سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :4

 

ٽالپرن جو دؤر (1782ع – 1854ع)

سياسي پس منظر؛

ميان سرفراز ڪلهوڙي مير بهرام کي قتل ڪرايو جنهن ڪري ٽالپرن بغاوت ڪئي. 1782ع ۾ هالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلهوڙن جي هار ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي، مير فتح علي ٽالپر سنڌ جو حڪمران ٿيو.

ميرن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ امن امان رهيو. مير صاحبان علم دوست هئا. سنڌي علم و ادب ڪلهوڙن جي دؤر وانگر هن دؤر ۾ به ڪافي ترقي ڪئي. مير ٽالپر فقيه جي لحاظ کان جعفري هئا، پر فقيئيه تعصب منجهن ڪو نه هو. هن دؤر ۾ سنڌي سان گڏ فارسيءَ ۽ سرائيڪي ۾ شاعري ٿي.

ميرن جي دؤر ۾ شاعري؛

ميرن جي دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ گهڻي ترقي ڪئي، ڪافي نيون صنفون شاعريءَ ۾ داخل ٿيون. مثال طور نظم، بيت، مولود، مرثيو، مناقبو، منظور قصه گوئي، گهڙولي، جهولڻو، هجوگوئي وغير ۽ بهترين شاعر ۽ سگهڙ مشهور ٿيا. مراد فقير، فتح فقير، حمل لغاري، سامي، سيد ثابت علي شاهه ۽ ٻين ڪيترن سنڌي شاعري جو مقام بلند ڪيو. مير خانداني رسم و رواج ۽ شان جا مالڪ هئا ۽ شاعرن جي قدر ڪندا هئا. درٻاري زبان فارسي هئي پر سندن ٻولي سرائيڪي هئي، ان ڪري هن دؤر ۾ فارسي، سرائڪي ۽ سنڌي گهڻي عروج تي پهتيون. سيد ثابت علي شاهه ۽ سرفراز ڪلهوڙي مرثيه گوئي کي گهڻي ترقي وٺائي.

سچل سرمست (1739ع – 1842ع)؛

سچل سرمست فاروقي خاندان مان هو سندن ڏاڏو صاحبڏنو فاروقي ڪلهوڙن جي دؤر جو بهترين شاعر ۽ بزرگ هو. سچل جو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ سان ڀرپور آهي. سندس حقيقي شاعري تصوف جي آهي، پاڻ مجازي عشق ۾ مبتلا ٿي درد و سوز جو فراق ۽ جدائي جو اثر انگيز بيان ڏنو اٿن. سندن شاعري مختلف ٻولين ۽ گهڻي تعداد ۾ آهي، کيس هفت زبان شاعر چوندا آهن، سندس صوفيانه شاعري تمام اهميت جي حامل آهي.

پنهون پنهون ٿي ڪريان، آئون پڻ پنهون پاڻ،

اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.

حمل لغاري (1810-1878ع)

هيءُ ٽالپرن جي آخري دؤر ۽  انگريزن جي شروع دؤر جو مشهور صوفي شاعر هو، سندس شاعري سرائڪي ۽ سنڌي ۾ آهي. سندس ڪلام محبت ۽ سڪ جي جذبي سان ڀرپور آهي. فني لحاظ کان اعليٰ آهي، حمل جي ڪلام جو ”ڪليات حمل“ نالي سان شاعري جو مجموعو ترتيب ڏئي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپرايو آهي. (حمل فقير ۽ سچل سائين جي وڌيڪ تفصيلي احوالي لاءِ ”شاعرن جي زندگيءَ جو احوال“ کي ڏسو)

خليفو نبي بخش ”قاسم“ لغاري

تمام بلند پايه جو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1776ع ۾ ۽ وفات 1863ع ۾ ٿي، پير صاحب پاڳاري جو مريد هو. هيءُ پهريون شاعر هو، جنهن ڪيڏاري ۾ قومي شاعري کي اظهار جو ذريعو بڻايو.

هن دؤر ۾ مراد فقير ۽ فتح فقير سٺا ڪافي گو شاعر ٿي گذريا، محمد اشرف ڪافيءَ سان گڏ مولود ۽ مداح به چيا آهن. مولودن ۾ ملا صاحبڏنو، فتح فقير، خليفو ڪرم الله ۽ پير محمد راشد ۽ حضرت پير صاحب پاڳاري جا چيل مولود اهم آهن.

1.      سج چنڊ سجدي ۾ پيو، تنهنجي سونهن ڏسي سونهاري.

2.     حيرت تنهنجي حسن جي آهي، تارن ۾ تڪراري، ٻين به ڪيترن ئي شاعرن مولود چيا آهن.

 گهڙولي جي صنف کي سچل سرمست ترقي وٺائي، جهولڻو به سندن ئي ايجاد ڪيل صنف آهي.

ڀائي چئن رام عرف سامي (1743 – 1850ع)

شڪارپور جو ويٺل هو. ذات جو لنڊ هو، شعر ۾ تخلص ”سامي“ استعمال ڪيائين، سندس شاعري سلوڪن تي مشتمل آهي، جيڪا ”ساميءَ جا سلوڪ“ سان مشهور آهي. سندس نظر ۾ سالڪ کي انا ۽ هيٺ کي شڪست ڏئي خود کي فنا ڪرڻو آهي. محبت ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي تلقين سندس ڪلام مان ملي ٿي.، سچي سڪ، محبت ۽ حقيقي عشق ۾ غرق ٿيڻ جي هدايت ڪئي اٿن، سندن چيل سلوڪ ويدانيت جي سکيا آهن.

جنين هٺ هاريو، تنين جيتيو جڳ،

نرمل ڀاءُ ڀڳت سان، سڀ جو چت ٺاريو،

گهٽ گهٽ نهاريو، سامي سپرين کي.

نثر نويسي

ڊاڪٽر غلام علي جي چوڻ مطابق نثر نويسيءَ ۾ هن دؤر ۾ خليفي محمود نظاماڻيءَ جو نالو اچي ٿو. جنهن جي تصنيف ”مجمع الفيوضات“ ۾ سنڌي نثر جو نمونو ملي ٿو. ”ڏ ڏو ڪجي، ڏيڪر ڪجي، هو نه ڀڄي ته پاڻ اٿي ڀڄي.“ ٽالپرن جي دؤر ۾ به نثر نويسن ضرور ڪي نثر جا شهپارا ڇڏيا هوندا، جيڪي هٿ نه آيا آهن.

نثر جي ڪجهه ڪتابن جو برٽن صاحب، سيف الملوڪ، حڪايات الصالحين ۽ سؤ مسئلا جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيو آهي. (سنڌي نثر جي تاريخ)

ادبي خوبيون؛

1.  ٽالپرن جي دؤر ۾ رزميه شاعري، خليفي نبي بخش جي ڪيڏاري ۽ سيد حيدر شاهه جي جنگ نامي مان ملي ٿو.

2.     نين صنفن مولود، مداح، مناجات، مناقبا، معجزا، مرثيا، هجوگوئي ترقي ڪئي.

3.     علم عروض جي صنفن مرثيو، مخمس، مثنوي، رباعي ۽ سلام جو رواج پيو.

4.     منظوم قصو گوئي ۾ مومل راڻو ۽ عمر مارئيءَ کي ڳاتو ويو.

5.     ڪافي ۽ ٻين ڪجهه صنفن کي سچل سرمست عروج تي پهچايو، پاڻ هن دؤر جو وڏو شاعر هو.

6.     غزل کي ترقي ملي، گهڙولي، ٽيهه اکري ۽ جهولڻي جو رواج هو.

7.     ٽالپرن جو دؤر سنڌي ادب لاءِ قيمتي دؤر آهي، هن ۾ سنڌي ٻوليءَ ترقي ڪئي.

8.     ٽالپرن جي دؤر ۾ سچل سرمست، مير نصير خان ۽ سيد ثابت علي شاهه غزل چيا.

9.     هن دؤر ۾ منظوم قصه گوئي جو رواج پيو.

10. هن دؤر ۾ ٽيهه اکري جي رواج کي ترقي ملي، حمل خان لغاري، ملا صاحبڏنو، خليفو نبي بخش ۽ آخوند محمد بچل انور جا نالا قابل ذڪر آهن.

11.  هجوگوئي جو رواج پڻ پيو، سيد ثابت علي شاهه ۽ سيد خير شاهه هڪٻئي جون هجون لکيون.

12. هندو شاعرن جو شعر پڻ ملي ٿو، جيئن سامي، دلپت ۽ گرو آسرداس ”آسو“.

13. نثر جي ابتدائي نموني طور پهريون نثر آخوند عزيز الله جو قرآن پاڪ جو تحت الفظ ترجمو ملي ٿو.

 

 

 

 

انگريزن جو دؤر (1843 – 1947ع)

انگريزن جو دؤر سنڌي ادب ۾ هڪ اهم دؤر ليکيو وڃي ٿو، ڏيهي حڪومت جي ختم ٿيڻ سان سنڌ جي آزادي ته هلي وئي پر ادبي طور هن دؤر ۾ ترقي ٿي ۽ علمي سجاڳي آئي. 20 اپريل 1838ع ۾ انگريزن ميرن سان معاهدو ڪيو، جنهن موجب انگريزن جو هڪ ايلچي سنڌ ۾ رهڻ لڳو آهستي آهستي انگريزن ميرن جي حڪومت کي ڪمزور ڏسي، مير نصير خان جي وقت ۾ مياڻيءَ جي ميدان ۾ 1843ع تي فتح حاصل ڪئي. مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ ميرپور خاص ۾ مير شير محمد خان دٻي وٽ انگريزن سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ سندس بهادر سپهه سالار هوش محمد شيدي بهادريءَ سان وڙهيو ۽ جان سنڌ ڌرتي کي نذرانو ڏنائين. سندس جنگ جو نعرو ”مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون“ هميشه لاءِ امر ٿي ويو، ميرن جي ڪوشش جي باوجود به پنهنجن جي ساٿ نه ڏيڻ جي ڪري هو انگريزن کان سنڌ بچائي نه سگهيا. سنڌ تي انگريزن اٽڪل سؤ سال حڪومت ڪئي.

انگريزن جي دؤر جي ادبي ترقي؛

انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ جي سرڪاري زبان سنڌي مقرر ٿي. سندن پاليسي هئي ته سنڌي عوام سان سڌي سنئين طريقي سان رابطي ۾ اچجي، ان ڪري هنن سنڌ ۾ سنڌي زبان کي اهميت ڏني ۽ سنڌي ٻولي جي الف- ب ٺاهي ۽ هيءُ دؤر سنڌي ٻولي جي اشاعت جي سلسلي ۾ هڪ اهم موڙ ليکيو وڃي ٿو. هن دؤر جا اهم ڪارناما.

1.      سنڌي صورتخطي جو ٺهڻ.

2.     سنڌي نثر جي ترقي ۽ اشاعت.

3.     سنڌي شاعريءَ جي ترقي.

صورتخطيض انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي الف ب مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ ٺهي راس ٿي- جيڪا انگريز حڪمرانن مسلمان ۽ هندو عالمن جي گڏيل محنت هئي. سنڌي صورتخطيءَ لاءِ هيٺيان عالم ڪاميٽيءَ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا.

        منشي اُڌا رام، منشي ننديرام، مرزا صادق علي، قاضي غلامعلي، ميان غلام حسين ۽ ٻيا عربي. الف ب ٽٻڪن جي اضافي سان هيٺيان سنڌي خالص اکر ٺهيا.

ٻ، ڀ، ٿ، ڦ، ڳ، ڱ.گ، ڌ، ڏ،ڊ، چ، ڃ، ڇ، ڙ، جهه، گهه

سنڌي الف ب لاءِ عربي خط نسخ رائج ڪيو ويو. سنڌي الف ب ٺهڻ سان سنڌي ادب ۾ گهڻي ترقي ٿي. صورتخطي ٺهڻ کان پوءِ هڪدم درسي ڪتابن جي ٺهڻ جو سلسلو عمل ۾ آيو، جنهن ۾ پهرين 1853ع ۾ ”باب نامو“ ڇپيو.

سنڌي نثر جي ترقي؛

انگريزن جي جوڙيل الف ب رائج ٿيڻ کان پوءِ سنڌي نثر لکت جي صورت ۾ وجود ۾ آيو ۽ سنڌي عوام سنڌي پڙهڻ لکڻ طرف راغب ٿيو. سنڌي گرامر ۽ سنڌي ڊڪشنريون ٺاهيون ويون. 1866ع ۾ ٽرمپ صاحب جرمنيءَ مان شاهه جو رسالو ڇپرايو ۽ هڪ وڏي سنڌي گرامر جو ڪتاب ترتيب ڏنو، اسڪول کوليا، انگريزن سنڌ ۾ انگريزي حڪمرانن لاءِ سنڌ ۾ سنڌي سکڻ پڻ لازمي قرار ڏنو. حڪومت جي ڪوشش سان ٻين ٻولين جا ڪتاب ترجمو ٿيا.

قصا ۽ ڪهاڻيون

”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“. ”راءِ ڏياچ ۽ سورٺ“ ۽ ”سڌاتورو ۽ ڪڌارو“ شروع دؤر جا قصا شمار ٿين ٿا. ”طوطي نامو“ قصو اصل سنسڪرت ۾ هو، جنهن کي ميان محمد قادريءَ فارسيءَ ۾ پوءِ حيدر بخش جتوئي اردو ۾ ۽ ان کان پوءِ منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي سنڌيءَ ۾ بهترين ترجمو ڪيو. پوءِ فارسيءَ ۽ عربي مان ڪافي قصا ۽ ڪهاڻيون ترجمو ٿيا جن ۾ حاتم طائي چار دروش، الف ليليٰ، امير حمزو ۽ ممتاز دمساز وغيره انگريزن جي شروع دؤر ۾ ڪجهه ادب قصه گوئي جو ڇپيو ۽ ترجمو ٿيو، پوءِ هڪدم گهڻيون ادبي صنفون ٻاهرين ملڪن جا دب روشناس ٿيڻ سان ميدان ۾ اچي ويون. جيئن مضمون، افسانا، ناول، ناٽڪ وغيره. ”راسيلاس“ 1870ع ۾ پهريون سنڌي ادب جو ترجمو ٿيل ناول سڏيو ويندو آهي، جنهن کي ديوان اڌارام ۽ نواراءِ گڏجي ترجمو ڪيو. حقيقت ۾ شهزادي راسيلاس ۽ سندس ڀيڻ نيڪايا جي ڪهاڻي آهي، جيڪا قصه گوئي جي نموني آهي، هيءُ ناول ڊاڪٽر جانسن سموئيل جو لکيل آهي ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ”ايسپ جون آکاڻيون“ ديوان ننديرام ”سڌاتورو ڪڌارو“ ميران محمد شاهه اول هندي ”فسانهءِ عجب“ تان ”گل خندان“ لطف الله محمد اسحاق سنڌي ۾ ترجما ڪيا. حاجي امام بخش خادم حاتم طائي، الف ليليٰ، چار درويش، بهرام گورجا قصا لکيا، مطلب ته انگريزن جي شروع دؤر ۾ سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيل قصن ۽ ڪهاڻين سان گڏ تاريخي ۽ نيم تاريخي داستان به ڇپيا. ان کان پوءِ حقيقت نگاريءَ جي هڪ لهر آئي، زندگيءَ جي مختلف رخن کي ادب ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ قصه گوئي جي بجاءِ ٻين صنفن جڳهه والاري، جيئن ناول، افسانو ۽ ڊرامو مضمون وغيره.

مضمون نويسي؛

مضمون نويسيءَ جي شروعات 1877ع ۾ مرزا قليچ بيگ جي ”مقالات الحڪمت“ مضمونن جي ترجمي سان ٿي ۽ پوءِ صحافتي دؤر شروع ٿيو. اخبارون ڇپجڻ لڳيون. پهرين سنڌي اخبار ”معين الاسلام“ هئي، جنهن ۾ ڪيترائي سنڌي مضمون ڇپيا. پوءِ ٻين به اخبارن ۾ مضمون ڇپجڻ لڳا. ائين مضمون نويسيءَ جي شروعات ٿي.

مضمونن جا مجموعا پڻ شايع ٿيا، جيئن هيري جون ڪڻيون ويچار، گلدستو، ادبي غنچو، ادب ۽ مروت وغيره.

ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلڻاڻي (1844ع– 1916ع)

مشهور نثر نويس هو سندس مضمون ”پڪو پهه“ هڪ ڊگهو مضمون هو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. سنڌ سڌار اخبار جيڪا تعليم کاتي طرفان 1882ع ۾ جاري ٿي، ان ۾ مضمون نويسيءَ کي جڳهه ملي ٿي. ”سر سوتي“ رسالو پنهنجي دؤر ۾ سماجي اخلاقي، مذهبي ۽ تعليمي مضمونن ۾ تمام گهڻو مشهور هو. 1891ع ۾ پرڀات، 1896ع ۾ ”جوت“ 1900ع ۾ ”الحق“ جهڙا رسالا ۽ اخبارون ميدان ۾ آيا.

شمس الدين بلبل (1857 – 1919ع)

شمس الدين بلبل اهو سنڌي زبان جو نثر نويس هو، جنهن نثر کي فارسي زبان مان آزاد ڪرايو. سليس سنڌي نثر کي پنهنجين اخبارن جي ذريعي عام ڪيو. سندس تحريرن ۾ سنڌي سماج ۽ معاشري جو عڪس نظر اچي ٿو. سندس اخبارون ”آفتاب“ سکر، ”الحق“ سکر ۽ ”معاون“ ڪراچي مشهور رهيون، جن ۾ سليس نثر نويسيءَ جا ڪمال هئا ۽ انهن اخبارن ۾ مضمون نويسيءَ سٺي ترقي ڪئي. بلبل جا فسلفيانه مضمون سڄي سنڌ ۾ مقبول ٿيا.

1923ع ۾ مولانا دين محمد وفائي ”توحيد“ نالي رسالو ڪڍيو، جيڪو اڳيان هلي روزانه اخبار ۾ تبديل ٿيو. ميرپور خاص مان محمد هاشم مخلص هفتيوار ”مسلمان“ جاري ڪئي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي 1925ع ۾ ”الجامع“ رسالو ڪڍيو ۽ ”اصلاح“ اخبار جو پاڻ ايڊيٽر هو.

محمد عثمان ڏيپلائي پڻ مضمون نويسيءَ ۾ پنهنجن اخبارن جي ذريعي سٺي هٿي ڏني. انگريزن جي سياسي ۽ مذهبي ڇڪتاڻ واري دؤر ۾ سندس تحريرون پر تاثر ۽ عوام کي متوجه ڪندڙ هيون. پنهنجي ذاتي پريس جي ذريعي سنڌي اخبارن کي اڳيان آندائون. عبرت ۽ پوءِ اڳيان هلي سنڌ ٽائمس ڪڍيائون، پاڻ پنج سؤ کان وڌيڪ مضمون لکيائون، انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ سٺي ترقي ڪئي. شروع دؤر ۾ ڄيٺمل پرسرام، لعل چند امر ڏنو مل، صاحبڏنو شاهاڻي، ڏيارام گدو مل، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، سيد قاضي اسد الله شاهه، محمد هاشم مخلص، مولانا دين محمد وفائي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙو مل، شيخ عبدالمجيد سنڌي، منگهارام ملڪاڻي، ديوان ننديرام، ساڌو هيرانند ۽ ٻين ڪيترن مضمون لکيا. هن دؤر ۾ ليکڪن هندو توڙي مسلمان سوَن جي تعداد ۾ مضمون لکي سنڌي نثر لاءِ شوق وڌايو ۽ هر موضوع تي لکيو ويو ۽ ماڻهن ۾ سنڌي پڙهڻ جو چاهه ٿيو. صحافت جي ترقيءَ سان ڪئين مضمون لکيا ويا ۽ هن صنف کي اوج حاصل ٿيو. لالچند امرڏني جو ”سدا گلاب“ ڀمڀاڻي جو ”ادبي گلشن“ ٽي ڀاڱا ۽ ڪشنچند عزيز جو ادبي آئينو، نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو ”ادبي غنچو“، ڪاڪي ڀيرو مل جو ”لطيفي سير“ عطا حسين شاهه موسويءَ جو ”ڪچ ڪوڏيون“ مضمونن جا اهم مجموعا آهن.

ناول؛

سنڌي ناول کي ترقي ڏيارڻ ۾ مرزا قليچ بيگ جو وڏو هٿ آهي.پاڻ پهريون طبعزاد ناول ”دل آرام“ ۽ ٻيو مشهور ناول ”زينت“ لکيائون ۽ ان کان پوءِ ليکڪن هن ڏس ۾ قدم کنيو. هيءَ صنف به يورپ مان هندستان ۾ آئي. ناول قصي جي سڌريل صورت هئڻ کان سواءِ ڪافي ٽيڪنڪ ۾ مختلف هو. هڪ نئين شي هئي ۽ عوام ۾ مقبول ٿي. هيٺيان ناول نگار جن ناول کي اوج ڏنو. نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي، ڪوڙو مل، رام پنجواڻي، شهاڻي، پرمانند ايسر داس، ميلا رام وسواڻي، ڪاڪو ڀيرو مل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لال چند امر ڏنو مل، گوبند مالهي، محمد عثمان ڏيپلائي مشهور هئا.

هن دؤر ۾ ناول جي موضوعن ۾ پڻ وسعت آئي، سماجي اخلاقي ۽ مذهبي ناولن کان علاوه تاريخي سياسي ناول به وڌيڪ لکيا ويا. ناول جي صنف ورهاڱي تائين تمام ڪامياب صنف ٿي اُڀري. ناول نويسيءَ جي ٽيڪنڪ ۾ به ڪئين تجربا ڪيا ويا ۽ هن صنف کي بين الاقوامي معيار جي برابر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ڪيترائي ناول اردو، انگريزي، بنگالي ۽ ٻين ٻولين مان ترجمو ٿيا. مرزا قليچ بيگ جو ”دل آرام“ هڪ مختصر ناول نيڪيءَ بديءَ جي موضوع تي لکيل آهي، جنهن ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي پهلو آهي. دل آرام 1887ع ۾ لکيو ويو ۽ 1890ع ۾ زينت لکيو ويو، ان جي دوران ڪو به ناول نه لکيو ويو. 1892ع ۾ عجيب ڀيٽ ۽ 1905ع ۾ چوت جو چنڊ طبعزاد ناول لکيا ويا. سماجي حقيقت نگاريءَ تي 1887ع کان 1930ع تائين بهترين ناول لکيا ويا، جن ۾ گلن جي ٽوڪري 1911ع (بسڪيٽ آف فلاور)جو ترجمو ٽي گهر 1913ع مرزا قيلچ بيگ جا ناول آهن. نورجهان 1915ع ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو. Up from the slavery جو ترجمو 1918ع ۾ غلاميءَ کان مٿي چاڙ هو“ جي نالي سان مرزا صاحب ڪيو. ڀيرو مل مهر چند 1916ع ۾ ”آنند سندري“ ۽ 1917ع ۾ موهني ٻائي لکيو. 1920ع ۾ مرزا صاحب ”ڪامل انسان“ جي نالي سان هڪ اعليٰ پايي جو ناول ترجمو ڪيو. 1923ع تائين حڪيم عبدالخالق مورائي جا ٽي ناول شايع ٿيا، جيڪي تاريخي هئا. ڇترپتي ۽ ”سندري“ ۽ ”ستيءَ جي سيتا“ 1925ع ۾ وشنو شرما جا ”سنڌ جو ٺوڳي“ ۽ ستيءَ جو تياڳ“ سماجي ناولن ۾ اضافو بڻيا. 1926ع ۾ مرزا صاحب جو ”نيلو پکي“ ۽ ڄيٺمل پرسرام جو قومي ناول “ٻڏل ٻيڙي“  منظر عام تي آيا. 1925ع ۾ گولڊن هارٽ جو ترجمو ”سون ورنيون دليون“ لال چند امرڏني مل ڪيو. 1930ع ۾ شهاڻي ”بلو کوکر“ ترجمو ڪيو. طبعزاد ناولن ۾ خانبهادر صديق ميمڻ جن 1932ع ۾ حياتيءَ جو پهريون دؤر ۽ 1932ع ۾ ”حياتي جو ٻيون دؤر“  ميدان ۾ آندا. ان کان سواءِ ”دکي اٻلا“ موٽو مل مينگهارام، 1938ع ۾ لکيو. ”روهني“ 1938ع ڪوڙو مل، ”رام پياري“ 1938ع ۾ پرمانند ايسر داس لکيو. ”رتنا“ ۽ ”سنجوتي“ 1938ع ۾ تاريخي گهريلو ناول هئا. جيڪي ميلا رام وسواڻيءَ لکيا. ميلا رام جا چندن، چندر پال، رٺل راڻي ۽ ”منزل“ اهم ناول آهن. ڏيپلائي صاحب جن جا ناول حور بغداد، آخري امداد، عصمت جي قيمت، فتح اسپين ۽ نور توحيد گهڻا مشهور ٿيا. سندن ”1857ع جي آزادي جي جنگ“ ناول جون ان وقت ۾ ٽي هزار ڪاپيون وڪاڻيون.

ٻين به ڪيترن ليکڪن انگريزن جي دؤر ۾ سٺا ناول لکي ناول جي صنف کي هٿي ڏني آهي، نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي جو نالو اهم آهي.

پروفيسر نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي؛

ڀمڀاڻي انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيل ڊي جي ڪاليج ڪراچي جو هڪ ڄاڻو ۽ هوشيار پروفيسر هو. سندس علم ادب جي ڄاڻ جا اهل علم حضرات معترف آهن، پاڻ بهترين مترجم هو پر سٺا طبعزاد ناول سنڌي ادب ۾ لکيائين جن ۾ سندن ”وڌوا“ ناول هندستان ۾ تعليمي نصاب ۾ رکيل آهي، جيڪو 1943ع ۾ لکيو ويو. ”مالهڻ“ ناول به 1943ع ۾ لکيائون. 1945ع ۾ ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ نالي سان ٿامس هارڊي جي ناول Tess of Durber willes جو ترجمو ڪيائون.

1946ع ۾ ”غريبن جو ورثو“ ناول لکيائون، جيڪو پلاٽ، ڪردار نگاري ۽ ڪهاڻيءَ کان بهترين ناول آهي، هڪ سٺو طبعزاد ناول آهي.

”غريبن جو ورثو“ ناول جو پلاٽ حقيقي واقعن تي ٻڌل آهي، منجهنس سليس ۽ سهڻي ٻولي ڪتب آندل آهي. ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ آهي. منجهس پهاڪا ۽ اصطلاح سٺا ڪتب آيل آهن. جيئن ”نه ٿيو آهيان ڏهڻ جو نه ڪهڻ جو“، ”غريب جو ته واءُ به ويري“ يا سگهو کائي ان اگهو کائي ڌن ۽ وهلور وڃڻ، گهڙي گهڙيءَ جا وڍ، پوڻو پوڻ وغيره. ڪردار نگاري ۽ مڪالمه نگاري ناول جي روح آهي. پيرو مڱڻهار. سندس پٽ حميد سچل ۽ جنت مطلب هر ڪردار منڊيءَ تي ٽڪ آهي ۽ سندن مڪالمه ناول جي جان آهن. ڀمڀاڻيءَ پيروءَ جي سخاوت جي جذبي مان ظاهر ڪيو آهي ته غريب وڏي دل وارا آهن. کين سخاوت واري دل آهي. حميد جو فرض ادائيءَ ۾ جان ڏيڻ جو جذبو اعليٰ آهي، هڪ هنڌ پيرو چوي ٿو ”سخاوت هروڀرو شاهوڪار جو ورثو ڪينهي، آدميءَ کي پئسو سخي نٿو بڻائي مگر سخاوت واري دل“ ۽ ٻئي هنڌ چوي ٿو ”هو اسان کان غريب آهن ياد رک جي وٺڻو اٿئي ته ڏيڻو پونديئي.“ مرڻ مهل سندس موت لاءِ تاثرات جيڪي مڪالمي ۾ ادا ٿين ٿا اهم آهن.

”موت پيدا ڪري خالق مخلوقات لاءِ پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي، دنيا جي ڪشٽن کان بيزار ٿي آدمي انيڪ دفعا موت کي سڏ ڪري ٿو. موت نه هجي ته ڪير آدميءَ سڏ ورنائي؟ ڪير هن جي سورن جي پڄاڻي آڻي؟“ يا ”حميد ڪچي گهڙي ۾ پاڻي گهڻو وقت رهندو؟“ لڳو واءُ ويو ساه، ساهه تي ڪهڙو آهي ويساه!“

اختصار کي ملحوظ رکندي وڌيڪ نٿو بيان ڪري سگهجي، پر هيءُ ناول پنهنجي وقت جي سماجي ۽ اصلاحي ناولن ۾ حيثيت رکي ٿو. ڪجهه خامين هوندي هن ناول کي اسين ٻولي، موضوع، منظر نگاريءَ جي لحاظ کان ڀمڀاڻي صاحب جي اهم ڪاوش چئي سگهون ٿا. هن وقت هيءُ ناول ”غريبن جو ورثو“ سنڌ يونيورسٽي جي بي اي نصاب ۾ شامل آهي.

انگريزن جي دؤر ۾ ڊرامو؛

ڊرامي جي صنف کي انگريزن جي دؤر ۾ گهڻي ترقي ملي، مرزا قليچ بيگ شيڪسپيئر جا ڊراما ترجمو ڪيا. ڪجهه ڊراما ٻين ٻولين تان پڻ ترجمو ڪيا ويا. جيئن خورشيد، رتناولي وغيره. خورشيد ڊرامو گجراتي ناٽڪ جو ترجمو هو. “خورشيد“ کان اڳ مرزا صاحب ”ليليٰ مجنون“ 1880ع ۾ لکيو جيڪو پهريون ڊرامو هو. 1900ع کان پوءِ ڊرامي وڌيڪ ترقي ڪئي، جيئن شيرين فرهاد، عمر مارئي، سسئي پنهون، ڪشنيءَ جو ڪشٽ، ڀيرو مل جو ”حرص جو شڪار“ مشهور ڊراما هئا. هن دؤر ۾ ادب تي سياست، تاريخ ۽ قوميت جو اثر وڌيڪ هو. هن دؤر ۾ تاريخي ڊراما گهڻا مقبول ٿيا، جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ جا ”نور جهان ۽ جهانگير“، ”نادر شاهه“، محمد عثمان ڏيپلائي جو ”نورجهان جو پٽ“، ڪانگريسي ڄار، شاهدي وغيره مشهور ٿيا. ترجمو ٿيل ڊرامن ۾ گوئيٽي جي ”فاسٽ“ ڊرامي کي ڄيٺمل پرسرام سٺو ترجمو ڪيو.

انگريزن جي دؤر ۾ ڪيترن ليکڪن سنڌي ڊرامي کي اوج تي پهچايو، هيٺ ڪجهه ناٽڪ نويسن جو احوال ڏجي ٿو.

خانچند شامداس درياڻي؛

انگريزن جي دؤر ۾ ڊرامه نگار خانچند درياڻي جا سماجي ڊراما اهميت رکن ٿا. سندن طبعزاد ڊراما جيڪي سماجي ۽ معاشرتي هئا، جيئن ”جيئري تي جيئري“، ”زميداري ظلم“ مشهور ڊراما هئا. کيس سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي بانين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. پاڻ ”رابندر ناٿ لٽرري ۽ ڊراميٽڪ ڪلب“ حيدرآباد جو لٽرري ميمبر هو. هيءَ ڪلب 1923ع ۾ وجود ۾ آئي، سندس طبعزاد ڊرامن ۾ پدمڻي، مايا جو انڌ، مومل ۽ مينڌرو، جيئري تي جيئري يا دکايل ديوي، زماني جي لهر،گلاب جو گل مشهور آهن. سندس ڊرامو ”ملڪ جا مدبر“ هينرڪ اسپين جي هڪ مشهور ڊرامي ”دي پلرز آف سوسائٽي“ جو ترجمو آهي. ترجمي ۾ پاڻ هڪ قابل مترجم لڳي ٿو. ڊرامي ۾ سنڌي جا اصطلاح ۽ پهاڪا موقعي مهل تي استعمال ٿيل آهن.

احمد غلام علي چاڳلا (1902 – 1953ع) پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن سندن تخليق ٿيل آهي، سنڌي ڊرامي نويسيءَ ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل مشهور ڊراما لکيائين. ڀوت، خوني، جيڪا تقدير، ديس جو دشمن ۽ گڏيءَ جو گهر ڊراما لکيائين. سندس عبارت پنهنجو مٽ پاڻ هئي.

لعل چند امرڏنو مل: سنڌي زبان جو سٺو نثر نويس هو، سندس ڊرامن ۾ ”سيڻ ڪي ويڻ“، ”نقد ڌرم“، ”عمر مارئي“، ”سهڻي ميهار“ مشهور آهن. هڪ استاد جي حيثيت سان سنڌي قوم جي هڪ بلند پايه اديب ۽ مصنف جي حيثيت سان ادب جي سٺي خدمت ڪيائين. پاڻ شاهه لطيف تي پڻ لکيائين، جنهن ۾ سر ڪيڏارو ”شاهاڻو شاهه“ اچي وڃن ٿا.

عثمان علي انصاري (1901- 1962ع: انصاري صاحب به بهترين ترجمو ڪيا. ”گمراه دوست“ شيڪسپيئر جي ”يو جينٽلمين آف ويرونا“ جو ترجمو ڪيائين ۽ ”جرم وفا“ شيڪسپيئر جي ڪتاب ”سمبلائين“ تان ترجمو ڪيائين. سندس ترجمن جي ٻولي سليس ۽ عام فهم آهي.

انگريزن جي دؤر جي شروع جا ڊراما نظمي نثر، قصه گوئي ۽ تاريخي قصن تي ٻڌل هئا، پوءِ حقيقت نگاريءَ جي ادب ۾ لهر آئي ۽ 1923ع کان آزادي جي تحريڪ جي هلچل تيز ٿي ويئي، پرڏيهي ادب جي فن ۽ فڪر کي پختگيءَ سان ديسي روپ ڏنو ويو.

سنڌي ڊرامن کي اسٽيج تي پيش ڪرڻ ۾ ميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ کان سواءِ شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ به ڊراميٽڪ سوسائٽيون ٺهيون، ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پڻ اسٽيج ڊراما ڪيا ويندا هئا، جيئن ته انگريزن جو دؤر ڪافي ادبي صنفن جو لکت ۾ اوائلي دؤر شمار ٿئي ٿو، انهن ۾ ڊرامو به هڪ آهي. ڊرامي کي گهڻي ترقي ورهاڱي کان پوءِ ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ذريعي ملي جيڪا اڄ به قائم آهي.

افسانه نويسي؛

انگريزن جي دؤر ۾ افسانه نويسيءَ جي شروعات مرزا قليچ بيگ جي افساني ”شريف بيگم“ کي سڏيو وڃي ٿو، حالانڪه ان کان اڳ به ڪجهه ڪهاڻيون لکيون ويون جيئن ”سڌا تورو ڪڌا تورو“ يا ”ڀنڀي زميندارن جي ڳالهه“ ۽ ”مفيد الصيان“ پر اهي افسانه نويسيءَ جي معيار مطابق شمار نٿيون ڪري سگهجن، بلڪه ”سڌا تورو ڪڌا تورو“ هڪ ننڍو ڪهاڻيءَ جو ڪتاب آهي. 1917ع ۾ ئي لعل چند امرڏني جي ”ڪشنيءَ جا ڪشٽ“ ڏکن ڏڌي زندگي، محمد صديق مسافي جون تاريخي ڪهاڻيون زيب النساءِ ۽ چاند بيبي ڇپيون، اصل افسانه نويسي 1914ع کان شروع ٿي مرزا قليچ بيگ جو شريف بيگم ۽ مٿيان سڀ افسانه 1914ع جي دؤر جا آهن. ان کان پوءِ پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو جهانگير بادشاهه ۽ انار ڪليءَ جي محبت تي لکيل تاريخي افسانو ”انارڪلي“ ۽ عبدالله ”عبد“ جو سماجي افسانو ”اسڪول ماسترياڻي“، لطف الله بدويءَ جو ”غريبت“ اهم آهن. هن دؤر ۾ ”سنڌو“ رسالو جيڪو 1932ع ۾ جاري ٿيو ۽ افسانه نويسيءَ جي ترقي ۾ حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ سٺا افسانا ڇپبا هئا. افسانن جي مجموعن ۾ لطف الله بدويءَ جو ”دستئه گل“، ”پنج گنج“، ”سرد آهون“، ”پره ڦٽي“، ”مرڪندڙ اکيون“، ”شهيد وفا“ ۽ ”سفيد وحشي“ اهم آهن. هن دؤر جي افسانه نگارن ۾ لعل چند امر ڏنو، ڪوڙو مل، آساند مامتورا، منوهر داس، مرزا نادر بيگ، قيلچ بيگ، محمد عثمان ڏيپلائي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، سڳن آهوجا ۽ شيخ اياز جا نالا اچي وڃن ٿا.

تاريخي ادب؛

انگريزن جي دؤر جي ادب ۾ تاريخ لکڻ جو سٺو رجحان هو، سياسي حالتن ۾ تبديليءَ جي ڪري مذهب ۽ تاريخ اهم موضوع رهيا. منشي اڌارام ”دنيا جي تاريخ“ لکيو، ”تاريخ معصومي “ جو بهترين ترجمو ننديرام سيوهاڻي ڪيو، جنهن کي حڪومت طرفان انعام مليو. مرزا قليچ بيگ ”تاريخ سنڌ“ ۽ ”سنڌي زبان جي تاريخ“، ”تاريخ محمدي“ کان سواءِ چين، مصر ۽ بابل جي تاريخ تي پڻ لکيو. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي هندن جي تاريخ ٻه ڀاڱا لکيو. ان کان سواءِ ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ۽ ”قديم سنڌ“ لکيائين، ڊاڪٽر دائود پوٽي جن سنڌي ادب جي تاريخ لکي. خانبهادر محمد صديق ميمڻ جن پهرين صحيح معنيٰ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ لکي، جيڪا ٻن حصن ۾ آهي 1949 ۽ 1951ع ۾ ڇپي. هيءَ تاريخ ورهاڱي کان پوءِ ڇپي آهي پر هن تاريخ تي ڪم انگريزن جي دؤر ۾ ٿيو.

شاعري

شاهه جي رسالي تي ڪم؛

انگريزن جي دؤر ۾ شاهه جي رسالي تي سٺو ڪم ڪيو ويو. ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ مان 1866ع ۾ شاهه جو رسالو ڇپايو، جيڪو شاهه جي وفات کان پوءِ اٽڪل ڏيڍ سؤ سال پوءِ ڇپيو 1900ع ۾ سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي موجوده صورتخطيءَ ۾ رسالو ڇپايو پر ان ۾ ڪئين غلطيون آهن، ان کان سواءِ گربخشاڻي جون خدمتون ناقابل فراموش آهن. سندس ٽن جلدن ۾ شاهه جو رسالو سنڌي ادب لاءِ هڪ بي بها گرانقدر اضافو آهي. گربخشاڻي صاحب جن تمام گهڻي محنت ۽ جفاڪشي سان شاهه جو رسالو معنيٰ نثر شرح ۽ سمجهاڻيءَ سان تيار ڪيو، جنهن ۾ 17 سر آهن، اهو لاڙي لهجي ۽ تلفظ سان آهي، گربخشاڻي صاحب بلڙي، ڀٽ ۽ ٽرمپ صاحب جي نسخن کان سواءِ ٻين به نسخن کي ڀيٽي هڪ اهم نسخو تيار ڪيو جنهن جا ٽي جلد آهن.

سندس پهريون جلد 1923ع، ٻيون جلد 1924ع ۾ ۽ ٽيون جلد 1931ع ۾ ڇپيو، ان کان سواءِ شروع ۾ شاعريءَ جي اسلوب بيان ۽ شاهه جي سنڌيءَ تي جامع مقدمو پڻ لکيو اٿن، جيڪو پوءِ مقدمئه لطيفي جي نالي الڳ ڇپيو آهي. گربخشاڻي صاحب کان سواءِ انگريزن جي دور ۾ ٻين به ڪيترن اديبن شاهه سائين جي ڪلام تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيترائي ڪتاب، مقالا ۽ مضمون لکيا ويا آهن، مرزا قليچ بيگ جو ”شاهه جو رسالو“ پرمانند ميوارام جو ”سرڪاپائتي“، دين محمد وفائي جو ”لطف الطيف“ ۽ شاهه جي رسالي جو مطالعو“ محمد عثمان ڏيپلائي جو شاهه جو رسالو ۽ پاڪيٽ سائيز رسالو، لالچند امرڏني جو سر ڪيڏارو ۽ ”شاهاڻو شاهه“ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ”شاهه جو رسالو“ لکيا ويا. دائود پوٽي صاحب جن ڪيترائي مقالا لکيا جن ۾ شاهه جي تصوير، ڀٽ تي ڀيرو، شاهه کان اڳ جا شاعر، شاهه جو صوفياڻو شعر، انسان ڪامل شاهه جي نظر ۾ وغيره اچي وڃن ٿا، خانبهادر محمد صديق ميمڻ جن شاهه جو رسالو، ترتيب ڏنو. نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي جن ”شاهه جو سورميون“ ڪتاب لکيو. غلام محمد شاهواڻي جو ڪم قابل تعريف آهي، سندن مڪمل رسالو 1950ع ۾ ڇپيو پر مٿس سڄو ڪم انگريزن جي دور ۾ ٿيو، اڄ به سنڌي ادب ۾ اهميت جو حامل آهي، ان کان سواءِ به ڪافي اديبن ۽ ليکڪن شاهه سائين جي شخصيت ۽ ڪلام تي روشني وڌي آهي، مرزا قليچ جي سر سسئي، سر سهڻي ۽ سر سريراڳ جي شرح اهم آهن، ڀمڀاڻي شاهه جون سورميون 1944ع ۾ لکيو.

شاعري

هن دؤر ۾ ڪافي، بيت ۽ وائي سميت ٻين به ڪافي صنفن شاعريءَ ۾ ترقي ڪئي، ڪافي ۽ بيت ۾ پير علي گوهر شاهه”اصغر“. فقير قادر بخش بيدل، عثمان سانگي، صوفي خوش خير محمد، شاهه نصير، ڇتو سانگي، محمد حسين بيڪس،نانڪ يوسف، مخدوم امين محمد ۽ مصري شاهه، پير اشرف شاهه جن مشهور آهن، جن صوفياڻه روايتن کي قائم رکيو، مصري شاهه جون ڪافيون اڄ تائين تمام مقبول عوام آهن، هن دؤر ۾ لوڪ شاعريءَ جون صنفون پڻ ڪافي اُسريون  جنهن ۾ اميد علي شاهه، حسين ديدڙ، سانوڻ فقير، خليفو عبدالله جن مولود، مدح مناجات ۽ منظوم رومانوي داستان شاعريءَ ۾ بيان ڪيا.

عروضي شاعري

انگريزن جي دؤر ۾ عروضي شاعريءَ سٺي ترقي ڪئي، خاص طور غزل، گيت، نظم اچي وڃن ٿا.

غزل جي شاعري

هن دؤر ۾ غزل تمام گهڻي ترقي ڪئي آخوند گل محمد گل، پهريون ”ديوان گو“ شاعر چيو وڃي ٿو، مخدوم محمد شاهه گدا جي شاعريءَ ۾ غزل، قصيدا ۽ مثنويون اچي وڃن ٿيون، سانگي ۽ قليچ غزل جا بادشاهه هئا، هن دؤر ۾ محمد هاشم مخلص، حافظ حامد ٽکڙائي، مير حسن علي خان، آخوند قاسم، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، عبدالغفور همايوني ۽ شمس الدين بلبل مشهور آهن، مرزا قليچ بيگ ۽ سانگي اهم غزل گو شاعر آهن.

غزل سنڌي شاعريءَ ۾ اهم صنف آهي، جنهنجو بنيادي موضوع حسن و عشق آهي،سنڌي عزل ۾ تصوف، اخلاقيات ۽ سماجي شعور پڻ ملي ٿو، پر جديد غزل ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر کان سنڌي ۾ آئي هيءَ فارسي زبان جي صنف آهي، شروع جي غزل تي فارسي اثر گهڻو هو، انگريزن جي دور ۾ خليفو گل محمد ”گل“ غزل جو باني ۽ پهريون ديوان گو شاعر سڏيو وڃي ٿو، سندس غزل فن فڪر ٻوليءَ ۽ موضوع جي لحاظ کان پختگيءَ وارا آهن.

آئي رت سانوڻ سندي، مينهن وسي ڪيا ملار،

ڍٽ وسيا، پٽ وسيا، سرها ٿيا سانگي، سنگهار،

مير عبدالحسين خان سانگي سنڌي عزل جو مشهور شاعر آهي، سندس غزل عشق جي جذبي سان سرشار ۽ درد جي پيراءَ ۾ پوتل آهي، مرزا قليچ بيگ جن غزل ۾ اخلاقي سبق ڏنا آهن ۽ سندس غزل ۾ زماني جي بي ثباتيءَ جو ذڪر پڻ ملي ٿو.

رهن خوش ٿا نادان، ماڻن مزا،

۽ دانا ڏکن ۾ رئن زار زار،

 

مگر سچ چيو ٿن، ترن ڪک مٿي،

رهن موتي پاتار ۾ شاهوار.

محمد هاشم مخلص جون غزلون تمام مشهور آهن، پاڻ هڪ ئي وقت ۾ بي حساب شعر چئي ويندو هو، سندس طرافت ۽ خوش طبعي سندس لکيل مضمونن ۽ نثر سان ملي ٿو.

دل ڪنهن سان رکان هاءِ جو دلبر نه ملي ٿو،

ڇا ظلم سهان ڪوئي ستمگر نه ملي ٿو،

خط منهنجو نيو جنهن سو ڪبوتر نه ملي ٿو،

ڇا ذڪر ڪبوتر سندو، هڪ پر نه ملي ٿو.

گيت؛

گيت جي صنف لوڪ گيت جي حيثيت سان سنڌ ۾ قديم زماني کان رائج آهي، سنڌي ۾ ڪجهه درسي ۽ ٻاراڻا گيت ڪاڪي ڀيرو مل ۽ مرزا قليچ بيگ جن لکيا، پر اردو شاعريءَ وانگر باقائده گيت سنڌي ۾ 1918ع ۽ 1920ع کان لکيا ويا.(سنڌي گيت تاج جويو) ڪشنچند بيوس سنڌي گيت کي تمام گهڻي ترقي ڏياري سندس مجموعا 1935ع ۾ ”شعرين شعر“ ۽ سامونڊي سپون مشهور آهي، ”موجيءَ جا گيت“، ”شيرين ڪلام“ ۾ هري دلگير ۽ رام پنجواڻي سان گڏ سندس مشهور گيت آهن، هوندراج ”دکايل“  کئلداس ”فاني“، لطف الله جوڳي بهترين انگريزي دؤر جا گيت چوندڙ شاعر هئا، انگريزن جي دؤر ۾ غزل ۽ گيت کان سواءِ بيت ڪافي ۽ وائي ۾ گهڻي ترقي ٿي ۽ سندن موضوعن ۾ وسعت آئي، هن دؤر ۾ نثر ۽ شاعريءَ جو موضوع اخلاقي، مذهبي، سماجي، اصلاحي ۽ سياسي هو. هن دؤر ۾ عروضي شاعريءَ ۾ مثنويون، منظوم خطبا، قصيده ۽ مسدس پڻ لکيا ويا، جيئن، مثنوي ”سڪندر نامه“ الله بخش اٻوجهي جي ”مسدس اٻوجهو“ مير حسن علي خان حسن جي مثنوي ”سنڌ جو شاهنامه“ وغيره مشهور آهن. قومي شاعريءَ ۾ ”مولانا تاج محمد امروٽي، نور محمد نظاماڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، حبيب الله خادم جا نالا اچي وڃن ٿا. سائين حيدر بخش جتوئي سنڌي ترقي پسند ۽ قومي شاعريءَ جو اڳواڻ آهي، 1930ع ۾ سندس ڪلام جو مجموعو ”تحفته السنڌ“ ڇپيو، هن دؤر جي آخر ۾ سنڌي ۾ آزاد نظم لکڻ جي شروعات ٿي ۽ جديد شاعري وجود ۾ آئي.

مذهبي ادب؛

هن دور ۾ مذهبي ادب تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا، هندو ليکڪن پنهنجي مذهب جي باري ۾ ۽ سنڌي ليکڪن اسلام جي باري ۾ مذهبي ڪتاب لکي عوام کي ڄاڻ ڏني، جنهن ۾ ڪوڙومل چند کلناڻي جا ”هري درشن“، ”ورد ڀڳت“ رشي ڏيارام جو ”گيتا جو سارو“، ڄيٺمل پرسرام جو ”ڀڳت گيتا“ ۽ ”راج گياني“ وغيره اچي وڃن ٿا.

شمس الدين بلبل”مسلمان ۽ تعليم“ سنڌي مسلمانن جي تعليم جي باري ۾ ڪتاب لکيو، هن دؤر ۾ مذهب جي باري ۾ سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب لکيا ويا، مرزا قليچ بيگ جو نالو سڀني ۾ مٿانهون آهي، پاڻ چاليهه کان وڌيڪ مذهبي ڪتاب لکيائون ۽ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جن اسلامي ناولن سان گڏ قرآن پاڪ جو ترجمو ڪيو، دين جي اشاعت لاءِ ڪيترن ئي مذهبي ڪتابن جو ترجمو ڪيو، جيڪي سندن اسلامي پريس تان ڇپيا، هيءَ پريس 1942ع ۾ قائم ڪئي هئائون، پاڻ حج جهاد، روزي ۽ زڪوات تي ڪتاب لکيائون، مرزا قليچ بيگ جي مذهبي ڪتابن ۾ خصائص القرآن، اشاعت القرآن، تواريخ المقدس، ڪرامات القرآن، ڪرامات الانبياءَ وغيره آهن.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي حيات النبي (2 ڀاڱا) احوال قلندر شهباز تذڪر الايمان لکيا.

مولانا دين محمد وفائي جن هڪ بي باڪ ايڊيٽر هئا، سندن تحريرون انگريزن جي دؤر ۾ تمام اهم آهن، وفائي صاحب جي اخبارن الڪاشف، الحق، الوحيد اشاعت جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڻ تاريخ محمد مصطفيٰ، حيدر ڪرار، خاتون جنت، غوث اعظم، ڪتاب لکيائون، غلام محمد شهواڻي صاحب جن جا رسول پاڪ، خلفاءِ راشدين، فقوح الغيب (حضرت غوث اغظم جي ڪتاب جو ترجمو مشهور ڪتاب آهن. مذهبي ادب ۾ علي خان ابڙي جن به گهڻو مذهبي ادب لکيو آهي.

احاديث، تعليمات اسلام، اسلام ۽ چونڊون، اسلام جو مالي نظام، حالات نبوي، تفسير قرآن مجيد اچي وڃن ٿا، محمد بخش واصف پڻ فقيه ۽ علم المناظره ڪتاب لکيا ۽ سندن سيرت نبي تي ”اسان جو پيارو رسول صلي الله عليه و آله وسلم“ بهترين ڪتاب آهي، ان کان سواءِ اسلامي شريعت ”ٻه ڀاڱا“ لکيائون، انگريزن جي دؤر ۾ هر موضوع تي لکيو ويو، هيءُ دؤر سنڌي ادب جي لاءِ سٺو دؤر ثابت ٿيو، جو هن دؤر ۾ تنقيد ۽ تحقيق ۾ سٺو ڪم ٿيو.

تنقيد ۽ تحقيق؛

تنقيد علم و ادب جو حصو آهي، هڪ قابل قدر نقاد ڪنهن به ادبي فن پاري کي پرکي پروڙي سندس چڱايون ۽ اوڻايون جڏهن بيان ٿو ڪري ته ان کي اسين تنقيد چونداسين ۽ انگريزيءَ ۾ کيس Criticism چيو ويندو آهي، سنڌيءَ ۾ 1871ع ۾ پهرين تنقيد آخوند عبدالرحيم وفا عباسيءَ جي مرتب ڪيل ”عمر مارئي جي قصي“ تي ٿي، سيد فاضل شاهه جو ”ميزان الشعر“ 1875ع ۾ ڇپيو جنهن ۾ علم عروض جا قائدا ۽ قانون ڄاڻايل آهن، جنهن کي اصلي تنقيد جو پهريون ڪتاب چيو وڃي ٿو، هر دؤر ۾ تنقيدي ادب ۾ اخبارن ۽ رسالن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، انگريزن جي دؤر ۾ شمس العلما مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙو مل، گربخشاڻي، ڪاڪو ڀيرو مل ۽ دائود پوٽو صاحب جن ابتدائي تنقيد نگار هئا. ان کان پوءِ محمد بخش واصف سنڌي ٻولي جو بهترين تنقيد نگار هو، جنهن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي شاهه جي رسالي جي پهرين جلد کان پوءِ مقدمي جي شرح جي جواب ۾ ”شرح لطيفي“ نالي ڪتاب لکيو. ان کان سواءِ ڪشنچند عزيز، ڪلياڻ آڏواڻي، منگها رام ملڪاڻي، دين محمد وفائي، پير علي محمد راشدي ۽ ڪيترائي مشهور نقاد ٿي گذريا.

قديم علمي ۽ ادبي ورثي کي تحقيق ۽ کوجنا سان مرتب ڪري پيش ڪرڻ هڪ اهم ترين علمي ڪارنامو آهي. گربخشاڻي صاحب شاهه جي رسالي کي مرتب ڪيو. ”لنواري جا لال“ لنواريءَ جي بزرگن جي حوالن کي به تحقيق ڪري جمع ڪرايائين غلام محمد شاهواڻي جو نالو هن دؤر جي بهترين نقاد طور مشهور آهي. سندس ادبي اصول ”ٻه ڀاڱا“ تنقيد جو هڪ اهم ترين ڪتاب آهي، جنهن ۾ تنقيد جا اصول ۽ تنقيد نگاريءَ جا فائدا بيان ڪيل آهن، ڊاڪٽر دائود پوٽي جن تحقيقي ڪم ۾ اڳڀرا رهيا، پاڻ شاهه ڪريم جو ڪلام 1937ع ۾ ڇپايو، منهاج العاشقين جو 1943ع ۾ سنڌي ترجمو ڪيائون. خانبهادر صديق ميمڻ صاحب جن”سنڌي ادب جي تاريخ“ ٻه ڀاڱا لکي، جيڪا پهرين سنڌي ادب جي تاريخ هئي، جنهن ۾ سنڌي صوفي شاعرن جي ڪلام تي سرسري نظر ۽ سندن سوانح حيات ڏنل آهي ۽ انگريزن جي دؤر کان اڳ واري سنڌي آڳاٽي ادب جو پڻ ذڪر ڪيل آهي. سنڌي ٻولي جي ماهيت ۽ سنڌي صورتخطيءَ ۽ شاعريءَ تي نظر وڌل آهي. هيءَ ادبي تاريخ ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي دلڪشيءَ ۽ روانيءَ جي لحاظ کان هن دؤر جي تحقيقي ادب ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي.

انگريزن جي دؤر جو جائزو

1.      هن دؤر جو اهم ڪارنامو سنڌي صورتخطي ٺهڻ آهي.

2.     صورتخطي ٺهڻ جي ڪري ادب جي اشاعت ٿي ۽ ادبي ادارا وجود ۾ آيا.

3.     صحافت جي ميدان ۾ مضمون نويسيءَ ۽ ڪالم نگاريءَ ترقي ڪئي.

4.     نثر جي صنفن ۾ سفرنامه، آتم ڪهاڻي، تنقيد ۽ تحقيق به سٺي ترقي ڪئي.

5.     درسي ڪتابن جي ڇپجڻ کان سواءِ سنڌي نثر ۾ ناول، ناٽڪ ۽ افساني جون صنفون وجود ۾ آيون.

6.     پرڏيهي ادب ترجمو ٿيو.

7.     انگريزن جي دؤر ۾ اسڪولن جي کلڻ سان عام ماڻهوءَ ۾ پڙهڻ لکڻ جو اتساھ جاڳيو.

8.     شاهه جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي ۽ شاهه جو رسالو ڇپيل صورت ۾ سنڌي ۾ پڌرو ٿيو.

9.  عروضي شاعريءَ گهڻي ترقي ڪئي ۽ گهڻي تعداد ۾ شاعري ڪئي وئي. عروضي شاعريءَ ۾ خاص طور غزل گهڻي لکي وئي، ان کان سواءِ مثنوي، رباعي، مسدس، مرثيي ۽ قصيدي تي طبع آزمائي ٿي.

10. گيت به ترقي يافته صورت ماڻي، ڪشنچند بيوس پهريون گيت جو شاعر هو، جنهن منجهس نج سنڌي ماحول ۽ لفظن کي روشناس ڪرايو، صوفيانه شاعريءَ ۾ بيدل، بيڪس، حمل فقير جن صوفيانه ڪلام چيو.

11.  شاعري جي صنفن جيئن بيت، ڪافي، وائيءَ جي موضوعن ۾ وسعت آئي.

12. هن دؤر جي نثر و نظم ۾ مذهبي ۽ سياسي جذبا پڻ نظر آيا، حب الوطنيءَ ۽ آزادي جي جذبي جي پڻ خبر پوي ٿي.

13. ترقي پسند شاعريءَ جي شروعات ٿي، جيڪا ڪشنچند بيوس، شيخ راز، نارائڻ شيام، حيدر بخش جتوئي ۽ شيخ اياز ڪئي.

 

سنڌي ادب جو موجوده دؤر

سياسي پس منظر؛

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ گهڻي تبديلي آئي. 1947ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان ٻه آزاد ملڪ ٿي دنيا جي نقشي تي سامهون آيا. سنڌي هندو، اديب سنڌ مان هندوستان هليا ويا. ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالتن جي ڪري اديب ۽ ادب متاثر ٿيا، پر ٿوري وقت ۾ ئي اهو جمود ٽٽو ۽ ڪافي ليکڪ ۽ اديب سامهون آيا ۽ سٺو ادب تخليق ٿيو.

آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ نئون زوردار وهڪرو آيو ۽ اٿل آئي، اهڙي قسم جون تبديليون ادب کي هڪ نئين انقلاب سان روشناس ڪرائينديون آهن. خاص طور ون يونٽ جي قيام کان پوءِ هڪ نئون موڙ آيو، جنهن سياست سان گڏ سنڌ ۽ سنڌين ۾ قوميت ۽ قومي جاڳرتا جا سڪل سلا انقلابي ادب جي صورت ۾ اڀاريا. اهڙن انقلابي حالتن سان ادب جا قدر بلند آهن، ان ڪري سنڌي ادب ۾ وڏي تبديلي آئي.

آزادي کان پوءِ جن صنفن نثر ۾ گهڻي ترقي ڪئي انهن ۾ افسانو، مضمون نويسي ۽ ڪالم نگاري ۽ ناٽڪ نويسي وڌيڪ اهم آهن. آزاديءَ کان پوءِ ناول جي صنف لکي وئي پر گهٽ تعداد ۾. هن ادبي انقلاب ۾ شاعريءَ ۾ به سٺي تبديلي آئي، جديد شاعريءَ گهڻي ترقي ڪئي ۽ ڪافي نيون صنفون پڻ متعارف ٿيون.

جديد دؤر ۾ نثر جي ترقي؛

جديد دؤر ۾ ناول، افسانو، ناٽڪ، مضمون نويسي، ڪالم نگاريءَ کان سواءِ ادب ۾ بي مثال تحقيقي ڪم ٿيو. سياسي، مذهبي ۽ طنز و مزاح واروادب پڻ تخليق ٿيو. آتم ڪهاڻيون ۽ سفر ناما لکيا ويا. ڪئين ادبي ادارا ۽ انسٽيٽيوٽ وجود ۾ آيا جن ادبي ورثي کي جيءَ ۾ جاءِ ڏيئي محفوظ ڪيو ۽ سنڌي علم و ادب کي ترقي وٺرائي.

ناول؛

موجوده دؤر ۾ ناول نگاريءَ جو جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته اندازو ٿيندو ته ورهاڱي کان پوءِ سٺا ۽ فني طور پختا ناول لکيا ويا. پر سندن تعداد گهٽ آهي. ناول جي ترقيءَ تي ورهاڱي سان ڪافي اثر پيو، ڪجهه ناول ڇپيا جيئن ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ناول ”لاش“، فضل احمد بچاڻيءَ جو ”نازبو“، ڊاڪٽر منظور عرساڻيءَ جو ”ڪلب ۽ گهر“، راز بلڙائي جو ”گلبدن“،”بک ۽ بي روزگاري، عبدالجبار جوڻيجي جو ”سوري آ سينگار“، انجم هالائيءَ جو ”ڪاروان“، بيدل مسرور جو ”راڻي“ ۽ ٻيا ڪئين ناول ادب ۾ آيا. گوبند مالهي ۽ محمد عثمان ڏيپلائي ورهاڱي کان پوءِ به سندن ڪافي ناول مشهور آهن. ”ديسي سيڻ نه ڪجن“، ”لوڪ آهي ٻوڪ“، ”شرم ٻوٽي“، ”عشق نه آهي راند“، چنچل نگاهون گوبند مالهيءَ جا مشهور ناول آهن.

محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم صاحب جن جو آزاديءَ کان پوءِ سانگهڙ ناول هڪ انعام يافته انقلابي ناول آهي، جيڪو هن دؤر جو اهم ناول آهي. هيءُ ناول سياسي، قومي ۽ تاريخي پس منظر رکي ٿو، منجهس حر مجاهدن جا ڪارناما بيان ڪيل آهن.

سراج ميمڻ جا ناول مرڻ مون سين آ، منهنجي دنيا هيڪل وياڪل ۽ تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول، منهنجي دنيا مرگهه ترشنا مشهور آهن. نذير ناز، تبسم ماهتاب، شبنم گل، شبم موتي، فهميده حسين، ثريا سوز ڏيپلائي، رشيده حجاب، زبيده ميتلو، تنوير جوڻيجو جا نالا اچي وڃن ٿا.

سنڌي افسانو موجوده دؤر ۾ دنيا جي بهترين افسانن جي برابري ڪرڻ جي قابل بنيو آهي، موجوده دؤر ۾ سياست، مذهب، اخلاقيات ۽ معاشي مسئلن کان سواءِ ڪهاڻيڪارن  تنقيد، طنز و مزاح ۽ جنسيات تي پڻ لکيو. ماڻڪ، نور عباسي، غلام رسول ڪلهوڙو، حليم بروهي جون طنز و مزاح تي مشتمل ڪهاڻيون مشهور آهن. هندوستان ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ بهترين افسانا لکيا ويا آهن ۽ مشهور ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا، ڪلا پرڪاش، ايشور چند، نارائڻ ڀارتي، موتي پرڪاش، ڪيرت ٻاٻاڻي جا نالا اچي وڃن ٿا. هن دؤر ۾ عالمي شهرت يافته اديبن جي افسانن جا ترجما ٿيا ۽ ڪيترائي مجموعا ڇپيا.

سنڌي ڪهاڻي موضوع جي انفراديت، ٻوليءَ ۾ لفظن جي سهڻي سٽاءُ ۽ بهترين ڪردار نگاريءَ سان سينگاريل آهي. منجهس هن دؤر جا درد سمايل آهن ته سماجي مسئلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ طنز جا تير پڻ واضح آهن. هن دؤر ۾ ڪئين شاهوڪار ڪهاڻيون لکيون ويون ، جيئن (شاهه جو ڦر، پشو پاشا) جمال ابڙو، (چار ايڪڙ زمين جي تند برابر توريان) شيخ اياز، (ون يونٽ، ڀلي بک ڀرم جي) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، (ٻه ڳوڙها، پن ٻوڙين پاتال ۾)، شيخ حفيظ (زندگيءَ جو روڳ)، بشير احمد مورياڻي (شيدو ڌاڙيل)، غلام رباني (بهڻي، هڪ مڙدو ٽي لاش، پاتال)، سراج الحق (دل جي دنيا، ڪپيل ٻانهن جو وارث، اروڙ جو مست) امر جليل (بلو دادا، فرشتو) اياز قادري، (جتي باه ٻري، پسي ڳاڙها گل)، رسول بخش پليجو (ٻوساٽ، واچوڙي ۾ لاٽ، سهڻو سور) غلام نبي مغل (زندگيءَ جو تنها مسافر، هوا کي ڪير روڪي، درد جا ڏينهن درد جون راتيون) طارق اشرف (ڇپر ۾ ڇاٽون، ڌٻڻ) علي بابا (زال ذات، ڪارونجهر جي ڪور)، عبدالقادر جوڻيجو (وطن رمندا بادل)، ثميره ذرين (جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، بک جا چڪ)، مهتاب محبوب (رني ڪوٽ جا ڌاڙيل،)، علي بابا (روشنيءَ جو سفر، کڙندڙ کٽڻهار)، آغا سليم (گذريل واردات ڳڻ، ڪافر، ڪني آڱر چوٽيهون در) نسيم کرل، (خفتي ۽ نئين ڪربلا) بادل جمالي، (ساھ مٺ ۾، ڪاري، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري) ماڻڪ، (اداس واديون، رانديڪو) حميد سنڌي ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن بهترين ڪهاڻيون لکيون، طوالت جي سبب وڌيڪ تفصيل نٿي ڏيئي سگهجي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ افسانه نويسيءَ سٺي ترقي ڪئي آهي.

ڊرامو:

ڊرامي جي صنف ورهاڱي کان اڳ ئي شروع ٿي چڪي هئي، ترجمو ٿيل ڊراما ۽ ڪافي طبعزاد ڊراما ورهاڱي کان اڳ لکيا ويا. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ڊرامو گهٽ لکجڻ لڳو پر وري آهستي آهستي ڊرامي جي صنف ترقيءَ ڏانهن گامزن ٿي. اسٽيج ڊرامي کان سواءِ ريڊيائي ۽ ٽي وي ڊرامن مقبوليت ماڻي، فلمي ناٽڪ جي حيثيت سان سنڌي ٻولي ۾ فلمون پڻ ٺاهيون ويون پر انهن اڳيان هلي گهڻي ڪاميابي حاصل نه ڪئي. سنڌي فلمن ۾ ايڪتا، عمر مارئي، گهونگهٽ لال ڪنوار، مٺڙا شال ملن، جيجل ماءُ، ممتا ۽ پرو چانڊيو وغيره ڪجهه فلمون ٺهيون پر سندن معيار صحيح نه هئڻ سبب سنڌي فلم سنڌ ۾ ڪا خاص ڪاميابي ماڻي نه سگهي. ٽي وي ۽ ريڊيائي ڊرامن سان سنڌي ڊرامي ڪافي ترقي ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشنن تان سنڌيءَ ۾ ڊراما نشر ڪيا ويندا آهن ۽ ٽي وي سنڌي ڊرامن ته مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. ٽي وي جو سنڌي ڊرامو ٻاهرين ملڪن ۾ به تمام مقبول آهي، هاڻي اڄ ڪلهه ڪي ٽي اين تي به سنڌي ڊراما پيش ڪيا وڃن ٿا. مشهور سنڌي ڊراما نويس جن سنڌي ڊرامي کي ترقي ڏياري جيئن مراد علي مرزا، آغا سليم، ممتاز مرزا، امر جليل، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، نور الهديٰ شاهه، سراج الحق، شمشير الحيدري، رزاق مهر، زيب سنڌي، رحمت الله ماڃوٺي، بيدل مسرور، طارق عالم ابڙو، شوڪت شورو آهن، مشهور ٽي وي ڊراما راڻيءَ جي ڪهاڻي، دنگي منجهه دريا، ناڪيلي، سوال، آئينو، سام، آخري رات، لڙڪ لڙڪ زنجير، مارئي، منزل وغيره آهن.

ريڊيائي ڊرامن ۾ ”موسم مجبوري“ پهريون سنڌي ڊرامو هو، ان کان پوءِ به ڪافي ڊراما پيش ڪيا ويا. ريڊيو ۽ ٽي وي کان سواءِ اسٽيج تي به هن دؤر ۾ ڪجهه ڊراما پيش ٿيا آهن، جنهن ۾ حيدرآباد، هالا ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊراميٽڪ سوسائٽيون، اسٽيج ڊرامن کي پيش ڪري رهيون آهن، جنهن مان ڪيترائي نوان فنڪار ۽ ليکڪ اسري سامهون آيا آهن.سنڌي ڊرامو اڄڪلھ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري پوريءَ دنيا ۾ مقبول ۽ مشهور آهي ڪتابن جي صورت ۾ ننڍن ڊرامن جا مجموعا پڻ ڇپيا آهن. تاريخي ڊرامن ۾ ترجمو ٿيل ڊرامن کان سواءِ سنڌي طبعزاد ڊرامن جي موضوعن ۾ جدت آئي آهي، منجهس حقيقت پسندي، جمهوريت ۽ سماجي مسئلا کولي بيان ڪيا ويا آهن. ڌاڙيل فيڪٽر، وڏيرا شاهي ۽ ڪاروڪاري، بيروزگاري ۽ ڪيترائي موضوع ادب جو حصو بڻيا آهن، سنڌي ڊرامو اڄڪلهه ترقي ڏانهن گامزن آهي ۽ ادب ۾ هن وقت ڊرامي جي صنف وڌيڪ ڪامياب ۽ رائج آهي ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪري سندس اثر جلدي قبوليو وڃي ٿو، سنڌي ڊراما نويسن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي مان  ۽ شان کي برقرار رکڻ لاءِ ڊرامي جي ٻوليءَ تي گهڻي توجه ڏين منجهس غير معياري ۽ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن. معياري ۽ سڌريل لفظن استعمال ڪرڻ سان ٻوليءَ جي نه صرف حفاظت ٿيندي آهي پر اسرندڙ نسل کي به سهڻي ۽ سليس سنڌيءَ سان روشناس ڪرائي سگهبو.

اشاعتي ادارا، صحافتي ترقي، مضمون نويسي، مقاله نگاري

اشاعتي ادارا ۽ ادبي جماعتون:

سنڌي ادب کي ڪامياب بنائڻ ۾ ڪيترن ئي اشاعتي ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ورهاڱي کان پوءِ جو دؤر سنڌي صحافت ۽ مضمون نويسيءَ لاءِ بهترين شمار ٿئي ٿو. ورهاڱي کان اڳ به ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون ۽ ڪجهه رسالا نڪرندا هئا، جن ۾ قوميت ۽ سياسي مسئلن کي هٿي ڏني ويئي. ”جمعيت الشعراءَ) سنڌ طرفان ڪئين ادبي ڪانفرنسون ٿينديون هيون ۽ ادبي مشاعرن جو اهتمام ٿيندو هو. 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو قيام عمل ۾ آيو، 13 اپريل 1947ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو وجود قائم ٿيو. 1952ع ۾ ماهنامه ”نئين زندگي“ ۽ 1955ع ۾ بورڊ جي طرفان ٽماهي ”مهراڻ“ جاري ٿيو، جن ۾ تحقيقي ادب سان گڏ مضمون نويسيءَ کي پڻ فروغ مليو.

جمعيت الشعراءَ:

سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪئين اشاعتي ادارا ۽ تنظيمون وجود ۾ آيون، جن ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ جي هڪ اهم حيثيت رهي. سنڌي ادب کي ترقي ڏيارڻ ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ جو اهم ڪردار آهي، جمعيت الشعراءَ جا ڪيترائي اجلاس ٿيا ۽ جن ۾ ڪيترائي ٺهراءَ پيش ڪيا ويا جن ۾ لطيف اڪيڊمي ، حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن جو قيام، شاهه ڀٽائيءَ جي ورسيءَ جي موڪل، بي اي جي ڪورس ۾ سنڌي سبجيڪٽ جي منظوري، سنڌي زبان سنڌ اسيمبليءَ جي زبان ، سنڌ ۾ اديب فاضل ۽ منشي فاضل جا امتحان، سرڪاري پبلڪ لائبريري وغيره جن مان ڪافي حڪومت جي طرفان منظور ڪيا ويا. جمعيت الشعراءَ سنڌ جي پهرين ادبي ڪانفرنس 1921ع ۾ ٿي ۽ جمعيت الشعراءَ جي 1949ع جي ادبي ڪانفرنس ۾ علامه دائود پوٽي مرحوم جي طرفان ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جو قيام عمل ۾ آندو ويو.

سنڌي ادبي سنگت:

جمعيت الشعراءَ سنڌ کان پوءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي خدمتن نئين جوت جاڳائي، جمعيت الشعراءَ جي ارڙهين سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بنياد پيو، جنهن کي ”سنڌ سنگت“ پڻ چوندا آهن. 1965ع ۾ سنگت کي رجسٽر ڪرايو ويو. هن ادبي سنگت جي طرفان ڪيترن ئي اديبن ۽ بزرگ شخصيتن جون ورسيون ملهايون ويون، پوري سنڌ ۾ سندس ڪيتريون ئي شاخون عمل ۾ آيون. سنگت جي اجلاس ۾ ڪيترائي ناميارا اديب ۽ شاعر پنهنجون لکتون پڙهندا هئا جن تي تنقيد به ٿيندي هئي ۽ ائين صحتمند ادب کي فروغ حاصل ٿيو.

سنڌي ادبي بورڊ:

آگسٽ 1940ع ۾ وزير تعليم جناب جي ايم سيد جن جي حڪم سان ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ عمل ۾ آيو. ڊسمبر 1951ع ۾ کيس ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو ويو ۽ سندس ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو. هن بورڊ جي اهم ڪمن ۾ بنيادي ڪم ”سنڌ جي تاريخ“ جو هو هن بورڊ جي طرفان سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ڪتاب چچ نامو، تحفته الڪرام، تاريخ معصومي، ترخان نامو، تاريخ طاهري کي سنڌي ۾ لکيو ويو ۽ شايع ڪيو ويو ۽ ٻيا به ڪيترائي سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب شايع ٿيا. سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري ۾ شاه کان سواءِ سچل، حمل، بيدل، بيڪس، شاهه عنايت ، ساميءَ ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جا ڪلام ڇپيل صورت ۾ ميدان تي آيا، جامع سنڌي لغات ۽ لوڪ ادب جا اهم ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جو گرانقدر ڪارنامو آهي. (نئين زندگي آڪٽوبر 1968ع)

انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي:

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي هيءُ ادارو سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جو گهوارو آهي. هن جو قيام 1963ع ۾ سنڌ اڪيڊميءَ جي نالي سان ٿيو، پوءِ 1964ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو موجوده نالو رکيو ويو. هن اداري جو پهريون ڪتاب غزلن جون غنچو شايع ٿيو. پوءِ اشاعتي سلسلو شروع ٿيو. هن انسٽيٽيوٽ ۾ ريسرچ لائبريري مختلف گئلريون ”پير حسام الدين شاهه“ آڊيٽوريم موجود آهن.

ريسرچ لائبريري:

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ريسرچ لائبريري اهميت جي حامل آهي. هن لائبريري لاءِ ڪتابن جمع ڪرڻ جو سلسلو ذاتي لائبريرين جي خريد ڪرڻ سان شروع ٿيو. سنڌ جي ڪمشنر لائبريري مان به ڪجهه تاريخي ڪتاب هٿ ڪيا ويا. ان کان سواءِ سنڌ جي مشهور اهل علم کان سندن ذاتي لائبريريون خريد ڪري ريسرچ لائبريري ڪارنرس قائم ڪيا ويا، جنهن سان ڪيترائي سٺا ادبي ڪتاب محفوظ ٿيا. هيءَ پاڪستان جي اهم لائبريرين ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن ۾ هزارين ڪتاب ۽ رسالا آهن. 1854ع کان وٺي سنڌ مان نڪرندڙ اخبارن جا جلد موجود آهن. هن اداري جي شروعات ريسرچ لائبريري سان ٿي. اداري کي 1971ع ۾ باھ جي حادثي جي ڪري ڪافي نقصان پهتو، جنهن تي عبرت، الوحيد ۽ ٻين ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ايڊيٽوريل ۽ ڪالم لکيا جن ۾ حڪومت کي انصاف ڪرڻ لاءِ توجه ڏيارڻ ۽ عوام کي مدد ڪرڻ ۽ نقصان جي تلافي لاءِ اپيل ڪئي وئي.

گئلريون؛

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جون مختلف گئلريون اهم آهن، جيئن آرمس گئلري، جنهن ۾ مختلف دورن ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار رکيل آهن. انٿراپالاجيڪل گئلري جنهن ۾ سنڌي ثقافتي سامان آهي، جنرل گئلري ۾ خوبصورت ڪاشيءَ ۽ جنڊي جو سامان رکيل آهي، فوٽو گرافڪ ۽ پينٽنگس گئلريءَ ۾ سنڌ جا خوبصورت نظارا ۽ تصويري روپ ڏين ٿا ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي خيالي خوبصورت پورٽريٽ اهم آهن. ميوزيڪل انسٽريومينٽ گئلري ۾ سهڻا ساز، بانسريون ۽ چنگ سجايل آهن. مائڪرو فلمنگ سيڪشن ۾ نادر ۽ تاريخي ڪتابن کي فوٽو اسٽيٽ ۽ مائڪرو فلم جي ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي، مشهور پراڻن ڳائڻن جو ڪلام ۽ گراموفون رڪارڊ پڻ محفوظ آهن.

ڏات ڌڻين رٿا:

1986ع ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي نگرانيءَ هيٺ ”ڏات ڌڻين جي رٿا“ جو پروگرام انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو هڪ اهم ڪارنامو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ست سؤ کان به مٿي جلد تيار ڪيا آهن، جن ۾ مشهور شخصيتن ۽ جماعتن جي ادبي ڪارڪردگيءَ جو رڪارڊ آهي. ان کان سواءِ اشاعتي ڪاوشن جون فهرستون مرتب ڪيون ويون آهن.

1.      سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ.

2.     سنڌي مخزنن جو ڪئٽلاگ.

3.     ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي.

4.     سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري.

5.     قلمي نسخن جو تشريحي ڪئٽلاگ.

6.     لطيفيات.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌي ادب جي حفاظت ۽ اشاعت کي تمام گهڻي ترقي ڏياري آهي، هن اداري طرفان ڪيترائي اهم ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ:

هيءُ ادارو نصابي ڪتابن جي ڇپائي ۾ اهم ترين خدمت سرانجام ڏئي رهيو آهي، ڪيترائي نصابي ڪتاب تمام گهڻي تعداد ۾ هن اداري ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن، جيڪي تعليمي ادارن ۾ پڙهايا وڃن ٿا.

شاهه لطيف ثقافتي مرڪز:

هن اداري جي طرفان شاهه ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ ڪلام جي سلسلي ۾ ڪتاب ڇپيا وڃن ٿا.

سنڌي لئنگويج اٿارٽي:

سنڌي لئنگويج اٿارٽي جو قيام 1991ع ۾ عمل ۾ آيو، هن اداري جي بلڊنگ نيشنل هاءِ وي تي حيدرآباد سنڌ ۾ آهي. هن اداري جا پهريان چيئرمين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب هئا، پوءِ جن اهل علم حضرات اداري جي چيئرمين طور ڪم ڪيو ۽ کيس ترقي وٺرائي انهن ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق، ممتاز مرزا، امر جليل، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جا نالا اچي وڃن ٿا. هن وقت چيئرمين جي حيثيت سان ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو صاحب جن ڪم ڪري رهيا آهن.

هن اداري جي قائم ٿيڻ جا ڪيترائي اهم مقصد آهن، ڪجهه جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو.

1. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا 2. ميڊيا ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو صحيح استعمال 3. سنڌي ٻوليءَ جي Computing جي استعمال ۾ ترقي.

1. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا:

هن اداري جي طرفان شام جو لئنگويج اٿارٽي جي بلڊنگ ۾ ڪلاسز ٿين ٿيون ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪلچرل پارٽمينٽ جي تعاون سان اداري طرفان 16 جولاءِ 2003ع تي هندو جئمخانه ڪراچي ۾ سنڌي سکڻ جي ڪلاسز جو افتتاح ڪيو ويو.

2. ميڊيا ۽ سرڪاري آفيسن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صحيح استعمال لاءِ اپاءُ:

اداري جي طرفان روزانه جي اخبارن ۾ ٻوليءَ جي ٿيل غلطين کي درست ڪري واسطيدار اداري کي اطلاع ڪئي ويندي آهي. ساڳي ريت ريڊيو ۽ ٽي وي جا پروگرام پڻ چيڪ ڪيا ويندا آهن، جن کي به غلطين جي نشاندهي جي اطلاع ڪئي ويندي آهي.

3. سنڌي ٻوليءَ جو ڪمپيوٽنگ جو استعمال:

اداري جي طرفان Sidhi Informatic شعبو ڪمپيوٽر جي ترقيءَ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. اداري جي ويب سائيٽ اداري پاڻ ٺاهي آهي ۽ اهو به ممڪن ٿي ويو آهي ته هاڻي سنڌيءَ ۾ E mail ڪري سگهجي. هن اداري ۾ لائبريري اهم حيثيت رکي ٿي، جنهن ۾ خاص ٻوليءَ تي ريسرچ جا ڪتاب آهن، جيڪي پنج هزار تائين آهن، ان کان سواءِ سائنس شعبو، ٻارن جو شعبو، پبلڪ رليشن شعبو، پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن شعبو، انسائيڪلوپيڊيا سيل ۽ مارڪيٽنگ سيڪشن اهم آهن. لغتن جي اشاعت هن اداري جو هڪ اهم ڪارنامو آهي، قليچ ڪتاب گهر ۽ ثقافتي ڊسپلي سينٽر اداري جي بلڊنگ ۾ ئي هينئر تازو قائم ٿيا آهن. سنڌي لئنگويج اٿارٽي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ هڪ اهم ادارو آهي، جنهن هيستائين 77 ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن ۽ ڪيترائي سئمينار ۽ پروگرام ٻوليءَ جي حفاظت ۽ مطالعي لاءِ عمل ۾ آندا آهن، جن ۾ 26 اپريل 2003ع تي ڪلچرل کاتي جي سهڪار سان ”سنڌي ۽ پاڪستان جي ٻين ٻولين جي اهميت“ جي عنوان تي هڪ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جا ٽي اجلاس ٿيا، ان کان سواءِ آڪٽوبر 2002ع تي ”سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ استعمال“ ۽ فيبروري 2003ع تي ”مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي اهميت تي ٻه مذاڪرا ڪرايا ويا.

مٿئين اشاعتي اداري کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ، ڪراچي يونيورسٽي ۽ خيرپور يونيورسٽي جا سنڌي شعبا ۽ صحافتي شعبا پڻ سنڌي ادب جي ترقيءَ لاءِ اڳڀرا رهيا آهن، جن ۾ سوين ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ٿيسز ۽ مقالا لکجي چڪا آهن. 1962ع کان ايم اي سنڌي فائنل پيپر ۾ مضمون يا مونوگراف جي چونڊ جو اختيار ڏنو ويو، جنهن سبب ڪري مختلف موضوعن تي ڪيترائي مونوگراف لکيا ويا.

سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ادبي بين الاقوامي ڪانفرنس:

سنڌ يونيورسٽي جي طرفان 1975ع ۾ سنڌي ادبي سيمينار منعقد ٿيو. 1988ع جنوري ۽ فيبروريءَ ۾ سنڌي ادبي بين الاقوامي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن کان سنڌي ادب سان تعلق رکندڙ هستيون ڪانفرنس ۾ آيون، هن ڪانفرنس جا موضوع شاهه لطيف جي شاعري، سنڌي ٻوليءَ جا مسئلا، سڌي نثر، سنڌي نظم، تاريخ ۽ ثقافت هئي.

هن ڪانفرنس ۾ ڪيترن ادب جي پارکن پنهنجا مقالا پڙهيا، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪانفرنس جي نشست جي اهميت تي روشني وجهندي چيو ته ”ٻولي علم و ادب، ثقافت، تاريخ ۽ ڌرتي قومن جا ڪامن فيڪٽرس ٿيندا آهن، انهن جي حوالي سان ئي قوم جي سڃاڻپ ٿيندي آهي.“ ۽ هن ڪانفرنس کي هڪ اهم ڪانامو ڪوٺيو. هن ادبي ڪانفرنس سنڌي علم و ادب جي تاريخ کي هڪ نئون ۽ اهم موڙ عطا ڪيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب جن سنڌي ٻولي، تحقيق تعليم ۽ صحافت جي وضاحت ڪئي، لسانيات تي سراج الحق، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي، رچرڊ هائل جن مقالا پڙهيا، سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي پرويز حبيب الله، نيلوفر شيخ، ڊاڪٽر سرفراز، ڊاڪٽر مبارڪ ۽ تاج صحرائي جن مقالا پڙهيا، محمد حسين ڪاشف ”سنڌي تنقيدي ادب جو جائزو“ جي عنوان سان مقالو پڙهيو.

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جن انگريزي ۾ ”سنڌي ادب جي موجوده ترقي“ کي وقت جي ڪميءَ سبب مختصر ڪري ٻڌايو. ڊاڪٽر شمس الدين ”سنڌي ادب جي وسعت جدت ۽ رفتار“ کي واضح ڪيو، سحر امداد، نارائڻ شيام جي شاعري کي بيان ڪيو. ملڪ نديم شاهه لطيف يونيورسٽي جي استاد شيخ اياز جي شاعراڻيءَ ڏات ۽ فن فڪر کي موضوع بنايو، ابوبڪر شيخ سنڌي نظم جي باري ۾ تفصيلي معلومات ڏني. شاهه ڀٽائيءَ جي باري ۾ ڪئين مقالا پڙهيا ويا. ڊاڪٽر خالد ٽالپر عربيءَ جو استاد آهي، پاڻ ”شاهه جو رسالو ۽ قرآن ڪريم“ جي عنوان سان مقالو پيش ڪيائون. ان کان سواءِ شاهه لطيف ۽ علامت نگاري“ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، شاهه لطيف ۽ سنڌي ثقافت“ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ”شاهه جي ڪلام ۾ رنگن جو ذڪر“ ڊاڪٽر تنوير عباسي ”Loging and sarrows in the poetry of Shah Latif” جي عنوان سان ڊاڪٽر درشهوار سيد جن مقالا پڙهيا.

غلام رسول بلوچ ”شاه جي ڪلام ۾ تاريخي اشارا“ ۽ بدر ابڙي ”ڪائنات ۽ ماڻهو“ مقالو پڙهيو. شاه وٽ انسان جي عظمت جي تصور کي بيان ڪيائين.

مطلب ته سنڌي ادبي بين الاقوامي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي جي هڪ عظيم ۽ اهم قدم شمار ٿئي ٿو. هن ڪانفرنس ۾ جيڪي مقالا پڙهجي نه سگهيا وقت جي ڪميءَ سبب انهن کي ماهنامه نئين زندگي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون سان شايع ڪيو ويو، سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان پيار زبان ثقافت جي حفاظت، وطن دوستي ورهاڱي کان پوءِ جي ادب جا اهم موضوع رهيا.

سنڌي صحافت:

 سنڌ يونيورسٽي جي بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس ۾ سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن صحافت جي باري ذڪري ڪيو ته ”موجوده دؤر ۾ صحافت ئي ڪنهن ٻوليءَ جي زنده هئڻ جو ثبوت آهي. تعليم جي ذريعي ٻوليءَ جي سٽاءَ سرمايي ۽ صحت بابت ڄاڻ ملي ٿي ته صحافت سان ان کي بنيادي ڄاڻ کي روز مره جي زندگيءَ ۾ مسلسل طور بدلجندڙ حالات ۽ واقعات کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو عملي تجربو ٿئي ٿو.“ ۽ گڏ پاڻ سنڌي صحافت ۾ ٻوليءَ جي حفاظت ۽ ترقي لاءِ سنڌي سڄاڻ ۽ سجاڳ ايڊيٽرن ۽ صحافين جي لاءِ چيائون ته ”هو نون اُسرندڙ صحافين جي رهنمائي ڪن ۽ ٻوليءَ ۽ لفظن جي صحيح ادائگيءَ طرف توجه ڏين“. سنڌي صحافت جي تاريخ پراڻي آهي باقاعده پهرين سنڌي اخبار 1861ع ۾ معين السلام هئي، ان کان پوءِ ڪيتريون ئي اخبارون وجود ۾ آيون، جيئن سنڌ سڌار، جوت، سر سوتي، تعليم، هيت الامين، الوحيد، الاصلاح، قرباني وغيره.

ورهاڱي کان پوءِ جي مشهور اخبارن ۾ الوحيد، عبرت مشهور آهن، پوءِ به ڪيتريون ئي اخبارون نڪتيون، جن ۾ هلال پاڪستان ڪراچي، سنڌ نيوز، آفتاب ادب، مهراڻ، صداقت، ڪاوش ۽ مشهور رسالن ۾ برسات، هلچل، پيغام، پارس، نئين زندگي، پره ڦٽي، مهراڻ، آرسي، ڪينجهر، سنڌ سجاڳ، نئون نياپو، ٻارن لاءِ گل ڦل، سوجهرو، اديون سگهڙين سٿ، سهڻي وغيره مشهور آهن. ڪجهه تحقيقي جرنل يونيورسٽين جي سنڌي شعبن طرفان به نڪرن پيا، سنڌي صحافت سنڌ جي هر موضوع جيئن ڪالاباغ ڊيم کان وٺي ون يونٽ، 4 مارچ ۽ ٻين ڪيترن ئي سياسي ۽ قومي مسئلن کي اخبارن ۾ سٺي ڪوريج ڏني ويئي آهي.

صحافت تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن، جيئن شيخ عبدالعزيز جو ”سنڌي صحافت جي مختصر تاريخ“ ، ڪريم بخش خالد جو ”سنڌي صحافت“ اهم آهن. خان محمد پنهور جا پڻ صحافت تي ڪيترائي مقالا آهن، سنڌي اخبارن جي ذريعي ڪالم نگاري مضمون نويسي ۽ شاعريءَ کي هٿي ملي.

اخبارن ۾ ايڊيٽوريل جي پنهنجي جڳهه تي هڪ اهم حيثيت آهي، سنڌي اخبارن خاص طور الوحيد، عبرت، هلال ڪراچي ۽ ڪاوش جي ايڊيٽوريل ۾ سنڌ جي اهم مسئلن کي هميشه نمائندگي ڏني ويئي آهي، ڪالم نگاريءَ ۾ به سنڌي اخبارن ۾ اهم موضوعن تي هلندڙ حالتن مطابق مختلف موضوعن تي سٺا ڪالم لکيا ويا آهن، مشهور ڪالم نگارن ۾ امر جليل، اعجاز مهر، انعام شيخ جا نالا اچي وڃن ٿا.

 

مضمون نويسي ۽ مقالا:

قيام پاڪستان کان اڳ به مضمون ۽ مقالا لکيا ويندا هئا ۽ پوءِ به هيءَ صنف اخبارن ۽ رسالن جي ڪري اُسري، نئين زندگي، مهراڻ ۽ سهڻي رسالن مضمون نگاريءَ جي فن کي ڪافي ترقي ڏياري ۽ ڪافي اخبارن به هن ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ورهاڱي کان پوءِ جن اديبن مضمون نويسيءَ جي فن کي اهميت ڏياري انهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سيد ميران محمد شاهه، علي احمد قاضي، الله بچايو سمون، لطف الله بدوي، عطا حسين شاهه موسوي، علامه آءِ آءِ قاضي، پروفيسر جهامن داس ڀاٽيه، محمد بخش مجنون، پير علي محمد راشدي، محمد اسماعيل عرساڻي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام محمد گرامي جن جا نالا مشهور آهن.

مضمونن جي مجموعن ۾ ڪچ ڪوڏيون، سير ڪوهستان، رند ۽ پنڌ، خاطر خيال، ادبي آئينو، نقشي عمل، چونڊ مضمون ۽ مقالا (بي اي جي نصاب ۾ شامل آهي) مضامين خليل، شيخ ابراهيم خليل جي مضمونن جو مشهور مجموعو آهي.

ان کان سواءِ غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڪريم ڏنو راڄپر، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو ۽ ٻيا ڪيترائي ليکڪ جن مضمون جي صنف کي ترقي ڏياري مضمونن ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا جو نالو سرفهرست آهي، ويجهڙائيءَ ۾ ٻه ڪتاب ڇپيا آهن، جن ۾ محمد ابراهيم جويي صاحب جن جو ”مٺ مٺ موتين جي“ ۽ محترمه ماهتاب محبوب جو ”ورهاڱي جو ورجاءُ“ جيڪي نيو فيلڊس پبليڪيشن وارن ڇپايا آهن، جن ۾ تمام سٺا مضمون آهن. مقالي جي لحاظ کان ڏسنداسين ته ڪيترائي ادبي مقالا لکيا ويا، جن ۾ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ لکيل مقالا اهميت جا حامل آهن، ان کان سواءِ تحقيقي جرنل ۽ ادبي مئگزينن ۾ لکيل مقالا پڻ تمام اهم آهن، هن ڏس ۾ ”سنڌي ادبي بين الاقوامي ڪانفرنس“ جا مقالا پنهنجي جڳهه تي هڪ اهم حيثيت رکن ٿا. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن جا مقالا جيڪي ديني ادب سان واسطو رکن ٿا، تازو ”مقالات قاسمي“ جي نالي سان ڇپيا آهن. پير حسام الدين راشديءَ جي مقالن ۾ ٻين موضوعن سان گڏ تاريخي مقالا پڻ اچي وڃن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب جن سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ڪيترائي سنڌي ثقافت، سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ۽ صحافت جي باري ۾ مقالا لکيا آهن.. پير حسام الدين جي مقالن جو مجموعو ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ جي نالي سان ڇپيو آهي. ”مون مطالعو سپرين“ شاه  تي مضمون ڊاڪٽر اياز قادريءَ جو ڪتاب ڇپيو آهي.

ڪجهه سنڌي ادب جا مشهور مقالا ۽ انهن جا موضوع ۽ ليکڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ

عبدالجبار جوڻيجو             سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو اثر

عبدالڪريم سنديلو    لوڪ ادب جو تنقيدي جائزو

محمد صالح شاهه             رشيد الدين شاهه جو ڪلام

عبدالمجيد ميمڻ              بيان العارفين جي تدوين

الهداد ٻوهيو           سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج

عبدالرحمان قريشي    سروري خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون

عطا محمد حامي              خيرپور ميرس جي ٽالپرن جو سنڌ جي

سياسي، علمي ادبي تاريخ ۾ حصو

غلام حسين ميمڻ            ورهاڱي کان اڳ سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ

سيد محمود شاهه              مولانا تاج محمد امروٽيءَ جون ادبي خدمتون

عبدالخالق سومرو              علي نواز علي ۽ سندس شاعري

عزيز الله ميمڻ         خيرپور جي ادبي تاريخ

محمد جمن ٽالپر              سنڌ جا اسلامي درسگاهه

نواز علي شوق         هدايت علي نجفي تارڪ

ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو   ٻولي ۽ لسانيات

مرزا حبيب الله         مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس

در محمد پٺاڻ         ڪراچي ضلع جو سنڌ جي علم و ادب ۾ حصو

سيد ممتاز حسين             سنڌ مدرسي جو سنڌي ادب ۾ حصو

شمس الدين عرساڻي  آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر

غلام حيدر ابڙو                سنڌي زبان جي پاڪستان جي مختلف زبانن ۾

تعليمي ۽ ادبي حيثيت

اياز حسين قادري              سنڌي غزل جي ارتقا

غلام رسول بلوچ              سنڌي ڊرامي جي هڪ صدي

شاهنواز سوڍر          سنڌي ثقافت ۽ شاهه عبداللطيف

غلام نبي سڌايو               شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري

حسن بانو سومرو              شاهه جي ڪلام  جي روشنيءَ ۾ سنڌي عورت جو

مطالعو

فيروزه سمون           سنڌيءَ ۾ ٻارن جو ادب

فهميده حسين         شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ

ميمڻ عبدالغفور سنڌي        اوڻهويهين صديءَ جا نثر نويس

بدر ڌامراهو             سنڌي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا

تنوير عباسيءَ جو ٻارهن مقالن تي مشتمل ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ مقالي جي صنف ۾ اهم ڪتاب آهي، هي مٿيون سڀ پي ايڇ ڊيءَ جون ۽ ڪجهه ايم فل جون ٿيسز آهن. اهي مقالا هڪ سند جي حيثيت رکن ٿا ۽ اڃا به ڪافي مقالا لکيا ويا آهن، جن جي تفصيل طوالت جي سبب ڳڻائي نٿي سگهجي.

هن دؤر ۾ بي حساب مضمون ۽ سٺا ريسرچ جا ڪتاب لکيا ويا آهن، جيڪي بهترين ادبي سرمايو آهن ۽ نون پڙهندڙن ۽ لکندڙن لاءِ هڪ روشني جي راهه آهن.

تاريخ ۽ تحقيق؛

هن دؤر ۾ تاريخ ۽ تحقيق تي پڻ وڏو ڪم ٿيو آهي، پير حسام الدين راشديءَ هڪ اهم مورخ آهن. سندس سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتاب اهم آهن. پاڻ تحفته الڪرام، تاريخ مظهر شاهجاني، تزڪرو امير خاني، مير معصوم بکري، مرزا غازي بيگ ترخان، اردوءَ ۾ ”سنڌي ادب ڪي مختصر تاريخ“ لکيائون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ تاريخي سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب آهي. ازانسواءِ پاڻ ڪيترن، ڪلاسيڪل شاعرن جو ڪلام سهيڙي مرتب ڪري ڇپايو اٿن. سنڌي ٻوليءَ جي جامع لغات پنجن جلدن ۾ تيار ڪئي اٿن.

غلام علي الانا صاحب جن جو تحقيقي ڪم سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد ۽ سنڌي نثر جي تاريخ سندن مشهور ڪتاب آهن. سراج الحق ميمڻ جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لسانيات جي باري ۾ اهم ڪتاب آهي ۽ پاڻ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا اٿن.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو؛

پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو ولد مراد علي ٻگهيو 1954ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پاڻ ٻوليءَ جي تحقيق ۾ اهم ڪم سرانجام ڏنو اٿن. انگلينڊ جي Essex يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري 1994ع ۾ حاصل ڪيائون، جنهن جو موضوع ”ٻولي ۽ لسانيات“ آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد جي حيثيت سان درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏنائون ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جا سربراهه ٿي رهيا آهن. هن وقت سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي چيئرمين جي عهدي جون ذميواريون نڀائي رهيا آهن.

ادبي خدمتون؛

ڊاڪٽر صاحب تحقيقي ميدان ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ اهم تحقيقي ڪم ڪيو آهي، پاڻ چاليهن کان وڌيڪ آرٽيڪل سنڌي ٻولي، ادب لسانيات، پاڪستان اسٽڊيز وغيره جي موضوعن تي لکيا آهن، جيڪي ڏيهي توڙي پرڏيهي پبليڪيشنس طرفان ڇپيا ويا آهن، تازو سندن انگريءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب Germany, Lincom, Europa جي طرفان 2002ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن جو عنوان آهي.

A Comparative Sociolingustic Study of Rurel & Urban Sindhi

ان کان سواءِ سنڌيڪا ڪراچيءَ وارن جي طرفان ”سنڌي ٻولي لسانيات کان سماجي لسانيات تائين“ پڻ سندس اهم ڪتاب آهي.

قاسم صاحب 1988ع فيبروري جي سنڌي ادبي بين الاقوامي ڪانفرنس جا مقالا ترتيب ڏيئي سنڌي ادبي بورڊ جي طرفان ڇپرايا آهن، مرزا قليچ بيگ جي سوانح جي باري ۾ ڪتاب لکيائون، جيڪو اسنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپايو آهي. سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي طرفان ”گولڊ ميڊلز“ کين سندن ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڏنا ويا آهن. ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون سندن علمي ۽ ادبي ڪاوشن تحت کين مليا آهن. پاڻ هڪ سرگرم ٻوليءَ جي محقق طور ريسرچ گائيڊ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهن. ڪيترن ئي سئمينارن ۽ ڪانفرنس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي باري ۾ تحقيقي مقالا پڙهيا اٿن ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ ڪارائتيون ڪوششون ورتيون اٿن. سندن لکيل ڪتابن جو تعداد ڳاڻيٽي ۾ گهٽ آهي پر موضوع جي مناسبت ۽ ڪم جي حوالي سان سندن ڪتاب سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ اهميت جا حامل آهن.

ڪافي محقق آهن جن سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات تي ڪم ڪيو آهي، جيئن محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، ڊاڪٽر نواز شوق، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو.

پروفيسر علي نواز جتوئي، محبوب علي چنه، لطف الله بدوي، مير رحيم داد خان مولائي شيدائي، ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم جن جا نالا سرفهرست آهن. منگهارام ملڪاڻي جي سنڌي ادب جي تاريخ هڪ اهم ڪتاب آهي.

هن دؤر ۾ تاريخ ۽ تحقيق تي سٺو ڪم ٿيو آهي ۽ اڃا به ٿي رهيو آهي. ڪيترائي تحقيقي فن پارا ۽ ادب جون تاريخون ادب جو حصو بنيون آهن.

لوڪ ادب؛

لوڪ ادب جي هر ملڪ جي ادب ۾ هڪ الڳ اهميت ۽ حيثيت هوندي آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ لوڪ ادب لکت جي صورت ۾ ورهاڱي کان پوءِ صحيح تعداد ۾ آيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ اشاعت جي ڪم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن سنڌي علم و ادب جي اها شخصيت آهن جن سنڌي لوڪ ادب تي تمام گهڻو ڪم ڪيو. پنجاه کان مٿي ڪتاب ترتيب ڏيئي لکي ڇپرايائون، جنهن ۾ لوڪ ادب جي صنفن جي مفصل معلومات ڪتابن جي منڍ ۾ ڏني اٿن. مولود، مداحون، مناجاتون، مناظرا، جنگ ناما، لوڪ ڪهاڻيون، ڏور، ڳجهارتون، ڳاهن سان ڳالهيون، سنڌي سينگار شاعري ۽ ٻيا انيڪ ڪتاب آهن. ان کان سواءِ پاڻ ”ٻيلاين جا ٻول“ نالي سان لسٻيلي جي سنڌي شاعرن جو ڪلام سهيڙي ڇپايائون. لوڪ ادب جي تحقيق ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب جن جون خدمتون پڻ ناقابل فراموش آهن، سندن ڪتابن ۾ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، سنڌ جو سينگار، وينجهار، پهاڪن جي پاڙ، ”اصطلاحن جي اصليت“، ڏهس نامو مشهور آهن. عبدالحسين شاهه موسوي جا ڪتاب ”سڳنڌ“ ۽ ”سرهاڻ“ لوڪ ادب جي سلسلي جي ڪتابن جي ڪڙي آهي. ان کان سواءِ الهبچايو سمون،سير ڪوهستان، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي ”لاڙ جي لغت“ اهم آهن، ڪجهه ٻين ليکڪن پڻ لوڪ ادب تي تحقيقي مضامين لکيا آهن.

تنقيد نگاري:

هن دؤر ۾ تنقيد نگاريءَ جي صنف به پاڻ مڃايو آهي، ورهاڱي کان اڳ ڪجهه تنقيد نگاريءَ تي ڪتاب پڻ لکيا ويا آهن، عروضي شاعريءَ جي تنقيد نگارن ۾ محمد بخش واصف مرحوم، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، رشيد احمد لاشاري، اياز قادري جا نالا اچي وڃن ٿا. ڪلاسيڪي شاعريءَ تي جن ليکڪن تبصرا ۽ تنقيد ڏني، انهن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، عبدالڪريم سنديلو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، علي نواز جتوئي،ڪلياڻ آڏواڻي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جا نالا قابل ذڪر آهن. نثر ۾ تنقيد نگاريءَ تي ڪافي ڪتاب لکيا ويا آهن. احسان بدوي مرحوم جو ”تنقيد ۽ تنقيد نگاري“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”پرک ۽ پروڙ“، ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“، ذوالفقار راشدي جو ”ڪسوٽي“، الهداد ٻوهئي جو ”تنقيدون“. ابراهيم خليل جو ”ادب ۽ تنقيد“، بدر ابڙي جو ”تنقيد نگاريءَ جو ارتقائي جائزو“ اهم آهن. ٻين به ڪيترن ئي اهم ليکڪن تنقيد نگاريءَ ۾ حصو ورتو آهي، جن ۾ ڊاڪٽر جبار جوڻيجو، محمد اسماعيل عرساڻي، رسول بخش پليجو، شيخ عبدالرزاق راز، ڊاڪٽر غلام علي الانا جن جا نالا اچي وڃن ٿا.

آتم ڪهاڻيون:

هن دؤر ۾ ڪيتريون ئي آتم ڪهاڻيون ۽ سفر ناما لکيا ويا، مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪهاڻي ”سائو پن ۽ ڪارو پنو“ ورهاڱي کان پوءِ ڇپي. علامه دائود پوٽي جي منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي نئين زندگيءَ ۾ قسط وار ڇپجڻ کان پوءِ هينئر ڪتابي صورت ۾ آئي آهي. ان کان سواءِ ”سکر سي ئي ڏينهن“ محمد اسماعيل عرساڻي، ”ڪيئي ڪتاب“ ٻن جلدن ۾ ڪريم بخش نظاماڻيءَ، پير حسام الدين راشديءَ جو ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“، ”جنب گذاريم جن سين“ سائين جي ايم سيد جي آتم ڪهاڻي اهم آهن. هندوستان ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيتريون ئي آتم ڪهاڻيون لکيون ويون آهن.

سفرناما:

 سفرنامي جي صنف ادب ۾ اهم آهي، سفرناما نه صرف ڄاڻ ڏين ٿا پر هڪ سٺو ادب پڻ تخليق ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ورهاڱي کان پوءِ هن صنف گهڻي ترقي ڪئي آهي. هندوستان توڙي پاڪستان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي سفرناما لکيا ويا آهن. الطاف شيخ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جو بادشاهه ليکڪ آهي. ان کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن سفرناما لکيا آهن. سائين قاضي عبدالمجيد عابد جو ”سفر يورپ جي ڊائري“ 1964ع ۾ ڇپيل ڪتاب سٺن سفرنامن ۾ شمار ٿئي ٿو 408 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب قاضي صاحب جن جي خطن تي مشتمل آهي، جيڪي پاڻ عبرت جي ايڊيٽر شيخ علي محمد صاحب جن کي لکيا هئا. هن ڪتاب جو ٻيون ايڊيشن 1984ع ۾ ڇپيو آهي. هن سفرنامي ۾ برطانيا جي مشهور مقامات مضافات ۽ يونيورسٽين ۽ اسپتالن جي ذڪر کان سواءِ به ڪافي ڄاڻ ملي ٿي ۽ ٻولي جي لحاظ کان محاورا ۽ اصطلاح پڻ شامل آهن. سجيل جڙيل سنڌي، رنگين ۽ دلچسپ معلومات جو هيءُ سفرنامو شروع دؤر جي سفرنامن ۾ اهم آهي، پئرس جي لاءِ هڪ هنڌ لکن ٿا ”پئرس ۽ لنڊن ۾ ايترو فرق آهي جيترو هڪ نائيٽ ڪلب ۽ ڏيئلداس ڪلب ۾“ يا پئرس جي ڊبل روٽي کائڻ مهل بامبي بيڪريءَ جي ياد اچڻ مطلب ته اسان جڏهن به وطن کان پري هونداسين ته اسان کي پنهنجو وطن ضرور ياد ايندو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سفرناما لکيا ويا آهن، جن جي ٻولي ادبي آهي ۽ انهن ملڪن جي ڪارائتي ۽ تفصيلي معلومات ملي ٿي. جيئن ”ٽي مسافر ٽي شهر“ اختر بلوچ، اياز لطيف ۽ مريم جو انگلينڊ، روس ۽ ڀارت جو سفرنامو آهي. جنهن ۾ اختر بلوچ ماسڪو ۾ عورتن جي عالمي ڪانفرنس جو احوال ڏنو آهي، اياز لطيف انگلينڊ جي سفر تي لکيو آهي. ڪتاب جو ٽيون باب ڀارت ۾ لطيف سئمينار جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اديبن جي شرڪت جو احوال آهي. هن ۾ ڀارت جي سنڌين کي در پيش مسئلن ۽ ڀارت ۾ سنڌي اديبن جي ڪاوشن تي روشني وڌل آهي، تنوير عباسيءَ جو ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آهي“ روشني پبليڪيشن وارن تازو ڇپايا آهن.

شروع دؤر ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو سير ريگستان، الله بچائي سمي جو سير ڪوهستان، سليمان شيخ جو سون ورني ڌرتي، قاضي صاحب جو سفر يورپ جي ڊائري ۽ ٻيا به ڪافي سفرناما اچي وڃن ٿا.

عبدالجبار جوڻيجي جو ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ فهميده حسين جو ”هوائن جي آڌار“ طارق عالم ابڙو جو ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ عبدالحئي پليجو جو ”هو جي وڻ ولات جا“ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ”سامي سفر هليا“، تنوير عباسي جو ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ علي احمد رند جو ”چار گهڙيون چين ۾“ مشهور آهن.

هندوستان جي اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو روس جي سفر تي مشتمل سفرنامو جيڪي ڏٺو سو مون، لوڪرام ڏوڏيجا جو ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوي“ اهم سفرناما آهن. هري موٽواڻيءَ جو سنڌ جو سفرنامو ”جڙيل جن سان جند“ ۽ موتي پرڪاش جو ”سي سڀ سانڍيم ساهه سان“ سنڌ جي سير و سفر تي سٺا سفر نامن جا ڪتاب آهن.

الطاف شيخ:

الطاف شيخ مئرين اڪيڊميءَ ۾ انجنيئر آهي، سنڌي سفرنامن جو وڏي ۾ وڏو ليکڪ آهي، کيس شاهه سائينءَ سان بي انتها انسيت آهي، سندس سفرنامن ۾ سنڌ سان محبت ۽ شاهه سائينءَ سان عقيدت واضح نظر اچي ٿي. سندس سفرنامن جا 50 جي قريب ڪتاب آهن، پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ لکيائين. الطاف جي منفرد انداز تحرير ۽ دلڪش بيان کي سنڌ ۾ سٺي پذيرائي ملي، ان کان پوءِ ڪافي ڪتاب لکيا اٿن، جيئن وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، جاني ته جهاز ۾، بندر بازاريون، موج نه سهي مڪڙي، سانڀاهو، سمونڊ جو، دنگي منجهه دريا، جت جر وهي ٿو جال، ارائونڊ دي ورلڊ، خدا ڏي خط، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، سي ئي جوڀن ڏينهن، پيار جي گهٽ، جپان جن جي جيءَ سان. مس سدا بهار چنبيلي، ڪويت ڪنارا، لنڊن تائين لفٽ، سينگاپور ويندي ويندي وغيره.

الطاف شيخ جا سفرناما ڄاڻ ۽ ادبي ٻولي، شاهه جي شعرن، اصطلاحن ۽ پهاڪن سان سينگاريل آهن، ڪٿي ڪٿي مزاحيه وڻندڙ انداز ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سندس انداز بيان جي رواني ۽ مشاهدي جي قوت اهم خوبي آهي.

الطاف شيخ جي ڪتاب بندر بازاريون جي مهاڳ ۾ مشهور ڪهاڻيڪار امر جليل صاحب جن الطاف شيخ جي سفرنامن جي باري ۾ چون ٿا. ”الطاف جا سفرناما جديد تقاضائن موجب لکيل آهن، هن سادن جملن ۽ دلفريب ڪهاڻين رستي پرڏيهي تمدن، تهذيب، ٻولين، تاريخ جاگرافي ۽ عام معلومات جي اُپٽار ڪئي آهي. هن جا سفرناما پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آهي ڄڻ هيءَ دنيا اوپري نه آهي، الطاف جو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ سان پيچ پيل آهي. تنهن ڪري هو دنيا جي جنهن به حصي ۾ آهي، اتي سنڌي سٻاجهڙن جي ڳولها ڪندو آهي، سندس کوجنا اڪثر برثواب ٿيندي آهي، هن سنڌين کي پرديس ۾ سکيو ستابو ڏٺو آهي.“

هن هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، سنگاپور، آسٽريليا، سري لنڪا، آفريڪا، ويسٽ انديز، وچ مشرق ۽ يورپ جي ملڪن ۾ سنڌين جا دڪان، هوٽلون، ڪارخانا ۽ واپار جون منڊيون ڏٺيون آهن، سنڌي ۽ سنڌين جي ثقافت جو قدر ڏٺو آهي، هانگ ڪانگ ۾ ۽ ٻين هنڌن تي سنڌين جا فنڪشن ڏٺا آهن، اُتي اهو مقولو عام آهي.

Sales man means Sindhi, Sindhi means Sales man

سندس سفرنامن ۾ شعر، پهاڪا، اصطلاح برجستا ۽ موقعي مطابق آهن. هر ملڪ جي مختلف اهم مقامات، موسم ۽ ماڻهن جي مزاح جي بهترين ڄاڻ آهي. شاهه جي ڪلام مان تمام سهڻا شعر ڏنا اٿن، خاص طور تي سر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ جا شعر جن ۾ سمنڊن ۽ دريائن ۽ ٻيڙن جا تصور آهن. ”کيڙائن کارو سنجهي ئي ساريو، آيل امارو آهي پرينءَ پار جو.“

تشبيهون بي مثال آهن. هڪ هنڌ لکن ٿا ”نيل نديءَ کان ٿورو پري وڃبو ته چوڌاري مٺي ۽ ڏيپلو لڳندو.“ مصر جا شهر نيل نديءَ جي ڪناري تي آهن، پر نديءَ کان پري ٿر وانگي ريگستان آهي يا هڪ هنڌ چون ٿا ”ملاڪا کان سنگاپور ايترو پري آهي جيترو موري کان ڪراچي ۽ سنگاپور کان ڪوالمپور ايترو پري آهي جيترو ڪراچيءَ کان سکر ۽ سڄي ملائشيا جي ماڻهن لاءِ ڪوالمپور گهمڻ ايئن آهي جيئن ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري ۽ پيٽاري جي ماڻهن لاءِ حيدرآباد. (سنگاپور ويندي ويندي) مصر جي مزاج جي باري ۾ لکن ٿا ”نيل نديءَ جي چاڙهه ۽ ٻوڏ جي ڪري مصرين جي مزاج ۾ به لاها چاڙها آهن، مصري ٿڌائي مان ڳالهائيندي اوچتو جوش ۾ اچي ويندا ته ڪنهن ڳالهه تي ڏسندي ڏسندي ئي راضي ٿي ويندا ته وري اُتي اُتي اهو پيا رسي وڃن“. الطاف جڏهن سندس سفرنامن ۾ ٻاهرين دنيا جي ذڪر سان گڏ هڪدم سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ذڪر تي اچي ٿو وڃي ته سندس صلاحيتن جو معترف ٿيڻو ٿو پوي، هو قاريءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو. سندس تحرير ۾ ادبي خوبي به تمام اهم آهي. مصر جي خوفوءَ جي اهرام اڳيان بيهڻ مهل سندس سوچ ڳنڀير ٿي ٿي وڃي، سوچي ٿو ته ”هن اهرام جي هڪ هڪ پٿر ۾ نڄاڻ ڪيترن انسانن جو رت ۽ پگهر جذب ٿيل هوندو. هڪ بادشاهه پاڻ لافاني ٿيڻ جي شوق ۾ خبر ناهي ڪيترن اٻوجهه انسانن کي فنا ڪيو هوندو. هن آسمان جي خبر ناهي ڪيترن غريب انسانن جي دانهن ۽ سيسڙاٽن جا آواز ٻڌا هوندا. (جاني ته جهاز ۾) الطاف لاءِ فخر سان چئي سگهجي ٿو ته الطاف سنڌي سفرنامن جو بادشاهه ليکڪ آهي ۽ هن سنڌي ادب کي بهترين ڪارائتا سفرناما ڏنا آهن.

شاعريءَ جو جائزو:

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب نثر ۽ نظم ۾ سٺي ترقي ڪئي آهي. زبان جي لحاظ کان نج سنڌي لفظن جي استعمال کي وڌيڪ همٿايو ويو آهي. حقيقت پسنديءَ جو رجحان وڌيڪ اهم ڏسڻ ۾ آيو آهي. وطن دوستيءَ کي اهميت ڏني ويئي آهي، ڪيترن بين الاقوامي مسئلن تي لکيو ويو. ادب ۾ هڪ نئون موڙ آيو ترقي پسنديءَ جو رجحان وڌيو، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون ويون، ڪلاسيڪل شاعريءَ جي حفاظت لاءِ قدم کنيا ويا. شاعريءَ کي هڪ نئون رنگ روپ ڏنو ويو شاعريءَ جي فني سٽا ۾ جدت پيدا ڪئي ويئي ۽ نوان تجربا ڪيا ويا. هن دؤر جي انقلابي ادب ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ محبت ۽ پيار جو اظهار ظاهر ٿو.

شاعري

موجوده دؤر ۾ شاعري:

موجوده دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ سٺي ترقي ٿي آهي. بيت، ڪافي، وائي، گيت، غزل، نظم ۾ ڪافي نوان تجربا سامهون آيا. آزاد شاعري ۾ به ڪافي تعداد ۾ لکيو ويو، ڪيترائي نوان شاعر اڀري سامهون آيا.

بيت؛

بيت سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ پراڻي ۽ اهم صنف آهي، قاضي قادن، سچل، بيڪس ۽ بيدل ، شيخ اياز تائين سنڌي بيت پنهنجي شان ۽ مان سان قائم رهيو آهي. بيت جي صنف ۾ ڊگهي بيت جو رواج پيو ڪلهوڙن جي دؤر کان پوءِ جنهن ۾ مذهبي ڊگها بيت يعني ڪبتون چيا ويندا هئا. شاهه ڀٽائي ۽ عثمان احساني جا چار سٽن کان وڌيڪ سٽن وارا بيت ملن ٿا. نڙ تي چيل سانوڻ فقير، عبدالله ڀنڀرو ۽ ڪبير شاه جا ڊگها بيت تمام گهڻا مشهور آهن.

بيت جي صنف کي شاهه ڀٽائيءَ عروج تي پهچايو. هن دؤر ۾ شيخ اياز، مخدوم طالب الموليٰ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، تنوير عباسي ۽ استاد بخاري جا نالا قابل ذڪر آهن.

شيخ اياز:

سنڌي بيت لاءِ مشهور نانءُ آهي، شيخ اياز جو بيت فني لحاظ کان پختو ۽ اعليٰ آهي. نموني طور ڪجهه بيت ڏجن ٿا.

ڪڻان کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،

مون وٽ آهن بيت، تو وٽ آهن اکيون.

 

ڪنهن جي ڪشتيءَ ڪاڻ، واجهائين ٿو ويسرا،

ڪو به نه ايندو هاڻ، مانجهي سڀ مري ويا.

 

پرينءَ سندي پيچر، پيو آهيان پنڌ،

هينئون،انهيءَ هنڌ، پهتو پيرن کان اڳي.

شيخ اياز جو بيت شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ سنڌي شاعريءَ ۾ اهميت جو حامل آهي. سندس بيت حسن موسيقي ۽ سهڻن لفظن جو مجموعو آهي ۽ منجهس موضوعن جي پڻ نواڻ آهي.

 

سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،

ڪانهي ڪا تاريخ ۾، ويڙهه سوا ٻي واهه.

مخدوم طالب الموليٰ:

مخدوم طالب الموليٰ سنڌي شاعريءَ ۾ هن دؤر جي معمارن مان شمار ٿئي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ بيت تمام گهڻا ملن ٿا، پاڻ ڪافيون پڻ بهترين چيون اٿن، جيڪي سندس شاعريءَ جي ڪتابن ۾ آهن. ڪتابن ۾ ڇٻر ۾ ڇڙيون، ”آب حيات“ ۽ ”سدا وسين سنڌڙي“، ”بي پيراکيون“ (ڪافين جو مجموعو) مشهور آهن. پاڻ غزل به چيا اٿن.

مخدوم صاحب جن جي بيتن ۾ حسن و عشق سان گڏ اڄڪلهه جا هلندڙ موضوع وطن جي ساراه ۽ سياسي موضوع پڻ شامل آهن. سندس بيتن ۾ تصوف جي اپٽار پڻ آهي ته سنڌي لوڪ صنف سينگار جو عڪس چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندن هن بيت ۾ محبوب جي مختلف حسن جي روپن جي واکاڻ بيان ڪيل آهي.

ڪارا ڪيس قرب جا، واسينگ ڄڻ وار،

پيشاني پرينءَ جي، چنڊ جئن ڪري چمڪار،

اکيون هن عجيب جون، نرگس جئن نروار،

جهڙا گل گلاب جا، تن کان وڌ رخسار،

لعل لب لبيب جا، مٺڙا ٻئي من ٺار،

وجهي ڪونج ڳچيءَ ۾ چهرا چندن هار،

ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان، سڄڻ جا سينگار،

جان ۽ جند نثار، طالب موليٰ تن تان.

 

طالب الموليٰ جن بيتن جي موضوع ۾ نواڻ آندي.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو؛

ڊاڪٽر صاحب بنيادي طور محقق ۽ بهترين نثر نويس آهي، سندس ڪهاڻين جا مجموعا، اباڻو گهر، ”نه ڪر هار سينگار سکي“ آهن. ”سوکڙي“ سندس  بيتن ۽ ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ”مرگهه ترشنا“ شعرن جو مجموعو آهي. ”چونڊ ڪلام“ ڪتاب ۾ مختلف شاعرن جو ڪلام، وايون، ڪافيون ۽ بيت جمع ڪري ڇپايو اٿن. جيڪو بي اي جي نصاب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي طرفان شامل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي ڪتابن ۾ ”لاڙ جي لغت“، سنڌيون، ڪنزل الطيف ۽ ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ مشهور آهن. شاعريءَ ۾ تخلص ”شام“ ۽ عبدالجبار اٿن. سندن ٻه بيت مثال طور ڏجن ٿا.

هلندي ڪا هوت ڏي، ڪا هوت ڏي هلندي،

سلندي سور بره جو، ڪا سور بره جو سلندي،

جانب لاءِ جلندي، جلندي ڪا جانب لئه.

 

پاڪ پيشاني پرينءَ جي، قدم جئن مرونگ،

ڪڏهن ٽلي مور جئن، ڪڏهن ڊيل سندي ڍنگ،

عجب رمزون رنگ، آهن ”عبدالجبار“ چئي.

جبار صاحب جن بيت سان گڏ شاعريءَ ۾ ٻين صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي، سندن شاعري مختصر هوندي به فني طور پختي ۽ وڻندڙ آهي.

استاد بخاري (1930 – 1992ع):

احمد شاهه ”استاد“ بخاري دادوءَ ۾ پيدا ٿيو، پاڻ بهترين شاعر هو، استاد جي حيثيت سان سڄي زندگي درس و تدريس سان وابسته رهيو. سندن سنڌي شاعريءَ ۾ ڏهن کان وڌيڪ ڪتاب آهن جن ۾ ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ بيتن تي مشتمل ڪتاب آهي. ان کان سواءِ ”گيت اسان جا جيت اسان جي“، ”اوتون جوتون“، “لهر لهر زندگي“، ”نه ڪم نبريو نه غم نبريو“، ”وطن ۽ ويساهه“ وغيره.

استاد بخاري صاحب جن شعر جي ذريعي انقلابي سياسي سوچ کي اڳيان آندو، سندن شعر روزانه سنڌي اخبارن ۾ ڇپيا. پاڻ چون ٿا؛

مون کي جيئري ئي پوريو ٿي ويو، تنهن ڪري ئي ڀڀوت آهيان مان،

سنڌ جي هڪ ڪروڙ ماڻهن جي زندگيءَ جو ثبوت آهيان مان.

استاد بخاري جي مشهور ڪتابن ۾ ”وطن ۽ ويساهه“، ولولو ۽ ووڪ، زندگي ، لهر لهر دريا وغيره آهن، سندن چؤسٽن جو ڪتاب ”پير نه هٽن پوئتي“ تازو روشني پبليڪيشن وارن ڇپايو آهي.

استاد بخاري هڪ باشعور شاعر هو، سندس شاعريءَ جو دائرو سنڌواسين جي چوگرد گهمي ٿو. هو سنڌ سان محبت کي عبادت جو درجو ٿو ڏئي.

پڇن ٿا سنڌ ۽ سنڌين جي، ڇو تسبيح پيو سورين!

چيم هاڻي پڇاڙي آه! عبادت جي ضرورت آ.

استاد بخاري صاحب سنڌي شاعريءَ کي اڻ ڳڻت حسين شعر ڏنا آهن. جيڪي فني لحاظ کان پختا ۽ ٻولي ۾ ميٺاج وارا آهن.

سندس بيتن جي مجموعي ”ڪوڪڻ يا ڪلياڻ“ مان بيت نموني طور پيش ڪجي ٿو.

جڙيو سو جکرو، جيڪو جهرڪ جهان جي،

اُمي لک آکرو، صاحب علم عمل جو،

پوءِ انهن جي ڀان، ڀلو ڪن جي ڀونءِ جو،

هيرون سرهاڻيون ثنا، بحر بربيان،

قمر ڪري ڪيرتون، شمس ورهائي شان،

مير مٺي جا مان، ڪيچان ڪيچ ڪلام ۾.

وائي:

موجوده دؤر ۾ سنڌي وائي کي پنهنجي جڳهه تي سٺي حيثيت حاصل رهي آهي.ڪيترن ئي سنڌي شاعرن سٺيون وايون لکيون آهن، شاهه سائين جي رسالي ۾ اٽڪل هر داستان جي آخر ۾ وائي ڏنل آهي. جبار صاحب جن جي چوڻ مطابق ”وائي ۽ ڪافي ۾ فرق ئي وزن جي نظام جو آهي، وائيءَ لاءِ اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي، هيءَ ڇند تي آڌاريل آهي، موسيقيءَ واري موزنيت ثانوي آهي.“ (چونڊ ڪلام ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو).

موجوده دؤر ۾ شيخ اياز سٺيون وايون لکيون آهن، ٻين شاعرن ۾ استاد بخاري، امداد حسيني، تنوير عباسي،فتاح ملڪ، قمر شهباز، سرويچ سجاولي، انور پيرزادو،رشيد احمد لاشاري، محسن ڪڪڙائي آهن.

وائي جي هر پهرين سٽ جي پوئين اڌ جو ورجاءُ ٿئي ٿو، پر اهو ضروري به ڪونهي شاهه سائين جي سڀني واين ۾ ائين نه آهي، وائي هڪ ڊگهو بيت آهي، جيڪو ٽن يا چار سٽن کان وڌيڪ به ٿئي ٿو. شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ سر سهڻي جي داستان پنجين جي هيءَ وائي چارسٽن جي آهي جا نموني طور هيٺ ڏجي ٿي.

اکيون پير ڪري، وڃجي ووا وڃجي،

سپريان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪين ڪجي،

لڪائي لوڪ کان، ڳجهڙي ڳوٺ نجي،

محبتي ميهار جو، سور نه ڪنهن سان سلجي.

(سهڻي داستان پنجون – رسالو ڪلياڻ آڏواڻي).

سر سسئي آبري جي پنجين داستان جي آخر ۾ ٽن سٽن جي وائي پڻ ملي ٿي ۽ ان کان سواءِ پڻ ٽن کان وٺي ويهن کان وڌيڪ سٽن تائين وايون ملن ٿيون.

اهکيءَ آڳهه آهي، ووا مون کي تان نه ڇڏيندو تک ۾،

پڇي پوءِ ٻين کي، لڪن ۾ لڏ لاهي،

آري اگهاڙن کي، پنهون ڄام پراهي.

ڪاموڏ، حسيني ۽ سر سريراڳ جون وايون ڊگهيون آهن، جيڪي 12 کان 24 سٽن تي مشتمل آهن، جديد دؤر ۾ وائي جو موضوع صوفيانه هئڻ سان گڏ جديد حالاتن ۽ سنڌي معاشري جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو. شيخ اياز ۽ استاد بخاري وائيءَ جا اهم شاعر آهن، سندن وائي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.

ڏيندا ڏيهه ميار، او يار

قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.

ڪوٽن ۾ قيد پائي قابو، ڪير ٻڌي ڪوڪار او يار.

قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.

هوشو وارو نعرو ماري، ماري پاڻ جيار، او يار.

قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.

نيٺ ننڊاکڙا پٽڙا ٻڌندا، جيجل جي للڪار، او يار.

قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو.

   (استاد بخاري)

ٽڙي پوندا ٽاريئين جڏهن ڳاڙها گل،

تڏهن ملنداسين

جڏهن ورنديون ڪونجڙيون، هر هر ڪري هل،

ڳلن ڳوڙها ٽمندا، جڏهن موتين تُل،

وڇوڙي جا ڏينهڙا، ڀورائي جي ڀل،

تڏهن ملنداسين

(شيخ اياز)

ڪافي؛

ڪافي سنڌي شاعريءَ جي هڪ مقبول عام ۽ قديم صنف آهي، جنهن ۾ مجازي عشق جو درد فراق آهي، ڪافي سنڌ کان سواءِ پنجاب ۾ پڻ رائج آهي، شيخ لاڏجيو لاءِ مشهور آهي ته جڏهن سندس وڏا براهانپور ۾ لڏي ويا پاڻ اُتي سنڌي ڪافيون ڳائي ٻڌائيندو هو. ڪافيءَ جي ڳائڻ ۾ هڪ عجيب اثر انگيزي آهي، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي بهترين ڪافيون ڳايون ويون آهن، عابده پروين، زرينه بلوچ، محمد يوسف، محمد جمن، محمد ابراهيم، علڻ فقير ۽ ڪيترن ئي ڳائڻن سنڌي ڪافيءَ کي سٺو ڳائي خوبصورتي عطا ڪئي آهي، پوئين دؤر ۾ شاهه ڀٽائي، سچل، بيڪس، بيدل، رکيل شاهه، مصري شاهه جون ڪافيون مشهور آهن. موجوده دؤر ۾ ڪيترن ئي شاعرن هن صنف کي لکيو آهي، جيئن مخدوم طالب الموليٰ، شمشير الحيدري، ذوالفقار راشدي، بردو سنڌي، سليم ڳاڙهوي جا نالا اهم آهن. مخدوم طالب الموليٰ جن سنڌي ڪافيءَ کي هن دؤر ۾ تمام اهميت ڏياري آهي. ڪافيءَ جي باري ۾ تحقيقي نموني سان لکيو اٿن، سندن ڪتاب ”بي پيراکيون“ ڪافين تي مشتمل آهي ۽ سندن ڪتابن ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ”آب حيات“ ۾ گهڻي تعداد ۾ ڪافيون آهن، سندن ڪافيون سنڌ ۾ مشهور آهن.

ٿل؛ تو دلڙي يار! ڌتاري پو پر ڪا نه ڪئي پوئواري.

1. تنهنجي قرب ڪراين ڪيهون، شب روز روئان ڪري ريهون،

ڏنيون ڀرت پيارل پيهون، ويون ورهن گذري ويهون،

ٿي دلڙي ڇيهون ڇيهون، ٻيون لال لڱن ۾ ليهون،

تنهنجي فڪر سڪايون ڦيهون، اچ بره ۾ گڏجي بيهون

ڪئي گوندر آ گلزاري.

غزل؛

علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جن لنڊن مان شاعريءَ بابت شايع ٿيندڙ مخزن "Poetry Review" ۾ "Oriental forms of poetry" جي عنوان هيٺ پنهنجي لکيل مضمون "The Ghazal" ۾ غزل جي سمجهاڻي هن ريت ڏني آهي.

The word ghazal is of Arabic origin. And means a "Taghazala" talking of love, especially to the fair.

غزل لفظ عربيءَ مان نڪتل آهي ۽ تغزل جي معنيٰ آهي عشق جون ڳالهيون ڪرڻ خاص طرح سهڻن سان. (سنڌي غزل جي اوسر اياز قادري)

غزل جي معنيٰ عام طور عشق و محبت جون ڳالهيون ڪرڻ آهي، پر غزل جي موضوعن ۾ هاڻي تمام گهڻي وسعت آئي آهي، مجازي عشق ۽ تصوف جي ذڪر سان گڏ انساني اخلاق، سماجي حقيقتون ۽ وطن دوستي پڻ غزل جي موضوعن جو حصو بڻيا. جيئن ته غزل غنائي خاصيت رکي ٿي، ان ڪري هر محفل ۽ مشاعري جي روح آهي، بنيادي طور هيءَ صنف ايران مان سنڌ ۾ آئي، شروع دؤر جي غزلن ۾ فارسي لفظن جي آميزش هئي، هن دؤر جي غزل ٺيٺ سنڌي لفظن سان آراسته آهي. غزل جي پهرين دؤر ۾ مرزا تقي، حافظ عالي، ميان ڇتن، نور محمد خسته، ثابت علي شاهه، مير حسن علي خان، سچل سرمست جا نالا اچي وڃن ٿا. غزل جو ٻيو دؤر وڌيڪ اهم آهي، هن دؤر ۾ غزل جي صنف وڌيڪ ترقي ڪئي.

خليفو گل محمد گل؛

هن دؤر جو باني شاعر هو، هيءُ پهريون غزل جو صاحب ديوان گو شاعر آهي. هن شاعر غزل کي سنڌي ماحول، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي مزاج ڏيڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي، غزل ۾ حسن و عشق سان گڏ ٻين موضوعن جيئن فطرت نگاري ۽ اخلاقيات کي پڻ اهميت ڏني، جيئن مثال طور؛

آئي رت سانوڻ سندي، مينهن وسي ڪيڙا ملهار،

ڍٽ وسيا، برپٽ وسيا، سرها ٿيا سنگهار،

زعفران و سنبل و نرگس کليا ۽ کٽڻهار.

خليفي گل کان سواءِ هن دؤر ۾ آخوند قاسم، سانگي، قليچ، عبدالغفور همايوني، شمس الدين بلبل جا نالا اهم آهن.

موجوده دؤر جي غزلن کي ترقي وٺائڻ ۾ محمد بخش واصف، شيخ اياز، مخدوم طالب الموليٰ، نواز علي نياز، نياز همايوني، عطا محمد حامي، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، علي محمد مجروح، عبدالحليم جوش، وفا پلي، اياز گل، عبدالجبار جوڻيجو ۽ استاد بخاري، امداد حسيني، عبدالڪريم گدائي جا نالا اچي وڃن ٿا. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ کي فروغ ڏيارڻ ۾ ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنسن جو وڏو هٿ آهي. جيڪي 1921ع کان شروع ٿيون پهرين ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي. 1947ع کان پوءِ به تمام گهڻيون ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ اهم علمي ۽ ادبي شخصيتون شرڪت ڪنديون هيون ۽ سنڌ جي وڏن شهرن مثال طور ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ اهي ادبي ڪانفرنسون ٿينديون هيون. جن ۾ نثر جي صنفن سان گڏ شاعريءَ کي پڻ اهميت حاصل هئي. ڪيترائي شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا هئا. هن دؤر ۾ ڪيترائي غزل گو شاعر ميدان ۾ آيا، انهن ڪانفرنسن جون ڪارروايون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ڪيون وينديون هيون، جيئين ٽماهي مهراڻ، اديب سنڌ ۽ ٻين اخبارن ۾ انهن جو ذڪر ايندو هو. سنڌي غزل جي دؤر ۾ خاص طور تي ڪيترن مشاعرن ۽ بزمن ۾ غزل جي شاعريءَ کي اهميت ملي.

شيخ اياز اهو سنڌي شاعر هو جنهن غزل کي مڪمل سنڌي ٻوليءَ جو ماحول ۽ ميٺاج عطا ڪيو ۽ منجهس موضوع ۾ نواڻ آندي.

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجهه ڏات ڏسو پوءِ بات ڪري، هي شور اجايو آ پيارا،

هيءَ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ،

آخر هيءَ رات گذرڻي آ، تو ڇو گهٻرايو آ پيارا.

مخدوم طالب الموليٰ جن به سنڌي غزل ۾ سنڌي تشبيهن کي اهميت ڏني آهي پر ته به سندن غزل ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جي آميزش آهي. فڪري لحاظ کان حسن و عشق سان گڏ تصوف ۽ اخلاقيات سندن غزل جا موضوع آهن.

اڙي واعظ! کي ميخانو اٿئي مڪتب ته ڪونهي ڪو،

هتي تنهنجو ڪو هم مسلڪ ۽ هم مشرب ته ڪونهي ڪو،

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.

ڊاڪٽر تنوير عباسي سنڌ جو مشهور شاعر آهي، سندن شعر ۽ گيت مشهور آهن، غزلون به تمام سٺيون لکيون اٿن، نج سنڌي لفظ استعمال ڪيا اٿن. غزل جي عشقيه مزاج کي نڀايو اٿن.

اک اڙائيندا گهڻا ۽ نينهن لائيندا گهڻا،

مون جيان پر نينهن جو ناتو نڀائيندا گهڻا.

 

راڳ جو تنوير مان اڄ ٿو اڪيلو ڳائيان.

وقت ايندو جو انهيءَ کي نيٺ ڳائيندا گهڻا.

شمشير الحيدري، وفا پلي، عبدالحليم جوش ۽ اياز گل، استاد بخاري ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جن بهترين غزل چيا آهن.

منهنجي تصوير کي ماڻهن جي نگاهن کان لڪائي رکجين،

ناظرن جي نگاهن کان بچائي رکجين.

ڀلي کڻي پيو روز رسجين مون سان،

منهنجي نظرن کي پنهنجي در سان لڳائي رکجين.

(عبدالجبار جوڻيجو)

گيت؛

هن دؤر جي ڪامياب صنف آهي لوڪ شاعريءَ ۾ گيت قديم زماني کان رائج آهي پر جديد گيت هندي گيت جي اثر هيٺ اُسريو آهي. مشهور گيت گو شاعرن ۾ ڪشنچند بيوس، سنڌي گيت جو سرواڻ شاعر شمار ٿئي ٿو ۽ پوءِ شيخ اياز جو نالو اهم آهي، هوندراج دکايل، تنوير عباسي، امداد حسيني، تاجل بيوس، نثار بزمي، سليم ڳاڙهوي، قيوم طراز، بلاول پرديسي، اياز گل، مير محمد پيرزادو، نصير مرزا، نياز همايوني، انور پيرزادو، فتاح ملڪ، عبدالجبار جوڻيجو ۽ ٻين ڪيترن شاعرن سنڌي شاعريءَ کي حسين ۽ مڌر گيت عطا ڪيا آهن. هيٺ چند مشهور گيت نموني طور پيش ڪجن ٿا.

توڙي نسيم گهلندي،

مکڙي نه دل جي کلندي،

جيسين نه ڀرجي ڇلندي،

محبت ۾ تار ٿي دل،

ٻئي تان نثار ٿي دل.

(ڪشنچند بيوس)

سڀڪا مومل سڀڪو راڻو

پنهنجي پنهنجي ڪاڪ سڀن کي.

(شيخ اياز)

تون جي ايندين رات، الا او رات،

ته منهنجي رات امر ٿي ويندي.

(شيخ اياز)

ڪهڙو ساجن ريءَ ساڻيهه،

آءٌ ته گوري گجر منهنجو پرين ويو پر ڏيهه،

جيڪو ديس انهيءَ جو سوئي منهنجو ڏيهه،

ڪهڙو ساجن ريءَ ساڻيهه،

                        (تنوير عباسي)

موتي اينئن نه رول، تون موتي اينئن نه رول،

آئون جهليان ٿو جهول، تون موتي اينئن نه رول،

                        (امداد حسيني)

پيار جي رت البيلي آهي،

پيار ۾ دل اڪيلي نه آهي،

پيار ۾ آهي ساٿ پرينءَ جو،

پيار ته خود ئي ٻيلي آهي،

پيار ۾ گل ڦل باغ بهاري، ڪين رلي ڪو روهه.

                (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)

        سنڌي گيت جو ميدان جديد دور ۾ وسيع آهي، ڪيترائي گيت لکيا ويا آهن ۽ مجموعا ڇپيا آهن.

        هن دؤر ۾ جديد صنفن آزاد نظم، هائيڪو، ترائيل ۽ سانيٽ به ڪافي ترقي ڪئي آهي، خاص طور هائيڪو جنهن کي ٽيڙو چيو ويندو آهي، آزاد نظم وڌيڪ لکيا ويا آهن، جديد شاعريءَ کي اڳيان آڻڻ وارن ۾ شيخ اياز، نارائڻ شيام، استاد بخاري، طارق عالم ابڙو، مقصود گل، ادل سومرو، تاج جويو ۽ عورت شاعرائن ۾ ثريا منير، سحر امداد، شبنم گل، عطيه دائود، ارم محبوب، نسرين جوڻيجو، نورالهديٰ شاهه، شگفته شاهه ۽ ٻيا ڪيترا شاعر آهن، جن هنن جديد صنفن کي اهميت وٺرائي.

شاعريءَ ۾ حب الوطني

        شيخ اياز ، استاد بخاري ۽ ٻين ڪافي شاعرن سنڌ جي محبت کي شاعريءَ ۾ واضح ڪيو آهي.

        ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.

 

        سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو!

        سهندو ڪير ميار او يار.

جديد دؤر ۾ شاعرن وطن جي محبت تي ڪئين ترانا لکيا ۽ مختلف صنفن ۾ انقلابي ۽ وطن جي محبت جي شاعري ڪئي، سرمائيداريءَ ۽ جاگيرداريءَ جي خلاف لکيو ويو، مظلوم هاريءَ ۽ محنت ڪش کي اهميت ڏني ويئي،ٻيا به ڪئين لاڙا سامهون آيا، وطن جي محبت تي هيٺ چند شعر پيش ڪجن ٿا؛

وطن پنهنجو ٿيو هر ڪنهن کي دلبر ۽ پيارو آهي،

وطن ۾ پنهنجي هرهڪ فرد عزت شان وارو آهي.

                        (حافظ محمد احسن)

 

وقار قوم جو اسان جي ولوولن جي دام ۾،

وطن جي آبرو اسان جي ڪوشش جي جام ۾.

                (شيخ عبدالحليم جوش)

 

آباد رک خدايا!هي گلستان اسان جو،

اُجڙي نه باد صرصر کان بوستان اسان جو.

 

اڄڪلهه ”نياز“ ان ۾ سڀ ڪجهه ڏسون پسون پيا،

آهي وطن اسان لئه، گويا جهان اسان جو.

                (حڪيم نياز همايوني)

        حب الوطنيءَ جي شاعريءَ لاءِ جيڪڏهن اسين ڏسنداسين ته هڪ اهو دؤر هو جڏهن ورهاڱو ٿيو، سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن مذهب، قوميت ۽ وطن جي جذبي سان سرشار تحريرون عوام کي تحفو ڏنيون ۽ ٻيو دؤر اهو آيو، جڏهن ون يونٽ خلاف تحريڪون هليون تڏهن هڪ سجاڳيءَ جي لهر آئي جنهن ۾ خاص طور سنڌي شاگرد اڳيان آيا جن کي اتساهڻ ۾ سنڌي ليکڪن ۽ شاعرن تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو.

4 مارچ واقعو؛

        4 مارچ 1955ع ون يونٽ لڳڻ کان پوءِ ڪافي شاگرد تنظيمون سرگرم عمل هيون پر انهن ۾ 1964ع ڌاري ”حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي نالي سان صدر يوسف لغاري جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ فيڊريشن عمل ۾ آئي جنهن جا ٻيا سرگرم عمل ساٿي ڄام ساقي،منير سنڌي، عبدالحئي پليجو ۽ مير ٿيٻو هئا، پوءِ سڀني سنڌ جي اهم ڪاليجن جيئن سنڌ يونيورسٽي، زرعي ڪاليج، سنڌ لا ڪاليج، انجنيئرنگ ڪاليج وغيره جي چونڊن کان پوءِ جناب يوسف لغاريءَ جن قوم پرستيءَ جي تحريڪ جا اڳواڻ ٿي سامهون آيا ۽ شاگردن گڏجي ”آل سنڌ اسٽوڊنٽس ڪنوينشن“ ڪوٺائڻ جي رٿ رٿي ته هڪ اهم واقعو عمل ۾ آيو.

        سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر حسن علي عبدالرحمان کي اوچتو برطرف ڪيو ويو، جنهن تي شاگردن احتجاج ڪيو ۽ 4 مارچ 1967ع جو ڏينهن هڪ قومي جدوجهد ۽ تحريڪ جو ڏينهن ٿي سامهون آيو، يوسف لغاري صاحب جن لکن ٿا.”4 مارچ اسان جي قومي تحريڪ جو اهو روشن ڏينهن آهي، جڏهن صدين جي غلاميءَ جي ڪٽ چڙهيل زنجيرون هڪ ٺڪاءَ سان ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويون هيون، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج مليو ۽ اڀ سڄي کي لاک لڳي هئي.“ شيخ اياز جن 4 مارچ جي سهڻي نمبر ۾ لکن ٿا”چوٿين مارچ سنڌ جو (May Day) آهي.

        جيئن ته وي سي حسن علي عبدالرحمان (جنهن سنڌ يونيورسٽي کي تمام گهڻي ترقي ڏياري) جي برطرفيءَ خلاف سنڌي شاگردن 4 مارچ تي حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلسو رٿيو، جنهن لاءِ مختلف ڪاليجن کان سواءِ ڄامشوري جي تعليمي ادارن جا شاگرد پنج ڇهه بسون ڀري حيدرآباد روانا ٿيا جنهن کي ان وقت جي ڪمشنر مسرور حسن روڪڻ لاءِ راجپوتانه اسپتال وٽ پوليس جو گهيرو ڪرايو ۽ مٿن تمام گهڻي سختي ڪئي ويئي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه شاگرد سيريس ٿي اسپتالن ۾ داخل ٿيا ۽ ڪيترن کي سينٽرل جيل ۾ وڌو ويو. انهن شاگردن ۾ مٿئين ذڪر ڪيل شاگردن کان سواءِ يوسف ٽالپر، مسعود نوراني، لالا قادر، اقبال ترين ۽ ٻين ڪيترن جا نالا اچي وڃن ٿا.

        هن اهم واقعي سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ هڪ نئون موڙ روشناس ڪرايو، شيخ اياز جا ٻول”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار!“ هر هڪ جي اندر جو آواز ٿي ويا. امر جليل، حميد سنڌي، طارق اشرف، نياز همايوني، رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد، حيدر بخش جتوئي ۽ ڪيترن ئي ليڊرن ۽ شاعرن قوميت جي جذبي کي نئين انقلاب سان آگاهه ڪيو. روح رهاڻ رسالي هن تحريڪ کي جلا بخشي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي نظم ”جيئي سنڌ“ تمام گهڻي مشهور ٿي. هتي 4 مارچ جي واقعي جو ذڪر ڪرڻ جو مطلب آهي ته شاگردن کي خبر پوي ته قومن ۾ جڏهن ڪي اهم واقعا ٿيندا آهن ته اهي ادب ۽ صحافت جو حصو بڻجي ويندا آهن. رسالن ۽ اخبارن جا اڄ به 4 مارچ تي خاص ايڊيشن نڪرندا آهن، ليکڪ ۽ شاعر هن واقعي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪري کيس لازوال بنائيندا آهن، ڪيترن شاعرن هن واقعي تي پنهنجي شاعريءَ کي  انقلابي ۽ قومي رخ ڏنو،

        اڀري ايندا هو اوچتو ڌرتيءَ جا لال،

        آئون ڏسان ٿو ڀونءِ تي ايندا جي ڀونچال،

ماڻهو، مڏيون، مال، ڊاهي هڻندا ڍير ۾.

                                (شيخ اياز)

        ڪوپا ڪوڏ مان ڪاهي هليا،

                سورهيه جي ساڻيهه جا.

                        (اياز قادري)

        ڪهڙو گهوٽ چڙهيو آ گهوڙي،

        ڌرتي لال ڪنوار بڻي آ.

                        (امداد حسيني)

        وهيو رت جيڪو جوانو اوهان جو،

        اهو رت امر آهي،

        اهو رت سنڌڙيءَ جو آهي ۽ جيجل جندڙيءَ جو آهي.

        جديد شاعريءَ جي صنفن ۾ هن واقعي تي ڪيترائي نظم، آزاد نظم ۽ هائيڪا لکيا ويا ۽ بي حساب شعر چيا ويا. ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم لکيا ويا، مطلب ته هيءَ واقعو ادب ۽ صحافت ۾ هڪ اهم موڙ ليکيو وڃي ٿو.

لطيفيات؛

        موجوده دؤر ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي تمام سٺو ڪم ٿيو آهي، انگريزن جي دؤر تائين جيڪي به شاهه جا رسالا ترتيب ڏنا ويا انهن ۾ گربخشاڻي صاحب جو رسالو اهم آهي. ورهاڱي کان پوءِ محمد عثمان ڏيپلائي 1951ع ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو ۽ ٻيو پاڪيٽ سائيز رسالو 1963ع ۾ مرتب ڪيائين. غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن 1951ع ۾ شاهه جو رسالو مرتب ڪيو جيڪو بشير احمد ائنڊ سنز ڪراچي مان ڇپيو. قاسمي صاحب جو شاهه جي رسالي جو ٻيو جلد پڻ 1951ع ۾ ڇپيو، علامه آئي آئي قاضيءَ جن جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرايو. هندوستان ڪتاب گهر بمبئي وارن پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو مرتب ڪيل شاهه جو رسالو 1961ع ۾ ڇپرايو ۽ جنهن کي پوءِ ڪراچيءَ مان 1976ع ۾ ڇپايو ويو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ جن جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي 1951ع ۾ ڇپايو، رشيد احمد لاشاري 1960ع ۾ سوانح عمريءَ ۾ منتخب سرن تي شاهه جو رسالو ”آر ايڇ برادرس“ طرفان ڇپرايو.(لطيفيات عبدالجبار جوڻيجو)

        ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن 1969ع ۽ 1974ع ۾ شاهه جو ڪلام مرتب ڪري ٻه رسالا ڇپرايا جيڪي شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ڇپرايا آهن، بلوچ صاحب جن شاهه جي شاعريءَ تي ڪيترائي مقالا لکيا آهن.“ تازو سندن اهم ڪم جيڪو منفرد ۽ تحقيق جي روشنيءَ ۾ تيار ڪيو اٿن سو ڏهن جلدن ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو اٿن.

        (ڊاڪٽر ميمڻ  عبدالمجيد سنڌي”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو”)

        حضرت شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي پاڪستان ۽ هندوستان کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ به ڪم ٿي رهيو آهي، ڪيترين ئي ٻولين ۾ هن عظيم صوفي شاعر جي شاعري ترجمو ٿي چڪي آهي، موجوده دؤر ۾ اسان جي ڪيترن اديبن ۽ ليکڪن سندس ڪلام تي تحقيق ڪئي آهي ۽ بهترين تحقيقي مقالا لکيا آهن، جنهن ۾ خاص طور اڄڪلهه شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي جديد انداز سان ريسرچ ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ ڪنهن به شاعر جي ڪلام تي ايترو تحقيقي ڪم نه ٿيو جيترو شاهه سائينءَ جي شاعريءَ تي ٿيو آهي. سندن سوانح حيات ۽ ڪلام کان سواءِ شاهه ڀٽائي جي دؤر جي سياسي سماجي ۽ معاشي حالتن جو جائزو به تفصيلي طور ورتو ويو آهي. سندن شاعريءَ تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا شاهه ڀٽائي، سنڌي ٻولي جو معمار، شاهه جي رسالي جا سرچشما، شاهه جي رسالي جي ترتيب اسدالله ڀٽو جو شاهه جو پيغام، پروفيسر رام پنجواڻيءَ جو سنڌ جون ست آکاڻيون، علي نواز حاجن خان جتوئي، جو لطيفي لهرون، عبدالجبار جوڻيجو ”ڪنزاللطيف“ محبوب علي چنه جو ”لطيفي لنؤ“. سائين جي ايم سيد جو ”پيغام لطيف“، محمد عثمان ڏيپلائي جو شاهه جي رسالي جو رهبر“، بيگم خديجه دائود پوٽه جو ”شاعرن جو سرتاج“ تنوير عباسيءَ جو ”شاهه لطيف جي شاعري“ جيڪو 1976ع کان پوءِ هينئر 2002ع ۾ پڻ ڇپيو آهي.

        ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ”فڪر لطيف“ مولوي دين محمد وفائيءَ جو ”لطف اللطيف“ ۽ شاهه جي رسالي جو مطالعو اهم آهي. رشيد احمد لاشاريءَ پڻ شاهه سائين جي ڪلام تي ڪئين مقالا ۽ مضمون لکيا آهن،سندن ننڍو ڪتاب ”لطيفي باغ جو سير“ شاهه جي ڪلام جي مواد تي طويل نظم آهي. هن دؤر ۾ فهميده حسن ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر حسين بانو سومرو ۽ ڪيترن ئي شاهه جي ڪلام تي اهم تحقيقي ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي جن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي عنوان جي جيڪا ٿيسز لکي سا شاهه سائين تي لکيل پهرين پي ايڇ ڊي جي ٿيسز هئي، جيڪا 1940ع ۾ آڪسفورڊ پريس مان ڇپي هئي، جنهن جو مڪمل عنوان هن ريت آهي.

Shah Abdul latif of Bhit

        His poetry life and times. A study of literary social and economic conditions on 18th century

        ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي جي 1973ع ۾ دهلي يونيورسٽي مان ٿيسز منظور ٿي جنهن جو عنوان؛

Shah Abdul Latif

His life and work a study of socio-cultural and literary situation in 18th century.

        ڊاڪٽر ستنداس جهانگياڻي جن جي Shah Abdul Latif and his times جي عنوان سان 1976ع ۾ دهلي يونيورسٽي مان هيءَ ٿيسز پي ايڇ ڊي لاءِ منظور ٿي.

        ڊاڪٽر در شهوار سيد جي The Poetry of Shah Abdul latif جي عنوان سان 1986ع ۾ ايڊنبرا يونيورسٽي برطانيا مان پي ايڇ ڊيءَ جي ٿيسز منظور ٿي جيڪا 1988ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرائي.

        مٿيون سڀ ٿيسز انگريزيءَ ۾ لکيون ويون آهن(سنڌي ۾ لکيل ٿيسز جو ذڪر مٿي مقالن جي تفصيل ۾ اچي چڪو آهي).

        هندوستان ۾ ڊاڪٽر ستنداس جهانگياڻي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر جيارام گدواڻي ۽ ٻين ڪيترن شاهه ڀٽائيءَ جي شاعري تي تمام سٺو تحقيقي ڪم ڪيو آهي.

        (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڪينجهر جرنل سنڌ يونيورسٽي)

        شاهه جي ڪلاڪ جو عربي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي، شيخ اياز صاحب شاهه جي ڪلام کي اردو ۾ تمام سٺو منظوم ترجمو ڪيو آهي، تازو ڊاڪٽر اياز حسين قادريءَ جو شاهه جي مضمون جي باري ۾ ڪتاب ڇپيو آهي”مون مطالعو سپرين“.    

        ڪيترن مئگزين ۽ رسالن ۾ شاهه سائين جي حياتيءَ ۽ شاعري جي باري ۾ مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن، جن مان هيٺيان رسالا اخبارون آهن، نئين زندگي، سه ماهي مهراڻ، يادگار لطيف، سالگرهه مخزن، بهار لطيف، نقش لطيف، شاعرن جو سرتاج، روح ادب، اديون، سوکڙي، ڪونج، بمبئي، روح رهاڻ، تحفئه لطيف، رهبر پبليڪيشن، پورب مخزن، رهبر ڊائجسٽ، سهڻي رسالو، رهبر ڊائجسٽ ڪينجهر جرنل سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪاليجن يونيورسٽيز جا مئگزين آهن جن ۾ لطيف سائين جي فن ۽ فڪر کي ساراهيو ويو آهي. هينئر به شاهه جي ڪلام تي ڪافي تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي ۽ هر سال جي عرس جي تقريبات ۾ ادبي محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ شاهه جا پارکو ۽ اهل علم حضرات سندس ڪلام ۽ فن تي روشني وجهندا آهن، مطلب ته ورهاڱي کان پوءِ شاهه ڀٽائي جي شاعريءَ تي ڪافي ڪم ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي، تازو سنڌي اخبارن ڪاوش ۽ عبرت به شاهه سائين جي شاعريءَ جي باري ۾ بحث مباحثو هلي رهيو آهي، هينئر آمريڪا ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ به سنڌي ليکڪن شاهه جي ڪلام کي جديد رخ سان واضح ڪيو آهي، جنهن ۾ جويو صاحب جي مقالي کي سڀني کان سرسي حاصل رهي.

موجوده دؤر جو جائزو؛

1.                  موجوده دؤر ۾ سنڌي ٻولي جي قدامت جي باري ۾ ڇنڊ ڇاڻ ٿي آهي.

2.                 هن دؤر ۾ تحقيق ۽ تاريخ تي اهم ڪم ٿيو آهي.

3.                 شاهه ڀٽائي جي سوانح ۽ شاعريءَ تي پڻ ڪافي قابل قدر ڪم ٿيو.

4.                 جديد شاعريءَ جي صنفن کي اوج مليو.

5.                 سفر ناما، آتم ڪهاڻيون ادب جو حصو بڻيون.

6.                 لوڪ ادب لکت جي صورت ۾ وجود ۾ آيو.

7.                 ادبي ۽ تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ اشاعت لاءِ ادارا، انسٽيٽيوٽ وجود ۾ آيا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com