سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :16

معجزو نبي صلعم جو: مڇيءَ وارو

(چيل لعل محمد جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، جو اَگو عليما،

جڳائي تنهن صاحب کي، سڀڪا ساراها،

جنهن خلقيو پنهنجي نور مان، مير محمّد شاهه،

ڪري سگهندو ڪون ڪو، تنهن جي تعريفا.

تنهن جي قادر ڪئي  قرآن ۾، وصف واکاڻا،

صلواتون نبي ڪريم تي، جو پڙهي پرت منجها،

پرور ان جا پورا ڪري، سڀئي ڪمڙا.

آهي ڪتابن ۾، اِن پر مذڪورا،

ته، آئيو اعرابي هيڪڙو، مرسل جي مهندا،

عرض ڪيائين حضور ۾، يا رسول الله !

حضرت! منهنجي حال جي، سُڻ حامي حڪايتا:

ته مڇي آندم بحر مان، منجهان ئي دريا،

ڪارڻ قوت عيال جي، ڪري وس وڏا،

ٽي ڏينهن پچايم باهه تي، منجهه آتش آڙاها،

سا  مڇي پڪي ڪينڪي، مطلقاً مورا،

ڪهڙو ڳُجهه اِنهيءَ ڳالهه جو، سچا سردارا!

پوءِ رکيو اعرابي مڇيءَ کي، مهندان محمّدا،

پاڻ بيٺو هٿ ٻڌي، سين ادب اخلاصا،

ٻانهون ٻڌي ٻانَهن جان، منجهه خدمت خليلا.

پيو فائق فڪر ۾، عربي عبرتا،

اُت يار اصحاب سڀ هئا، حاضر هيڪاندا.

تڏهن واحد وَحي هلايو، ڏَنهن سچي رسولا،

 اُڀنئون لهي آئيو، ملڪ جبرئيلا:

السلام عليڪ يا رسول الله، آن کي سائين سلام مڪا،

ته، مَ ڪريو اُن ڳالهه جو، خاطر خيالا،

اوهين پڇو ان مڇيءَ کان، مڙوئي مذڪورا،

ته ظاهر ڪري اوهان تي، حقيقت جالا،

شرف شفيع ڪارڻي، اوهان جو اڪراما،

جو پڌرو ٿيو خلق ۾، احمد اظهارا.

تڏهن مرسل پڇيو مڇيءَ کان، خاصي خيرالوريٰ:

ڪهڙي حڪمت تو ۾؟ سا مون سُڌ سڻاءِ،

ڇو  نه پَچين تون باهه ۾، منجهه آتش آڙاها.

تڏهن حڪم ساڻ حڪيم جي، ڪئي مڇيءَ گويا گفتارا،

ته، سڻ سردار جهان جا، اَڙين آڌارا!

وقت آڌيءَ رات جو، باقي پويان ٻه پهرا،

ٿي لڙهيس لهرن وچ ۾، ڪنهن ڪنڌيءَ ڪنارا؛

ته ڏٺيم ٻيڙي هيڪڙي، جا وٺيو آئي سِيرصحيا،

هئا چڙهيل تنهن ۾، ڪي آدم انسانا،

تن مان پڙهي ٿي هڪڙي، آن تي سرور! صلواتا،

سا سُئي مون ڪنن سان، بلند آوازا،

سڻڻ ساڻ صلوات جي، ٻنهي جهاننئا،

مولٖي مون تان معاف ڪئي، حاوي حراما.

سا سکي مون ياد ڪئي، يڪدل يقينا،

هاڻي پرين پڙهان ٿي پرت مان، سنجهي صبوحا،

تڏهن باهه نه منهن جي بُت کي، وٺي ورياما!

اِها سڻي مڇيءَ کان ڳالهڙي، سڀني اصحابا،

لازم ڪيائون پاڻ تي، پڙهڻ صلواتا.

اُمتي احمد ڄام جا، اوهين سڀئي ٿيو سرها،

پڙهندڙ جي صلوات جا، ڇٽا جهنم ڪنا،

جو صلواة سرور قيام تي، پڙهي پاڻ خدا،

ملائڪ محمّد مير تي، ٿا پڙهن پرت منجها.

اهڙيون برڪتون صلوات جون، سڻو سٻوجها،

اهڙو آهي ڪارڻي، حضرت رسولا،

جهليو در دلبر جو، ٿو ”لعل محمّد“ ليلهاءِ،

ويهو واٽڙين تي، ٿو ويچارو واجهاءِ.

توريءَ منهنجي سيّدا! ڪنڌي مور نه ڪا،

روضي مهندان رسول جي، پڄن پساها،

جنت البقيع جاءِ ٿئي، من مون مقاما!

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، لکين دوردا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: پٿر مان وڻ پيدا ٿيڻ وارو

(چيل آدم جو  )

ساراهيان سبحان کي، رازق سڀن رحمان آ،

صانع سٻاجهو مون ڌڻي، جنهن مهر مؤن مرسل مُڪا،

ڏيهن سندو آهي ڏيو، سو چنڊ مڙني مصطفيٰ،

احمد اٻوجهن جو اجهو، محبوب مڙني مجتبيٰ،

خاصو سو ختم الانبياءَ، شافع آهي روزِ حشر.

 

منجهه بارگہ بيشڪ هئا، خاصا نبي خيرالوريٰ،

ڏيندا دلاسو حشر ۾، سي داداگر ۽ دلربا،

مقبول مرسل مصطفيٰ، شافع ٿين هر دوسرا،

عاصين عنايت عاربي، لَهه سار سائين سرورا!

همراهه هيڻن هاشمي، ڇورن جي آ ڇانٌوَ ۽ ڇپر.

 

هڪ ڏينهن نبي الله جو، بيٺو هو مسجد ۾ وريام،

نرمل نصيحت ٿي ڪئي، با خوبتر خوشتر ڪلام،

جاهل جُنبي تت آئيو، مُلڪي هئو مردود خام،

ساڻس ڪمينا ڪيترا، هو جو بَدوُ ’بوجهل‘ نام،

مرحبا چئي مصطفيٰ، سرور پڇي تنهن کؤن خبر.

 

ڪافر چيو ڪامل اڳيان، هي لفظ ڪوڙائي ڪنا:

مون نا مڃيندس تو اڳيان، ڪنهن معجزي ڏسندي بنا،

ظاهر ڏسون سڀ معجزو، پوءِ واٽ تنهنجي مان ڳنها،

يا تون ته ساحر آهئين، يا مَرد مجنونن ڪنا:

عربيءَ اڳيان اهڙا چيا، تنهن لفظ بيهوده بتر.

 

پانَوَ پرين اُت هيئن چيو، هي لفظ ظاهر سان زبان،

ڪيهو مڱو ٿا معجزو، اي غافلو، اي بدگمان!

آءٌ قريشي ڪارڻي، آهيان ضعيفن جو ضمان،

شاهد نبوّت جا ڏيان، آنٌ کي زمين و آسمان،

سر ٿا نوائن سڪ منجهئون، منهنجي اڳيان شمس و قمر.

 

مُنڪر چيو محبوب کي، هُو جو پيو آهه پَٽِ پٿر،

پاهڻ اهو آهي وڏو، منجهه بَر سُڃي، اعليٰ اپر،

وڻ تنهن منجهئون واهه واهه ڪريو، سو خوبتر شاهي شجر،

ٿئي سو گهڻو سائو شجر، اعليٰ سندس ٿئي ڦر سٻر،

جهٽ پلڪ ۾ پيدا ٿئي، تون دم تنهين ۾ ڪين ڪر.

 

ٽاريون تنهين ڇهه ڇهه هجن، اعليٰ اِرم ۾ اي جوان!

سڀئي هجن سي سونَ جون، ٻيا گل گلابي ارغوان،

سورج، سمن، گل نرگسي، گلگون گل، گل ياسمان،

پَن پَن اتي پيغمبرا! ڪلمون لکيل تنهن تي ڏسان،

جي آنءِ حضرت هاشمي! پارئون خداءِ پيغمبر.

 

ڇهه ڇهه ميوا خاصا هجن، ڦر خوب، تن ٽاريون ٽلن،

لذت گهڻي کائڻ کٿوري صوف لامن ۾ لَڙن،

ان ۾ اَناري انب ۽ ٻيا تُوت تَر، ڏاڙهون ڏنگن،

صفرا جي خاطر سِڱريون، جي ٿيون مريضن جي مَنن،

نارنگيون، ناريل، ليما، صوف ڪشمش تازه تَر.

 

پانَوَ! پکي هر شاخ تي، جيڪر هجي ٻيو جانور،

تنهن پير ڳاڙها، چهنب سوني، مثل طوطي سبز پر،

سوئي پکي پرتئون پڙهي، ڪلمون شهادت سربسر،

نِوڙئو اهو پڻ نياز سان ظاهر ڪري تنهنجو ذڪر،

تون جي نبيّن جو نبي آهين پاڪ نرمل نامور!

 

جڏهين ڏسون ايڏا عجائب، پوءِ ٿيون سڀ مسلمان،

صِدقئون مڃون توکي ميان! آهين جي نبي آخر زمان،

پوءِ ربّ تنهنجي کي مڃيون، ثابت مڃون ڪامل قرآن،

نه ته تون به آهين هڪ مرد، جئن ٻيا ڏنهون جملي جهان،

مصطفيٰ مرسل جي اڳيؤن، تنهن خام ڪئي اهڙي خبر.

 

ڪوڙهئي قصو سڀ پانهنجو، ڪافر جڏهن پورو ڪيو،

نرمل نبي نور الهديٰ سرور سچي سو سڀ سُيو،

داور سندي درگاهه ۾، سالار صادق سِر نيو،

۽ منجهه حقيقت حال جي، مرسل مناجاتي ٿيو،

مشڪلڪشا جو مصطفيٰ، عاصين عنايت جنهن اپر.

 

تڏ پاڪ پرور پنهنجي پرين لئي مڪو جهٽ جبرئيل:

مون جو ڏنو تو مرتبو، توڙئون تو کي جانب جليل!

ڪيئن مان ڪندس ڪافر اڳيان، توکي زبون ظاهر ذليل!

پوءِ هوت! هرگز تون مَ ٿيءُ هن ڳالهه ۾ عاجز عليل،

الله جو نعرو هڻي، ڪامل ٻَڌي قابو ڪمر.

 

هيڪر هلي اي دوست منهنجا! جت پيو آهي پٿر،

ظاهر ڪيان مان ات عجب، تنهنجو ڪيم اعليٰ قدر،

تڏ مصطفيٰ مختيار آيو، وٽ پٿر جي پيغمبر.

عربن ۾ پيو اندوهه گهڻو، بر ۾ ٿيو ڄڻ هل حشر،

جت غلغلو غوغا ٿيو، هر ڪنهن ڏٺو جاچي حجر.

 

سيّد سنڀالي ربّ کي، دلبر گهري تان پئي دعا،

محبوب جي مرضي رکي، قادر سڀئي سي ڪم ڪيا،

مڙني ڏٺو سو معجزو، جيڪي انهي جاڳهه هُئا،

ايڏا عجب عربن ڏٺا، پوءِ سڀ اچي پيرين پيا،

تن پير پرين جا چميا، سينا ڪيائون صاف تر.

 

عربن اتي اسلام آندو، پيش پيغمبر اڳيان،

دوزخ سندي ڏر کان ڏري، جوڳا وڃي جنت کي ٿيا،

ڪلمون پڙهيائون قلب سان، مرسل مڃيائون مصطفيٰ،

سڀئي ٽڳا ٽوڙي ڪري، مرسل مڃيائون واهه واهه!

سڀئي مدايون معاف ٿيون، نرمل ڪيو تن ڏي نظر.

 

ڪوڙي مڃيو پر ڪينڪي، سو جو بَدو ’بوجهل‘ هو،

ساحر چيائين سيّد سچٖي! اصلي هيو واحد وڍيو،

ٿيو حيف اُن جي حال تي، اصلي هيو سوريءَ سريو،

ڪافر لکيو هو قلم ۾، اصلي هيو توڙئون تڙيو،

ڪيني ڪبر جو ئي سبب کان، تنهن وڃي ماڻيو مڱر.

 

مرسل مٺي جا معجزا، آهن لکڻ کؤن بيشمار،

هي معظّم آهه معجزو، پر مون چيو آهه اختصار،

ڪلمون پڙهو اي مومنان! پر سيّد عالي تبار،

جوڳا ٿيو جنّت سندا، صدقئون مڃو سڀ چار يار،

دامن لڳو تن دوستن جي، ڪو نه ڏسندؤ ڏک ڏمر.

 

شافع ڇڏائي درد کؤن، جي دين دنيا جا ڏچا،

غفلت گذاريم سڀ ڏينهڙا، ڪوڙا ڪيم ڪمڙا ڪچا،

لطفئون اچي سڀ ميٽيو منهنجون مديون سرور سچا!

هن نفس نادان شرّ، شيطان وجهه هچارن کي هچا،

محڪم شريعت تي رکين، تون روز شب اي راهبر!

 

سيّد! ويلي سڪرات جي، پَرتوَ ”آدم“ اي احمدا!

شربت شهادت جو پيان آءٌ مهل تنهن مقتدا!

تون سوڙهه سختي قبر ۾، ساڻي ٿيندين يا سيّدا!

۽ هول هيبت حشر ۾، جاني! نه ٿج مون کؤن جدا،

مان ڇانو تنهنجي ۾ ڇٽان، لائق! لنگهايو لڙ لهر.

 

سج سر مٿي، ڌُپ ڌرتتي، ڏک ڏاڍي کؤن سڀ ڏڪندا،

جاٿي نبي، اعليٰ ولي، ڪامل پيا سڀ ڪنبندا،

ڪم ڪو نه ڪنهن کي ڪو ايندو، مهر تنهنجي منگندا،

تون مهل اُن ماندٖي رسِي، ساڻي ٿئين شل سَيدا!

تنهن ويل ۾ مون کي وسيلا! اُت پيغمبر پار ڪر.

 

مون شوق تنهنجو يا نبي! آهي گهڻو نبي الڪريم!

ڏي دوا ديدار جي، سرور سچا صحت سقيم،

تون اِهدنا يا احمدا، سيّد! صراط المستقيم،

ساڻي ٿيو سڪرات ۾، ڪلمون پڙهائج يا ڪريم!

جام جنّت جو پيارج، ڏَنٌهن شراب حوضِ ڪوثر.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: پٿر مان پکي پيدا ٿيڻ وارو

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آگو عليما،

پيدا ڪيائين پنهنجي نور  مان، مير محمّد شاهه.

هاڻي سڻو معجزو، سچي صدق منجهارا،

هڪ ڏينهن حضرت هاشمي، سچو سردارا،

ويٺو هو مسجد ۾، سو دلبر دلدارا.

چنڊ جان چمڪندڙ هئو، اصحاب مثل ستارا،

ويٺي وعظ نصيحت ڪئي، حضرت حديثا.

آيو ابوجهل اوچتو، منجهه مسجد شريفا،

سڏ ڪري سردار کي چيائين، اي محمّدا!

هاڻي ڪر ڪو معجزو، جي تون سچو سردارا،

هيءُ جو پٿر پُراڻو، آهي ڪهنو ڪسابا،

پکي تنهن جي پيٽ مان، ڪر پيغمبر! پيدا،

پک پکڙانڊيون پکيءَ جون، هجن رپي چانديءَ  جا،

هيٺ ڄنگهون ڪافور جون، پير عنبر جا،

سينو کٿوريءَ جو هجي، خوشتر خوشبوئا،

پيٽ سڄو ئي سونَ جو، منهن مرجانا،

اکيون هجن اُن جون، موتي ماڻڪا،

جنهن ڏي نهاري ڪو نه سگهي، شعاع جي سببا،

اهڙو گهران ٿو معجزو، مرسل! تو ڪنا.

تڏهن کنيا هٿ اُڀن ڏي، احمد امينا.

ڳُجهي ڪيائين ربّ سين، مخفي مُرادا.

اڃا احمد ڪارڻي، هو دلبر منجهه دعا،

ته آيو امين رب ڏنهون، ملڪ جبريلا،

”الصلوات والسّلام“ چيائين پرور جي پارا،

ته مَ ٿيءُ منتظر منهنجا پرين! آگو ٿو فرماءِ.

سبب تنهنجي سپرين، خلقيم ارض سما،

”لولاڪَ لَمّا خلقة الاَفلاڪَ“ منهنجا محبوبا!

ڪندس راضي تو کي، منجهه آخرت ۽ دنيا،

”وَلَسَوۡفَ يُعطِيۡڪَ ربّڪَ فَتَرضيٰ“ ڪيو قادر ڪلاما.

تڏهن چيو ابوجهل کي، منهنجي سچي سردارا،

ته پڙهو ڏياريو شهر ۾، اي ڪافر لعينا!

ماڻهو ڏسن اهو معجزو، مر وٺن عبرتا.

پوءِ ڏياريو پڙهو شهر ۾، انهيءَ جاهل بوجهلا،

بوجهل جي باغ ۾ ڪيا ماڻهن ميڙاڪا،

ڪافر آيا ڪوڏ پَئي، انهيءَ اميدا،

ته، ڪڏهن ٿيندو ڪينڪي، اهڙو پکيئڙو پيدا،

اسين ڪنداسين چٿرون، مرسل مير مٿان.

آخر ابوجهل کي، چيو سچي سردارا،

ته، ويجهو ٿي ويهه پهڻ کي، اي ڪافر ڪيمنا!

ته تو کي ڏيکاري ڏيهه ڌڻي، عجب عجائبا.

تڏهن ويٺو ويجهو پاهڻ کي، اهو جاهل بوجهلا؛

کنيا هٿ اڀن ڏي، احمد امينا،

پکي هن پٿر مان، پرور! ڪر پيدا.

اڃا احمد ڪارڻي، هو دلبر منجهه دعا،

پهڻ ڀڄي پرزا ٿيو، پوري وچ ڪنا،

پکيئڙو تنهن جي پيٽ مان، پرور ڪيو پيدا.

ٿيو تعريفن اڳرو، جهڙو چيو هو ابوجهلا،

مٺي ٻولي ٻولي، ساڻ احسن آوازا،

اچي چٽي ڏني شاهدي، تنهن ظاهر ظهورا،

ته، حضرت منهنجي حال جي سِڻ حامي حڪايتا،

ته، هڪ هزار ورهن جو نَو سؤ سَن سڄا،

پيو هوس هن پاهڻ ۾ محڪم مضبوطا،

وارث! اوهان جي واسطي، هوس ماندو مشتاقا،

سڄڻ! اوهان جي سڪ ۾ مون کي ويٺي ورهه ٿيا،

هاڻي مِلئين محبوب! تون، ٿيا مڙئي مقصودا،

ويو سور سرير مان، لٿا اَکڙين اوجاڳا.

ٿا لِکن ڪتاب ڪيترا، ڏيئي هيءَ خبرا،

ته، نَوَ سؤ گهَرن جا هئا، سندا ڪفارا،

سي ڏسڻ سان پکيءَ جي، سڀ مسلمان ٿيا.

پر چيو ابوجهل، ته آهي سڀ سحرا.

هُئي ابوجهل جي حق ۾، هَي هَي هدايت نه ڪا،

جُٺ ڦِٺ ابوجهل کي، آهي لعنت منجهه لوحا.

پڙهو صلواتون پيغمبر تي، لک لک درودا،

 ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي چوندا.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: موتيءَ مان پکي نڪرڻ وارو

(چيل فقير محمد ماڇيءَ جو )

ڪريان حڪايت هيڪڙي، حڪم ساڻ موليٰ،

مون کي قدرت ڪا نه ڪا، موليٰ ريءَ مُورا،

جيڪي لفظ لِسان ۾، پون پاڻ مُرا؛

چئي پوري ٿو ڪريان، هيءَ جا حڪايتا:

هئي عورت هيڪڙي، ڪفّارن وياء،

مڃيندي هئي محمّد کي، من ۾ مداما.

سُتي لڌائين سُهڻو، نازڪ منجهه نَوما،

ڪنهن سان ڪري ڪينڪي، هر گز حڪايتا،

روئي ويٺِي روح ۾، منجهه اندر افسوسا،

مڙس انهيءَ مهريءَ جو نالي ’رفوسا‘.

هڪ ڏينهن گهمندي گهٽيءَ مان لڌائين هڪ موتي ماڻڪا،

صورت سهڻو وترو، اپر اوصافا،

کڻي ڪيائين هٿ ۾، ماڻڪ ان مهلا.

اڇو رنگ، روشن گهڻو، ترت ڏي تجلا،

ڪڏهن پِيلو پڌرو، ڪڏهن سائو سحابا،

ڪڏهن زردو زيب ۾، ڪڏهن مانند مرجانا،

مُلهه موتي ڇا لهي؟ ڪنهن کي ڪل نه ڪا.

آڻي عورت کي ڏنئين، مڻيو ان مهلا،

حسن هيري جو ڏسي، ٿي عورت منجهه عجبا.

ظاهر ڪيائين زوج سان، من جي مرادا،

ته، هن جي قيمت ڪنهن وٽ، هر گز هت نه ڪا.

مرد مديني ٿو ٻُجهي، نبي نُور خدا،

گهڻو تاجر مال ۾، خاوند ڪروڙا،

لکين لُٽي لوڪن کي ڏئي، ونڊي واٽ خدا،

کڻي وڃ خليل ڏي، هي مڻيو موچارا،

ڏيندو تو کي تحفو، اَفضل امانتا،

ٿيندا مطلب تنهنجا، سڀئي سر جاما.

پوءِ مصلحت مهريءَ جي وٺي، ٿيو راهي رفوسا،

ملڪ مديني شهر ۾، اچي پهتو سو پُرسا.

پڇا پرينءَ جي ڪئي، اُن طالب طريقا،

ڏَسُ ڏنائون ڏاهه کي، رَهه جو رجالا،

ته، محمّد مسجد ۾ اٿئي سَچو سردارا،

ٻڌائي ٻين کي ٿو، هاديءَ جا حُڪما.

پوءِ داخل ٿيو درگاهه ۾، منجهه مَسجد مُحمّدا.

نبيءَ ڏٺو نئون آدمي، مُرسل مجتبيٰ:

مَرحَبا، مَرحَبا! اي مسافر مردا!

ڪهڙي ڪم آيو آهين، ادا اِنسانا؟

تڏهن اڳيئون احمد ڄام جي، ڪري حقيقت حالا،

ته، هنڌ سُڪُونَت، هاشمي! مُلڪ تُورانا،

تُحفو آندم تو مَڻي، اي سچا سردارا!

وٺ اَمانت مون ڪنا، آندي اٿم اَشياء.

تڏهن ڪڍي ڏنائين ڪڻٺ مان، اُهو موتي ملوڪا.

دوست کڻي ڪيو دَست ۾، حضرت حبيبا،

ته ڦاٽي پيو فراق ۾، ڳري ڳچ ڳپلا،

پرور ڪيو اُن مؤن، پکيئڙو پيدا،

صورت ۾ سهڻو گهڻو، مور مثل مرغا،

سو ڦڙڪي ۽ ڦيريون ڏئي، ناز ڪري نخرا،

اڳيئون احمد ڄام جي، ڪري پکي پروازا،

پڙهي صلوات سيّد تي، طيّب تَهلِيلا.

محمّد پڇيو مور کؤن، مدني محبوبا،

ته، سُڌ ڏَس پَکي پانهنجي، ترت مون کي طَيرا!

مڻئي ۾ موليٰ وڌو، تو کي قادر ڪنهن طرحا؟

تڏهن پکي قصو ڪيو پانهنجو، پڌرو پرينءَ سان،

ته، ڪوهه قاف پَريُن جي ملڪ ۾، آ جنجيرو جبلا،

وچ درياءُ سمنڊ ۾، جتي وسئن واهه نه ڪا؛

ديوَ پَريون اُن ملڪ ۾، ٻيا باغ بُستانا،

اونهو ملڪ عظيم هو، بَلد بعيدا.

انّ ڇڻي ڇَپرن ۾ پوي پاڻ مُرا،

مينهن وسن موڪون ٿين، اَنّ ٿئي اَرزانا،

هڪڙي سنگ مون ڪاسو، آنّ ٿئي پيدا.

اُتي نه انسان ڪو ٻيو، حضرت! حيوانا،

دوست! تن ۾ ديو هو، ’جڳپت‘ جنهن جو نانءُ،

سڀني جو سردار هو، گُرُ وڏو گجگاه،

مشرق مغرب جا هئا، ديوَ پَريُون پيدا،

جَلئي ’جڳپت‘ جي سڀئي، حاضر ۾ حُڪما،

روز جمعي جي رات ۾، ٿيندا هئا جَمعا،

ناچ ڪنديون هيون پريون، رنگ وڏا رَونشا؛

جڏهن ٿيندو خوش هو، ’جڳپت‘ جوانا،

تڏهن ڪندو هو هٿ ۾، هڪڙو ڪتابا،

سوني اکرين سهڻو، جواهري جِلدا،

سيّد! ڪندو هو صفتون، تُنهنجون تعريفا،

گهڻو سخن صلوات جو، ٻيو طَيّب تعليما،

سُڻائي پيو سڀ کي، اَگي جو اَمرا،

ته ٿيندو دوست خدا جو، پيغمبر پيدا،

مهندار مڙني مرسلين، مٺو معشوقا؛

دُز دَسي سڀ، دين ڪندو، ڪُٽي ڪُفرانا،

ماڻهو ڪل مومن ٿيندا، عالَم آسودا،

محشر ويلي مصطفيٰ، ڪُل جو ڪفيلا،

مومن سڀئي مَرڪندا، ڪِرندا ڪُفّارا،

مُحابي محمّد جي، اُمتي ٿين آجا.

تڏهن مون کي من ۾، ٿي اُڪنڊ ارواحا،

تنهنجي سڪ سرير ۾، مون کي سَلا سامايا،

وِگهرن پيا وجود ۾، اندر اندوها،

اچڻ ڪاڻ اُٻاهرو، اُڻ تُڻ عجيبا؛

پَرَ نه هئا مون کي، کُٿا هئا کنڀڙا،

مون کي مديني شهر جي، پانَوَ! ڪا نه پَرا،

نه ڪو اُتي ٻيو آدمي، جو سُڻائي سُڌ ڪا.

تڏهن ڪيم عرض الله کي، نِوڙِي نيازا،

ته، مالڪ منهنجا مون ڌڻي، ڏَڏَن ڏاتارا!

مون کي ميلج مصطفيٰ، نور ڀريو نَبيا!

پوءِ منهنجو عرض قبول ڪيو، قادر ڪلاما.

مون کي چور وِچور جي، ڪا ٻي ڪل نه ڪا،

قادر قدرت سان کڻي، آندم هِت الله،

مطلب منهنجي من جا، پرور ڪيا پورا،

غم غصا گوندر لٿا، سانگ ٿيم سولا،

بار ٻَڌم بَديَن جا، ڪيم ڪِرت ڪچا،

ڀَوَ کؤن ڀڄي، پِرتئون پِني، آيس احمدا!

پارت ڪج پينار جي، آگي وٽ اِها،

خاوند خطائون کمي، ڏوهه ڏوهيءَ جا.

پوءِ ’رفوس‘ کي پيئي روح ۾، مَن ۾ محبتا،

ٻڌي مقالون مور جون، ٿيس ديني دعوتا،

جوش منجهئون بيهوش ٿي، پيو پَٽ مَٿا.

اَٺين پهر اُٿي کڙو ٿيو، سورهيه سجاڳا،

چُمي قدم ڪريم جا، روئي رت ورنا،

لزري، پيس لڱن ۾ خوف وڏا خطرا،

اڳيون احمد ڄام جي، ڪري اُڀو احوالا:

ته ننگ ڀريا ننگپال! تون، ٻُڌ منهنجي ماهِيتَا،

ماڻهو منهنجي ملڪ جا، سڀ حضرت! حيوانا،

جهڙا مرون جهنگ جا، اهڙا انسانا،

نه ڪا خبر خدا جي، تُنهنجي طلب نه ڪا،

سڀئي جاهل جِهٌل ۾، ڪافر ڪُذابا،

جوڙي بُت مٽيءَ جا، ٺاهين ٿا ٺَڪرا،

موڳا مڃن اُنهن کي، ته اهي اِلاها.

هڪ مُونجهارو مال جو، ٻي زر جي زينتا،

نڪي نينهن نماز سان، نڪي رکن روزا،

عمر اجائي وئي اسان جي، اٿم ارمانا،

توبهه ڪيم تڪرار مون، آندم ايمانا،

ڏٺيم صورت تُنهنجي، ٿيو مون کي مِجازا،

نه ڪا مَت موٽڻ جي، نه ڪا تُوراني طَلبا،

سُڻ صدا سائل جي، اي ورنہ وسيلا!

منهنجا اُنهيءَ ملڪ ۾، آهن عورت ٻار ٻچا،

مال مڏيون گهڻيون، خاوند! خزانا،

مهر ڪريو مون کي ملي، اُهو سَڳر سلامتا،

مرسل! متان مري وڃن، غفلت گمراها.

لام لڳي تنهنجي لطف، بچن باهه ڪنا.

پوءِ ’رفوس‘ کي رهبر ڏنا، دلبر دلاسا.

سج لهي سانجهي ٿيو، پيئي رات مٿان،

روءِ بروءِ ’رفوس‘ کي، چيو منوّر محبوبا:

ته باهه ٻري ٿي ٻاهرئون، شهر جي اڳيان،

وڃي وٺي آءُ تن کي، نزد اٿيئي نارا.

پوءِ امر سان احمد جي، هليو اُن طرفا،

آڳ ڏٺائين اڳيئون، روشن منجهه رَينا،

گهر پنهنجي پهتو وڃي، جت هيس ٻار ٻچا،

شهر اهو توارن جو، ويجهي ولايتا،

سَڳر سُڃاتئين پانهنجو، ڪُل اهل اولادا،

اچي مليس مڙيئي، اوڏا عزيزا،

ٻيا ماڻهو شهر جا، پاڙي جِي پهرا،

مڙن ڏنس مبارڪون، بشارتون بالا.

پوءِ ذڪر سڀني سان ڪري، من جي مُرادا،

سڀ کي صلاحون ڪري، هلو سڀ ادا!

هُو مدينو شهر آهه، پنڌ نه ڪو پلڪا،

 ويجهو اکين جي اَٿَو، ڏسو ٿا ڏيلا.

تڏ کَرَ کِلون ڪن خارجي، ناٽ گهڻا نخرا،

ته مُلڪ مدينو شهر ڪو، ٻُڌو ڪو نه اسان.

تڏ وٺي عورت پانهنجي، سڀئي ٻار ٻچا،

وقت عشا وهلو ويو، وڏي آسُورا،

رَڪَ اُتي رهجي ويا، هي پرينءَ کي پهتا.

مدح ”ماڇيءَ“ جي ڪندو، قادر قبولا.

”فقير محمد“ چوي، مون کي ناهي تِر جي توفيقا،

جوڙي ڏئي جبّار ٿو، لسان ۾ لفظا،

چئي پوري ٿو ڪيان، هرڪا حڪايتا،

حُڪم سان هاديءَ جي، مون کي ڪَل نه ڪا،

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: کجين جي باغ لڳڻ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

 

سؤ پڄاڻا ستيتاليهون معجزو، سو پڻ سڻيجاه،

جئن حضرت سلمان فارسي، جو هو صحابن منجها،

سو هو غلام ڪنهن يهوديءَ جو، کان اڳي اسلاما،

جڏهن آيو رسول ربّ جو، مرسل مديني ڏانہ،

تڏهن آيو اسلام ۾، گهڻيءَ محبتا،

سائينءَ سڳورو ڪيو، حرمت حبيبا.

تهر يهودي حضرت سلمان کي، ڪرڻ لڳو ايذاءُ،

ڪارا قلوب ڪافرن جا، انڌا ۽ اونڌا.

تهر فرمايو حضرت صديق کي، سچي محمّدا،

ته وٺي هوند سلمان، يهوديءَ ڪنا ڪجي آزادا،

ته خلاص ٿئي ڪافر ڪنان، ڇڏي تصديعا.

تڏهن حضرت صديق سعيو ڪيو، ڪارڻ سلمانا،

چيائين يهوديءَ کي، ته اسين هيءُ ڳنهندا،

ناڻو جهلي پانهنجو، تون وڪڻي ڇڏ اسان هٿا.

تان چيو سونهاري صديق کي، يهوديءَ مها،

ته آءٌ هوند وڪڻان سلمان کي، جي اَئين مڃو شرطا،

جيئن ڏيوم سورهن سؤ درهمن جا، تنهن جي قيمتا،

جن جا ٿين حساب رپين جي، چار سؤ ساڍا؛

۽ پڻ هڻي پنهنجي هٿن سين، مير محمّد شاهه،

خاصوئي منهنجي باغ ۾، ٽي سؤ ٽارين جا.

تڏهن ايءُ ڳالهه ڏکي لڳي، کي حضرت صديقا.

اچي ظاهر ڪيائين حضور ۾، حقيقت سڀڪا.

تان فرمايو رسول ربّ جي، مشفق مهر منجها،

ته، جيڪو ڪافر شرط ڪري، سو ڪريو قبولا،

مان ڇَٽي سلمان، ڪيئن هي دشمن جي هٿا.

ايءَ هئي ٻاجهه حضرت رسول کي، عالم اماما،

رحمت کي حضرت رسول جي، ڪنڌي مور نه ڪا.

تڏهن حضرت صديق ڏنا يهوديءَ کي، سورهن سؤ پورا؛

پڻ نِهال گهرايا ٽارين جا سچي محمّدا،

سي آڻي يهوديءَ ڪيا هيڪاندا، ٽي سؤ نهالن جا.

هليو تنهن جي باغ ڏونهن، نرمل نور هديٰ.

هئي زمين تنهن باغ جي، اڻڀي اصل کان اُها،

جيئن وڻ نه ٿئي تنهن ۾، نڪي اُڀري گاهه،

ٽاريون هنيائون تنهن ۾، گهيئي مرتبا،

تان ڦر نه ڪيو ڪنهن هيڪڙيءَ، ڪڏهن تن منجها.

مگر جڏهن نهال کوڙيا هٿن سين، سچي حبيب خدا،

تڏهن باغ سڄو ئي سبز ٿيو، ٽارين ٽارَ مُڪا،

پهرينءَ ئي مُند ۾ ڀرجي پيو، باغ ميون سان،

لڏجي پيئون ٽاريون، تازي تَمر مُلا.

آهين سونهاري شفيع جا اهڙا معجزا،

ڳڻي ڳڻيان ڪيترا سندا مرسل مرتبا.

سو آهي مديني مشرف ۾ اڄ سِيٌنءَ موجودا،

ٽاريون آهيون نيون تنهن ۾، پر زمين اصلي آهه،

چونس باغ نبيءَ جو، ماڻهو مديني جا.

جيئن سو آيو هو هٿ، حبيب کي يهودين ڪنا،

ڪيا وڙ ورنهه سين، آگي اَپارا.

معجزو نبي صلعم جو: پوک وارو

(چيل فقير محمد ماڇي جو )

ڪريان حڪايت هيڪڙي، سا پڻ سڻيجاه:

ته سيّد هليو ڪنهن سال ۾، حج تي حبيبا،

ساڻ صحابن سنبري، مِٺو محبوبا،

ڪئي مساحت منزلون، محب مڪي طرفا.

رهبر رائڪ ۾ وڃي، رسيو رسولا،

ڏينهن جمعي ان جُوءِ ۾، ڪئي سيّد سڪونتا،

ڪارڻ پڙهڻ نماز جي، جمعي جو فرضا؛

وقت جڏهين ٿيو ويجهڙو، چئي احمد اذانا.

ماڻهو انهيءَ ملڪ جا، هئا احمد جا عدوا،

ڪرت ڪندا هئا پوک جي، ڪاشت جو ڪسبا.

پوکِي پوک تني هئي، فصل خريفا،

نسري سڀ نروار ٿي، ته کَس ٿيس خوشا،

ڪڻو ڪنهن ۾ ڪون هو، آنّ سندو اصلا،

ٻُورئِي منجهه ٻَري ويئي، سڙي سنگ صفا،

ڪَڙٻ رڳي، ٻيو ڪينڪي، پوک اندر پيدا،

ماڻهو وجهن مال کي، لُڻي لابارا،

عالَم سڀ عاجز ڪيا، بُکن بيحالا،

قرض نه ڪوڏِي ڪو ڏئي، ٿيا همہ حيرانا.

ٻانگ ٻڌي ٻهڳڻ جِي، آيا عدّوا،

ڦُرڻ ڪاڻ فَهيم جي، مُوڙهن ميل ڪيا.

قريشي ڪعبي طرف، ڪري جملي جماعتا،

خيرالبشَر خطبو پڙهي، چئي تڪبيرا،

نِيتَي فرض خدا جو، ادب ۾ اُڀيا.

ڦورُو فراغِت ڏسي، حرامي هليا،

وجهه ڏسي وَسلا سڀئي، کڻي خَر ويا،

مال ويا ميڙي سڀئي، اُهي اسبابا.

ڦورن ۾ هڪ مرد هو، نالي وليدا،

اُن کي دعوت دين جي، مِلي ڏنٌهه موليٰ،

پيس واهه وجود ۾، اِهو آچارا،

ته آهي محمّد مدني، سچو رسولا،

توڪل توشو تنهن جو، خوف نڪو خطرا،

واهِي وسلن تي، نه ڪو محب ڪيو مقررا.

مرد سڀئي مشغول ٿيا، محبت ۾ موليٰ،

ڦُر نه ڦٻندي ڪنهن کي، مولاين موليٰ،

شڪم شيطاني ڪري، اسان کي اوجهڙا،

فاقو فقيرن جو، سختائي ثمرا،

مديءَ کان مڙندا وتن، بديءَ بيزارا،

واحد تن کي ويجهڙو، آ قادر قريبا،

کَسٖي نه تن جو کائجي، دُڪو ساڻ دغا،

جيڪي پُڄي پاڻ کان، هڙئون ڪي به هٿا،

نظر نيڪين جي ڪجي، اڳ سندو آجرا.

اهڙي خوف خيال ۾، ماٺ ڪري مردا،

وڃي ويٺو ورک جي، هلي سو هيٺا.

سيّد سڄوئي پڙهي، جڏ ڪيو فرض ادا،

تڏ ڏٺو ور وليد ڏي، کڻي ناز ڀري نيڻا،

احمد اشارو ڪري، بانڪي چيس، بِيا!

تڏ اڳيئون احمد ڄام جي، آيو اُو شخصا،

ڪِري قدمن تي پيو، مرسل جي مهندا.

پڇيس پرينٌءَ ڳالهڙي، ڦر جو فريبا.

تڏهين قصو پنهنجي قُوت جو، کيتيءَ جي خبرا،

سڀ سچي سادات سان، حال ڪيائين همها.

چيو ور، وليد کي، مِٺي محبوبا،

هَل تون پنهنجي پوک ڏي، جوئر اٿئي جيڪا.

پوءِ هليو ور، وليد سان، پوک طرف پريا.

پانہ پيڪارهه تي، ٿيو سيّد سوارا،

چئني طرف چوڪنڊين، ڪئي نرمل نگاها،

ته، پوک ڪري تنهن پٽ تي، ڪيا سيّد کي سجدا،

ڪاني ڪاني ڪهيو ٿي، ڪلمون ڪريما.

سنگ سمورا سڀئي، آنّ سان اُڀريا،

ڪڻي ڪڻي ٿي ڪِيرتون، ڪيون قريشيءَ سان،

دلمل دوستن کي، ڪيا ٿي سڀني سوالا،

ته، کِل اسان کي کاءُ تون، اي محب موليٰ جا!

قوت اسين انسان جو، تون سرّ سبحانا.

پانَہ! تنهنجي پيٽ ۾، وڌو طعامون تبارا،

نور نسورو پانهنجو، آگٖي ڪيو عطا،

ميوا هرچند جنّتي، ٻيون خاصيون خوشبويا،

کاڄ خدائي خورشون، خالص خوراڪا،

لڪو وتين لولاڪ ۾، انساني پوشا،

پانَہ! تنهنجي پيٽ ۾، غير نه ڪو غلطا،

شڪم تنهنجي شافي ٿيون، اسين آسودا.

پوءِ سيّد هڪڙي سنگ ۾، ورنہ هٿ  وڌا،

کائڻ ڪاڻ خليل ٿي، ڪڻا ڪجهه ڪڍيا،

تڏهين حُب ۾ حبيب جي، اُڌو اَناجا،

هڪ ٻُوهي ۾ ٻَه ڪڻا، پرور ڪيا پيدا،

ٻُٽڙِي چون تنهن کي، ماڻهو مخلوقا،

آنّ آهي اُهو، ڪنهن ڪنهن پوک وچا،

ٿيا ساوا سبز سي، ڪڙٻ سڀئي ڪانا.

عداوت احمد سان ڪري، دشمني دز ڪا،

تنهن سان قريشي ڪامل ڪري، ڪروڙين قُربا.

آبادي عدون جي، ڪاشِت هئي جيڪا،

سُڪي، سائي سڀ ٿي، آنّ ٿيا ارزانا،

نظر ساڻ نبيءَ جي، موليٰ ڪئي مهرا.

جيڪي دشمن دين جا، اصلي ها عدوا،

معجزي محبوب جي، ڪيا مڙيئي مطيعا،

ڪڍي دغائي دل جي، اچي پيش پيا،

ڦُر جو مال ڦِٽو ڪيائون، اچي اُن ويرا،

ٻيڻا مال ٻيا کڻي، ڪيئون قربانا،

مٿئون محمّد مير جي، سڀئي سامانا،

”ماڇي“ چئي مومن ٿيا، ڪُل ئي ڪفارا،

”فقير محمد“ چئي، پڙهي ڪلمون ويساها،

آيا سي اسلام ۾، ڏسي معجزو محبوبا.

چئو صلواتون حضرت رسول تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہٰ الا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: کاري پاڻيءَ جو مٺي ٿيڻ وارو

(چيل گل حسن شر جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان ربّ سبحان،

ڪيڏو ڪريان قدرت جو، باري! تو بيان،

ري ٿوڻئيٖنٌ، ري ٿنڀين آ اَڏايو آسمان،

قلم ”ڪُن فيڪون“ سان جوڙيو سڀ جهان.

صاحب هليو سودي تي، مرسل مير مدام،

رکي سنج سوار ٿيو، کڻي واڳ وريام.

کارو پاڻي کوهه جو، جنهن ڏنو کيس سلام،

محبت سان مٺو ٿيو، جَر پيتائون جام.

هڪ وڙهندي هئي واٽن تي، بلا بي بيان،

هئس سڪ سيّد جي، دل ۾ درس دوام،

آفت انتظاريون ڪيون، آندائين اسلام:

سائين! مان پير ڀري پڇندي هيس، تنهنجي لاءِ تمام،

پر ڀؤ منهنجي کان ڀڄندا هئا، آدمي انسان.

ديندارن دعوت ڪئي، طرحين کڻي طعام،

آدم مَلڪ مطيع ٿيا، پيا حيرت ۾ حيوان،

واٽ ساري واندي ٿي، لٿو غل گمان.

شاعر شفاعت منگي، تو دران هيءُ دان،

جيڪو چوي معجزو محمّد جو، تنهن کي آخرلاءِ ايمان.

سانگ سفر سولو ٿيو، ساري جماعت ساڻ،

ڪاهي وريا هئا قافلو، شهر ڇڏيائون شام،

خاطو موڪليائون خير جو، پهچائي پيغام،

چڙهيو محمّد عربي، سگهه ڌڻي سلطان،

ڪڪر ڇانوَ ڪري هليو، جهُڙ ڏيئي جهام.

بيبي خديجہ خواب ۾، پروڙيس پرياڻ،

چنڊ جهُلِي جهوليءَ آيو، ڏاتر ڏنس ڏاڻ،

خوشيون خيراتون ڪري، ڀري مُهرن ماڻ،

برڪت ڪلمي ساڻ، پار لنگهائيندو پاتڻي.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو حضرت علي رضه جو: سج وارو

(چيل پانڌي آريسر جو )

ثنا سونهين صاحب  کي، حمد هاديءَ لاءِ،

ڀلا ڀلارا برگزيده، ان تي سلاما،

محمّد مهندار اُمت جو، اڙين آڌارا،

چارئي يار رسول جا، سهڻا سونهارا،

پيارا پنجتن پاڪ، سي مولي مرڪايا.

هيءَ حڪايت هڪڙي، سڻو مذڪورا،

ڪتاب ”انوارالحسنين“ ۾ لکن بيانا،

ته، هڪ ڏينهن ويٺا مجلس ۾ هئا، مٺا محمدّا،

صورت سڦلي سيّد جي، جوهر ڪن جهلڪا،

سج چنڊ کان وڌ هئي، چمڪ چوڌارا.

آيو اعرابي هڪڙو، مرد مسڪينا،

اچي ويٺو اوڏڙو، ٻڌي ٻئي هٿڙا،

عرض ڪيائين احمد کي، نرتئون نيازا،

ته، سڻج سردار جهان جا، منهنجي من مدعا،

آءٌ عاجز آهيان نڪڻو، لاشڪ لاچارا،

ٻن نياڻن جا نُور ڀريا! مون کي ڪرڻا نڪاحا،

پر پئسو نه اٿم پاند ۾، ڪو سمر سامانا،

پئسو پاند  نه هڪڙو، انگين پڻ اُگهاڙا،

آهيان ان ورونهه ۾، ڏاڍو غمگينا،

ڪيئن ڪري لاهيان، هي فرض في الحالا،

دلبر! ڏيو مون کي ٻه سؤ دينارا.

اها سڻندي ڳالهڙي، احمد امينا،

ڪيو اشارو عليءَ ڏانهن، نرمل نبيّا،

ته، علي! عاشق الله جا، ڪر سائل جا ڪمڙا،

تڏهن ترت اُٿي تيزيءَ مان، مرتضيٰ موليٰ،

سڏي سائل پاڻ سان، هليا هيج منجها،

وٺي گهر پنهنجي آئيا، اُن ويل عجيبا؛

بيبي فاطمہ سان ڪيائون، سارو احوالا،

ته، محمّد مون کي ائين چيو، تنهنجي بابي نبيّا،

ڏي خيرات سائل کي، ٻه سؤ دينارا.

پر حاضر نه آهي هٿ ۾، ڪو ناڻو نڪيتا،

جو ڏئي روانو ڪريان، راضي ساڻ رضا،

هاڻي بيبي ڏي پُٽڙا ٻئي، حَسن حُسينا،

ته وٺي ڪنهن ڪافر وٽ، رکان ڳهي جي مثلا،

گروي رکي ڪنهن گبر وٽ، وٺان ڪي پئسا.

ڏيان هن غريب کي، ٿئي راضي رسولا،

رسول راضي، ته ربّ راضي، مالڪ آهي موليٰ.

اُٿي بيبي فاطمہ، سُڻي سڀ خبرا،

سُڻي نام ڌڻيءَ جو، ٿي ڏاڍو خوشحالا،

وهنجاري وِيرن کي، ڏيئي ڪپڙا پاڪيزا،

تيل سرها صغيرن کي ۽ سرمو سينگارا،

پوءِ آڻي ڏنائين هٿ ۾، کي حضرت علي شاه.

سرهي ٿي سرير ۾، بيبي فاطمتا،

پوءِ پڇيو  پُٽن ڪنا، حضرت حيدر شاه،

ته، آن کي گروي رکي آءٌ وٺان ٿو پئسا،

ڏيندس هن غريب کي، جو ڪري آيو ڪشالا،

ڪهڙي مرضي اوهان جي، آهي روح رٿا؟

محمّد مون کي موڪليو، جو اَنهنجو نانو نبيا.

تڏهن خوش ٿي کِلڻ لڳا، مرڪڻ موچارا،

چيائون، صدقي نانٌءُ ڌڻيءَ جي، صدقي رسولا،

صدقي سِر اسان جا، صدقي سؤ ڀيرا،

ڀل ته غلام ڪري، کڻي وڪڻو وڻجارا.

تان هو ڪافر هيڪڙو، وڏو ئي گبرا،

حضرت علي چيو ڪافر کي، سڻ منهنجي صدا:

ڏيانءِ ٻئي پٽڙا، وٺان ٻه سؤ دينارا،

اڄ اڄوڪي ڏهاڙي، وٺان ٻئي پُٽڙا،

ورنهه ڏنو واعدو، صحيح رکي سخنا.

پوءِ ڪافر ڏنا روڪڙا، ٻه سؤ دينارا،

سي وٺي ڏنائين سائل کي، منجهان محبتا،

راضي راهه مسافر ٿيو، ويو کلندو خوشيءَ مان.

پوءِ حضرت هلي آئيو، پنهنجي مڪانا،

اچي آرامي ٿيو، سمهي پيا سڄڻا،

جانب جوٽ بيبيءَ جي تي، سُتو سردارا،

نيڻين ننڊ نرمل کي، اکين آراما.

تان سج لهڻ کي اوڏڙو، آيو اُڀ منجها،

اچي بيبيءَ کي ٿيو، اندر ۾ ارمانا،

ته شرط لهڻ سج جو آهي، ڪافر ڪميني سان،

جيڪس جڙندم ڪينڪي، پرين مون پُٽڙا،

ڪئن ڪري جاڳايان، نرمل ننڊ منجهان.

ڏاڍي اداسڻ ٿي، ٿيا وينگس وسوسا.

تان لڙڪ ڪريا اکڙين مان، ڳلن سر ڳوڙها،

وهيو جَر اکين مان فراقيل ڦُڙا،

منهن مبارڪ عليءَ جي تي، ڪِري سي پِيڙَا،

سي مٽجي اَملهه ماڻڪ ٿيا، ٻه داڻا دستورا.

سجاڳ ٿيو سپرين، نازڪ ننڊ منجها،

ٻئي ماڻڪ هٿ ڪري، ويو وٽ وينجهارا،

صراف سڃاڻي مُلهه ڪيو، لکين ڪروڙا،

وٺي خزانو لُٽيو، ڪيائون سارو خيراتا،

باقي ٻه سؤ دينار هٿ ۾، جهليا جهونجهارا.

تانسين سج لهي ويو، ٿي مٿان مُنهن ميرا،

سج سهائو ڇڏيو، ٿي اوندهه اپارا؛

پوءِ حضرت علي آئيو، جت ننڍڙا صغيرا،

اچي چيائين ڪافر کي، وٺ پنهنجي امانتا،

پر ڪافر قبولي ڪينڪي، جو لهي ويو سجڙا.

چي، مدو شرط پورو ٿيو، جو لکيو پروانا.

ڪافر نچڻ تَنبڻ ۾، ٿيا سرها شيطانا،

ڪڏهن ڏينداسين ڪينڪي سهڻا شهزادا؛

گهڻو گوڙ لڳي ويو، ناچُو نچڻ لڳا،

تان آيو جذب عليءَ کي، ڪيائين حملا،

تڏهن ڪافر ڪل ڪري پيا، موذي مردودا.

پوءِ هڪل ڪيائون سج کي، وڏي جوش منجها،

ته، پوئتي ور سج، موٽ تون، آگي جي اَمرا،

تڏهن سج موٽي مُنهن ڪڍيو، ٿي وچينءَ جي ويرا.

پسي معجزو پرينءَ جو، سڀ حيرت ۾ پيا،

ڦڪا سڀ فريبي ٿيا، جيڪي ماڻهو موجودا.

تڏهن ڪڍي ڏنا، ٻئي سهڻا شهزادا.

ڪافر مسلمان ٿيا، جيڪي حاضر اُت هئا،

جن کي هئي هاديءَ جي، ڪا حاصل هدايتا،

سي آيا اسلام تي، باريءَ جي برڪتا.

جن نه مڃيو معجزو، سي ويا تحت ثريٰ.

جن کي گهُري تن جا ڪري، قادر ڪل ڪمڙا.

پوءِ حضرت هلي آيو، وٺي ٻئي پُٽڙا،

اچي مليا ماءُ کي، ننڍڙا صغيرا.

حورن ۽ پرين ڏنيون، کيرون خوشنودا،

هر هنڌ خوشيءَ جي، ٿي واڌائي وڻڪارا.

جئن پٽ بيبيءَ کي مليا، تئن ميلين مون محمّدا!

آگا! ”آريسر“ کي، ڪر نعمت نصيبا،

پسان پڃرو ”پانڌي“ چئي، پڄنم پوءِ پساها،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، لکين درودا،

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہٰ اِلاالله محمد رسول الله


*  هن معجزي جون چار روايتون مليون. جن مان ٻه روايتون اُتر مان عبدالحق (تعلقو شهدادڪوٽ) کان ۽ وچولي مان محمد بچل (تعلقو حيدرآباد) کان مليون. ۽ ٻه روايتون محمد رحيم مڱڻهار ۽ يار محمد مهاڻي (تعلقو ٽنڊو الهيار) جي قلمي نسخن تان اُتاريل آهن.

+  سوانح عمري معمول نه ٿي سگهي آهي.

* هن معجزي جون ٻه روايتون اتر (تعلقي ميرو خان) مان غلام قادر ۽ (تعلقي شهدادڪوٽ) مان عبدالحق کان مليون.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

*  هن معجزي جون ٻه روايتون مليون. هڪ اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي، جنهن سن 1334هه جي لکيل هڪ قلمي نسخي تان اتاري موڪلي ۽ ٻي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي. شاعر جو نالو توڙي احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

*  هن معجزي جي روايت اتر(تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 41.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس، حيدرآباد سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

* هن معجزي جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 41.

*  هن معجزي جي روايت اُتر (تعلقي فيض گنج) مان ڊاڪٽر غلام محمد کان ملي.

+  گل حسن شر، ويٺل ڳوٺ پيرو وساڻ تعلقو ميرواهه، سن 1237هه/ 1821ع ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي فقيري خيالن ڏي  لاڙو هئس. تعليم صرف قرآن مجيد تائين هئس، پر تنهن هوندي  به شرعي مسئلن تي چڱي نموني ۾ بحث ڪندو هو. سندس ڪلام معجزن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. سندس هن معجزي جي اڻپوري روايت ملي آهي.

*  هن معجزي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد  طاهرزادي کان ملي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 12.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org