ڊاڪٽر عمر
بن محمد دائودپوٽو
تعارف
”شمس العلما“ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو
25 مارچ 1896ع تي دادو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو.
بنيادي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌ
مدرسته الاسلام مان مئٽرڪ ڪيائين. ايم . اي کان
پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل
ڪري وطن واپس موٽيو. سندن وفات 22 ڊسمبر 1958ع ۾
ٿي ۽ کين سندن وصيت مطابق ڀٽ شاهه تي شاهه صاحب جي
روضي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
سنڌي ادب ۾ مضمون جي صنف سنڌي الف ب ٺهڻ کان
پوءِ هڪدم رائج ٿي ويئي ۽ مرزا قليچ هن صنف جو
باني هو، پر ٻين ڪيترن کيس هن فن ۾ هٿ ونڊايو جن ۾ ميران محمد شاهه
اول، مولانا دين محمد وفائي، عثمان ڏيپلائي جن کان
سواءِ اهم نالو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب
جن جو آهي. سندن مضمون ۽ مقالا سنڌي ادب ۾ اهم
حيثيت رکن ٿا، پاڻ ڪيترن ڪتابن جا مصنف ۽ عالم هئا. کين
مغربي ۽ مشرقي زبانن جي ادب جو ماهر مڃيو ويندو
آهي. انگريزي، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ تي مڪمل دسترس
هين. سندن ٻاهرين ملڪن جي مقالي جو موضوع آهن.
”عربي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ انهيءَ
مان دائودپوٽي صاحب جن جي عربي ۽ فارسيءَ جي ڄاڻ
جي واضح خبر پوي ٿي. ڊاڪٽر صاحب مختلف هنڌن تي
پروفيسر رهيو ۽ سنڌ مدرسته الاسلام جو پرنسپال پڻ
رهيو. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڊي پي آءِ (ڊائريڪٽر آف
پبلڪ انسٽرڪشن) مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ سنڌ ۽ اولهه
پاڪستان ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ٿيو.
درسي ڪتابن ۾ مضمون
ڊاڪٽر صاحب جن درسي ڪتابن تي تمام گهڻو ڌيان
ڏنو. سندن خيال مطابق سنڌ ۾ درسي ادب بهترين هئڻ
گهرجي. سندن شاندار مقالا ۽ مضمون نصاب ۾ شامل
آهن. ”سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب“ ۾ پاڻ
سنڌي زبان جي قدامت و قديم شاعري ۽ شاهه ڀٽائيءَ
جي ڪلام جي باري ۾ تفصيل ڏني اٿن. مختلف ادبي دؤرن
جي باري ۾ ذڪر ڪري سنڌي ادب ۾ هيستائين ٿيل ترقيءَ
جو جائزو پيش ڪيو اٿن. ”باران رحمت“ ڊاڪٽر صاحب جو
بارش پوڻ جي ڪيفيت تي ثقيل ۽ ڏکين لفظن ۾ سينگاريل
مسجع سنڌيءَ ۾ لکيل آهي.
”باران
رحمت“ مضمون ”چونڊ سنڌي مضمون ۽ مقالا“ ڪتاب ۾ ڏنل
آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي طرفان بي اي جي نصاب ۾
شامل آهي. هن مضمون ۾ فارسي شعر پڻ آهن ته فارسي ۽
عربي اڪيچار لفظ پڻ آهن. بارش جي ڪيفيت کي تمام
سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي مضمون ۾
”باران رحمت“ بهترين مضمونن ۾ شمار ٿئي ٿو. ”سچ
آهي ته هيءَ خوشي مدام نه آهي، يار جو وصل پابند
نه آهي، مجازي دوست وانگي دلبر حقيقي به خفا جي
جلبات ۾ مخفي آهي، يعني پنهنجي عاشق صادق تي مهر
جي نظر ڪري ان جي صدق ۽ لنو ڏسي پرده کان منهن ٿو
پسائي.“
تصنيفات
ڊاڪٽر صاحب ڪئين مضمون ۽ مقالا لکيا آهن.
انسان ڪامل شاهه لطيف جي نظر ۾، شاهه جو صوفياڻو
شعر، شاهه ۽ رومي، شاهه جي تصوير، ڀٽ تي ڀيرو،
شاهه کان اڳ جا شاعر، سنڌي شاعري سنڌي شعر، سنڌي
ادب جي تاريخ، ادبي ذوق، شيخ عبدالرحيم گروهڙي،
بيڪس سنڌ جو مشهور شاعر، شاهه ڪريم شريعت، طريقت
جو روشن ستارو، قاضي قادن، خواجه زمان، آخوند لطف
الله، عيد الفطر، حج، عورت ۽ اسلام، باران رحمت،
برٽن صاحب جي سنڌي ادب تي نظر وغيره سندن ٻولي سليس ۽ با محاوره آهي پر ڪجهه هنڌن تي فارسي ۽
عربيءَ جو استعمال آهي. دائودپوٽي صاحب جن ڪافي
ڪتاب لکيا پر هيٺيان ڪتاب مشهور آهن. سندن مقالو
عربي شعر جو فارسي شعر تي اثر (انگريزيءَ ۾)،
هندوستان ۾ عام تعليم (انگريزيءَ ۾) تاريخ معصومي
(فارسيءَ ۾) چچ نامو (فارسي ۾)، شاهه جو رسالو
(ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان گڏ)، شاهه عبدالڪريم بلڙائي
جو احوال، سرها گل (مهاڳ)، ابيات سنڌي، منهاج
العاشقين، ڪلام گروهڙي، منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي،
شاهه جو رسالو جيڪو پاڻ الڳ ترتيب ڏنائون. سو اڃان
ڇپجي نه سگهيو آهي، پاڻ پوري زندگي علم و ادب جي
حيثيت سان اعليٰ علم پرائي ”شمس العلما“ جو خطاب
حاصل ڪيائون.
پاڻ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”منهنجي مختصر آتم
ڪهاڻي“ ۾ لکن ٿا، ”بابا کي مدد ڏيڻ خاطر هنري ۽
جنڊي اسڪول ۾ داخلا ورتم، واڍڪي ۽ جنڊيءَ جي ڪم ۾ ايتري ته مهارت
حاصل ڪيم جو کٽون، منجيون ۽ چيڪلا ٺاهي ويندو هوس
۽ اهي شهر جي هندن کي وڪڻي پيسا بابي کي پهچائيندو
هوس، جنهن ڪري مون کي پڙهڻ کان ڪڏهن به ڪو نه
روڪيائين.“ اڄڪلهه جي شاگردن کي دائود پوٽي صاحب
جن جي زندگيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. پاڻ پڙهڻ
جي شوق ۾ هنر جا ڪم شام جي وقتن ۾ ڪري پئسن جي
پورت ڪئي ۽ متان خرچ جي ڪميءَ سبب مائٽ پڙهائيءَ
کان روڪي ڇڏين. ڊاڪٽر صاحب جن اڻ ورچ ۽ محنتي هئا. پيرين پنڌ اسڪول ويندا هئا. پنهنجي آتم ڪهاڻي
انتهائي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان بيان ڪئي اٿن.
سنڌ مدرسته الاسلام جي هاسٽل ۾ رات جي مانيءَ جو
ذڪر هن ريت ڪيو اٿن. ”رات جو مانيءَ جو گهنڊ وڳو ۽
سڀ ڪو ڊائنگ هال ڏي ڀڳو، ان وقت مانيءَ جا ٽي قسم
هئا. غريب، متوسط ۽ شاهوڪار درجي جا شاگرد جدا جدا
ميزن تي ويهاريا ويندا هئا، اهو ڪلاس بنديءَ جو
طريقو ڏسي دل کي سخت نفرت آئي.“
اهڙين حالتن ۾ به هن علم جي مجاهد تعليم
حاصل ڪرڻ جي جهاد کي جاري رکيو ۽ آخرڪار اهڙي اوج
تي پهتو جيڪو ٿورن کي نصيب ٿيندو آهي.
شاهه لطيف جي شاعريءَ تي گهڻو ڪم ڪيو اٿن ۽
سنڌ جي صوفي بزرگن جا حال احوال ۽ شاعريءَ جو
تجزيو سهڻو ڪيو اٿن. ادب جو هيءُ ناميارو نانءُ هر
صنف ۾ تاڪ هو. پر مضمون نويسيءَ ۽ مقالا نگاريءَ ۾
سندس ڪو مٽ ۽ ثاني نه هو. اهم موضوعن تي سنڌيءَ ۾
مضمون لکيائون جيڪي سنڌي ادب ۾ مختلف سنڌي اخبارن
۽ رسالن جي زينت بڻيا ۽ ايئن سنڌي ادب جي لغت ۾
اضافو ٿيو. دائود پوٽي صاحب جن فلاسفر هوندي به
سليس ۽ عام فهم مضمون لکي سنڌي ادب ۾ مضمونن جو
سٺو واڌارو ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ جي بانين مان هئا.
”مهراڻ“ رسالي جي جاري ٿيڻ ۾ سندن خاص هٿ هو. شاهه
ڪريم جي ڪلام کي مرتب ڪرڻ
۾
گهڻي جاکوڙ ڪيائون.
مقدمه نگاري؛
مقدمه نگاريءَ لاءِ جيڪڏهن اسين شاهه ڪريم، خواجه
زمان ۽ گروهڙيءَ تي لکيل سندن مقدما ڏسنداسين ته
سندن علميت جي معيار کان مستعرف ٿينداسين. تنقيدي
تاريخ ۾ به کين وڏي اهميت حاصل آهي. علامه صاحب کي
سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان تمام گهڻي محبت هئي، پاڻ
شاهه ڀٽائيءَ جا عاشق هئا. ان ڪري سندن ڀرسان
مدفون ٿيڻ جي وصيت ڪيائون ۽ شاهه ڀٽائيءَ
۽
ٻين صوفي بزرگن تي ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيائون.
سنڌ جو هيءُ فلاسفر، ڏاهو، سڄاڻ نقاد ۽ مضمون نگار
پنهنجون ڪئين تصنيفات و تاليفات، مقالات ۽
تحقيقات، سنڌي زبان ۾ لکي سنڌي ادب کي اونچو مقام
ڏيئي ويو.
حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي
تعارف
هيءُ سنڌ جو ناميارو عالم، اديب ۽ صحافي
سنڌي ادب جو بهترين مضمون نگار هو. حڪيم فتح محمد
سيوهاڻي 1882ع ۾ سيوهڻ ۾ ڄائو هو. سندن نالو فتح
محمد رکيو ويو ننڍيءَ عمر ۾ علم حاصل ڪيائين، پاڻ
تاريخ، ادب، حديث، تفسير ۽ شعر و شاعريءَ جو ماهر
هو ۽ بلند پايه صحافي هو. 1942ع ۾ وفات ڪيائين.
حڪيم صاحب جون تصنيفات ۽ مضمون نگاري
انگريزن جي طرفان سنڌي الف ب ٺهڻ کان پوءِ
جڏهن ادب لکت ۾ وجود ۾ آيو ته سنڌيءَ ۾ مضمون
نگاريءَ جي صنف هڪدم سنڌي ادب کي روشن ڪيو.
ڪيترائي سنڌي عالم ۽ اديب مضمون جي صنف کڻي ميدان
۾ آيا. جيئن ته سنڌيءَ سان گڏ ان وقت، عربي، ۽
فارسي مڪمل طور علم جي سند جي حيثيت رکنديون
هيون،ان سبب جي ڪري جيڪو سنڌي ادب لکيو ويو ٿي ان
۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪافي لفظ شامل هوندا هئا، پر
ڪجهه ليکڪن انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجين لکڻين ۾ نج سنڌي لفظ. پهاڪا ۽ محاورا
استعمال ڪيا ۽ سهڻيءَ سليس سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو.
حڪيم فتح محمد صاحب انهن مان هڪ اهم ليکڪ
آهي.
صحافي هئڻ جي لحاظ کان پاڻ سنڌي اخبارن لاءِ پاڻ
پتوڙيائون. ”الجامع“ رسالو 1925ع ۾ جاري ڪيائون ته
جيئن سنڌي مسلمان جديد علمن جي ڄاڻ کان آگاهه ٿين
۽ سنڌي علم و ادب جي خدمت ٿئي. ”الاصلاح“ اخبار
پهرين هفتيوار جاري ڪيائون جيڪا پوءِ روزانه ڇپجڻ
لڳي.
سيوهاڻي صاحب جي مضمونن جا موضوع
سيوهاڻي صاحب کي سنڌي قوم سان تمام گهڻي
محبت هئي. سندن نظر ۾ قوم ان فردن جي مجموعي جو
نالو نه آهي پر منجهن قوميت جي جذبي جو سچو احساس
هئڻ ضروري آهي. سندن ٻه مشهور مضمون ”قومي جذبو ۽
قومي اخلاق“، ”ٻولي ۽ ان جون ادبي خوبيون“
انٽرميڊيئٽ جي نصاب ۾ شامل آهن. حڪيم صاحب جن جو
مضمون ”قومي جذبو ۽ قومي اخلاق“ سندن ڪتاب ”ڪمال ۽
زوال“ تان ورتل آهي، جيڪو ”مقدمه ابن خلدون“ جو
ترجمو آهي. هن مضمون ۾ قومن جي ڪمال ۽ زوال جا
اسباب سهڻي پيرايي سان بيان ڪيل آهن. جنهن فرد ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ درد نه
آهي، سندس قوم جي بيڪس ۽ ستايل فرد لاءِ احساس نه آهي ته اهڙو
فرد انسانيت مان ئي خارج آهي، ڇو جو قوميت
۽ انسانيت سان نيڪ اخلاق لازم هوندو آهي. هڪ هنڌ
لکيو اٿن ”جنهن قوم ۾ غيرت جو جذبو جوش ۽ جرئت نه
آهي اها قوم قوميت جي انگ ۽ ننگ مان نڪتل ۽
غلاميءَ جي رنگ ۾ ورتل آهي. ٿيندي ٿيندي هڪ ٻن
پيڙين کان پوءِ ته اهڙي قوم جا مرد زالن جهڙا ۽
زالون جنازن جهڙيون ٿيو پون.“ سندن چوڻ مطابق عياش
پرست قوم غالب قوم کان خود کي بچائي نٿي سگهي ۽
سندس واڳ ڌارين جي هٿ ۾ هلي وڃي ٿي. مطلب ته قومي
جذبي ۾ حڪومت ۽ عوام کي ملڪ ۽ قوم سان سچي محبت ۽
قربانيءَ جو جذبو هئڻ کپي، نه ته نااهل ۽ لالچي
آرام پسند قومن تان رب پاڪ پنهنجي برڪت جي ڇانَ
هٽائي ڇڏي ٿو ۽ اهڙيون قومون يا ته غلام ٿي
وينديون آهن يا ته ناس ٿي وينديون آهن. حڪيم صاحب
جو هيءُ ترجمو ٿيل مضمون به بي انتها خوبين سان
سنواريل آهي.
”ٻولي ۽ ان جون ادبي خوبيون“ سندن ”آفتاب
ادب“ ڪتاب تان ورتل آهي، جنهن ۾ پاڻ پنهنجي آزمودي
۽ دماغي قوت سان سنڌي ٻولي ۽ ان جي ترقي لاءِ
عالماڻه ۽ اديبانه طريقي سان سهڻي راءِ ڏني اٿن.
آفتاب ادب حڪيم صاحب ”لسانيات“ جي خشڪ موضوع تي
بهترين طبعزاد ڪتاب لکيو آهي، جيڪو سندن بهترين
ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو.
آفتاب ادب جو مضمون، عبارت ۽ ٻولي
آفتاب ادب ڪتاب ۾ ٻولي سليس ۽ عام فهم آهي،
ٻولي ڇا آهي؟ سندس ادبي خوبيون ڪهڙيون آهن؟ ادبي
ٻوليءَ جي ترقي لاءِ علم صنايع ۽ بدايع، صرف ۽ نحو
جا قائدا قانون ۽ علم معاني جو خزانو آهي. ادبي
ٻولي تجنيس حرفي، انسائيڪلوپيڊيا سريلن ۽ جهجهن
لفظن سان سينگاريل هوندي آهي. هڪ هنڌ لکن ٿا ”ادب
زبان جو زيور آهي، ساهت ٻوليءَ جو سينگار، ادب
ڪلام جو ڪمال آهي ۽ ساهت ٻوليءَ جو ساهه، ادبي رنگ
۾ وويڪ جي راڻي ۽ ضمير جو آواز وڌيڪ زوردار
اثرائتو ۽ ڪارگر ٿئي ٿو. ادب ۽ ساهت جو جوهر شمشير
جوهردار کان به وڌيڪ تيز
آهي.“ سندس هيءُ مضمون بي انتها ڪارائتو ۽ سنڌي ادب ۾ اهميت جو
حامل آهي.
تصنيفات
حڪيم صاحب جي ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب مشهور
آهن؛
جيئن مثال طور حيات النبي، داستان قوم، فتح
محمدي، اخلاق محمدي (حيات النبي جو ٻيو ڀاڱو)،
احوال لعل شهباز قلندر، تذڪرالايمان، ڪمال ۽ زوال،
ميرن جي صاحبي، بهار الاخلاق، ابوالفضل ۽ فيضي، آفتاب ادب، اچي وڃن ٿا. ”آفتاب ادب“ ڪتابن ۾ شمار
ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي مد ۾ هن ڪتاب مان ڪئين عالماڻا
خيال ظاهر ٿين ٿا. (جن جو مٿي ذڪر ڏنل آهي) حڪيم
فتح محمد سيوهاڻي صاحب جن سليس عام فهم پر ادبي
ٻوليءَ ۾ ڪئين مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا جيڪي سنڌي
ادب جو سرمايو آهي. پاڻ هڪ ذميدار صحافيءَ جون
خدمات سرانجام ڏنائون. سنڌي صحافت ئي سنڌي مضمون
نويسيءَ کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني ڇو جو مضمون ۽ مقالو
اخبار ۾ آرام سان سمائجي سگهجي ٿو. (ناول يا ناٽڪ
جي نسبت گهٽ جڳهه والاري ٿو) 1861ع کان ئي سنڌي
مضمون نويسي شروع ٿي، جيڪا اڄ به نون عنوانن، سهڻن
فصيح بليغ ۽ لفظن سان سنڌي صحافت جو شان آهي ۽
ڪئين مجموعا پڻ ڇپيا آهن. حڪيم صاحب سنڌي ادب ۾
اوائلي مشهور مضمون نگارن مان شمار ٿئي ٿو جن سنڌي
مضمون نگاريءَ کي سونهن ۽ سنڌي لغت کي ڪشادگي عطا
ڪئي.
ادب ۽ صحافت جو ساٿ مؤثر آهي
صحافت ۽ ادب جي تشريح
ادب عربي زبان جو لفظ
آهي، جيڪو تهذيب ۽ حسن اخلاق جي معنيٰ ۾ ڪم
اچڻ لڳو آهي. ”افلاطون“ جي شرح موجب ”ادب اهو آهي
جنهن مان اخلاق ۽ صداقت جي نشو و نما ٿئي“ سٺي
صحافت به ان نظريي تي ٺهڪندڙ آهي. معنيٰ ته ادب ۽
صحافت جو ڀرپور ساٿ آهي. ادب جو موضوع يعني
"Subject matter" زندگيءَ مان ئي چونڊيو ويندو آهي ۽ صحافت ۾
به روز مره جي زندگيءَ جا واقعا ۽ حادثات موضوع
بنائي عوام کي تازه حالتن سان روشناس ڪرايو ويندو
آهي. اخبارون، روزانه، هفت وار ۽ ماهانه مئگزين
قومي توڙي بين الاقوامي سطح جي خبرن سان
ڀريل هوندا آهن، جيڪي سڀ سؤ سيڪڙو ادبي نه هوندا آهن، پر ان ۾ ڪافي رنگ ادبي هوندا آهن، جيئن
سفرنامن جون قسطون، ايڊيٽوريل، ڪالم، مختلف ڏينهن
۽ واقعن تي نڪتل ايڊيشن ۽ خاص نمبر ڪافي حد تائين
ادبي مواد مهيا ڪندا آهن ۽ اديب ۽ سماج جو پاڻ
۾ گهرو تعلق آهي، ڪجهه سماجي حالتون جڏهن
اديبن ۽ صحافين جي دل کي ڇُهن
ٿيون تڏهن سندن قلم جون جولانيون
واضح ٿينديون آهن. ظالمن جي مخالفت ۽ مظلومن جي
مدد جديد علم ۽ ادب جو رجحان آهي. عظيم تخليق لاءِ
"Great ideas" جي ضرورت هوندي آهي، صرف اخبار جي وڪري
لاءِ جيڪڏهن کيس غير ادبي ۽ غير معياري ڪبو آهي ته
اها وڌيڪ وقت هلي نه سگهندي آهي. ڪنهن به اخبار کي
ڪجهه وقت هر روز پڙهڻ سان ان اخبار جو مزاج بمع ايڊيٽر ۽ ليکڪن جي جلدي واضح ٿي
ويندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو ادبي ۽ وقت سان ٺهڪندڙ
هوندو آهي ته اها اخبار پنهنجي جڳهه پاڻ ٺاهيندي
آهي.
سنڌ يونيورسٽي جي بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس
1988ع ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب
جن صحافت جي باري ۾ چيو ته ”موجوده دؤر ۾ صحافت ئي
ڪنهن ٻوليءَ جي زنده جاويد هئڻ جو ثبوت آهي. هڪ
سڄاڻ صحافي پنهنجي ٻوليءَ جي لغت کي زنده رکڻ ۾
اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پنهنجي ٻوليءَ جي سرمايي
مان موزون لفظ ۽ اصطلاح چونڊي ٿو، سنڌي صحافت جي
تاريخ شاندار آهي، سوا سؤ سال اڳ سنڌي صحافت جو
بنياد پيو. هن کان اڳ به وڏا سڄاڻ ۽ سجاڳ سنڌي
ايڊيٽر ۽ صحافي گذريا آهن ۽ موجوده دؤر ۾ به موجود
آهن ۽ انهيءَ ڪري ضروري آهي ته ٻوليءَ جي مؤثر ۽
صحيح استعمال طرف ڌيان ڏين. اڄوڪي دؤر ۾ ابلاغي
سلسلو اخبارن کان وڌي ريڊيو ۽ ٽي وي تائين پهتو
آهي. جن تان به اُچار جي ادائگي تي صحيح توجه ڏيڻ
جي ضرورت آهي.“
سنڌي ٻوليءَ ۾ صحافت جي ابتدا
پهريون دؤر (1854ع– 1947ع)
سنڌي ٻوليءَ ۾ صحافت جي باقاعده ابتدا 1854ع ۾ انگريزي ۽ فارسي اخبارن جي وجود ۾
اچڻ کان پوءِ ٿي. سنڌي زبان کي انگريزي حڪمرانن جي
دؤر ۾ سرڪاري سرپرستي حاصل هئي. سنڌي اخبار پهرين
جيڪا ڇپي اها هئي ”معين الاسلام“ 1861ع ۾ ۽ ٻي
اخبار سنڌ سڌار تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ٿي،
جيڪا هڪ مشهور اخبار هئي، جنهن ۾ سنڌي مضمونن جي
شروعات ٿي، جنهن ۾ مرزا قليچ، ڀيرو مل آڏواڻي،
پرمانند ميوارام مصنمون لکندا هئا. سرسوتي معنيٰ ”علم جي ديوي“ ان نالي سان رسالو
1890ع ۾ ساڌو هيرانند ڪڍيو، اخبار ”تعليم“ سنڌي
ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان نڪرندي هئي.
”الوحيد“ اخبار سنڌي اخبارن ۾ تمام گهڻي
مشهور ٿي جيڪا مولوي دين محمد وفائي 1923ع ۾
روزانه جاري ڪئي هئي. اها اخبار ون يونٽ جي مخالفت
جي گناه ۾ بند ڪئي وئي. هن اخبار جو معيار سٺو هو،
سندس آزاد سنڌ نمبر 1936ع ۾ هڪ تاريخ ساز ڪارنامو
هو. ان وقت جي مشهور لکندڙ مثلاً خانبهادر صديق
ميمڻ، ميران محمد شاهه، نارائڻ داس ميوارام
ڀمڀاڻي، پروفيسر ملڪاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، محمد
عثمان ڏيپلائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جن ڪئين مضمون، شعر، مقالا ۽ ڪالم لکي ان وقت جون اخبارون
سينگاريون ۽ 1947ع جي تحريڪ کي هٿي ڏني.
ٻيون به ڪئين اخبارون هيون جيئن شيخ مجيد
سنڌيءَ جي ”هيت الامين“ محمد هاشم مخلص ٽکڙائي جي
”مسلمان“ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي هفت روزه
”الاصلاح“ جي ايم سيد جي اخبار ”قرباني“، پير علي
محمد راشديءَ جي ”ستاره سنڌ“ (جيڪا سکر مان نڪرندي
هئي) ۽ مشهور اخبارن ۾ عبرت جو نالو تمام اهم آهي.
سنڌي صحافت جي اڳوڻي دؤر ۾ شيخ مجيد ۽ محمد عثمان
ڏيپلائي اهي ٻه اڳواڻ هئا جيڪي تحريڪ آزاديءَ جي
اڳواڻن ۾ شامل ٿين ٿا. شيخ مجيد جا ڪالم”الوحيد،
سنڌ، مهراڻ ۽ عبرت ۾ ”نعره مستانه“ جي نالي سان
ڇپيا. ڏيپلائي صاحب هڪ ئي وقت ناول نگار، اديب،
ڊرامه نگار، صحافي، پبلشر ۽ نثر نويس هو. سندس
مضمون ۽ ڪالم آزاديءَ جي جدوجهد ۽ ان کان پوءِ
وارين اخبارن جي سونهن ۽ زنيت هئا. ”عبرت“ سندس
ذاتي اخبار هئي، جيڪا پوءِ قاضي خاندان جي حوالي
ٿي، قاضين به هن اخبار سان پاڻ ملهايو ۽ کيس گهڻي
ترقي ڏياري.
سنڌي صحافت جو ٻيون دؤر (1947ع کان هيل تائين)
آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ نئين اٿل آئي،
قومن جي زندگيءَ ۾ اهڙيون اٿلون ۽ وهڪرا سندن علم
۽ ادب جا ماپا بدلائيندا آهن. نوان انقلابي ادب
نئين سر اُسرندا آهن. سنڌي صحافت 1947ع کان پوءِ
نئين موڙ ۽ نئين قومي جذبي سان اڳيان سامهون آئي.
ڏيپلائي ۽ شيخ مجيد کان
سواءِ سراج ميمڻ، طارق اشرف ۽ امر جليل تائين
ڪيترن ليکڪن هر وقت سچ لکيو ۽ وڏي جگر سان لکڻ کي
نڀايو ۽ مٿن ڪئين پابنديون پيون ۽ جيلون ڪاٽي
تڪليفون سهي به سچ جو ساٿ نه ڇڏيائون.
شروع جي اخبارن لاءِ تحقيق اهي وقت ڏکيا
هئا، جڏهن پرنٽنگ جا مسئلا هئا، ڊسٽري بيوشن،
ڪمپيوٽرائيزيشن، فوٽو ٽائپنگ، مطلب ته جيڪي به
پريس جي لوازمات هجن انهن سڀني جي ڪمي ۽ گڏ ناڻي
جي ڪمي ۽ ان کان وڌيڪ آزاديءَ اظهار جي رُڪاوٽ،
اهي سڀ اهڙا مسئلا هئا جن ۾ سنڌي صحافت تمام مشڪل
سان
Survive ڪيو. پر ته به جس هجي اسان جي ليکڪن، اديبن، صحافين ۽ ايڊيٽرن
کي جن سنڌي زبان کي سنڌي اخبارن ۽ رسالن سان
مالامال ڪيو. هلال پاڪستان ڪراچي، عبرت، مهراڻ
حيدرآباد، آفتاب ۽ سنڌ نيوز، صداقت، برسات، هلچل. پيغام، پارس، نئون نياپو، نئين زندگي، سنڌ
سجاڳ، ڪينجهر، سهڻي، اڳتي قدم، سگهڙين سٿ ۽ ڪئين
رسالا ۽ مئگزين سنڌي ادب جي سونهن بنيا آهن. سنڌي
ادبي بورڊ جو ٽماهي مهراڻ ان ڏس ۾ هڪ بهترين قدم
هو. هندستان ۾ به ڪئين سنڌي اخبارون ۽ رسالا نڪرن
ٿا جيڪي سنڌي صحافت ۽ سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ
ويجهائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سنڌ يونيورسٽي جو شعبو صحافت ان ڏس ۾ ڪافي
ذمه دار شعبو آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ سنڌي
صحافت جو هميشه ساٿ رهيو آهي. هيءُ ادارو 1962ع ۾
قائم ٿيو ۽ کيس 1971ع ۾ باهه جو واقعو پيش آيو ته
سنڌ جي سڀني اخبارن هن کي تمام گهڻي ڪوريج ڏني ۽
هن واقعي کي سنڌي قومي سانحو قرار ڏنو. عبرت اخبار
ته تمام سٺو ايڊيٽوريل ”ذلالت جي انتها“ جي عنوان
سان ڏنو.
ون يونٽ 4 مارچ جي تحريڪ ۽ سنڌي ڪتابن تي
پيل پابندين تي ۽ اديبن جي نظربندين تي سنڌي
اخبارن ۽ صحافت هميشه مؤثر قدم کنيا آهن. ڪراچي ۽
حيدرآباد جي لساني وڳوڙن کي به سنڌي اخبارن اهميت
ڏني ۽ عوام کي سجاڳي جي لهر عطا ڪئي. سنڌي رسالن
خاص طور اديون، سوجهرو، برسات ۽ سهڻيءَ سهڻو ادبي
مواد پيش ڪيو. 1986ع ۾ سنڌالاجيءَ طرفان ڏات ڌڻين
جي رٿا جو پروگرام شروع ڪيوويو، جنهن کي 6 مارچ جي
هلال پاڪستان ڪراچيءَ جي اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾
”نيڪ قدم“ جي عنوان سان گهڻو ساراهيو. ”ڏات ڌڻين
جي رٿا“ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جن
سواست سؤ کان به وڌيڪ جلد تيار ڪيا آهن. جن ۾
ڪيترين ادبي شخصيتن ۽ جماعتن جي ڪارڪردگي جو رڪارڊ
آهي. ان کان
سواءِ سنڌي مئگزين ۽ ديني ادب جا ڪئٽلاگ، ڇپيل
سنڌي ڪتابن جي تفصيل، سنڌي ليکڪن جي ڊائري، قلمي
نسخن جو ڪئٽلاگ، لطيفيات وغيره شامل آهن. ادب جي
فروغ لاءِ سنڌالاجي جي طرفان ڪئين خبرناما تيار
ڪري سنڌي اخبارن ڏانهن موڪليا ويندا آهن. سائين جي
ايم سيد جي ڪوششن سان سنڌي ادبي بورڊ جو قيام عمل
۾ آيو. هن اداري ڪئين سنڌي تاريخي ڪتاب ڪلاسيڪل
شاعري، لوڪ ادب ۽ لغتون ڇپائي پڌريون ڪيون آهن.
”شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز“ ۽ ”انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي“ بهترين ادبي خدمتن جا ادارا آهن. اهي
سڀ ادار سنڌي صحافت ۽ ادب جا اهم مرڪز آهن.
”جمعيت الشعراءَ سنڌ“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ به سنڌي ادب ۽ صحافت جي ترقي لاءِ ڪئين
اقدام کنيا آهن، جيڪي قابل تعريف آهن. سنڌالاجي جي
ريسرچ لائبريري جنهن ۾ 1854ع کان جون اخبارون
سنڀالي رکيل آهن اهو هڪ اهم قدم آهي. سنڌي اخبارن
جي معيار کي اڃان به وڌيڪ سڌارڻ جي ضرورت آهي، جو
هو بين الاقوامي معيار سان
Uptodate هجن. اسان ڏسنداسين ته اڃان به ڪجهه سنڌي اخبارون ڪاروڪاري،
اغوا، ڌاڙيل فيڪٽر، ڌيان طلب اشتهار ۽ ٽينڊر نوٽيس
سان ڀريل نظر اينديون ۽ جن ۾ ادبي مواد مفقود
هوندو آهي. يا گهٽ هوندو آهي. ڪجهه اخبارون ڪنهن
خاص سبب جي ڪري به وڌيڪ ڪامياب ٿينديون آهن. هلال
پاڪستان ڪراچيءَ ۾ امر جليل جا ڪالم ”تنهنجون
منهنجون ڳالهيون“ مقبول عام هئا. سندس ڪالمن جا
ڪردار ڦندڻ ۽ ڌنو، چينو وغيره مشهور ٿي ويا. اها
اخبار پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبول ٿي. ڪجهه ڪالم نگار ۽
ايڊيٽر ۽ اخبار کي ائين کڻندا آهن جو کيس سٺو
اعليٰ مقام ڏيارائي عوام ۾ مقبول ڪندا آهن.
اڄڪلهه سنڌي اخبارن ۾ ڪاوش، عبرت، سنڌ نيوز،
هلال پاڪستان ۽ ڪئين اخبارون آهن، پر سنڌي رسالن
جي ڪافي کوٽ آهي. سنڌي ادب ۾ اڄڪلهه مئگزين ۽
رسالا گهٽ پيا نڪرن، باقي سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي
يونيورسٽي ۽ خيرپور يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبن مان
تحقيقي مئگزين ۽ جرنل ڪڍي علمي ادبي ۽ تدريسي
خدمتن جا مثالي ڪارناما سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
ڪيتريون ٿيسز ۽ ڪيترا مواد سامهون آيا آهن، جنهن
سان سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ٿي آهي. بيشڪ ادب جيءَ جو
جياپو ۽ ٻولي انساني زندگيءَ جو سرمايو ۽ ورثو
آهي.
اڄڪلهه جي دؤر ۾ ادب ۽ ٻولي صحافت جي ذريعي
زنده رهن ٿا. سنڌي صحافت سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تمام
سٺي خدمت ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌي نثر، نظم، تاريخ ۽
ثقافت ڪالم نگاري ۽ مضمون نگاري ۽ ٻين ڪيترين صنفن
صحافت جي ذريعي ڪاميابي ماڻي آهي. ويهين صديءَ ۾
سنڌي ادب ۽ صحافت سٺي ترقي ڪئي. جو بين الاقوامي
طور به سنڌي ادب تي به ڪم رهيو آهي، هندستان ۾
سنڌي اخبارون ۽ رسالا نڪرن ٿا . سنڌي اخبارون هاڻي
انٽرنيٽ تي ڪمپيوٽر جي ذريعي پوري دنيا ۾ پڙهجي
سگهجن ٿيون. ان ڪري سنڌي صحافت کي بي ريائي، اڻ
ورچائي ۽ بغير لالچ سان پنهنجون ذميواريون نڀائڻ
کپن ۽ صحافت جو تمام سٺو معيار رکڻ گهرجي.
ناول ”غريبن جو ورثو“ هڪ نظر
ناول ”غريبن جو ورثو“ پروفيسر نارائڻ داس
ميوارام ڀمڀاڻيءَ سن 1946ع ۾ لکيو جيڪو 1960ع ۾
ڇپيو ۽ هيستائين هن ناول جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا
آهن. هيءُ ناول سنڌ يونيورسٽي جي بي اي جي نصاب ۾
شامل آهي. ڀمڀاڻي صاحب جو شمار پنهنجي دؤر جي
بهترين ناول نگارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ناول اعليٰ
ويچارن ۽ ڳوڙهن مسئلن جي اپٽار ڪن ٿا. هر ناول جي
مهاڳ ۾ ناول جي موضوع، پلاٽ ۽ ڪردارن بابت سمجهاڻي
ڏني اٿن. جنهن جي ڪري ناول جو موضوع ۽ مقصد صحيح واضح ٿين ٿا. هر ڪا ادبي لکت پنهنجي وقت جي
آئينه دار هوندي آهي، جنهن ۾ سندس وقت ۽ حالتن جي
عڪاسي هوندي آهي. ڀمڀاڻي صاحب جا ناول ادبي لحاظ
کان اعليٰ ۽ پنهنجي دؤر جا بهترين سماجي عڪس آهن،
پاڻ سٺو مترجم هو ۽ طبعزاد ناول به لکيائين.
سنڌيءَ ۾ سندس طبعزاد ناولن ۾ ”غريبن جو ورثو“ هڪ
اهم حيثيت رکي ٿو. ناول جي مهاڳ ۾ ناول جي عنوان
کي واضح ڪيو اٿن ته ”غم بيشڪ غريبن جو ورثو آهي،
سانده ڏک سهڻ جي ڪري سندس سيرت گهڙجيو ٿي وڃي”
معنيٰ ته اسين جيڪڏهن غور ڪنداسين ته سماجي جوڙجڪ
اسان کي انهيءَ الميي جي ذميدار لڳندي جنهن ۾ غريب
کي بنيادي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي. اقتصادي
بدحاليءَ جي ڪري نراسائي سندن نصيب آهي،اجهي لٽي
کان سواءِ تعليم ۽ صحت جي حقن کان به هو محروم رهي
غمن ۾ گهيريل ٿو هجي برداشت ۽ صبر جي ڪري اخلاقي
طور مضبوط پر معاشي بدحاليءَ جي ڪري ضروريات
زندگيءَ کان محروم ڏکي ۽ تڪليفده زندگي گذاري ٿو.
ناول جو پلاٽ؛
هن ناول جو پلاٽ حقيقي واقعن تي مشتمل آهي.
هيءُ ناول به سنڌ جي مشهور ضلعن نوابشاهه ۽
ٿرپارڪر سان تعلق رکي ٿو. ان ڪري ”ناول جي ترتيبي
جزن“، اسلوب، گفتگو ۽ منظر نگاريءَ ۾ اُتان جي
معاشرت جو ذڪر آهي. زمان ۽ مڪان جي لحاظ کان ناول
باترتيب آهي، منجهس جنهن دؤر جو ذڪر آهي، اُن دؤر
جي ماحول ۽ سماج جي پراثر
عڪاسي آهي.
منظر نگاري؛
ناول ”غريبن جو ورثو“ جي منظر نگاري اعليٰ
درجي جي آهي، ويساکيءَ
جي ميلي جو احوال، پيروءَ جي ڳائڻ جو احوال،
حياتان جي موت جو منظر، حميد ۽ جنت جون ملاقاتون،
سچل جو ڪتي کي مارڻ ۽ سندس موت تي ڏک جا تاثرات.
1929ع جي ٻوڏ جو ذڪر، اهي سڀ بيان سٺيءَ منظر
نگاريءَ سان اثرائتا آهن.
مڪالمه نگاري؛
گفتگوءَ جي ذريعي ناول ۾ واڌ ويجهه ٿيندي
آهي ۽ ڪهاڻي پر اثر ٿيندي آهي، جيڪڏهن مڪالمن ۾
حقيقت نگاريءَ جو عڪس هوندو آهي ۽ مبالغه آرائي نه
هوندي آهي، ته ڪردارن جي پراثر ۽ دلڪش گفتگو
پڙهندڙ کي راغب ڪندي آهي. غريبن جو ورثو جا مڪالما
لازوال آهن. پيروءَ کي جڏهن حميد پئسا ورهائڻ کان
منع ٿو ڪري ۽ شرناءِ کي ٻه ٽڪر ٿو ڪري ته زميندار
صادق کي هينئن ٿو چوي. ”سائين سوين طرزون
سڻايانوَ، پر شرناءِ به
ختم ٿي ويئي ان سان گڏ طرزون به ختم ٿي ويون هاڻي
ڳائڻ تي دل نٿي چيو ڪري معاف ڪجو“. سندس ايمان هو
ته جڏهن به پاڻ غريبن کي ڳائڻ مان مليل پئسا نه
ورهايا ۽ سخاوت نه ڪئي ۽ سائل موٽايو ته سندس راڳ
۽ ساز کيس الوداع ڪري ويندا کيس گلي ۾ جيڪو ميٺاج
آهي، اهو انهن غريبن جي دعائن جي صدقي آهي.
اڻ پڙهيل پيروءَ جي واتان مصنف عقلمنديءَ ۽ ڏاهپ
جا گفتا چورايا آهن، کيس سچو سخي ۽ محبتي انسان
ڪري پيش ڪيو آهي. هڪ هنڌ پيرو پٽ حميد کي چوي ٿو؛
”هو اسان کان غريب آهن، ياد رک جي وٺڻو
اٿئي ته ڏيڻو به پوندءِ“
يا
”ڪڪر برسات وسائين ٿا، غير آباد زمين کي
پاڻي پهچائي سرسبز ڪن ٿا ته سندن جاءِ آسمان ۾
آهي.“
جيڪو ماڻهو صرف پنهنجي پيٽ لاءِ جيئي ٿو ۽
وجهه ملڻ تي به غريب جي خالي جهولي نه ٿو ڀري،سو
جيئرو رهي ڇا ٿو ڪري؟“
ٻولي؛
ٻوليءَ جي لحاظ کان هن ناول ۾ ڪيترائي سٺا
پهاڪا ۽ اصطلاح ڪتب آيل آهن، جيئن مثال طور پيروءَ
جا بيماريءَ مهل لفظ ته ”نه ٿيو آهيان ڏوهڻ جو نه
ڪهڻ جو“
”يا
غريب
جو ته واءُ به ويري“ ۽
”سگهو کائي ان اگهو کائي ڌن“ وغيره، پهاڪن ۾
وهلور وڃڻ، گهڙيءَ گهڙيءَ جا وڍ، پوڻو پوڻ وغيره.
ناول ۾ ادبي سليس ۽ سهڻي ٻولي ڪتب آيل آهي،
غير ضروري ڏکين ۽ ٻين ٻولين جيئن عربي، فارسي ۽
هنديءَ جي لفظن کان اجتناب ڪيو ويو آهي.
ڪردار نگاري؛
ڪردار نگاريءَ ۾ ناول نگار تمام مناسب ۽
ڪارائتا ڪردار بيان ڪيا آهن، گهڻا ۽ غير ضروري
ڪردار ناول ۾ ڀرڻ کان پاسو ڪيو اٿن، جيڪي به ڪردار
آهن
سي ناول جي ضرورت ۽ منڊيءَ تي ٽڪ آهن، سڀ ڪردار
زندگيءَ جا جيئرا جاڳندا ۽ حقيقي ڪردار لڳن ٿا.
سندن خواهشون ۽ سوچون فطري آهن، حميد جي علم جي
تمنا، پيروءَ جو سخاوت جو جذبو، صادق علي زميندار
جي همدردي، سچل جو قربانيءَ جو جذبو اهم آهن. جنت وفا ۽ محبت جو پيڪر آهي، ڀمڀاڻيءَ جا ڪردار همدرد سٻاجها
۽ فرض ادائي ۾ اڳيان اڳيان آهن، ليکڪ ڪردارن جي
واتان سندن جذبات کي سهڻي نموني واضح ڪري کين اهم
حيثيت ڏياري آهي، حميد آخري گهڙين ۾ جنت کي چوي
ٿو.
”جنت هميشه لاءِ ماٺ ڪرڻي اٿم، مگر جيسين
ڳالهائڻ جي طاقت ڀانيان ٿو، تيسين توسان ڳالهائي
دل نه وندرايان، توسان روح رهاڻ ڪندي بيماري ڀلجي
ٿو وڃان“
يا پيرو مڱڻهار مرڻ مهل چوي ٿو.
”موت پيدا ڪري خالق پنهنجي مخلوقات لاءِ
پيار جو اظهار ڪيو آهي، آدمي انيڪ دفعا موت کي سڏ
ڪري ٿو، موت نه هجي ته ڪير آدميءَ جا سڏ اونائي ۽
ڪير هن جي سورن جي پڄاڻي آڻي؟“ پيروءَ جو ڪردار
ناول جي مرڪزي خيال مطابق آهي، جيڪو انسان ذات جي
ڀلائيءَ لاءِ قرباني ڏي ٿو، جنت بظاهر هڪ ڳوٺاڻي
ڇوڪري آهي پر ناول نگار کيس وفادار، باشعور پر
خلوص ۽ محبتي ظاهر ڪيو آهي، جنت حميد سان اظهار
محبت ۾ چوي ٿي ته ”تنهنجيءَ محبت مون ۾ قربانيءَ
جو جذبو پيدا ڪيو آهي، مون مان پنهنجي پاڻ لاءِ
پيار تڙي ڪڍيو آهي، محبت ۾ اهائي ته خوبي آهي جو
انسان مان خودي صفا ڪڍيو ڇڏي.“
ناول جو هيرو پڻ سلجهيل ذهن وارو، علم لاءِ
چاهه رکندڙ، شريف ۽ فرض ادائيءَ ۾ اڳڀرو آهي.
اسلوب بيان ۽ تاثر؛
هن ناول ۾ مصنف جو اهم مقصد آهي ته غريب به
انسان آهن ۽ کين صرف غريبيءَ جي ڪري زندگيءَ جي
بنيادي حقن کان محروم رهڻو ٿو پوي، مصنف مطابق
غريب سخي آهي، غريب علم جو چاهه رکن ٿا، غريب کي
محبت ڪرڻ جو حق آهي، غريب فرض شناس آهي، غريب جان
جي قرباني ڏيڻ کان به نٿو ڪيٻائي، غريب کي صحيح
علاج به نصيب نٿو ٿئي وغيره. مصنف اهو تاثر ڏيڻ ۾
ڪافي حد تائين ڪامياب آهي.
خاميون؛
جيئن ته ناول هڪ طويل صنف آهي ان ڪري تسلسل
برقرار رکندي به ليکڪ کان تسلسل ٽٽي ويندو آهي، هن
ناول ۾ به ليکڪ پنهنجي اهم مقصدي ڪردار پيرو
مڱڻهار کي جلدي موت ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن سان ڪهاڻي
جو رخ ئي بدلجي ويو آهي ۽ ٻيو ته بيشڪ پيروءَ کي
سخاوت واري دل هئي يا غريب هئڻ جي حيثيت سان کيس
دل ۾ غريبن لاءِ صحيح معنيٰ ۾ درد هو پر ڇا هڪ
پيءَ جي حيثيت سان سندس اهو فرض نه هو ته هو
پنهنجي ڪمايل پئسي مان اڪيلي پٽ جي تعليم تي خرچ
ڪري جيڪا سندس جائز خواهش هئي جڏهن ته علم عبادت
آهي ۽ سندس درجو مٿي آهي، پنڻ واري جو درجو هميشه
هيٺ رهيو آهي. پيروءَ جي واتان مصنف تمام عقل ۽ ڏاهپ جا گفتا چورايا آهن ۽ هو حميد کي سچل جي فرض ادائي جي حق
لاءِ به زور ڀري ٿو پوءِ هڪ مثبت ڪردار منفي رويو
اختيار ڪري جذباتي ٿي شرناءِ ٽوڙي ٿو ڇڏي.
جنهن سبب سان بيمار ٿي مري ٿو وڃي، ڪجهه غير ضروري
لڳي ٿو. حميد هڪ فرض شناس ۽ بهادر نوجوان آهي، پر پيءُ جي وفات کان
پوءِ دلشڪستو ٿي تعليم کي جلدي ڇڏي ڏئي ٿو، جيڪو
مناسب نه آهي ۽ پڻس کيس مرڻ مهل وصيت ٿو ڪري ته
”سچل تنهنجي ماءُ جي حصي جي محبت ۽ توجهه ڏني آهي
سندس ٿورا لاهج“ پر حميد تي مجازي عشق غالب آهي هو
جنت جي محبت ۾ گرفتار ٿي سچل کي وساري ٿو ڇڏي ۽
فرض کان لاپرواهه ٿو ٿي وڃي، جيڪو هڪ پڙهيل ۽ فرض
شناس شخص کي نٿو سونهي. اڳيان هلي بي شڪ هو سچل جي
اتفاقيه ملڻ کان پوءِ سندس خدمت ڪري جان به قربان
ڪندو آهي پر کيس پيءُ جي وصيت مهل خيال ڪرڻ کپندو
هو، ناول جي هيروئن کي آخر ۾ سڄي زندگي حميد جي
قبر تي گل چاڙهيندي ۽ روئيندي ڏيکاريو ويو آهي،
جيڪو خلاف فطرف ۽ مذهب آهي.
بنيادي طور ڀمڀاڻي صاحب ڏک جو اونهو اڀياس
ڪيو آهي، سندس نظريي مطابق دکدائڪ تحرير پر اثر
آهي، سندن چوڻ مطابق ”غمگين پڄاڻيءَ واري قصي جي
سورمي يا سورميءَ ۾ ڪي لياقتون هجن ٿيون جي هر
ڪنهن ماڻهو ۾ نظر نه اينديون“ ان ڪري هن پنهنجن
اهم ڪردارن کي موت ڏيئي امر ڪيو آهي.
انيڪ خوبين ۽ معمولي خامين سان هي سنڌي سماج
جي ويهين صديءَ جي اڌ واري حصي جو سٺو دکدائڪ
سماجي ناول آهي.
ناول
”جهان
آرا“
هڪ نظر
ناول”جهان آرا“ عبدالرزاق عبدالسلام صاحب جن جو لکيل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان پهرين دفعو 1956ع ۾ ڇپيو
۽ هيستائين ڪيترائي دفعا ڇپجي چڪو آهي. هيءُ ناول انٽرميڊيئٽ حيدرآباد بورڊ جي
سنڌي نصاب ۾ شامل آهي، 164 صفحن ۽ سورهن بابن تي
مشتمل هيءُ مختصر ناول سنڌي ادب جي شروعاتي طبعزاد
ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو، ناول جي منڍ ۾ ئي ناول نگار
ڄاڻايو آهي ته پاڻ سندس ڀاءُ عبدالفتاح ميمڻ جي
ڪم عمريءَ جي وفات سبب ڏک ۽ محبت جي
اظهار طور هيءُ ناول لکيو آهي.
ناول جهان آرا جو پلاٽ؛
هن ناول جو پلاٽ غير مربوط آهي، منجهس غير
ضروري ڳالهيون
۽ مواد کي ڀريو ويو آهي، سفيد پوش درويشن کي اولاد
۽ والدين جي اهم رشتي کان به وڌيڪ اهميت ڏني ويئي
آهي، سڄي ناول ۾ درويشن
جو ڄار وڇايل آهي. ناول جي هيرو ۽ هيروئن جي
پيدائش ٻئي ۽ ٽئي باب ۾ ٿئي ٿي ۽ کين ناول جي اڌ ۾
آندو ويو آهي ۽ تقدير پرستيءَ جي تبليغ آهي، هيرو
۽ هيروئن جا ڪردار نامڪمل آهن. ڪهاڻي غير فطري آهي،
باقي ناول جي ڪهاڻي جو اهم موضوع نيڪيءَ جي واکاڻ
بديءَ کان بچاءُ جو آهي، مرڪزي خيال عورت جي وفا ۽
پيار جو پاڪيزه جذبو آهي. همت ۽ محنت جي تلقين آهي
۽ سڀني جي ڪم اچڻ ۽ اخلاق سان پيش اچڻ جي احساس کي
اُجاگر ڪيو ويو آهي. هيءُ هڪ سماجي ۽ اخلاقي قصو
آهي، جيڪو بادشاهن وزيرن ۽ درويشن جي چوگرد ڦري
عام انسانن جي نمائندگي پڻ ڪري ٿو ۽ کين محنت
ڏانهن راغب ڪري ٿو،
”مهراڻ جي موجن ۾ جيسين سهڻي پنهنجي سر جو
سانگو نه لاهيندي تيسين کيس ساهڙ نه ملندو.“ معنيٰ
ته انسان کي زندگيءَ ۾ ڪوشش ۽ محنتن کي نصب العين
بنائڻ گهرجي.
ٻولي؛
هن ناول جي ٻولي وڻندڙ ۽ سليس آهي خود
ناول نگار ديباچي ۾ لکي ٿو ته مون غير ضروري عربي
۽ فارسي جا لفظ لکڻ کان اجتنات ڪيو آهي. منجهس
ڪئين پهاڪا ۽ محاورا برجستا ۽ موقعي مهل مطابق آهن، جيئن ”انبن جون سڪون انبڙيون نه
لاهينديون“ يا ” منڊيءَ تي ٽڪ“، ”لعل لڏ به نه
لڪي“، ”راجهن واريون رمزون لائڻ“، ”گهر جو پير
چلهه جو مارنگ“، خون
۽
کٿوري نه لڪن وغيره بادشاهه جي محلات جو احوال پر
اثر آهي، شاعريءَ ۾ غزلون، قطعه يا شعر وقت سر
مناسب آهن، جيئن
پتنگ وانگر، پچي پڄري، پلئه پرين پيس جي
مان،
ڀلي شمعا! سڄو سارو جلايو آستان منهنجو.
يا
پنهل ريءَ پهت ٻيو ڪهڙو اٿئيي ڀنڀور سان
ڀوري،
جيئن ڇو ٿي جتن ڌاران، محبن ريءَ مرڻ گهرجي.
انهيءَ کان
سواءِ باغ جي خوبصورتيءَ جو ذڪر يا درويشن جا سمجهاڻيءَ جا
نڪتا يا ڪردارن جي گفتگوءَ ۾ ڪيترائي سهڻا ۽ پراثر
مڪالمه آهن، جن مان ليکڪ جي ٻوليءَ جي قابليت جي
خبر پوي ٿي.”لوڪ جا سڀ لاڳاپا لاهي، جتن سان جيئڙو
کڻي جڙيم، ڄڻ گولن جي گولي ٿي، ٻانهپ واري ٻولي
ڪري، آئون عيبن هاڻي، ننڊ نهوڙيءَ وانگي خان
ٻاروچي جي ڳولا ۾، ڳوٺن جا ڳوٺ لتاڙيندو پئي ويس“.
”سر تي سوز ۽ فراق جا بار چاڙهيو، جانب جي
جاڙ دل ۾ ڪيو، شهر ڀنڀور جي ماڻهن جا مهڻا جهليو،
ورهه جي واڳ هٿن ۾ کنيو، برهه جي بازار مان
لنگهيو، ڪيچ ڏي ڪاهيو وڃان مگر پنهل جي پچار ڪانه
پيئي پويم“. مطلب ته ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪتاب ۾ سهڻي
سليس ۽ تجنيس حرفيءَ سان سينگاريل ٻولي استعمال
ٿيل آهي.
هن ناول ۾ ڪردارن جي بيان بازي سان ٻولي
ڪجهه حد تائين مبالغه آرائي تي پڻ مشتمل آهي.
ڪردار نگاري؛
ڪردار نگاريءَ جي لحاظ کان هيءُ هڪ ناڪام
ناول آهي، جنهن ۾ فقير پرستي ۽ بادشاهن ۽ وزيرن جو
ذڪر آهي، جنهن جي ڪري خيالي قصو ٿو لڳي جيئن ته
جهان آرا ۽ جهان خان جا ڪردار اثرائتا ڪونهين خاص طور جهان خان کي بلڪل غير اهم ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن جي
عشق جو اظهار ڪٿي به محسوس نٿو ٿئي بلڪه جهان آرا
جي محبت هڪ طرفي لڳي ٿي، جهان خان جا احساسات آخر
۾ جهان آرا جي وفات کان پوءِ محسوس ٿين ٿا. حامد ۽ عابد لائق ۽ اهل ڏيکارڻ کان پوءِ پيءُ ۽ ماءُ کي
وساري سالن جا سال غير ذميدار ۽ نااهل اولاد لڳن
ٿا. ڪردارن کي قسمت جي هٿان رانديڪو ظاهر ڪيو ويو
آهي، ڪردار جي هر اوڻائي قسمت جي سر ٿوڦي ويئي آهي. هيرو ۽ هيروئن جو تعلق زوريءَ ڳنڍيو ويو
آهي، باقي ناول جا ڪردار پاڪيزه ۽ صاف دل آهن.
ناول جي مرڪزي خيال مطابق مرد عورت کي بي وفا ۽
فتني و فساد جو موجب سمجهي ٿو حالانڪه عورت وفا جي
پتلي ۽ پيار جو پيڪر ۽ پاڪيزه صفت
آهي. پر ناول نگار پنهنجي مرڪزي خيال کي واضح ڪري
نه سگهيو آهي.
جهان آرا لطيف مالهيءَ جي اها حسين ڌيءَ هئي
جيڪا چوڏهين جي چنڊ مثل هئي پر سندس مقدر کانئس
رٺل هو، جيڪا بادشاهه جي حڪم تي سندس پٽ جهان خان
سان گڏ مڪتب ۽ علم حاصل ڪري ٿي ۽ ٻئي هڪٻئي سان
ٻاروتڻ ۾ پيار ۽ محبت سان پيش اچن ٿا پر جهان آرا
کي سندس پيءُ پردي ۾ ويهاري ٿو ۽ کيس جهان خان جي
ياد اندر ۾ عشق جي آتش ٿي دکائي جنهن سبب کان هوءَ
بيمار ٿي ڳرندي ٿي وڃي پر صرف سنڌي سماج جي بلند
اخلاق نياڻي مائٽن جي عزت خاطر حرف به زبان تي نٿي
آڻي جنهن سببان ڳارائي ۾ ڳري سندس وفات ٿئي ٿي.
ناول نگار جهان آرا ۽ جهان خان کي اوليت ڏيڻ
جي بجا پيءُ پٽن ۽ ڀاءُ جي وڇوڙي جي چوگرد ڪهاڻي
کي گهمايو آهي، جنهن سان هو اهم ڪردار اُجاگر ڪري
نه سگهيو آهي.
منظر نگاري؛
هن ناول جي منظر نگاري اهم آهي، بادشاهه جي
محلاتن درٻارن ۽ باغن جو احوال يا جهان آرا جي موت
جو ۽ جهان خان جي شاديءَ جو احوال اهم آهن، جڳهه
جڳهه تي عمدا منظر پيش ڪيل آهي.
جهان آرا جي محبت جي باري ۾ ليکڪ واضح ڪري
ٿو.”گهڻو ئي عرصو گذري ويو سالن جا سال لنگهي ويا،
مگر اهو جهوراڻو نه ويس جڏهن بالغ ٿي ۽ جواني جا
جوهر تيز ٿيا ساري رنگت بدلي ۽ هوءَ زالن جهڙي زال
ٿي ته دل جا اُمنگ زياده اڀريس ۽ پنهنجي لالڻ جي
لنؤن ۽ يادگيري وڌيڪ ٿيس“ جهان آرا پنهنجي محبت کي
سالن جا سال مخفي رکيو نيٺ سندس موت اهو معمو
کوليو.
نينهن نهائين کان سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه
نڪري.
جهان خان جا جهان آرا جي موت مهل خيال مصنف
جي اندر جو آواز آهن، اي موت! توتي ”موت“ وارد ٿئي
تون شل جهان مان هميشه جي واسطي لاڏاڻو ڪري وڃين.“
حاصل مطلب ته هيءُ سنڌي ٻولي جو ورهاڱي کان
اڳ جو طبعزاد ناول آهي، جيڪو ڪافي خامين جي باوجود
به شروع جي دؤر جي ناولن ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿو،
ٻولي، منظر نگاري ۽ مقصد جي لحاظ کان سندس هڪ الڳ
حيثيت آهي.
|