سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :3

سمن جو دؤر حڪومت 1351ع-1521ع)

سياسي پس منظر؛

سمن جي دؤر حڪومت ۾ سنڌي ٻولي وڌيڪ وسيع ٿي سمن جي حڪومت ۾ سنڌي ٻولي ڪاٺياواڙ قلات، مڪران ۽ اتر ۾ بهاولپور ۽ ملتان طرف پکڙي ۽ هن دؤر ۾ فارسيءَ کي به ترقي ملي.

سمن حاڪمن آخري سومري حاڪم همير سومري کي 1351ع ڌاري شڪست ڏيئي ٺٽي ۾ خودمختيار حڪومت جو قيام وڌو سمن اٽڪل پوڻا ٻه سؤ سال حڪومت ڪئي. 1520ع ۾ شاه بيگ ارغون ڄام فيروز کان ٺٽو فتح ڪري سنڌ تي ارغونن جي حڪومت قائم ڪئي.

سمن جي دؤر حڪومت ۾ فارسي زبان سرڪاري هئي. اسلامي علوم جي پڻ ترقي ٿي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ مدحيه بيت، مذهبي شاعري ۽ عشقيه داستانن جي شاعري ملي ٿي.

سمن جي دؤر جا عشقيه داستان؛

هن دؤر ۾ ڄام لاکو ۽ راڻي، ڄام جراڙ ۽ بوبنا، ڄام تماچي ۽ نوريءَ جا قصا مشهور ٿيا. جنهن ۾ نوري ڄام تماچي جو قصو تمام گهڻو مشهور ٿيو. ڪينجهر ڪناري نوريءَ نماڻيءَ جي نياز ۽ نئڙت راجا ڄام تماچيءَ جو من موهي ڇڏيو ۽ کيس پٽ راڻي بنايائين. هيءُ داستان سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ اهميت جي حامل آهي.

ڄام لاکو ۽ اوڏڻ، ڄام اوڍو ۽ هوٿل پريءَ جا قصا به هن دؤر جا مشهور داستان آهن. هوٿل پريءَ جي جذبات کي سگهڙ هن ريت ظاهر ڪيو آهي.

وساريان نه وسرن، وسرن نه سيڻ،

جي نه ٽمن نيڻ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.

 

ڪاٺيءَ کائي ڪينئون، جيئن سرو سانگهيڙون ڪري،

منهنجو تيئن هنيون، اچي اڍي کاڌئو.

سمن جي دؤر جي ادبي ترقي؛

سومرا ۽ سما سنڌي حاڪم هئا انهن جي دؤر ۾ سنڌي ٻولي کي وڌيڪ ترقي حاصل ٿي. سومرن جي دؤر ۾ مقامي جنگ نامن ۽ عشقيه داستانن کان شاعريءَ جي شروعات ٿي ۽ سمن جي دؤر ۾ گنان شاعريءَ ڳاهن ترقي ڪئي.

مذهبي شاعري؛

پير صدر الدين جي زندگيءَ جو آخري حصو سمن جو دؤر حڪومت ۾ هو، مذهبي شاعري گنان سومرن جي دؤر کان شروع ٿي پر هن دؤر ۾ به پير حسن ڪبير الدين، پير تاج الدين ۽ پير امام شاهه جو ڪلام سنڌي گجراتي ۽ ملتاني وغيره سان مليل سنڌيءَ ۾ ملي ٿو.

مدحيه شاعري؛

هن دؤر ۾ به سگهڙن سومرن جي دؤر جي ۽ سمن جي دؤر جي سخي ڏاتارن کي پنهنجين ڳاهن ۾ ڳاتو آهي. سندن سورهيائي ۽ سخاوت کي خوب ساراهيو اٿن.

جنگي نعرو؛

سمن جي دؤر ۾ سلطان محمد تغلق سنڌ تي چڙهائي ڪئي پر ٺٽي جي ٻاهران 1351ع ۾ بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو. ان کان پوءِ سلطان فيروز شاهه سنڌ تي حملو ڪيو پر سندس لشڪر ۾ بيماري پکڙجي ويئي ۽ وٽس رسد گهٽجي ويو. جنهن جي ڪري گجرات ڏانهن هليو ويو. انهيءَ واقعي تي سنڌي فوج دشمن مان جان آجي ٿيڻ مهل هيءُ نعرو بلند ڪيو، جيڪو تاريخ فيروز شاهيءَ ۾ موجود آهي.

”بابرڪت شيخ پٺو،

هڪ مئو هڪ ٽُٽو.“

 

مشهور شاعر

مخدوم احمد ڀٽي؛

هن دؤر ۾ شيخ حماد جمالي ۽ نوح هوٿياڻي ۽ مخدوم احمد ڀٽيءَ سان منسوب ڪجهه شعر ملن ٿا پر هن دؤر جو وڏو شاعر قاضي قادن  صاحب شمار ٿئي ٿو.

قاضي قادن؛

قاضي قادن جي وفات 1551ع؛ هن دؤر جو بهتر شاعر هو. پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ قاضي هو. سنڌي ٻوليءَ جو پهريون شاعر هو، سندس ڪلام ۾ فن و فڪر جي لحاظ کان گهرائي آهي.

ڪنز قدوري قافيه ڪي ڪين پڙهيوم،

سو پار ئي ٻيو، جتان پرين لڌوم.

روحاني رهبر لاءِ جوڳيءَ جي تمثيل پهريون دفعو قاضي قادن جي ڪلام ۾ ملي ٿي.

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.

قاضي قادن جي شاعري سنڌي شاعريءَ جي بنيادي شاعري آهي، پهرين سندس اٺ شعر شاهه ڪريم جي ”بيان العارفين“ مان مليا هئا. پر تازو هيري ٺڪر کي هندستان جي هرياڻا جي هڪ ڳوٺ مان وڏو ذخيرو قاضي قاضن جي سنڌي بيتن جو مليو آهي، جنهن کي هن سنواري سڌاري ”قاضي قادن جو ڪلام“ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جو ڪتاب هاڻي سنڌ ۾ وڌيڪ واڌارن سان روشني پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

اسحاق آهنگر؛

    سمن جي دؤر ۾ اسحاق آهنگر جي نالي سان هيءُ بيت منسوب آهي.

ٿيان مان جهرڪ، وهان سڄڻ جي سپ تي،

مان ڪرين ڊرڪ، ٻوليءَ ٻاجهاريءَ سين.

”حديقته الاوليا“ جي مصنف سيد عبدالقادر جي لکڻ مطابق هيءُ بيت اسحاق آهنگر جو آهي.

ماموئي فقيرن جا بيت؛

ماموئي فقير ست ڄڻا هئا، انهن ستن درويشن جا اڳڪٿين وارا بيت سمن جي دؤر جي زواليت ڏانهن اشارو ڪن ٿا. هنن بيتن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش صاحب جي راءِ موجب ”اهي بيت سومرن جي خيرخواهن جا آهن هنن بيتن ۾ فني پختگي نظر اچي ٿي.

1.      هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بِهه مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي،

2.     وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،

تڏهن ٻاروچاڻو ٻار، پنجين در مين وڪيو.

7.     اچي ويجها ماڙهئا، ننگر جي آڌار،

پراڻا پرار، نوان مَ اڏجا نجهرا.

پهرين، ٻئي ۽ ستين بيت جي پيشنگوئيءَ مطابق سمي راڄ جي زواليت ڏانهن اشارو آهي.

هن دؤر ۾ دعائيه فقرو؛

پير مراد شاه جو هن دؤر ۾ دعائيه فقرو جيڪو سندس ڏهٽي سيد علي ثاني شيرازيءَ جي ولادت جو ٻڌي چيائين، هن فقري مان خبر پوي ٿي ته هن دؤر ۾ الف اشباع جي شاعريءَ جو رواج پئجي چڪو هو.

او ڀاءُ! رب ڏيئي ڄمارا!

(سنڌي نثر جي تاريخ ڊاڪٽر غلام علي الانا)

سمن جي دؤر جو ادبي جائزو

1.  سمن جي دؤر ۾ سنڌي ٻولي رائج هئي، عربي علمي ٻولي هئي ۽ فارسي دفتري ٻولي هئي ان ڪري فارسيءَ جو اثر وڌيڪ قائم ٿيو.

2.     هن دؤر جي بيت ۽ ڳاهن مان سماج ۽ ماحول جي خبر پوي ٿي، بيت جي صنف ۾ ٽه سٽا بيت پڻ ملن ٿا.

3.  رومانوي داستانن مان تمثيلي شاعريء وجود ۾ آئي، جيڪا صوفين وٽ تصوف ۽ روحانيت جي شاعريءَ جي بنياد بني.

4.     سنڌي ۽ سرائيڪي جو هڪ ٻئي تي پڻ اثر ٿيو.

5.     سنڌي نثر جي اوائلي صورت ظاهر ٿي بهادري ۽ سخاوت جا داستان مشهور ٿيا.

6.  قاضي قادن، اسحاق آهنگر ۽ ماموئي فقيرن جي بيتن مان ڳوٺاڻي زندگي جي عڪاسي ٿئي ٿي، سياسي ماحول، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي خبر پوي ٿي.

7.     سماع جي محفلن ۾ بيت جي صنف ترقي ڪئي.

8.  سمن جي دؤر ۾ گنان بيت جي فطري اوسر، الف اشباع جو قافيو ۽ سنڌي ڏوهيڙو فني لحاظ کان مڪمل ٿيا.

9.  سمن جي دؤر ۾ اسلامي علوم جي ترقي ٿي، مدرسا قائم ٿيا ۽ اسلامي تعليم جي واڌاري تي ڌيان ڏنو ويو، ٺٽي، سيوهڻ، پاٽ، نصرپور، بکر ۽ ٻين شهرن ۾ اسلامي مدرسا قائم ٿيا.

10. هن دؤر ۾ بيت ٻن ۽ ٽن سٽن کان وڌي پنجن ۽ ڇهن سٽن تائين پهتو.

11.  هن دؤر ۾ دهليءَ جي حڪمرانن جي حملي جي ڪري قومي نعرو يا جنگي رجز مشهور ٿيو.

12. سنڌي ٻولي ترقي ڪري ڪاٺياواڙ، ڪڇ، قلات، مڪران، سبي ۽ بهاولپور تائين پهتي.

13. سنڌي عوام جي ٻولي سنڌي هئي پر حڪمران پڻ سنڌي هئا ان ڪري سنڌي شاعريءَ کي سرپرستي حاصل ٿي.

14. هن دؤر ۾ اڳڪٿين وارا بيت پڻ ملن ٿا.

15. هن دؤر ۾ سنڌي دوهو، فني سٽاءُ جي لحاظ کان تڪميل تي پهتو

16. قاضي قادن جي شعرن ۾ فقه ۽ تصوف جي ڪتابن ڪنز، قدوري جو ذڪر ڄاڻ ٿو ڏئي ته مدرسن ۾ مذهبي تعليم جو رواج هو.

17. سنڌي بيت ۾ عشقيه ۽ فراقيه مضمون داخل ٿيو.

18. داستان گوئي جو رواج پڻ هن دؤر ۾ ملي ٿو. نظم کان سواءِ نثر ۾ پڻ سخاوت، بهادري ۽ عشقيه داستان ذڪر ٿيڻ لڳا، داستان گوئي جي فن باقائده فن جي صورت اختيار ڪئي.

هن سڄي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سمن جي دؤر ۾ سنڌي بيت پنهنجون ارتقائي منزلون طئي ڪري پختگيءَ تي پهتو، جنهن ۾ سنڌ جي سماجي ماحول ۽ سنڌ جي تاريخ جي خبر پوي ٿي ۽ ڪجهه نثري فقرا پڻ هن دؤر ۾ ملن ٿا.

 

 

 

 

ارغون ترخان ۽ مغل دؤر حڪومت (1521ع – 1718ع)

سياسي پس منظر

ارغونن سمن جي آخري حاڪم ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ شڪست ڏني ۽ شاهه بيگ ارغون پهريون ارغون حاڪم هو جنهن سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ ان کان پوءِ سنڌ مرزا عيسيٰ ترخان جي هٿ هيٺ آئي. 1591ع ۾ اڪبر بادشاهه مرزا عبدالرحيم خان خانان جي ذريعي سنڌ فتح ڪئي ۽ مغلن سنڌ تي پنهنجو راڄ ڄمايو.

هيءُ ٽيئي حڪمران ڌاريا هئا ۽ سنڌ ڌارين جي غلاميءَ ۾ اٽڪل پوڻا ٻه سؤ سال رهي. هن دؤر ۾ سنڌي ۾ علمي ۽ ادبي ترقي ته نه ٿي پر سنڌي ادبي خزانو تباهه ۽ برباد ٿيو ۽ فارسي زبان جيڪا راڄ ڌڻين جي زبان هئي ان کي اهميت ڏني وئي ۽ حڪومت طرفان پٺڀرائي ڪئي وئي، جنهن ڪري شاعر فارسيءَ ۾ شاعري ڪرڻ لڳا ۽ سنڌي عوام کي بربريت ۽ ظلمن سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ جي نڌڻڪي ٿيڻ جو صدمو پڻ سهڻو پيو. فارسيءَ سان گڏ مغلن جي دؤر ۾ ڪجهه اردو شاعري پڻ ٿي. هن دؤر ۾ ڪجهه سنڌي شاعرن جو ڪلام ملي ٿو. ان ۾ زماني جي بي ثباتي ۽ گردش جو احوال ملي ٿو.

ڏکن سين گهار، نيباهو نه سکڙا،

جهڙي تهڙي حال، لنگهي ويندا ڏکڙا.

مخدوم ونهيو چانهيو 1602ع

هن دؤر جي شاعري؛

هن دؤر جي مشهور شاعرن ۾ مخدوم پير محمد لکوي، مخدوم قاضي عثمان درٻيلائي، مخدوم نعمت الله، سيد علي ثانوي ٺٽي، علاؤالدين سومرو، عثمان احساني، شاه خيرالدين، دادو ديال، سيد ابوبڪر لڪياري، فاضل بکري، سيد هارون وغيره کان سواءِ مشهور شاعرن شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، مخدوم نوح هالا ڪنڊيءَ وارو، عثمان احساني، شاهه عنايت رضوي ۽ ٻين جو ڪلام ملي ٿو.

هن دؤر ۾ شيخ لاڏ جيئي جون ڪافيون مخدوم پير محمد لکوي جو الف اشباع ۾ چيل بيت عثمان احسانيءَ جو نظم جو ڪتاب ”وطن نامه“ پڻ ملن ٿا. دودي ديال جا بيت سنڌيءَ ۾ راجسٿاني ۽ ڍاٽڪي جي آميزش آهن.

شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو (1537ع-1622ع)؛

شاهه ڪريم ارغوني دؤر جو وڏي ۾ وڏو شاعر سڏيو وڃي ٿو. کيس سنڌي شاعريءَ جو معمار سڏيو ويندو آهي. شاهه ڪريم جا ڪل 92 بيت سندس ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ ملن ٿا. سندس شاعري تصوف وحدانيت ۽ روحانيت جو خزانو آهي. سندس شعر پختو ۽ ادبي خوبين سان سنواريل آهي. قدامت جي لحاظ کان ۽ فن و فڪر جي لحاظ کان شاهه ڪريم جو بيت نج ۽ اهم آهي. منجهس باريڪ نڪتا بيان ٿيل آهن، کيس سنڌي زبان جو ”وهائو تارو“ ۽ ”شاهه لطيف جو مبشر“ چوندا آهن.

مورک مور نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،

ڪٽر جنين اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن؟

هنيون نه حاضر جن، پرين نه اکڙين ۾،

ٺلها ڍانڍا سکڻا، هئين جاڙجين.

سندن چوڻ مطابق بيوقوف اصل نه سمجهندا، پرين انهيءَ کي ڏسڻ ۾ ايندو جيڪي سندس رستي تي روئي ڌوئي اکيون صاف ڪندا. جنين جي دل حاضر نه آهي اکين ۾ محبوب ڪونهي اهي ته خالي بي مقصد زندگي پيا گذارين مطلب ته هيءُ معنيٰ وسيع آهي، هتي اختصار جي ڪري تفصيل ڏئي نٿي سگهجي پر شاهه ڪريم تصوف جي شاعري جي اڳواڻن مان هو.

جي جاڳندي من ۾ ستي پڻ سيئي،

من پويان نيئي، پگهيو پاڻ ڳري.

مخدوم نوح رحه هالائي (1505ع – 1590ع)

هن بزرگ جا سنڌي بيت اهميت جا حامل آهن، کيس قرآن پاڪ جي تفسير تي عبور حاصل هو. سندس مختصر ڪلام مليو آهي، سندس شاعري جو موضوع تصوف ۽ وحدانيت آهي.

سموبه ساٿين گڏ، تون لوچج لڄ کي،

هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪيرت ڪج،

ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي به سوڀ ٿئي.

عثمان احساني؛

هن شاعر جو ڪتاب ”وطن نامه“ صحيح نموني سان محفوظ حالت ۾ نه مليو آهي، منجهانئس صرف چند شعر ملي سگهيا آهن.

سپون وڇون سهسين، ٽنڊڻ نانگن ساڻ نهي،

ڏنگي جان ڏنگن سان، ويندءِ ڏيل ڏهي،

ڳري ويندءِ گور ۾، لڱين لحم لهي.

سندس ڪلام ۾ پرسوز احوال آهي، سڀ صوفي بزرگ ۽ الله جا پيارا بندا موت جي خوف کي گهڻو ياد ڪندا آهن ۽ ياد ڏيرائيندا آهن. هو ”موتو قبل ان تموتو“ تي عمل ڪندا آهن. قبر جي حالت جو خوف ۽ موت جي يادگيريءَ کي عثمان احساني گهڻي اهميت ڏئي ٿو. بيت جي فني سٽا قابل تعريف آهي، تجنيس حرفيءَ جو سهڻو استعمال آهي.

شاهه لطف الله قادري (1611ع-1679ع)؛

هي بزرگ بهترين عالم شاعر ۽ تصوف جي ٻن ڪتابن ”تحفته المساڪين“ ۽ ”منهاج المعرفه“ جو ليکڪ آهي، جيڪي فارسيءَ ۾ لکيل آهن. سنڌي ۾ سندس ڪُل 357 بيت ملن ٿا.

ڪهي ڏٺو ڪاپڙين، ڪو آڳاهون پنڌ،

تنين منجهان آيو، ڪو ڳجهه ڳجهائين،

سندو، حيرت پنڌ، آيو آڏو آديسين.

(هن دؤر جو ٻيو مشهور شاعر شاهه عنايت رضوي هو، شاهه عنايت ۽ شاهه لطف الله جي لاءِ وڌڏيڪ شاعرن جي زندگيءَ جو احوال ڏسو)......

هن دؤر ۾ ڪئين ٻيا شاعر پڻ ملن ٿا، جيئن مير معصوم بکريءَ جو ڀاءُ ”فاضل بکري“ ڪافيون چوندو هو. ”تحفته الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو ”هنڱورو“ ڳوٺ جو سيد هارون (مغل دؤر) ۾ سنڌي شعر چوندو هو.

نثر جي ترقي؛

هن دؤر جو مشهور نثر نويس مخدوم جعفر بوبڪائي هو، جنهن طلاق جي مسئلن واسطي ڪتاب لکيو جنهن ۾ ڪجهه سنڌي جملا ڏنل آهن.

هن دؤر جي قديم ديوناگري رسم الخط ۾ لکيل قلمي نسخا مليا آهن جيڪي جناب سراج الحق ميمڻ صاحب برٽش ميوزم ۾ ڏٺا ۽ انهن جون مائڪرو فلمون ٺهرائي سنڌ کڻي آيو. (نئين زندگي جنوري 1971ع) ۾ سندن تفصيل آهي. انهن ۾ هڪ ڪاٻاڙو آهي، جيڪو 1650ع جو لکيل آهي، جنهن ۾ گهڻا سنڌي لفظ آهن ۽ ٻولي سمجهه ۾ اچڻ جي قابل آهي.

(وياج تي ڏنل پئسن ۽ وهنوار جي باري ۾ آهي)

هن دؤر ۾ شاهه ڪريم جي خطبن مان ڪجهه سنڌي جملا نثر ۾ ملن ٿا، اهي خطبا اصل فارسي زبان ۾ آهن، پر منجهس سنڌي جملا پڻ آهن.

1.      هر ڪو پساهه هڪڙو قاصد آهي.

2.     طالب کي گهرجي ته ڪماند وانگر ٿئي.

جنهنجو پڇڙ ڪم نه ايندو آهي. هيءُ ترجمو ٿيل جملا آهن، پر جيئن ته ان وقت سنڌي نثر جو وجود ملي ٿو.

(سنڌي نثر جي تاريخ ڊاڪٽر غلام علي الانا)

ادبي خوبيون

1.  ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دؤر سنڌي ادبي ترقي لاءِ ڪسو دؤر چئي سگهجي ٿو بلڪ هن دؤر ۾ اڳيون ادبي خزانو پڻ تباهه ٿي ويو.

2.     هن دؤر ۾ فارسي جو تسلط رهيو.

3.  فارسيءَ جي تسلط جي باوجود پڻ سنڌي شاعريءَ پنهنجون ترقيءَ جون منزلون طئي ڪيون، بيت جي سٽا ۾ فني ترقي ٿي.

4.     ٻوليءَ جي لحاظ کان فارسي سرڪاري زبان هئي پر شاعرن سندن شاعريءَ ۾ ٺيٺ سنڌي استعمال ڪئي.

5.  هن دؤر جي شاعري ۾ نعتيه رنگ، دنيا جي ثباتي توڪل، فنا ۽ بقا جو اثر ملي ٿو، مضمون جي لحاظ کان هن دؤر جي شاعريءَ ۾ تصوف جو رنگ به ملي ٿو.

6.     سنڌي نثر جا ڪجهه نمونا پڻ ملن ٿا.

7.     شاهه ڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري هن دؤر جا وڏا شاعر هئا.

8.     هن دؤر ۾ دولهه دريا خان جي رزميه داستان ”بوبنا ۽ جراڙ“ موکِي ۽ متارا جا داستان مشهور ٿيا.

9.  هن دؤر ۾ سنڌي ٻولي نج صورت ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي، سماع جون محفلون پڻ لڳنديون هيون، شاهه عنايت جي شاعريءَ ۾ وائي جو نمونو پڻ ملي ٿو.

10. پاٽ جو بزرگ ”شيخ لاڏجيو“ برهانپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو سنڌيءَ ۾ ڪافيون چوندو هو. معنيٰ ته ڪافي جي صنف هن دؤر ۾ رائج هئي.

 

 

 

سنڌي ادب جو سونهري دؤر

ڪلهوڙن جو دؤر (1718ع- 1782ع)

سياسي پس منظر؛

مغلن جي دؤر حڪومت ۾ ڪلهوڙن پنهنجي طاقت جو بنياد رکيو. آدم شاهه ڪلهوڙي جي پيري مريدي هن دؤر ۾ مشهور هئي، جنهن تي خان خانان کانئس دعا ڪرائي ۽ پوءِ سنڌ فتح ڪري آدم شاهه ڪلهوڙي کي جاگيرون عطا ڪيائين. ميان يار محمد ڪلهوڙي دهليءَ جي حاڪم فرخ سير سان سازش ڪري شاهه عنايت جي سر جو سودو ڪيو ۽ شاهه عنايت کي شهيد ڪرائي سنڌ جي حڪومت حاصل ڪيائين. يار محمد جي وفات 1718ع ۾ ٿي ۽ پوءِ سندس پٽ نور محمد ڪلهوڙو تخت نشين ٿيو ۽ حيدرآباد کي گاديءَ جو هنڌ بنايائين. ڪلهوڙن جي حڪومت سنڌ ۾ 64 سال هلي.

1739ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ شڪارپور ۽ سکر کي قنڌار سان ملايو. 1753ع ۾ احمد شاهه ابدالي ۽ پوءِ مدد خان سنڌ تي حملا ڪري ڦرلٽ ڪئي رت جون نديون وهائي سنڌ جو سڪون تباهه ڪيو.

تاريخي طور سنڌ هميشه ڌارين جي حملن جي زد ۾ رهي آهي ۽ کيس نڌڻڪو سمجهي عربن کان وٺي هن دؤر جي غاصبن تائين هميشه سڀني سالم ڳڙڪائڻ چاهيو آهي. ڇو جو سنڌ سونهاري زرخيز ۽ سائي ستابي آهي ۽ معدني دولتن سان مالامال آهي.

شاهه ڀٽائي ڪلهوڙن جي دؤر جو پهريون سجاڳ شاعر هو جنهن کي ماضيءَ جي پوري ڄاڻ هئي سنڌ تي ٿيل ظلمن کان پوريءَ ريت واقف هو، ان ڪري هميشه سنڌ ۽ سنڌ واسين کي دعائون ڏنائين.

سائيننم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

اها سندن دعا هئي جو ڪلهوڙن جي دؤر ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽ سنڌ جون سرحدون وسيع ٿيون، هيءُ دؤر سنڌي ادب جو ترقي سان مالامال سونهري دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ ڪيترائي عالم ۽ شاعر هئا جن سنڌي علم ۽ ادب جو نالو روشن ڪيو.

مذهبي ادب؛

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661ع)

هن دؤر ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي وڏو عالم ٿي گذريو آهي، هن عربي رسم الخط ۾ ڪجهه اضافا ڪري سنڌي رسم الخط ٺاهي، جنهن کي ”ابوالحسن جي سنڌي“ چوندا آهن. هيءَ پهرين سنڌي رسم الخط هئي.

سندس ”مقدمه الصلوات“ نماز جي باري ۾ منظوم ڪتاب آهي،جيڪو هن دؤر جو اهم ڪتاب آهي.

چوٿون رڪوع سجدي ۾ ڪرڻ ويرم ڪا،

قدر تسبيح هيڪڙي توڙي ٽي ڀيرا.

مخدوم ضياءُ الدين؛

مخدوم ضياءُ الدين مشهور عالم هو. هن بزرگ به الف اشباع جي مطابق ڪتاب لکيا آهن سي به اسلام جي تعليم تي مشتمل آهن. وضو ۽ نماز جي مسئلن تي لکيو اٿن. سندس ڪتابن کي ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏيو وڃي ٿو سندن شعر اسلامي تعليم تي مشتمل آهن.

پهريون ڪلمو فرض ٿو ٿئي بعد بلاغت

ايءُ ڪلمو آهي نبي، اتي جو صاحب آهي شفاعت،

هن دؤر ۾ ڪئين عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن سان سنڌي ادب جرڪيو.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع- 1761ع)؛

مشهور عالم هو پاڻ مذهبي ڪتاب نظمي ويس ۾ لکيا اٿس. پاڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ لکيائين. زاد الفقير، قوت العاشقين، فرائض السلام“ مشهور ڪتاب آهن.

هن دؤر جي عالمن مولوي محمد حسين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، قاضي عبدالڪريم ميوعيسو ۽ مخدوم عبدالله، مخدوم سليمان، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي مشهور آهن.

مخدوم عبدالرحيم گروهڙي؛

جن جي شهادت 1778ع ۾ ٿي، پاڻ الف اشباع جي نموني سان ڪئين بيت چيائون. سندن شاعري صوفيانه ۽ مذهبي آهي پر سندن ڪجهه نثري مقولا ملن ٿا.

1.      ڪافر ڪفر کان اُڪار، ڪارو گڏهه ڌوئي اُجار.

2.     ٻه پهاڄون پرچاءِ، ٺلهو مهرلو گهڙاءِ، وڏو کوهڙو کڻاءِ،

3.     رزق ڪنهن پر اچي، جيئن مينهڙو وسي.

(سنڌي نثر جي تاريخ ڊاڪٽر غلام علي الانا)

مخدوم عبدالرحيم گروهڙي گهڻو ڪري ”ڪبت“ جي صورت ۾ شاعري ڪئي، سندن وحدانيت تي ڪجهه ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

لاالٰه الا الله آهي هيڪڙو، جو موڙ مڙني جوءِ،

سڃاڻڻ ۾ آن سندي عقل عاجز هوءِ

سڀن ڌاران تنهن سري، ان ري نه سري ڪوءِ.

شاهه عنايت رضوي؛

هيءُ نصرپوري بزرگ وڏو عالم ۽ بهترين شاعر هو، شاهه سائين جو همعصر چئي سگهجي ٿو. جڏهن شاهه سائين شاعري شروع ڪئي ان وقت شاهه عنايت وڏي عمر جو هو، شاهه ڀٽائيءَ شاهه عنايت جي شعر ۾ ڪجهه هڪجهڙائي آهي، رسالي کي سرن سان تربيت ڏئي جوڙڻ جو رواج کانئن پيو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي؛

شاهه سائين جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي پر ڪلهوڙن جي دؤر کي سونهري دؤر سڏجڻ جو اهم سبب هن دؤر ۾ شاهه جو ڪلام آهي، جنهن جو ڪو ثاني ڪونهي ۽ اڄ تائين هن ڪلام جهڙو اعليٰ فڪر ۽ فن جي لحاظ کان ٻيو ڪو به شاعر پيدا نه ٿيو آهي. سندس رسالو سنڌ ۽ سنڌ جي عوام لاءِ مشعل راهه آهي. سنڌي ٻوليءَ جو مان آهي، نج سنڌي ٻولي سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جو شاهڪار آهي. تمثيلي نيم تاريخي داستانن جي شاعري صوفيانه نصيحتون ۽ ڪئين زندگيءَ جا سچا قدر سندس ڪلام ۾ سمايل آهن.

پائي ڪان ڪمان ۾ ميان مار مَ تون،

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو تو کي لڳي.

خواجه محمد زمان (لنواريءَ وارو)؛

سنڌي بيت جو عظيم شاعر هو، شاهه ڀٽائي کي ساڻن تمام گهڻي عقيدت هئي. خواجه زمان جي شاعريءَ جو موضوع تصوف آهي، خواجه زمان جا شعر فڪر جي گهرائيءَ ۽ نج سنڌيءَ جي ڪري وڻندڙ ۽ من موهيندڙ آهن.

نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظران ڏور،

وڃان ائين وهلور، جيئن ڏٺو اڻ ڏيٺ ۾.

 

پلپل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي،

ڪک پن ڪن اقرار، اسين ٻانها تون ڌڻي.

 

صوفين صاف ڪئو، ڌوئي ورق وجود جو،

تڏهن تن ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

 

مٿين شاعرن کان سواءِ روحل فقير، جلال کٽي، صاحبڏنو فاروقي ۽ ڪئين شاعرن جي شاعري هن دؤر ۾ ملي ٿي.ڪلهوڙن جي دوءر ۾ وائي ۽ ڪافي جي فن ترقي ڪئي. شاهه لطيف جي وائيءَ جو نمونو هن ريت آهي، سر سارنگ جي داستان پهرين جي هيءَ وائي آهي.

منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آه اميد الله ۾،

سجدي پئي سپرينءَ، زاريون زور ڪريندو

اُمت ڪارڻ احمد اُت، پرمل پاڪ پنندو،

صور ڌڪاءُ ٿيندو، اکيون سڀ سج ڪڍندو،

ميڙو ٿيندو مومنين، اُت محمد مير ملهندو،

نفسا نفسي سڀڪو ڪري، داتا در ڊوڙندو،

مهت ڏيندس مولو، اُت بديون بخشائيندو.

شاعري

مولود مداح، مناجات ۽ معجزا؛

مخدوم عبدالرؤف ڀٽي مشهور مولود چيا. هن دؤر ۾ جمن چارڻ جي مداح مشهور آهي ۽ سرفراز ڪلهوڙو مداح جي مشهور شاعرن مان آهي.

آهيان ڏڏ غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون،

ڀلا ڄام، هن غلام، سندا سوال سڻج تون.

(ميان سرفراز ڪلهوڙو)

هن دؤر ۾ معجزا پڻ ڪافي ملن ٿا. روحل فقير ۽ صاحبڏنو فاروقي هن دؤر جا مشهور صوفي شاعر ٿي گذريا آهن. تمر فقير ۽ مدن ڀڳت جو ڪلام پڻ ملي ٿو.

محبت مٺو ٿوڪ، ميون ۾ مدن چئي،

ڇا ڄاڻي لوڪ، قدر ان ڪيميا جو.

(مدن ڀڳت)

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ غزل جي شاعري پڻ شروع ٿي جنهن ۾ مرزا تقي، حافظ تقي، ميان ڇتن ۽ نور محمد خسته جا نالا قابل ذڪر آهن.

ادبي جائزو؛

1.  ڪلهوڙن جي دؤر جي ادبي جائزي مان خبر پوي ٿي ته هيءُ دؤر وقت جي لحاظ کان صرف 64 سال هو، پر ادب جي لحاظ کان هن دؤر کي مالامال دؤر چئي سگهون ٿا.

2.     سنڌي شاعري کي عروج مليو.

3.  مشهور شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن دؤر جو شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کي وسعت ملي.

4.  هن دؤر ۾ بيت ۾ واڌ ٿي ۽ منجهس هندي صنف سينگار جو اضافو ٿيو سينگار جي صنف کي اڳيان سگهڙن عروج تي آندو.

5.     ”مقدمته الصلواه“ ابوالحسن جو مذهبي نظم جو شاهڪار آهي.

6.     وائي جي صنف وجود ۾ آئي، ٺيٺ ۽ نج سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي وئي.

7.  ابوالحسن جي سنڌي صورتخطي تيار ٿي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسيءَ کان سواءِ ٺيٺ سنڌي لفظن لاءِ نيون صورتون اختيار ڪيون ويون.

8.     طويل نظم جو بنياد پيو.

9.     لوڪ شاعريءَ جون ڪافي صنفون، مولود، مدح، مناقبا ۽ معجزا مشهور ٿيا.

10. سنڌي عروضي شاعري غزل جو بنياد پيو.

11.  مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جي بيتن ۾ سنڌي نثر جو نمونو ملي ٿو.

12. شاعريءَ ۾ رسالي جوڙڻ جو ۽ سرن جي نالن رکڻ جو رواج پيو.

13. الف اشباع جي نموني تي ڪتاب لکيا ويا جن ۾ مخدوم عبدالخالق، محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم ابو الحسن، محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالرحيم گروهڙي وارن مذهبي نقطا سمجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا. مڪمل سنڌي ڪتابن لکڻ جو رواج پيو.

واقعاتي ۽ رزميه شاعري پڻ ملي ٿي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com