سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :19

تڏهين ڪاتيءَ چيس، تون هئين جڏهن ۾ آڙاهُ،

تڏهن آئي اَيت باههَ کي، نازل هِيءَ ناگاه،

”قُلنا يا نارُ ڪُونِي، بَر داً وسَلاما عَليٰ ابراهيم

فَارَادُ وابِہٖ ڪَيداً فَجَعلنٌا هُم الاخٌسرينَ“.

ڏَه ڏسي ڏور ٿِي، ڊني ڀئي بارِي.

باهه مڙوئِي باغ ٿِي، وَڻَ کُلي پيا واه،

چَمن ڀي چانٌڊاڻ ڪئي، ٿيا سَير جهڙا صحراء،

رکي رکڻهار، پَرور منجهه پَناهه جي.

 

رکين رکڻهار! تون دانّہ درّ دليل،

منهنجي ڇا مقدار آءِ، آنٌ تانٌ گهڻو عليل،

ڊڄانٌ روئانٌ رت ٿِي، خاوند ڀؤ خليل!

سهسين آيم هڪلان، ڏهون جَبّار جليل،

ته، وار وڍيندين هيڪڙو، سندو اسماعيل،

پوندينءَ تري تَحٌت ثَريٰ جي وٽ عزازيل.

 

هوندئين عزازيل سين، هاويءَ ۾ همراهه.

اي نَبي نيڪ خداءِ جا! مون تان ڏمر لاه،

جي ڪَن نه چيو نبيّن جو، باب لڳي تَن باهه.

 

حضرت اسماعيل اُتو، اي اَبا! شير سندم شامل،

مُنهن پٺيءَ ڏنٌہ نه وهي، ڪاتي ڪا ڪامل!

چُهنب ڏهُون چڱيان ڪري، سرور! ڪا هُڻ سِل.

نڪا سِل لڳي سِرَ نيڪ ٿِي، ٿيا بهادر بيدل،

ڪاتِي ڪَڪَرُ نه ڪري، توڙئون جيڏو تِل،

سختي سونٌهارن سين، جور جفا هيءَ زِل.

 

هَي هَي هَهِڙِي نه ٿئي، ساڻن ويلَ سَختَ،

اُڇلِي ابراهيم ٿي، ڪاتي منجهئون قَسٌت.

سا وڃي ڏُور ڏڪي پئي، روئي ريلا رَت،

”عثمان“ چئي الله جِي، ڏسو هيءَ عبرت،

ڪري ربّ ڪريم ٿو، سانٌ پيارن پاهُت،

ايڏا سَتَ ڪير ڪري، شابَس هن جي سَتَ.

 

ايڏا سَتَ ڪير ڪري، ڪَرن سَتُ اَصيل،

پٺيءَ ڏهونٌ آواز ٿيو، جانٌ ڏٺو خاص خليل،

”بسم الله الله اَڪبر الله اَڪبر وِلله الحمد“ چيو جبرئيل،

تو جهڙي ڪان ڪري، شابس اسماعيل!

فرمودو برجاءِ ڪَيُئِي، سَندو ربّ جليل،

”قَد صَدَّ قت الرُّؤ يا اِنّا ڪَذالِڪَ نجز المُحسنِين“.

ڪيئي پيغمبر پانهنجو، سچو خواب خليل!

 

سچو سَندءِ خواب ٿيو، سچ سَندءِ ساراه،

ڏي موڪل اسماعيل کي، اِئين فرمايو الله،

چڱو آندم ٻڪرو، ڪُہ دسي داناءُ!

سانڍيم ٻارهن هزار ورهن جا، منجهه فردوس فتاح،

سِرُ ڪارو سفيد هو، جان ڪئي نيڪ نگاهه.

 

سِرُ ڪارو سُفيد هو، جانٌ پُڻ ڏٺائين،

پَر سو پَهرُو وٺي، وڃِي ڪُٺائين،

پوءِ موڪل اسماعيل کي، تڏهين ڏنائين.

 

سو رسول روانو ٿيو، مڪي موڪلائي،

هلي آئيو وٽ والده، جُنگ پنهنجيءَ جاءِ،

اُٿِي سِڪائِي سا گَڏِي، سِڪ سان ڀاڪر پاءِ،

اي محب منهنجا سپرين! مون کي هينئڙي سِڪ سندياءِ،

ڪِ ڊڄي آئين موت کان، ڪِ آندءِ اَمر بجاءِ!

چي، وحي آيو والد ڏي، ڪنا خليل خداءِ.

تنهن گِيهي آندو گُو سفند، ڪٺائين تنهن جاءِ.

 

تنهن گِيهي آندو گُو سفند، دسي ڪٺائين،

سڀ عالَم عيدان ڪيون، اِئين اُتائين.

سنديون ڪري سڄڻا، پرور پرکائُون.

 

پرور پر کائُون ڪري، سنديون نِي سَڄڻن،

”ڪلهوڙا“ قربان ٿئين، تون ڀِي اُتون تن،

جي پاڻُ رباني راهَ ۾، فائق فدا ڪَن،

جَس اُنهن جَن ڄڻيا ۽ ڄاوا، جَس سندن مائُن،

جَس اُنهين ”عثمان“ چوي، جي بهادر بِيهَن،

ربّ وڌائي مَرتبا، سَندا شهيدن،

اُنهن جي انصاف جِي، ٿا لائق سُڌ لهن.

 

ڪلمي ساڻ ڪريم جي، شال پُڄنم پساها،

ويندا سڀ اِيمان سان، جي ڪلمون چون مُها.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

ضميمو

فقير رمضان واڍو

فقير رمضان پٽ شهمير پٽ صالح شهميراڻي لاکو واڍو، پنجموري تعلقي هالا جو رهاڪو هو. هو هڪ وڏو سگهڙ، شاعر ۽ ذهين شخص هو. مڪتبن جي تعليم حاصل ڪيائين پر علم کان سندس عقل گهڻو هو. ٻُڌ سُڌ جو وڏو وکر وهايائين. ڪافيون ڪلام گهڻا چيائين پر سندس مولود ۽ معجزا سڄيءَ سنڌ ۾ مقبول پيا. سندس پنهنجي تحرير موجب ”مداحون، معجزا ۽ مولود چيائين جي ملڪن ۾ مشهور ٿيا“. پنڌرهن ٻولين ۾ غزل چيائين. اسي (80) ڪتاب پنهنجا تصنيف ڪيائين. سنه 1299هه کان وٺي سنه 1325 هه تائين سندس هٿ لکيل ڪتاب ملن ٿا. اندازي موجب سمجهجي ٿو ته رمضان فقير سنه 1270هه يا ان کان ڪجهه  اڳ ڌاري ڄائو ۽  سنه 1330هه ڌاري وفات ڪيائين.

انوکن لفظن جي پٽي

نوٽ: ڏنگين ۾ ڏنل انگ متن جا صفحا ڏيکارين ٿا، فعل جي اصلي صيغي کي ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي.

الف

اَٽِجَڻ (آٽي 99): ڳرڻ. جهِڄڻ.اندر ۾ سڙڻ.

آجڪو (122): توشو- سمر.

آفريدي (189): غلام- نوڪر.

ڳانٌجِهي (236): گهڻي.

آنٌ (7): اوهان. (105) اَهين.(267) آءٌ.

آنَ (238): گهڙي. پل- لحظو.

آئُڙَڻُ (آئڙي 81): وڻڻ. دل

سان لڳڻ.

اُبٌريو (67): بچي پيو. اوبر ٿيو.

اُڀِيَڻُ (اُڀي 7، اُڀيو 91): بيهڻ.

اُتا (24): تان- مٿان.

اُتاءُ (26) اُتي.

اُترڻ (اُتري 7): لَهڻ.

اُتَڻُ (اُتو 22، 79): چَوڻ.

اُٺائڻ (اُٺائي 30): کڻڻ.

اَپٌڇَرَ (اَپڇر ين 257): پَري.

اَپر (25): گهڻا.

اَجَڙِ (159): ٻڪرار.

اُجهَڻُ (اُجهيا 238):ڀٽڪڻ. ٽُلڪڻ.

اَلهٽَ (261): بي انداز- گهڻو.

اُلَهَڻُ (اُلَهي 10): لَهڻ.

اُليلَ (اُليلا 189): رِيچڪ- اُڌمو.

آلِيهَرُ (258): نانگ.

اُماٿو (72): اونڌو- اُبتو. اُٿلائي.

اُمارو (اُمارا 90): جُلهه- ڪاهه.

اَمَرد (22): نابالغ- ڇوڪرو.

اُنفُ (31): نَڪ.

اِنِها (11،71): اِن کان.

اَنهَنجِي (7): اوهان جي.

اَڻڪَ (259): روڪ- رنڊڪ.

اَڻگيلُ (252): پهلوان.

او (48): اُهو.

اوتُون ڪرڻ (اوتونن ڪيون 60): پالوٽون ڪرڻ. ٻوڏ ڪرڻ.

اوجهڙ اوجهائڻ (اوجهڙ اوجهائي138): اوتڙ اولڻ. گمراهه ڪرڻ.

اوراتو(270): ڏک- ارمان-افسوس.

اوراٽڻ (اوراٽيو 262): اُرهاٽڻ.گهُٽڻ. کڻڻ.

اَورڪ (28): نيٺ- آخر

اَو سراڻ (63): مينهن نه پوڻ جي حالت- اوسر.

اوغان (255): آهه- دانهن.

اول (27): ڪاهه- هلان.

اولاڪو (اولاڪا 187، 239):

بَهرو (9): بخرو- حصو.

بَهَر وَندَ (26): بخت واري-ڀلاري.

بِيا (221): اچُ.

بَيبانُ (259): بيابان.

 

ٻ

ٻاجهانٌ (262): کان سواءِ.

ٻاجهَه ٻُڏا (57، 86): احسانَ-

مهربانيون.

ٻاڪارُونٌ (112): دانهون.

ڪُوڪٽ.

ٻاڪُون (103) : ٻيڪون- ٻيڪاٽَ.

ٻانٌهانٌ (271): ٻانٌهوُن.

ٻانٌهياريءَ (263): چُوڙيٖلي.

سُهڻي- نازنين.

ٻاههَ (116): دانهون. ڏکَ.

ٻُٽجڻ (ٻُٽجي 161): هراسجڻ.

ٻَٺَ (121): هرڻيءَ جا ٻچڙا.

ٻَٺڙا (98): هرڻيءَ جا ٻچڙا.

ٻُجهَڻُ (ٻُجهن 170): ٻُڌجڻ.

ٻَر ٻَر (141، 237): تڪڙا-

جلدي. افسوس.

ٻُنڌڻ (ٻُنڌي 176، 266):

ٻُڌڻ.

ٻوٻَٽَ (139): دانهون.

ٻُورَئِي (220): ٻُري.

ٻُوڙهٽُ  (251): بيهوشي.

ٻولهارا (165): ٻولَ- گُفتا.

توهه (73): مهرباني. رحم- ٻاجهه.

(261): آسرو- پناهه.

توهين کا (47): تو کي.

توءِ (97) توڙي.

تَوي (114): توهين.

تِها (99): تنهن کان.

تِهَر (218): تنهن ڪري. تڏهن- تنهن مهل.

تيلانهه (236): تنهن ڪري.

تينان (269): تهڙيءَ طرح.

ٿ

ٿاهرَ (141): آڌر.

ٿَرڪَڻُ (ٿرڪي  267): ڏڪڻ-

ڪَنبڻ.

ٿَم (111): اَٿم.

ٽ

ٽاري (ٽارين 218): کَجِي (وڻ).

ٽَڪرو (182): مقابلو. بحث.

ٽُڪِيَنِ (18): حاسدن. دشمنن.

ٽَڳا ٽوڙڻ (ٽوڙي ٽڳا  117):

ڌاڳا ڇِنڻ. ٻنڌڻ آجا ڪرڻ.

ٽولَڻُ (ٽولي 247): رولڻ-

ٽُلڪائڻ. ڇولَڻُ،.

ٽَهڪار (82): ٽهڪَ.

ٽيڙَ ٽَپا(81): ٺينگ ٽپا.

پ

پاٻوهِڻُ (69) مُشڪڻُ.

پَهَڻُ (پهيو 89): پَهه ڪرڻ-

صلاح ڪرڻ.

پَهُون (پَهُنِ 26، 153):

ٻَڪري.

پَهِي (259): قاصد.

پِياڻِي (268): پيءَ جِي.

پَيَڙا (64): واٽهڙو. قاصد- پانڌي.

پَيڪارَ هٌه (222): وَهٽ- گهوڙو.پيهو.

پيلَ (195): پنڌ. ڪاهه.

پيلڻ (پيلي 29): ڌڪڻ.

پَينارُ(200): پينُو- گدا.

پَينامُ (253):منگتو- گدا- سوالي.

ج

جاتئون (30): جتان.

جاٿي (28): جِتي.

جاڏي (29): جيڏانهن.

جارُ (258): گهڻو- جال.

جاڳاههَ (197): جڳهه- جاءِ.

جانڪِي تا (162): جيستائين.

جَدارا (195): جَدل –لڙائِي.

جَڏ (74): جڏهن.

جَرجَلو (270)زلزلو، ڪَبڻِي.

جَري وڃڻ (جري وئڙو 236):

جَر ۾ وڃڻ- پاڻيءَ ۾ داخل ٿيڻ.

جَلَ (260): ساڙ.

جَلئي (214): پاڻيءَ واري- آبِي.

چ

چارالَڻ (چاراليو 119): جاسوسي

ڪرڻ. ڳُلهه ڳوهه ۾ جاچ ڪرڻ.

چاري (119): پهريدار- رکوال.

چاريَپو (237): نظرداري- سنڀال.

چانٌڊاڻَ (93): چانڊوڪي-سوجهرو.

چاوَتِي (82): دشمن- حاسد.

چائِتَ (28): ٻيائِي- وير.

چائِڻُ (چاءِ 30): کَڻڻ.

(چائين 46) چَوائڻ.

چَٽ پَٽ (30): جهٽ پٽ-

اوڏيءَ مهل- يڪدم.

چَٽٌڪو (104): ذائقو.

چڙهِي (30): سُواري.

چَل  پَل (76): جهٽ  پٽ-يڪدم.

چَلَڻ (چَليو 252): هَلَڻُ.

چَلڻ چُڪَڻُ (چَلڻ چُڪا 152): هَلڻ کان عاجز ٿيڻ.

چِنٌدي (184): خاص.

چوٽ ڏيڻ (ڏيئي چوٽ 194):حملو ڪرڻ- جُلهه ڪرڻ.

چَورَنٌگ (26)پهلوان. (266): چارئي پاسا رَڱِيل. رنگ محل.

چُور وِچُور (215): تفصيل.

چَوڪَس (237): چڱيءَ طرح.

چوءِ (235، 237): چَوي- چئي.

چِيرو (چيري 258): ڪپڙو.

د

دِماڪُ (257): دماغ. وڏائي-فخر-

دِن رَين (109): ڏينهن رات.

دَنوار (30): مُلڪ

دوارا (187): مُلڪ.

دوڌوڪا (35): هُل هنبس-

گوڙ گهمسان.

دؤڙ (26): ڊوڙ. سختي.

د

دوڙڻ(دوڙيس III):ڊوڙڻ

دوسُ (240): دوست.

دؤنڪڻ (دؤنڪي 254): وَڄڻ.

دِهدارُ (143): ڏيهه جو مالڪ.

ديکَڻُ (ديکيم 187): ڏِسڻ.

دِيماڪ (254): دٻدٻو. رونق.

ڌ

ڌُپَ (208): اُس.

ڌِگُ (82) پهلوان.

ڌُوا (71): ڌُئل- ڌڻيل - چونڊيل.

ڌُئڻ (ڌُئل 8): چُونڊڻ- ڌُڻَڻُ.

ڏ

ڏاتَ (8): بخشش.

ڏانٌو (56): اٽڪل.

ڏاڻَ (36،117): انعام-بخششون-عطائون.

ڏاههُ (8، 213): غلام – ٻانهو.

ڏَجهو (90): ڏک- اهنج.

ڏَجو (ڏجا.) رنڊڪ- تڪليف.

ر

رَهه (213): واٽ- راهه. نرلو.

رهوال (28): همراهه.

ريٻارو (ريٻارا 25): پيغمبر.

ريشَ (89): رَت پُونءِ جون ريڳاڙيون.

ريلَ (90): گاهه وارو ميدان.

رَينَ (رَينا 217): رات.

رِيو (262): روڄ.

رِيهَڻ (ريهيُون 267): ريبڻ - ڌوُتارڻ.

 

ز

زِدو (79): شڪست خورده.شرمندو.

زَندَ (261): ڌَڪ.

زُودؤن (18): جلد مان- جهٽ پٽ.

زومئون (43): زور سان.

زِيادَت (259): گهڻي. (262):

زيادتي- زوراوري.

 

س

سا (176): سؤ.

ساڳو (198): ساڳيو.

سامَ (132): پناهه.

سامِي (123): لحد. قبر.

ساهو (32): شاهوڪار.

ساءِ (54): سواد.

سائي (14)؛ ساڄي.

سَٻَرُ (78، 205): سَڀر. ڳرو.

سُڻَڻُ (سُيون  3، سُيو 206):ٻُڌڻ.

سُول (27): ڀالو.

سُهائِڻ (سهاءِ 69، سهاڻون

233): وَڻڻ.

سَهَٽِ (261): وَڪڙ- وَٽُ.

سَهجا (57): سهج مان- شوق مان.

سهد (5): خوشي.

سُهڻو (212): خواب.

سِياندو (سِياندي 270): ڊپ.ڏڪڻي.

سِينءَ (235): کي.

سِيو (261)سِئو (136): سيءَ.ڊپ. رَڦِڻي- ڏَڪِڻي.

 

ط

طمعان (139): طمع- لالچ.

ع

عاجِزانٌ (56): عورت.

عارَبِي (204): عربِي (نبي صلعم).

عيلاجَ (252): علاج. عاجزيون.حيلا.

ڦ

ڦرَڪو (136): رڦِڻي.

ڦَرنيون (161): سَرهيون.متاريون.

ڦسَائڻ (ڦسائي 104): ڦاسائڻ.

ڦِڦڙن ۾ ڦَڻِي پوڻ (105):

ڦڦڙ ڏڪڻ. جسم ۾ رڦڻي پوڻ.

ڪ

ڪَسٌتَ (22): جوش، جلدي.

ڪُسٌتانُ (255): ڪوهستان.

ڪَستَئون (30): زور مان-ڪَست مان.

ڪَسوسا (270)، ڪَسوسِيا (82):

گيسر- سستي.

ڪَلهڙا(142): ننڍا ٻچا- معصوم.

ڪِمام (253): مانڊاڻ.

ڪَنا (38): کان.

ڪَنٌہ (19): ڪنهن.

ڪَڻٌٺُ (213): هار- ڪَڻٺو.

ڪُڻڪَ (259):  آواز- سُڻس.

ڪُڻڪَڻُ (ڪڻڪن 159):ڪِنجهَڻُ.

ڪوٺانٌ (242): دعوتون.

ڪَونٌتَلُ(27، 262): گهوڙو(بنا سُوار ۽ سنجيل).

ڪوه (8): ڇو.

ڪُہ (48): ڇا.

ڪَهڪاءُ (34، 271): ايذاءُ.قياس- رحم.

ڪَهڻُ (ڪهيو 3، ڪَهن 115):چَوَڻُ.

ڪِيرَ (238): ڪِلا.

ڪِيرَ تُون (38): ساراهون.

ڪيٖرَڻُ (ڪيري 46): ڪيرائِڻ.

ڪيهانٌ (241): ڪِيهُون-

دانهون.

ڪيهو (205): ڪهڙو.

گ

گَڊ (18): جانور.

گَريالَ (159): گَرَ جي بيماريءَ ۾ ورتل.

گُوندر (112): غم.

گَئوُن (253): غرق. گُم.

گِيدو (گِيدي  77): کِيسو.

گِيهَڻ (گيهي 275): گهِلَڻُ.

ڳ

ڳاچَ (247): ڳيچ.

ڳالهاڻو (164): ڳالهايو.

ڳِچَ ڳَرڻ (ڳچ ڳري 243): روئڻ.

ڳَرٌٽَ (120): ڳَڀرو. ننڍڙا.

ڳَرهَڻُ (ڳرهي 7، 188): اورڻ.

ڳَري (258): ڳَلي سان- ڳچيءَ سان.

ڳَنا (156): ڪَنا- کان.

ڳِنا (117): ڳنهان- وٺان.

گهه

گهَٽُ (24، 110): رَستا. اندر-دل.

ل

لاڏڪو (لاڏڪا 30، 253): لاڏلو.

لاري لڳڻ (لڳا  لاري 194):آسري لڳڻ. پُٺيءَ  لڳڻ.

لاڙڻُ (لاڙيو 261): ڍارَڻُ. روانو ڪرڻ.

لاکو (256): مشهور ڄام لاکو-ڦُلاڻي.

م

مِرگهه (149): هَرڻ.

مَشَر (109): مشهور.

مَصٌلِحاتَ (252): صلاح-مشورو.

مُڪو (168، مڪائين 53،

مُڪا(265): موڪليو.

مُکُ (32): وات. مُنهن.

مَڱرَ (99): باهه.

مڱُڻُ (205، مڱان 47): گهُرڻُ.

مُلا (10، 53، 219): کان. سان.

مان- منجهان.

مِلٌڪَ (268): ملڪيت.

مَلهَڻُ، (81): پاڻ ملهائڻ.

م

مُنجَڻُ (مُنجان 180): موڪلڻ.

مُنٌڌَ (028، 187): عورت.

مَنگڻُ (منگندا 208): گهُرڻُ.

مَڻَڻ (مڻيائون 261): روانو ٿيڻ- هَلَڻُ.

مَڻي (213): وَٽ.

مَڻيارو (261): مَڻيا وارو.

موڙها (55): منجهيل- گمراهه.

موڪَ (192): جام.

مُونٌهِينٌ  (7): مون کي.

مُها (2): مُنهن سان- وات سان.

مُهٌت (81): عزت.

مِهري (28): عورت.

مَهَنٌد (196)، مهنٌدا (46):اڳيان.

ن

نِهار (237): نظر.

نِهالَ (219): ٿَڏا- چَڪيون.

نَهڪر (268): انڪار. منع.

نِياڻَ (89): ڍنڍون.

نِيرُ (234): پاڻي.

نِيلانٌ (31): نِيلُونٌ.

و

واتا(8): واتان- وات مان.

واٽاهو (31): واٽهڙو. همراهه.

واڍوڙي (234): ڦٽيل.

وارَ (234): گهڙي- لحظو.

واهُڙَ (64): واهه – ڍورا.

واهيرا (185): آکيرا.

وايو (262): واءُ. دانهن. ملڪ.

وِتَرو (90): گهڻو- وڌيڪ.

وِٽڙَڻُ (وِٽڙي 60): ٽِڙَڻ پکڙَڻ.

وَٺتٌو (263): وَرتو.

وِجهُلَڻ (وِجهلي 188): سِڪ ۾ ڳرڻ.

وِچا (36) : وچان.

وِڏُرَ (120): ڪَڪر.

وَرُ (158): مُڙس.

وِرتا (6، 60): بيزار ٿيا. ٿَڪجي پيا.

وَرٌڪا (96) تَجلا.

وِرٌکُ (221): وَڻ.

وَرٌنہ (4) سڀني صفتين سُهڻو. سياڻو. بهادر- طاقتور. وڙائتو.

وَهڻُ (وَهي 6): هَلَڻُ.

(60): واهه- ڍورو.

وياءُ (4، 99، 237): اولاد.

وينگَس (34،228، 258):عورت- سُهڻي عورت.

ويڻَ (80، 168): طعنا.

ههِ

 

هاتِڪ (199): حاذق.

هاڙهِي (30): ڀيچِي. همراهه.

هامَ(198): ٻٽاڪ.

هاويءَ هاب (268): دوزخي.

هائِي (16): هاوي- دوزخ.

هِتا (54): هِتان- هِن هنڌان.

هِتهِين (119، 240): هِتي-هِن هنڌ.

اُچائڻ (اُچائيون 236): کڻڻ.

اَدام (31): اندام- عضوا.

آَدَههَ (140): ادا ڪرڻ.

اَڌڪا (236): وڌيڪ- زيادهه.

اُڌٌڪَڻ (اُڌ ڪيوس 235): اُڌما

ڏيڻ.

اُڌَڻُ (اُڌو 74): وَڌڻ- اُسرڻ.

اَربيلو (اَربيٌلي 150): البيلو-

لاڏلو.

ارمانجڻ (ارمانيا 121): ارمان

ڪرڻ- ڏک ڪرڻ.

آري هيٺ اچڻ (آيو هيٺ آري

258): پيچ ۾ اچڻ-  وڪڙ ۾ ڦاسڻ.

اُڙٌدَ (35): لشڪر.

اُسٌرَڻُ (اُسريا 191): اُسهڻ-

روانو ٿيڻ.

اڳر (82): وڌيڪ – گهڻو. (268):

اڳرو- چڱو.

آڳيا (10): اڳيان.

اَلائڻ (اَلايو  113، 251): ڳالهائڻ- چوڻ.

اُلٽَڻُ (اُلٽي 258): اُٿلڻ.

اَلغٌفارَ (264): ڪاهه.

اولَ پَتَڻ ڪرڻ (اول پتڻ ڪيو

247): هيٺ مٿي ڪرڻ. رُلائڻ

-دربدر ڪرڻ.

اولو (108): ڍڪ- پوش.

اَوي (114): اوهين.

اُهاءِ (25، 77): سوجهرو.

اُهڃ (10): اُهڃاڻ- نشان.

اُهرائڻ (اُهرائي 235): هاڪارڻ.

اَهُک (38): ڏک-تڪليف.

اِينءَ (235): هن طرح- هيئن.

ب

بابُ (267): پيءُ.

باديون(238): هوائون.

بازَرِ (270): بازار.

بامَ (258): عورت.

بَتر (105): بَدتر.

بَڊوڪو (بڊوڪا 69): ڀَري.

ڳوٿرو.

بَري (145): هرڻي.

بُزدار (162): ٻڪرار.

بشاتَ (32): بشارت- خوشخبري.

بَگرو (62): جهولِي- بگري.

بَگهاڙُ (165): بگهڙ.

بُلڙُو (122): ننڍڙا ٻچڙا- کير پياڪ ٻچا.

بوڇَ بُڇڙايون (73): ڏوهه گناهه.

بوراڪَ (37، 258 ) ڪنواري

ڪُٺا گهوڙو قتل- زبح.

ٻُوهي(222)؛ بُهه- تُهه.

ٻَهَارَ (141): ٻاهر.

ٻِهارا (185): ٻئي ڀيري- وري.

ٻَهونٌ (57. 86): گهڻا.

ٻيڪَٽا (131): ٻيڪاٽ.

ٻيلَ (252): گڏ.

 

ڀ

ڀُتِي (264): پُراڻي- سڙيل.

ڀَتينٌ (72): طرحين.

ڀُلڪارَ (ڀُلڪارا 192): ڪاوڙ

ڏمر.

 

ت

تَبِي (94): تڏهن.

تَڏ (23): تڏهن.

تَڏي(112): تڏهن

تَرَنگَ (29): گهوڙو.

تُرهو (161): وسيلو- آڌار- ڏڍ.

تُسَڻُ (تُسي 73، 97): خوش

ٿيڻ- راضي ٿيڻ.

تِڪا (102): ڳڀا. ٽُڪرا- ذرا.

تَنبَڻُ (تَنبَندي 14): ڏَڪڻ.

نچڻ. هيٺ مٿي ٿيڻ.

تِنها (153): تنهن مان.

تؤ (92) جوش. تيزي. جلدي.

تَوارا (59): تَنوار. آواز.

تَوَڻَ (63): رڌ پچاءُ. ويلو.

پاڄِي (264): پازي. خدمتگار.

پاکَرَ (257): پناهه. پوش.

پانَوَ (205):  پناهه ڏيندڙ. بهادر.

پانَہَ (41): پناهه ڏيندڙ. بهادر.

پاڻ مُرا (212): پاڻ مُرادا-

بي اختيار.

پاوَنٌگ (29): پهلوان.

پَٽ پوڻ (پٽ ٿي پوي 114):

پڌري ٿيڻ-  ظاهر ٿيڻ.

پِر (181): پرينٌ.

پَرا (86): پَسَڻ. اُهڃاڻ.

پُرس (79، 238) مرد- شخص.

پُرسٌا (213): شخص.

پَرٌمَل (231، 247): پهلوان.

پُرڻ (پريا 31، پري 264): هَلڻ.

پَرڻيجاءُ (270): پَرتو ڪجانءِ.

پَرهڻ (62): پائڻ جا ڪپڙا

پَرياڻ (225): اُهڃاڻ.

پَرياڻا (89): پَهه- ويچار

پَڙاءُ (2): لشڪر جي منزل گاهه.

پَسڻا (165): پَسڻ سان- ڏسڻ

سان.

پَکڻا (99): پَکي.

پَلَڻُ (پليندو 37): جهلڻ- منع

ڪرڻ.

پَڻِي (19):مِٽي.

پَهرڻ (57): ڪپڙا- لباس.

پَهس (27): اوچتو.

جَناوَرُ (145): جانورُ.

جَنٌجِيرو (214)ٻيٽُ- جزيرو.

جِنٌدڙو (89): جِسم- بُت.

جُنگُ (236): پهلوان. جانٺو.

جَنگاهه (31): جَنگ

جَنٌهوارَ (250): جواهر.

جُواڻُ (253): جُوانُ.

جَونٌرا (236): جيرا- جِگر.

جيلانٌہ (237): جنهن لاءِ.

جينانٌ (269): جهڙي طرح.

جِيڻي (10): ساڄي.

جِيوايو (244): جياريو.

جيهو (29): جهڙو.

ڄ

ڄاءِ (268): ڄمي. ڄاوَل.

ڄيرو (69): باهه.

 

جهه

جهِڄڻُ (جهڄ 262): ڳَرڻ-

وِجهلَڻُ.

جَهرڪَڻُ (239): چِمڪڻ-

تجلا ڪرڻ.

جهَڪا(90): مانڊاڻ.

جُهونٌجهار (50) پهلوان.

 

چ

چارا (164): چاريندڙ- ڌراڙ.پهريدار.

ڇ

ڇانٌئِڻُ (ڇانئي8): ڇانٌو ڪرڻ.

ڇَڇَر (236): پاڻيءَ جي ڇَر.

ڇُڳيرُ (8): سردار. سورهيه.

ڇِن (105): ڪڏهن- هرگز.

ڇولَ (189): ڇوليون.

ڇوهه (79): زور. جلد.

ڇوهو ڇٽڪڻ (ڇٽڪي ڇوهي( 264):طوفان لڳڻ.

ڇيڙَڻُ (ڇيڙيون 159): ڇوڙڻ.پَهرائڻ.

ڇِيو (ڇِيَن 103): ڇِيهو- نقصان.

ح

حادِيثو (127): حادثو. ماتم.

خ

خدا لاءِ (لاءِ خدا 100): خدا

ڪارڻ- خدا جي واٽ.

د

دارُون (128، 250): دوا- علاج.

داڙُو (127): شافع.

دانَههَ (27): سياڻو- ڏاهو.

دَرسنَ (257): درشن- ديدار.

دُرنگي (41): ٺڳ- مڪار.

دُز (41): چور.

دَلَ (260): گهڻا.

دلوچا (189): گهڻو-جهجهو.

ڏ

ڏَرُ (207): ڊَپ.

ڏُرمائڻ (ڏُرمايو 185): ڏک ڪڍڻ.

ڏَرَڻُ (ڏري 207): ڊِڄَڻُ.

(262): اڌ ٿيڻ- ڦاٽڻ.

ڏَڙهه (63): ٺوٺ- ڦاٽڻ.

ڏُسڪڻ (ڏسڪي 185، 337):

سڏڪا ڀرڻ.

ڏ

ڏَنہ (15): ڏانهن.

ڏوڙا (36): ٻيڻا.

ڏوس (269): تڪليف- اهنج.

ڏُونہ (2): ڏانهن.

ڏيپُ (75): ڏاڻ- بخشش- عطا.

ڊ

ڊُوهه (64): وسڪارو- اوهيرو. سخت برسات جي اوندهه.

ڊِها (71): ڍِڳيون. ڍير- انبار.

ر

راو (32): راءُ- سردار.

راوت (28): پهلوان.

رِپَ (79): دشمن.

رَساڻَڻ (رساڻي 164): رسائڻ.

رَڪَ (217): بدبخت.

رَلَڻُ (رلي 94): مِلَڻُ.

رَمَڻُ (رمي 4، 111): هَلَڻُ.

رَند (189): رستو -گَس- پيچرو.

س

سَٻوجها (203): ٻاجهه وارا.

سَٻيرَ (101): گَس- واٽ- پيچرو.

سَڀنا(3): سڀني.

سَڀِي (19): سڀيئي.

سَتوهه(252): ڊپ. مشڪلات.

سِٽاڻي (5- 236): سختي.

سُپارَتَ (86): پارت.

سَپَڙُ (256): سخي سپڙ ڄام رونجهو.

سُجان (266): ڏاهو- داناءُ.

سِڌارڻُ (سِڌاريو 18): هَلڻ-روانو ٿيڻ

سَڌَر (12): اڳواڻ. سردار.

سَرٌجاما (213): سَر انجام- پورا.

سِرجَڻُ (سِرجي 192): پيدا ٿيڻ.

سَرڌول (27): شينهن (؟).

سَرسِينٌ (259): سَرسي.

سَرٌنَد (77): سُکيو.

سَرَڻ (141): سامَ – پناهه.

سُرڻو (سُرڻا 146): جيت،

سَڦرا (13): سَجايا.

سَڳَرُ (216): وڳر. سنگت.

سَڳن (259): مائٽن- عزيزن.

سَلِڻُ (سَلئي 110) : ٻُڌائڻ.

سَمَنا (77): سامان.

سُنڍيون (122): ٻُوٽيون.

سُنگُ (72): ڏَن- نذرانو.

سَنمُک (263): روبرو- مقابل.

ڦ

ڦَڪَلُ (130): فريب.

ڦند ڦڪل ڪرڻ(ڦند ڪري

ڦڪلن 119): ڦند فريب ڪرڻ.

ڦُندڻِي (28) ٽرڙي. بيوفا.

ڦَڻِي ڦرڪَڻُ (ڦرڪي ڦڻي 111):

ڊپ ۾ رَڦڻ.

ڦينگانٌ (271): ڇنڊا- ڦهنگون.

ڪ

ڪاڍاڻا (59): صدقا-خيراتون.

ڪاڍو (29): ڇِڪَ- ڪشش.

ڪارڻي (51): پار اڪاريندڙ نبي صلعم

ڪارُون (91): ڪم. مدد.

(260): دانهون- عاجزيون.

ڪامِڻَ (258): عورت.

ڪانٌڌُ (260):  مُڙس.

ڪاڻِ (271): گهٽ. ڪوتاهي.

ڪاهو (66): ڪاهه- حملو. پنڌ.

ڪَتَرا (112): ڳَترا- ٽُڪَر.

ڪَڄڻُ  (ڪَڄي 83): ڍَڪڻ-

پوش ڪرڻ.

ڪَڏي(112): ڪڏهن.

ڪَڏِينٌ (104): ڪڏهن.

ڪَرارو (90): سهگارو.

ڪَرنِ (242): ڪَن.

ڪُساک (22): بي اعتبار-

 ڪُوڙو.

ڪيهِي (265): ڪهڙي.

ک

کا (7): کي.

کاتِي (88): واڍو.

کاپائڻ (کاپايو 263): کپائڻ. مارڻ-ختم ڪرڻ.

کانئِڻُ (کانٌئي 234):ساڙڻ

کَپَڻُ (کپي 99): ڏمرجڻ.

کِجڪَڻُ (کجڪي 79): خوش ٿيڻ- کِلَڻُ.

کِجَڻُ (کِجن 24): ٽَهڪڻ.

کِجَڻُ کامَڻُ (کجي کامي 99):سَڙڻ پَچَڻُ. ڪاوڙجڻ.

کِريبا (8): فريب سان.

ک

کَرڪَڻ (کرڪڻا 62): ڦاٽل جُتي،

کَڳَ (31): تلوارون.

کِههَ (257، 263): مِٽي- دَز.

کَهَڻُ (کهي140): کونٌسڻ.

کُهيو (کُهيا 67، کُهين 128):

ٿَڪل. مسڪين.

کِيڻُ (کين 63): کائڻ.

کِيو (262): ويچار. گناهه.

گ

گامُ (28، 31، 197): قدم-وِکَ. هَلڻي. ڳوٺ.

گَبَرُ (227): مجوسي. ڪافر.

گُجَر (34): عورت.

گَڏيائتَ (268): ساٿي- پوئلڳ.

ل

لاکِيڻو (لاکيڻا 239): لالڻ-گهوٽ.

لام لڳڻ (لام لڳي 216): پُٺيءَ لڳڻ. پناري پوڻ.

لڙهه لڳڻ (لڙهه لڳا 123): پٺيءَ لڳڻ.

لَغار (258): چَٽڪو.

لِکَ (98). ساعت –گهَڙي.

لُکُونٌ (89): لُڪون.

لِيو (261): قياس- ڪَهل. شرم-لَڄ.

 

م

مَ (240): نه.

ماٽا (86): مَٽ.

ماد ڪرڻ (ماد ڪئي 116):مات ڪرڻ. ختم ڪرڻ.

مارڪو (مارڪي 75):مجلس.

ماڙَ (116): مدد. مهر.

ماڙهُو (48): ماڻهو.

ماکئون (28): مون کان.

مامرو (98): معاملوو. ڳڻتي.

مانٌ کي (242): مون کي.

ماڻڪين (16): اکين.

مَتاههُ (253): متاع- ملڪيت.

مَٿيرُ (32): پهلوان.

مَڇَڻُ (72): متان- هرگز.

مَڏَ(237): تَرهو.

مُرٽَ (118): آزار- پيڙا.

مَيءَ (253): مهاڻا.

ميلاپو (270): ملاپ. ملاقات.گڏجاڻي.

ميلَڻُ (ميلج 215): مِلائڻ.

ن

نال نال (148): گڏوگڏ.

نانٌهه (34): گم- مَحو. (236):غرق.

ناوَڪُ (258): تِير.

نائِڻُ (نايو 191): نِمائڻ-جهُڪائڻ.

نَچَڻُ پَنٌبَڻُ (نَچي پَنٌبِي 92):

نچڻ ٽِپَڻُ.

نِڌ نِڪار (257): بنهه بيڪار-صفا نِڪمو.

نَرَسُ (17): بي پهچ.

نِرَهه (81): نا اُميد- مايوس.

نِزاڪ (257): نزاڪت واري-سهڻي.

نَقٌرا (236): نقارا.

نِڪڻِي (47): رڳو- فقط.

نِڪُونٌج (236): ڪُن- اوڙاهه.

نڪِيتا (227) نه وَري ڪو.

نِکيڙَڻُ (نکيڙي  236):نِکيٽي ڪرڻ.

نِڱڻ (نڱي 189): نِڪرڻ.

نِوائِڻُ (نوائي 31، نوائن 205):نِمائِڻُ -جهُڪائڻ.

نِوَڻُ (نِوي 114): نِمَڻُ.

و

وِرُونٌہَ (36): وِنٌدر. (262):ڳڻتي.

وِرهه (236): وِڇوڙو.

وَڙٌڪَڻُ (وڙڪندي 85): گهُمَڻُ.چَرڻ.

وُڙها (60): وَهيا.

وَسٌلا (12): ٽَپڙ.

وِسُوڙَڻُ (وِسُوڙا 10، 231):

وِسَهڻُ- اعتبار ڪرڻ.

وَسَنهُنٌ (159): وَسئُن- آبادي.

وِسهَڻُ (وِسهي232): اعتبار ڪرڻ.

وَلاڙڻُ (ولاڙيو 96): گهمرا ڏيڻ. ڊوڙڻ.

وِلوڙَن (187): بي وسِيلن.

وِلهو (ولهي 44، وِلهن 110): بيواهه- بي وسيلو.

وَنگَڻُ (ونگيو 271): جَڪڙَڻُ - نوڙيءَ سان ٻَڌَڻُ.

وَنٌءُ (102): وَڃُ.

وِڻاهه (30): دشمني.

وَڻيالَ (198): وَليُون.

وؤڙَڻُ (وؤڙيندو 259): ڳولڻ.

وِههُ (53):  زهر.

وَهارَ (141): واهِرَ-مدد.

وَهلو (17، 259): جلد- سگهو.

وَهلُور (262): بيزار.

وَهندو (33): جلد- سگهو.

وَهَند يئِي (131): جلد مان- تڪڙو.

هَچا (207): مصيبت.

هَڏهُون (156): ماڳهين- بلڪل.

هُشناڪُ (257): خبردار.

هُم (111): هُئم.

هَمها (222): سَڀ.

هِنِي (35): هن.

هَؤر (185، 235): ڳڻتي- فِڪر،ڳارو- وِجهل.

هُولُ (80): ڊپُ.

هَونِ (240): هُجن.

هوءِ (58): حيرت.

هَيا (268):هَجيَل. لَعنتي.

هيجُ (5، 99): خوشي. شوق.

هيڪ (2): هِڪ.

هيڪَند (30): گڏ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org