معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو
(چيل عبدالله ڊکڻ جو)
ساراهيان سبحان کي، جو آگو عالمن،
قدرت ساڻ ڪريم جي، ڪيو ظهورو مَلڪن،
سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، تنهن ۾ ٿا چمڪن،
حورون، پريون ڪيتريون، ٻيو ليکو ناهه جنّن،
پيدا ڪيائين نور مؤن، خاتم نبّين،
مير محمّد مصطفيٰ اجهو عاصيڙن،
جنهن جي آئي آسرو ٿيو مڙني مومنن،
روز قيامت ڪارڻي، ڏيندو هٿ هيڻن،
چار چڱا چيدا چوان ڀلا منجهه ڀَلن،
اعليٰ عزت تن جي، ٿا قرب ڪتاب لکن،
پهريون پاڪ ’صديق‘ آ سچو صحابن،
’عمر‘ عدالت جو ڌڻي قاتل ڪفارن،
علم وڏي ’عثمان‘ آ ڀلو منجهه ڀلن،
’علي‘ شير الله جو سندو جوان جنگن،
سدا حب ’حسنين‘ جي جياپو جيڏن،
سر فدا بيبي مٿئون، ڪيان ڪوري کان ڪلهن،
اصحاب احمد ڄام جا ٿا مجلس ۾ مرڪن.
هاڻي حڪايت ٿو ڪريان سا سڻو ساڻ ڪنن،
ته، هئو ماري هيڪڙو، منجهان مخلوقن،
وڌي تنهن وڻ هيٺ ڪا، ڍٻي ساڻ ڍنگن،
ڦاٿي اچي اوچتو هرڻي مان هرڻن،
سرور نڪتو سَير تي، آگي جي امرن،
عجب ڏٺائين اوچتو ظاهر ساڻ اکين،
ته ڦاٿي ڦاهيءَ ۾ هئي، ڦير وڏن ڦندن،
هرڻي حضرت کي ڏسي پيئي منجهه دانهن:
موٽ محمد مصطفيٰ! ٿي حامي تون هيڻن،
خوف ٿئي ٿو جان کي، ٿم رڦڻي منجهه ڦڦڙن،
مير مديني جا ڌڻي! ڪڍ دام منجهان عضون.
تڏهن آيس حضرت اوڏڙو ڪري پنڌ پيرن،
حال حقيقت جي، پڇيس پاڻ پرين.
هرڻي حضرت جي اڳيئون، ڇٽي ۾ خبرن،
ته، هيم آتش اُڃ جي ٿي ويس ڏانهن برن،
ٻچڙا ٻاجهارا ٿيو، ٿي چنبڙيا منجهه بُبَن،
کير پيڻ لئي ٿي ڪيون دانهون درماندن،
پيئندي کير وجود کي، خوشي خوب ٿين،
سمهي رهيا آرام ۾ تن کي آئي ننڊ نيڻن،
ڇڏي تن کي ننڊ ۾ آيس هن هنڌن،
ڪل نه ڦاهيءَ جي پيم ڪا وڌي هئي کوٽن،
اچي پيڙس اوچتي سوگهي وَر وڪڙن،
حق جو حڪم ائين هو منهنجي نصيبن،
نڪران نڪري نه سگهان پيا منهنجا ڏيل ڪن،
ڇڏج ڇوڙي احمدا! وڃان ڏنہ ٻچڙن،
ڇڏيم جي هُت هيڪلا متان سُتا سي جاڳن،
مون کي ڏسندا ڪينڪي هيءَ ڪَلَ نه جانورن،
ڪندا دانهون درد سين اپر افسوسن،
ته امان ويئي ڪاڏهون، ڪانهي هن هنڌن،
ڏيئي کير اُنهن کي، وري موٽان هن ماڳن.
ڪيس عنايت عربيءَ، مٺي محبوبن،
ڇوڙي ڇڏيائونس ڇن ۾ ڪڍي ور دامن،
هرڻي هلي حُب مان، تيز طرف ٻچڙن،
ايندي ڏٺو ماءُ کي پري کان ڦَرڙن،
چنبڙي ويا چاهه مان هرڻي جي بُبڙن،
سُڏ ڪيون هي سُڏڪا ڀري چيو ماءُ ٻَٺن،
ته، کير پيو خوشيون ڪيو، پيو وڇوڙو ورهن،
عيوض پنهنجي مون ڏٺو ضامن ضعيفن،
انهيءَ هنڌ هوندو ويٺو وارث وريامن،
ٻڌي خبر ماءُ جي ٿا زارو زار رئن،
واڪا روڄ رڙيون ڪري، خاڪ مٿي ليٽن،
هَي هَي حاديثو ٿيو، آيو واقعو ويچارن،
مِرن ۾ ماتام پيو، ٿيو ڏينهن قيامت تن،
ڪيئن ڪنداسين تو سوا؟ آيو مٿي موت مُٺن،
اسين هلون ٿا اوڏهين جو داڙُو دلگيرن،
رُوندا هليا ماءُ سان، جهجهو جر هارن،
من ڇڏائي مصطفيٰ هيڻو حال ڏسن،
حضرت هرڻيءَ سان ڪيو، وعدو وريامن،
ويٺا هئا اُن جاءِ تي، مدد مسڪينن،
آيو ماري هيڪڙو، منجهان نادانن،
ڏسي نبي ڪريم کي ويو سڙي منجهه سورن،
ته، ڪير آهين، ڪاڏي وڃين ڪهڙي ساڻ ڪمن؟
نانءُ ٻڌائج پانهنجو، ٻي سڪونت شهرن،
ڪڍي هرڻي ڇو ڇڏيئي، منجهان هن قيدن.
مرسل ماريءَ کي ڏنو جواب جانيڙن،
ته، احمد عربي آهيان، واهر مان ولهن،
ڇوڙي هرڻي مون ڇڏي، وٺي کانئس وچن،
موٽي ايندي سا سگهو، ساڳين وٿاڻن.
ماريءَ مرسل کي چيو اهڙي سان قولن،
ته، جيڪي نڪتا بند مؤن سي وري ڪيئن ورن،
منهنجي سڻ تون ڳالهڙي، آ پيارو ساهه سڀن،
نبوّت تنهنجي تان ڏسان، جي هرڻي پئي قَدمن.
نظر نرمل نور ڪئي، ڏورئون ڏيهه ڌڻين،
ايندي ٻچڙن سان ڏٺي هرڻي حبيبن،
آئي هرڻي سيگهه ۾، ڏاڍي ساڻ ڏکن،
ڪري وڃن جي واعدا، سي ڪيئن سک سمهن،
سوڌي ٻچن ٻاجهارڙو پئي روئي رت ورن،
ٻچن ٻاڪارون ڪيون، بيحد بيهوشن،
ڪري پيا قدمن تي لٽڪيون لُولهٽ ڪن،
نارَ وهائن ننڍڙا ڳاڙها ساڻ ڳلن:
وَر وسيلا واهرو، حمايت هيڻن،
مهر ڪيو ماندن مٿي آڌر عاجزن،
خاوند تو کي خلقيو ڏيو منجهه ڏيهن،
ٻڏن اُتي ٻانهون ڏيو ٿيو ماڙ محتاجن،
مشفق، ماريءَ کي چيو، اجهي عالمن:
وٺ بها هن حيوان جي، مَر کلي کير پين،
جڳ ۾ جيئڻ ماءُ رِي، ٿئي نا ننڍڙن.
تڏ ماريءَ مرسل کي چيو، اي دارون درماندن!
حضرت تو هٿ ڇا اچي منجهان هِن مرن،
چي، بچاءُ بدڪارن ٿيان، کڻان بار کُهين،
تڏهن ماري عرض ڪيو، هٿ ٻڌي ادبن:
مُلهه نه وٺندس مصطفيٰ! ڪر غور غمناڪن.
تڏهن چيو قريشي ڪارڻيءَ، مرهم مريضن،
ته، هي سِر صدقو تو ڏيان، هرڻيءَ ماءُ ٻَٺن،
تان تنهين جي کير سان، مَرُ ننڍا هي نپجن،
تان ماري گهڻيءَ مهر مان، ڪريو تي قدمن،
درد منجهئون دانهون ڪري، ڳاٽ ڀري ڳوڙهن:
عمر وڃايم احمدا! بيحد منجهه بدين،
مهر منجهئون ميٽي ڇڏيو، هيءُ ڪاغذ گناهن،
حضرت! هرڻي ٿو ڇڏيان، ڪڍي مؤن ڪڙين،
پٺيءَ لائي ٻچڙا وڃي مَر وطن.
تڏ رخصت هرڻيءَ کي ملي، ڇُٽي مان ڇوهن،
حضرت! هميشہ هجين، شل پاکر پينارن،
پوءِ آيو سو اسلام تي ماري مؤن ادبن،
سرهو ٿيو سرير ۾، ڇٽو کان ڇيهن،
سڀو رحم رسول جا مٿي مغمومن،
مڙئي مرسل مير کؤن، ٿا دُهرا دان گهرن،
اَجهو جن جو اهڙو، سي ڪيئن ڏک ڏسن،
ڪين ڇڏيندو قيام ۾ احمد اُمتين،
”حاجي عبدالله“ چئي گولو غلامن،
شان، شرافت شاه ڏيو مون کي منجهه مُلڪن،
بخشي بار بدين جا، ڪيو آجو ڏنهه عيبن،
لاهج ڊپ ”ڊکڻ“ تؤن، اَجها عاصيڙن!
ڪلمي ساڻ ڪريم جي، شال پساهه پڄن.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
معجزو نبي صلعم جو: هرڻي وارو
(چيل ولڻ ولهاري جو )
قادر پنهنجي قدرت سان، خلقي خلق خدا،
نبي پنهنجي نور منجهان، ڪيو پاڻ ڌڻي پيدا،
جو سردار سڀن نبين سندو، آهي احمدا،
ملڪن ۾ مشهور آهن، معجزا احمد جا،
هاڻي قصو هرڻي جو ڪيان، ٻڌو مومنو مذڪورا،
ته، ڦاهي ڦڪل جي وجهي، ويٺو ماري ڪنهن ماڳا.
اچي ڦاٿي اوچتي، هئي هرڻي انهيءَ هنڌا،
ٻي واهه ويچاري کان وئي، ڪيائين سڏڙا سيّدا!
سڏ سڻي سردار اهو، آيس احمدا،
چي، ڪوهه ٻاڏائين هرڻي، تو کي ڪهڙي واقعا؟
چي، سائين! بُکيا ڇڏيا هئم بر ۾، ٻئي سي ٻچڙا،
ضامن هن ضعيف جو پئو اچي احمدا!
آءٌ وهندو ئي وري اڃان، ڏئي کيرڙو انهن کا،
حضرت ڪريم هٿن سان ڪڍيس، ڏهي ڦاهي کي ڦيرا.
هرڻي اڏاڻي اوڏهين، جاڏي هئس ٻچڙا.
تڏهن احمق ماري آئيو، پڇائين مرسل ڪنا،
چي، ڪارڻ شوق شڪار جي، مان ڪيا هئا جيءَ جفا،
هيءَ جا ڦاٿي هرڻي، سا پڻ ڪاڏي ڪياءَ؟
ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، نالو تنهنجو ڇا؟
يا پيدا ڪري ڏي هرڻي، نه ته ڏي جلدي جوابا،
مرسل ماريءَ کي اُتو، سيّد صبر منجها،
ته، آهي اسم اسان جو، محمّد امينا،
مون سان انهيءَ هرڻي ڪيا، آهن واعدا ورڻ جا،
آهيان پڻ اُن جو، ظاهر ضامنا،
جيسين نه ايندي هرڻي، تيتر هوندس هن هنڌا.
ماري مُڙيو ڪينڪي، ٿيو ترت تماما.
ڪاوڙ ۽ ڪَستون ڪري، ٿو هُل گهڻا هاٻا،
ڪيان ٿو صبر ساعت هڪڙي، مرجان گذري گهڙي سوا،
نه ته ساڳي وٺندو سانءِ هرڻي، زر نڪي پيسا،
هوءِ ٿي واچوڙي جان تکي تيز منجها،
آهو اوڏيءَ مهل هئا، ڪي نازڪ ننڊ منجها،
هوءِ ٻچڙن خاطر ٻوڙن ۾، ڪري ٻهون ٻيڪٽا،
ٻڌي ٻيڪٽ ماءُ جا، آهو سي اُٿيا.
جيجل! هن جاءِ تي، اسان کي ڏينهن ٻٽي ٿيا،
هرگز ڪيئي نه هيترا، ڪي سڪ منجهان سڏڙا،
اڄ ڏڪي تنهنجو ڏيل ٿو، ڏي کولي اها خبرا.
چي، چرندي آيس چاهه مؤن قوت لاءِ ڪکڙا،
ڦاهيءَ ۾ ڦاٿيس اچي، جو نه ڪل پيڙم ڪا،
سَٽون ڏنم سگهه مؤن، ڪيم وس وڏا،
سَٽن سان سوگها ٿيا، سِري سي سڳڙا،
قابو ڪَڙيل جي هئا، سي ڇِنا ڪين ڇُڙيا،
پوءِ تان مرسل مير کي، مان سڪئون ڪيا سڏڙا،
سو تان عربي آئيو، جو اَڙين آڌارا،
ڏنم ضامن پانهنجو اُتي رهبر رسولا،
تڪڙيون ڏيو چڳڙون، اوهين خيال ڪيو پٽڙا.
آءٌ وهنديئي وري وڃان جئن ٿئيم نه ويرم ڪا،
ڪيم جي حضرت ڪريم سان، اهي قول نه ٿين ڪوڙا،
تيلاهون ڏڪي منهنجو ڏيل ٿو، ڪنبي ڪاتي کان،
بيشڪ هنن ببن مان وهنديئي وات ڪڍيا،
اسين به هلون اوڏهين، آهه جا ڏي رسول الله،
هل سونهين ٿي سردار ڏي، تون ڇوهي ڇوهه منجها،
متان سچي رسول تي، ماري ڪندو هجي ڪاوڙ ڪا.
هو به اُسهيا اوڏهين، وٺي راهه رميا،
داخل ٿيا درٻار منجهه، حضرت حضورا،
آهو اُتي اچي، قدمن تي به ڪريا،
چُمن چپڙن سان پيا، ٿا قَدم ڪريم جا،
ماري ڏسي معجزو، آندو ايمانا،
سهي سڃاتم تو کي، اُمت اوجارا!
هاڻي حضرت هرڻيءَ کي ڏيو، موڪل موچارا!
وڃي تڳائي پنهنجا، ڀلي ٻاجهه منجهئون ٻچڙا،
جيڪي سام سيّد جي پيا، سي ڇيهن کان ڇٽا،
آهن اهل بهشت جا، ڪلمون جي پڙهندا.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو
(چيل مينهين جو )
سارهه ڪيان تنهن جي سدا، جنهن علم ڪيو جڳ کي عطا،
عرش، ڪرسي، ڀُون، فلڪ، باري ڪئي ڪُل جي بَنا،
ٻيو ڏسڻ ۾ جو اچي، هڪ هڪ اندر تنهن جي ثنا،
لک ڪروڙن کؤن مٿي، هن ڏيپ ڏاتر جي ڏنا،
تنهن ڪيو پيدا محبت مؤن محمّد نامور.
ٿيندو آخر سو اُمت جو، ڏينهن محشر جي شفيع،
ختم الرّسل، خير البشر، رهبر آهي راهه جو رفيع،
عرشن مٿي اعليٰ قدر، معراج جي مجلس مُطيع،
مشڪل مهل سڀڪنهن مٿي، ورنهه آهي ڪُل جو وسيع،
آهي اُمت تنهن آسري، بيشڪ ٿيندو اچي بارور.
هڪ ڏينهن ٿيا راحم روان، ڪنهن سير جو سعيو ڪري،
ويل تنهن تعجيل مؤن، مشفق کي ڪو سڏڙا ڪري،
دانهان ڪري پيو درد جون، ۽ ٿو روئي ڪيهان ڪري،
ڪيهن مٿي ڪاهي ويو، سو پنڌ اڃا ٿورو پري،
دلبر ڏٺي نئي دام ۾، هرڻي ٻڌل تنهن تاجور.
ڪاهي ٿيو اوڏو، اچي هرڻي ڏٺي هادي جڏهن:
ٻيڪان منهنجون ٻاجهئون ٻڌي، واهر ٿيو آهين تڏهن،
ههڙي مهل کؤن پوءِ سڄڻ! تو ڪم ايندي مون کي ڪڏهن،
ظلم جي زنجير ۾ ورتل نه ٿئي شل ڪو ڪڏهن،
عاجز آهيان احمد اَجها! منهنجي اچي ڪا ماڙ ڪر.
هو ٿا ڏسو جو آ سُتو، مارِي اِهو منهنجو اَجل،
جنهن مهل ملحد جاڳيو، ڪُهي ڪندو مون کي قتل،
ٻچڙا بکيا ٻيڪون ڪندا، آ حال جي جِن کي نه ڪل،
تيسين ٿيون ضامن اوهين، جيسين پوي ڪو پهر پَل،
تان کير ٻچڙن کي ڏيان، سمهيل ڪن ڪو من ثمر.
سيّد ڪڍي ترتئون ڪئي، ڦاهيءَ منجهئون هرڻي ڦٽي،
وئي هلي وهندئون اُها، دامن ڪيس دلڙي کٽي،
دام جي دڙڪي هئي، لَنءُ لَنءُ انهيءَ جي ڄڻ وَٽي،
پهتي ٻچن وٽ جلد، ڄڻ پِيتل هُيس وِههَ جي وٽي،
عاجز ڏسي اڳيئون پڇيس ٻچڙن، اَما! ڪا ڳالهه ڪر.
ڪهڙي سبب ههڙي قدر، ڪيئي حال پنهنجو بيقرار؟
آهون ڪندي عاجز اچين ٿي، ۽ روئين رت زار زار،
ساهه جا سُڏڪا ڇڏي ڏي، آب اکڙين ڪين هار،
سور سڀ پنهنجو اسان کي اي اما! ڪر آشڪار،
دل جهلي، دانهان ڇڏي، ڏَس تان پوري پوري خبر.
هرڻيءَ چيو هڪدم، ابا! مون کؤن سگهو موڪلائيو،
موت اڄ مهمان منهنجي سر مٿي تي آئيو،
کير پي خالي ڪريو ٿڻ، تَن سان تَن کي لائيو،
ماريءَ قهر جي دام ۾، دولاب سان ڦاسائيو،
آيس ڏسي عربي اَجهو، ضامن اوهان وٽ زوروَر.
دام مان آجو ڪيو جنهن، آهيون تنهن سام ۾،
ٿو رسي سيّد سچو، مشڪل سندي ڪُل ڪام ۾،
انجام کؤن اوري نه ٿيان، من ڪو لڪائن مام ۾،
لَک لَک سندن ٿيا معجزا، مشهور اهڙا عام ۾،
جُود ڪيو تان جلد ٿيان، نئي پيش پانَو وٽ پڌر.
اهڙا حرف ٻچڙن ٻڌي، ڪيهون هيڪاري ٿي ڪيون،
اهڙو ڏنئي ضامن امڙ! اسين کِير تنهنجو ڪئن پيون؟
تو کؤن سوا هن رُڃ ۾، ڪائِي نه وَس ڪئن ٿا جِيون!
هي سِسيون پڻ ساڻ تنهنجي، پيش پانَو وٽ نِيون،
ڏينهن هڪ جو کير تنهنجو، ڪئن ڪندو ڪهڙو ثمر.
بر هن بيبان ۾ ڪئن ٿئي اسان کان هي سهڻ،
روهه ۾ هيڪل رهڻ، هڪ ڏينهن به ٿئي اَهنجو هئڻ،
تو سوا ٻيو ڪم نه ڪنهن جو، ريءَ سڏئي ساران لهڻ،
اهو قبولڻ کؤن ڀلو، ماريءَ سندو ڪاتي ڪُسڻ،
مَن ڪري سيّد سچي کي، ٻاجهه ٻچڙن جي اثر.
هُت اُٿي ماريءَ پڇيو، مرسل مٺي منٺار کؤن،
ڪير آهين؟ سيڙيئو آهين هتي ڪنهن ڪار کؤن؟
دام ۾ هرڻي هئي، جا مون وڌي درڪار کؤن،
ڏَس مون کي، سُڌ سَل سچي، تو ڇو ڪڍي هن ڄار کؤن؟
وارث ڏني ورندي وري، مشڪلڪشا تنهن مانِورَ.
آءٌ پيار ربّ جو، آهيان اَجهو آخر زمان،
مون ڇڏي هرڻي آ ڇوڙي، ويٺو رهه تون بيگمان،
موڪل وٺي مون کؤن وئي چي، ڦر ڌارايو ٿي اچان،
دم انهي هِت ٿي اچي، ويسهه رکي ويهه تون اَڃان،
ماريءَ چيو، هن جانور جي ناهي ڄڻ تو کي خبر!
ڪئن اچي موٽي وري، حيوان ساڳئي ماڳ تي؟
تون ڌتارين ٿو اسان کي، ڪوڙ جي هن راڳ تي،
دام جي دڙڪي ڊنل، موٽٖي نصيبن ڀاڳ تي!
وس چرڻ ڄڻ وئي آهي، موٽي اچي جو سانگ تي!
ٿو ڪرين اهڙا اجايا هي اسان سان ڇو مڪر؟
هئا انهيءَ گفتي اندر، هرڻي ڏسڻ ۾ آئِيُنِ،
ٻچڙا ٻئي ٻيڪون ڪندڙ، رَنج موت جي رَنجائِينِ،
ٿڻ ڀريو ائين ٿي اچي، ٿا ڪين تنهن کي ڌائينُ،
قوت تن جو وِهه پيو، ٻيو ماءُ جي غم گهَائِيُنِ،
ڪاڻ هڪ جي ٿي ڏٺو ڀؤ، ڪاڻ ٻئي جي ڄڻ سقر.
هرڻيءَ سندي ماريءَ مٿي پئجي نظر جنهن مهل وئي،
ڦڦڙن سندس ڦرڪو وڌو، جيرن اچي جنبش ڪئي،
سِر رکي سيّد اڳيئون، پيرن تي برين جي پئي،
يا سچا سردار! تو کي ڇا ٻڌايان حال چئي،
اي وسيلا واهرو! واهر مون سان هن مهل ڪر.
توکؤن سوا ٻيو ڪير، جو ياور يتيمن جو ٿِئي،
هِيڻن سندو همراهه آهين، تون اُٿاريندڙ پِئي،
موت کؤن مون کي بچاءِ، سرورا! ماريس سِئي،
ڪير لهندو ڪل ٻچن جي، مصطفيٰ! منهنجي وئي،
نرمل! ڏسي ننڍڙن ٻچن، نالي خدا جي ڪر نظر!
احمد اَجهي، سرور سچي، تنهن مهل ماريءَ کؤن پڇو:
غرض ڪهڙو آهي تنهنجو، پنهنجو مطلب ڪُل ڪُڇو،
جي گهرين منهنجو لحم، تان لاهي وٺ سو اڻ پڇو،
جي گهرين قيمت، ته هن جو ڏيپ ڏيان تو کي اَڇو،
هاڻي چئو جئن تون چوين، جيڪي چڱو ٿئي سوئي ڪر.
دامي عجب آڻي پڇيو، مون سان ڪيو اڳ ۾ بيان،
ڪهڙو سبب، جو قياس آ تو کي مرن تي مهربان؟
جو اچن انجام تي، تون ڏَس ته پوءِ ورندي ڏيان،
حيرت آهي هن حال تي، جو مون ڏٺو آهي عيان،
تون نبي يا اولياء، يا سحر جو ٿيو اِي اثر.
پوءِ پاڻ پيغمبر چيو، تنهن دام جي دربان کي:
آءٌ پيغمبر آهيان، پنهنجي ڪَڙهِين جي مان کي،
جٖي ڦٽي هرڻي ڪرين، ويساهه ڏئي ايمان کي،
۽ پڙهين ڪلمون مٿي مون، دل ۾ رکي اسلام کي،
دفع دوزخ تو ٿئي، جو سخت آ ڏاڍو سقر.
پوءِ اچي ماري پيو، پيرن پرينءَ جي تي ڪِري،
آءٌ تنهنجي دين جي دامن اندر آيس گهِري،
جيڪا عمر باقي اٿم، مان ڪينڪي ويندس ڦِري،
لڙهه لڳس لائق! اوهان جي، هت ويم دلڙي هِري،
ڪَيُم ڦٽي هرڻي، وڃي سو جاءِ پنهنجيءَ جانور.
ارشاد ڪيو تڏهن نبي، ڪلمون پڙهيو ڪافر ڪَٽي،
آزاد ٿيو سو ڪُفر کؤن، سيّد ڪڍيس ٻاهر سَٽي،
داخل اچي ٿيو دين ۾، ٻوٽيل ٻئي اکيون پَٽي،
ڌاڳا جَڻيا سڀ پٽي، ٽوڙي ڇڏيائين ڀُونٌ ۾ لَٽي،
هيءُ مصطفيٰ جو معجزو، مشهور ٿيو مُلڪن اندر.
لک صلواتون پڙهج ”مينهان“ تون محمّد ڄام تي،
جنهن ڪيا احسان آگي، جي اَمر سان عام تي،
سي ٿين آجا، پڙهن ڪلمون جي محمّد ڄام تي،
مهر ٿئي مرسل مِڙن مهندار! هن پينام تي،
ٿو مڱان تو کؤن اَجهو، يا شافعِ روزِ حشر.
لا الہٰ الا الله محمد رسول الله
|