سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :16

 

اصطلاح

 

 اصطلاح جي لغوي معنيٰ آهي، ”پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ“ اصطلاحي جملن جي ظاهري معنيٰ هڪڙي هوندي آهي، ته اندروني معنى ٻي نڪرندي آهي. اصل معنى کي ڇڏي اندروني معنيٰ تي اتفاق ڪرڻو پوندو آهي. مطلب ته اصطلاح اهو آهي، جنهن جي لفظي ۽ ظاهري معنيٰ مان مفهوم ۽ مطلب ٻيو نڪرندو آهي.

اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۽ گرامر ۾ گهڻيءَ اهميت جا حامل آهن. اصطلاح جي ڪري ٻولي ادبي ٿئي ٿي. سالڪن ۽ سياڻن ٻوليءَ ۽ اصطلاح جي استعمال سان ٻوليءَ ۾ سونهن ۽ سمجهه جا خزانا ڀري ڇڏيا آهن.”چند لفظن ۾ اصل مقصد حاصل ڪرڻ“ کي اصطلاحي محاورو چوندا آهن. جنهن سان ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ٿئي.

ڪريت ڪرڻ: غلط روش هلڻ.

لاه ڪڍڻ: زيردست ڪرڻ.

راڱا ڪرڻ: ظلم ۽ قهر ڪرڻ.

ڏلها ڏيڻ: دلاسا ڏيڻ.

جهوري لهڻ: ختم ٿيڻ.

ڇني ڦاڙي ويهڻ: تعلق ختم ڪرڻ. جدا ڪرڻ.

پنج ئي آڱريون گيهه ۾ ٻڏڻ: مقصد ۽ خوشي حاصل ٿيڻ.

کير کنڊ ٿيڻ: پاڻ ۾ مٺو ٿيڻ.

ڪن کڙا ڪرڻ: هوشيار ٿيڻ.

ڪاڻ ڪڍڻ: محتاجي ڪڍڻ.

گل ڪڍڻ: جنهن جي اميد نه هجي اهو ظاهر ڪرڻ.

اڌما کائي نڪرڻ: بڙڪو کائي نڪرڻ، جوش کائڻ.

تڏو سرهو ڪرڻ: پاڻ ملهائڻ، ٻئي جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ.

ٿاٻا کائڻ: ڌڪا کائڻ. محروم هئڻ.

دونهان جهپڻ: پنهنجو وقت وڃائڻ.

تنگ آيو، جنگ آيو: تنگ ٿي وڙهڻ.

دز کي نه پهچڻ: منزل کي نه پهچڻ.

گهڻ گهرو ٿيڻ: سڄڻ ٿيڻ.

سير ڇوڙڻ: رت ڪڍڻ.

ستا سور جاڳائڻ: گذريل ڏک ياد ڏيارڻ.

اُڀ ۾ ٿڪون اڇلڻ: پنهنجو پاڻ کي بڇڙو ڪرڻ. وڏائي ڪرڻ، ڪنهن نيڪ انسان سان برو هلڻ.

جهوتون کائڻ: هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ.

پاند ڳچي پائڻ: آزي نيزاري ڪرڻ.

سندرو ٻڌڻ: تيار ٿيڻ.

رنڍا روڙڻ: محنت ڪرڻ.

ٺپ ٺرڻ: چپ ٿي وڃڻ.

پاندي پوري نه ٿيڻ: خرچ پورو نه ٿيڻ.

جتيءَ ۾ پير پائڻ: برابري ڪرڻ.

سمنڊ ڪوزي ۾ بند ڪرڻ: مختصر ڪرڻ.

ڏاند ڏوهڻ: ڪنجوس ماڻهوءَ مان ڪم ڪڍڻ.

ڍينگو ئي ڍيري ٿيڻ: تمام گهڻو نقصان ٿيڻ.

زمين پيرن کان نڪري وڃڻ: مت منجهڻ وايون بتال ٿيڻ.

سوڙهو گهٽڻ: قابو ڪرڻ.

ڪانگ اڏائڻ: انتظار ڪرڻ.

ڪپڙن ۾ نه ماپڻ: نهايت گهڻو خوش ٿيڻ.

کڙيون گسائڻ: ايلاز منٿون ڪرڻ.

ليڪو لنگهي وڃڻ: حد ٽپي وڃڻ.

اک ۾ رکڻ: نظرداري ڪرڻ.

اکين ۾ سرمو وجهڻ: فريب ڏيڻ، ٺڳي وڃڻ.

ٻٻرن کان ٻير گهرڻ: ناممڪن ڳالهه کي ممڪن سمجهڻ.

ڪاري وارا ڪک هئڻ: ڪا به شيءَ نه هجڻ.

ککر ۾ کرو هڻڻ: جهيرو فساد ڪرائڻ.

هٿ پير هڻڻ: ڪوشش ڪرڻ

هٿ ڦاڙ ٿيڻ: فضول خرچ ڪرڻ.

اکين ۾ جاءِ ڏيڻ: عزت ڪرڻ.

اکيون ٿڌيون ٿيڻ: خوش ۽ راضي ٿيڻ.

اکين آڏو اچڻ: خيال ۾ اچڻ.

اکيون ڦيرائڻ: توجهه هٽائڻ.

اڪن کان انب گهرڻ: اجائي توقعه رکڻ.

آسمان تي چاڙهڻ: اجائي اهميت ڏيڻ.

اُڀ ۾ ترارون هڻڻ: اجائي ٻٽاڪ هڻڻ.

آپي مان نڪرڻ: هوش مان نڪرڻ.

آڏو اچڻ: سامهون ٿيڻ.

آڱرين تي نچائڻ: بيوقوف بنائڻ.

اڪ ڪارا ڪرڻ: ڪجهه نه ڪرڻ.

اٽي ۾ لوڻ: تمام ٿورو گهٽ ۾ گهٽ.

اڇي ڏاڙهي اٽو خراب: پيريءَ ۾ بڇڙا ڪم ڪرڻ.

اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ: ٺڳي ڪرڻ.

اکيون هيٺ ڪرڻ: شرمائڻ، لڄي ٿيڻ.

اکيون رت ڇڏڻ: غصي ۾ اچڻ.

اندر جو ڪارو هئڻ: دل ۾ ڪپت رکڻ.

اٽو کٽڻ: غريب ۽ محتاج ٿيڻ.

اُبتا پير کڻڻ: غلط راه اختيار ڪرڻ.

آرسي ڏسڻ: پنهنجي ڪرتوتن تي نگاهه ڪرڻ.

ال پوڻ: عادت پوڻ.

اڻ لکو هئڻ: معمولي هئڻ.

بار لاهڻ: جوابداريءَ جو ڪم پورو ڪرڻ.

ٻانهن ٻيلي ٿيڻ: ڪنهن جي مدد ڪرڻ.

ٻڏڻ ۽ ترڻ: دل هڻڻ، هڪڙي خيال تي قائم نه رهڻ.

ڀلو منهن ڪرڻ: شرمسار ٿيڻ.

تارا ڪڍڻ: ڪاوڙجڻ.

تريون مهٽڻ: افسوس ڪرڻ.

تڏو کڻائڻ: برباد ڪرڻ.

پرگهور لهڻ: سنڀال ڪرڻ.

ٽوٽا چٻائڻ: تڪليف ڏيڻ.

پاڻ پتوڙڻ: سخت محنت ڪرڻ.

 

(پورو ٿيو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com