سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :8

 

شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ (1853ع  1929ع)

تعارف

مرزا قليچ بيگ 1853ع ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ فريدون بيگ ميرن وٽ مسلمان ٿيو ۽ اُتان ئي شادي ڪئي ۽ کيس ست پٽ ٿيا، جنهن ۾ مرزا قليچ ٽيون نمبر هو، پاڻ فارسي، عربي، سنڌي ۽ انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪيائون. سنڌ ۾ مختيارڪار ٿي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي رٽائرڊ ڪيائون. سندن وفات 1929ع ۾ ٿي.

ناول نگاريءَ جو باني

مرزا صاحب سنڌي ادب جو بهترين ناول نگار، ناٽڪ نويس، سوانح نگار، مضمون نگار ۽ شاعر هو. پاڻ پهرين طبعزاد ناول ”دل آرام“ لکيائون.

مرزا صاحب جا ناول سنڌي ادب ۾ تمام سٺي حيثيت رکن ٿا. پاڻ بهترين ترجما ڪيائين ۽ ڪيترائي طبعزاد ناول لکيائين. سندن ٻئي نمبر تي مشهور طبعزاد ناول ”زينت“ آهي. اڄ کان تقريباً سؤ سال اڳ جو لکيل ناول آهي، جنهن جا ڪردار مستقل مزاج، برجستا ۽ ارادي جا پڪا آهن. ايترا ته محب وطن آهن جو انگريزن جي لالچ طور ڏنل نوڪريءَ کي غلامي ٿا سمجهن. هي سنڌيءَ جو ڪلاسيڪل ناول آهي. انگريزن جي وقت جون اقتصادي ۽ سياسي حالتون ۽ انهن جو سنڌي عوام سان رويو ناول ۾ واضح بيان ڪيل آهي. فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هيءُ اعليٰ درجي جو ناول آهي. هيءُ ناول ناٽڪ جي صورت ۾ ٻه دفعا پاڪستان ٽيليويزن تان پيش ڪيو ويو آهي. 1890ع جو لکيل هيءُ ناول گهريلو ماحول، معاشري جي چڱاين ۽ اوڻاين جو بيان آهي. مرزا صاحب جي ناول نگاريءَ ۾ سهڻي سيرت نگاري، اعليٰ فطرت نگاري، موضوع آهر گفتگو ۽ بهترين طرز تحرير نمايان آهي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب جن جي چوڻ مطابق ”مرزا صاحب سنڌي ادب جي نشيلي نار جي نڪ جي نٿ آهي، سنڌي نثر ۾ مرزا صاحب جن قلم جون جيڪي جولانيون ڏيکاريون آهن، تن سنڌي نثر جو ڳاٽ اوچو ڪيو. ذهن جي اهڙي يڪ مرڪزيت سان سنڌي ادب ۾ اٿل آندائين جو کڏون کوٻا، ڊٻون ڊاکا ڀري سڪل ڀونءِ کي آب اُڇل سان لاهو لاه ڪري ڇڏيائين.“ (سنڌي ادب جي تاريخ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو).

طرز تحرير

مرزا قليچ بيگ جن ڄمندي ڄام هئا، کين ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو. ان ڪري لکڻ پڙهڻ کي ئي زندگيءَ جو حاصل سمجهيائون ۽ ادب جي بي انتها خدمت ڪيائون. خاص طور نثر جي شعبي ۾ ته کين ”سنڌي نثر جو ابو“ چوندا آهن. سندن نثر دلڪشيءَ ۽ روانيءَ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. امام غزالي ۽ نصير الدين طوسيءَ جي ڪتابن جا ڪيميائي سعادت ۽ اخلاق ناصري نالي سان ترجما ڪيائون. تاريخ ۽ تحقيق ۾ ”چچ نامي“ ۽ ”قديم سنڌي“ جو ترجمو ڪيائون. مرزا صاحب کي ڪافي ٻولين تي عبور حاصل هو، ان ڪري ڪئين ڪتاب ترجمو ڪيائون.کين بهترين مترجم چيو ويندو آهي سندن ترجما سهڻي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ آهن. شيڪسپيئر جي سمبلائين ڊرامي کي شمشاد مرجانه ۽ ٽو جينٽلمين آف ويرونا کي عزيز شريف،روميو جوليٽ کي گلزار ۽ گلنار هئمليٽ کي انگريزي مان شهزادو بهرام نالي سان سهڻي ۽ سولي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون. King Lear کي ”شاهه اليا“ ۽ مرچنٽ آف وينس کي حسنا دلدار جي نالي سان ترجمو ڪيائون.

مضمون نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. Dispersed Meditation کي ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جو بنياد وڌائون. اهي 58 مضمون جيڪي فلسفيانه آهن، فرانسس بيڪن 28 سالن ۾ لکيا ۽ دنيا ۾ مضمون نويسيءَ جو بنياد آهن، سي مرزا صاحب ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ آندا. جيئن مرزا قيلچ بيگ جي وقت ۾ هندو اديبن جي گهڻائي هئي ۽ اهي تمام سٺو لکندا هئا، پر سندن سنڌيءَ ۾ هندي لفظ گهڻا هوندا هئا. مرزا صاحب جن نج سنڌي ٻولي پهاڪا ۽ اصطلاح ڪتب آڻي سنڌي ٻوليءَ جو شان برقرار رکيو. جيئن ”زينت“ ۾ ”کير کنڊ ٿيڻ“، ”وات وڪيل هئڻ“، ”هانوَ تي ڇنڊو پوڻ“ وغيره.

علمي ۽ ادبي خدمتون

سنڌي ۾ ناٽڪ نويسيءَ ”ليليٰ مجنون“ ڊرامو لکي ڊرامي جي صنف کي متعارف ڪرائڻ سندن ڪمال آهي. جملي 400 کن ڪتاب لکيائون.

سنڌي ادب ۾ پاڻ سڪار جي نشاني آهن، نثر کان سواءِ شاعريءَ تي به سٺي طبع آزمائي ڪئي اٿن. خاص طور غزل کي قيلچ ۽ سانگيءَ نئون موڙ ڏنو آهي. رواني ۽ دلڪشيءَ جي لحاظ کان سندس تحريرون ۽ شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مشهور ڪتابن ۾ شاهه ڀٽائيءَ جو احوال، رسالاءِ ڪريمي، حسنه دلدار، گلن جي ٽوڪري، Up from the slavery غلاميءَ کان مٿي چاڙهو وغيره اچي وڃن ٿا. کيس ”قادر الڪلام“ شاعر چوندا آهن، پاڻ بهترين افسانه نگار هو. سندس مشهور افسانه ”شريف بيگم“، موهنيءَ جي ڊائري، گهر جي ڇڪ آهن. ناٽڪ نويسيءَ ۾ سندن خدمتون ناقابل فراموش آهن. پهريون سنڌي ناٽڪ ”ليليٰ مجنون“ ۽ 1885ع ۾ ”خورشيد“ ان کان پوءِ گل شيرين فرهاد ۽ موهني سندن مشهور ڊراما هئا. سندن ڪلام ”ديوان قليچ“ 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ان کان سواءِ ”رباعيات عمر خيام“ موتين جي دٻلي، املهه ماڻڪ، ”مثنوي ڪشف اعجاز“ سوداي خام ٻه ڀاڱا، سندن مشهور ڪتاب آهن.

محشر ۾ اچن سڀ کڻي تحرير بغل ۾،

اچان آئون کڻي، دوست جي تصوير بغل ۾.

سندن شعر لفظن جي سهوليت، وزن، آسان طرز، ادا سلاست ۽ روانيءَ سان سينگاريل آهن، کين سال 1924ع ۾ سرڪار طرفان ادبي اعزاز ”شمس العلماءَ“ جو خطاب مليو، مرزا قليچ جي وفات 72 سالن جي عمر ۾ 3 جولاءِ 1929ع ۾ ٿي.

دلبر اچي ڪو ڏيج دلاسو قليچ کي،

محبت ۾ تنهنجي محب مٺا پيو مري.

مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب ۾ ناول نگاريءَ جي بنياد آهن، پاڻ انگريزي ادب جا بهترين ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون، کين انگريزيءَ تي مڪمل دسترس حاصل هئي، ان کان سواءِ سنڌيءَ ۾ خالص سنڌي ماحول تي به ڪئين سنڌي ناول لکيائين کين سنڌي ادب جو باني ناول نگار سڏيو وڃي ٿو. سندن مشهور ناولن ۾ دلارام، زينت، گلن جي ٽوڪري، دلبر نينگر، غلاميءَ کان مٿي چاڙهو، ڪامل انسان، رابنسن ڪروسو”گليور جو سير ۽ سفر“ وغيره اچي وڃن ٿا.

 

 

 

 

محمد عثمان ڏيپلائي(1908ع – 1981ع)

تعارف

محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي ادب جو هڪ ناميارو نانءُ آهي سنڌي ادب لاءِ سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ناقابل فراموش آهن، هڪ بي باڪ صحافي سچو ۽ کرو نقاد، روشن خيال، ترقي پسند، محب وطن ۽ بهترين ناول نگار هو. مضمون نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، سندس تحرير دلڪش ٻولي سولي ۽ سليس آهي، سندن تحريرون منفرد طرز جي لحاظ کان اعليٰ ۽ اُتم آهن.

ڏيپلائي صاحب 1908ع ۾ ٿرپارڪر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڏيپلي ۾ جنم ورتو، سندن وفات 1981ع 7 فيبروريءَ تي 73 سالن جي عمر ۾ ٿي. ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوقين هو بنيادي تعليم ڏيپلي مان حاصل ڪيائون پر ڪجهه مجبورين جي ڪري اڳيان انگريزيءَ جي تعليم حاصل ڪري ڪونه سگهيا. اڳيان هلي 60 سٺ سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ ڪيائون، سنڌي، عربي، فارسي ۽ اردو تي عبور حاصل هئن، سندن لکيل مضمونن ۽ خطن ۾ فارسي ۽ اردو شعرن کي ڏسي خبر پوي ٿي ته کين فارسيءَ ۽ اردوءَ جي سٺي ڄاڻ هئي ۽ عربيءَ جي سٺي ڄاڻ سبب پاڻ قرآن پاڪ جو ترجمو سنڌيءَ ۾ تمام سٺو ڪيائون. اديب فاضل پڻ پڙهيل هئا ۽ هندي، گرمڪي ۽ گجراتيءَ پڻ ڄاڻندا هئا، پاڻ گهڻو لکندڙ ۽ گهڻو پرهندڙ بي باڪ صحافي ۽ ليکڪ هئا.

علمي ۽ ادبي خدمتون

ڏيپلائي صاحب ادب ۾ هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ ”مقصدي ادب“ تخليق ڪيو ڏيڍ سئو کان گهڻا ڪتاب لکيائون، پنج سئو کان به وڌيڪ مضمون لکي مضمون نگاريءَ ۾ بهترين اضافو ڪيائون، سندن پهريون مضمون اردو رسالي”مناديءَ“ ۾ ڇپيو، مضمونن جي ٻولي عام فهم سليس ۽ منفرد هئي. آتم ڪهاڻي ۽ خط نويسيءَ کان لطيفيات، نفسيات، تاريخ، لسانيات ۽ دينيات جي حوالي سان اهم ڪم ڪيائون. سندن ادبي خط جيڪي پاڻ جي ايم سيد، شيخ اياز، ابراهيم جويي، طارق اشرف ۽ ٻين ڪيترن اديبن کي لکيا وڏي اهميت جا حامل آهن، انهن ۾ اردو ۽ فارسي شعر موقع مهل مطابق برجستائيءَ سان استعمال ٿيل آهن، لطيفي شعرن سان سندس شاهه ڀٽائيءَ سان عقيدت ظاهر ٿئي ٿي، شاهه جو رسالو مڪمل ۽ ٻيو پاڪيٽ سائيز لکيائون.

مذهبي ادب

ڏيپلائي صاحب جن گهڻو مذهبي ادب ترجمو ڪيو، جنهن ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو آهي، ان کان سواءِ ٽيهن کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا اٿن، جن ۾ جهاد، حج، روزي، زڪوات ۽ ڪلمي جي باري  ترجمو ٿيل ڪتاب ۽ مولانا مودوديءَ جي به ڪتابن جا ڪئين ترجما شامل آهن، قران پريس 1942ع ۾ قائم ڪيائون ۽ هن پريس ۾ مذهبي ڪتابن جي اشاعت ٿيندي هئي.

افسانه نويسي ۽ ناٽڪ نويسي

اديب حساس هئڻ جي صورت ۾ پنهنجي آس پاس جي حالتن ۽ ماحول کان عام ماڻهن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي ۽ پنهنجي سوچ ۽ اٽل ارادي سان ماحول ۽ سماج جي اوڻاين ۽ چڱاين کي وائکو ڪندو آهي، ڏيپلائي صاحب هڪ بهترين مشاهدي ۽ حافظي وارو ليکڪ هو(سندس جيل جا مشاهدا) سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا جيڪي افسانوي انداز ۾ لکيل آهن، پاڻ پهريون سنڌي افسانو ”چنڊ سهڻو يا انسان“ لکيائون جيڪو 1927ع ۾ ڇپيو، اهو دور افسانه  نويسيءَ جو ابتدائي دور هو ان کان پوءِ بي حساب افسانا لکيائون. سندن افسانن جا 14 مجموعا آهن جن ۾ مرشد جي پڳڙي، مرشد جون ٽنگون، آخري سبق، مسلمانن جو بادشاهه وغيره شامل آهي. ڪافي ڊرامه لکيائون جنهن م ڪورٽ ناٽڪ، آزاد چوند، ڏڪار، سجائي موڙي، ڪانگريس ۽ شاهدي مشهور آهي، شاهدي ڊرامو پنهنجي وقت ۾ هندوستان ۾ اسٽيج تي پيش ٿيو ۽ سنڌ ۾ ناٽڪ نويسيءَ جي سئو ساله جشن ۾ اسٽيج ڪيو ويو هو. مرزا قليچ بيگ سنڌيءَ ۾ ڪئين ڊراما لکيا پر انهن ۾ گهڻا شيڪسپيئر جي ڊرامن جا ترجما هئا، باوجود بهترين ترجمن جي انهن ۾ انگلستان جي ماحول ۽ منظر نگاريءَ جي ڪجهه جهلڪ آهي پر محمد عثمان ڏيپلائي جا ڊراما طبعزاد هوندي سنڌي ماحول ۽ سماج جي ڀلي ڀت خبر ڏين ٿا، جنهن ۾ سنڌ جا اهم مسئلا پيش ڪيل آهن.

ناول نويسي

محمد عثمان ڏيپلائي سنڌي ادب جي بهترين ناول نگارن ۾ شمار ٿئي ٿو، پاڻ ان وقت ناول لکيائون، جڏهن هندستان ۽ پاڪستان جي آزاديءَ جي هلچل عروج تي هئي. ڏيپلائي صاحب گهڻو لکندڙ ناول نگار هو، جيئن ته ويهين صديءَ جو اڌ ناول نگاريءَ جو مشهور دور شمار ٿئي ٿو، هن دور ۾ ڏيپلائي صاحب جا ناول برسات وانگر وسڻ لڳا ۽ اهي تاريخي، سياسي ۽ سماجي ناول پڙهي وار ڪانڊارجي ويندا هئا، کين جذبات نگاري، منظر نگاريءَ ۾ ملڪو حاصل هو، طبعزاد ناولن ۾ سندس ڪوبه ثاني نه هو، جيئن ته ناول زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو ۽ ناول نگار لاءِ زندگي جا سڀ رخ اهم هوندا آهن. ناول ڪهاڻي جو موضوع، پلاٽ، ڪردار نگاري، منظر نگاري، ماحول ۽ واقعات تمام اهم جزا هوندا آهن.(ناول ۾ ڪجهه داستان گوئي پڻ اچي وڃي ٿي) ڏيپلائي صاحب کي داستان گوئيءَ ۾ پڻ ملڪو حاصل هو، کين تاريخ سان گهڻي دلچسپي هئي، ان ڪري تاريخي ناول بي حساب لکيائون، تاريخي ناول لکڻ مشڪل مرحلو آهي، سندس مشهور ناولن ۾ نور توحيد، فتح اسپين، عصمت جي قيمت، بغداد جو چور، آخري امدا آهن.

سانگهڙ

جڳ مشهور انعام يافته ناول ”سانگهڙ“ بهترين ناول آهي، جيڪو ”پاڪستان رائيٽرز گلڊ“ جي طرفان انعام يافته ناول آهي، جيڪو تاريخي ناولن ۾ گرانقدر حيثيت رکي ٿو. انگريز جي دور جي ظلمن ۽ حرن جي تحريڪ کي ڏيپلائي صاحب جي قلم جيڪا جلا بخشي آهي سا قابل تحسين آهي، پاڻ هميشه لاءِ انهن واقعن کي امر ڪيو اٿن. هيءُ ناول تاريخي ۽ سياسي آهي، جنهن جو موضوع تمام اهم آهي، ڪردار نگاري لازوال آهي، مائي ”بصران“، مائي ”عاقل“، مائي”جادو“ بيگوءَ جا ڪردار هجن يا سنڌي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن خانبهادر الهه بخش، سر غلام حسين ۽ سيٺ سيتلداس پاڻ سڀني ڪردارن کي سهڻي نموني نڀايو اٿن. ڪردار نگاري ناول جي روح آهي، قاري ڪردارن جي شخصيت جي سحر ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ سٺي ناول ۾ ڪردار نگاري هڪ اهم خوبي هوندي آهي. ”سانگهڙ“ ناول ماحول ۽ واقعاتي لحاظ کان پڻ اهم آهي.(سنڌ جا سڀ اهم ڪردار جيئن خان صاحب، آفيسر، ڪمشنر، پوليس وارا، ڪڙمي، ڪاسبي، سنڌي وڏيرا ۽ عام سنڌي عورتن جا ڪردار اهم آهن. سندس ڪردارن جون سورميون شاهه جي سورمين وانگر سٻاجهيون، بهادر، باهمٿ ۽ بدلي جي آڳ ۾ پروانن وانگر پنهنجي گهوٽن ۽ گهرن تان سڙي ٻري پاڻ قربان ٿيڻ واريون آهن.(حميد سنڌي – ناول سانگهڙ هڪ نظر ۾)

سانگهڙ ناول ۾ سنڌ جو مجاهد پير صبغت الله راشدي پاڳارو جيڪو حر تحريڪ جو اڳواڻ آهي اهم ڪردار آهي، جن کي ڌرتيءَ جي آزادي جي تحريڪ جي پااش ۾ ڦاسي ڏني ويئي، سانگهڙ ناول لاءِ ڏيپلائي صاحب جي ذاتي راءِ آهي”ته جيل جا سي ڪلاس جا چاليهه ڏينهن مون سجايا ڪيا جو قوم کي سانگهڙ جهڙو ناول ڏنم.“سندن صبر ۽ توڪل جو اهو عالم هو جو جيل کي به خدا جي طرفان نعمت سمجهيائون جو کين جيل ۾ شاهڪار ناول سانگهڙ لکڻ جي توفيق ملي.

هونئن به جيلن ۾ دنيا جو بهترين ادب تخليق ٿيو آهي، ڏيپلائي صاحب جن کي جيل ۾ جيڪي ساڻن گڏ ڪجهه حر قيدي هئا انهن مان ڪافي تفصيلي معلومات حاصل ٿي، سندن مطابق ته انگريز حرن کي ڌاڙيل سمجهندا هئا. جڏهن ته هو محب وطن سنڌ لاءِ وڙهي رهيا هئا، مون پنهنجي ناول ۾ انهيءَ حريت پسنديءَ کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندن مشهور ناول ”1857ع جي جنگ آزادي“ هو جنهن جون ان وقت ۾ ٽي هزار ڪاپيون وڪاڻيون هن ڪتاب تي به پابندي عائد ڪئي وئي هن ڪتاب جو موضوع پڻ تمام اهم هو.

قومي آزاديءَ تي ناول

قومي آزادي تي ناول جيئن شير ايران، غازي مصطفيٰ ڪمال، جپاني گڏي(ترجمو) غازي انور پاشا، ڪنول ڪلي، سمرقند جو صوف (4 حصا) سِسي نيزي پاند(روسي ترجمو) سوڊان جي سونهن، مجاهد ڪشمير، ڪوريا جي ڪنوار وغيره شامل آهي، اسلامي تاريخي ناولن ۾ حيدر علي، شوڪت اسلام، جلوه اسلام، فتح ايران، سنگدل شهزادي، احمد شاهه ابدالي، حور بغداد، غازي اورنگزيب، چين جو چنڊ، غازي محمود غزنوي، فتح المقدس، انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان وغيره شامل آهن. ڪل اٽڪل ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل سئو کن ناول لکيائون”سنگدل شهزادي“ سندن پهريون ناول هو، نور توحيد هڪ بهترين ترجمو ٿيل تاريخي ناول آهي، جيڪو سيرت نبي صلي الله عليه وسلم جن جي پس منظر ۽ اسلام جي آمد جي پس منظر تي لکيل آهي نياڻي کي زندهه پورڻ جي رسم جي خلاف آهي، هيءُ ناول اوليا پرستيءَ جي خلاف هڪ اهم ڪارنامو آهي.

نور توحيد

نور توحيد ناول جي ٻولي سليس ۽ سندس ترجمو باڪمال آهي، منجهس موقعي مهل سان قرآن پاڪ جون آيتون ۽ انهن جو ترجمو پڻ ڏنل آهي، سنڌ جي منافق سياستدانن ۽ وڏيرن تي لعنت ۽ ملامت ڪيل آهي. هن ناول ۾ جيئري پورجي ويل سلميٰ ۽ سندس ماءُ جا ڪردار اثر انگيز آهن، هيءُ هڪ ڪامياب ناول آهي،”سنڌي ادب ۾ تاريخي ناولن جي کوٽ کي هندستان توڙي پاڪستان ۾ ڏيپلائي صاحب پورو ڪيو آهي“. (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ناول نور توحيد- جائزو)

آخري ناول ”انقلاب ايران“ هو جيڪو به ضبط ٿيو سندن ڪئين ڪتابن تي حڪومت طرفان پابنديون پيون جن ۾ ناولن جو تعداد وڌيڪ آهي، ڏاهري رنگ محل، امڙ انقلاب ايران، شيخ المشائخ، جپاني گڏي، انور پاشا وغيره.

شيخ اياز سندس ادبي ڪاوشن کي هن ريت خراج تحسين ڏنو آهي، سندن چواڻي مطابق منهنجو هيءُ شعر منهنجي محسن ڏيپلائي جي شخصيت جي عڪاسي ڪري ٿو؛

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،

جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.

ورهاڱي وقت ادب ۾ هڪ اهم اٿل آئي، سياسي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ جي ڪري نوان موضوع سياست، اخلاقيات ۽ مذهبي آزاديءَ جي تحريڪ جي اوٽ ۾ پيش ٿيا. جن ۾ تاريخي ناولن ۾ ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي مذهب جي واکاڻ ڪئي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪٽر هندوئن طرفان ”مغل رنگ محل“ جي جواب ۾ ڏيپلائي صاحب ”ڏاهري رنگ محل“ لکيو هو، جنهن ۾ هندو راجا ڏاهر جا پول پڌرا ڪيا ويا هئا، مذهبي فساد جي انديشي تحت اهو ناول سرڪار ضبط ڪيو. ڏيپلائي صاحب مڪمل مذهبي ماڻهو هو، جنهن عوام جا ٽي دشمن صحيح نموني سان سڃاتا، وياج خور هندو، ظالم زميندار، ڪٽر ملان ۽ پير، سندس تحريرن ۾ وطن جي حب، مذهب جي حفاظت ۽ مظلوم عوام جي مدد ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

کيس انگريز سرڪار کان پوءِ پنجابي سنڌ جا غاصب لڳا، جن ون يونٽ جي آڙ ۾ سنڌ کي ڳڙڪائڻ ٿي چاهيو پاڻ عبرت اخبار ۾ ون يونٽ جي خلاف تمام سٺو لکيائون. سنڌي زبان کي جيئارڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائين. ”شريف تعليمي ڪميشن“ جي خلاف ڏيپلائي صاحب جا ايڊيٽوريل اهم حيثيت رکن ٿا. ”مادري زبان جي تعليم جي حق ۾“، عظيم پنجاب جو نذرانو“، ”هيبت ناڪ انڪشاف“ ۽ ”سنڌ جون رڙيون“ اهي ايڊيٽوريل هئا جن اخبارن ۾ هلچل مچائي ڇڏي.

غلام رباني آگري جي چواڻي مطابق ٽن شخصيتن سڄي عمر سنڌ سنڌ ڪئي، انهن ۾ جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي آهن.

هن بي باڪ ۽ نڊر صحافي ۽ ايڊيٽر پنهنجي پريس بي خوفيءَ سان 30 سال هلائي ۽ ٽي دفعا جيل ويو، ڪيترا ڪتاب ضبط ٿيس، پهرين ”عبرت“ پوءِ ”انسان“ ۽ ان کان پوءِ ”سنڌ ٽائيمس“ اخبارون ڪڍيائون، ڪئين رسالا ۽ ڊائجسٽ سنڌي ادب جي زينت بڻايائين. محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي ڪيترائي ادبي انعام سندس تصنيفات تي مليا ۽ مٿن گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، سندن نياڻي ڊاڪٽر ثريا سوز ڏيپلائي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، جنهن جو موضوع ”محمد عثمان ڏيپلائي جي شخصيت ۽ تحريرن جو سنڌ جي سماجي ۽ ادبي زندگيءَ تي اثر“آهي، سندن فرزند محمد علي ڏيپلائي صاحب جن به سندن ڪتابن کي جيڪي اڻ لڀ ٿي ويا هئا وري ڇپرايو آهي، جنهن ۾ ناول ”سانگهڙ“ ۽ ”قرآن شريف“(سنڌي ترجمي سان) ڇپجي چڪا آهن.

تازو تاج جويو”انسان دوست اديب ۽ بي باڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي باري ۾ اهم شخصيتن جا رايا آهن، جيئن جي ايم سيد، ابراهيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش، امر جليل، سراج الحق، آفاق صديقي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ ليکڪ شامل آهن، ڪتاب ۾ سندن انٽرويو، خط ۽ افسانا پڻ شامل آهن. ڏيپلي شهر جي هن سنڌي ادب جي سرواڻ بي حساب لکيو ۽ ڪئين ادبي فن پارا لکي سنڌي ادب جي جهولي موتين سان ڀري ڇڏيائين.

هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل، هي جهوليءَ جهوليءَ ۾ گل ڦل،

ويا سانول ڇاڇا سڳ ڇڏي، ڇا جندڙيءَ کي جرڪائي ويا!

سنڌي افساني جي اوسر

تعارف

تخليقي ادب جون ڪئين شاخون آهن، جنهن ۾ نثر ۾ خاص طور مضمون، ناٽڪ، ناول ۽ افسانو مشهور آهن، ظاهري طور اهي سڀ صنفون هڪ ٻئي کان جدا هوندي به جدا نه آهن، ايئن آهي جيئن هڪ وڻ ۽ ان جون ٽاريون ان ڪري سندن نالو ئي افسانوي ادب (fiction) آهي.

افسانوي ادب جي دائري ۾ آکاڻيون قصا ۽ داستان اچي وڃن ٿا، جنهن جي ترقي ٿيل صورت ۾ افسانه ۽ ناول اچن ٿا. ”افسانو انساني ڪردارن جو اثرائتو عڪس ۽ بيان آهي“. مختصر هئڻ جي ڪري مٿس گهڻو وقت صرف نٿو ٿئي، افساني پڙهڻ ۾ ٽائيم گهٽ ۾ گهٽ ڏهه منٽ ۽ وڌ ۾ وڌ ڪلاڪ لڳندو آهي ۽ هن ۾ ڪوبه موضوع روحاني يا مادي پيش ڪري سگهجي ٿو، ادب ۾ افسانو ناول ۽ ڊرامي کان وڌيڪ اُسريو آهي.

1947ع کان اڳ جيڪو افسانو هو، اهو معيار ۾ سٺو هوندي به تعداد ۾ گهٽ آهي ۽ ان جو سبب لڏ پلاڻ جي ڪري ڪافي تصنيفات سنڀالجي نه سگهيون. 1947ع کان اڳ ۾ قصو ۽ ناول مروج هئا پر پوءِ افساني جي ترقي ٿي ۽ افسانو سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ۽ ڪامياب صنف ٿي اُسريو.

افساني ناول جي جڳهه ته نه ولاري پر ناول جي لکجڻ ۾ ڪمي ضرور اچي ويئي  هڪ ته ناول نويس هندو اديبن جو لڏي وڃڻ ۽ ٻيو ناول جي ڇپائي جي وڏي خرچ جي ڪري ڪيترن ناول نگارن افسانه لکڻ شروع ڪيا ۽ عوام به معاشي طور ناول کي وٺڻ جي سگهه ساري نٿي سگهيو ڇو جو ملڪ جا معاشي حالات به لڏ پلاڻ جي ڪري متاثر ٿيا. افسانو مختصر ٽائيم ۾ پڙهي ۽ لکجي سگهجيو پئي ان ڪري وقت جي به بچت ٿي انهن سڀني سببن جي ڪري سڄيءَ دنيا ۾ ناول کان افسانو وڌيڪ ڪامياب ٿيڻ شروع ٿيو.

 

 

سنڌي افسانه نويسيءَ جي شروعات (1914ع کان 1947ع)

سنڌي افسانه نويسيءَ جي شروعات مرزا قليچ بيگ جي افساني”شريف بيگم“ کي سڏيو وڃي ٿو.

مرزا قليچ بيگ جن افسانه نگاريءَ کي گهڻي ترقي ڏياري، سندن ٻيا افسانا پاڪ محبت، گهر جي ڇڪ، موهنيءَ جي ڊائري ڪافي مشهور آهي.

1932ع ۾ ”سنڌو“ رسالو جاري ٿيو جيڪو افسانه نويسيءَ جي ترقيءَ لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکندو هو، ترجمو ٿيل افسانن ۾ شيوڪ موٽواڻي، رابندرناٿ ٽئگور جي مشهور گيتانجلي کي ترجمو ڪيو جنهن کي 1913ع ۾ نوبل پرائيز مليو هو ۽ ”ڪائونٽ ٽالسٽاءِ“ جا جڳ مشهور افسانا شيوارام ترجمو ڪيا. ڪلياڻ آڏواڻيءَ (The nightingle and the rose) آسڪروائيلڊ جي مشهور افساني کي ”گل ۽ بلبل“ سان ترجمو ڪيو.

1937ع ۾ عثمان علي انصاريءَ جو مجموعو ”پنج“ نالي سان شايع ٿيو”سنڌو جي اوائلي افسانه نگاريءَ ۾ مرزا نادر بيگ جو نالو قابل ذڪر آهي، جيڪو مرزا قليچ جو فرزند هو، مرزا نادر صاحب جي افسانن ۾ ”موهنيءَ جي دل جو داغ“ ۽ ”مزاحيه افسانو“ ڀاڄائيءَ مضمون لکيو پڻ مشهور آهن، سندس ڪهاڻيون ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپيون هيون جيڪي نصير مرزا مرتب ڪري ”انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جي طرفان ويجهڙائي ۾ ڇپايون آهن.

ٻيو دور 1947ع-1960ع

1947ع کان پوءِ شيخ اياز مبارڪ جي ايڊيٽريءَ ۾ ”اڳتي قدم“ رسالو نڪرندو هو جنهن ۾ ڪافي افسانه نويسيءَ کي عروج حاصل ٿيو.”نئين زندگي“ سماهي مهراڻ سنڌي افسانن کي عروج تي پهچايو ۽ ”سهڻي پبليڪيشن“ کيس وڌيڪ ترقي ڏني ۽ ڪئين مشهور افسانا نويس سامهان آيا.

سنڌي افسانه نگارن ۾ ان وقت ۾ جوش ۽ جذبو اُتم هو، ڪجهه افسانا ناٽڪ جي شڪل ۾ لکيا ويا ۽ ڪئين مجموعا پڻ ڇپيا. هن دور جي سڀني افسانه نگارن هلندڙ دور جي سنڌي ماحول جي بهترين عڪاسي ڪئي آهي ۽ تقريبن هر موضوع تي لکيو آهي، سياسي ، سماجي، اخلاقي قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي هڪ صحتمند انداز فڪر ملي ٿو. فني لحاظ کان اڄ جو سنڌي افسانو بين الاقوامي معيار جي برابري ڪري ٿو، جنهن ۾ (Social Realities) جو سچو پچو عڪس آهي، ليکڪن جو جوش ۽ جذبو مشاهدي ۽ تجربي جي بٺي مان پچي نڪتو آهي، هو پنهنجي چوگرد جيڪي ڏسن ٿا، ان جو جائزو پيش ڪندي پنهنجي فن سان ان کي اجارين ٿا. سڄيءَ دنيا جي افسانه نويسيءَ جا جيڪي به ڍنگ ۽ رواج هلندڙ آهن. سنڌي افسانو اڄڪلهه انهيءَ ئي انداز سان هلندڙ آهي، حيثيت جي لحاظ کان به انيڪ قسمن ۾ سنڌي ڪهاڻي لکي ويئي، هاڻوڪي سنڌي افساني يا ڪهاڻيءَ ۾ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي آهي، مختصر ڪهاڻيءَ کان وٺي طويل ۽ ڊائيلاگ واري ڊگهي افساني تائين سنڌي افساني پاڻ ملهايو آهي.

ڀارت جا ڪهاڻيڪار منگهارام ملڪاڻي جي راءِ مطابق سٺي اتساهه سان لکن ٿا پر وٽن عبارت جي پختگي ڪانهي تنهن هوندي سٺا افسانا سنڌيءَ ۾ ڀارت ۾ لکيا وڃن ٿا، وٽن موضوع جي ڪابه کوٽ ڪونهي. ايشور چند جي ڪهاڻين جو مجموعو سهڻي پبليڪيشن ”اندر جو ڄامڙو“ 1984ع ۾ ڇپايو. موهن ڪلپنا وڏي قد وارن ڪهاڻيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو، هن گهڻا سنڌي افسانا ۽ ناول لکيا جيڪي عوام ۾ مقبول ٿيا، سندن ڪهاڻين جو مجموعو ”اها شام“ مشهور آهي، گوبند مالهي، سندر اتم چنداڻي، رام پنجواڻي، ڪلاپرڪاش، سڳن آهوجا، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ڪيترن هندو ليکڪن سنڌي ادب جي بهترين خدمت ڪئي.

سنڌي ڪهاڻيڪارن سنڌ جي هر مسئلي کي تقريبن وائکو ڪيو آهي، ترقيءَ جي لحاظ کان 1947ع کان پوءِ جو افسانو موجوده دور جو نمايان ترقي يافته افسانو شمار ٿئي ٿو. ورهاڱي جي ڪري ادبي حالتن ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي، اشاعتي ادارن ۽ ادب تي گهڻي ڀاڱي هندون جو قبضو هو ان ڪري ورهاڱي جي ڪري هڪ خال پيدا ٿي ويو، پر پوءِ به مسلمان ليکڪن هن خال کي هڪدم پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ڪري سنڌي افسانه نويسيءَ جو فن ادب جي آسمان تي پوري آب تاب سان چمڪڻ لڳو. 1960ع کان 1990ع تائين سنڌي افساني توقعات کان وڌيڪ ترقي ڪئي، جمال ابڙو، غلام رباني، نسيم کرل، بشير مورياڻي، سراج الحق، شيخ حفيظ،رشيد ڀٽي، اياز قادري، امر جليل، غلام نبي مغل، ع. ق. شيخ، حميد سنڌي، طارق اشرف، ڊاڪٽر نجم عباسي، قمر شهباز، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، شوڪت راهي، ثميره ذرين، جميلا نرگس، مهتاب تبسم قريشي، ليليٰ بانا، خيرالنساءَ جعفري، تنوير جوڻيجو، رشيده حجاب، نورالهديٰ شاهه، مطلب ته لکڻ وارن ليکڪن جي سهڻن افسانن جي برسات هئي جيڪي سهڻي، نئين زندگي ۽ ٻين ڪيترن رسالن ۾ ڇپيا. ترجمو ٿيل افسانن پڻ ترقي ڪئي”ديس ديس جون ڪهاڻيون“ حميد سنڌي ۽ ”سپون“ خليل جبران جي افسانن جو مجموعو پڻ ترجمو ٿيو آهي.”آمريڪي ڪهاڻيون“ سراج ۽ غلام ربانيءَ ترجمو ڪيون، شمشيرالحيدري سنڌي افسانه نويسيءَ جو ”دئوس“ افسانا نگار سڏيو ويندو آهي، عبدالقادر جوڻيجو صاحب ٿري افسانه نويس ڪوٺيو ويندو آهي، ٿر ۽ ٻهراڙي جي منظر نگاري ۽ ٻولي سندس افسانن کي منفرد ڪيو آهي، ڊاڪٽر نجم عباسي جا 15 کان وڌيڪ افسانن جا مجموعا ڇپجي چڪا آهن، صحافت جي ڪري ڪالم ۽ مضمون نويسي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري ناٽڪ نويسي عروج تي آهن، ان هوندي به سنڌي افسانو پنهنجي شان مان سان برقرار آهي ۽ لکيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي افسانه نويسي ۾ ڊاڪٽر نجم کان سواءِ ٻين ڪيترن افسانه نگارن جا مجموعا ڇپيا، جن ۾ ”پشو پاشا- جمال ابڙو، ”آبحيات – غلام رباني“، بلودادا – اياز قادري. اي درد هلي آءُ- سراج ميمڻ، ”سونهن پٿر ۽ پيار- طارق اشرف ٽيون وجود، ”جڏهن مان نه هوندس“- امر جليل“، مهراڻ جون ڇوليون-”ثميره زرين“، ”سنڌو منهنجي ساهه ۾ – امر جليل، ”ڪنول ڪنول شبنم شبنم – نسيم کرل“ ريشمي وار، رات جا نيڻ- غلام نبي مغل، ”سيمي، اداس وادايون- حميد سنڌي“ چونڊ عظيم ڪهاڻيون- طارق اشرف“، چوٽيهون در- نسيم کرل، ”جلاوطن، ڪربلا کان پوءِ“،انڌيون اکيون ۽ خواب – نورالهديٰ شاهه ٻيا ڪئين مجموعا ڇپيا جيڪي مختصر ذڪر ۾ بيان ڪري نٿا سگهجن.

سنڌي افسانه نويسيءَ جا جديد لاڙا؛

اڳئين دور ۾ به سنڌي افساني ۾ ڪئين سياسي سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي موضوع پيش ٿيا، هاڻوڪو سنڌي افسانو پنهنجي دور جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو، معاشري جي انيڪ مسئلن کي پنهنجي ڪردارن جي ذريعي فطري انداز سان بيان ڪري ٿو. هاڻوڪي افساني ۾ سنڌي معاشري ۽ ملڪ جي مسئلن سان گڏ بين الاقوامي انداز فڪر پڻ ملي ٿو، افساني جو هر قسم جيئن بياني ۽ مونو لاگ وارو يا مسئلن وارو افسانو هن دور ۾ ملي ٿو ۽ موضوعن ۾ پڻ جدت ملي ٿي.

حڪومت جي طرفان وقت بوقت اشاعتي ادارن تي پابنديون لڳنديون رهيون آهن، جنهن جي ڪري اديب ۽ ادب متاثر ٿيندو رهيو آهي. سهڻي پبليڪيشن تي پيل پابندين جي ڪري طارق اشرف جي جيل وڃڻ سان ڪافي رڪاوٽون پيدا ٿيون ۽ ٻين ادارن تي به بندش سان ڪافي رسالا ۽ مئگزين متاثر ٿيا، جنهن ڪري افسانوي ادب ۾ ڪجهه ماٺار اچي ويئي، پر ته به سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ جي صنف ڪاميابيءَ سان پنهنجو سفر جاري رکيو اچي.

افسانه نويسيءَ جي مشهور شخصيتن نسيم کرل ۽ امر جليل جي باريءَ ۾ هيٺ احوال ڏجي ٿو، جن سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ کي وڏي هٿي ڏني.

 

 

مرحوم نسيم کرل؛

سنڌي ادب جو هيءُ ناميارو افسانه نويس ڳوٺ کرل خيرپور جو پڙهيل زميندار هو، سندس پيدائش 1939ع ۾ ٿي ۽ زمينداريءَ ۾ جهڳڙي جي سبب سان سندن قتل 1978ع ۾ ٿيو. نسيم کرل سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ UpperClass جو افسانه نويس سڏيو ويندو آهي، سندس پهريون مجموعو ”شبنم شبنم ڪنول ڪنول“ اداره ادب جي طرفان 1966ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس جڳ مشهور ڪهاڻي ڪافر کان سواءِ گردش زماني جي، گذريل واردات، ڳڻ گٽس، ڪچو رنگ ۽ ڪجهه ٻيا افسانا شامل آهن، چوٽيهون در جي مجموعي ۾ جيڪو 1977ع ۾ سهڻي پبليڪيشن وارن ڇپايو، ڪل 11 ڪهاڻيون آهن، جن ۾ مڪسڊ گرل، پهريون پهر، آخري ڪرنٽ، اٽالو پڊنگ، اسلام عليڪم، دارالفلاح، چوٽيهون در، پهرين مراد وغيره شامل آهن.

افسانو پهريون پهر، ڊمي ۽ اٽالو پڊنگ Upper Class جي عورتن جي نمائندگي ڪن ٿا، هن ڪلاس جون عورتون فيشن ايبل ۽ هڪٻئي جي ريس ۾ Status جي نمائش ۾ پوريون آهن، جن جو مذهب ۽ مسلماني بقول کرل صاحب جي آهي”چلڪو“. اهي ڪهاڻيون ڪنهن خاص طبقي جي نمائندگي ڪن ٿيون، منجهس سماجي مسئلن جي گهرائي نه آهي. ”گٽس“ ڪهاڻي ۾ اڄڪلهه جي هڪ عام مسئلي جي نشاندهي آهي، جيڪو هر طبقي وٽ اهم مسئلو آهي، يعني سٺي رشتي جي ڳولها، هن ڪهاڻيءَ ۾ بيگم برنيءَ جو آخري ڊائيلاگ متاثر ڪن آهي.

”پر افسوس جو نيلي ڊارلنگ تو ۾ اهڙا گٽس ڪونهن“

شبنم شبنم ڪنول ڪنول عورت جي مجبوري ۽ مرد جي هوس جي لازوال داستان آهي، هڪ نرس جي ڪهاڻي جنهن مريض جي زندگي بچائڻ لاءِ فرض ۽ عزت جو سودو ڪيو.

ڪرنٽ ڪهاڻي Sex جي موضوع تي هڪ نفسياتي ڪهاڻي آهي، نسيم کرل ۽ غلام نبي مغل لاءِ اهو مشهور آهي ته هو Sex تي کليو کلايو لکن ٿا. پوريءَ دنيا ۾ افسانه نويسيءَ ۾ هر موضوع تي لکيو ويو آهي، اصل ۾ اهم مسئلو Presentation جو آهي جيڪڏهن ليکڪ ڪابه ڳالهه پر اثر نموني سان قاريءَ کي سمجهائي وڃي ٿو ته هو ڪامياب ليکڪ آهي، نسيم جي ڪهاڻي جا پلاٽ لاجواب هوندا آهن ٻوليءَ ۽ ڪردار نگاريءَ کان سندس افسانا پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

نسيم کرل جي لاءِ رسول بخش پليجو صاحب جن چون ٿا ته “ نسيم مذهبي رجعت خلاف لکيو”ڪافر“ ان جو بهترين مثال آهي، پر وٽس سنڌي وڏيرو هيرو آهي، چوٽيهون در ۾ پوليس کي قابل نفرت جي بجاءِ صرف فرض کان لهرائيندڙ پيش ڪيو اٿن، سنڌي هارين جي ظلم خلاف ڪوبه آواز نه اٿاريو اٿن، بلڪه سنڌي هاري کيس چور جي روپ ۾ وڻي ٿو، پر ان سان گڏ هن سنڌي ادب کي عوامي ڳوٺاڻي ٻولي ۽ محاورا ۽ سنڌي زبان جو سهڻو استعمال ڏنو آهي. کيس بردباري ۽ قابليت سان ڳالهه ڪرڻ جو فن آهي، هو سنڌ جو برک فنڪار هوندي عوامي فنڪار نه آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان مري جيئي نٿو”، ”ڪافر“ ڪهاڻي غير مسلم جي اسلام قبول ڪرڻ ۽ واپس وري هندوئن وٽ موٽي وڃڻ تي آهي، هن ڪهاڻيءَ جو موضوع اڇوتو ۽ ڊائيلاگ ڇرڪائيندر آهن، محاورا ۽ پهاڪا سهڻا ۽ بروقت آهن، مثال طور ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري“،”گڏهن کي پنج سنجيون پارائي گهوڙن سان بيهاربو ته ڪو گهوڙا ڪونه ٿي پوندا.“ يا مولوي اميد عليءَ جو ڊائيلاگ ”ابا سچ ٿا چئو ڪافر نيٺ ڪافر“ تمام پر اثر آهن.

”چوٽيهون در“ ڪهاڻي هڪ اخبار جي خبر تان متاثر ٿيل ڪهاڻي آهي. سپر هاءِ وي تي پيل لاش کي دادو ٿاڻي وارا نه کڻن ۽ حيدرآباد ٿاڻي وارا چون ته اسان جي حد ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي به بهترين تاثر واري ڪهاڻي آهي. جڏهن انسپيڪٽر ٻڌائيندو آهي ته سکر بئراج جي 66 دروازن مان ڪجهه هڪڙي ٿاڻي سان لڳندا آهن ۽ ڪجهه ٻئي ٿاڻي سان ايئن لاش ڦاسندو ۽ رلندو آهي، آخر ۾ لاش کي دريا جي حوالي ڪرڻ مهل جو ڊائيلاگ تمام اثرائتو آهي.

بابل ٻنهي صوبيدارن لاش ڪو نه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ“ انهيءَ افساني پڙهڻ سان پوليس جو رويو جيڪو زنده ماڻهن سان ته هونئن ئي ناقابل برداشت آهي ۽ فرض کان غفلت وارو آهي پر هو مُردن جي لاءِ به دل ۾ رحم نٿا رکن، محسوس ٿئي ٿو. نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ ۾ فني خوبيون بي حساب آهن. سندس افسانن جي ٻولي لاجواب آهي. واقعاتي پلاٽ هئڻ جي ڪري افسانن ۾ تسلسل آهي. ڪردار نگاري سندس افسانن جو روح آهي.

حسين شاهه راشديءَ مطابق ته ”نسيم کرل کي قدرت ڳوڙهي مشاهدي جي عجيب ڏات ڏني آهي ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي اهڙي سگهه بخشي آهي جو ڪنهن به ماحول جي ڳالهه ڪندو ته ڀائنبو ته پڙهندڙ پاڻ اُتي موجود آهي. مجموعي طور نسيم افسانه نويسيءَ ۾ هڪ اهم ۽ فني لحاظ کان برک ڪهاڻيڪار آهي. سنڌي ادب جو نفيس ڪهاڻيڪار آهي“، بقول سندس ته (مان نفيس پين ۽ نفيس پني تي سهڻن اکرن سان لکندو آهيان) (سهڻي مئگزين ۾ ڇپيل انٽرويو) هن مهان افسانا نويس سنڌي ادب کي گرانقدر افسانوي ادب ڏنو. سندس اوچتي قتل جي ڪري سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو. مٿن سهڻي پبليڪيشن طرفان سهڻي خاص نمبر ”نسيم کرل نمبر“ ڪڍيو ويو، جنهن ۾ مختلف اديبن ۽ ليکڪن جا تاثر ۽ رايا ۽ سندس انٽرويو ۽ ڪجهه ڪهاڻيون آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com