سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :14

 

شاهه جي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جا معاشي ۽ ثقافتي قدر

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ ڪامل شاعر ۽ بزرگ کان سواءِ سنڌي عوام جو اڳواڻ هو سندن نفسيات دان هو سندن لاءِ محبت جو پيامبر هو. هن سنڌ ۽ سنڌو واسين جي اندر ۾ جهاتي پاتي آهي، ۽ سنڌ جي سماجي حالتن، ثقافتي قدرن، معاشي قدرن کي گهرو مطالعو ڪيو هئائون. هونئن به ڪنهن به ادبي فن پاري جي ڪاميابيءَ جي سببن ۾ هڪ اهم سبب سندس ليکڪ شاعر ۽ نقاد جو ان بيڪ گرائونڊ Background جي مڪمل ڄاڻ تي منحصر آهي، هڪ انگريز نقاد جي چوڻ مطابق:

 Literatur is the reflection of life, we can not appreciate fully the literature of any nation or period without a knowledge of the back ground of the same.

سماجي حالتون

علم ادب ۽ سماج جو هميشه پاڻ ۾ مؤثر ساٿ رهيو آهي، ماحول ۾ جيڪي وهي واپاري ٿو سو ليکڪ ۽ شاعر وڌيڪ شدت سان محسوس ڪندا آهن، شاعر وڌيڪ حساس هوندو آهي، شاهه سائين هڪ بي انتها، Sensitive ۽ سڄاڻ شاعر هو. سندس شروعاتي دور ۾ سنڌ انقلابي آزمائش مان گذري هئي. مغلن جي غلاميءَ کان پوءِ ظلم جا پروانا ٿي نادر نمودار ٿيا. انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيو ته قنڌارين سنڌ واسين جو ساھ سڪايو. شاهه ڀٽائي سنڌي سماج کي سچ جي ساٿ ۽ هيڻن جي حمايت سان تن من ۽ ڌن جي قربانيءَ جي تاڪيد ڪئي آهي. سختيون سهائي سورهيائيءَ سان منهن ڏيئي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ئي همٿ ۽ غيرت آهي.

هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءَ مرڪ،

وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾.

مانجهي مڙس تلوارن جا ڪڙڪا ڪندڙ جنگ جي ميدان ۾ ساٿين جي پرگهور لهندڙ ۽ ملڪ جي حفاظت ڪندڙ غيرت مند ئي قوم جو شان آهن.

معاشي ۽ ثقافتي قدر

 جڏهن امن هوندو آهي ته ملڪ جون اقتصادي حالتون بهتر ٿينديون آهن، ۽ معاشرو خوشحال هوندو آهي، ته هر طرح سان ملڪ و قوم جي ترقي ٿيندي آهي، جيئن ته انسان هن دنيا جي ڊوڙ ڊڪ ۾ جيڪا به تڪليف وٺي ٿو سا رزق جي ڪري آهي، شيخ اياز جو هڪ شعر آهي:

سدا آهي ساھ کي ڳڀي جي ڳولا،

ڍؤ بنا ڍوليا ناهي ساڃهه سونهن جي.

انسان جڏهن مانيءَ ڳڀي لاءِ پريشان هوندو آهي، زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کي صحيح طرح نه پهچي سگهندو آهي، ته کيس حسين ترين شيءَ جي حسن جو به احساس نه ٿيندو آهي. ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو دارو مدار سندس معاشي حالتن تي هوندو آهي، هر نيڪ ماڻهو پنهنجي ملڪ کي آسودو ڏسڻ ٿو چاهي پر شاھ سائينءَ ته سنڌ سان گڏ پوري عالم جي آسودگيءَ جي دعا گهري ٿو.

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

سنڌ زرعي علائقو آهي جتي شاهه ڀٽائي شديد ڏڪار ۽ سٺا سڪار ڏٺا هئا، ان ڪري پاڻ معاشري جي موذي مروانن کي ذخيره اندوزيءَ تي پاراتا ڏنا اٿن. جيڪي غريبن لاءِ ڏکن ۽ بکن جا باعث آهن.

”ڏڪاريا ڏيهه مان شل موذي سڀ مرن.“

پاڻ سنڌي سماج کي آسودو ڏسڻ ٿي چاهيائون. سنڌ ۾ ان وقت لنڪا ۽ عدن جهڙن پري ملڪن سان وڻج واپار هلندو هو جنهن ۾ وڻجارا هتان ڦرڦل ڦوٽا ۽ قيمتي ڪپڙا کڻي ويندا هئا ۽ واپسيءَ ۾ ماڻج موتي ۽ سون آڻيندا هئا. سر سامونڊي انهن بهادر وڻجارن جي اچڻ وڃڻ ۽ وڻڪ واپار جي ذڪر سان سينگاريل آهي، جيڪا ان وقت جي اقتصادي حالتن ۽ سماجي قدرن جي اپٽار آهي. پاڻ محنت ۽ ڪوشش سان رزق ڪمائڻ جي تلقين ڪئي اٿن سر ڪاپائتي ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان منع ڪئي اٿن.

سي تو ويهي وڃائيا، جي ڪتڻ سندا ڏينهن،

ارٽ اوڏي نه ٿينئن، ڀوري ڀوري سينئن.

ڪنڌ کڻندينءَ ڪيئن، اڱڻ عجيبن جي.

(ڪاپائتي)

شاهه سائين سر ڪاپائتيءَ ۾ ململ کي ۽ سنهي ڪتڻ کي اهميت ڏني آهي، سنهو ڪتڻ سون جي اگهه ۾ وڃي ٿو ۽ ان مان اهڙي نفيس ململ ٺهي  ٿي، جيڪا بادشاهن ۽ اميرن جو مرڪ آهي، نفيس ململ نرم، سهڻيءَ ۽ پائيدار آهي ۽ جنهن ۾ سڀ خوبيون آهن. شاهه سائين پنهنجي شعر ۾ سنڌي عوام کي معاشي طور محنت ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي،کين وقت جي اهميت ۽ اقتصاديات جا نظريا سمجهايا اٿن.

تنبائي تاڪيو سين، جن پڃايو پاءُ،

لسي تند لطيف چئي هلي تن هٿاءُ.

ململ منجهان ماءُ، جي سکيون تن سون ڪئيو.

(ڪاپائتي)

هندورو سنڌ ۾ آسودي ۽ بادشاهي گهر جو اهڃاڻ آهي، ليليٰ چنيسر بادشاهه وٽ هندورن ۾ لڏي ٿي ۽ وڏيري هئي سندس لاءِ وڏيري هئڻ ۾ فخر جو احساس آهي، پر ڪانڌ وٽ ڪانياري ٿيڻ ۾ شيد ڏک جو احساس پڻ شامل آهي.

وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،

دائين، ٻائين، دربانن پر ۾ ٿي پڇياس.

(سر ليلا چنيسر)

وري ليلا چوي ٿي، آئون ته دادلي هيس هندورن ۾ پئي لڏيس مون کي ڪا خبر ئي ڪا نه پئي ته مون کان محبوب رسي ويندو.

هيس هندورن ۾، پيم ڪانه پروڙ،

سا مهان ٿيم سور، ويو ولٽي، ولهو.

(سر ليلا چنيسر)

ڪانڌ جو ڏهاڳ ڏيڻ ۽ ڇڏڻ سنڌ ۾ عيب جي نشاني آهي، ان ڪري ئي شاهه سائين حڪم ٿو ڪري ”پائي پانڌ ڳچيءَ ۾، پاڻ غريبيءَ گڏ“ ليلى لاءِ ان کان سواءِ ڪوبه حيلو ڪونهي. اهي سڀ اهڃاڻ سنڌي سماج جي ريتن رسمن ۽ رواجن کي ظاهر ڪن ٿا. پاڻ جتي سنڌي عورت جي روپ ۾ نوريءَ جي نيازمنديءَ کي سسئيءَ جي وفا ۽ قربانيءَ کي ساراهيو اٿن اُتي ليليٰ جي هٺ ۽ فخر کي ننديو اٿن. شاھ جي نظر ۾ سنڌ جي عورت وفا جو پيڪر آهي. پنهنجي وَرَ لاءِ محبت ۾ عقيدت جا جذبا رکي ٿي.

سنڌي سماج جا ثقافتي ورثا الڳ آهن، سندن ڪئين ريتون رسمون رواج سوڻ ۽ ساٺ آهن، جيڪي صدين کان رائج آهن. هر قوم جو ثقافتي ورثو سندس لباس، ريتن، رسمن، رواجن مان ظاهر ٿيندو آهي. شاهه ڀٽائي سنڌين جي هر رسم و رواج  جي سهڻي ترجماني ڪئي آهي، سر سامونڊيءَ ۾ شادي شده وڻجاريءَ جي محبت سندس ور لاءِ پر تاثر آهي.

اسان اڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا،

منهن ڏيئي، مون آئيا، سمهان سيارا،

اوڀرن سيڪارا، پسيو ور ٻين جا.

(سر سامونڊي)

پاڻ سنڌ جي پرڻيل عورت جي پوترتا کي احترام لائق سڏيو اٿن.

جيڪر اچي هاڻ، ته ڪريان روح رچنديون،

آيل! ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان.

(سر سامونڊي)

جل کي اکا هڻڻ، وڻن ٽڻن کي جهنڊيون ٻڌڻ سڀ سوڻ ساٺ سندن عقيدا ۽ رسمون سماجي ثقافت آهن، ان ڪري شاهه سائينءَ سندن عقيدت ۽ پيار جي جذبي جون واکاڻون ڪيون آهن ۽ جيڪي وڻجاريون اهي دنياوي رسم و رواج نٿيون ڪن انهن کي فرمائي ٿو.

جا جر جاٽون نه ڏئي، ڏيا نه موهي،

سڌون ڪوه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.

(سر سامونڊي)

جا زال سمنڊ جي پوڄا نٿي ڪري ۽ ڏيئا نٿي ٻاري سا پنهنجي محبوب سان ملڻ جي سڌ ڇو ٿي ڪري. جل پوڄڻ ۽ ٻيون ان سان سلهاڙيل جيڪي به عبادتون آهن. سي هندو سماج جو حصو هيون، شاھ جي نظر ۾ محبوب جي جدائيءَ ۾ وڻجاريءَ جي محبت جا اٽل جذبا ئي آهن جيڪي ڪٺور دل سامونڊين کي سندن وطن ورڻ تي مجبور ٿا ڪن. ڀٽ ڌڻيءَ هر طبقي ۽ مذهب کان بالاتر ٿي سنڌ جي هر طبقي مثال طور هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي، رنگريز ملاح ۽ لوهار سميت جي زندگيءَ جي رخن کي اجاگر ڪيو آهي. سُٽ ڪتڻ واريءَ عورت جي ڪردار کي ۽ چرخي کي امر ڪري ڇڏيو اٿن.

سون ساريڪا هٿڙا، ڪوه نه ڪتئين رڏ،

ويهي ڪنڊ، ڪاپوڪر، گهتيون گوهيون ڇڏ،

ته صرافاڻي سڏ، مرڪيو هوند مٽائين.

(سر ڪاپائتي)

ائٽ جي اوٽ ۾ شاهه سائين سنڌي عوام کي سبق ڏنو آهي ته توهان کي رب پاڪ ٻه سون جهڙا هٿ ڏنا آهن ته رزق لاءِ ڪوشش ڪريو. مطلب ته سندس شاعريءَ ۾ هر علائقي جي ٿر سميت زبردست نمائندگي آهي، مارئيءَ جي لوئيءَ لباس، چورن، سڳڙن کان وٺي سندس پنهوارن جي پکن تائين شاهه سائين سڄي ٿر جي ثقافت چٽي بيان ڪئي آهي.

سهسين سيبا ڪنجري، لوئي ليڙ ٿيام. (مارئي: 2-5)

ڪنجري مونٽ لفظ آهي ۽ ڪنجري صرف ٿر ۾ پاتي ويندي آهي. جنهن جي سيني واري حصي تي ڀرت هوندو آهي.

سبي، سيبا ڏي، ڀوري نينهن نه ڪچوئي.

مارئي معصومڙي چوليءَ کي سيبا پئي ڏئي پر پنهنجو نينهن نٿي گهٽائي ساڳئي ئي وقت سر سسئيءَ ۾ ذڪر آهي.

ڪلهي ڦاٽو ڪنجرو، مٿو اگهاڙو،

ڀينر! ڪڄاڙو، منهنجو هن ڀنڀور ۾.

هن شعر ۾ ڪنجرو مذڪر لباس آهي، جيڪو شادي شده عورت پائيندي آهي ۽ سسئي پنهنجي ور لاءِ ڀنڀور کي ڇڏي مٿي اگهاڙي پنڌ ڪاهيندي ٿي وڃي جيڪو سوز ۽ ساءُ کيس پنهونءَ چکايو آهي. ان سوز ۽ عشق کيس بي حال ڪري ڇڏيو آهي. سسئي جو مقصد محبوب حاصل ڪرڻ آهي. (ڪنجرو: هڪ ڊگهو شيشن ڀريل گهگو آهي جيڪو خاص سهاڳڻ لاءِ وهانءُ ۾ تيار ڪيو ويندو آهي) شاهه سائين سنڌي تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن ۾ عشق و سڪ ۽ حسن جا نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ گڏ سنڌ جي ثقافتي قدرن کي چٽو ڪيو آهي هر سر ۾ جيڪڏهن جانچي ڏسنداسين ته سندس خطاب عوام آهي.

پاڻ سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي لباس احساسات، سوچون محبت و عشق ڏک ۽ سک کولي بيان ڪيا اٿن. کين پنهنجي ڪردارن جي نفسيات جو مڪمل ادراڪ آهي ۽ انهن کي مانائتو ۽ شانائتو ڪري پيش ڪيو اٿن.

مارئي پنهنجي سڳڙن کي سون ۽ لکن کان به مٿي ٿي سمجهي

سون برابر سڳڙا، لون لون برابر لک.

مارن جا سڳڙا يعني (ڌاڳا) سون برابر آهن ۽ لوئيءَ جي تند تند لک جي ملهه جي آهي، سر مارئي ۾ بخمل ۽ ساين شالن کان وڌيڪ ٿري لوئي آهي، جيڪا ٿرين جي عزت ۽ مان آهي سنڌ جي ثقافت جو ورثو آهي. مارئيءَ جو مرڪ ڪراين جا چوڙا آهن، ۽ سندن کاڄ پيرون ڪونڍير پپون، گولاڙا ۽ گاهه آهن.

مطلب ته شاهه سائينءَ، ٿر جي ننڍي کان ننڍي شيءَ کي به معمولي نه سمجهيو آهي، اهڙيءَ ريت سر سارنگ ۾ برسات جي ڪيفيت مهل پڻ ماروئڙن ۽ سنگهارن جي خوشي ۽ مند ملهاري ٿيڻ تي ڳاڙهي رنگ جا ڪپڙا پائڻ ۽ خوشيءَ جو اظهار تمام سٺو ڪيو اٿن.

آئي مند ملهاري آئون کهنبا ڪنديس ڪپڙا،

 وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ منهنجي يار.

شاهه سائين دريائن ۽ سمنڊن جو ذڪر ڪافي سرن خاص طور سامونڊي، سريراڳ گهاتو ۽ ڪاموڏ ۾ ڪيو آهي، سنڌ ۾ ان وقت ڪافي ملڪن سان وڻج واپار دريائن جي معرفت هوندو هو. سنڌ سکي ستابي هئي پاڻ ٻيڙين جا قسم اوزارن ۽ ملاحن جي نفسيات ۽ سمجهه، دريائي مخلوق مطلب ته ڪنهن به موضوع کي نه ڇڏيو اٿن. سر ڪاموڏ ۾ ڪارين ڪوجهين مهاڻين جا ماڻا سمو سردار ٿو برداشت ڪري. سندن کاريون ککيءَ سان وسيل، ڇڄ ۽ ڇڇيون سندن مرڪ آهي، پاٻوڙا انهن مهاڻن جي پوشاڪ آهي، صرف گندريءَ مهاڻي جي ڪري مٿن سڀ محصول معاف ٿا ٿين. ”ڪينجهر ۽ نوريءَ جو ذڪر سر نوري ڄام تماچيءَ ۾ شانائتو بيان ڪيل آهي.“

تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو جهڙي سونهن سندياس،

مڏ مهاڻيون مڪڙا، مڙيئي معاف ٿياس،

مور ڇل مٿانس، اڀو تماچي تي هڻي.

نوريءَ جي نوراني حسن تي موهت ٿي ڄام تماچي حسب نسب جو حساب نه رکيو پر سنڌ جي هن سياڻي سمجهدار نياز ۽ نئڙت سان رنڱيل راڻيءَ پنهنجو پاڻ کي اخلاقي قوتن سان پاڻ مڃايو، شاهه سائينءَ نياز ۽ نئڙت جي لڇڻ کي انسان لاءِ تمام گهڻي اهميت ڏني آهي. جيڪڏهن سماج ۾ هر انسان پاڻ کي مٿي سمجهندو ته ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ جو اصول اڀري اڳيان ايندو ۽ پوءِ ماڻهو هڪٻئي جو ماس پٽڻ لاءِ تيار ٿي ويندا، پر ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجين سورمين جي معرفت سنڌي عوام کي سبق ڏنو آهي ته هڪٻئي لاءِ ڪس کائو. جهڪو ۽ پيار ڪريو اهائي زندگيءَ جي حاصلات آهي، ڀلي چاهي اعليٰ عهدي تي هجو ڀلي توهين دنياوي طور مانائتا هجو، سردار يا وڏيرا هجو يا اعليٰ آفيسر پر جي هيٺانهين وٺندا ته دنيا توهان جي آهي. آڪڙ، فخر ۽ بي جا رعب سان توهان دوستن کان وڌيڪ دشمن وڌائيندا. سماج جو اسين حصو آهيون ۽ سماج اسان مان ئي اسري ٿو، ڀٽ ڌڻيءَ پنهنجي ڪردارن جي اوٽ ۾ ڪيتريون نه اخلاقي سمجهاڻيون ڏنيون آهن. ظاهر ڪيون اٿن چون ٿا ته توهان کي رب پاڪ ڪيترو به نوازي پر توهان ۾ هلڪڙائي ڏيکاءُ ۽ نمائش نه هئڻ کپي ڇو جو اها محبوب کي پسند ڪونهي.

سڀئي سهاڳڻيون سڀني ڳچيءَ هار،

پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي سهسين ڪن سينگار،

ڍول تنين جي ڍار، هيٺانهيون هلن جي.

هار سينگار سنڌي سماج ۾ شادي شده عورت جو مرڪ سمجهيو ويندو آهي. پر شاهه سائين جي نظر ۾ اهي سوين سينگار به محبوب جي دل کٽڻ جي لاءِ ڪجهه ڪونهي ڇو جو فخر و غرور واري عورت مڙس وٽان مانائتي ڪونه ٿيندي آهي، مرد ذات غيرتمند ۽ انا وارو هوندو آهي. هن کي اها زال ذات پسند ايندي آهي جيڪا کيس بي انتها عزت ۽ پيار عطا ڪندي آهي. اها ئي سنڌ سونهاريءَ جي ريت آهي جنهن ۾ عورت کي هيٺانهون هلڻ ۽ محبت سان سپرينءَ جي سار لهڻ جي تلقين آهي، جيئن سسئيءَ جي واتان هڪ هنڌ چورائين ٿا.

ڪچو لاهيان ڪُر، جي ڪيچان اوري وران،

معنيٰ ته ڪيچ مڪران کان اڳتي جي موٽي اچان ته ڄڻ مون پنهنجي خاندان جي عزت کي داغ هنيو. هن شعر ۾ خاندان جي عزت جي اهميت تي غور ڪبو ته سنڌ ۾ ڪئين قدر خاندانن جي عزتن سان منسوب آهن، پر سسئيءَ جو ڪانڌ وٺي نه اچڻ سندس لاءِ خاندان ۾ بي عزتيءَ جو سبب آهي، خانداني عزتون ۽ مان مرتبا سنڌي سماج جو حصو آهن. سر مومل راڻو ۽ سوڍين راڻي جي ويس ۽ وڳن جو ذڪر آهي، عطرن عنبيرن ۽ شالن جي سونهن ۽ خاص مومل کي جيڪو زيور پاتل آهي، ان جو ذڪر تمام سهڻو بيان ڪيل آهي. اهي زيور سندس لاثاني سونهن کي ٻهڪائين پيا. سنڌي عورت جي حسن کي خراج تحسين آهي ۽ سنڌي ثقافتي لباس ۽ زيورن کي مانائتو ڪيو ويو آهي.

پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،

لالن جي لبيس، آتڻ آکر نه اُجهي.

سر مومل راڻو ۾ سون ورنين سوڍين جو ذڪر آهي، جيڪي پندرهين صديءَ ۾ گجر ذات جي راجا نند جون ڌيون هيون جيڪو ”ميرپور ماٿيلي“تي ان وقت حڪومت ڪندو هو. سر مومل راڻو، سوڍين جي سونهن عقل، سمجهه ۽ عشق جي داستان آهي، پر منجهس سنڌ صوبي جي ثقافت ان وقت جي سماج جون حالتون ۽ معاشي قدر سمايل آهن، مومل جي اوطاقن ۾ چندن جي ٻوري جي اگر بتين جو جلڻ، چانديءَ جي روپين سان سوڍين جو رانديون ڪرڻ، ڪاڪ محل ۾ بهترين باغن جو هئڻ، مشڪ عطر ۽ عبيرن جا ذڪر مطلب ته سنڌي آسودي سماج جي سونهن کي شاعريءَ ۾ اوتيو اٿن، شاهه سائين جي سڄي ڪلام ۾ سنڌي معاشري جي سماجي، معاشي ۽ ثقافتي قدرن جي اپٽار ٿيل آهي.

سون ورنيون سوڍيون، رپي رانديون ڪن،

اگر اوطاقن ۾ کٿوريون کٽن،

اجهي ٿا اچن، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي.

(مومل راڻو)

شاهه ڀٽائيءَ جي دعائيه شاعري

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ عملي انسان هو. جنهن جو عقيدو هو ته دنيا ۾ نيڪ عملن جي بدولت ئي رب پاڪ جو ڪرم نصيب ٿيندو، پنهنجي رسالي ۾ اهو پيغام ڏنو اٿن ته عملي طور رب پاڪ جي عبادت ڪريو پر گڏ من کي ڪٽ کان ڌوئي پاڪ ڪريو.

وحده لاشريڪ له، جڏهن چيو جن،

تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجان ساڻ هنئين،

تڏهن منجهان تن، اوتڙ ڪونه اوليئو.

صرف الله ۽ رسول تي ايمان آڻڻ ڪافي نه آهي، ڪلمو گو ٿيڻ کان پوءِ شرڪ کان بچاءُ ئي مومن جي معراج آهي، جنهن جي لاءِ عملي قدم کڻڻا آهن، دل کي دغا ۽ ٻيائي کان بچائڻو آهي. تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ سان نفس تي ضابطو رکي خود کي مانائتو ڪرڻو آهي، پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ خدا ۽ خدا جي وحدانيت تي يقين ۽ محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم تي مڪمل ايمان آڻڻ جي تلقين ڪرڻ سان گڏ خدا جي رحمت مان مايوس ٿيڻ کي ننديو اٿن. هٺ غرور ۽ فخر کي ختم ڪري دل جي صفائيءَ سان تزڪيه نفس جي ترغيب ڏني اٿن صرف هڪ رب کي وسيلو بنائڻ جي هدايت ڪئي اٿن. فرمائين ٿا.

مڱ تنهن کان مڱڻا! جو ڏيهاڻي ٿو ڏئي،

ڪوڙا در دنيا جا، جا جڪ مڱين جي،

سڀان تهين کي، موٽي ڏيندا م ۾.

(پرڀاتي)

ٻئي هنڌ فرمائين ٿا

ڏاتار نه تون ٻئا مڙيئي مڱڻا

ميه ته مندائتا وسڻا، سدا وسين تون،

جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان

(پرڀاتي)

ڀٽ شاهه جو ڪلام واحد جي وحدانيت جي اُپٽار ۽ ٻانهي جي عاجزيءَ جي اقرار ۽ دل سان گهربل دعائن سان سينگاريل آهي. پاڻ خدا جي رحمت مان مايوس نه آهن، بلڪ کيس ئي عيبن جو ڍڪڻهار سمجهن ٿا.

ڪانڌ ٻين ڪيترا، مون ور وڏي وٿ،

مٿان ڏيئي هٿ، جه عيب منهنجا ڍڪيا.

(ڏهر)

ستر ڪج ستار، آئون اگهاڙي آهيان،

ڍڪئين ڍڪڻهار! ڏيئي پانڌ پناهه جو.

رب جا ڪروڙين ڪرم ۽ ڀال ڀلايون آهن، سندس ٻاجهه ۽ مهر جي وسعت زمينن ۽ آسمانن جي وسعتن کان مٿي آهي، هن کي صرف سچيءَ دل سان پڪارڻ جي ضرورت آهي. جيترو سندس نالو عظيم ۽ وڏو آهي، ايتري سندس ٻاجهه عظيم آهي، هو ته عالم الغيب آهي کانئس ڪجهه به مخفي نه آهي.

جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،

ري ٿنڀين، ري ٿوڻين، تون ڇپر تون ڇان،

ڪڄاڙو ڪهانءِ؟ توکي معلوم سڀ ڪا.

(سر ڏهر)

شاهه سائينءَ جن مٺي محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن کي هادي رهبر ۽ ڪارڻي سمجهن ٿا. کين ئي ڇوٽڪارو ۽ نجات جو وسيلو ڄاڻايو اٿن.

مديني جا شاهه، سڻ منهنجا سڏڙا،

ڪارڻ لڳ الله، سگهو رسج سپرين.

مديني جا مير! سڻ منهنجا سڏڙا

سرڻ تنهنجيءَ سر، تون پار لنگهائين پيڙا.

ندامت جي اعتراف جي تلقين ڪئي اٿن. انسان ته خطا جو گهر آهي، کانئس ڪئين غلطيون ٿين ٿيون پر شل هن مالڪ حقيقيءَ کي رحم پوي جو بخش ڪري هو شاهن جو شاهه آهي، هيڻن جو همراه آهي. اهو ئي بيڪسن جو ڀرجهلو آهي. ان جي ئي آڌار تي اسين مشڪل ڪشائي جا سوالي آهيون.

الله جيئن نالو، تيئن مون وڏو آسرو،

خالق! تنهنجيءَ کاند جو، پرو پاند نه ڪوءِ،

نالو، رب! سندوءِ رهيو آهم روح ۾.

شاهه سائينءَ پنهنجي شعرن ۾ اسان کي يقين جي قوت ۽ خدا جي وحدانيت جي هدايت ڪئي آهي. سندن چوڻ مطابق صرف هڪ رب جي ذات ئي آهي، جيڪا مولا مشڪل ڪشا آهي، هو خالق خدائي خلق جا ڏک سور لاهڻ وارو آهي.

تون حبيب تون طبيب، تون دارون کي دردن،

تون ڏينئن، تون لاهين، ڏاتر کي ڏکندن،

تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهن امر ڪرهو ان کي.

انساني زندگيءَ جا ڏک سک، ڪاميابيون ناڪاميون سڀ حڪم خدا ونديءَ سان آهن، صحت ڏيڻ وارو جيارڻ ۽ مارڻ وارو هڪ ئي رب رحيم آهي ان کان سواءِ ڪو ٻيو در ڪونهي، جيڪو همراهي ڪري هو مهربان موليٰ مددگار آهي.

مٺو جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،

ڪو در ناهي جهوءِ، مون ٻيا در گهڻا نهاريا.

شاهه سائين جي دعائيه شاعري هر سنڌي واسيءَ جي دل جو آواز آهي، جڏهن به انفرادي يا اجتماعي طور عبادتن کان پوءِ دعائن لاءِ هٿ کڄندو آهي ته شاهه جا شعر چپن تي از خود اچي ويندا آهن. شاهه ڀٽائيءَ نه صرف دعا جو سليقو سيکاريو آهي. پر دعا جي قبوليت لاءِ يقين پڻ عطا ڪيو آهي، پاڻ دعا کي محدود ۽ مخصوص نه رکيو اٿن، ڪل ڪائنات جي لاءِ دعاڳو آهن، سندن دُعائيه شعرن جو دائرو وسيع ۽ ڪائناتي آهي.

سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار!

دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

(پورو ٿيو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com