سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :11

 

ڀاڱو ٽيون

لطيفي مضامين

وحده لا شريڪ لهُ

شاهه جي ڪلام ۾ وحدانيت جي سمجهاڻي

وحده لا شريڪ له، جن اتوسين ايمان،

تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان،

اوءِ فائق ۾ فرمان، اَوتَڙ ڪنهن نه اوليا.

”سرڪلياڻ“(1-2)

شاهه ڀٽائي جو ڪلام وحدانيت جي فلسفي جي اپٽار آهي. پاڻ الله پاڪ جي ايمان سان گڏ پيغمبر محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اڳيان سر نوائڻ جي هدايت ڪئي اٿن. خدا ذوالجلال هڪ آهي، ان جي ذات وحده لاشريڪ آهي، اهو ايمان جيڪي آڻين ٿا سي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن کي وسيلو دل ۽ زبان سان مڃن ٿا، حڪم خداوندي آهي. ته اُهي ڪڏهن به گمراهه نه ٿيا ۽ اُبتي رستي نه مڙيا، شاهه صاحب جن قرآن پاڪ ۽ مثنويءِ مولانا روم جو گهرائي سان مطالعو ڪيو هو، اسان غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته آخر ڪير آهي؟ جيڪو هن سڄي هستي ۽ دنيا جي ڪارخاني کي بغير رڪاوٽ جي تسلسل سان هلائي رهيو آهي، رات مان ڏينهن ۽ ڏينهن مان رات زندهه کي مردھ ۽ مردھ کي زندھ ڪرڻ وارو بيمارن کي صحت ڏيڻ وارو ايتري عظمت وارو ڪير آهي؟ جيڪو حاڪمن جو به حاڪم آهي. يقينن خدا پاڪ جي ذات آهي، جنهن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ سڄيءَ دنيا جا وڻ قلم ٿي وڃن ۽ سمنڊ مس ۾ تبديل ٿي وڃن ته به ذڪر خداوندي بيان ڪري نه سگهبو.

ڪري پاڻ ڪريم جوڙون جوڙ جهان جون

الله تعاليٰ جي ذات عظيم آهي، سندس ڪبريائي بيان ڪرڻ انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي، اسين صرف انسان جي پيدائش کي ئي ڏسون ته ڪيئن پاڻي جي هڪ معمولي ڦڙي مان ماءُ جي پيٽ ۾ ٽن انڌيرن ۾ سمجهه عقل و شعور سان جيئرو جاڳندو انسان ٺهي ٿو. قرآن پاڪ ۾ اندازن ٽيهه 30 دفعا کان به وڌيڪ دفعا انسان جي پيدائش جو ذڪر آهي ته توهين پنهنجي پيدائش تي غور ڪريو ۽ ڪيئن ٿا چئو ته رب پاڪ توهان کي ٻيهر زندهه نه ڪندو ۽ جيڪي انسان خدا پاڪ جي وحدانيت تي يقين ٿا ڪن تن کي يقين آهي ته الله کان سواءِ ٻيو سائين نه آهي.

وحده جي وڍيا الاالله سين اورين.

اسلام جو پهريون رُڪن ڪلمو طيب آهي، جنهن مطابق اسين اعتراف ٿا ڪريون ته خدا پاڪ هڪ آهي، محمد رسول صلي الله عليه و آله وسلم خدا جو آخري نبي آهي. هيءَ سڄي دنيا سر سبزميدان، وڻ ٽڻ، جبل، سمنڊ، پکي پکڻ، حيوان انسان، مطلب ته زمين آسمان سڀ ڪجهه حڪم خداوندي يعني ”ڪن فيڪون“ سان عمل ۾ آيو آهي.

”الست بربڪم“ جڏهن ڪن پيوم،

”قالو! بليٰ“ قلب سين، تڏهن تت چيوم،

تنهن وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

(سرمارئي؛ 1- 1)

شاهه ڀٽائي ڪيترو نه سهڻو رب ۽ ٻانهي جي وعدي جو رشتو بيان ڪيو آهي، رب پاڪ سان ٻانهي جو رشتو ته روحن خلقڻ کان وٺي شروع ٿئي ٿو، مالڪ ۽ بندي جي وچ ۾ ته ازل جو رشتو آهي، انسان ڌڻيءَ جي پسنديده ترين مخلوق آهي، انهيءَ ڪري رب پاڪ انسان کي پنهنجي صورت مطابق خلقيو آهي.

خلق آدم عليٰ صورته

الله تعاليٰ آدم عليه السلام کي خلقي ڪل ڪائنات کان کيس سجدو ڪرايو. صرف شيطان انڪاري ٿيو جنهن کي رب پاڪ لعنتي ڪري تڙي هميشه لاءِ آسمانن تان ڪڍيو ۽ شيطان رب پاڪ جي عزت جي قسم کاڌي ته اي رب! ”آئون گمراهه ڪندس انسانن کي“ رب پاڪ کيس موڪل ڏني ۽ فرمايائين ته ”بيشڪ منهنجا پيارا بندا تنهنجي چوڻ ۾ ڪونه ايندا. آئون توسان ۽ ٻيا جيڪي تنهنجي چوڻ ۾ ايندا اُنهن سان دورخ ڀريندس، اُن مان ثابت ٿيو ته انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن شيطان آهي، اهو جيڪڏهن سندس نفس تي غلبو حاصل ڪري ٿو ته انسان رب العالمين جي قرب کان محروم ٿو ٿي وڃي اُن ڪري حڪم خداوندي آهي ته توهين پاڻ تي ڪائنات تي ۽ رب پاڪ تي غور ڪريو ۽ پوءِ ڌڻي فرمائي ٿو ته ”اسين توهان کي ساهه جي رڳن کان به ويجها آهيون“. صرف انسان جي پڪارڻ جي دير آهي ۽ ڪامل يقين جي قوت جي ضرورت آهي.

شاهه ڀٽائي فرمائي ٿو ته محبوب ته تو وٽ آهي، صرف ضمير جي آواز ۽ ان جو سڏ ٻڌ.

هوت تنهنجي هنج ۾ پڇين ڪوهه پهي؟

”وفي انفسڪم افلا تبصرون“، سوجهي ڪرسهي،

ڪڏهن ڪانه وهي، هوت ڳولڻ هٽ تي.

(سسئي آبري 5-8)

هو قادر مطلق بخش ڪرڻ وارو، هر شي جو مالڪ، سڀ کي پيدا ڪرڻ وارو، بندگي جي قابل آهي، نه ڪنهن کي ڄائو آهي ۽ نه ئي هو ڪنهن جي اولاد آهي. اسان کي جڳائي ته اسين شڪر ڪريون سندس نعمتن جو ۽ جن ڪمن جي منع ٿيل آهي اُهي نه ڪريون، ۽ سندس ئي بندگي ڪريون ڇو جو هو ئي بندگي جي لائق آهي ۽ کانئس ئي مدد گهرون اهو ئي اسان جي ٻانهي ٿيڻ جو ثبوت آهي،  هو واحد واحده آهي، ڪائنات جو وجود سندس وحدانيت جو مظهر آهي.

ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين،

جي مٿي رندن رئن، ساجن ملي تن کي.

(سسئي آبري7-6)

شاهه سائين جي ڪلام ۾ رب پاڪ تي مڪمل يقين جي قوت سان ايمان آڻڻ جي تلقين آهي، پوريءَ دنيا جو مالڪ والي واحد آهي. اهو سهڻو سائين انهن کي ٿو وصل جو پيالو پياري جيڪي سندس ڏسيل راهن تي روئندا ٿا وڃن، ڏينهن رات هڪ ٿا ڪن ۽ کيس ئي هڪڙو واحد ڌڻي ٿا سمجهن ۽ پوءِ اهي منزل ٿا ماڻين.

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

 

چنڊ! تنهنجي ذات پاڙيان تان نه پرينءَ سين،

تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.

(کنڀاٽ 1-9)

جڏهن سڄي دنيا تي جهالت، مايوسيءَ ۽ ڪفر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا، انسان حرص، لالچ، دشمنيءَ ۽ بي حسي ڏانهن وڌڻ لڳو هو، خدا پاڪ کي پنهنجي پيارن ٻانهن تي بي انتها ڪهل آئي ۽ نور جو سوجهرو ڪري محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن کي ڀٽڪيلن کي رستو ڏيکارڻ لاءِ موڪليائين.

وحشي ۽ غير مهذب دور ۾ ڪريل اخلاقي قدرن کي سهارو ڏيڻ لاءِ پاڻ ڪريم جن رحمته العالمين ۽ اخلاق جا عملبردار ٿي نور جو سوجهرو ٿي آيا. ڪائنات تخليق ڪرڻ کان اڳ ۾ خالق ڪائنات نور جي خزاني کي تخليق ڪيو ته جيئن هر شيءِ ۾ خالق جو مظهر نظر اچي، عاشقاني رسول جي عقيدي مطابق هو نور جو سوجهرو ٻيو ڪجهه نه آهي. خدا جا نور مجسم محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن آهن، جن جو سوجهرو سج، چنڊ ۽ ڪائنات جي هر سوجهري کان مٿي آهي، لطيف سائين نور جي هن سوجهري کي سوين سجن ۽ ڪئين چنڊن کان وڌيڪ منور ۽ روشن ڄاتو آهي.

سهين سجن اُڀري، چوراسي چنڊن،

يا الله ري پرينءَ، سڀ اونداهي ڀانيان.

(کنڀاٽ؛1-6)

پهرين آسماني ڪتابن جي تعليم ۽ پيش گوين مطابق سڀن اهل ڪتابن کي رسول اڪرم صلي الله عليم و آله وسلم جن جي اچڻ جو انتظار هو. پاڻ روشن دليل يعني قرآن پاڪ کڻي هن دنيا ۾ آيا ۽ عرب جي بت پرست ۽ ضدي قوم کي بلاآخر اخلاق حميده کان متاثر ٿي ايمان آڻڻو پيو. پاڻ سڄي زندگي حق ۽ سچ جي تبليغ ۾ لڳا رهيا ۽ مٿن ڪئين ظلم ڪفار جي طرفان ٿيا پر خدا پاڪ جي لاٿل حڪم جي بجا آوري تي قائم رهيا، اهي سندن اعليٰ اخلاق هئا، جيڪي کين سڄي عرب ۽ دنيا ۾ اعلي و ممتاز ڪري ويا.

جکري جهوجوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾،

مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،

”فڪان قاب قوسين اوادني“ اي ميسر ٿيس مڪان،

اي آگي جو احسان جنهن هادي ميڙيم ههڙو.

(بلاول؛ 2- 6)

ارشاد خداوندي آهي ته بيشڪ اي محمد صلي الله عليه و آله وسلم توهان اخلاق جا بلند آهيو، بيشڪ پاڻ ڪريم جن ٻارن سان پيار، عورتن سان عزت سان پيش ايندا هئا، يتيمن جا والي، غلامن جا مولا هئا. هميشه صبر ۽ استقلال، عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺڻ وارا هئا، پاڻ سڳورن خود ئي فرمايو آهي.

منهنجي اصل پونجي معرفت آهي، مون کي اعليٰ اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آهي، نيڪ اخلاق منهنجي بنياد آهي ۽ علم منهنجو هٿيار آهي. الله جو ذڪر منهنجو ساٿي آهي، صبر منهنجي دوا آهي، عاجزي منهنجو سرمايو آهي، نماز منهنجي اکين جي ٿڌ آهي.

”انما بعثت لاتمم حسن لااخلاق“

”بيشڪ مون کي رسول ان ڪري بنائي موڪليو ويو ته جيئن آئون اعليٰ اخلاق جي تڪميل ڪيان.“

پاڻ خاتم النبين ۽ رحمته اللعالمين آهن،پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جن مڪي جي فتح کان پوءِ فاتحانه داخل ٿيا، سڀ دشمن سندن رحم و ڪرم تي هئا، پر کين عام معافي ڏنائون جنهن تي ڪيترا ماڻهو اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا.

رسول پاڪ صلي الله عليه و آله وسلم جن جي اها عظيم شخصيت آهي، جن کان وڌيڪ ڪنهن جي به تعريف نه ٿي آهي ۽ نه ٿيندي، جنهن اعليٰ مرتبي واري محسن انسانيت جي تعريف خدا پاڪ پاڻ ڪئي آهي ۽ مٿن درود موڪليو آهي، اُن شان رسالت جي حد لامحدود آهي.

”بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود موڪلين ٿا، نبي ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن تي اي ايمان وارو توهين نبي صلي الله عليه و آله وسلم تي درود ۽ سلامتي موڪليو“ جنهن جي تعريف خود خالق ڪائنات ڪري اهو اسان جي تعريف ۽ دعا جو محتاج نه آهي، پر پاڻ سڳورن تي زياده درود پڙهڻ سان زياده کان زياده خدا جون رحمتون نازل ٿينديون ۽ خدا تعاليٰ جي ان رحمت جي خزاني مان گهڻي ۾ گهڻي رحمت مخلوق ۾ تقسيم ٿيندي.

لطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪانه،

عدل ڇٽان نه آئون، ڪو ڦيرو ڪج فضل جو.

ڀٽ ڌڻي جي نظر ۾ آخرت ان جي آجي آهي، جنهن مٺي محمد مصطفيٰ جي تعليمات تي عمل ڪيو ۽ سندن زندگيءَ جي هر رخ کي ڌيان سان سمجهيو، سندن هر حديث تي عمل ڪيو ۽ پنهنجي رب سان گڏ محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن کي ڇوٽڪاري جو وسيلو سمجهيو.

وحده لاشريڪ له جان ٿو چئين اينئن،

تان مڃ محمد ڪارڻي نرتئون منجهان نينهن،

تان تون وڃيو ڪينئن، نائين سر ٻين کي.

(سر ڪلياڻ)

”ڪاري سان قيام سنئين، هوت جنهن جو حامي“ جنهن جو محمد صلي الله عليه و آله وسلم ساٿي آهي، تنهن لاءِ ڪاري قيامت به سهنجي آهي. آخري خطبي حجته الوداع ۾ پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جن عورتن ٻارن، غلامن ۽ دشمنن سڀني جي حقن جي باري ۾ سمجهايو.

پاڻ سادي زندگي گذاريندا هئا، احساس ذمه داري، درگذر ۽ معافي کي اهميت ڏنائون، غريبن ۽ مسڪينن سان شفقت سان پيش آيا. پنهنجي ازواج مطهرات سان بي انتها سٺو سلوڪ ڪيائون، امانتن جا ”امين“ ۽ ”صادق“ هئا، سدائين سادو لباس ۽ سادو کاڌو کائيندڙ ٻين جي ڪم ايندڙ ۽ راتين جو اُٿي جاڳي عبادت ڪندڙ هئا. معلم انسانيت، معلم اخلاق، صبر و سخاوت، عدل ۽ انصاف جا امين هئا، سڄي ڪائنات لاءِ نور جو سوجهرو هئا، سندن جمال جي اڳيان هر شيءِ جهڪي ۽ هيچ آهي.

کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر،

سورج شاخون جهڪيون، ڪوماڻو قمر،

تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر،

جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.

                (سر کنڀات (1- 9)

شهادت جي جذبي کي خراج تحسين

سختي شهادت جي نسورو ئي ناز،

رند پروڙين راز، قضيي ڪربلا جو.

                (ڪيڏارو 1 – 5)

شهادت امام حسين عليه السلام جي ازل کان لکيل هئي، جيڪا سندن لاءِ سختي نه هئي، پر الاهي محبت جو مينهن هو، جنهن اهڃاڻ جي يزيد کي رتيءَ برابر پروڙ نه هئي. حق ڌڻي پنهنجي پيارن کي سختيون ٿو سهائي جيڪي، سچ تان سر قربان ٿا ڪن ۽ جهاد جو حق ادا ڪري بقا کي ٿا رسن، سندن شهادت جي برڪت سان ئي حق جو نعرو بلند ۽ قائم و دائم آهي.

حضرت محمد مصطفيٰ جي وفات کان پوءِ چار اصحاب ترتيب وار حضرت ابوبڪر رضه، حضرت عمر رضه، حضرت عثمان رضه ۽ حضرت علي رضه مسند تي ويٺا، حضرت علي، ڪوفي جي مسجد ۾ نماز پڙهندي شهيد ٿيو. ان کان پوءِ سندن وڏي پٽ امام حسن خلافت ڪئي، جنهن کي امير معاويه جي پٽ يزيد زهر ڏيارائي شهيد ڪرايو. پيءُ جي وفات کان پوءِ يزيد خود کي زوريءَ خليفو ظاهر ڪري مسلمانن کان بعيت وٺڻ شروع ڪئي. ڪوفين امام حسين کي دعوت ڏيئي گهرايو، جنهن ۾ پاڻ کي سندن تابعدار ظاهر ڪيائون. پاڻ جڏهن ”ذوالجناح“ گهوڙي تي چڙهي پنهنجي ساٿين سان بابل جي سرحد تي پهتا ته کين خبر پئي ته ڪوفي ڦري يزيد جا ساٿي ٿي ويا آهن، پاڻ ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي ”ڪربلا“ جي ميدان ۾ خيمن کي کوڙيائون.

ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون،

جهيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،

منهن نه موڙيائون، پسي تاءُ ترار جو.

حضرت علي عليه السلام جي تلوار ”ذوالفقار“ ۽ حضرت حمزه جي ڍال ڍاري پاڻ جنگ جي ميدان ۾ اسلام جي نالي کي بلند ڪرڻ لاءِ حق جي سربلندي لاءِ سورهين سرويچن جيان سر ڏيڻ لاءِ لهي آيا. جهاد جي فلسفي ۽ شهادت جي مان کي مٿانهون ڪيائون. حق جي خاطر، دين جي خاطر دين اسلام جي حرمت جي خاطر سر ڪٽائڻ اهڙو جذبو آهي، جنهن ۾ مسلمانن جي حيات ئي حيات آهي.

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.

                (معذوري؛ 4 – 4)

امام حسين عليه السلام جن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي خون سان حق ۽ دين جي جهنڊي کي بلند ڪيو. 10 محرم ڪربلا جو ڏينهن جنهن کي عاشورو به چوندا آهن، هڪ اهڙي ڏينهن جي ياد آهي، جنهن ۾ انسانيت جي معراج آهي. مظلومن جي دادرسي آهي، بردباري، همت، صبر ۽ استقلال جو اعليٰ درس آهي. ڪربلا جو واقعو ايترو ته مصيبتن ۽ خون جي ندين سان پر آهي جو پٿر کان پٿر دل انسان به روئي پوندو آهي.امام حسين عليه السلام جن جي ثابت قدميءَ ۽ حق پرستيءَ جي عزم اسلام جي اعليٰ اقدارن جو سر فخر سان مٿانهون ڪري ڇڏيو. شهادت جي رتبي کي اونچو درجو عطا ڪيو ۽ سندن نالو هميشه لاءِ صديون گذرڻ کان پوءِ به زنده آهي ۽ رهندو. شهادت جي سختي ۽ پيارن کان پيارن کي ڪهائڻ هڪ خالص راز هو.

دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي،

خاص خليلن کي، سختيون سهائي،

”الله صمد“ بي نياز، سا ڪري جا چاهي،

انهيءَ منجهه آهي، ڪا اُونهيءَ ڳالهه اسرار جي.

                (ڪيڏارو؛ 2 – 5)

10 محرم تي عبادت ڪرڻ، خير خيرات ڪرڻ ۽ امام عالي مقام جو ذڪر ڪرڻ مستحب آهي، جنهن مان حق جي پاسباني ثابت قدمي ۽ استقلال جو سبق ملي ٿو.

”شاهه هست حسين، بادشاهه هست حسين،

دين هست حسين، پناهه هست حسين“.

شاهه ڀٽائي عشق جي پروانن ۽ سچ تي ساهه ڏيندڙن کي خراج تحسين ٿو پيش ڪري، سندن نظر ۾ عشق الاهي هڪ اهڙو مچ آهي، جنهن ۾ صوفين جي منزلن سان گڏ سندن اصولن ذڪر ۽ فڪر، قضا ۽ رضا، توڪل ۽ تسليم جي گهڻي اهميت آهي. امام حسين عليه السلام جي شهادت رب جي راضپي سان ۽ حڪم سان سندن نصيب ۾ مقرر هئي. ۽ قضا الاهيءَ تي فاطمه عليه السلام جي شهزادي سر تسليم خم خوشيءَ ۽ جذبي سان ڪيو.

سر ڪيڏارو همت ۽ شجاعت، رُڪ وهنديءَ راند ۾ شيرن جي ڪنڌ ڪرڻ ۽ ڪائنات جو عاشقن جي شهادت تي ماتم ڪرڻ جي ذڪر ڪرڻ سان سينگاريل آهي.

شاهه سائين سني هو پر شيعن جو گهڻو احترام ڪندو هو ۽ خاص محرم جي مهيني ۾ ڪارو ويس ڪندو هو. سُر ڪيڏارو نه صرف سندن (رزميه) جنگي سر آهي، پر سندن آل علي عليه السلام جن سان شديد محبت جو اظهار آهي.

اسلام ۾ عشق جي درجي ۾ جان ڏيڻ جي رتبي کي بلندي عطا ڪرڻ پاڻ کي فنا ڪري بقا کي رسڻ ۽ ابدي سک ماڻڻ ئي رب جي راهه آهي.

”سي ڌڙ پسي سڌ – ڪنهن اڀاڳيءَ نه ٿئي.“

شاهه جي ڪلام ۾ توڪل ۽ يقين جي قوت

سڀئي سبحان جي ڪر حوالي ڪم،

ٿي تحقيق تسليم ۾، لاهي غم وهم،

قادر ساڻ ڪرم، حاصل ڪري حاج تو.

                (سر سريراڳ)

 شاهه جي ڪلام ۾ توڪل ۽ يقين جي قوت کي تمام گهڻي اهميت ڏني ويئي آهي، سر سريراڳ جي چوٿين داستان جو هيءُ پهريون شعر شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام جي مڪمل نمائندگي ٿو ڪري، شاهه سائين اهو سبق ٿو ڏئي ته انسان ذات هن دنيا جي سمنڊ ۾ ٻيڙو اُڪاري پار، تڏهن پوندو جڏهن دل جا سڀ غم ۽ وهم لاهي مڪمل يقين ۽ توڪل سان سڀ ڪم ساراهيل سچي ڌڻيءَ جي حوالي ڪري سندس رضا ۾ راضي رهندو تڏهن ئي مٿس ڪريم ڪرمن جي پالوٽ ڪندو ۽ مقصد حاصل ٿيندس. هن سر ۾ اشارو آهي ته خدا پاڪ جا سچا بندا ئي اهي غواص آهن، جيڪي مهراڻ ۾ پيهي ماڻڪ ٿا ميڙين ۽ اهي وينجهار جوهري ئي آهي، جيڪي سچي موتيءَ جي سمجهه ٿا رکن. ڪائي، ڪچ ۽ موتيءَ ۾ فرق ٿا رکن.

سچو يقين ۽ توڪل ئي آهي جنهن جي بدولت انسان جبل ڏاري جهر جهنگ لتاڙي اوجاڳا ڪري مقصد حاصل ڪري ٿو.

الله جيئن نالو، تيئن مون وڏو آسرو.

بيشڪ رب جي ذات ڪبريائيءَ مان نااميدي ۽ مايوسي رکڻ گناه آهي ۽ مايوسي ڪفر آهي، حڪم خداوندي آهي.

”ان الله عليٰ ڪل شيءِ قدير“

بيشڪ سڀ قدرت رب پاڪ جي هٿ ۾ آهي.

بيشڪ جنهن کي چاهي عزت ڏئي جنهن کي چاهي ذلت ڏئي هو ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪرڻ وارو آهي، وڏي وس وارو آهي. انسان جون تدبيرون تڏهن ناڪام ٿينديون آهن، جڏهن تقدير ساٿ نه ڏيندي آهي ۽ اسين يا خود کي ڏوهه ڏيندا آهيون يا نصيب تي روڄ راڙو ڪندا آهيون. حالانڪه اهو سڀ نصيب ۾ لکيل ئي نه هوندو آهي ۽ اسان جي لاءِ ممڪن آهي ان ۾ به ڪا چڱائي نه هجي. ارشاد آهي ته ”ڪڏهن توهان کي ڪا شيءِ چڱي لڳي ۽ ان ۾ برائي هجي ۽ ڪڏهن ڪا شيءِ بري لڳي ان ۾ چڱائي هجي“ معنيٰ ته باوجود محنت ڪوشش ۽ دعائن جي به ڪو ڪم اسان جي مرضيءَ مطابق نٿو ٿئي ته يقينن سهڻي سائينءَ کي اهو پسند ڪونهي ۽ ان ۾ اسان جي بهتري آهي. اسان جون طاقتون تدبيرون ۽ سمجهون ڪجهه ڪونهي، جيڪڏهن امر الاهي شامل ڪونهي ته ان تي ڏک ۽ ملال ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. اسان جو عقيدو رب جي رضا ۾ راضي رهڻ گهرجي. اسلام ۾ توڪل ۽ يقين جي تمام گهڻي اهميت آهي. توڪل الله کان سواءِ مؤمن، سچو مسلمان نٿو ٿي سگهي.

صاحب تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سون،

پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون،

جيڪر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.

                (ڏهر 2 – 7)

صاحب جي صاحبي ۽ قدرت جا راز نرالا آهن، هو پن جهڙي هلڪي شيءِ کي تري ۽ پاتال ۾ ٿو رکي ته پهڻ جهڙي سخت ۽ ڳري شيءِ کي تاري مٿي ٿو ڪري ۽ سندس قدرت جو شان اعليٰ آهي، هو فقير کي امير ۽ بادشاهه کي گدا ڪرڻ وارو آهي. سندس قرب ۽ رحمت جو متلاشي هئڻ گهرجي ۽ هو رب ئي کيس قرب ڏيئي هميشه لاءِ مانائتو ڪرڻ وارو آهي.

هلو هلو ڪاڪ ٽڙين، جتي نينهن اُڇل،

نه ڪا جهل نه پل، سڀڪو پسي پرينءَ کي.

                (مومل راڻو 2 – 6)

اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن مڪمل يقين ۽ توڪل جي قوت انسان ۾ اتپن ٿيندي. سندس رضا ۾ راضي رهڻ، صبر ۽ شڪر کي شعار بنائڻ، سهپ ۽ برداشت پيدا ڪرڻ ئي بهترين وصفون آهن.

انسان عالم غيب نه آهي ۽ سندس سمجهه به ڪامل نه آهي، کيس خبر نه آهي ته سندس لاءِ ڇا برو آهي؟ ڇا سٺو آهي؟ هن کي نيڪ نيتيءَ ۽ اخلاص سان دنيا کي منهن ڏيڻ کپي توڪل جي قوت سان خود ۾ همٿ پيدا ڪرڻ کپي، آيل تڪليفن تي جيڪڏهن ماڻهو واويلا ڪندو ته سندس ئي نقصان آهي، وڌيڪ پريشاني پيدا ٿيندي، ائين پريشاني ۽ تڪليف گهٽجڻ جي بجاءِ وڌندي آهي. زندگيءَ جون گهٽ وڌايون دنيا ۾ هر ڪنهن جي لاءِ هونديون آهن، ڏک ۽ سک زندگيءَ جو حصو آهن. سج جو پاڇو هر وقت ساڳيو نه هوندو آهي، پر انسان اُتاولو ۽ بي صبر آهي، کيس جيڪڏهن جلدي ڪاميابي نه ملندي آهي ته هو جلدي دل برداشته ٿي قدرت کي ڏوهه ڏيڻ شروع ڪندو آهي، جيڪا سندس نفس جي ڀل آهي ۽ شيطاني گمراهي آهي. اهو سڀ لکيل هوندو آهي، جيڪو لوح قلم ۾ محفوظ آهي ۽ ازل کان مقرر آهي.

لکيو جو نراڙ، سون انگ ڪياڙيءَ نه ٿئي،

پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح ۾.

                (معذوري؛ 6 – 5)

رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن توڪل کي تمام گهڻي اهميت ڏني آهي، پاڻ توڪل کي اسلام جو بنياد سڏيو اٿن. جڏهن رب کي انسان مڃي ٿو ۽ مٺي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن تي اڻ ڏٺو ايمان آڻي ٿو ، ته کيس مڪمل يقين رکڻو آهي ۽ يقين ايمان جو شرط آهي. جيڪي ڪجهه ڪوشش محنت ۽ همت سان کيس مليو آهي ته ان ۾ رب جي رضامندي آهي ۽ سندس ئي عطا ڪيل آهي ۽ جيڪڏهن ڪجهه نه ملي سگهيو آهي ته اهو ڏک ۽ افسوس نه ڪرڻ کپي ڇو جو اهو به امر الاهي آهي. پنهنجي بندي کي رب پاڪ تڪليف ڏيڻ نٿو چاهي، اها سندس منشا آهي.

جو نقطئه ورون سي حل نه هو سڪا، اور فلسفيون سي کهل نه سڪا،

وه راز ڪملي والي ني بتايا چند اشارون مين.

شاهه ڀٽائيءَ جو اخلاقيات جودرس

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،

ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،

سا ڪا هڙ هلاءِ، آڳهه جنهنجي اُڀينئن.

                (سر سريراڳ)

شاهه ڀٽائيءَ انسان کي نيڪ اخلاقن جو سبق ڏنو آهي، شاهه سائين انسان کي هدايت ٿو ڪري ته انهيءَ وکر يعني (سامان) جو سودو ڪر جيڪو رکڻ سان خراب نه ٿئي ۽ ولايت ۾ وڪڻندي ذرو به ضايع نه ٿئي. اهڙو ڪو ناڻو واپراءِ جنهن جي آڌار تي ڇوٽڪارو پائين. هيءَ دنيا انساني خواهش جو سمنڊ آهي، جنهن ۾ انسان غافل ٿي حقيقت کان هٽي ٿو وڃي ان ڪري کيس ڪامل مرشد به تمام ضروري آهي ۽ سندس لاءِ پهرين هن دنيا ۾ انسايت جي تعليم آهي. کيس گهرجي ته الله ۽ ان جي رسول کي مڃي ۽ پوءِ پنهنجي نفس کي قابو ڪري. نفس ئي آهي جيڪو سڀني براين جي جڙ آهي ۽ کيس ادب ۽ اخلاص ۽ توبه جي تاثر سان اُڪري پار پوڻو آهي.

نيڪ لڇڻن جو وکر زندگيءَ جو سرمايو آهي. ”اخلاق“ خلق لفظ جي جمع آهي، نيڪ اخلاق پيغمبرن جي خوبي آهي. آدم عليه السلام جي آزي نيزاري، ايوب عليه السلام جو شڪر ۽ صبر، نوح عليه السلام جون نجات لاءِ دعائون، ابراهيم خليل لله جو قربانيءَ جو جذبو، عيسيٰ عليه السلام جي مسيحائي، مٺي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن جي رحمت ۽ شفقت ۽ پنهنجي امت جي بخشش لاءِ گهريل روئي راتين جون دعائون حسن خلق نه آهن ته ڇا آهن؟

سٺا اخلاق جنت جي ڪنجي آهن، انساني باطن کي اُجاري اڇو ٿا ڪن ۽ کيس رب جي ويجهو ٿا ڪن ۽ مؤمن   باحيا ۽ با ڪردار ٿو ٿئي. رحم دلي، شفقت، درگذر، سهپ، احسان، صبر، همدردي، سخاوت، ايثار، لالچ کان بچاءَ ۽ ڪئين انيڪ خوبيون آهن، جيڪي نيڪ لڇڻن جو واپار آهن. اهو ئي نيڪ لڇڻن جو وکر الله پاڪ وٽ قبول ٿو پوي. اهو واپار اهڙو آهي، جنهن ۾ نفعو ئي نفعو آهي، ڪينو، بغض، ساڙ، حسد، گلا غيبت، حرام خوري ۽ ٻيون ڪئين اهڙيون برايون آهن جن جي ڪري انسان ماڻهپي مان نڪري ٿو وڃي سهڻيءَ سيرت واري کي وڃڻ کان پوءِ به هر ڪو ياد رکندو آهي. ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو؛

هو چونئي تون مَ چئو، واتون ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي،

پانڌ ۾ پائي ويو، ڪيني وارو ڪينڪي.

ڪينو، بغض ۽ ساڙ انسان کي ائين کائي ٿو جيئن باهه ڪاٺين کي. حڪم خداوندي آهي ته ”بيشڪ جيڪو پرهيزگار آهي، اهو رب کي ويجهو آهي“. ۽ پرهيزگاري نيڪ اخلاقن ۽ عملن ۾ پوشيده آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو ”آئون توهان کي سڀ ڪجهه معاف ڪندس پر توهان جو هڪٻئي تي ڪيل ظلمن جو پورو حساب ورتو ويندو“ معنيٰ ته نيڪ اخلاقن وارو انسان ظلم و فساد ۽ فتني کان بچيل هوندو آهي، يقينن کيس اهي اخلاق نجات ڏياريندا.

چڱا ڪن چڱايون، مٺايون مٺن،

جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن.

شاهه سائين نيڪ انسانن جي خصوصيتن کي وڌيڪ واضح ٿو ڪري ۽ هتي شاهه ڀٽائي زماني جي گردش ۾ وڃايل انساني عظمت کي پڪاريو آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته دنيا فاني آهي. صرف چڱي انسان جو نالو ٿو قائم رهي. هن دنيا مان وڃڻ کان پوءِ به سندس نيڪ لڇڻن ۽ پيارين عادتن جي پکڙيل خوشبو ئي رهندي باقي زندگي ته عارضي آهي، حرص هٻڇ ۽ لالچ جي ڪري ماڻهو هڪٻئي جو ماس پيا پٽين.

آدمين اخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو،

هاڻي کائي سڀڪو، سندو ماڙهوءَ ماس،

دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس،

هي سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪدل هوندو هيڪڙو.

                        (بردو سنڌي؛ 3 – 3)

زندگي مختصر آهي، انسان ڄاڻ هوندي به محسوس نٿو ڪري ضمير سان ۽ دل سان ان حقيقت جو احساس نٿو رکي حرص ۽ لالچ سندس اکين تي پٽي ٻڌي ڇڏي آهي. دريا جي هڪ لهر اچي هڪ پاڻيءَ جي ڦوٽي کي سيڪنڊ ۾ اڌو اڌ ڪري وڃي، انسان صرف ايتري دير هن دنيا ۾ رهي ٿو. دائمي زندگيءَ جي بجاءِ دنيا جي لالچن ۽ خود غرضين تي وقت ضايع پيو ڪري.

جر تي ڦوٽو جيئن، لهرين لڳي ٻه اڌ ٿيئي،

تون به آهين دنيا ۾، ڪو ڏينهڙو.

هن دنيا ۾ وکر اهو وهائڻو آهي جيڪو سهڻي سيرت جو امين هجي، انسان ۽ حيوان ۾ فرق آهي جو کيس رب پاڪ دماغ ۽ عقل جو خزانو عطا ڪري زبان جي قوت ڏيئي، اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آهي. عقل کي جيڪڏهن نيڪ گڻن جو سهارو ملي ٿو ته انسان ماڻهپي ۾ داخل ٿئي ٿو، چڱا لڇڻ انساني زندگيءَ جو زيور آهن، دنيا جي سڀني مذهبن ۾ نيڪ اخلاقن تي زور ڀريل آهي ۽ اسلام ۾ ته خاص طور تاڪيد آهي. حديث نبوي ۾ ته بار بار نيڪ لڇڻن جو حڪم آهي.

انما بعثت الاتمم حسن الاخلاق

بيشڪ مون کي رسول بنائي موڪليو ويو آهي ته آئون اعليٰ اخلاق جي تڪميل ڪريان.

شاهه سائين اخلاق، نياز ۽ نئڙت جي خوبيءَ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي، ان کي ئي دين ۽ دنيا ۾ ڪاميابي ملندي جيڪو سچو ۽ صاف دل هوندو. فرمائين ٿا، پنهنجي دل ۾ ڌڻيءَ جي رحم جو احساس ۽ يقين رکج، نياز ۽ نئڙت، ادب و اخلاص ۽ سچائي سان هلج ته تنهنجو ٻيڙو (عدن بندر) يعني منزل کان اڳ بتال نه ٿئي.

تن ۾ تراز توه جي، گهڻو لهه گهوري،

ادب ۽ اخلاص جا، سڙهه ٻڌج سوري،

وکر وينتين جو، تنهن ۾ پائج توري،

عادنئون اوري، تنهنجو توائي نه ٿئي.

                (سر سريراڳ)

ساڻيھ جي سڪ جو بيان

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،

حيف تنين هوءِ، وطن جن  وساريو.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اهو سدا حيات شاعر آهي، جنهن پنهنجي ڪلام ۾ ڪنهن به موضوع کي معمولي ۽ عام نه سمجهيو آهي.

لطيف سائينءَ جي سڄي شاعري پيغام محبت آهي، ڪل ڪائنات لاءِ محبت جو پيغام آهي ۽ ان ۾ وطن جي محبت جو جذبو يعني ”ساڻيهه جي سڪ“ اعليٰ ۽ اُتم آهي.

مٺي محبوب کي ۽ وطن کي برابر ڪيو اٿن ۽ جنهن ۾ وطن جي محبت ڪانهي اهو ڦٽڪار لائق آهي، ڇو جو جي محبت هوندي ته انسان وطن لاءِ ڪجهه ڪري سگهندو ۽ کيس اوج ۽ ترقي ڏيارائي سگهندو، پر جيڪڏهن اهو جذبو ئي مفقود آهي ته پوءِ انسان ڪجهه به ڪو نه ڪندو کيس رڳو بي حس ۽ ڪوڙن وانگر پنهنجي ڌرتيءَ کي قربان ڪرڻو پوندو ۽ هميشه لاءِ غلاميءَ جا طوق پائڻا پوندا.

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،

وطن وري ٿيو، ڪوڙن ڪانيرن جو.

                (سر ڪارايل)

شاهه ڀٽائيءَ جن سنڌ کي ڏکين حالتن مان لنگهندي ڏٺو هو کين نادرن ۽ ڪنڌارين جي ظلمن ۽ ارغونن ۽ ترخانن جي هانءُ ۾ هٿ وجهڻ وارن قهرن جي ڀليءَ ڀت خبر هئي، پاڻ غيرن جي غلاميءَ کان آزاديءَ جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني اٿن ۽ سنڌين کي بهادري، همٿ ۽ سنڌ تان ساهه قربان ڪرڻ جا اڻ ميا سبق ڏنا اٿن. سور ۽ سختيون سهي سچن عاشقن جيان سچ ۽ ساڻيهه تي ساهه ڏيڻ جو حڪم ڏنو اٿن. سچا عاشق ته اهي هنج آهن، جن سان وطن ۾ خوشبو ٿي هجي.

هنج مڙوئي هنج، ميرو منجهن ناه ڪو،

جتي رهن سنجهه، سو سر ڪن سرهو.

                (سر ڪارايل)

اهي هنج ئي دلير دودا آهن، هوشو شيدي آهن، مير شير محمد ٽالپر آهن، ابڙا جنگ جوان آهن، جيڪي سنڌ جي عزتن جي حفاظت ڪن ٿا.

ارڻ ٻڌي ابڙي، ٿي رڻ ۾ رُڪ رئي

تيغن تاءُ تکو گهڻو، سگهي ڪو نه سهي،

”رب هب لي اُمتي“ چڙهئو ڄام چئي.

سمي سام کنئي، سرڻين جو سک ٿئو.

                        (سر بلاول)

علاؤالدين جي لشڪر کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ کي بچائڻ لاءِ دودي ۽ ابڙي ڄام جي دليري نه وسرندڙ آهي. تاريخ جي ورقن ۾ سنهري لفظن سان لکيل آهي. مارئيءَ جي لازوال ملير لاءِ محبت کي شاهه ڀٽائيءَ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو”تن منهن موچارا، ماروئين ملير جن ماڳ“ جن کي وطن سان محبت آهي، اهي تا حيات حسين ترين آهن، سندن منهن تي الاهي نور آهي. مارئيءَ جي لاءِ وطن جي هر شيءِ قيمتي آهي، پپون پيرون، ڪونڍير گولاڙا ۽ گاهه سندس کاڄ آهي، لوئي کٿي سخت سندس لاءِ نرم شالن کان وڌيڪ راحت واري آهي. ڍٽن، پٽن تي پکا اڏيل پڪين محلاتن کان مٿي آهن، سندس لاءِ وطن جي مٽي مشڪ آهي. ”سندي جا ساڙيهه، که کٿوري ڀانيان“ ماروئڙن وٽ وسندڙ مينهن جي جهڙ ڦڙ مارئي جي چت ۾ چاڪ وجهي ڇڏيا آهن، کيس وطن جو اهڙو درد آهي جنهن سندس سونهن وڃائي ڇڏي آهي.

محلين ماندي مارئي، ڏٺيم منهن ملور،

اڻڀا سڻڀا نه ڪري، سونهن وڃايس سور،

چت جنين جا چور، سي مکي مرڪ نه ڪنديون.

                (سر مارئي 4 – 2)

جن جون دليون وطن جي محبت ۾ چور آهن ۽ اهي وطن کان پري آهن سي ڪهڙا هار سينگار ڪن؟ وطن ۾ پوندڙ مينهن ماروئڙن لاءِ سک، نعمت ۽ خوشي آهي ۽ هو ماروئڙا چاهين ٿا ته سندن ملڪ آباد هجي، منجهس ان سستو ۽ ارزان هجي سڀ سنگهار آسودا ۽ آباد هجن. شاهه سائين سندن خواهش کي هينئن ظاهر ڪري ٿو.

سارنگ سار لهيج، الله لڳ! اڃين جي،

پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان ان ڪريج،

وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي.

                        (سارنگ)

وطن جي محبت جي خبر ان کي هوندي آهي، جنهن پنهنجي وطن کان پري گهاريو هوندو آهي، جنهن کي وطن سان محبت آهي، ان کي الله ۽ رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن سان محبت آهي، معنيٰ ته وطن جي محبت ايمان سان مشروط آهي. پاڻ ڪريم صلي الله عليه آله وسلم جن وطن جي محبت کي ايمان جو حصو سڏيو آهي. ”حب الوطن جز الايمان“ بيشڪ جنهن جي وطن سان محبت نه آهي، اهو انسان ۽ سندس قلب مرده آهي. وطن جي حب انقلاب جو سريلو ۽ مڌر گيت آهي.

وطن جو ذرو ذرو، آفتاب ٿو نظر اچي،

زمين تي آسمان جو، شباب ٿو نظر اچي.

           (شيخ عبدالحليم ”جوش“)

اسين نظر ڊوڙائينداسين ته اهو اندازو ٿيندو ته جيترو انسان وطن کان پري هوندو کيس ايترو ئي وڌيڪ ساڻيهه جي سڪ دل تي داغ ٿي بيهندي چاهي کيس پرديس ۾ سؤ سک هجن. جنهن به گهر پاڙي ۽ ڳوٺ سان ماڻهوءَ جي وابستگي رهي هوندي آهي، سالن کان پوءِ به جيڪڏهن اُتان گذرڻ ٿيندو اٿس ته اهي ننڍپڻ جون يادگيريون محبت ۽ پيار جي علامت بڻجي سندس دل کي متاثر ڪنديون آهن، ڪيترن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ وڏن ماڻهن پنهنجي لکتن ۾ پنهنجي وطن ۽ علائقي جي اهميت سان پنهنجي محبت کي واضح ڪيو آهي. الطاف شيخ پنهنجي لکيل سفرنامن ۾ پاڪستان ۽ پاڪستانين، سنڌ ۽ سنڌين سان گڏ پنهنجي ڳوٺ هالا جو ذڪر به تمام سهڻن ۽ دلپزير لفظن ۾ ڪيو آهي. انگريز شاعر WordsWorth ورڊس ورٿ پنهنجي ننڍپڻ جون يادون ۽ جنهن علائقي ۾ پاڻ رهيو هو ان جا دريا، سبزه زار، روڊ رستا، حسن ۽ جادو تمام پراثر طريقي سان بيان ڪيا آهن. قدرت وطن جي خاڪ ۽ پاڻيءَ کي ڳوهي ائين انساني قالب ٺاهيو آهي، جو پرديس ۾ به سندس قلب قابو هوندو آهي ۽ وطن جي محبت ائين غالب پوندي آهي جو سندس تاب کان سڀ فرحتون ائين غائب ٿينديون آهن جيئن ”سج جي روشنيءَ کان پاڇو“ هوش محمد شيديءَ جو سنڌ لاءِ ساهه ڏيڻ ۽ سندس حفاظت لاءِ سوين سال اڳ جوش ۽ جذبي وارو نعرو ”مرويسون مرويسون  پر سنڌ نه ڏيسون“ صدين گذرڻ کان پوءِ به قائم آهي. وطن ته محبتن ورهائڻ جو نالو آهي، پر ڪجهه مطلب پرست وطن جي نالي تي ناحق غريبن جو ۽ معصوم انسانن جو خون وهائيندا آهن. ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهائيندا آهن، اهي وطن جا محبتي نه پر مفاد پرست شيطان آهن، حقيقي وطن جي محبت سچائين ۽ صداقتن جي علمبردار آهي.

انسان جنهن ڌرتيءَ جي ٽڪر تي پيدا ٿئي ٿو، ان سان هن جي ذهني وابستگي هوندي آهي، ڀلي اهو هنڌ جهوپڙي هجي يا محلات، سندس اُتساه ۾ ڪمي نه ايندي اهو قدرتي جذبو آهي ۽ هڪ آفاقي ۽ اٽل جذبو آهي، ڪي تمام ٿورا نڪ نرڄا ۽ جذبات و احساسات کان عاري هوندا آهن، جن ۾ اهو جذبو هوندو، تن جي لاءِ شاهه سائين فرمائي ٿو.

”حيف تنين هوءِ، جن وطن وساريو“

اهڙا شخص بي ايمان، ڦٽڪار لائق ۽ قابل نفرت آهن، جن پنهنجو وطن وساريو. سنڌ ۾ شاعرن وطن جي حب کي شاعريءَ ۾ اهم مقام ڏنو آهي.

”وطن جي حب جي دل ۾ نه ٿي، ته پوءِ ايمان ڪهڙو ٿيو“

سنڌ ۾ صدين کان مارئي جي مثالي محبت قائم آهي. شاهه سائين سر مارئيءَ ۾ چڱيءَ طرح واضح ڪيو آهي ته،

”ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصله“

”هر شيءِ پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي“

مارئيءَ جو ساهه ته مارئن سان سبيل هو، هن بادشاهي آڇن، نعمتن ۽ دولت کان وڌيڪ مان پنهنجي مٺي ملڪ کي ڏنو. غلاميءَ جي ڪوٽن ۽ ڪپڙن کان آزادي جي موت کي صدبار بهتر ڄاتو.

سنهيءَ سئيءَ سبيو، مون مارئن سين ساه،

ويٺي ساريان سومرا، گولاڙا ۽ گاه،

هنيون منهنجو هُت ٿيو، هِت مِٽي ۽ ماه،

پکن منجهه پساه، قالب آهي ڪوٽ ۾.

پڇاڙيءَ پنهنجي مڙهه کي به ملير موڪلڻ جي تلقين ڪيائين.

”ميائي جياس جي، وڃي مڙهه ملير ڏي“

                        (سر مارئي 4 - 19)

هڪ موتي سمنڊ جي تري ۾ سپ جي پيٽ ۾ رهي ٿو، جڏهن غواص سپ کي ٻاهر ڪڍي موتيءَ کي چيري ڪڍن ٿا، تڏهن ئي سندس اگهه اپار ٿئي ٿو ۽ اهو محبوبن جي ڳچيءَ جو سينگار بڻجي ٿو، پر چون ٿا ته اڪثر جڏهن منجهس چمڪ ڌمڪ گهٽ ٿي ويندي آهي، کيس وري سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ رکيو ويندو آهي، ته روشن ٿي پوندو آهي. اهو ته آبدار موتي بي جان آهي. انسان ته اڻ ملهه آهي، جيڪو عقل و شعور رکي ٿو، سندس درجو اُتم آهي. کيس ته وطن جي محبت ۾ تن ڌن ۽ من قربان ڪرڻ کپن. ساڻيهه جي سڪ ڪمزور کان ڪمزور انسان ۾ به وطن جي حفاظت لاءِ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. اهو انساني دل جو اهڙو طاقتور جذبو آهي، جو جيڪڏهن روح ۾ پيهي وڃي ته ملڪن ۾ انقلاب جا سندر گيت ڳائبا آهن.

آ مرڻو هر ڪنهن ماڻهوءَ کي،

پر اينئن نه مرنداسين او ساٿي،

ڪا آڳ لڳائي وينداسين،

ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين.

وطن جي ته مٽي به شفاياب ڪندي آهي ۽ پاڻي آب حيات جو ڪم ڏيندو آهي، جيئن ايران جي بادشاهه شاد دوم کي روم ۾ قيد جي اندر فريب سان مٽي ۽ پاڻي آڻي ڏنا ويا ۽ کيس چيو ويو ته اهي ايران جا آهن. اهو ساڻيهه جو سڪايل وهم ۽ گمان جي بنياد تي اها مٽي سونگهي ۽ پاڻي پي شفاياب ٿي ويو.

”سائين حيدر بخش جتوئي“ جن حب وطن لاءِ ڪيترو ته سٺو شعر چيو آهي.

شاد رهه مادر وطن منهنجي،

منهنجي آرائش ۽ عدن منهنجي،

جان تن من ۽ ڌن منهنجي،

آخري قبو ۽ ڪفن منهنجي،

آه رڳ رڳ تو منهنجي ٺاري سنڌ،

اي مٺي جيجل اي سونهاري سنڌ.

شاهه جي شاعريءَ ۾ جدوجهد ۽ محنت جي اپٽار

 تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونده پير نه لهين پرينءَ جو.

تتيءَ معنيٰ گرمي ۽ ٿڌي معنيٰ سردي ٻئي لفظ هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن ۽ اُهي ٻئي موسمون به هڪٻئي جي بلڪل ابتڙ آهن ۽ اڳيان هن شعر ۾ وقت جي اهميت ۽ قدر کي واضح ڪيو ويو آهي ته ويهڻو ڪونهي ۽ وقت جي وڃڻ جو شديد احساس آهي، ڇو جو اونده ٿيڻ سان مقصد ڪو نه ملندو ۽ محبوب جو پير ڏسڻ محال ٿي ويندو. بظاهر ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سسئي کي مخاطب ڪيو آهي، پر هيءُ بيت سندس آفاقي شاعريءَ وانگر زندگيءَ جي هر رخ کي نمايان ٿو ڪري.

هڪ شاگرد کي پيغام آهي ته محنت ڪري سرديءَ ۽ گرميءَ کان بي نياز ٿي پنهنجي مقصد ۽ نصب العين کي حاصل ڪر. هڪ استاد لاءِ پيغام آهي ته شاگردن تي محنت ڪريو، کين علم عطا ڪريو، ڄاڻ عطا ڪريو ته ادب ۽ سمجهه حاصل ڪن، متان وقت گذري وڃي ۽ شاگرد بي راهه روي جو شڪار ٿين. هڪ مجازي محبوب لاءِ پيغام آهي ته ڇا رات ۽ ڇا ڏينهن؟ ڇا سردي؟ ڇا گرمي؟ پرينءَ جو پيار اُتم آهي، پرينءَ جو وڇورو نهوڙي ڇڏيندئي، سندس پيرن پويان ڪاهي وڃ، ته وصال نصيب ٿئي. بزرگن کي عبادت لاءِ اشارو آهي ته متان اجل جو پيغام اچي، ذڪر خدا ۾ مشغول ٿيو، مرد مجاهد کي دنيا ۾ همت ۽ شجاعت جو سبق آهي ته ڪجهه ڪريو.

زندگيءَ جي هر شعبي جي انسان ڪڙمي، ڪاسبي، مزدور کان وٺي ڊاڪٽر، انجنيئر، اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙن لاءِ شاهه سائين اهو اهم سبق ڏنو آهي ته محنت ڪريو.

الڪاسبُ حبيبُ الله

محنت ڪرڻ وارو الله جو دوست آهي ۽ هو ڪڏهن به بک نه مرندو آهي. محنت همت ۽ ڪوشش ئي زندگيءَ کي سڪون ۽ اطمينان عطا ڪنديون آهن، ان ڪري چوندا آهن. ”محنت مقصد جي واٽ آهي“ حلال روزي ڪمائيندڙ الله جو دوست ۽ مجاهد آهي،انسانن کي اُهو ئي ملندو جنهن جي لاءِ هن جدوجهد ڪئي هوندي. سهي ۽ ڪڇونءَ جي هڪ عام مثال آهي، پر سبق آموز آهي. ڏسنداسين ته مستقل هلڻ سان ڪڇونءَ هنڌ تي پهچي مقابلو کٽي ٿو، جڏهن ته سهو کانئس ڊوڙ ۾ تمام تکو هو پر هو پاڻ کي تيز رفتار سمجهي ڪڇونءَ کي گهٽ ۽ حقير سمجهي هارجي ويو. انسانذات مڪمل نه آهي، کيس ڪڏهن به خود کي صحيح ۽ وڌيڪ نه سمجهڻ کپي.

مقصد جي ڳولها اڻ ورچائيءَ سان ۽ مستقل مزاجيءَ سان ڪري زندگيءَ جي حاصلات کي حاصل ڪرڻ کپي.

ارادي جن ڪي پخته هون، نظرين جن ڪي خدا پر هون،

طلاطم خيز موجون سي وه گهبرايا نهين ڪرتي.

جيڪي به ترقي يافته ملڪ آهن، سي محنت ڪري وقت جي قدر سان دنيا ۾ سرخرو ٿيا آهن ۽ هو دنيا جي نقشي تي فخر سان قائم آهن.

مذهب اسلام ۾ عملي زندگي تي زور ڏنل آهي، محنت ۽ همت سان دنيا کي ۽ دين کي حاصل ڪرڻ ئي زندگيءَ جو نظريو آهي.

آزاديون،ننڊون وڃائي، اوجاڳا ۽ محنتون ڪري حاصل ٿينديون آهن، سر اڏيءَ تي رکي، مشڪلاتن سان مهاڏا اٽڪائي محنتن سان ملڪ آزاد ٿيندا آهن.

عمل سي بنتي هي زندگي جنت ڀي جهنم ڀي،

يه خاڪي اپني فطرت مين نه نوري هي نه ناري.

محنت جو اجر بلند آهي، خود رسول پاڪ جن محنت ڪندا هئا. پاڻ هڪ عام مزدور وانگر مسجد نبويءَ جي تعمير ۾ ڪم ڪيائون. آدم عليه السلام جن ٻني ٻارو ڪندا هئا. حضرت دائود لوهارڪو ڪم ڪندو هو، حضرت ادريس درزيءَ جو ڪم ڪندو هو. سڀ دنيا جا عظيم انسان ۽ پيغمبر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ محنتي ۽ پورهيت هئا. جيڪي دنيا سان گڏ دين ۾ به بلنديءَ تي هئا. انسان هن دنيا ۾ اڪيلو آيو ۽ هن کي ڪو به ذريعو نه هو، پر هن پنهنجي دماغ ۽ رب پاڪ جي ڏنل قدرتي نعمتن مان زندگيءَ کي آسان بنايو ۽ ترقي ڪري مهذب دنيا جو بنياد وڌو. جهوپڙي کان پڪن گهرن تائين اهرام مصر کان تاج محل تائين، ڦيٿي کان جهاز تائين مطلب ته سندس دنياوي ترقيءَ جي رفتار محنت ۽ ڪوشش سان تيز ٿي وئي. هن ويهي وقت نه وڃايو، بلڪه نيون نيون ايجادون پيدا ڪري وقت تي قابو حاصل ڪيو. ڪمپيوٽر سان دنيا کي هڪ نقطي ۽ محور تي آڻي ڇڏيو. اُهو صرف سندس دماغ، ڪوشش ۽ لاڳيتي محنت ممڪن ڪيو. شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ انساني زندگيءَ لاءِ اڻ مئي محنت جا سبق آهن.

ٿڪيائي ٿر ٿيل، چڙهه چڪيائي چوٽئين،

هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀوءِ مڙيئي ڀيل،

اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري.

هن شعر ۾ اڳيان وڌڻ جي تلقين آهي، جبلن جون چوٽيون اُڪرڻ جو حڪم شاهه سائين نه صرف سسئيءَ کي پر ڪل انسانن کي ڏنو آهي. (پنهون معنيٰ مقصد زندگيءَ جو) هو تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن دل مان سڀ خوف ڪڍي اڳيان وڌبو. ويٺل ته واريءَ ۾ لٽجي ويندا آهن. هر سنڌي عورت ۽ مرد جي لاءِ سبق آهي ته کيس جفاڪش، صابرين، محنتي ۽ ثابت قدم ٿيڻ کپي. محنت اُها عظيم خوبي آهي جنهن سان جهان جو سنسار ۽ سنسار جو سينگار سلامت آهي. محنت انساني عظمت جو معراج آهي ۽ انسانيت جي اوج و ڪمال جو اهڃاڻ آهي. محنت سان ئي برپٽ ۾ بازاريون ۽ جنگلن ۾ گاهه ۽ گلزاريون نظر اچن ٿيون.

محنت سان ئي انسان هوائن ۽ فضائن کي تسخير ڪيو آهي ۽ هماليه جي چوٽين تي پهتو آهي. تلوار کان ائٽم بم ٺاهيائين، معنيٰ ته انسان ڪنهن به ڪم ۾ يقين ۽ همت سان داخل ٿيئي ته اُڪارڻ وارو رب پاڪ آهي.

ڪوشش ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي،

زندگي مستقل محنت جو نالو آهي.

Life is a continuous struggle.

وقت جي قدر کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي تمام سهڻو واضح ڪيو آهي، سسئي جي سڪ کي وقت سان مشروط ڪيو اٿن. معنيٰ ته ڪنهن به ڪم جي سڪ ۽ حب يا خيال ڪافي نه آهي، نيت صرف ڪجهه نه آهي، عمل ضروري آهي. ان ڪم جي لاءِ ڪاهي پوڻو آهي، جيئن سسئي هڪ عورت ذات جهنگ جهر لتاڙيندي اڙانگي سفر تي ارادي جي پختگيءَ سان اُڃ ۽ بک برداشت ڪندي ڪاهي ٿي وڃي تڏهن مقصد حاصل ٿئي ٿو. شاهه جي نظر ۾ جيڪو طالب سهڻيءَ وانگر عشق جي عميق ۾ ٻڏل آهي تنهن جي لاءِ ويهڻ وهه آهي.

عشق جني کي آڪرو، ترهو مٿي تن،

جي ساهڙ کي سڪن، تنين جر جنڊ ٿئي.

                        (سر سهڻي)

 محبوب انهن کي ئي ملندو جيڪي سندس رستن ۾ روئيندا ويندا ۽ عشق جي منزل اڙانگي آهي، جيڪو لا محدود عشق جي ڪماليت ۾ بي خود ٿي ٿو وڃي ان لاءِ دريا به پڪو رستو آهي، رستو پار ڪرڻ سندن لاءِ ڪو مسئلو ناهي، صرف سچي محبت مشروط آهي، جنهن ۾ همتن، حوصلن، محنتن ۽ تڪليفن سان حاصلات نصيب ٿيندي آهي.

شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ خوديءَ جو فلسفو

الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

مون سين مون پرينءَ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

                        (ليلا چنيسر)

هن شعر ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ليلا جي واتان سندس عيبن جو اعتراف ۽ پڇتاءُ جي پيڙاءُ جي ڪيفيت ۽ ڪريم جي ڪيل ڪرمن جي ياد جو بيان ڪيو آهي. پاڻ بيان ٿا ڪن ته زندگيءَ ۾ انسان خود کي عقل مند سمجهي انا ۽ خوديءَ ۾ مبتلا ٿي ڪئين خطائون ٿو ڪري.

حقيقت ۾ انسان خطا جو گهر آهي، پر هميشه کان يعني روز ازل کان سندس اهو الميو رهيو آهي ته کيس جڏهن سڪون ۽ خوشيون ميسر هونديون آهن ته هو بي صبر ۽ اُتاولو ٿي ويندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته جيڪي ڪجهه آهيان آئون پاڻ آهيان هيءُ عزت شان مان ۽ سک منهنجا پنهنجا حاصل ڪيل آهن ۽ خود کي عقل ڪل سمجهندو آهي، حالانڪه اها سندس ڀل آهي. ”خودي“ ۽ ”پاڻ“ جا لفظ جيڪڏهن اسين غور ڪنداسين ته فخر ۽ غرور جا اهڃاڻ آهن، جيڪي انسان کي گمراهيءَ جي انڌيرن ۾ ڀٽڪائي کيس نامرادي ڏيندا آهن. هٺ ۽ فخر عزت ڏيندو ڪونهي بلڪه عزت وڃائيندو آهي.

ڌڻي وٽ ته عاجزي نيزاري ۽ وينتين جو ثمر ٿو قبول پوي. حڪم آهي ته رب پاڪ وٽ عزت نيڪ اخلاقن جي آهي، ”جنهن کي چاهي عزت ڏئي، جنهن کي چاهي ذلت ڏئي، سڀ قدر سندس هٿ ۾ آهي.“

ڪانڌ ڪنهنجو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ،

جي ٿڙي ٿورڙياءُ، نه دوس دسائي داسڙو.

                        (ليلا چنيسر)

ڌڻي ته دلين جو مالڪ آهي، کيس دل جي صفائي قبول پوندي آهي ۽ هو دليون پرکي ان کي ئي پنهنجو ٿو ڪري جيڪي سندس رستي تي خوديءَ کي ڇڏي عاجزيءَ سان هلن شاهه سائين وڏائي ۽ ڪبريائي ڇڏي پنهنجي هستي وسارڻ جو حڪم ٿو ڏئي.

”پاڻ مَ کڻج پاڻ سين وسيلا وسار“

(سهڻي)

عام طور ”ڏاهپ“ مان مراد عقل ۽ سمجهه جي ورتي ويندي آهي. ”ڀورائي“ اهڃاڻ آهي بي عقليءَ جو، پر هن شعر ۾ ڪئين نڪتا لڪيل آهن. ”ڏاهي مَ ٿيان“ يعني مون کي عقلي نه هجي غور جي ڳالهه آهي ته عقل ۽ سمجهه ته اها خوبي آهي. جيڪا پيغمبرن کي عطا ٿي، پوءِ ان کي ڇو ننديو ويو آهي؟ معنيٰ ته هيءُ اهو عقل جو درجو آهي، جنهن کان پوءِ انسان خود کي ”عقل ڪُل“ يعني سڀني کان مٿي ٿو سمجهي. اها ڏاهپ اها نفس جي گمراهي آهي جنهن ليلا کي ڏهاڳ ڏنو. ڏاهپ مان مراد اها انساني خودي آهي، جيڪو خود کي ئي مختيار سمجهندو آهي ۽ جهڪڻ کي عيب سمجهندو آهي. ”ڀورائي“ مان مراد سادگي آهي، نهٺائي آهي، بندي جو عاجزي سان محبوب کي مانائتو ڪرڻ آهي. ”خودي“ ۽ ”پاڻ“ کي ختم ڪرڻ آهي، نفس جي سرڪش گهوڙي کي قابو ڪرڻ آهي. مطلب ته ڀورائي بي عقلي هوندي به عقل آهي. بي سمجهائي هوندي به سمجهه آهي. ڀال ۽ ڪرم رب جا لکين ڪروڙين آهن، ڪوڙين ڪايائون آهن، جيڪي ذڪر کان مٿي آهن. انسان رب جي هڪ ٿوري کي به پهچي نٿو سگهي، ڀال مان مراد اها رحمت خداونديءَ جي ڇانوَ آهي، جنهن آدم تي مهر ڪئي، ڏاهپ اهو شيطاني فخر هو جنهن شيطان کي هميشه لاءِ جنت مان تڙائي لعنتي ڪرايو.

آئون ”سين“ ان پار، ڪڏهن تان ڪونه پئو،

”ان الله و تريحب الوتر“ نيئي ٻيائي پار،

هيڪڙائي وٽ هار هنجون ”هڻڻ“ جون.

چنيسر جي راڄ ۾ ليلا کي جيڪا مان ۽ عزت هئي سا مثالي هئي هوءَ سومري چنيسر راجا جي پسنديده راڻي هئي، پر نفس جي لالچ ۽ سندس هٺ غرور کيس هميشه لاءِ ڏهاڳ ڏنو. ڪانڌ وٽ ڪانياري ٿي ۽ سندس درجو ڪري ويو.

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،

دهلين دمامين، نقرين ٿي وچ ۾ وهارياس،

هيس دادلي دوسن جي، کڻي هلڪي هار ڪياس،

تهان پوءِ ٿياس، ڪانياري ڪانڌ جي.

(ليلا چنيسر 2- 5)

 سري ليلا چنيسر ۾ چنيسر کي ڌڻيءَ پاڪ سان ڀيٽيو ويو آهي ۽ رب پاڪ جي ذات بي عيب آهي، هو شرڪ کان سواءِ سڀ ڪجهه معاف ڪري ٿو. محبت ۾ شراڪت جو جذبو کيس پسند ڪونهي. ليلا  راه تان ٿڙيل اهو طالب آهي، جنهن کي هڪ واريءَ محبت نصيب ٿي پوءِ وڇوڙو مليو آخر ۾ آزين نيزارين کان پوءِ وصال مليو ۽ سندس دعائون قبول پيون. محبوب کي ته عاجزي ۽ آزي نيزاري پسند آهي. اسين سوچيندا آهيون ته هينئن ڪريون ها ته هينئن ٿئي ها، عقل ۽ ڏاهپ ۾ خود کي مٿي سمجهڻ نه کپي جيڪي ڪجهه روز اول کان لکيل آهي، اهو ٿي رهندو، هن ڪائنات ۾ ڪا به شيءَ خالي نه ٺهيل آهي. دنيا جي ننڍي ۾ ننڍي شيءِ ۾ به سبق سمايل آهي. خود کي هر وقت علم ۽ ڄاڻ جو پانڌي سمجهڻ گهرجي، خود کي صحيح سمجهي فخر ۽ غرور ۾ مبتلا ٿي خوديءَ ۽ انا جي گمراهيءَ ۾ گمراه ٿي نه وڃڻ کپي شاهه سائين ”پاڻ“ ۽ ”آئون“ کي ننديو آهي، سندن حڪم مطابق رب جي رضا ۾ راضي رهڻ گهرجي توڪل ۽ يقين کي سهارو بنائجي.

انگريزي شاعر شيڪسپيئر سترهينءَ صديءَ ۾ عقلمندي ۽ ڏاهپ جي گفتن کي لاحاصل ڪوٺيو آهي.

O! wise words when wisdom gives no profit.

ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ جا گفتا ڪجهه ڪونهي. دنيا علم و عقل جو سمنڊ آهي. جنهن جو ڪو انت ڪونهي انسان ته هن ساگر مان جيڪڏهن سرڪ به حاصل ٿو ڪري ته اها نعمت خداوندي آهي. علم عقل ۽ سمجهه جي باوجود به ڪڏهن به خود کي مڪمل ۽ عقل ڪل نه سمجهڻ گهرجي. ان سان انسان جو انا ۽ خوديءَ ۾ مبتلا ٿيڻ جو انديشو رهي ٿو ۽ پوءِ گمراهي کيس هميشه لاءِ ڏکن ۽ ڏاکرن ڏانهن ڌڪي ٿي ڇڏي. وٽس صرف آزيون ۽ نيزاريون ٿيون بچن. سي به شل قبول پون.

آ وڳڻ ڪري آپار تو در آيس داسڙا!

جئن تو رسڻ سنديون روح م، تئن مون ڀيڻي ناه ڀتار،

سائين لڳ ستار، ميٽ مدايون منهنجيون.

(ليلا چنيسر: 3-4)

شاهه سائينءَ جن فرمائين ٿا، ته انسان لاءِ ضروري آهي ته کيس ڪامل مرشد هجي بغير رهبر جي شيطان حاوي ٿو ٿئي.

دودل دل تان دور ڪري، ڪر ساجن! صفائي،

”من لا شيخ فشيخه الشيطان“، ان ري اونداهي.

شاهه جي ڪلام جي مقبوليت جا سبب

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙين ڪن سلام، آڳهه اچيو ان جي.

حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي شاعرن جو سرتاج آهي، سندس ڪلام سنڌ لاءِ ۽ ڪل ڪائنات لاءِ هڪ عظيم سرمايو آهي، جنهن ۾ پاڻ زندگيءَ جي بي انت سمنڊ جي پاتار ۾ پيهي اهي جوهر جوتيا اٿن،  جن سان سنڌ سدائين جرڪندي رهندي. فاني شين مان لافاني و لازوال ۽ وقتي ڳالهين مان آفاقي ۽ ازلي حقيقتون ڳولهي ڪڍيون اٿن. هڪ اهڙو اڻ کٽ خزانو، جيڪو دلچسپ ۽ دلپذير آھ، اها شاعري جيڪا الهامي هوندي صدين جي عرصي کان قائم دائم آهي. شاهه سائين جي ڪلام جي مقبوليت جا ڪئين سبب آهن، پر ڪجهه مختصر هيءُ آهن.

1. عوام جي اندر جو آواز آھ ۽ منجهس لوڪ جيوت جا عڪس آهن.

2. پيغام محبت پيغام لطيف آهي.

        3.  مجازي عشق سان سلهاڙيل حقيقي عشق ۾ فنا ٿيڻ جي آفاقي

            شاعري آهي.

4. شاهه جو ڪلام لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي.

5.  تاريخي نيم تاريخي ۽ رومانوي داستانن جو بيان.

جيئن ته شاعري نثر کان وڌيڪ پر اثر هوندي آهي ۽ احساسات تي جلدي حاوي ٿي ويندي آهي. سٺا شعر نه وسرندر، جذباتن ۽ امنگن جي ترجماني هوندا آهن.

Poetry is the spontaneous over flow of powerful emotions. (Wordsworth)

شاعري سگهارن جذبن جي پاڻ مرادي اٿل آهي، اها اٿل جنهن هند سنڌ ته ڇا پر بين الاقوامي طور سندس ڪلام کي مشهور ڪيو. سندس شاعريءَ جا سگهارا جذبا پوري ڪلام تي مڪمل گرفت رکن ٿا.

شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ لوڪ جيوت جو عڪس آهي.

1. شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري عوام جي اندر جو آواز آهي ۽ سنڌي عوام جي جيوت جو خاص طور عڪس آهي، سندن نظر ۾ انسان جي زندگي امانت آهي. ڪائنات جي سڀني شين ۾ پاڻ بهتريءَ جو عڪس ڳوليو اٿن. پنهنجي دور جي قصيده گوئي ۽ عيب جوئيءَ واري شاعريءَ کان پرهيز ڪيو اٿن. سندن خطاب عوامي ۽ مقامي آهي. پر آئيڊيالوجي ڪائناتي آهي. سئيءَ جهڙي معمولي شيءَ جون وصفون ڳڻائي کيس عظمت ڏني اٿن. هڪ معمولي سئي جيڪا پاڻ اگهاڙي آهي، پر ڪوڙين ۽ اربين انسانن جي شرافت، پاڪدامني ۽ پردي جي امين آهي، جيڪا اگهاڙن جي اوگهڙ ٿي ڍڪي. تنهن جي حيثيت بادشاهيءَ کان به وڌيڪ آهي ۽ ابر (سئيءَ) جي وصفن کي سمجهڻ لاءِ ته هڪ زندگي ڪافي نه آهي.

 پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ،

ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي اوصاف کي.

(مارئي 7-11)

پوچا ڏٺم پير ڍڪڻ مٿي ڍول جا،

مون ڀانئيو تنهن وير، ڪوجهي ڪندو پريئڙي.

(ليلا چنيسر)

ليلا جو چنيسر جي راڄ ۾ وڏيري هئڻ جو احساس اُتم آهي ”وڏيري هياس چنيسر جي راڄ ۾“ ڄام تماچيءَ لاءِ نوريءَ جو نياز تمام پسنديده عمل آهي، هو مهاڻن جون سڀ خطائون معاف ٿو ڪري. صرف نوريءَ جي ڪري سڀ مهاڻا مانائتا ٿا ٿي وڃن.

گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،

انين جي اوطاق، راجا ريجهي آيو.

(ڪاموڏ)

مطلب ته شاهه ڀٽائيءَ سنڌي عوام جي عوامي ٻوليءَ رسم و رواج تمام سٺا واضح ڪيا آهن. وڻجاريءَ جي زندگيءَ کان وٺي رنگريز ملاح، ڪڙمي، ڪاسبي، لوهار تائين جي تصوير ڪشي ڪئي اٿن. شاهه جي ڪلام ۾ سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو سهڻو چٽ چٽيل آهي، شاهه جو ڪلام سماج جو آئينو آهي. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي رهڻي ڪهڻيءَ جي عين بين تصوير آهي، عوامي احساس، رسم و رواج، شجاعت ۽ بهادريءَ جا سبق اثرائتا آهن.

2. پيغامِ لطيف پيغامِ محبت آهي:

ڀٽ ڌڻيءَ جو پيغام امن جو پيغام آهي، سندس ڪلام قرآن جي تفسير آهي. عوام جي دلين کي محبت جي جذبي جي سرشاري عطا ٿو ڪري. سندس ڪلام ۾ ڪماليت جو دامن وسيع آهي. سلامتيءَ جو پيغام آهي، نيڪ نيتن، پاڪ خيالن ۽ عشق جي امنگن جو ترجمان آهي.

”سنهيءَ سئيءَ سبيو مون مارن سين ساهه“

ملير جي محبت، قوم ۽ ملڪ جي محبت، ڪل عالم جي آباد ٿيڻ جي محبت، سڀ آفاقي جذبا آهن، انسانيت جي جذبي ۾ محبت جي روشني سندس رسالي جي لفظ لفظ مان ظاهر آهي، استنبول، چين، سمرقند، بيڪانير، ڪڇ، ۽ ڍٽ جهڙن هنڌن کي به نٿو وساري، سندس دعا آهي، ته ڪل عالم خوشحال هجي، انسانذات کي سبق ٿا ڏين ته ڪائنات مان سکو ڪيئن نه پکي محبت ۽ امن جو پيغام کڻي گڏ هلن ٿا؟

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو.

(ڏهر 4- 5)

3. مجازي عشق سان سينگاريل حقيقي عشق جي شاعري:

مجازي عشق جي اوٽ ۾ حقيقي عشق جا راز کوليا اٿن.  شاهه سائين پاڻ کي مجازي عشق جي چڀيٽ لڳي ۽ پاڻ بره جي باهه ۾ رچي ريٽو ٿيو ۽ عشق منجهس اهڙو غلبو ڪيو جو محو ٿي ويندو هو ۽ غشيءَ ۾ اچي ويندو هو ۽ مٿانس واري وري ويئي. جڏهن سندن پيءُ شاهه حبيب ڳولائو ٿي اُتي پهتو ته فرمايائون.

لڳي لڳي واءَ ويس انگڙا ڍڪجي،

جواب ڏنائون،

پئي کڻي پساه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.

معنى ته مجازي عشق مان لنگهي حقيقي عشق تائين پهچڻ کان پوءِ تصوف، وحدانيت ۽ روحانيت جا راز ٿا کلن تڏهن پرينءَ کي پسڻ جي اُڪير ۾ دنيا قيد لڳندي آهي:

عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪنس ڳڀرو،

جيءَ جسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند،

سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿيئي.

عشق ۾ سوري چڙهڻ ۽ سرن کي قربان ڪرڻ ئي حقيقي عشق جي منزل آهي.

4. شاهه سائين جو ڪلام لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي:

شاهه سائينءَ جي ڪلام جي مقبوليت جي سببن ۾ هڪ اهم سبب ٻوليءَ جي وسعت آهي، شاهه جو ڪلام لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي. سندس شاعريءَ ۾ عميق ۽ مائيدار خيال ۽ معنيٰ دار لفظ آهن، شاعراڻين خوبين وزن، قافيو، محاڪات، مصوري تخيل ۽ حسن سان ڀرپور آهي، ۽ تمام پر اثر شاعري آهي. عربي فارسي ۽ علم عروض جي کين تمام گهڻي ڄاڻ هئي. شاعريءَ ۾ سولي سنڌي ڪتب آيل آهي، روزمره جي استعمال جا لفظ ۽ مختلف ماحولن جون وزنائتيون ڪيفيتون بيان ٿيل آهن، جيئن ته موسيقيءَ جي کين ڀلي ڀت خبر هئي ان ڪري سندن شاعري Lyrical Poetry آهي. جمالياتي شاعري آهي، حسن کي حسين معنائون پارايون اٿن. “Nature” کي سهڻي انداز ۾ نمايان  ڪيو اٿن. هڪ انگريز شاعر چيو آهي.

Beatiful things always remember in memory.

شاهه جو ڪلام ۽ ان جو تاثر هميشه اثر انگيز آهي.

سندن خيال جي بلندي اٿاه سمنڊ جيتري آهي، جدت، جوش، فصاحت،بلاغت،سلاست، تشبيهون، استعارا، لطافت سندن شعر جو مرڪ آهن.

5. تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانون:

تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانون ۽ سنڌ جون لوڪ رومانوي داستانون رسالي جو شان آهن، سهڻيءَ جي سچ سڪ، سسئيءَ جا سور، ليلا جو لوڇ پوڇ، مومل جو ماندو ٿيڻ، مارئيءَ جي محبت، نوريءَ جي نئڙت کي شاهه سائينءَ مانائتو ڪيو آهي، ۽ کين لازوال ڪري ڇڏيو آهي. ”گجر کي گجميل جون تارن ۾ تبرون“ گجميل لفظ ننگر پار ڏانهن استعمال ٿيندو آهي، معنيٰ ”رُڪ“ مومل جي اکين ۾ رُڪ جي تلوارن جهڙي دهشت آهي. ”ڪلهن ڦاٿو ڪنجرو“  ڪنجرو سنڌ ۾ سڀني هنڌ تي ڪونه پاتو ويندو آهي، پر اهو صرف سسئيءَ جي علائقي ڏانهن اشارو آهي. پنهنجي سڀني ڪردارن ۽ انهن جي علائقي جي ٻوليءَ جي کين تمام گهڻي ڄاڻ آهي.

راءِ ڏياچ  جو سخاوت تي سر ڏيڻ، مورڙي جي عقلمندي، سمن ۽ سومرن جي وقت جي جادم جکري جي سخاوت جي تعريف کي ذڪر ڪري کين اهم حيثيت ڏني اٿن. مطلب ته شاهه سائين ڪنهن موضوع کي فراموش نه ڪيو آهي. تاريخي واقعي ڪربلا کي بي انتها تاثر انگيز سر ڪيڏارو ۾ پيش ڪيو اٿن.

سختي شهادت جي، مڙوئي ملار،

ڪسڻ جو قرار، اصل امامن سين.

(ڪيڏارو 1-4)

شاهه سائينءَ جو نالو ۽ سندن ڪلام سنڌ ۾ سدا حيات قائم رهندو ۽ سندس مقبوليت ۾ ڪڏهن به ڪمي نه ايندي. اهڙن ئي نيڪ بزرگن جي مٽي مانائتي آهي، جيڪي دين ۽ دنيا ۾ نيڪ وکر وهائي نالو ڪمائي ويا.

ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڏو مان،

ڪوڙين ڪن سلام، اڳهه اچيو ان جي.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com