حياتيءَ جي ڏکن سکن ۽ لاڙهين چاڙهن جو فلسفو.
ڏک سکن جي سونهن گهوريا ڏک سکن ريءَ،
جنين جي ورونهن، سڄڻ آيو مان ڳري.
(حسيني 6-9)
ڏک ۽ سک يعني غم ۽ خوشي زندگي جا ٻه اهم رخ
آهن، جيڪي متضاد هوندي زندگي ۾ گڏ گڏ آهن، خوشي
زندگي جي رعنائي آهي، جيڪا تڪليف کان پوءِ سٺي ۽
مٺي لڳندي آهي. صبر تڪليف ۽ برداشت کان پوءِ مليل
خوشي مٺي لڳندي آهي، ڏکن ۾ جڏهن انسان جي سيرت
گهڙجي ويندي آهي. هو باهه ۾ پئي سون ٿيندو آهي،
تڏهن کيس سک بي معنى لڳندا آهن ۽ کيس اهي تڪليفون
۽ ڪشالا جن سبب سندس محبوب مٿس مهربان ٿيو امر
لڳندا آهن. ۽ کيس لڳندو آهي. اهي ڏک ئي هئا جن کيس
ابدي خوشي عطا ڪئي.
انسان جڏهن روح کي ماديات جي زنجيرن کان
آزاد ٿو ڪري ۽ نوراني جلوو سندس دل کي منور ٿو ڪري
۽ هو سچو سک ٿو حاصل ڪري. تڏهن ڏکن جي اندروني لذت
جو احساس ٿو ٿئي ۽ اها لذت سندس اندر اُجاري اڇو
ٿي ڪري جڏهن محبوب کيس پنهنجو ٿو ڪري ۽ ان مهل
سندس سڀ محنتن ۽ رياضتن جا ڏک ختم ٿا ٿي وڃن.
اگهي اگهائي، رنج پريان کي رسيو.
چکيم چڱائي، سورانگهي سوريءَ تان.
ڌڻي کي پنهنجي محبوب جي سوريءَ سور انگهڻ تي
ڪهل اچي ٿي ۽ انهن ئي اگهاين ڏکن ۽ ڏاکڙن
جي بدولت سڄڻ وٽس اچي مهربان ٿو ٿئي، ڏکن جي
روحاني پهلوءَ کان سواءِ جيڪڏهن اسين دنياوي معنى
کان به ڏسنداسين ته شاگرد جيستائين علم حاصل ڪرڻ
لاءِ پنهنجي مستقبل لاءِ ڪشالا نه ٿو ڪڍي ته کيس
راحت نٿي ملي اهي راتن جا اوجاڳا ۽ تڪليفون ئي کيس
سٺو نتيجو ٿا
عطا
ڪن.
هڪ مزدور هڪ پورهيت ڪشالا ڪڍي ٿو، ۽ پنهنجو
رت ولوڙي ٿو تڏهن دنيا ۾ محل ماڙيون ڪنهن جي سک جو
باعث بڻجڻ ٿا. دنيا ۾ جيتري به ترقي ٿي آهي، اها
معمولي ڦيٿي کان وٺي جهاز تائين، ۽ سئي سڳي کان
وٺي ڪارخاني تائين، معمولي پنکي کان ڪمپيوٽر جي
ڪماليت تائين مطلب ته سڀني لاءِ پهرين ڏک ۽
تڪليفون سهڻيون پونديون آهن.
غلاميءَ جا طوق آزادين ۾ ڪيترن ڏکن، ڏاکڙن
کان پوءِ تبديل ٿيندا آهن، جيستائين ڪا قوم ڏکن جي
گهاڻي ۾ نه پيڙبي آهي تيستائين سندس جوهر ڪڏهن به
ظاهر نه ٿيندو آهي. اهي ڏکن جون لذتون سندس زندگي
جو سرمايو هونديون آهن ۽ انهن کي ياد رکڻ ضروري
هوندو آهي ته انسان سختيءَ جو هيراڪ رهي ۽ ڌڪن کي
دلير ٿي منهن ڏيڻ جو مادو ڌاري ۽ سينو ساهي بيهي
اهي سختيون سندس زندگي جي معراج آهن.
هن کي سکن جي خوشيءَ ۾ غرق ٿي ڏکن جي لذت کي ڪڏهن
به نه وسارڻ گهرجي ته جيئن هو آرام طلب ٿي ٻين
اخلاقي ڪمين جو شڪار ٿي نه وڃي انسان جي تخليق ماءُ جي ڏکن ۽ ڏاکڙن جو
ثمر آهي، ڪيترن ڪشالن ڪڍڻ کان پوءِ ماءُ ٻچي کي
جنم ڏئي حسين زندگي عطا ٿي ڪري، جڏهن ته انسان
سمجهندو آهي ته آئون سڀڪجهه پاڻ آهيان مون لاءِ
ڪنهن ڪجهه نه ڪيو آهي. کيس اهو سڀ ڪجهه قران پاڪ ۾
ياد ڏياريو ويو آهي ته ماءُ جي ڪٽيل ڪشالي کان
پوءِ ئي کيس دنيا ۾ زندگي ملي. دنيا جي تاريخ کي
پڙهبو ته انسان شروع ۾ ڏک ڏٺا تڏهن هيءَ خوبصورت
دنيا وجود ۾ آئي ۽ دنيا ترقي جي راهن تي گامزن ٿي.
شاهه سائين روحاني رهبر ۽ الله وارو هو پاڻ
دنيا جي آزمائش ۽ ان مان ڪڍيل نتيجن ۽ حقيقتن تي
غور ڪيائون ۽ گڏ عملي طور به دين کي جانچي ڏٺائون.
سندس مشاهدي جي قوت تمام پر اثر آهي ان ڪري حڪم ٿا
ڪن سکن جي وقت ۾ گمراهه نه ٿيڻ کپي ۽ پريشانيون
خدا پاڪ جي پيارن پيغمبرن تي به آئيون ڏک ته دشمن
جي دل ۾ به درد ۽ احساس ٿو پيدا ڪري ۽ سک تي دوست
به ساڙ ڪندا آهن. ان ڪري انسان کي سکن ۾ اوتاولو ۽
لا پرواهه نه ٿيڻ کپي سک تڏهن حاصل ٿيندا
آهن جڏهن روح ۾ استقامت جو مادو پيدا ٿيندو، جيڪو ڏکن سهڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. شاه جي نظر ۾ عشق درد آهي ۽ درد روح جي لذت
آهي، جيڪا تن ۽ من جي دوا آهي. حقيقت ۾ سچي راحت
اندر جيءَ خوشيءَ تي دارو مدار رکي ٿي. من جي
ميزان جا ٻئي پڙ برابر هوندا آهن، نفس جي سرڪش
گهوڙي تي ضابطو هوندو تڏهن ئي سچو سک حاصل ٿيندو
جنهن ۾ رب به راضي هوندو.
سکن کان شاباش، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏکن کي،
منجهي هوند مياس، پر سورن کڻي سونهون ڪيو.
انسان کي آيل تڪليفن تي همت، صبر ۽ برداشت
ڪرڻ کپي،
سکن جا آرام ۽ راحتون ڏکن جون مصيبتون ۽ تڪليفون
حياتيءَ جو حصو آهن، صحيح چوندا آهن ته ”رنج بنا
گنج ڪونهي“ معنيٰ
ته تڪليف بغير راحت نه ٿي ملي سگهي. انسان کي ماني
ڳڀو به ڪيترن مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ ٿو ملي سون
به باهه ۾ تپي ڪندن ٿو ٿئي،
وڻن جون پاڙون
زمين ۾ دٻجن ٿيون تڏهن سر سبز وڻ آباد ٿا ٿين،
انهن سڀني تڪليفن کان پوءِ مليل خوشين جو قدر ئي
ڏکن ڏولائن جي قوت آهي، جيڪا جسم انساني کي ”اشرف المخلوقات“ جي درجي تي
پهچائي ٿي ۽ کيس فرشتن کان به مٿي ٿي ڪري، شاهه جي
سورميءَ سسئي کي ئي وٺنداسين، ڪمزور عورت جيڪڏهن
سک ڇڏي ڏکن ۾ نه پوي ها لڪن جي لوڏن ۾ ڏونگر نه
ڏاري ها ته محبت جي داستانن ۾ امر نه ٿئي ها. سکن
کان پوءِ کيس ڏک مليا ۽ ڏکن کان پوءِ ابدي سک نصيب
ٿيس.
ڇڏيان هيءَ جهان، هو پڻ گهوري گهوريان،
پلڪ پرينءَ ساڻ، جي مون سري جيڏيون.
(خواجه زمان)
سکن کي ڏکن تان قربان ڪري ڇڏجي، گهوري ڇڏجي
ڇو جو ڏکيءَ ڏيل کي جڏهن پيڙاءُ ۽ ڀوڳنا کان پوءِ
سک جو سڪون حاصل ٿيندو آهي ته اهي ڏينهن ۽ ساعتون
کانئس وساريون نه وسرنديون آهن.
سکر سي ئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾،
وسايم وڏڦڙا، مٿي
ماڙين مينهن،
واجهائي وصال کي، ٿيس تهوارون تيئن.
نير منهنجي نينهن، اُجهاري اڇو ڪيو.
(سر مارئي: 11-3)
ڌڻيءَ جي وصال لاءِ روئندڙ اکيون ۽ انهن
ڏينهن جا ڏک نفساني خواهشن جي زنجيرن کي ڀورا ڀورا
ٿا ڪري ڇڏين، اهي قيدن ۽ ڏکن جا ڏينهن هميشه لاءِ
امر ٿي ٿا وڃن.
شاهه جو رسالو تصوف جو خزانو آهي
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
لطيف سائين دنيا جي انهن مفڪرن مان آهي. جن
نظام ڪائنات کي سچي رنگ ۾ ڏٺو آهي؟ زندگيءَ جي هر
رخ تي غور ڪيو اٿن. زندگي ڇا آهي؟ موت ڇا آهي؟
انسان ڇا آهي؟ سندس مقام ڇا آهي؟ انهن سڀني سوالن
تي شاهه سائينءَ تمام گهڻو غور ڪيو آهي. بلڪ چڱيءَ
طرح واضح ڪيو اٿن ته محبوب ته پري ڪونهي انسان کي
صرف اندر ۾ جهاتي پائڻي آهي. رب پاڪ کي ڳولهڻ جي ۽
پري وڃڻ جي ضرورت ڪونهي. مٺو محبوب ته ساهه جي رڳن
کان به ويجهو آهي.
”نخن اقرب اليه من حبل الوريد“.
اسين توهان کي ساھ جي رڳن کان به ويجها آهيون
جڏهن سائين ساھ جي رڳن کان به ويجهو آهي، ته پوءِ پري ڇا وڃجي.
جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهي سجود،
وڃائي وجود تهان پوءِ، تڪبير چئو.
(آسا : 1 – 6)
تصوف ۽ وحدانيت شاهه جي ڪلام جو خزانو آهي،
سکڻيءَ نماز کان وڌيڪ عمل تي زور ڀريو اٿن. کين
دين مذهب جون
اهي معمولي ڳالهيون ٿيون لڳن جن کي عام طور اهميت
ڏني ويندي آهي. ظاهري عبادت کان اندر اُجارڻ تي
زور ڏنو اٿن محبوب جو جلوو پسڻ وحدت جو اعلى مقام
آهي.
”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.“
مولا کي ملڻ لاءِ ڪروڙين رستا آهن، جيترا
روح ايترا رستا، تصوف معنى قلب ۾ هڪ نئين قسم جي
روحاني تڙپ جنهن سان حقيقي محبوب جي ديدار جي تڙپ
پيدا ٿئي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پنهنجو
پاڻ کي فنا ڪجي ۽ الاهي عشق جو اهڙو مچ ازخود ٻري
وڃي، جو دنيا جي هر شيءِ ۾ حقن جو جلوو نظر اچي.
تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،
سي ستائي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.
اهو ئي معرفت جو سرمو آهي، جنهن جي اثر سان
اکيون حقيقي حسن بنا ڪجهه نٿيون ڏسن، حقيقي عشق ۾
يقين جي پختگي ئي انسان کي منزل تي ٿي رسائي.
ماندي ٿي نه مارئي، الله اوڏو آهي.
سئو ورهين جا ڏکڙا، هڪڙي لحظي ۾ لاهي.
مارئيءَ کي مخاطب ٿي ڀٽ ڌڻي ڪل انسانن کي
ڪيترو نه سهڻو سبق ڏنو آهي، هي مختصر زندگي جيڪا
انسان سئو سالن جي عرصي اندر ٿو ماڻي ان جا ڏک ته
ڪجهه ڪونهين.
پر صدين جا سور به هڪ لحظي ۾ لهي ٿا وڃن. اهو لمحو
آهي. ”کن فيکون“ يعني ”حڪم رباني“ جڏهن رب پاڪ
ارادو ٿو ڪري ڪنهن ڪم جو ته کيس حڪم ٿو ڪري ته
”ٿي“ ۽ اهو ڪم ٿي ٿو پوي، رب پاڪ ۾ سچو يقين ۽ سچي
آزي نيزاري ئي روحانيت جي درجي تي پهچائي ٿي.
سر ”ڪلياڻ“ ۽ ”يمن ڪلياڻ“ جا شعر قرآني آيات
۽ حديثن سان سينگاريل آهن. انهن ۾ ڪئين دنيا ۽
آخرت جا راز بيان ڪيل آهن.
شروع جي پنجن سرن ۾ خاص طور تصوف جي اصولن،
احڪامن ۽ ارڪانن جو مڪمل اڀياس آهي. ان کان پوءِ
سر ڪيڏاري تائين سندس ڏنل سالڪ آهن. جيڪي تصوف جي
تعليم تي عمل ڪن ٿا. آخر ۾ سر آسا سڄيءَ تعليم جو
نچوڙ آهي. شاهه سائين پنهنجي سالڪن جي معرفت ظاهر
ڪيو آهي ته تصوف جي پانڌيئڙن کي حق جي ميدان ۾
ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ ڪيئن خطائن جي
معافي ملي سگهي ٿي ليلا جي لوڇ پوڇ کي يقين جي قوت ڏني اٿن.
جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج،
آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو
(ليلا چنيسر)
شاهه سائين سچو ديندار ۽ اسلام جو شيدائي
هو. پاڻ رب پاڪ جي رحمت ۾ يقين ۽ آزيءَ نيزاريءَ
سان مقصد حاصل ڪرڻ کي ئي حاصلات ڪوٺيو اٿن ۽ خود
کي فنا ڪري حقيقي محبوب کي حاصل ڪرڻ تي زور ڀريو
اٿن. عشق کي ظاهر ڪرڻ کان منع ڪئي اٿن سندن شعر
روحاني رمزن جا خزانا آهن، روحاني رازن کي دنياوي
اشارن ۾ لڪائي بيان ڪيو اٿن.
حقيقت هن حال جي ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مروئن کي، ڏونگر پون ڏري،
وڃڻ وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪينڪي.
(ڪوهياري: 5-3)
نينهن کي نهائين مان سبق حاصل ڪرڻ جو چيو
اٿن، اصل عاشق اهي آهن جيڪي عشق جو
زهر
پيئڻ ۽ سر کي سوريءَ تي سورانگهڻ لاءِ هڪيا تڪيا
ويٺا آهن، انهن کي سوري به سيج آهي، پريان سندي
پار جو زهر به مٺائي
آهي. صوفي جڏهن وجود جو ورق ڌوئي صاف ڪندا آهن،
تڏهن ئي کين دلدار جو ديدار نصيب ٿيندو آهي. محبت جي ميدان
۾ سر جو سانگو لاهڻو آهي، سسي نيزي تي اُڇلڻي آهي
۽ سوري سورانگهڻي آهي.
”سوريءَ سڏ ٿيو، هلندي ڪا جيڏيون“
شاه ڀٽائيءَ تمثيلي قصن جي اوٽ ۾ قرآني
آيتون، حديثون ۽ اخلاقي نڪتا، تصوف ۽ وحدانيت جا
راز روحاني رمزون هڪ اڻ کٽ خزاني جي طور ظاهر ڪيا
آهن. شاهه سائين پنهنجي ڪلام کي شاعريءَ جي بجاءِ
ڪلام پاڪ جي تفسير جو درجو ڏنو اٿن، ۽ قصن کي
تمثيل طور رقم ڪيو اٿن پورو قصو بيان ٿيل نه آهي،
قران پاڪ ۾ ”قصص الانبيا“ مڪمل نه آهن پر ڪجهه
تمثيل طور بيان ٿيل آهن.
جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهن،
نيو من لائين پريان سندي پار ڏي.
(سهڻي)
شاهه جي شاعريءَ ۾ همت ۽ سورهيائيءَ جو سبق
هماليه جهڙن مضبوط ۽ اٽل ارادن واريءَ
سورميءَ سهڻيءَ کي ڀٽ ڌڻيءَ جي همت جي هدايت آهي.
شاھ سائين ڪمزور عورت جي حوصلي ۽ بهادريءَ کي هن سُر ۾ ڪيتري نه
جلا بخشي آهي؟ مهراڻ جون موجون،
ڪنن جا ڪڙڪا، دريا جي دهشت سخت سياري جي رات به
سندس لاءِ ڪا حيثيت نٿي رکي، ڇو جو سهڻي ته سچي
عشق جي عميق ۾ ٻڏل آهي، کيس مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سر
جو سانگو لاهي موجن جي مستيءَ ۾ ڪاهي پوڻو آهي.
”گهڙڻ“ معنى داخل ٿيڻ، ٽپو ڏيئي داخل ٿيڻ، معنى سر
جو سانگو لاهي، نتيجي جي پرواه ڪرڻ بغير
سورهيائيءَ سان موجن ڀريل دريا ۾ ٽپو ڏيڻ ۽ مقصد
ماڻي. محبوب کي حاصل ڪرڻ.
دنيا ۾ ڪنهن به ڪم لاءِ ضروري آهي، ته
انسان همت ۽ بهادري سان ان ڪم جي شروعات ڪري پوءِ
آيل مشڪلاتن تي واويلا ڪرڻ ۽ بي همٿو ٿي نڪري وڃڻ
سان کيس ڪڏهن به مقصد حاصل نه ٿيندا همت ۽ بهادري
زندگيءَ جو شان آهن. اٽل ارادن ۽ حوصلن ته انسان
کي چنڊ تي پهچايو آهي ۽ هن ڪائنات جا راز کوليا
آهن، سمنڊن جا سينا چيريا آهن، زندگيءَ کي بامقصد
ڪيو آهي، جڏهن به زندگيءَ جو ڪو نصب العين هوندو
آهي. اهو انسان کي همتن ۽ ڪوششن سان ملندو آهي.
سهڻيءَ جو گهڙو ڀڄي ٿو
پوي ته به شاهه صاحب کيس رب جي رحمت مان مايوس ٿيڻ کان منع ٿو ڪري
معنيٰ
ته دنياوي وسيلا ڀلي تنگ ٿي وڃن پر بهادري
۽
يقين
اهڙيون قوتون آهن، جيڪي انسان کي اوج تي
آڻين ٿيون.
گهڙو ڀڳو ته گهوريو، آسر مَ لاهيج،
”لا تقنطو من رحمت الله“، ترُهي ان تريج،
حبيباڻي هيج، پسين منهن ميهار جو.
محبوب انهن کي ملندو ۽ مقصد اهي ماڻيندا
جيڪي ديني ۽ دنياوي تڪليفن ۾ رستي جي رڪاوٽن کي
ٽوڙي همٿ ۽ بهادريءَ سان انساني زندگيءَ کي اوج و
ڪمال سان روشناس ڪرائيندا.
انسان جي هٿ ۾ الله پاڪ تمام گهڻي طاقت ڏني
آهي، دنيا جو ڏکي کان ڏکيو ڪم به حوصلي سان ممڪن
ٿي ويندو آهي، هيءَ سڄي دنيا جي ترقي انساني همت
سان ئي حاصل ٿي آهي. همت سان انسان بهادريءَ
جهڙيءَ اعلى وصف جو حامل ٿو ٿئي جيڪا قومن جو شان
آهي، سورهيائي سنڌي قوم ۾ هڪ لازوال وصف چئي ويندي
آهي. سورهيه سرويچ ڪنهن به قوم ۽ ملڪ جي مان
مٿانهون ڪرڻ لاءِ ان ملڪ ۽ قوم جو وقار هوندا آهن
۽ مٿن صديون ناز ٿيندو آهي. شاهه سائين سنڌي مرد ۽
عورت کي سورهيائي ۽ بهادريءَ جا سبق ڏنا آهن. اهي
گهوٽ اڻ موٽ آهن، جن کي سندن ونيون جنگ جي ميدان ۾
پارت ڪري ٿيون موڪلين ته کين پٺيءَ تي گهاءُ لڳل
نه هجن جيڪي بزدليءَ ۽ بي غيرتيءَ جو اهڃاڻ آهن.
ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
(سر ڪيڏارو 4 -9)
اهي سنڌي سرفروشن جون ونيون آهن، جيڪي کين
سورهيائي تي ٿيون همٿائين ته سنڌجي سر زمين هميشه
محفوظ هجي.
زندگيءَ ۾ انسان کي اهو ملندو آهي، جنهن جي
هو ڪوشش ڪندو آهي، صرف سچي سڪ مشروط آهي، سچو طالب
هميشه هستي هڪ ڪري حق سان ملڻ جي طلب ڪندو آهي،
دنيا ته دريا آهي، جنهن ۾ ڪئين شيطاني ڄار وڇايل آهن، انسان جو وجود ته ڪچو دلو آهي، جيڪو
ڀڄي ٿو ته سندس ۽ ڌڻيءَ جي وچ وارو حجاب ختم ٿئي
ٿو. اصل مطلب ته مقصد حاصل ڪرڻ آهي، جنهن جي لاءِ
جسي ۽ جان جي قرباني اهم آهي، جيڪا صرف بهادريءَ ۽
همٿ سان ممڪن آهي.
گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا ويا،
تهان پوءِ، سئا سهڻيءَ سڏ ميهار جا.
(سهڻي 1 -12)
گهڙو ڀڳو ته سهڻيءَ سان سائر ۾ اچي ساهڙ
مليو.
شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي سورمين ۽ ٻين ڪردارن جي
واتان جيڪي چورايو آهي ۽ جيڪي پاڻ کين فرمايو اٿن
اهو سڀ اعلى اخلاقي قدر آهن، جيڪي ڪردارن جي اوٽ ۾
سمجهاڻيون آهن. ديني ۽ دنياوي رمزون ۽ اشارا آهن،
همت ۽ جدوجهد زندگيءَ جو مرڪ آهن.شاهه سائين جي
سورمين سهڻي ۽ سسئيءَ جي اڻ ورچ سفر ۽ لازوال جدوجهد جون داستانون سنڌي
عوام جي سينن ۾ امانت ٿي ويون، اهي بهادريءَ جا
اعلى مثال هئا، اهي شاهه سائينءَ جا انقلابي شعر
هئا جيڪي سنڌ جي آخري وقت ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي
سنڌي ڳالهائيندڙ ڪيترن حصن کي آزاد ڪرائي سنڌ ۾
شامل ڪيو ۽ سنڌ جون سرحدون وسيع ڪيون. شاهه جو
ڪلام همت ۽ سورهيائي جو سبق آهي.
بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کلول ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن،
ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.
(سر ڪيڏارو: 4 – 4)
سچي عشق ۽ روحانيت جو جذبو
سکرن واري سڌ، متان ڪا مونسين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون
(سر سسئي آبري)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سسئي کي سچيءَ سڪ
جو اهڃاڻ ڪري پيش ڪيو آهي، سندن هي شعر سڪ ۽
روحانيت جي جذبي جي عڪاسي آهي. عشق ۾ زندگيءَ جا
سڀ سک بي معنى آهن، جيڪي آهي محبوب جو وصال آهي.
مقصد لاءِ خود کي فنا ڪرڻ آهي، اهڙي انسان جي اندر
جي حوصلي کي آفرين آهي. جيڪو ڪشالا ڪڍي حق سان فنا
ٿيڻ پسند ٿو ڪري. پاڻ سسئيءَ جي عشق جي اعلى جذبي
کي خراج تحسين پيش ڪيو اٿن.
شاهه سائين ٻاهرين عبادت کان اندر اجارڻ
تي گهڻو زور ڏنو آهي.
سسئي جو داستان: جبلن جي لاهين چاڙهين جي
مسلسل جدوجهد جي اڻ کٽ داستان آهي. سنڌي ادب، سنڌي
عوام ۽ سنڌ سونهاريءَ جو هڪ لازوال سرمايو آهي،
ڪمزور عورت جي حوصلي ۽ همت کي آفرين آهي، سچي سڪ
هڪ اُتم جذبو آهي. هونئن به هن دنيا ۾ انسان جيڪو
به ڪم ڪري پر جيڪڏهن دل سان ۽ سچي جذبي سان ڪم ڪري
ته اهو بهترين ۽ مڪمل ٿيندو ۽ ڪاميابيءَ سان
همڪنار ٿيندو، سچا جذبا دين ۾ توڙي دنيا ۾ ٻيائيءَ
کان پاڪ هوندا آهن. صاف دليءَ سان انسان ڪناري تي
ايندو آهي ۽ ڪاميابي ڪامراني ماڻيندو آهي.
حڪم خداوندي آهي:
”فاذڪرني اذکرکم“
”توهين مون کي ياد ڪريو ته آئون توهان کي
ياد ڪريان“
يعني محبوب پنهنجي ذڪر سان سندس محبت کي
مشروط بنايو آهي. سک تڏهن نصيب ٿيندا آهن جڏهن ڏک
ڏسبا آهن. شاه عشق الاهيءَ جي لذت سان گڏ عاشقن جي
عشق ۾ ڪسجڻ کي مانائتو ٿو سمجهي.
تو جنين تات تن پڻ آهي تنهنجي،
”فاذڪرني اذ کرکم“، اي پروڙج بات،
هٿ ڪاتي ڳڙ وات، پڇڻ پر پرينءَ جي.
هڪ هنڌ فرمائين ٿا ته منهنجي محبوب جي ڪاتي
ڪهڻ لاءِ ڀلي مڏي هجي، ته من منهنجي محبوب جا هٿ
منهنجي ڪلهن تي ڪهڻ وقت ڪجهه دير ٽڪن جيئن محبوب
منهنجي ويجهو هجي، اهڙي عشق جي سچي جذبي ۾ اندر
اڌو اڌ ٿي ويندا آهن ۽ ڏونگر ڏورڻ سندن لاءِ
معمولي ڳالهه آهي. اسان غور ڪنداسين ته سچي سڪ
بهادري ۽ حوصلي جو اهڃاڻ آهي، ديني يا دنياوي ڪمن
۾
جيڪڏهن سچيءَ دل ۽ لگن سان انسان ڪاهي پوندو آهي، ته کيس مقصد
کان سواءِ ڪو به خوف نه هوندو آهي، نيٺ سندس سچا
جذبا کيس ڪامياب ڪندا آهن، دل انسان جو ”Will Power“
آهي ۽ هڪ اهڙو خدائي جذبو آهي، جيڪو انساني ارادي
کي تحرڪ ۾ آڻي ٿو ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن نيڪ ”Positive“ دنياوي يا ديني ڪم ۾ هٿ وجهي ٿو ته ڀلي
ڪيتريون به رڪاوٽون اچن کيس رب پاڪ جي مدد شامل
هوندي آهي ۽ هو رچي ريٽو ٿيندو آهي ۽ ڪاميابيون
ماڻيندو آهي.
شاهه سائين نه صرف شاعر هو، پر هڪ بهترين
انسان هو کيس انساني جذبن جي ڀلي ڀت خبر هئي ۽ کيس
انساني نفسيات جو مڪمل ادراڪ هو، سندس شاعري
دنياوي معنيٰ
سان گڏ الهامي ڪيفيتن تي پڻ مشتمل آهي. پاڻ عورت
جي زباني ڳالهايو اٿن ۽ کيس بهادر ۽ حوصلي وارو
ظاهر ڪيو اٿن. سسئي جي ڪردار کي تمام گهڻو شاهه
سائين پسند ڪيو آهي، جو رسالي ۾ سسئي جا پنج سر
آهن، جيڪي سندس سورن ۽ سختين جي لازوال داستان کي
تمام سهڻي نموني واضح ٿا ڪن. فرمائين ٿا ته جيڪي
سوير سمهن تن کي ساٿ به سوير ئي ڇڏيندو يعني غفلت کي ننديو اٿن اوجاڳا ۽ عبادتون ڪرڻ
اندر اجارڻ تي تمام گهڻو زور ڀريل آهن.
ايءُ ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇو نه، لطيف چئي، هاري! لاءِ هوتن؟
ننڊان نڀاڳين کي، اوڀالا اچن،
سي پنهون ڪوه پڇن؟ جي سنجهي رهن سمهي.
(ڪوهياري 1 – 6)
سسئي سچي سڪ ۽ محبوب جي جدائيءَ جي ورلاپن
جو اهڃاڻ آهي شاهه سندس سڪ ۽ سورن کي بيان ڪري سچي
عشق جو مان مٿاهون ڪيو آهي.
اٽل ارادي سان ڏونگر کي ڏورڻ جي شڪتي انهن
کي ئي نصيب ٿئي ٿي جيڪي اندر محبوب جي سڪ ۾ وڍيل
آهن. جن کي پرينءَ جي پچار ۾ ئي فرقت جو فيض ٿو
حاصل ٿئي. سندس سڪ جو سڳو سدائين تمنا ۽ تلاش ۾ ٿو
رهي. سسئي ڏونگر جي لاهين چاڙهين ۽ پنڌن پيچرن کان
واقف ڪونه هئي پر سندس سڪ کيس سو رستو ڏيکاريو.
سچيءَ سڪ جي طلب ۾ فنا ٿي بقا ماڻيائين.
ويٺي ور نه ملن، ستي نه ملن سپرين،
جي مٿي رندن روئن، ساجن ملي تن کي.
(سر سسئي آبري)
هڪ بهترين ۽ پر تاثر پيغام آهي. ته محبوب جو
جلوو انهن کي ملندو قرب الاهيءَ جا اهي حقدار
هوندا، جيڪي سندس رستي تي تڪليفون ڏسندا پوءِ کين معرفت جو سرمو نصيب
ٿيندو،
جنهن جي وجهڻ سان اکيون حقيقي حسن کان سواءِ ڪجهه
نٿيون ڏسن.
”نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو“
عشق الاهي ۾ ڦٽيل دل ئي آهي جيڪا ڏونگر ڏورڻ
تي مجبور ٿي ڪري ۽ الاهي عشق جو مچ ازخود ٻري ٿو
وڃي، شرڪ ۽ ٻيائيءَ کان پري ٿي حق جو جلوو پسڻ تي
فرمائين ٿا.
چائيت پائي چت ۾ سنهو ڪتيو جن،
تن جو صرافن، دُڪو داخل نه ڪيو.
سر ڪاپائتي: 1-11
اندر جي ٻيائي سان ڪتيل سٽ جو دُڪو هڪ معمولي ۽ خسيس ماپو به قبول نه پيو معنيٰ ته رب پاڪ دلين جو مالڪ آهي، کيس دل جو سچو قرب
۽ شرڪ کان پاڪ محبت قبول آهي.
محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.
(سر ڪاپائتي: 1 -12)
ٻنهي شعرن مان اندر جي سچي سڪ ۽ عشق جي درجي
جي بلنديءَ ۽ ان جي فرق جي خبر پوي ٿي.
دنياويءَ ۽ ديني غفلتن کان بچاءُ جو حڪم
ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
جو تو ساڻيهه ڀانيو، سو مانجهانديءَ جو ماڳ،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
(سر ڏهر 3-4)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنهنجي ڪلام ۾
ڪيترن هنڌن تي دنياوي ۽ ديني غفلتن کان روڪيو آهي.
ننڊ ۾ بيشڪ سک ۽ آرام آهي پر ان جي هڪ حد مقرر
آهي. جيڪي انسان زندگيءَ
۾
صرف آرام ۽ عيش کي ترجيح ڏيندا آهن، اهي ديني توڙي
دنياوي مقصدن کان هٽي غلفت ۾ پئجي ويندا آهن، جيڪا
صرف انساني نفس جي گمراهي آهي. ننڊ ۾ سک ۽ آرام
آهي پر ان جي هڪ حد مقرر آهي. جيڪي انسان زندگيءَ
۾ صرف آرام ۽ عيش کي ترجيح ڏيندا آهن، اهي ديني
توڙي دنياوي مقصدن کان هٽي غفلت ۾ پئجي ويندا آهن،
جيڪا صرف انساني نفس جي گمراهي آهي. ننڊ ۾ سک ۽
آرام آهي، سک ۽ آرام ترڪ ڪرڻ معنى اندر کي يعني
نفس کي مارڻ ۽ نفس مارڻ ”جهاد اڪبر“ آهي. ننڊ غفلت
آهي، جيڪا محبوب کان جدا ٿي ڪري ۽ مقصد کان هٽائي
غافل ٿي ڪري، محنتي جفاڪش جدوجهد ڪندڙ،
ننڊ وڃائي مقصد لاءِ آرام ترڪ ڪندڙ تڪليفون وٺندڙ
ماڻهو هميشه مانائتو ٿيندو آهي. وقت جو قدر انساني
معراج آهي.
جڏهن ستيون جي پٿر پير ڊگها ڪري،
تنين کي ساٿ ستيئي ڇڏيو.
انسان جڏهن راتين جي ننڊ وڃائي اوجاڳا ڪري
تهجدون پڙهي رب وٽ سڪون سان روئي ٿو ته کيس اهي
اوجاڳا دين ۽ دنيا ۾ اونچو مقام ٿا عطا ڪن، حڪم
خداوندي آهي.
اِنَ القرآن لفجر مشهودا
بيشڪ فجر جو پڙهيل قرآن حاضر ۽ پسند ڪيو ويو
آهي.
راتين جي عبادت ۽ اوجاڳا رب پاڪ وٽ قبوليت
جو شرف ماڻين ٿا ۽ کيس سلطاني سهاڳ ٿا عطا ڪن.
دنيا جا وڏا وڏا عظيم انسان جن جونالو اڄ
به قائم آهي،
انهن کي وقت جي ڏاڍي قدر هئي ۽ منجهن محنت جو جذبو
تمام گهڻو هو ۽ هو اڻ ورڇ هئا. ڪوشش ڪرڻ ڪاميابي
آهي، مقصدن لاءِ ڪشالا ڪڍڻا پوندا آهن. الله انهن
جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا آهن.
God help those who help them selves
پنهنجي مقصدن لاءِ ننڊون قربان ڪبيون تڏهن
دين ۽ دنيا جا سڀ ڪم ۽ مقصد ماڻبا آهن،
اڄ جو ڪم صبح تي ڇڏڻ غفلت آهي. يا ”تدبير سي بدل
جاتي هين تقديرين“ سر سيد احمد خان جن تعليم کي
فروغ ڏيڻ لاءِ اڪيلي سر علي ڳڙهه اسڪول جو بنياد
وڌو جيڪا پوءِ يونيورسٽي ٿي علامه عمر دائود پوٽو
ڪڙميءَ جو ٻار هو. پاڻ پيرن اگهاڙن تعليم حاصل
ڪئي. اڳيان هلي ”شمس العلما“ جو لقب حاصل ڪيائون ۽
وڏا عهدا حاصل ڪيائون. حسن علي آفندي جي سنڌ
مدرسته السلام ڪيترن علم جي اڃايلن جي اڃ اُجهائي.
قائداعظم، علامه اقبال ۽ ڪيترا دنيا جا اڳواڻ جن ڪوششون ڪيون زندگيءَ جو
۽ وقت جو قدر ڪيو. جدوجهد ڪئي ۽ ڪيترا عالم فاضل
جن جا نالا ڳڻائجن ته ڪتاب لکجي وڃن ڪيترا
سائنسدان جن دنيا کي ترقي ڏني ۽ ڪئين پيغمبر ۽
اوليا جن رهبري ڪئي ۽ علم عطا ڪيو،
انهن ديني ۽ دنياوي ڪوشش سان اوجاڳا ڪري هن زمين ۽
ان جي رهواسين کي مان عطا ڪيو، انهن سڀني ننڊ جي غفلت ۽ سستي کي ناپسند
ڪيو آهي.
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آڳهه ان جي.
(سر سري راڳ)
بنيادي طور انسان پنهنجي وجود جي بقا جي
جنگ پيو وڙهي ۽ ان ڊوڙ ڊڪ ۽ جاکوڙ ۾ کيس آرام ترڪ
ڪرڻو آهي. هڪ ماکيءَ جي معمولي مک پڻ بي انتها
محنت ڪندي آهي، تڏهن هڪ اهڙو رس تيار ڪندي آهي،
جنهن لاءِ حڪم خدواندي آهي. ته ماکيءَ ۾ شفا آهي ۽
ان جي لاءِ هڪ پوري سوره ”نحل“ (معنيٰ
ماکي) قرآن پاڪ ۾ آهي. يعني معمولي مک جي محنت
جيڪا هوءَ حڪم خداونديءَ سان ڪري ٿي رب کي پسند
آهي. ڪائنات جو ذرو ذرو حڪم خداونديءَ سان سندس
ڪائنات کي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش، جفاڪشيءَ ۽ اڻ
ورچائيءَ سان پنهنجي پنهنجي
ڪم ۾ رڌل آهي. معنيٰ
ته سڀ پنهنجي رب پاڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ ۽ راضي ڪرڻ
لاءِ بي آرام ٿي سندس ساراهه ڪن ٿا ۽ گڏ پنهنجو
پاڻ کي سونپيل ڪم ادا ڪن ٿا. جن فرشتا، پکي پکڻ،
جيت جانور سڀ ائين ئي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ رڌل
آهن. پوءِ انسان ته انهن کان مٿي آهي کيس دنيا جي
عيش و آرام ۽ آسائشن کي مقصد نه سمجهڻ گهرجي ۽ هن
60 يا 70 سالن جي زندگيءَ کي اصل نه سمجهڻ گهرجي
جيڪا حڪم قرآن مطابق ته اصل زندگيءَ ڪجهه سيڪنڊن
جي آهي.
ستي نه سرندياءِ، ڪر پچار پرينءَ جي،
وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا،
۽ ٻئي هنڌ شاهه سائين جن فرمائين ٿا:
ستي سڄڻ نه ملن، آهي ايءَ کري،
تون ڪي جاڳي، اور الله سين.
(سر رام ڪلي)
هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ننڊ کي ننديو ويو
آهي، ڪافي هنڌن تي اوجاڳي ڪرڻ ۽ غفلت مان نڪرڻ ۽
جدوجهد جي تلقين آهي. غفلت انسان جي وڏي ۾ وڏي
دشمن آهي. انسان کي دنيا ۾ عائد ٿيل فرضن کي پورو
ڪرڻ لاءِ وقت جي درجه بنديءَ سان گڏ سمجهه سليقي ۽
ڪوشش ۽ همت سان جدوجهد ڪرڻي آهي.
سي پنهون ڪوه پڇن،
جي سنجهي رهن سمهي.
معنيٰ
ته زندگيءَ جي شروعات کان ئي انسان کي پنهنجي
زندگيءَ ۾ اها عادت وجهڻ گهرجي ته وقت اهم آهي ان
کي وڃائڻو نه آهي. ننڊ ڪرڻ معنيٰ
وقت وڃائڻ ۽ وقت وڃائڻ معنيٰ
غافل ٿي مقصد کان هٽڻ. ”مقصد نه ماڻڻ“ معنى
”زندگي ضايع ڪرڻ“ اهو به مقصد ڪونهي ته بلڪل آرام
نه ڪجي. پر سستي، لاپرواهي، وقت جي بي قدري، اهي
سڀ جاڳندي به ننڊ جا درجا آهن. اونچا ۽ اعلى آدرش
رکڻ سان زندگيءَ جا نصب العين مقرر ٿيندا آهن،
زندگيءَ جو هڪ نصب العين مقرر ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪري
کيس حاصل ڪرڻ ئي زندگيءَ جي معراج
آهي. زندگي نعمت خداوندي آهي. دنيا ۾ هڪ دفعو
عطا ٿئي ٿي. انسان اهو ڪجهه ڪري وڃي جو سندس نالو
چڱن لفظن ۾ هميشه لاءِ ياد رهجي وڃي هيءَ دنيا
هميشه جو گهر نه آهي. دنيا جي عيش و آرام ۽ نرم
بسترن، سٺن کاڌن ۽ گهرن ۾ سڪون جي ننڊ سمهڻ وارا
انهن راتين کي زندگيءَ جي معراج نه سمجهن. اصل
سڪون ته رب سان حال اورڻ ۾ آهي ۽ اسين اهي
يادگيريءَ جا وقت سمهي گذاريون ٿا. سوره مزمل ۾
حڪم آهي ته ”رات جو اٿي بيهي قيام ڪر“ معنيٰ ته راتين جا تڪليفن جا اوجاڳا رب پاڪ کي پسند آهن.
هي تان ٿورڙيون، جن تون، ڀورا! پسي ڀلئين،
راتيون ٻيون گهڻيون، جي تو اينديون هيڪلي.
(ڏهر 3-8)
هن مختصر زندگيءَ جون مختصر راتيون ڪجهه به
ڪونهي اصل حال قبر جو آهي. مطلب ته شاهه ڀٽائي
انسان کي هر هنڌ سجاڳ رهڻ لاءِ حڪم ٿو ڪري پاڻ
تارڪ الدنيا نه آهي سندن نظر ۾ دين ۽ دنيا تڏهن
حاصل ٿيندا جڏهن اڻ ورچائي سان اوجاڳا ڪري محنتون
ڪبيون. وقت جو قدر، محنت جو جذبو، ڪامل يقين جي
قوت ۽ نيڪ نيتيءَ سان ئي انسان اُڪري پار پوندو.
وڌيڪ پڙهو) |