خاص خلقيا چار سي.

 

خاص خلقيا چار سي، ساڻ سچي سردار،

چار ئي جوهر جنگ ۾، چار ئي مڻيا دار،

چار ئي محب مجالسي، چار ئي هئا مختيار،

تن جي ڪِرِي قدمن ٿيان، کهه پڻي پيزار،

پنان پاکر تن کان، ساري سڀ ڄمار،

اٿم جياپو جيءَ کي، سي حامي همتدار،

پر وجهن شڪ شرير جي، بُزَ بَدوُ بيڪار،

رليا چئجن رافضي، نا اهل نِڌ نِڪار،

لچ لعين لعنتي، موڳا سي منهن ڪار،

گويا مان گفتار، بهتر هيءُ بيان ٿيو.

 

بهتر هيءُ بيان ٿيو، سندو نار نِزاڪ،

سا سونهن صلابت سهڻي،  هئي ڪورياڻي هشناڪ،

زيب زري، زر سونهن سين، هئي ٻيلي تنهن پوشاڪ،

سا اپڇريٖن حسين هئي، درسن ساڻ دماڪ،

 

دائيٖ سنديءَ دل ۾، رهي رمز رفاق،

نماڻو نيهن ڪيو، برهه ڪُهي بوراڪ،

ساڙيو سڪ سڌر جي، سور چِڪايو چاڪ،

ڪاڻ ملڻ لئي مشتاق، ٿو ليلائي لکين لڱا.

 

تنهن پياريءَ پار ڪهڙا، هئي علحدي اختيار،

سا سونهن صلابت سهڻي، هئي ڪامڻ قربدار،

ڀونرا بيراڳڻ جا، نينِ تنهين نروار،

اَلٽي اَليهر جيئن، وَر وَر پايو وار،

جهرمر جهالر جوڙ سان، جهومڪ جلويدار،

دهري مٿان ئي دل تي، هَسُ هسي گڏ هار،

سنگهر سيني سامهين، گل ٽڙيا گلزار،

ٻهرکيون ٻانهوٽا ٻهڪن، سِر سڳيون سينگار،

وس واڍولن ويڙهه ڪيا، ڏس دستين جا ديدار،

ڪڙيون ڪڙولا ڪنجرا، پس چيري جا چهڪار،

عقلوند اصل هئي، سان علحدي اختيار،

سو دايو ديوانو ٿيو، تنهن وينگس جي ويچار،

لڳي هيس لطف جي، لنٌءَ لنٌءَ منجهه لغار،

تن ۾ طلب تکيرڙي، تن کان تنهن جي تار،

جوش ڪهايس جار، لڳيس ناوڪ نينهن جي.

 

لڳيس ناوڪ نينهن جي، هنيس بام ڀري،

سو ضربي ضرب ظهير ڪيو، زوري ذوق ذري،

الٽي عليل عشق جي، آيو هيٺ اَري،

ڳجهه پريان جون ڳالهڙيون، لايو ڳل ڳري،

فراقي ڦٽ فراق جي، فلڪ منجهه ڦري،

ڪيو آهه عجيب لئي، ڏکويل ڏري،

نذر نازڪ جي اڳيان، روئي سر ڌري.

ته به سير نه ڀڳائين سچ جو، ماندو موت مري،

ڏَس ڏورانهين پنڌ تي، پيڪا هئس پري،

ڪامڻ قرب ڪري، مٽن ماڻهو موڪليو.

 

مِٽن ماڻهو موڪليو، ڏنهون قريبن ڪَهِي،

سو وؤڙيندو ويجهو ٿيو، وهلو تت وَهي،

صبح ساجهر شهر ۾، پڇي روز پَهي،

ڪا بام اُڀي بازار ۾، انهيءَ هنڌ هئي،

تنهن ڪُڻڪ ٻڌي ڪنن ساڻ، جا قاصد ڳالهه ڪئي،

پوءِ جُو دان جاسُوسڻ هن کي، وٺي گهر وئي،

هوءَ ڳرهي پڇي ڳالهيون، هو ٻوٖلي ٻول پئي،

خوش ڪي سندم خويش هئا، ڏي سرتيا سڌ سهي،

تن ڪري طلب، تو کي چيو، وڃ هڪ ٻه رات رهي.

ڏاڍي اڻڪ اڙانگ جهلئا، ڪنهين ڪم ڪهي؛

ڏوران ڏَس ڏئي، ويو وهلو پنهنجيءَ واٽ ڏي.

 

ڪنهن ڏهاڙي ڪامڻ سا، ويٺي هئي وَر سين،

خوبئون خوب خوشيءَ مان، ڪيائين ناز وڏا نرسين،

ته دل رکين ٿورڙي، ٿو تيلاهين ترسين،

اٿم سڪ سڳن جي، ساهه اندر سرسين،

تڏهن ڪاوڙ ڪيو ڪوري چوي، ٿي گوش ڪرين گهر سين،

باري پَٽ بيبان ٻجهي ٿو، ڏورانهون ڏرسين،

پرجي مرضي اٿئي ملڻ جي، ناخوش ٿينءَ گهر سين،

ته ڀاڙي وهٽ وٺي اچان، ٿيءُ ٿڌي ٿر سين،

تڏهن ڪوري ڪرڻ وهٽ ويو، ڪنهن زيادت زر سين،

تان خارڪش اُت کڙو هو، دُز ٻاهر در سين،

گويا گفت گڏهه جي، ڪئي بٺاري ڀر سين،

تنهن مردار هائو ڪار ڪئي، جنهن کوٽ هو کر سين،

پڪي ڪري پَر سين، خوش کلي گهر آئيو.

 

خوش کلي گهر آئيو، وٽ موچاريءَ مومل،

ڪوڏ منجهارا ڪامل کي، ٿو ڪانڌ سڻائي ڪل،

دايو ٻاهر در تي، بيٺو هو در جهل،

مبلغ مزوريءَ مال تي، چيو ڪيو چينچل،

تڏهن ڪامڻ، اڳيان ڪانڌ کي، ڪئي منع تنهن مهل،

ڳجهي آڇيس ڳالهڙي، پَر ۾ ڪيس پَل.

چي، اهو دايو ڀاڙيم ڌن تي، ٻيا دايا ڪيئن دل،

چي، انهي دائي جي دل ۾، آهن سخت سوراخا سَل،

ڪارون وس وڏا ڪري، اٿس جوش گهڻائي جل،

سو ڪري خام خلل، ويڙهي ويندءِ واٽ تي.

 

تڏهن ٻڌڻ سان ٻُڏي ويو، ٿيو دم تنهين دلگير،

غيرت کان غمگين ٿيو، ڪيس زوري زهر ظهير،

ڊوڙي دائي سامهون، هڻي هام حقير،

حال ڪيائين هن سان، نت اڳيان نظير،

ته، متان ثابت صفائي نه رکين، سنگت سچائي سير،

تڏهن دست وٺي دائٖي ڏنو، پرور وچئون پير،

ته مون کي مدي ناهي من ۾، تون سرهو ٿي سُڌير،

ڄاڻي ميران مير، جي راند ڪريان آءٌ ريب جي.

 

تڏهن ڪوري ڪري دلجاءِ، خوش ٿيو خنڪار،

ويس وهم غم هول لهي، عهد ٻڌن اقرار،

وريو دائٖي کي چوي، گوش ڪيو گفتار،

ته سگهو پلاڻي سنڀري، آءٌ واري وهٽ تيار،

اَپر ايرادو ڪري، ويو گهر هلي خوش يار،

سڀ حقيقت حال جي، ڪيائين نار اڳيؤن نروار،

ته دست وٺي دائٖي ڏنو، محي الدّين مڻيار،

پير ڪندو پڻ سو، ڪامل ڪلادار،

سچو سرور سيّد سو، نوري نيڪ نبار،

هرگز هيڻن جو آهي، حامي همتدار،

سو وَڙ ڪندو واهرو، توهه پسي تڪرار،

هو هليا اوڏانهين، جِت آڳانڍي اختيار،

پنڌ مڻيائون پار، پُرجهي ڳالهه پڪي ڪري.

 

پرجهي ڳالهه پڪي ڪري، تن چڙهي لاڙيو وهٽ،

دائي ڏنو دست دغا ڪري، تنهن ڄاڻ وڃايو ڄَٽ،

هو کوٽ اندر ۾ خام کي، ساڙيو سوز سهٽ،

سو محبت مست ملول ڪيو، انڌو عشق اَلهٽ،

راهه ڇڏي روانو ٿيو، ڏنهن بيگاني بَر پَٽ،

ڪوريءِ جي ڪهڻ لاءِ، ٿي گهيڙ نهاريائين گهٽ،

هئي ڪوريءَ سرڪرٽ، مارڻ جي مردود کي.

 

سو رهزن رسي راهه تي، وڃي لهي پيو وير،

مَدي آيس من ۾، پِٽ پِٽئي تنهن پير،

تهمت کان تپي ڪري، شوم ڪڍي شمشير،

داءُ لڳو دائٖي کي، دم نه ڪيائين دير،

زند هڻي تنهن زير، قتل ڪوريءَ کي ڪيو.

 

قتل ڪوريءَ کي ڪندي، پيس ڪو نه لِيو،

پيو نه تنهن پليت کي، سُنهن جو سوز سِيو،

رڙ ڪري رڻ راهه ۾، هو ڪري پٽ پيو،

پوءِ ڪوريءَ اڳيان ڪامڻ کي، اينءَ چور چيو،

ته جهڄ مَ جهوريءَ ۾، تون ڇڏ خيال کيو،

هيءُ ساهه آسابند سپرين، سو مري وَر ويو،

هاڻ مون ٻاجهان ميدان ۾، تو کي ٻيلي ناهه ٻيو،

ڇڏ روئڻ روڄ ريو، ته ڪنهن وسنءُ کي ويجها ٿيون.

 

ڏسي قتل ڪوريءَ جو، ٿي ڪورياڻي حيران،

وهم وڏي وهلور ڪئي، نماڻي نادان،

وٺيو ويچاريءَ کي وڃي، اوراٽيو ارمان،

منجهان ڏک ڏري گهڻو، بَر پسيو بيبان،

سڏڪي سڌر کي سڏي، ڪيائين سخن سخت سبحان،

بيحد بُز ڀُلئي ڪئي، زيادت زيان.

ڪوڙا قسم ٿي کنيئي، ڀلئا بي ايمان!

وٺي ڪيءِ ويساهه تي، بي غرضو بيگمان،

سؤ ڀيرا صدقو ڪريان، توکي ڪانڌ اُتان قربان،

سو داتا اَٿِي درميان، شل پڄندءِ اچي پاتشاهه.

 

تڏهن وريو ڪورياڻيءَ کي، ائين چوي ٿو دايو،

تون مهندان منهنجي آءُ، گهوٽ سندءِ گهايو،

هت واٽ نڪا ٻي وسندي، ٻيو واهه نڪو وايو.

تڏ هڻي مٿي تي هٿڙا، هن ٻڏيءَ ٻاجهايو،

نيڻ اکيون نڪ رنج سان، ٽيئي ٽمايو،

ڪري هڪلون حضرت پير کي، هن ويهي واجهايو،

ور وسيلا واهرو، منهنجو واڪو ورنايو!

رڻ ۾ پوي نه راتڙي، مون کي بر مان بچايو؛

تڏهن ميران مريدن جي، اُتي آهه سڻي آيو،

محي الدين ميدان ۾، اچي ڪونتل ڪڏايو،

ڌان ڌان ڪري ڌُم سان، اچي ڌرتيءَ ڌٻايو،

اُڀ گُڙي آسمان سر، اجگر گرايو،

ڪڪر ڪامل پير تي، بادل بنايو،

شمس صفائي صاف ڪيو، روشن رنگ لايو،

ماهه کلي مهتاب سر، چوڏس چمڪايو،

عطر کٿوريءَ مشڪ عنبر، واٽن وسايو.

اُت ٻانهون ٻانهياريءَ ٻڌي، اچي ڪنڌ نايو،

ته عجب اڄ اوير ڪئي، تو لحظو لڳايو!

وير! تنهنجي ويساهه تي، مون ڪانڌ ڪُهايو.

بيٺي تنهن پليت کي، داتا دٻايو،

خار ڪش خوار ٿيو، خاوند کاپايو،

ورق ولهيءَ جي وَر جو، واليءَ ورايو،

”قُمٌ بِاذنٌ الله“ ائين فائق فرمايو،

پوءِ جوهر جاڳايو، امر ساڻ الله جي.

 

امر ساڻ اُڀو ٿيو، تنهن ڪورياڻيءَ جو ور،

عجب تنهن کي ٿيو، پسي ڪيس ڪڪر،

کِهه کلائي خوشبوءِ ٿي، بسنت بهاريو بر،

ٿي سنمک پڇي سڌر کان، هي ڪهڙو حال حشر؟

تڏهن خوبان چيس خوشيءَ مان، غم لاهه گوندر،

ته جيڪس جثي جان ۾، هو ڏاڍو ڏک ڏمر،

جو دست وٺي دائيٖ ڏنو، پير وچان پرور،

سو سڏ ٻڌي ساڻي ٿيو، اچي نوري ننگي نر،

هاڻي داتا سندو در، مون سچ دل وٺتو سيّدا.

 

هڪ الله جل جلالہ، ساراهيان سبحان،

مڃيائون مشرف معجزو، آندائون ايمان،

ڪلمون پڙهيائون ڪريم تي، جو فائق ۾ فرمان،

ڏک تن جا ڏور ٿيا، اوسيڙا ارمان،

 

لاٿائين لطف سان، گوندر غم گمان،

ٿيا سرس سرير ۾، ٿين سهج سکن سامان،

پير سلامت پاتشاهه، آهه جوهر جُنگ جوان،

ايڏا اڙين تي ڪري، امداديون احسان،

داتا! پنان ٿو دان، ٻيو پاڄي پيش اوهان جي.

 

پاڄي پيش اوهان جي، لڙهه لڳو تنهنجي لاهه،

سو دشمن ڌڪي دور ڪر، رک پاڪ! پناهه،

روز سندءِ ”رمضان“ چئي، آهيان سوالي تو کي شاهه!

پرتو آهيان پير تو، مرشد مٺا ماهه!

ڪاهيندا قبر ڏي، ڪري ڪست مان ڪاهه،

هن ٻانهي سندي ٻانٌهه، ڇڏائج ڇيهن کان.

 

تار منجهان تک تار، وکر وهايم ڪوڙ جو،

ڪشتي ڀُتي، بار گهڻو، پُري پُر بار،

ڇُٽڪي ڇوهي سامهون، آب مٿي الغار،

منزل دور، ڪنڌي پري، هيءَ پهچي ڪهڙي پار؟

سو فضل پني ٿو فدوي، در ماندو درڪار،

تاري پنهنجي توهه سان، شال! پرين لنگهائيندو پار،

سڀ مڃيندو مصطفيٰ عاصين سندو آر،

ڪلمون جن جي ڪار، ڇٽا سي ايمان سان.

لااِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

ضميمو

معجزو قدرت طرفان: حضرت ابراهيم جي قربانيءَ وارو

(چيل عثمان ڪلهوڙي جو )

اَلله رَبّي جَلّ جَلا لَہّ لا شريڪ لَہُّ،

ڪو ناهه شريڪ خداءِ جو، ثاني منجهه صفت،

حقُّ هادي هيڪڙو، لا شڪ لا مصلحِت،

اڏي ڊاهي سو ڌڻي، ٻئي جي ڇا قدرت!

مخلوق جي خالق سان، آهي ڪيهي شَريڪَت!

دَسايُون دوست ڪُهي، ڏسو هيءَ عبرتَ،

ٻَر ٻَر حال ٻين جي، هِنٌئي رَکو هيبتَ،

رضا ۾ راضِي رهو، ڪڇڻ نه پاهَتُ.

 

آئين رضا ۾ ربَّ جي، ڪُڇڻ پاهَتُ ڪا،

جيڪي سختايون سُور، سي اَندوهه اولاڪا،

سي موليٰ مِزمانيُون ڪري، محبن لاءِ مُڪا.

مِهتَر ابراهيم هو، خاصو دوست خدا،

نبي هُيو ننڊ ۾، آيُس آوازا:

اُٿي قرباني ڪڍ، ٿيءُ سرور! سجاڳا.

جُنگ جاڳيو تنہ جوءِ مان، ٿيو فائق في الحالا،

ٻه سا اُٺ ڪهائيو، صبح سردارا.

 

وري ورنديءَ رات ۾، جانٌ جُنگ سمهيو جانِي،

اُتي اَمر هِيءُ، اچي رسيس رباني:

سرور ڄام! سجاڳ ٿيءُ، تون ڪڍ قرباني.

ڪُهي قرباني ڪيائين، ٻِيا به ٻه سا نِيٌ.

ٽيون ڀيرو، ٽِي رات کي، ٿِيس طرح اِيهاتانِي:

اُٿي واٽ الله جي ڪَيا، فائق اُٺ فافي.

اُشتر سڀ شمار ۾، ٿيا ڇهه سا نِيٌ.

 

ڪُهي قرباني ڪيائين، ڇهه سا اُٺَ اَصيل،

چَورنگ چوٿينٌءَ رات کي، جانٌ ڪيو، خواب خليلِ،

ته هيءُ آواز آئيو، ڏنٌهون جوابُ جليلِ:

اُٿي قرباني ڪڍ تون، پَرَ ڪُهه کي اسماعيلِ،

آڻج اَمُرُ هيءُ اَٿي، ٻيا دانَهه! ڪين دليلَ.

 

دانَهه، ڪين دليل ڪر، سِگهو ٿيءُ سلطانَ!

نبي جاڳيو ننڊ مون، ٿي سنڀال سُجان،

سرور سڀيئي ڪيا، اِيهي بيبيءَ ساڻ بيان:

هيءُ ٿو اَمرُ اَچي، سارهه ڏانهه سُجانَ؛

موڪل ڏئينم، متان ٿئي فرصت ۾ فرمانَ.

شيرُ هليو نِي شامَ مؤن، ڪيو سَتونو سُجانَ،

ڪامِل ڪاهيو اُٺ کي، مَڪي مهربانَ،

مرسل مڪي آئيو، هَلي وٽ هاجران.

 

اُڀِي ٿِي ٻَئي هَٿَ، ٻَنڌي اڳيئون آَڪابَر،

بيبيءَ سڀ بَرجاءِ ڪيا، اَدب ۽ آدَر،

ڪري تواضع تمام ٿِي، صدقي اُتُونٌ سَرور،

اَپر اسماعيل هو، نِرت گهڻي نينگَر.

بيٽو گڏيو بابَ کي، پرين پئِي پَر،

ڀاڪر پائي پُٽ کي، ڪَئِي خاص گهڻي کِيڪَر:

نِچ آئينٌ يا نَبِي! مُون ساريُئِي ٿي سَرور،

آيون اکيون منهنجون، اي اَبا! سُرت سُونٌهه سَڀر

مانٌ سدائين صدقو وڃان، اي دِل جانِي دلبر!

تون آهين راحت روح جِي، تون آرام اَندر.

 

تون راحت روح جِي، نُور سندو چشمن،

اُتِ مِزمان خاني ماڙهُو، هُت ٿا مِزمان اَچن،

پُٽَ ! هلي آَچِي ڪَر تُون، سَندو سعيو تَنِ.

مُرسل مَڪي کؤن نِڪتا، ڪئي سنبت سُونٌهارَن،

اُتي اِبليس به آئيو، سانٌ مَڪَر مَنصوبَن،

اکيون اوتي آب جي ريلا رت وَرن،

روئي ۽ شوڪارا ڀري، ٿَرڪي اڳيئون تَن،

هيئن نه ڪجي هاجران! پيارن ساڻ پُٽَن،

مِهتر اِبراهيم جِي، ڪا ڪَل پيڙن ڪَن،

جو وڃي اسماعيل کي، ڪُهندو ۾ ڪوهَن،

ويساهيُونٌ وٺيو وڃي، ٿو ريهيونٌ ڏي روهن،

هتِ ٿو چوي هي آنٌ نِيانٌ، لئي محب مزمانن،

پر اوهان سِينٌ ڇا اُوپاريو، ڇا اڳيئي تَن،

اَچِي اسماعيل ٿيو، جهڙو لائقَن،

 

پيءُ ڪُهڻ آئيو ، پِيَرُ ڪڏهن ڪين ڪُهن،

ٻار ته ٻٽيهه لکڻو، ۽ سهڻو ۾ سهڻن،

هَي هَي، هيڻن هاجران ڪَئي، ماريو مَلوڪن،

بيبيءَ چيس بڇڙا! ڪين رهين کان ڪُوڙن،

پِيَرُ هَٿينٌ پُٽ پانهنجا، ڪڏهن ڪين ڪُهن.

 

پُٽ ڪُهندا پانهنجا، ڪڏهين ڪين ٻُڌا.

اُتي اُتس اِبليس، بيبي! تو کي ڪَلِ نه ڪا،

مِهتر ابراهيم کي، اِيهو اَصلئون اَمُر آءِ،

جانٌ ڪِي پيارو پُٽ ڪرين، تان محبِ وٺي موٽاءِ.

تڏهن بيبي هاجره چيس، هي پُٽ مِلڪ پِياڻي آءِ،

وِجهڻ نَهڪر نبيءَ ڄام کي، منهنجي ڇا مجال آءِ،

مَر ته وڃِي خليل خدا جو، آڻي اَمُر بَجاءِ،

ٿوري گهڻي ڏينهڙي، سو مَر مري جو ڄاءِ،

سندس ڏيہ سنئون ٿئي، جي ٿئي سندس پُٽ بَجاءِ،

واحد واٽ ڪُسي، تان پُڻ اڳر آءِ.

اَنٌد وهيو اِبليس نِي، ٿو هوريو حيلا لاءِ،

موٽي وڃي اسماعيل وٽ، ٿو روئي ڳالهاءِ،

اي صورتوند! سِر پانهنجو، ڪنهن بهاني بَچاءِ،

سِرُ، ته سَڄڻ ڪيترا، سِر کؤن سواءِ ڇاءِ،

جي سِر لاڳو تنهنجي، سي ڪم ڪاٿي اينداءِ؟

 

موٽي اُتس حضرت اسماعيل نِي، اي انڌا اِبليس!

هَيا! حرڪتن جِي، ورتي تو ورجيس،

مُنٌہ ڪارا ملعون ڙي، آهين خوار خبيث!

 

مُنٌہ ڪارا ملعون ڙي، آهين خوار خراب،

تو گڏَيائِتَ تنهنجا، هوندا هاويءَ هاب،

پِيرُ هَٿَين، پُٽ پانهنجا، ڪَرِن ڪين ڪباب.

 

پُٽ ڪُهندا پانهنجا، ڪڏهن ٻُڌا ڪي؟

جي اَمُر، اسماعيل! ڪيو پرور پڻهينٌ کي.

اُتو نيڪ نَبِيَّ نِي، تَه مَرڪُهي مانٌ کي،

جيڪا رضا ربَّ جي، سا مڃيم پاڻ مٿي.

تڏهن حضرت ابراهيم کي، حال چيائين هي:

اي بابا! سِر منهنجو صدقي، ڪُہ، نِينٌدينٌ ڪاڏي؟

آءٌ اَمُر ۾ تنهنجي، سَرور! ڪا سُڌ ڏي.

 

چيس حضرت ابراهيم نِي، اُتي نيڪ نَبيُّ،

خبر ڪهڙِي خواب جِي، واقِعُ هِيُ وحِيُ،

ته اُٿي اسماعيل ڪُہ تون، سگهو چَيُئِي سميعُ.

 

ته اُتُس اِسماعيل نِي، اُتي دانَهه دُرَ دليل،

سَرور سُمَهِي نه ڪيئي، جي هوند خواب خليل،

ته هي آواز نه آئيو، ڏَهُون جواب جليل.

 

هي آواز نه آئيو هوند، ڏِيل نه پيو مُنٌجهه ڏوس،

ڪوٺائن خداءِ جو، هُو جِي دانَہ دوس،

سي ننڊون ڪن ڪينڪي، جاڳن منجهانٌ جوش،

جينانٌ تُون سُمهين، تينانٌ پئي منجهه افسوس،

فائق! فرصت نه ڪر، ڪامل! منجهه تون ڪوس.

 

اُبِيهي ڪوس ڪُهِين تون، آنٌ مٿي سر سَهان،

آچي اَمُر الله ڏهُونٌ، بابا جي بَرجاءِ،

موڪلايائين ماءُ کؤن، مون کي پَرنِ خداءِ،

 

وس حيلا جي والده، ڪارُونٌ ڳُڻ ڪيا،

سي بخشج هن بندي کي، خدمت لڳ خداءِ،

قادر در قبول پوانٌ، دائم ڪج دعا.

ڀاڪر پائي پُٽ جو، مٿو چميو ماءُ،

سِر چمِي سينگاريو، سرور کي سَهجٌاءَ

عطر مشڪ عنبير بِي، اوتيائُنسٌ اُتا؛

آهُر پُٽ الله جي، ٿِي منهنجا محبوبا!

ملايو  مانَ ڪري، موليٰ ڪنهن مجلسا.

پَهرجي پيءُ سان نڪتو، موڪلائي کؤن ماءُ،

مون پَرتينٌ ربّ کي، مُونٌ ربّ پَريڻجاءُ،

اڳ ۾ حضرت ابراهيم ٿيو، هَبُ ماڻي هيجا،

ڪَڍَ لڳو ڪامل وڃي، پِيءُ سَندي پوئاءُ،

باسيُونٌ بَر سَر پاڻَ مٿي، ڪُهڻ ڪُسوسا،

هَلِي آئيا هيڪلي، رَمِي روهه مٿاءُ،

سِينا نالو جنهن جو، سا اُتي بازَر آءِ،

هاڻي بِي قرباني ڪن، اَچو عالَم ٿا.

بيٺا نيڪ نبي اَچي، لئي ڪُهڻ ڪُسوسا،

عالَم اوراتو ڪيو، هَي هَي حاديثا.

ڏڪيا اُڀ زمين، پيو جَرجلو جبلا،

سِج سِياندي ۾ ٿيو، ڏڪيو ماءُ مٿاءُ.

ڏڪيا وَڻ واقعو ٻُڌي، ڏڪيو اَبر لوا.

تَه ڦُلَ هرگز نه هجي، سَڄي کؤن سَڄڻا،

متان محبوبن کي، ڪو اَچي آزارا.

پرور! پُٽَ ڪهائيين، هَي هَي پِيُن هَٿا!

لڳي ماٺ مِرن کي، چَرڻ ڇڏيائون چاهه،

ڏنو نه ڏينهن تنهِن، کير ٻچن کي ماءُ،

جيئن قائم قيام ٿئي، ٿيو ملڪن ماتاما.

ته بِي ڪڍ لڳو شيطان وڃي، پيغمبرن پُئا؛

اسماعيل نينگر ننڍڙو، مان ڊڄي موٽاءِ،

مانَ وٺي مَتِ منهنجي، ڏئي جنگ جوابا.

کؤن ٻئِي ٻاهر ٿين، فائق فرمودا.

مَر ٻئي ٻاهر ٿين، فائق کؤن فرمان،

پيءُ پُٽَن پاهڻ هنيا، اُتي کي شيطان،

منهن ڪارا ملعون ڙي، نِره وئين نادان!

هاڻي ڀي حاجي اُتي، ٿا هڻن سنگ سُجانِ،

هيءَ  رسم رسولن جي، اِيها طرح ڇڏيائون تان.

تڏهن حضرت اسماعيل اُتو، اَبا، ڪر هيءَ شڪل سُجان!

ڇِڪي ٻانٌهانٌ چڱيءَ طرح، ٻَڌ منهنجون مهربان!

ڪُسَڻ جي ڪهڪاءُ سان، جئن چوريان جان،

متان ڪپڙن تنهنجن تي پون، ڦٿڪندي ڦينگان،

متان صبح ڏينهن قيام جي، عاصين ساڻ اُٿان.

ڪپڙا منهنجا رچن رت سان، اَمان ڏيج امان،

کِڻي ڏسِي ياد ڪري، مانَ ساري دل سندان،

ڪجو دعا ته قبول پوان، منهنجا مهربان!

سِر ڏيئي سرخرو ٿيان، ليکي منجهه لَڄان.

ليکي آءٌ نه پُڄان، مانَ رحم پوي رحمان؛

ڪرمنهن منهنجو ڀُونٌءِ ڏي، تو کي جئن نه ڏسانِ،

متان مهر پوي پيائِيءَ جي، ۽ ٿيئي ارمانَ،

ڪر منهن منهنجو ڀُونٌءِ ڏي، تانٌ نهَ لڳن اکيون اکين سان.

رت ڏسي رحم پوي، ڪيئن  هوند ڪُهان!

 

نه ڪهندين ٿي ڪاڻِ پوي، متان ڏانہ سميع،

لئي ڪُهڻ لائڻ ٿيو، ڪامل کي ڪاتِيءَ،

روه ڳَرِي ڪارا ٿيا، سڀ عالَم ۾ پيو سِيءَ.

 

ملڪن ۾ ماتام پيو، پَسِي حالت هِيءَ،

رَسَڻ ساڻ رسول کي، وَنگيو نيڪ نبيءَ،

سَہ هِيانٌءَ سُڌير ٿِيءُ، ڪر سرهائي جِيءَ،

مٿو ڏکڻ مُنهٌن ڀونٌءَ ۾، طرح ڪيائينس هيءَ،

سنّت ابراهيم خليل الله ”بسم الله اَلله اَڪبر اَلله اَڪبر“ وڌائين ڪاتِي.

وهايائين نه وهي، تِکَ منجهئونٌ توڙي.

هيءُ عذاب ڏکڙا، ٿو سهي پُٽاڻا پيءُ،

هيءُ عذاب ڏکڙا، تون ٿو سُور سَهين.

 

۽ پڻ حضرت اسماعيل ٿو، ڪسندي هيئن ڪَهي؛

ڪاتِي وهايُئي پُٺ ڏهُونٌ، سا ڪَہُ ڪيئن وهي؟

محب! مُنٌهائين رکي، ڏي لُوهه ته سِر لَهي،

ڪر سانٌگا سانٌگ مٿئون، منهنجي ڪاڻ مَ هيٖ.

 

اُتي حضرت ابراهيم ني، ڪامل هيئن ڪهيوس،

ڪاتي وهايان ته نه وهي، ڏيئي زور رهيوس،

ڀَئي قهار قُلوب ۾، آءٌ گهڻو ئي ڊنوس.

ٻاهر اَچي ٻيو ڀيرو، وڃي جان ڏاڍو زور ڏنوس،

ته ڀي وار نه اسماعيل جو، هر گز هڪ وڍيوس.

زَبَر زُوم ضرب مؤن، ابراهيم اُتوس.

 

اُتس حضرت ابراهيم نِي،ڪاتي، ٿِيڙَءِ ڪوه؟

تو کي جو تيکُ هئو، ڇڏيئي اُهو ڇوهُ،

ويئي سَگهه  وَهڻ جي، ٿِي لوٺِي ڀڄين لوه!

آهين همراهه شيطان جي، ٿي ڪرين ڏاڍو ڊوه.


*  هن معجزي جي روايت اتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبيءَ کان ملي.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

*  هن معجزي جون ٽي روايتون اُتر مان عبدالحق (تعلقي شهدادڪوٽ)، غلام قادر (تعلقي ميرو خان) ۽ الهداد چغتائي (لاڙڪاڻي) کان مليون.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

*  هن معجزي جو متن ڇپيل چوپڙي، مطبوع حسيني پريس بمبئي، سن 1891ع تان ورتل آهي. جا قاصي ميان نور محمد قريشي ولد آخوند محمد حسن آخوند سانوڻي، ويٺل هالا پراڻا ضلعو حيدرآباد ڪتب فروش لاڙڪاڻو ڇاپائي پڌري ڪئي. قاضي ميان نور محمد هن معجزي جي منڊ ۾ لکي ٿو ته، ’هي معجزو ٻن حصن ۾ هو جو مداحي شغلن ۽ مجلسن ۾ پڙهندا آهن، جو گڏي پڪو ڪري ڇپايو ويو آهي‘.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org