ڀاڱو پهريون
سنڌي ادب جي شروعات
اوائلي دؤر
عربن جو دؤر (711ع – 1050ع)
سنڌ جي قديم آثارن مان اها شاهدي ملي ٿي ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ مهرن تي
اکر اُڪريا ويندا هئا ۽ تصوير ڪشي ڪئي ويندي هئي،
سنڌي علم و ادب جي تاريخ قديم آهي، جيڪو احوال
تاريخ جي ڪتابن ۾ واضح ملي ٿو سو عربن جي آمد کان
پوءِ جو آهي.
عربن جي آمد (710ع-1050ع):
محمد بن قاسم اموي خليفي عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ گورنر حجاج جي طرفان موڪليل اهو
سپهه سالار هو، جنهن سنڌ کي اسلام جي روشني عطا
ڪئي، محمد بن قاسم برهمڻ راجا ڏاهر کي 711ع مطابق
92هه ۾ شڪست ڏيئي سنڌ کي فتح ڪيو. هن دؤر
۾ سنڌ بغداد ۽ دمشق جي ماتحت رهي، عربن اٽڪل سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ
سال حڪومت ڪئي.
عربن جي دور حڪومت ۾ علم و ادب؛
عربن جي دؤر ۾ سنڌي ٻولي رائج هئي پر سرڪاري زبان عربي هئي. ان وقت جي عالمن
عربي زبان کي سکي پنهنجو ڪيو ۽ ڪيترائي عالم علم
فقه، حديث۽ قرآن ۾ ڀڙ ٿي ويا. ۽ جيئن مولانا
اسلامي شيخ ابو تراب، قاضي موسيٰ، شيخ ابو علي
سنڌي، ابراهيم بن محمد ديبلي، جن جا نالا قابل ذڪر
آهن.
سنڌ تي پهرين جيئن ته برهمڻن جي حڪومت هئي، جيڪي پاڻ کي اُتم قوم سمجهندا هئا
۽ کين علم جوتش، طب، ويدانيت ۽ حساب جي علم جي سٺي
ڄاڻ هئي، عربن انهن ڪتابن جو دمشق ۽ بغداد ۾ ترجمو
ڪرايو، جن جو ذڪر عربي ڪتابن ۾ ملي ٿو، ان زماني ۾
سنڌي ديوناگريءَ لپيءَ جي مختلف روپن ۾ لکي ويندي
هئي. قرآن شريف جو ترجمو
۽ اسلامي تعليم متعلق نظم منصوره جي حاڪم
عبدالله بن عمر هباريءَ جي زماني ۾ سنڌي زبان ۾
لکيا ويا، جنهن جو ذڪر هڪ عربي ڪتاب ۾ آيو آهي.
قرآن جو پهرئين سنڌي ترجمو؛
”جنته السنڌ“ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي جن لکن ٿا ته ”منصوره ۾ گهڻائي
سنڌي عرب عالم موجود هئا، جي فن تعمير جا ماهر هئا
از انسواءِ هندي ۽ سنڌي زبانن جا ماهر هئا. منصوره
جي هباري حاڪم عبدالله بن عمر جي زماني ۾ الور جي
راجا مهروگ (مهروق) سنه 270هه ۾ منصوره جي امير کي
لکيو ته ڪنهن عالم کان اسلامي اعتقادات لکرائي وٽس
روانا ڪري، جيئن هو اسلامي اصولن ۽ اعتقادات کان
واقف ٿئي. عبدالله جي حڪم سان هڪڙي سنڌي عالم
اسلامي عقيدن کي هڪڙي قصيدي ۾ لکي راجا ڏانهن
مُڪو. راجا قصيدو ٻڌي شاعر جي قادر الڪلاميءَ ۽
لياقت جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ عبدالله کي لکيو ته
شاعر کي وٽس روانو ڪري. سنڌي شاعر ٽن سالن تائين
راجا جي درٻار ۾ عزت ۽ احترام سان رهي قرآن شريف جو
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
(تاريخ الخلفا سيوطي صه 226 ڪلڪتو)
(جنته السنڌ صه 166 ڇاپو 1993ع سنڌي ادبي بورڊ)
”ارهه بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره يا ”ارهه اصره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره“ هڪ سنڌي
شاعر هيءُ شعر يحيٰ برمڪي يا فضل برمڪيءَ جي درٻار
۾ پڙهيو. (سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ڊاڪٽر
عبدالمجيد سنڌي) هن جملي يا شعر بابت ماهرين
ڪيترائي رايا ڏنا آهن، ڪجهه جي چوڻ مطابق هي جملو
ڪنهن آفريڪي ٻوليءَ جو آهي جيڪو حضرت بلال رسول
اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي شان ۾ چيو آهي.
هن جملي کي سنڌي ٻوليءَ جو سمجهڻ جي باوجود به
عربن جي دؤر کي ”سنڌي ٻولي کي علم و ادب“ جو دؤر
نٿو شمار ڪري سگهجي. پر ته به اها خبر پوي ٿي ته
عربن جي دؤر ۾ سنڌي عالم عربيءَ ۾ ڪتاب لکندا هئا
۽ سنڌي ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي.
سومرن جو دؤر حڪومت (1050ع کان 1351ع)
منصوره تي آخري عرب حڪمران هباريءَ جي حڪومت ۾ سومرا قوم جا سردار اُسرڻ لڳا ۽
1050ع ۾ سومرن سنڌ تي قبضو ڪيو. سندن پهريون مرڪز
سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ وارو علائقو هو. سومرن جي دؤر ۾
عربي زبان سرڪاري ۽ تعليمي زبان هئي. هيءُ دؤر
سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهميت وارو دؤر شمار ٿئي ٿو.
سومرن جو دؤر حڪومت اٽڪل 3 سؤ سال رهيو. سومرا
سردار مقامي باشندا هئا. سندن ٻولي سنڌي
هئي.حڪمرانن جي سنڌي ٻولي ۽ سرڪاري عربي ٻولي ان
وقت رائج ٻوليون هيون، سومرن جو دؤر سنڌي ڪلاسيڪي
ادب جو دؤر آهي، ان وقت جون ڪئين رومانوي داستانون
جيڪي اڄ به قصن جي صورت ۾ رائج آهن،سومرن جي دؤر جو ادبي خزانو آهن.
رومانوي داستانون
سسئي پنهون؛
سسئي جو تعلق ڀنڀور سان هو، پنهون ڪيچ مڪران مان اچي ساڻس شادي ڪري ٿو، جنهن
کي ڀائر واپس وٺي ويندا آهن ۽ سسئي سندس تلاش
پويان ويندي آهي. هن عشق و درد ۽ سوز جي سفر ۽
ڏاکڙن داستان کي سنڌ جي صوفي شاعرن، سگهڙن، سالڪن
ادب
۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو. کيس سچ سونهن ۽
سڪ جي علامت بنايو ويو آهي. سسئيءَ پنهونءَ جو قصو
سومرن جي دؤر جو اوائلي قصو شمار ٿئي ٿو.
عمر مارئي؛
هيءُ تاريخي قصو عمرڪوٽ جي سومري حاڪم ”عمر“ سان تعلق رکي ٿو. جو مارئي جي حسن
تي مفتون ٿي کيس کڻائي عمرڪوٽ جي محل ۾ قيد ڪري ٿو
پر آخر ۾ مارئي جي ماروئڙن سان سچي محبت کان متاثر
ٿي کيس وطن واپس ڇڏي ٿو اچي. عمر مارئي جو قصو
سنڌي ادب ۽ سنڌ ۾ وطن جي محبت ۽ مارئي جي سچي سڪ ۽
عزت جي داستان آهي.
مولانا عزيز الرحمان بهاولپوري جن ”تاريخ قلعه مروٽ“ ۾ لکيو آهي ته سومرن جي
ڏينهن ۾ هڪ سومرو حڪمران هتي مروٽ ۾ حڪومت ڪندو
هو. ”مروٽ“ جي قلعي جي پسگردائي ۾ هڪ سنڌي بيت
مشهور آهي، جو مارئي ڏانهن منسوب آهي، اهو بيت هن
ريت آهي.
عمر! ڀڃ نه آنچ، نه ڪر زور ضعيف سان.
هت نه هوندا هيترا، ٻيا در مٿي دربان.
ويندا هي فيل فنا ٿي، سڀ نغارا نيشان.
قاضي ٿيندا پاڻ شرع ڪندا سومرا.
هيءُ بيت سٽاءَ جي لحاظ کان قدر قديم آهي، پر گهڻو پراڻو نه آهي. سومرن جي
صاحبي بهاولپور تائين هئي، ان ڪري مارئي جي قصي
بابت سنڌي بيت بهاولپور ۾ به مشهور هئا.
مومل راڻو؛
قصي جو تعلق پڻ حاڪم همير سان آهي ۽ قصي جو مرڪزي ڪردار سندس سالو راڻو آهي.
جيڪو حسين گجر مومل تي عاشق ٿئي ٿو ۽ سڀ ڪجهه
بازيءَ تي لڳائي کيس حاصل ٿو ڪري. هن نيم تاريخي
داستان بابت ڪيترا ڳاھ
ملن ٿا.
سهڻي ميهار؛
هيءُ قصو به سومرن جي دؤر سان واسطو رکي ٿو. سهڻي ميهار جي قصي کي ڊاڪٽر نبي
بخش خان صاحب جن هن دؤر جو ڄاڻايو آهي، ان وقت به
سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت هئي.
سهڻي سچي عشق ۾ ميهار سان ملڻ جي شوق ۾ سياري جي سرد انڌيريءَ رات ۾ ڪچي دلي
جي پرک نه ڪري سگهي ۽ تري پهچڻ جي شوق ۾ ٻڏي وئي ۽
درياهه ۾ ميهار سان مري ميلاپ ڪيائين. هن قصي کي
به سنڌ جي شاعرن سگهڙن ڳاهن ۾ تمام سهڻو ڳاتو آهي.
ليليٰ چنيسر؛
هن قصي جو مکيه ڪردار چنيسر راجا هو. ۽ سنڌ جي اترئين حصي جو حڪمران هو.
ليليٰ سندن پٽ راڻي هئي، تنهن کي پنهنجيءَ غلطيءَ
سان ڏهاڳ ملي ٿو. هيءُ قصو پڻ سومرن جي دؤر سان
منسوب آهي.
سورٺ راءِ ڏياچ؛
هيءُ قصو پڻ سومرن جي دؤر جو آهي، جنهن ۾ راءِ ڏياچ جيڪو ڪاًٺياواڙ جي چوڙا سما خاندان جو ڇهون بادشاهه
هو، جنهن گرنارتي 1103ع کان پوءِ حڪومت ڪئي.
پنهنجي قول تي قائم ٿي سر جي صدا تي سر ڪپي ٻيجل
کي ڏئي ڇڏيائين هميشه لاءِ وعده وفائي، سخاوت ۽
سنگيت کي اونچو درجو عطا ڪيائين.
ڳاهه جي صنف؛
ڳاهه؛ هيءَ صنف سومرن جي دؤر ۾ مختلف داستانن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ڳاهه هڪ قسم جا
واقعاتي بياني بيت آهن. محققن جي راءِ مطابق ڳاهون
سومرن جي دؤر کان شروع ٿيل ڀانئنجن ٿيون.
ڏمڻ سونارو؛
هي نيم عشقيه داستان ان وقت جي آهي جڏهن سومرن جي حڪومت لاڙ ۾ قائم ٿي هئي.
راجا دلوراءِ سنڌ تي حڪومت ڪندو هو، کيس ڏمڻ
سوناري نالي وزير هو، جنهن جا پنج پٽ هئا، راجا کي
نجوميءَ چيو ته سندس ڌيءَ جو سڱ ڏمڻ جي پٽ سان
ٿيندو. راجا ڏمڻ جا پنج ئي پت مارائي کيس ڏيهه
نيڪالي ڏئي ڇڏي ٿو پر ڏمڻ وزير هئڻ جي حيثيت سان
آسودو رهيو هو، ٻئي ملڪ ۾ وڃي شادي ڪري پنهنجو گهر
آباد ڪري ٿو ۽ کيس ٻه پٽ ٻيا ڄمن ٿا گهڻي وقت کان
پوءِ ڏمڻ پنهنجي پٽ سان راجا جي ملڪ ۾ گهمڻ وڃي ٿو
جتي ننڍي پٽ جي نظر سهائيءَ تي پوي ٿي ۽ سندن عشق
ٿئي ٿو اڳيان هلي پوءِ سهائي جي شادي ڏمڻ جي پٽ
سان ٿئي ٿي. هن داستان ۾ سگهڙن ڪئين ڳاهون چيون
آهن.
وڪئي ڏاتار ۽ سمنگ چارڻ
جي قصي جون ڳاهون:
هن دؤر ۾ سمنگ چارڻ ڳاهه جو بادشاهه شاعر هو جيڪو ڪيراڪوٽ جو رهاڪو هو ۽
”لاکي ڦلاڻي“
جي درٻار ۾ شاعر هو. هڪ دفعي لاکي ڦلاڻيءَ
سمنگ کي ”وڪئي ڏاتار“ وٽ بي مُندائتا پيرون وٺي
اچڻ لاءِ موڪليو. وڪئي وٽ پهچي سمنگ پيرون گهرڻ
مهل هيءُ ڳاهه چئي.
آئون آيس توڏي، ٿر ڏونگر جهاڳي،
جي وڪيو ڄام اپرادي، ته ڪُمندا پيرون ڏي.
وڪيو سوال ٻڌي ڍڪرجي پيو ۽ پيرون لاءِ ڪئين ماڻهو موڪليائين پر پيرون ڪو نه
مليا سندس در تان سوالي ڪڏهن به خالي نه ويو هو.
اهڙي نازڪ وقت ۾ سندس مينهن ”ماڻڪي“ پيرُن جو ڇڳو
ڪٿان سڱن ۾ کڻي آئي. وڪئي اهي پيرون ته سمنگ کي
ڏنا پر لاکي جي ڪمندائتي
سوال تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ کيس پاراتو ڏنائين جيڪو
ڳاهه ۾ هن ريت مشهور آهي.
ڪُمند ۾ اهڙان گهرين، تون ڏاتارن کان ڏان،
وٺ چارڻ ڪوڙهيا، وڪئي ڏني ڏان.
سمنگ جڏهن اهي پيرون لاکي وٽ کڻي ويو ته هيءُ بيت چيائين.
لاکا! اُپٽي نهار، ڪڄاڙو آهي مٽ ۾،
تو گهريا، مون مڱيا، ڏنا وڪئي ڏاتار.
هنن ڳاهن مان سنڌي بيت جي پختگي ۽ گهرائي ظاهر
ٿئي ٿي.
”رزميه ڳاهون“ سومرن جي دؤر ۾ ڪافي مشهور جنگيون لڳيون جن ۾ رزميه بيت ۽ ڳاهه
مشهور ٿيا.
سومرن ۽ گجرن جون لڙايون (1150ع – 1250ع)
گجرن سومرن تي جڏهن حملو ڪيو، ته سومرن گجرن کي سڱ ڏيڻو ڪيو هو، جنهن جي
”ڏونگر راءِ“ مخالفت ڪئي. ڏونگر جو قاصد جڏهن دودي
وٽ ويو، ته هن مصلحت جي لاءِ ڏونگر کي چيو ته
”جيڪڏهن لڙائيءَ جي طاقت نه هجي ته ڪنهن ٻانهيءَ
جو سڱ ڏيئي صلح ڪريو“ ڏونگر جو قاصد چارڻ هو، جنهن
هن مهل هيءُ ڳاهه چئي.
جر نه کٽن ڪنگرين، راءِ نه ڳنڍين ويڻ.
گولي وڃي گجرين ته چُندا دودي ڀيڻ.
دودي چنيسر جي جنگ؛
سومرن ۽ علاؤالدين جي موڪليل لشڪر جي لڙائي به هن دؤر جي اهم جنگ هئي، جنهن کي
ڀاڳوڀان نالي شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ سٺو ڳاتو آهي.
”ڀاڳو“ سومريون (عورتون) وٺي ڪڇ جي ابڙي سمي حاڪم
ڏانهن (حفاظت لاءِ) ويندو آهي سندس چيل ڳاهون
مشهور آهن.
ٻاٽي ٻاٽي ڏينهڙا، لڳا ڏونگر لاءِ ستي،
مردن اچي مامرو، ٻڌڙو پڳ مٿي.
چنيسر ۽ دودي جي وچ ۾ تخت جي جهيڙي مٿي چنيسر جڏهن دودي کي ڌمڪي ڏيندو آهي ته
مون کي تخت ڏي نه علاؤالدين جو لشڪر وٺي ايندس ته
دودي کي وزير هئين ٿو چوي؛
پيءُ پڄاڻان پاڳڙي دودا ڀانءِ م راند،
راڄ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڏاند،
پائي ڳچيءَ پاند، تن دودل پرچايو.
هن دؤر ۾ ڳاهه جي صورت ۾ ٽن سٽن وارو بيت پڻ ملي ٿو. دودي جو ڀائٽيو ۽ چنيسر
جو پٽ ننگر جڏهن صلح لاءِ وڃي ٿو. تڏهن به جواب ۾
جيڪا ڳاهه آهي سا ٽه سٽي آهي؛
ائين ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون،
سڀ پهرايان سومرا ۽ جهجهي ڏيان ڀونءِ،
هاڻي وهلو وڃي تون، سعيو ڪر سڱ جو. ۽
ننگر سڱ ڏيڻ کان انڪار
ڪيو
۽ تمام وڏي جنگ لکي، جنهن جو شاعرن هيءُ نقشو چٽيو
آهي.
اڙ آڏي هئي ابڙي، نو ڇليو ڏهه لک
گهوڙي ڪنڌ نه ڦيريو، ماري او خلق.
مدحيه شاعري؛
سومرا ڪنجوس حڪمران هئا انهن جي دؤر ۾ ئي سمن حاڪمن جي سخاوت مشهور هئي، شاعرن
کين تمام گهڻو ساراهيو.
ڄام سپڙ چوٽاڻيءَ جي ساراه ۾ سمنگ چارڻ هيءُ بيت چيو.
ٻاجهاڻو ٻيلي ڌڻي، ٻاجهان ٻاجهه پيئي،
سپڙ سان سئي، جيڪا چارڻ چت ۾.
سمن جي ڏهن سخي ڏاتارن مان لاکو ڦلاڻي،
وڪيو ڏاتار، جکرو اوڍاڻي، اوٺو جکراڻي، سپڙ
چوٽاڻي، سومرن جي دؤر ۾ ٿي گذريا.
سومرن جي ڪنجوسيءَ کي سگهڙن ڪافي ننديو آهي، هڪ هنڌ هڪ سگهڙ چوي ٿو.
”سڄو ڦسي پيا سومرا اڌ ڦسي پيو لوڪ،
جهيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته ليڙ پيائي لاٽون ڪري.
ڄام هالي ۽ همير سومري جي جنگ جي باري ۾ پڻ ڳاهون ملن ٿيون ۽ ان کان
سواءِ پڻ واقعاتي بيت ملن ٿا. جيڪي فن سٽا ۽
ٻوليءَ ۾ سومرن جي دؤر جا معلوم ٿين ٿا.
هن دؤر ۾ ڳيچ به ملن ٿا، جيڪي شادين مرادين ۾ ڳاتا ويندا آهن، جن کي هينئر
سهرو چيو ويندو آهي. هيءَ لوڪ شاعريءَ جو قسم آهي.
مائي مرکان جي ڳيچ جو هيءُ نمونو سومرن جي دؤر جو
آهي، جيڪو هن ريت آهي.
هيءَ ڪانڊيرڙي لس،
هيءَ واسرڙي وس،
آئون کلندي ڪڏندي اچان.
مذهبي شاعري؛
اسماعيلي فرقي جي داعين جا گنان مذهبي شاعري آهي، سا سومرن جي دؤر سان تعلق
رکي ٿي. سڀ کان پهرين 1079ع ۾ سيد نور الدين
اسماعيلي امام سنڌ ۾ آيو، جنهن پنهنجي تبليغ ۾
مقامي زبانن کي ذريعو بڻايو، جنهن کان پوءِ مبلغ
شمس سبزواري ملتاني هتي آيو، جنهن جي تبليغ جا شعر
پڻ سنڌيءَ ۾ آهن.
بادشاه! حق تون، پاڪ تون بادشاه، مهرباني ڀي ياعلي تون ئي تون،
رب تون، رحمان تون، يا علي، اول آخر قاضي تون ئي تون.
پير شهاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدر الدين (1290ع-1409ع) جا گنان تمام گهڻا
مشهور آهن، سندن گنان ۽ چاليهه اکري يعني ”خواجڪي
سنڌي“ اهم آهن. مضمون جي لحاظ کان گنان مذهبي
شاعري آهي، جنهن ۾ اخلاقي سکيا جي تعليم آهي.
شاهه جو مڃيئڙو تني کي،
جيڪي صبوحڙي جاڳن،
اُٿي الله نه گهرين بندا،
تون ستين سڄي رات.
ادبي جائزو
سومرن جو دؤر سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان اهم آهي. هن دؤر ۾ مذهبي شاعري گنان جو
وجود عمل ۾ آيو. جنهن ۾ تبليغي اشعار ملن ٿا جنهن
مان روحانيت ۽ تصوف جي مضمون جي خبر پوي ٿي ته
هيءُ مضمون سنڌي شاعريءَ ۾ اڳ ۾ ئي داخل ٿي چڪو
هو.
سنڌي بيت ٻن سٽن مان ٽن سٽن ۾ اچي چڪو هو پر اهي ٿورا بيت ملن ٿا، هيءُ بيت جو
ڍانچو تمام گهڻو مقبول ٿيو. جنهن کي اڳيان هلي
شاهه سائين ۽ ٻين شاعرن شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو.
ٻن کان وڌيڪ سٽن واري بيت جي حالت ۾ بيت جي پوئين سٽ جي وچ تي قافيو آڻڻ جي
روايت ان وقت ئي موجود هئي.
1.
سومرن جو دؤر سنڌي ادب جي
شاعريءَ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو.
2.
تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا
ادب ۾ مشهور ٿيا جيڪي پوءِ تمثيل طور اڄ تائين پڻ
رائج آهن.
3.
رزميه داستان ۽ نثري
داستان يعني آکاڻيءَ جو بنياد پيو، پهريون جنگي
داستان ”دودو چنيسر“ ۽ پهريون عشقيه داستان ”سسئي
پنهون“ هو.
4.
ڳاهه جي ذريعي سنڌي بيت وجود ۾
آيو.
5.
واقعاتي ۽ هجويه بيت چيا
ويا آهن.
6.
بيت جو ڍانچو تمام مقبول
ٿيو جيڪو پوءِ ٻين شاعرن پڻ قائم رکيو.
7.
گنانن جي پهرين مصرع ٿل
يا وراڻيءَ جو ڪم ڏئي ٿي.
8.
هن دؤر ۾ ڪجهه نثري جملا ۽
دعائون ملن ٿيون.
|