سيڪشن؛لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات

باب: --

صفحو :5

 

شاعرن جي زندگي جو احوال

قاضي قادن بن ابو سعيد بکري 1463ع

تعارف

سنڌ سڳوري هر دؤر ۾ ڪيترائي ڀلارا بزرگ ۽ عالم پيدا ڪيا آهن، جن ۾ قاضي قادن جو نالو مٿانهون آهي، قاضي صاحب ارغوني دؤر جو مشهور شاعر هو. سندس ڪلام تصوف ۽ وحدانيت تي مبني آهي. سنڌيءَ ۾ سندن ڪلام تمام ٿورو مليو آهي، باقي پارسيءَ ۾ هڪ ديوان آهي. سندس سنڌي ڪلام شاهه ڪريم جي ملفوظات”بيان العارفين“ ۾ ڏنل آهي، قاضي صاحب جو جيڪو به ٿورو سنڌي ڪلام مليو آهي، ان جو سهارو وٺي سنڌي ادب جي محققن سنڌي ادب جي تاريخ سينگاري آهي.

قاضي قادن جي سنڌي شاعري؛

ڪنز قدوري قافيه، جي پڙهي پروڙين سڀ،

ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪڇي اُڀ.

پاڻ ڪتابي علم کان اندر اجارڻ تي زور ڏنو اٿن دنيا کي کوهه ۽ انسان کي منڊي ماڪوڙيءَ سان تشبيهه ڏني اٿن، ڪنز قدوري علم ۽ ڄاڻ جا ڪتاب هئا، فرمائين ٿا ته اهي سڀ ڪجهه پڙهڻ کان پوءِ به تنهنجو علم(اي انسان) ائين آهي، جيئن ڄڻ کوهه ۾ منڊي ماڪوڙي.

خدا پاڪ جي علم اڳيان انسان ڪجهه به نه آهي، ارشاد خداوندي آهي ته دنيا جا سڀ سمنڊ مس ٿي وڃن ۽ سڀ وڻ قلم ٿي وڃن ته به رب پاڪ جي علم کي پروڙي نٿا سگهن ۽ دنيا ۾ انسان ڪجهه ڪتاب پڙهي خود کي عالم فاضل ٿو سمجهي. قاضي صاحب مطابق علم وسيع سمنڊ آهي، ان جي ڪجهه ڄاڻ تي خوش نه ٿي بلڪه اها ڪوشش ڪر ته تنهنجو اندر اُجريل هجي، فتح ۽ غرور کان بچيل هجين، حالانڪه پاڻ قرآن جو حافظ هو ۽ کين حديث فقي، تفسير ۽ اصول تي ڪافي عبور حاصل هو، علم رياضي ۽ ابجد به سٺي نموني ڄاڻندو هو.

ويهه سال بکر جو قاضي ۽ مفتي ٿي رهيو، سنڌي زبان جو پهريون شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس ڪلام مختصر هوندي به ڄاڻ ڏئي ٿو ته پاڻ تصوف ۽ وحدانيت کي اهميت ڏني اٿن. قاضي صاحب جي ڪلام جو وڏو ذخيرو هندوستان جي هرياڻا جي هڪ ڳوٺ مان هيري ٺڪر کي مليو آهي، جنهن کي هن قاضي قادن جو ڪلام جي نالي سان ڇپايو آهي. ”روشني پبليڪيشن“ هن ڪتاب کي سنڌ ۾ به ڇپرايو آهي.

تصوف جي شاعريءَ ۾ قاضي صاحب جو ڪلام سنڌي شاعريءَ ۾ بنياد آهي، پنهنجي مرشد جي لاءِ قاضي صاحب جوڳي جو لفظ ڪم آندو آهي.

جوڳيءَ جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،

تهان پوءِ ٿيوس، پريان سندي پيچري.

پاڻ مسجد شريف ۾ هڪ بزرگ کي محراب ڏانهن پير ڪندي ستل ڏٺو کيس جاڳائڻ چاهيائين ويجهو اچڻ تي ڏٺائين ته پيرن جي جڳهه تي مٿو پيو آهي، بزرگ کي مخاطب ڪيائون”جيڏانهن هن وڻيئي پير ڪر پر دل الله ڏانهن رک“ ان کان پوءِ مٿيون شعر چيائون.

قاضي صاحب جي شعر جو اثر سندن پوئين شاعرن تي تمام گهڻو پيل آهي، خاص طور شاهه لطيف، شاهه ڪريم ۽ ساميءَ تي وڌيڪ آهي.

وفات: پاڻ ويهه سال قاضيءَ جو عهدو هلائي استعيفيٰ ڏيئي مديني منوره هليو ويو ۽ 1951ع ۾ وفات ڪيائون.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو.”فڪر جي بلنديءَ معنيٰ جي سهڻائي جي لحاظ سان هي اعليٰ اخلاقي ۽ وجداني شاعري آهي، اسان کي قاضي صاحب جي بيت مان فن جي لحاظ کان بنيادي 2 تڪي سنڌي بيت کان مڪمل سنڌي بيت تائين ارتقا جون سڀئي صورتون ملن ٿيون، سندس بيت ۾ ”دوها ڇند“ ۽ ”سورٺ چند“ جو خوبصورت ميلاپ آهي.

شاهه عبدالڪريم رحه بلڙيءَ وارو 1537ع – 1622ع

تعارف

شاهه عبدالڪريم ارغوني دور جو اهم ۽ عظيم شاعر آهي، جنهن جي شاعري قاضي قادن کان پوءِ تمام اهم ليکي وڃي ٿي، شاهه ڪريم کي سنڌي شاعريءَ جو معمار، ”وهائو تارو“، ”سنڌي شاعري جو ابو“ ۽ ”سنڌي شاعريءَ جو ڪلاسيڪل شاعر“ سڏيو ويو آهي ۽ سنڌي جو  "Chaucer"به سڏيندا آهن جيڪوانگريزي ادب ۾ مشهور ڪلاسيڪل شاعر هو، سندن ولادت 1537ع ۾ مٽياريءَ ۾ ٿي پاڻ متعلوي ساداتن مان هو.

شاهه ڪريم جي شاعري

شاهه ڪريم کي سلوڪ تاريخ، مثنوي رومي قرآن شريف فقي ۽ حديث جي مڪمل ڄاڻ هئي، پاڻ مخدوم نوح جي صحبت ۾ ڪجهه وقت گذاريو هئائون، سيد عابد شاهه سندس روحاني استاد هو، زندگيءَ ۾ تمام گهڻو سفر ڪيائون، دهلي ۽ گجرات تائين به ويا، حضرت اويس قرنيءَ جي طريقي مطابق خود کي ”اويسي“ سڏائيندا هئا.

سندن شاعريءَ ۾ تصوف ۽ وحدانيت ۽ وصال جا باريڪ نڪتا سمايل آهن.

سڄڻ ساعت هيڪڙي جي ٿنئين اکنئون ڌار،

ته ڪر سڀ ڄمار ڏٺو سين نه ڪڏهن.

سندس سڄو ڪلام روحانيت سان پر آهي، شاهه ڪريم جو بيت فن جي لحاظ کان پختو آهي، ڪي بيت ادبي رنگ ۾ ته ڪي سنوان سڌا ته ڪن ۾ وري رومانوي داستانون ۽ تمثيلون بيان ڪيل آهن، 92 بيت سندس ڪلام جا ملن ٿا.

”بيان العارفين في تنبيهه العاملين“ فارسي ڪتاب ۾ شاهه ڪريم جي شاعري ملي ٿي ۽ سندن ڪرامتن جو بيان پڻ آيل آهي، ڊاڪٽر علامه دائود پوٽي صاحب جن سندس ڪلام کي جمع ڪري ”شاهه ڪريم بلڙي جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپايو آهي، شاهه ڪريم ٻن سٽن جي بيت کي وڌائي ٽه سٽو ڪيو، صوفيانه خيال قصي جي اوٽ ۾ پهرين شاهه ڪريم جن آندا ۽ جن ۾ وڌيڪ خوبصورتي پوءِ شاهه ڀٽائي صاحب جن آندي، شاهه ڪريم شاهه صاحب جو تڙ ڏاڏو هو، ان ڪري شاهه ڀٽائي صاحب کانئن تمام گهڻو متاثر ٿيل آهي، قدامت جي ڪري سندن ڪلام سنڌي ساهت ۾ وڏو پايو رکي ٿو، پاڻ سنڌي شاعريءَ کي رومانويت ۽ تصوف جي فيض سان مالا مال ڪيو اٿن، سوئي هيڏانهن سوئي هوڏانهن سوئي من وسي.(شاهه ڪريم)

شاهه ڀٽائي شاهه ڪريم جي ٻئي نمبر فرزند شاهه جمال جي پيڙهي مان آهن، ان ڪري فن ۽ فڪر ۾ پنهنجي تڙ ڏاڏي کان متاثر آهن، شاهه ڪريم جي بيت جو هڪ هڪ لفظ موتي آهي ۽ ڀٽڪيل زندگيءَ لاءِ بهترين مثال آهي، پاڻ صاحب ڪرامت ۽ الله وارو درويش هو.

شاهه ڪريم 88 سالن جي عمر ۾ ذوالقعد 1622ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندن مزار بلڙي شاهه ڪريم ۾ آهي، جنهن تي شاهه ڀٽائي مقبرو جوڙايو. پاڻ بندگيءَ جا پابند، تصوف جا طالبو ۽ سماءَ راڳ جا شوقين هئا، هر سال ڪئين عقيدتمند کين خراج تحسين پهچائڻ لاءِ بلڙي شريف ۾ سلامي ڀريندا آهن ۽ عظيم الشان ميلو لڳندو آهي.

تون چئه الله هڪڙو، وائي ٻي مَ سک،

سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک.

شاهه ڪريم جو ڪلام سريلو ۽ من کي موهيندڙ آهي، محدود تعداد ۾ هوندي به سلوڪ تصوف ۽ ايمان جي قوت سان سينگاريل آهي، پاڻ هڪ باڪمال شاعر الله لوڪ بزرگ سان گڏ زماني سان هلندڙ هئا. پاڻ گذر سفر لاءِ ٻني ٻارو ڪندا هئا، سندن شعرن ۾ ڪئين پهاڪا ملن ٿا، جيئن پڇڻا سي نه منجهڻا، مٺ ڀيڙيائي ڀلي، چارئي پلئه چڪ ۾، نيٺ سنڌي تشبيهن سان پنهنجي ڪلام کي سينگاريون اٿن.

اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ،

هاڻي وڃ گمان، اسان صحيح سڃاتا پرين.

شاهه لطف الله قادري (1611ع- 1679ع)

تعارف

شاهه لطف الله قادري سنڌي شاعريءَ جي بنيادي شاعرن مان هڪ آهي، پاڻ سنڌي ڪلاسيڪل دور جي شروع وارن شاعرن مان آهن، سندن دؤر شاهه ڀٽائي کان ڪجهه اڳ جو دؤر آهي، سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه لطف الله جي شاعري تمام اهم حيثيت رکي ٿي، سندن ڪلام گهٽ تعداد ۾ مليو آهي، پر جيڪو به ڪلام آهي تنهن مان سندن فڪر جي گهرائي ۽ اسلوب جي ڀلي ڀت خبر پوي ٿي.

شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن تحقيق ۽ تصحيح ڪري شايع ڪرايو آهي، ميئين شاهه عنايت جو ڪلام شاهه صاحب کان ٿورو اڳ جو لکيل آهي. شاهه لطف الله جو ڪلام شاهه ڪريم ميئين عنايت جي وچ واري دور جو آهي. شاهه لطف الله قادريءَ کان شاهه ڀٽائي پوءِ ڄائو هو.

ان ڪري محسوس ٿئي ٿو ته شاهه ڀٽائي صاحب جن کانئن متاثر ٿيا هئا. شاهه لطف الله قادري جو ڪلام عارفانه فڪر ۽ معنيٰ جي لحاظ کان اعليٰ آهي، سندن سڄو ڪلام معنوي نڪات ۽ رموز جو خزانو آهي، جنهن کي پاڻ مختلف تشبيهن ۽ تمثيلن سان سمجهايو اٿن، شاهه ڀٽائيءَ جن جو به ساڳيو اسلوب آهي.

شاهه لطف الله قادري

ات آهي عجز سڀ ڪنهن کي، نڪي گيرب نه گاءُ،

شاهه سائين جن فرمائين ٿا؛

مهاڻي جي من ۾ نه گيرب نه گاءُ،

شاعريءِ جو اسلوب؛

ٻنهي شاعرن جي اسلوب ۽ تمثيل ۾ هڪ جهڙائي آهي، شاهه لطف الله قادري جو ڪلام پنهنجن اڳوڻن شاعرن کان اهم آهي ۽ تعداد ۾ ڪجهه وڌيڪ آهي، شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر هو، جنهن عربيءَ يا فارسيءَ جي بجاءِ نج سنڌيءَ ۾ لکيو. شاهه لطف الله جو ڪلام وقت جي بي ثباتيءَ جي ڪري محفوظ رهي نه سگهيو آهي.

شاهه لطف الله قادريءَ جا تصوف تي فارسيءَ ۾ مشهور ڪتاب ”تحفته المساڪين“ ۽ ”منهاج المعرفه“ مشهور آهن. سندن سنڌي ڪلام 357 بيتن تي مشتمل آهي، جيڪو مختصر تعداد ۾ هوندي به تمام گهڻو پُراثر آهي.

عقل اُت اوڇو ٿيو، ڪاجا ڏسي پت،

پسيو پر پرينءَ جي، منجهيو وڃي مت،

نه ڪو ڳاچ نه ڳت، حيرت هنيو سڀ ڪو.

هن صوفي شاعر صوفين جي ساڳئي اسلوب کي قائم رکيو آهي، سندس ڪلام ۾ به اندر اجارڻ تي زور ڀريل آهي. پرينءَ کي سمجهڻ ۽ پسڻ لاءِ  ظاهري عقل جي ڪا به اهميت ڪانهي.

شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام تي پنهنجي راءِ ڏيندي ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جن لکن ٿا؛

”فن ۽ هيئت جي لحاظ کان شاهه لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ نوان نوان تجربا نظر اچن ٿا. ترجيح ۽ تڪرار سندس ڪلام ۾ پهريون دفعو ڏٺي وئي آهي. هن ڍانچي جي مطابق بيت لفظ اصطلاح ۽ جملا وري وري ورجايل آهن. شاهه لطف الله تشبيهن ۽ تمثيلن جي ذريعي پنهنجي ڪلام کي مؤثر ۽ ان جي مفهوم کي چٽيءَ طرح چٽو ڪيو آهي ۽ ان کان سواءِ لفظ ناکئا، جوڳي ۽ آديسي استعمال ڪري جيڪي روايتون قائم ڪيون،انهن تي شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن به عمل ڪيو آهي.“

شاهه لطف الله قادري سنڌي شاعريءَ ۾ بيت جي بنيادي شاعرن مان هڪ هو، پاڻ پهريون ڀيرو سالڪن جي سفر کي سامونڊين ۽ ناکئن جي تفصيل سان سمجهايو اٿن. مرشدن جي مرتبي ۽ منزل کي جوڳين ۽ سامين جي ذڪر سان بيان ڪيو اٿن ۽ شاهه ڀٽائي انهيءَ اسلوب کي معراج تي پهچايو.

ميون شاهه عنايت رضوي:

تعارف

شاهه عنايت ولد نصير الدين رضوي پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل ولي ۽ بلند پايه جو بزرگ ٿي گذريو. هيءُ بزرگ شاعر مغلن جي آخر دؤر ۽ ڪلهوڙن جي شروع دؤر جو شاعر هو.

شاهه عنايت رضوي شاهه ڪريم کان پوءِ سنڌي ادب جو بهترين شاعر شمار ٿئي ٿو. شاهه ڪريم ۽ لطف الله قادريءَ کان پوءِ شاهه عنايت جو ڪلام وڌيڪ تعداد ۾ آهي. شاهه عنايت جو ڪلام 469 بيتن ۽ 42 واين تي مشتمل آهي.

هن نصرپوري بزرگ جي زندگيءَ جو احوالي ”تحفته الڪرام“ ۾ مير علي شير فاتع جن ڏنو آهي. عمر جي لحاظ کان پنهنجي هم عصر شاعرن ۾ وڏو شاعر ليکيو وڃي ٿو. سندن سنڌي ڪلام بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي.

کيس شعر وشاعري سان عشق هو. تخلص طور ”عنايت“ پاڻ کي سڏيو اٿن.

رضويءَ جي شهرت کي شاهه ڀٽائيءَ جي هم عصر هئڻ ڪري ڪافي نقصان پهتو، جيڪڏهن ٻئي ڪنهن دؤر ۾ هجي ها ته پنهنجي دؤر جو شاعريءَ جو امام سڏجي ها. سندس ڪئين بيت شاهه جي بيتن سان ملي جلي ويا آهن. جيڪي پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان تحقيق ڪري الڳ ڪيا آهن ۽ سندن رسالو ترتيب ڏيئي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو آهي. سرن جي ترتيب ۽ مٿن نالا ڏيڻ جو رواج کانئن پيو. رسالو جوڙڻ ۽ سرن جي ترتيب کانئن پوءِ ٻين شاعرن ۾ مروج ٿي. شاهه عنايت رضوي جو تخيل ۽ فڪر، طرز بيان ان حقيقت جي شاهدي ٿا ڏين ته سندن ڪلام تصوف سان گڏ حسن و عشق، فراق هجر ۽ وصال جو بيان آهي.

شاهه رضوي پنهنجي فڪر جي راھ مقتدين کان بلڪل ٻيءَ طرح رکي آهي. هن سنڌي مشهور قصن کي شعر ۾ پوئي پيش ڪيو آهي.”تذڪره لطفي“  پهرين جلد ۾ ”لطف الله بدوي“ شاهه عنايت جا بيت سندس سرن جي نالن سان ڏنا آهن، جيئن ته سندن تذڪرو ادبي حلقن ۾ تمام دير سان آيو، حقيقت ۾ پاڻ تمام وڏو شاعر هو شاهه ڀٽائي صاحب جن جڏهن پنهنجي شاعريءَ جو آغاز ڪيو، ان کان پوءِ ڪجهه وقت ۾ شاهه رضوي جي وفات ٿي، ان ڪري پاڻ سندن شاعريءَ کان متاثر ٿيل هئا.

شاهه عنايت هڪ ڪامل روحاني بزرگ هو ۽ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي بلند پايه شاعرن ۾ سندن شمار ٿئي ٿو. شاهه عنايت جي رسالي ۾ بيتن سان گڏ وايون پڻ مليون آهن. کانئس اڳ سنڌي وائيءَ جو نمونو نه مليو آهي.

سنڌ سڳوريءَ هر دؤر ۾ ڪيترائي بزرگ ۽ وڏا عالم پيدا ڪيا آهن. جن مان ڪيترائي ماڻهو فيض ڀريل نصيحتون ٻڌي پنهنجي زندگي اُجاگر ڪندا آهن. اهڙن سڳورن مردن مان ئي مئين شاهه عنايت جو شمار ٿئي ٿو. پنهنجي هم عصرن ۾ وڏو شاعر ۽ بزرگ ليکيو وڃي ٿو. شاهه عنايت جا ڪيترائي اهڙا بيت سندن رسالي ۾ آهن، جيڪي شاهه لطيف جي رسالي جي نسخي ۾ پڻ آيل آهن. انهيءَ مان سندن ڪلام جي هڪجهڙائي جي خبر پوي ٿي، شاهه عنايت چوي ٿو.

گلبدن جون گوجريون، ارم اوڍيائون،

چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،

اهڙي پر عنايت چئي، راڻو رانيائون،

سو موٽي ڪيئن پاهون، جو گل گجري گڏيو.

شاهه سائين جن فرمائين ٿا.

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،

چوٽا تيل، چنبيليا، هاها! هو هميشه،

پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،

لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اُجهي.

(سر مومل راڻو -3-1)

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689ع– 1752ع)

تعارف

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، لاکيڻو گهوٽ ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي لقبن سان مشهور سنڌي ادب جو ناميارو ستارو شاعريءَ جو سرتاج، سنڌ جو سدا حيات شاعر ۽ هڪ اعليٰ مفڪر هو، جنهن زندگيءَ جي بي انت سمنڊ جي پاتار ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌ جرڪندا رهندا. شاهه ڀٽائي جن جو عالي نسب حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جن سان ملي ٿو. سندن وڏا اصل هرات جا ويٺل هئا، جيڪي پوءِ لڏي سنڌ ۾ آيا، پاڻ پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه عبدالڪريم بلڙَيءَ واري کان به شاعريءَ ۾ متاثر هئا. پر شاهه سائينءَ جن کي مجازي عشق جي جيڪا چيڀٽ لڳي تنهن کين رچائي ريٽو ڪيو ۽ عشق اندر مان ڀڙڪو کائي شعرن جي صورت ۾ ٻاهر آيو، جيڪو هڪ اڻ کٽ خزانو ٿي سنڌي ادب جو هڪ عظيم سرمايو ٿي ويو.

شاهه جي ڪلام جون فني خوبيون؛

شاهه جو رسالو سنڌي ادب جو هڪ سرمايو آهي، جنهن ۾ عميق ۽ مائيدار خيال،. عمدا ۽ معنيٰ دار لفظ ۽ زبان جي وسعت آهي، اعليٰ شاعري آهي، جيڪا وسيع مشاهدي سليس ۽ سلوڻن لفظن ۽ شاعراڻين خوبين مثال طور، وزن، قافيو، محاڪات، مصوري، تخيل سان سينگاريل آهي. سندس ڪلام عاشقاڻو،صوفياڻو،ناصحاڻو آهي ته گڏرزمي شاعري رسالي جي شفاف آهي،ڪجھ حد تائين مديحي ۽ ظريفاڻي ڪلام به چيو اٿن. دنياوي حقيقتون ۽ روحاني راز سندس ڪلام جي اهم خوبي آهن مطلب ته هر لحاظ کان هر جذبي کان ڪماليت جو دامن وسيع آهي.

فصاحت جي معنيٰ ڪلام جي چٽائي جنهن سان ڪنهن کي شعر اُچارڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه ٿئي، سندس ڪلام ۾ اها خوبي اُتم آهي.

ويٺي نهاريان واٽ.

ڪڏهن ايندم ڪيچ ڌڻي.

بلاغت؛ يعني معنيٰ جي بلندي ۽ اعليٰ خيال آهي خيال جيڪي دل ۾ کپي وڃن،

پاڇا هي نه پاڙيان، سرتيون سسئيءَ ساڻ،

بلاغت شاهه جي شاعريءَ جو مرڪ آهي.

سلاست؛ آسان، ساده ۽ سليس لفظ جيڪي عام فهم هجن، شاعريءَ جي سونهن هوندا آهن، اهڙو شعر هر طبقي جو ماڻهو پڙهي سگهندو آهي.

لطيف سائينءَ جو ڪلام سادگيءَ ۽ سلاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

ستر ڪج ستار، آئون اگهاڙي آهيان،

ڍڪيج ڍڪڻهار، ڏيئي پانڌ پناه جو.

جدت؛ جدت جي معنيٰ نواڻ ۽ اها شيءِ جيڪا کانئس اڳ بيان نه ٿي هجي، شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي هم عصرن ۽ پاڻ کان اڳئين شاعرن کي نقل نه ڪيو آهي، سندس خيال، سوچون ۽ لفظن ۾ نواڻ آهي.

اکين ۾ ٿي ويهه، ته آئون ڇپر واري ڍڪيان،

تو کي ڏسي نه ڏيهه، آئون نه پسان ڪو ٻيو.

جوش؛ جوش معنيٰ آهي جذبو ۽ ڪلام جو زور، هڪ باڪمال شاعر اهو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان يا ٻڌڻ سان، دل جوش سان ٽمٽار ٿي وڃي.

حسن مير حسين کي رنو ٽن ٽولن،

گهر ماڙهين،جهنگ مروئين، اُڀن ۾ ملڪن،

پکين پاڻ پڇاڙيو، ته لڏيو هوت وڃن،

الا! شهزادن، سوڀون ڏنئين، سچا ڌڻي.

سر ڪيڏارو (5 – 6)

شاهه ڀٽائيءَ جي خيالي قوت اٿاھ آهي، جيترو غور ڪبو! ايتري نئين حيرت پيدا ٿيندي، فطري حسن کي پنهنجي ڪلام ۾ خوب ڳايو اٿن.

شاهه ڀٽائيءَ جن زندگيءَ کي اونهي مشاهدي جي اوٽ ۾ آڻي حسن کي سهڻيون معنائون پارايون آهن، حسين شين کي حسين تر ڪري پيش ڪيو اٿن.

چنڊ تنهنجي ذات پاڙيان تان نه پرينءَ سين،

تون اڇو ۾ رات، سڄڻ نت سوجهرو.

(کنڀات 1 – 7)

سندس ڪلام نيڪ نيتن، پاڪ خيالن ۽ عشق جي امنگن جو ترجمان آهي. شاهه جو رسالو پر تاثر ڪلام آهي. جيڪو سنڌي جي تاريخي نيم تاريخي داستانن، تهذيب ۽ ثقافت جو ترجمان آهي. غريب ۽ عام طبقي جي جيوت جو ذڪر، آسان زبان ۾ آهي. مهراڻ جي واديءَ ۾ شاهه سائين جهڙو ڪامل، هر دلعزيز ۽ مايه ناز شاعر اڃا تائين ٻيو پيدا نه ٿيو آهي، کيس ڪلام جي چمن ۾ اصطلاحن جا گل، استعارن جا شگوه ۽ ڪلمات جون ترڪيبون بي انداز آهن. مختلف ماحولن جون وزنائتيون ڪيفيتون، شاعريءَ جو حسن آهن. شاعراڻين صنعتن سان ڀرپور روح پرور شاعري آهي، جنهن جي الفاظن جي اُچارڻ ۾ ميٺاج ۽ معنيٰ موزونيت آهي.

وٽ سوريندي ولها، وئو تيل ٻري،

موٽ مسافر سپرين، چانگي تي چڙهي،

راڻي لاءِ رڙي، ويئي وهامي راتڙي

(سر مومل راڻو)

تضاد؛ لف و نشر، ابهام، مراعات نظير، تجنيس خطي، مجاز مرسل مطلب ته ڪا شاعراڻي خوبي نه آهي، جيڪا سندس ڪلام ۾ نه هجي. عربيءَ ۽ فارسيءَ جو سهڻو استعمال آهي. شاهه جي ڪلام جو پهريون ڇاپو ڊاڪٽر ٽرمپ جرمنيءَ مان ڇپايو ۽ اصل ڇاپو ”گنج“ جي نالي سان محفوظ آهي، گنج جي ڇاپي ۾ ترتيب وار شعر ڪونهي، سرن سان ترتيب وار ڇاپو 1923ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي ترتيب ڏنو پر ٽن جلدن ۾ صرف 17 سر آيا، ان کان سواءِ محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرزا قليچ ۽ ٻين ڪيترن ئي هن ڏس ۾ محنت ڪئي ۽ شاهه جو ڪلام ترتيب ڏئي ڇپايو. ڪلياڻ آڏواڻي جو رسالو مشهور آهي، جنهن ۾ شعرن جي سامهون سندن معنيٰ به لکيل آهي. شاهه جي ڪلام جا ڪيترن ئي زبانن مثال طور عربي، فارسي، اردو، جرمني ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ٿيا آهن، سندن وفات 1752ع ۾ ٿي ۽ بلڙيءَ وارو نسخو 1780ع يعني 28 سالن کان پوءِ جو آهي، جنهن ۾ به تلفظ لاڙي آهي. شاهه جا شارح ان تي متفق آهن ته شاهه سائين لاڙي لهجو تلفظ طور استعمال ڪيو آهي. غلام محمد شاهواڻيءَ جو رسالو سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي اهميت جو حامل آهي، جيڪو 1950ع ۾ ڇپجي آيو، مطلب ته ڪئين شارحن شاهه جي ڪلام جي شرح ڪئي ۽ سندس رسالي مان سنڌي عوام کي فيضياب ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله اڃان به اهو علم جو سمنڊ جهاڳڻ لاءِ سنڌ مان ڪئين سخن ور پيدا ٿيندا.

اڄ ملنديس ماءِ، ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا،

جيجا جوڳيائي ٿيان، مون کي جهل مَ پاءِ،

هوت ٻروچي لاءِ، ڪنين ڪنر پايان.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1690ع– 1761ع)

تعارف

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سنڌي ادب جي شروع جي عالمن مان هو. پاڻ هڪ وڏو مصلح دين هو. سندن ولادت 1690ع ۾ بٺوري ڀرسان بهرام پور ۾ ٿي.

مخدوم صاحب شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي ۽ پوءِ ٻين استادن وٽ علم حاصل ڪيائون. بهرام پور ۾ ديني مدرسو کولي درس و تدريس جو سلسلو شروع ڪيائون. پر پوءِ شهر جي عوام سان ديني مسئلن تي اختلاف جي ڪري واپس ٺٽي ۾ اچي رهيا.

ٺٽو ان وقت علم ۽ ادب جو مرڪز هو. سندس علميت ۽ قابليت گهڻي مشهور ٿي وئي. تقرير توڙي تحرير ۽ علمي طرح دين جي خدمت ڪيائون. سندن مشهوري هنڌين ماڳين ٿي ويئي. پري پري کان ماڻهو وٽن علم جو فيض حاصل ڪرڻ ايندا هئا پاڻ ڪافي ڪتاب عربي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيائون، جن مان ڪجهه جامع الازهر يونيورسٽي مصر ۾ پڙهايا وڃن ٿا. ”فرائض الاسلام“، ”زاد الفقير“ ”قوت العاشقين“، ”راحت المؤمنين“ وغيره مشهور ڪتاب آهن.

عربي اڄاڻن کي گهڻي ڏهلي هوءِ،

سنڌي ڪيم سهکي، جان سکي سڀڪو.

پاڻ فقي جي موضوع تي شعر چيا اٿن، پاڻ شريعت جو پابند هو. غير شرعي ۽ غير ديني ڳالهين کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مدد سان ڪافي ڪوششون ورتائين. شاعريءَ ۾ ڊگها بيت يعني ڪبتون چيا اٿن. پاڻ 139 ڪتاب لکيائون جنهن ۾ 10 سنڌي آهن. سندن شعر موضوع، ٻوليءَ ۽ پختگيءَ جي لحاظ کان بهترين آهي. بنيادي طور پاڻ نثر نويس هو، پر شاعري به ڪيائون. خاص طور الف اشباع جي نظم واري طريقي سان سندن سنڌي ابوالحسن جهڙي آهي.

1722ع ۾ حج ڪيائون ۽ سندن وفات 1760ع ۾ ٿي ۽ مزار ٺٽي ۾ مڪلي شريف جي ٽڪريءَ تي آهي.

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو (1712ع– 1774ع)

تعارف

خواجه محمد زمان ولد شيخ عبداللطيف صديقي جن جي ولادت 21 رمضان 1125هه مطابق ٿي. سندن حسب نسب حضرت ابوبڪر صديق رضه جن سان وڃي ملي ٿو. لنواري شريف بزرگن ۽ اوليائن جي سرزمين آهي ۽ جنهن کي سنڌ ۾ خاص اهميت حاصل آهي. خواجه زمان صاحب جن جا وڏا خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ سنڌ ۾ آيا ۽ لنواريءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائون. پاڻ مخدوم ابوالقاسم جو معتقد هو علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ درس و تدريس کي اختيار ڪيائون. خواجه زمان جن کي ننڍي هوندي کان ئي روحانيت حاصل هئي جو عام ماڻهو ته ٺهيو پر وڏا بزرگ به سندن حاضري ڀرڻ ويندا هئا. فن ۽ فڪر جي لحاظ کان سندن شعر تمام بلنديءَ تي آهي. پاڻ وقت جو برگزيده ۽ عالم شخص هو شاهه ڀٽائيءَ کانئن عمر ۾ وڏو هو پر ان جي باوجود وٽن لنگهي آيو ۽ ساڻن روح رهاڻ ڪيائون گفتگو دوران بيتن جي ڏي وٺ ٿي شاهه سائين سندن ملاقات مان تمام متاثر ٿيا ۽ ساڻن ملڻ کان پوءِ اڪثر هي شعر جهونگاريندا هئا. سندن ملاقات اهميت جي حامل آهي.

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

تنين سندي ڪا ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

شاهه ڀٽائيءَ ۽ خواجه زمان جي ملاقات جو احوال ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”لنواريءَ جا لال“ ۾ ڏنو آهي.

خواجه زمان جا ڪيترائي ملفوظات ۽ ابيات پارسي ۽ سنڌيءَ ۾ آهن جن ۾ تصوف ۽ معرفت جا انيڪ نڪتا سمايل آهن. سندس ملفوظات کي شمس العلماءَ دائود پوٽي صاحب جن سنڌي ترجمو ڪري ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان شايع ڪرايو.

سندن ڪلام فاالبديهه ۽ برجسته چيل آهي. عام طور سان جذب ۾ چيل شعر ملي ٿو.

ڪي جيئري جنت ۾، ڪي مئي مس مڙن،

مئل ڪين ڪرن، پسئو جلوو پريان جو.

سندن سمورو شعر حقيقت جو سرچشمو آهي،اڪثر ڪري ويٺي ويٺي شعر جهونگاريندا هئا جيڪي حاضرين هڪ دم پاڻ وٽ قلمبند ڪندا هئا.

فعل شريعت حُب طريقت، هينئون حقيقت هوءِ،

معرفت نالو آهي، پروڙڻ پارسين.

شاهه سائين به انهن چار وسيلن کي اهميت ڏني آهي. شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت ئي اصل منزلون آهن.

وحده جي وڍئا، الا الله سين اورين،

هينئون حقيقت گڏيو، طريقت تورين،

معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورين.

ڪلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي.

(شاهه ڀٽائي)

 خواجه زمان جن محبوب حقيقي سان دل لڳائڻ ۽ غيرن جي محبت دل مان ڪڍڻ جي تلقين فرمائي آهي. علم ظاهريءَ سان علم باطني جي تلقين فرمائي اٿن، سندن ڪلام جو تعداد 85 بيت چيو وڃي ٿو، جيڪو حقيقت جو سرچشمو آهي.

اکر پڙهه عشق جو، ڪنز قدوري ڇڏ ،

چڙهه تنين جي مڌ، جي ستي ڏين شراب ٿي.

ڪنز قدوري دنيا ۾ فقي ۽ تصوف جي موضوع جون ڪتابون آهن، پاڻ فرمائين ٿا انهيءَ کان به وڌيڪ انهن ڪامل مرشدن جي حوالي ٿي جيڪي تو کي حقيقي عشق جي لنئون لڳائين جي ڀلي سُتيءَ جيترو به علم ڏين ته به قيمتي آهي. (ستي هڪ معمولي مقدار جيڪو نوزائيده ٻار کي صحت لاءِ پياري ويندي آهي.)

ستي ان شراب جي، جن سري سي سون ٿيا،

سمهڻ تن ثواب،ڪتڻ تن کي ڪيميا.

اهو عشق جو مشروب آهي جنهن جي معمولي مقدار يعني (سُتي) به سون برابر آهي. خواجه صاحب جي ڪلام ۾ دل جو آواز ۽ روح جو سوز آهي، هيءَ ڪلام قديم ۽ محدود هئڻ سان گڏ قيمتي ترين آهي، تصوف جا باريڪ نڪتا آهن جن مان ڪجهه شعرن جي تشريح عربيءَ ۾ گروهڙي صاحب جن ڪئي آهي، جيڪا عالماڻي شرح آهي ۽ فڪر جي گهرائيءَ جي ڪري هر هڪ عام جي سمجهڻ کان مٿي آهي. خواجه زمان جو سڄو ڪلام عارفانه ۽ عالمانه آهي. حقيقت ۽ معرفت الاهي جا اسرار آهن. ”موتو قبل ان تموتو“ جي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي اٿن، جيڪو عارفن جو مرڪ آهي.

         پريان جي پڇار ۾،اچي جن آرام

دنيا تن کي دام،پڇن،  موسم موت جي.

ڇڏيان هي جهان، هو پڻ گهوري ڇڏيان،

پلڪ پريان ساڻ، جي سري مون جيڏيون.

هيءُ شريعت جو پابند صاحب طريقت جي ڪل فضيلتن سان سينگاريل هو، روشن ضمير ولي ۽ هدايت جو هادي رهبر هو. سندن سمورو وقت الله پاڪ جي عبادت ۽ ماڻهن کي روحاني فيض ڏيڻ ۾ گذرندو هو. سندن حياتيءَ جو گهڻو احوال ”مرغوب احباب“ ۾ ڏنل آهي.

هن علم ۽ فن جي ڪامل مرشد جي وفات 4 ذوالقعد 1188هه مطابق 1774ع ۾ ٿي. مزار لنواري شريف ۾ عام ۽ خاص جي لاءِ زيارت گاهه آهي.

ماهيت مينهن نه پوءِ قلزم اندر قطري،

مگر وڃي سوءِ جڳ ڇڏي جالار ۾.

محبوب جي وصال جي اصليت خدا پاڪ جا عارف ۽ سچا بندا ئي سمجهي سگهن ٿا. طالب جي زندگيءَ جو مقصد صرف مطلوب ٿيڻ آهي ۽ جڏهن هن پنهنجي محبوب کي سڃاڻي ورتو پوءِ سندس جي لاءِ ٻيو ڪجهه سوچڻ گناهه آهي. اهو رستو جن کي ملي ٿو انهن لاءِ زندگي زهر آهي ۽ آرام ۽ سک ڪا حيثيت نٿا رکن.

سڄڻ جن ڏٺو، تن ڏسڻ غير گناهه،

جنين لڌي راهه، ويهڻ تنين وه ٿيو.

حضرت سچل سرمست بحيثيت هڪ بي باڪ صوفي شاعر

(1739ع– 1829ع)

 ميان عبدالوهاب ولد ميان صلاح الدين ولد ميان صاحبڏنو فاروقي عرف سچل سرمست هڪ بي باڪ صوفي شاعر جو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. اصل نالو عبدالوهاب پر پيار جو نالو ”سچل“ اٿن. پر سنڌي شاعريءَ جو حقيقي سچل بڻجي پيو. سندن حسب نسب حضرت عمر فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو. سندن وڏا محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيا هئا. سچل فاروقي ننڍپڻ ۾ ئي يتيم ٿي ويو هو ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم ڏاڏي کان پوءِ آخوند عبدالله کان ورتائين پوءِ پنهنجي مرشد ميان عبدالحق جي زير اثر  تربيت ورتائين. سچل سرمست جي شاعري سنڌي ادب ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان پختي، اثرائتي ۽ عشق جي بلنديءَ واري آهي. پاڻ ”اناالحق“ جو نعرو هڻي صوفيانه نڪتن کي کولي واضح ڪيو اٿن. سندن تخلص ”سچو“ ۽ ”سچل“ آهي، جنهن جو سندن شاعريءَ تي گهرواثر آهي.

سچل جو ڪلام بي باڪي ۽ رنديءَ جومظهر آهي، جيڪي حقيقتون کانئن اڳ شاهه ڪريم، مئين شاهه عنايت ۽ شاهه ڀٽائي ڍڪي بيان ڪيون آهن سي سچل سائين کولي ظاهر ڪيون آهن. شاهه صاحب عاشقن کي راز لڪائڻ جي تلقين ڪئي آهي.

نينهن نهائين کان سک منهنجا سپرين،

سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.

سچل ماٺ کي پسند نٿو ڪري، عشق جي اڻ تڻ کيس ظاهر ڪرڻ تي ٿي اُڪسائي.

ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر،

انهيءَ وائي ور سمجهي ڪو ”سچو“ چوي.

شاهه سائين مذهب ۽ شريعت اڳيان ڪجهه نٿو ڪڇي، صرف ايترو اظهار ٿو ڪري ته خالي عبادتن مان ڪجهه ڪو نه حاصل ٿيندو، دل جي ڪٽ کي ڪڍي دل کي ڌوئي پاڪ ڪجي ته معرفت حاصل ٿيئي پر ان ۾ نماز ۽ روزي تي تنقيد ڪونهي.

نمازون روزا ايءُ پڻ چڱو ڪم،

اهو ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

۽ سچل کليو صاف ۽ برملا چوي ٿو؛

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،

شيخيءَ پيريءَ بزرگي بيحد ڀلايا،

ڪي نمازون نوڙي پڙهن ڪن مندر وسايا،

اوڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.

سندن شعر واضح ۽ دل کي چڀندڙ آهي، عشق جي آلاپن ۾ سچل سرمست پنهنجي سڄي ”قادر الڪلامي“ جو زور صرف ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي رسالي ۾ ٻين سرن کان سواءِ ”هير“ جو به ذڪر ڪيو اٿن ۽ سندس ڪلام ۾ سور پورب، سر سارنگ ۽ سر جوگ جا بيت به شامل آهن. شاهه سائينءَ جن سچل کي ڏسي فرمايو ته ”جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هيءَ نينگر لاهيندو.“ ”ڍڪ لاهڻ“ معنيٰ راز کولڻ ڍڪ لاهڻ محاورو آهي. ڍڪ ڏيڻ،معنيٰ ڪنهن ڳالهه کي ڍڪڻ، شاهه سائين جيڪي راز ڍڪي رکيا هئا ۽ ڪو نه کوليا هئا، اهي سچل کولي ظاهر ڪيا. عشق الاهيءَ جي ستي پي سچل بي خود ٿو ٿي وڃي.

پاڻ پنهون مان آهيان ڙي ڀينر ڀلي ناهيان.

پاڻ سچائيءَ جي صراحيءَ مان ٽٻي ڏيئي دليرانه انداز ۾ چيو اٿن”جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان.“ سچل پنهنجي محبوب کي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ ظاهر ڪري ٿو ۽ سڄو وقت سندس پوڄا ۽ پيار ۾ غرق آهي.

شاهه سائين فرمائي ٿو؛

وڃين ڇو وڻڪار هت نه ڳولين هوت کي،

لڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻئي پار،

نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو.

سچل سائين فرمائي ٿو؛

”جان پروڙيم پاڻ کي، تان پاڻ پنهون آهيان.“ سچل سائين پاڻ پارسي ڪلام ۾ تصوف تي گهڻو پڙهيو هو. شيخ عطار ۽ شيخ شمس الدين تبريزي کي روحاني مرشد ڪري مڃيو هئائون ۽ پاڻ قرآن شريف، فقه فارسي ۽ عربيءَ جو عالم هو.

سندس فارسي ڪلام ”ديوان آشڪارا“ مير جواد علي خان ڇپرايو. ”سچل جو سنڌي رسالو“ آهي، جنهن ۾ ڏوهيڙا، ٽيهه اکريون ڪافيون ۽ جهولڻا درج ٿيل آهن. ”رازنامو ۽ رهبرنامو“ فارسي ڪلام آهي. ”قتل نامو“،” گداز نامو ۽ تارا نامو محبت جي باريڪي کي کولي ٿا بيان ڪن.

 پاڻ پنهنجي وقت جو سچو صوفي بزرگ ۽ وڏو عالم هو، تاريخ کي پڙهيو هئائون. سندس صوفيانه ڪلام ايترو ته بي باڪيءَ جو مظهر آهي جو مذهبي حلقن ۾ زبردست رنجش پيدا ٿي ۽ مٿس ڪافر هئڻ جون فتوائون جاري ٿي ويون.

پاڻ تصوف جي نشي ۾ مست هو، وٽس هڪ طرف رنديءَ و مستيءَ جو دريا موجزن آهي، ته ٻئي طرف درد جون داستانون آهن. درد ،سوز ۽ جرائت سان چيل ڪلام جڏهن موج مستيءَ ۾ تنبوري تي ڳائيندو هو ته مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئس ۽ اکين مان آب جاري ٿي ويندو هوس.

الله الله ڇو ڪرين ۽ پاڻ ئي الله ڄاڻ،

سچو سائين هڪڙو ناهي ٻيو ڪمان.

سچل سائين نظريه وحدت الوجود جو شاهه سائين وانگر حامي هو، سندس چوڻ مطابق هر هنڌ حق آهي ۽ ڪائنات جي هر شيءِ خدا جي وجود جو حصو آهي. ذات حقيقي کي سڃاڻڻ لاءِ عشق ضروري آهي. حق تائين پهچڻ لاءِ ظاهر علم ناقص آهي، تڏهن چون ٿا ”قاضي ساڙ ڪتابان ڪون“. پاڻ حسين بن حلاج کان گهڻو متاثر ٿيل هئا. سندن نظريي ”انالحق“ کي گهڻو ڳاتو اٿن.

سچل مجازي عشق کي حقيقي عشق تائين پهچڻ جو رستو سمجهي ٿو. ان منزل کي طئي ڪرڻ کان پوءِ هر طرف محبوب آهي. طالب پاڻ مطلوب ٿو ٿي وڃي. ”هت هت آهي صورت منهنجي، ٺاهه نه ڪو پيو ٺاهيان“ هيءُ سنڌ جو پهرويون غزل جو پختو شاعر هو ۽ ڪافيءَ کي به عروج تي پهچايو هئائون. سندن ڪلام تمام گهڻي تعداد ۾ آهي، جيڪو ڪافي تعداد ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. سندس وفات 1829ع ۾ درازن ۾ ٿي،جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.

حمل فقير لغاري (1810ع– 1878ع)

تعارف

سنڌي زبان جو هيءُ مشهور شاعر 1810ع مطابق خيرپور ۾ پيدا ٿيو. حمل فقير لغاري هڪ مشهور عوامي ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس تعلق ڳوٺ مير خان لغاري خيرپور رياست سان هو. پاڻ استاد جي حيثيت سان عزت واري زندگي بسر ڪيائون. سڪرنڊ ۾ سندن مدرسو هو، جنهن ۾ درس و تدريس جا فرائض سرانجام ڏنائون.

وحدت جي ديواني، توحيد جي شمع جي پرواني حمل کي الاهي دل جو سوز حاصل هو. نعت رسول مقبول به اعليٰ پايي جون لکيائون. سندن شعر ۾ عشق جو اثر گهڻو آهي، هن درويش جو ڪلام سوز و گداز جو خزانو آهي. حسن ۽ عشق جو ذڪر به من موهيندڙ انداز ۾ ڪيو اٿن. مثنويءَ جي صنف  ۽ مولود کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص اهميت ڏني اٿن. سنڌي توڙي سرائيڪي ۾ تمام پختوشعر چيو اٿن.

سندس ڪلام ”ڪليات حمل“ جي نالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب جن سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪليات ۾ ڏهون داستان سڪ جو داستان آهي. سڪ ۽ چاهت جو تعلق دل جي گهراين سان آهي.

سڪ مڙيئي سور سور به سرجيا سڪ مون،

صبر سڪ وڃايو، ماٺ نه اچي مور،

دانهون درد فراق جون، ڏيهه ٻجهن ٿيون ڏور،

حمل هي ڪلور، جو ساجن سڻي ڪينڪي.

زماني جي گردش کين ڪافي متاثر ڪيو، دوستن يارن جي بي وفائيءَ جي ذڪر ۽ زماني جي زبون حاليءَ جو ذڪر تمام اثرائتو ڪيو اٿن.

حمل جي هن حال جو ڪونهي، سڌ سماءُ،

ڪو جو وريو واءُ، ماڻهو سڀ مٽجي ويا.

حمل جي شاعريءَ ۾ وطن سان محبت، مرشد سان عقيدت، رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن سان محبت زماني جي بي ثباتيءَ جا ذڪر آهن. سندن لهجو ڳوٺاڻو ۽ ڪلام سليس و عام فهم آهي، پاڻ لنواري شريف جي بزرگن جو خاص مريد ۽ عقيدتمند هو. حمل جو ڪلام حق ۽ سچ جو آئينو آهي. حمل فقير عشق محمديءَ سان سرشار هو سندس محبت هيٺين شعر مان ظاهر ٿئي ٿي.

بي شڪ رسول الله تون،

بي شڪ نبي الله تون،

بي شڪ حبيب الله تون،

ڪو مهر مون تي مصطفيٰ.

سنڌي زبان هڪ وسيع زبان آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي ۽ گرامر جا ڪمال آهن، جتي ڪئين لفظ هڪڙي معنيٰ لاءِ ته هڪڙو لفظ ڪيترين معنائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. حمل جو هيٺيون شعر تجنيس حرفي ۽ وسيع لغت جو ڪمال آهي.

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، آئون ڪاڻون ڪڍان ڪن جون،

نه ته ڪير ڪاڻ ڪير اسين، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ،

پر حمل سرهي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻ ڪڍون ڪن جون.

هتي ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، کان آخر تائين ڪيترائي دفعا تجنيس حرفيءَ جو شاندار استعمال آهي. هڪ لفظ ڪاڻ جون ڪيتريون ئي معنائون اچي ٿيون وڃن، ڪاڻ معنيٰ ڪنهن جي خاطر ڪاڻ ڪڍڻ، معنيٰ پرواهه ڪرڻ ڪاڻون ڪڍان ڪن جون، معنيٰ ٻين جون خاطريون ڪرڻ، ٻين جون ڏنل تڪليفون سهڻ، ساجن ڪاڻ سڄڻ جي واسطي يا سڄڻ لاءِ حاصل مطلب آهي ته ”آئون پنهنجي محبوب جي ڪري ٻين جو خيال ٿو ڪريان يا سندن برداشت ٿو ڪريان نه ته اسين ته شان مان وارا آهيون، اهڙا ڪو نه آهيون جو ٻين جي خاطر ڪريون بلڪه ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندا آهيون، صرف سهڻي سڄڻ ۽ پياري محبوب لاءِ ٿا ماڻهن جي پرواهه ڪريون“. حمل فقير جي ڪلام کي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اعليٰ مانائتو مقام حاصل آهي. سندس ”ڪليات حمل“ کان سواءِ ”هير رانجهي جي شاعري“ ۽ ٽيهه اکريون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

 

خليفو گل محمد ”گل“ 1802ع

 قال الرحمان علي العرش الستويٰ، ڏتو ڏنو،

قلب ۾ پاڻ تاڪ منهنجا، آئون ڏسان جيئن.

آخوند گل محمد ”گل“ هالن جي مشهور علمي ۽ ادبي خاندان سان تعلق رکندو هو. هيءُ سنڌي زبان جو پهرويون ”صاحب ديوان“ شاعر هو، مڪمل رديف تي مشتمل غزلن تي ديوان لکيو اٿن ۽ جيڪوسنڌي ادب ۾ پهريون مجموعو ڪلام آهي. اهو ديوان پاڻ بمبئيءَ ۾ ڇپرايو هئائون، جيڪو سنڌي الف ب جي  قافين تي ٺهيل آهي. قرآن شريف جون آيتون ۽ حديثون سندس ڪلام ۾ تبرڪ طور ڪم آنديون ويون آهن.

خليفي گل محمد جي ڪلام ۾ مجازي عشق کان وٺي خدا پرستيءَ تائين سڀ نڪتا موجود آهن. سندس غزل جي شاعريءَ ۾ ڪجهه فارسي رنگ آهي. (هونئن به غزل ايراني صنف آهي.) پر ته به سنڌي ٺيٺ لفظ ۽ سنڌي معاشري جي عڪاسي پڻ نظر اچي ٿي.

عربي، فارسي، علم تصوف جي کين سٺي ڄاڻ هئي. علم وارن لاءِ تمام گهڻو دل ۾ پيار رکندا هئا. خود به علم حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ ادب ۽ شاعريءَ جي راھ اختيار ڪيائون. ”ديوان گل“ ۾ لساني خوبيون به آهن ته تخيل جي بلندي به لائق ستائش آهن. آخوند صاحب غزل ۾ ديسي ماحول ۽ عربيءَ ۽ فارسيءَ جي بجاءِ سنڌي لفظ نئين رنگ ڍنگ سان پيش ڪيا آهن ۽ نوان جديد موضوع غزل ۾ آڻي غزل کي نئون رنگ ڏنو اٿن نه ته عام طور تي غزل صرف عشقيه شاعريءَ تائين محدود هئي. سندس مجموعي ۾ منقبت، غزل ۽ نظم گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. آخوند صاحب جي غزل جو آخري شعر هيٺ عرض ڪجي ٿو.

ڪيا منڊل برسات برسي، ”گل“ ٽڙيا پوٺن مٿي،

زعفران وسنبل و نرگس، کليا ۽ کٽڻهار.

پاڻ پير پاڳاري علي گوهر شاهه (اول) جو مريد هو، جتان کيس خلافت ملي ۽ کيس خليفي جو لقب مليو. روزي نماز ذڪر ۽ فڪر جو پابند هيءُ بزرگ سندس خواهش مطابق حرمين شريفين ۾ وفات ڪري ويو ۽ اتي ئي مدفون آهي.

فقير قادر بخش بيدل (1814ع– 1872ع)

بيدل هڪ صاحب دل شاعر ۽ مشهور صوفي فقير هو. فقير قادر بخش جو اصل نالو ”عبدالقادر هو کيس حضرت عبدالقادر شاهه جيلاني سان تمام گهڻي عقيدت هئي، تنهن ڪري پنهنجو ننڍپڻ جو نالو مٽائي قادر بخش رکيائين. سندس والد محمد محسن روهڙيءَ ۾ رهندو هو، پاڻ والد جي وفات کان پوءِ فقيري رنگ ۾ بزرگن ۽ درويشن جي درگاهن تي ويندو هو. ڪجهه وقت لال سيوهاڻيءَ تي حاضريون ڏنائين ۽ پوءِ سچل سرمست جي درگاهه تي فيض حاصل ڪيائين ۽ ڪجهه درويش بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين. ننڍي عمر کان ئي ڪافي علم حاصل ڪيو هئائين پر فقيرن جي فيض منجهس تمام گهڻي پختگي آندي.

قادري طريقي ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جو مريد هو ۽ جان الله شاهه جو خليفو هو. بيدل کي اهل بيت سان گهڻي محبت هئي. سندس ڪلام ۾ گهڻا شعر امامن جي باري ۾ ملن ٿا.

ڪربلا ۾ شاهه جڏهن مهمان ٿيو،

درد غم جو اُت وڏو گهمسان ٿيو.

”بيدل“ هڪ قابل شاعر هو. سنڌي زبان کي ڪافي عروج تي پهچايائين. رومانوي قصن تي مشتمل شعر به چيو اٿن. پاڻ صاحب ديوان شاعر آهي. ”بيدل“ سندس تخلص مشهور آهي. سندس مڪمل ديوان جو نالو پڻ ”ديوان بيدل“ آهي. فقير سائين پير ڳوٺ ۾ سيد علي گوهر شاهه جن کي عربيءَ ۽  فارسيءَ جا درس ڏنا ۽ کين تصوف جا راز ۽ رمزون سمجهايون ٻيا به ڪئين سندن معتقد هئا سنڌيءَ کان سواءِ اردو ۽ سرائيڪيءَ ۾ به سندن ڪلام ملي ٿو.

 ڪانگ لنوي مٺي لات، محب مسافر ڄڻ ڪي ايندا،

جيسين دانهان درد منهنجي جون، پهتيون اُتي پرڀات،

اٿم آس ته هينئن نه ڇڏيندا.

مجازي عشق کان حقيقي عشق تائين جو سوز چکيو اٿن. سندن ڪلام سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن جي عوام ۾ مقبول آهي. سندن ڪافيون گهڻيون مشهور آهن. سنڌي ادبي بورڊ ”ديوان بيدل“ کي ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. سندس مشهور ڪتابن ۾ ديوان منهاج الحقيقت، رموز العارفين، وحدت نامه، سرور نامه مشهور آهن. پاڻ 20 کن ڪتاب لکيائون. روهڙيءَ جو هيءُ بزرگ 1814ع ۾ پيدا ٿيو ۽ اُتي روهڙيءَ ۾ 1872ع ۾ وفات ڪيائين، سندس آرام گاه ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان آهي.

مرزا قليچ بيگ (1855ع – 1929ع)

تعارف

مرزا قليچ بيگ جن سنڌي ادب ۾ سڪار جي نشاني شاعريءَ ۽ نثر ۾ هڪ مٿانهون مقام رکندڙ شخصيت آهن. مرزا صاحب سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ معتبر نانءُ آهي، جنهن جو ذڪر نه ڪرڻ سنڌي شاعريءَ سان ناانصافي آهي. مرزا قليچ بيگ جن جا وڏا گرجستان مان لڏي هتي آيا. سندن والد فريدون بيگ هتي سنڌ مان شادي ڪئي ان ڪري سندس اولاد سنڌ جي علم ۽ ادب سان مالامال ٿيو ۽ سنڌي ٻولي پڙهيو ۽ لکيو مرزا صاحب جن سنڌي ادب کي نثر جي ميدان ۾ بي حساب ڪاميابيون عطا ڪيون.

شاعراڻيون خدمتون

سنڌ جو هيءُ سڄاڻ شاعر سنڌيءَ ۾ غزل کي نئون موڙ ڏيندڙ ۽ غزل کي ڪامياب شاعري بنائيندڙ ”قادر الڪلام“ شاعر هو.

مرزا صاحب جي شعرن ۾ لفظن جي سهوليت، وزن ۽ آسان طرز اهم آهي. مرزا صاحب جن جا شعر سلاست، رواني، سادگي ۽ ترنم جو سينگار آهن. ”قليچ“ سندن تخلص هو. ”ديوان قليچ“ سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

مرزا صاحب انگريزن جي دؤر جو بهترين غزل گو شاعر هو. مرزا صاحب ۽ سانگيءَ بهترين غزل لکيا. هن دؤر ۾ غزل جي صنف کي ترقي ملي.

مرزا صاحب کي شاهه صاحب سان گهڻي عقيدت هئي ”شاهه جي رسالي“ تي پڻ ڪم ڪيائون ”شاهه ڀٽائيءَ جو احوال“ ۽ ”رسالهءَ ڪريمي“ سندن مشهور ڪتاب آهن.

شاهه جي رسالي کي ايڊٽ ڪري منجهس آيل ڏکين لفظن کي الڳ ڪري لغت ”لغات لطيفي“ لکيائين.

حفيظ جتوئي ۽ ثابت علي شاهه جو ڪلام به مرتب ڪيائين. مرزا قليچ بيگ کي سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي ادبي انعام مليا جيئن ”قيصر هند“، ”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ ۽ 1924ع ۾ ”شمس العلما“ جو خطاب پڻ مليو.

مرزا صاحب جا وڏا عالم هئا ترڪيءَ ۽ فارسي سندن گهر جي ٻولي هئي. مرزا صاحب ننڍپڻ ۾ ئي فارسيءَ ۾ شاعري ڪندو هو، تعليم دوران انگريزي، عربيءَ، سنڌيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائون ۽ کين بنگالي ۽ ترڪي، فرانسيسي ٻولين جي به بهترين ڄاڻ هئي. سڀني کان گهڻو چاهه انگريزي ۽ سنڌيءَ سان هئن. سنڌي زبان جي هن سڄاڻ ۽ ڏاهي عالم سنڌي ادب کي انگريزيءَ مان ترجمو ڪري ڪئين ادبي فن پارا عطا ڪيا. ازانسواءِ هر موضوع تي لکيائون. شاعريءَ سان سندن گهڻو چاھ هو. ڪيترن شاعرن جون سوانح عمريون به لکيائون. 400 کان به وڌيڪ ڪتاب لکڻ، ترجمو ڪرڻ ۽ سنڌيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ادبي ذخيرو لکڻ جي صورت ۾ کين ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيندا آهن. مرزا صاحب جون سنڌي شاعريءَ لاءِ ڪيل خدمتون ناقابل فراموش آهن.

محشر ۾ اچن سڀ کڻي تحرير بغل ۾،

آڻيا آئون کڻي، دوست جي تصوير بغل ۾.

72 سالن جي عمر ۾ ٽنڊي ٺوڙهي جي هن مشهور شاعر ۽ اديب 1929ع ۾ وفات ڪئي.

پنهنجو شرف تون ذاتي، ڏس ڌيان سان ”قليچا“،

هل رستو سو هميشه، هت تو کي جو ٺهي ٿو.

مير عبدالحسين سانگي

(1850ع – 1924ع)

ساڻيهه نه آهي هيءُ ته گذر جو مڪان آهي،

دنيا سانگ ۾ اوهين ”سانگي“ سنڀالجو.

سنڌ جو هيءُ پڙهيل سمجهه دار فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي عهدي تائين پهتل تعليم يافته شاعر شاعريءَ ۾ هڪ ناميارو نانءُ آهي.

مير عبدالحسين امير ۽ باحيثيت هوندي به فقيري پسند ڪندو هو، سندس فقيراڻه خيال مٿئين شعر مان ظاهر ٿين ٿا.

غزل جو هي سرموڙ شاعر ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ جو شوقين هو. جوانيءَ ۾ سندس شاعريءَ تمام گهڻي ترقي ڪئي. سندس ديوان ۾ غزل، قصيدا ۽ ڪافيون آهن. سنڌي قصيدي کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ سهڻي نموني سان وڌايو ويجهايو اٿن. نوان لفظ ۽ رنگ ڍنگ ڏنا اٿن، پر سندس غزلون وڌيڪ مشهور آهن. بنيادي طور غزل جو شاعر هو.

گذري جي ويا سي زمانا ياد پيا.

وسري جي ويا سي ترانا ياد پيا.

سانگيءَ زندگيءَ جا عروج ۽ زوال ۽ دنيا جون بي ثباتيون ڏٺيون هيون جنهن سندس دل کي گهڻو متاثر ڪيو هو. پاڻ خانداني امير هو ۽ کيس اميريءَ ۽ اشرافيءَ جي گڻن جي ڀليءَ ڀت خبر هئي. هو دنيا جي انهن هلڪڙن ماڻهن کي نٿو پسند ڪري جيڪي پئسو ڏسي دولت جي ڏيکا سيکي ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن. سندن چوڻ مطابق خانداني دولتمند ۽ آسودو ماڻهو هلڪڙائيءَ يا ٽرڙائيءَ کان پاسو ڪندو آهي.

سانگيءَ جا هم عصر شاعر حافظ حامد، سيد مرتضيٰ شاهه، غلام محمد شاهه ”گدا“ ۽ پير صاحبڏنو بلڙيءَ وارو ساڻس گڏجي شاعريءَ جون محفلون رچائيندا هئا.

مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي ڪتابن ۾ ”لطائف لطيفي“، ”ديوان سانگي“، ”ڪليات سانگي“ مشهور آهن.

فارسيءَ تي مڪمل دسترس هيس ۽ ڪجهه ڪلام فارسيءَ ۾ چيو اٿن. شاعري کين ورثي ۾ مليل هئي، غزل جي بي نظير شاعريءَ کان سواءِ ڪافيون به گهڻيون چيون اٿن. نثر به سٺو لکيو اٿن.

سندس ڪلام پنهنجي وقت جو آئينو آهي، جنهن ۾ عشق جي آتش سان گڏ محبت جا موتي موجزن آهن. سکن کان پوءِ ڏکين حالتن کيس مستقل مزاج، خوددار ۽ بهادر بنائي ڇڏيو. سندس شاعري فني پختگي، فصاحت ۽ بلاغت جو مثال آهي، غزل کي جدت ڏنائين.

پسي پار پرينءَ جا هينئڙو ٿيو حيران،

ويئي صحبت ملڪ مان، اديون ڙي ارمان.

شهداداڻي ٽالپرن جو هيءُ مشهور غزل گو سنڌي شاعر بنگال ۾ 1850ع ۾ تولد ٿيو هو ۽ سندس وفات 1924ع ۾ سنڌ ۾ ٿي. شاهه ڀٽائيءَ جو معتقد هو. کيس سندس وصيت مطابق ڀٽ شاهه ۾ ئي دفن ڪيو ويو.

ادا حضرت عشق جي نوڪريءَ ۾،

ڏناسون ڏکيا امتحان ڪهڙا، ڪهڙا،

جڏهن حسن جي فوج ٿي چڙهائي،

ويا خاڪ ٿي خاندان ڪهڙا ڪهڙا.

شيخ اياز

شيخ اياز جو اصل نالو شيخ مبارڪ اياز آهي، پر سندن ادبي نالو شيخ اياز آهي. سنڌي ادب جو هيءُ هڪ ناميارو نانءُ آهي، جنهن سنڌ کي ڪئين هيرا جواهر لفظن ۾ اوتي ڏنا آهن ۽ شعر جي دنيا کي رنگين دلڪش ۽ انقلابي بنايو آهي.

شيخ اياز انقلابي شاعر

شيخ اياز انقلابي ادب جو اڳواڻ ۽ قومي شاعر آهي. انقلابي شاعريءَ جون ٻه صورتون هونديون آهن. هڪ خارجي ۽ ٻي داخلي. جڏهن شاعر پنهنجي وقت ۾ سماج جي انقلابي تبديلين کان متاثر ٿيندا آهن، تڏهن سندن شاعري ويڙهاند جي ميدان ۾ اچي عوامي شاعري ٿي سندن دلين جو آواز ٿي ويندي آهي.

او ڌرتي ماءُ، تنهنجي کهه، منهنجون اکيون.

سنڌي عوام جڏهن انقلابي حالتن مان گذريو ته ڪئين شاعر اڳيان آيا، جن ۾ شيخ اياز سندن رهبري ڪئي.

ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسون پر مرڪندي.

پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي ون يونٽ لڳو جنهن جي ڪري سنڌ۽ سنڌين کي ذهني ۽ سياسي غلاميءَ جي ڪرب، اذيت مان لنگهڻو پيو، ڪيترن ئي باشعور اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جو رت ان وقت ٽهڪيو. سندن آواز پوريءَ سنڌ جو آواز ٿي ويو.

هيءُ ڪارو، ڪارو نڀار ته ڏس، هو ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس،

مون ڪيڏي جر جي جهاڳ مٿان، هي ديپ جلايو آ پيارا!

1969ع ۾ پاڪستاني قومون ون يونٽ مان آزاد ٿيون ۽ سنڌ ٻيهر دنيا جي نقشي تي اُڀري آئي ۽ سنڌين سک جو ساهه کنيو.

سنڌي شاعريءَ جي آسمان تي بيتن، غزلن، واين ۽ گيتن جي گونجار سان نون جديد لاڙن ۽ لفظن جي اڻ کٽ خزاني جي استعمال سان شيخ اياز سنڌي شاعريءَ کي هڪ جديد انقلابي ۽ سجاڳيءَ وارو موڙ عطا ڪيو. شيخ اياز 35 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ڪجهه نثر ۾ گهڻا نظم ۾ آهن. سندس ڪتابن ۾ ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ منظوم ڊرامي جي حيثيت سان مشهور آهي. هن ڪتاب ۾ منظوم ڊراما دودي سومري جو موت ۽ رني ڪوٽ جا ڌاڙيل آهن ۽ ان کان سواءِ منجهس وايون، غزل، نظم ۽ گيت پڻ آهن. منظوم ڊرامي ۾ سندس شاعري لازوال آهي. موتين جهڙا لفظ ۽ دلبر شاعري پنهنجي مثال پاڻ آهي.

سورهيه ابڙن کي خراج تحسين آهي، جيڪي ايترا ته بهادر آهن جو لڙائي ۾ ڍالون نٿا ڍارين، دودي جي واتان ابڙن جي تعريف چورائين ٿا.

دودو:   آ غيرت تن جي رڳ رڳ ۾،

هو ڪنڌ جهڪائڻ کان اڳ ۾،

هو ڪنڌ ڪپائڻ چاهين ٿا،

۽ سينو ساهڻ چاهين ٿا.

پي جيسين جام شهادت جو،

هو ڪن ٿا سنڌڙيءَ کي سجدو.

شيخ اياز صاحب شاهه سائينءَ کان تمام گهڻو متاثر هو شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ابڙن ۽ سخي بهادرن جي ڍال نه ڍارڻ کي واکاڻيو آهي، اياز صاحب به بهادرن جي عزت و غيرت ۽ سخاوت جي ساڳيءَ مثال کي واکاڻيو آهي. خود ئي چون ٿا.

آءُ ڀٽائي گهوٽ، تنهنجي کهه منهنجون اکيون،

ڏس مون تنهنجو ڪينرو، ڀوريو ناه ڀاءُ،

ساڳيو جوڳ جڙاءُ، ساڳيا سڏڙا ساز جا.

ويهين صديءَ ۾ شيخ اياز سنڌ جو وڏي ۾ وڏو شاعر مڃيو وڃي ٿو جنهن هر موضوع تي ۽ هر صنف تي شاعريءَ ۾ لکيو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن جا عنوان شاهه ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي بيتن جي سٽن مان ورتل آهن. جيئن ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ڪلهي پاتم ڪينرو، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪن ڪري وغيره. شيخ اياز اعليٰ تعليم يافته پڙهيل لکيل بهترين وڪيل ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو.

سنڌ جي هن ڏاهي اديب عالم ۽ شاعر ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ سنڌي ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿن.

سندس ڪتابن ۾ ”ڀوئنر ڀري آڪاس“، ”جل جل مشعل“، ”گيت اڃايل مورن جا“، ”رت آئي ڳاڙهن پيرن جي“، ”وڄون وسڻ آيون“، ”ٽڪرا ٽٽل صليبن جا“، ”پن ڇڻ کان پوءِ“،”اڪن نيرا ڦل جهليا“، (نظمي ڳٽڪو) ۽ نثر ۾ آتم ڪهاڻي، سفيد وحشي، (ڪهاڻين جو ڪتاب) ساهيوال جيل جي ڊائري، ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون، ڀڳت سنگهه کي ڦاسي ۽ تقريرون خط، مضمون ۽ ڪالم شامل آهن.

نثري صنف ۾ آتم ڪهاڻي، ناول، افسانو، ڊائري، ڪالم، مضمون، خط وغيره ۽ شاعريءَ ۾ بيت، گيت، ڪافي، غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو، ترائيل لکيا اٿن.

جمالياتي حسن جو شاعر؛

 بيتن ۽ گيتن کي خاص نئون موڙ عطا ڪيائين ۽ جديد شاعريءَ کي عروج تي پهچايائين. موسيقيت ۽ جمالياتي حسن سان رومانوي شاعريءَ کي شانائتو ڪيائين سندن خوبصورت شاعري ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي دل ۽ دماغ تي نقش ٿي ٿي وڃي.Beutiful things always remember in memory  پليجي صاحب جي راءِ موجب ”شيخ اياز جا گيت لفظن جي خوبصورتي، سٽاءُ  جي سونهن ۽ موسيقيت جي اثر جي ڪري فن جا تاج محل آهن.“

تاج جويو مطابق ”اياز سنڌي گيت جي هيئت، موضوع ۽ اسلوب ۾ تجربا ڪري گيت جي سونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. سندس موضوع پرين لاءِ پڪارون، وڇوڙي جا صدما ۽ تنهائيءَ جا تير آهن.“ عبدالجبار جوڻيجي جن جي چوڻ موجب شيخ اياز سنڌي شعر جي موسيقيت ۽ موضوعن ۾ اهم اضافا ڪيا آهن. هن جي شاعري سندس دؤر ۽ قوم تي سڌو سنئون اثر ڪيو آهي.“

سنڌي شاعريءَ جي هن سڄاڻ ۽ سجاڳ شاعر سنڌي شاعريءَ کي هڪ لازوال موڙ ڏنو. شيخ اياز جي شاعري رومانوي هئڻ سان گڏ سونهن ۽ سڪ جي جستجو آهي، فطري نظارن جي دلڪش تصوير آهي، حسين شيءِ دائمي مسرت جو ذريعو هوندي آهي. شاعريءَ ۾ اصل فن ٻوليءَ ۾ آهي ۽ لفظن جي جڙت ۾ آهي. اياز جي شاعري رومانوي، قدرتي ۽ موسيقيت سان پُر آهي، سندس رومان جو ماحول مقامي آهي.

نيريءَ نيريءَ ڪڪريءَ تي مان پري وڃان،

چنڊ پري آ، چنڊ پري آ، چنڊ اڃان،

منهنجا پرين او سانورا، او بانورا. (ڀوئنر ڀري آڪاس)

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهه،

سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهي جيئن تون.

شيخ اياز جديد شاعريءَ سان نه صرف سنڌي شاعريءَ جي جمود کي ٽوڙيو پر ان کي اهي خصوصيتون عطا ڪيون جو سنڌي شاعري دنيا جي ٻين برک زبانن سان ڀيٽڻ جي قابل ٿي آهي.

نارائڻ شيام شيخ اياز جي شاعريءَ جي تعريف هن ريت ڪئي آهي.

آهي شعر ”اياز“ جو ڄڻ چانڊوڪي رات،

۽ ڪوتا ”دلگير“ جي رنگ رتي پرڀات.

شيخ اياز سنڌيءَ ۾ بيت کي نئون موڙ ڏنو شاھ سائين جي بيتن جي ميدان کي نئين سر سيراب ڪيائين، جنهن جي ڪري بيت لازوال صنف ٿي ويو.

تون جو ايندين رات، الااو رات،

ته منهنجي رات امر ٿي ويندي.

سندس شاعري قومي ۽ انقلابي هئڻ سان گڏ سونهن ۽ سڪ، جمالياتي احساس، جذباتي هيجان ۽ تخلياتي عروج جي حامل آهي.

چئو تون مون کان پوءِ، ڪنهن جو ٿيندين ڪينرا،

واڪا ڪندين ووءِ صديون تو لاءِ سنڌڙي.

مظلومن جي ساٿيءَ ظالم جي اکين ۾ نهاري سچ چوڻ واري هن ليکڪ ڪئين دفعا جيل ڀوڳي. ”ڀوئنر ڀري آڪاس“ 1962ع ۾ شايع ٿيو، 64 ۾ ضبط ٿيو. ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ 1963ع ۾ شايع ٿيو 68ع ۾ ضبط ٿيو. حڪومت جي طرفان پابندين جي باوجود مارشل لا دور ۾ جيل ۾ به لکيائين. ”ڳوڙها ڳاڙه نه سنڌڙي، وري ورندو واءُ“ سندس اٽل ارادن جو پيغام آهي. اياز سنڌي شاعريءَ کي نوان موضوع، فن جي نواڻ، خيالن جي انفراديت، نظمن جو ترنم ۽ زنده جاويد موسيقي بخشي آهي. سنڌي جديد گيت، نظم، آزاد شاعريءَ سان گڏ ڪلاسيڪل وائيءَ ۽ ڪافيءَ کي به عروج تي پهچايائين ۽ هيئت اسلوب ۽ موضوعن جا نوان تجربا ڪيائين. منجهس نئين خوبصورتي آندائين.

ڪشنچند ”بيوس“

ڪشنچند بيوس انگريزي دؤر جو هڪ بهترين مشهور شاعر ٿي گذريو آهي،جنهن سنڌي شاعريءَ کي نوان موڙ ڏنا ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي طرف داري ڪئي.. ڪشنچند پنهنجي شاعريءَ ۾ بيت گيت ۽ نظم کان سواءِ به ڪافي شاعري ڪئي پر کيس گيت جو باني ۽ سرموڙ شاعر ليکيو وڃي ٿو. شيخ اياز جي چوڻ مطابق ”سنڌيءَ ۾ گيت پهرين ”بيوس“ لکيا جيتوڻيڪ انهن جو ڳاڻاٽو گهٽ آهي“ (اضام خيالي – مقدمو)

شروع جي سنڌي گيت جي شاعريءَ ۾ فارسيءَ جي لفظن جو ڪافي دخل هو، پر بيوس منجهس وطن جو سادو وايو منڊل ۽ مهراڻ جي موجن جي مستيءَ ۽ حسين جاذبيت عطا ڪئي. سندس گيت توڙي نظم عام ٻوليءَ جو سهڻو نمونو آهي.

ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن حال تي چلين ٿو،

مون کي نه ڳجهه سلين ٿو، پاڻ پري جهلين ٿو،

اي آسمان نيلا،

تارون وسندا وسيلا.

شيخ اياز جي چوڻ مطابق ”جي اسان جي ادبي ارتقا ۾ ”بيوس“ جو وجود نه هجي ها ته شايد منهنجي شاعريءَ جو رنگ روپ ساڳيو نه هجي ها.“ (نئين زندگي اپريل 1963ع)

سنڌي شاعريءَ ۾ غزل کي فارسيءَ جي ڌٻڻ مان ڇڪي ڪڍڻ ۾ بيوس جو وڏو هٿ آهي. (اياز)

اڪيلو بيوس ئي ان وقت ۾ هو جنهن پنهنجي هم عصرن کان مختلف شاعري ڪئي. بقول عبدالجبار جوڻيجي جي ”بيوس جي زماني ۾ شاعرن نه رڳو ايراني پيمانو پنهنجو ڪيو هو، پر ايراني شراب به پياري رهيا هئا.“ (غزل جي اوسر – عبدالجبار جوڻيجو)

توڙي نسيم گهلندي،

مکڙي نه دل جي کلندي،

جيسين جي ڀرجي ڇلندي،

محبت ۾ تار ٿي دل،

ٻئي تان نثار ٿي دل.

سندس ڪلام جا مجموعا 1935ع ۾ شيرين شعر ۽ ”سامونڊي سپون“ مشهور آهن. هري دلگير سان گڏ ”موجيءَ جا گيت“ ۽ ”شيرين ڪلام“ رام پنجواڻيءَ سان گڏ مشهور ڪلام اٿس.

رشيد ڀٽي سنڌي گيت ماهوار تقاضا 1957ع سالنامو ۾ لکي ٿو ته ”فارسي بحروزن تي لکڻ سبب سنڌي گيت جو اصل مزاج بگڙجي ويو، گيت هندي صنف سخن آهي ۽ هندي ماترائن تي لکڻ سان ئي گيت جو اصلي ميٺاج ۽ رواني قائم رکجي سگهجي ٿي، ڇو ته هندي بحروزن ئي گيت جي جان آهن.“

ڪشنچند سنڌي غزل ۽ گيت کي نج سنڌي موضوع، اسلوب ۽ سهڻا سنڌيءَ ٻوليءَ جا لفظ ڏنا. سندس شاگردن هوندراج دکايل ۽ کيئلداس فانيءَ به لوڪ رس ۽ عوامي رنگ ۾ سنڌي شاعري ڪئي. هري دلگير (جنهن کي حسن فطرت جو شاعر چوندا آهن.) سان گڏ بيوس جو ”ماڪ ڦڙا“ مجموعو 1953ع ۾ ڇپيو.

سنڌي شاعريءَ جي جمود کي پهرين بيوس ٽوڙيو، پوءِ تحريڪ کي اڳيان اعليٰ مقام تي پهچائڻ ۾ شيخ اياز جو وڏو هٿ آهي.

ڪشنچند بيوس فاعلاتن ۽ فاعلات جي پراڻي قيد کي ٽوڙي هندي ڇند جون ڏياٽيون روشن ڪيون. (Matrial composition) سان شاعريءَ ۾ فطري ترنم آندائين.

ڪشنچند ڪافي شاعريءَ جي صنفن تي لکيو سنڌ جو هيءُ مشهور شاعر انگريزن جي دؤر جو شاعر هو سندس مجموعو ”شيرين شعر“ 1935ع جو آهي. ”بيوس“ پاڪستان ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي ڪري آيل ادب ۾ نون لاڙن کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ سندس ڪلام مان وطن جي محبت ظاهر ٿئي ٿي.

سندس شاعري 1947ع کان پوءِ وڌيڪ انقلابي ۽ وطن دوستيءَ تي مشتمل آهي.

سنڌ جا صوفي

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي کانئس اڳين ۽ هم عصر شاعرن جو اثر؛

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ولادت باسعادت 1102هه مطابق 1689ع ۾ ٿي ۽ سندن وصال جو وقت 1165هه مطابق 1752ع آهي. حضرت شاهه عبداللطيف اُن دؤر ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيو جڏهن سنڌي صوفيانه شاعريءَ جي اڃان شروعات هئي. کانئن اڳ صوفي شاعر قاضي قادن ۽ شاه ڪريم سندن تڙ ڏاڏا ٿي گذريا هئا.

مٿن قاضي قادن جو ڪجهه حد تائين پر سندن ڏاڏي شاهه ڪريم جو ڪافي حد تائين اثر آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه عبدالڪريم ۽ شاهه ڀٽائيءَ جي منزل ساڳي آهي.

شاهه ڪريم فرمائي ٿو؛

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن،

دانهون ڪن مٺن جيئن، دم نه سڃاڻن.

شاهه ڀٽائي؛

پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن،

سامها اوڏا سپرين، لوچي تان نه لهن،

مُور نه سڃاڻن، دانهون ڪن مٺن جيئن.

شاهه ڪريم؛

سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي،

تهين سندي سوجهري سوئي سو پسي.

شاهه ڀٽائي؛

سوهي، سو هو، سو اجل، سو الله،

سو پرين ، سو پساهه، سو ويري، سو واهرو.

شاهه ڪريم؛

ور سا سڃي ويڙ، جتي سڄڻ هيڪڙو،

سا ماڳ ڦير، جتي ڪو ڪماڙوئين.

شاهه عبداللطيف؛

ور سا سڃي ويڙهه، جنهن ۾ سڄڻ هيڪڙو،

سو ماڳ ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙوهيئن.

(سر کاهوڙي 3 – 8)

 حضرت شاهه عبداللطيف جن پنهنجي وقت جي شاعرن سان ڪئين ملاقاتون ڪيون، جيڪو ان وقت صوفي درويشن جو رواج هو ۽ انهن ۾ سندن خواجه زمان سان ملاقات مشهور آهي.

شاهه ڀٽائيءَ تي لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ جو اثر پڻ آهي. شاهه ڀٽائي شاهه لطف الله کان 2 سال پوءِ ڄائو هو. لطف الله سنڌ جو هڪ اهم صوفي شاعر شمار ٿئي ٿو.

شاهه لطف الله قادري؛

مئي مٽي مهراڻ ۾ هي جي پاڻ وجهن،

شاهه لطيف؛

         مئي مٽي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏيئي.

شاهه لطف الله؛

ات آهي عجز سڀ ڪنهن کي نه ڪي گيرب نه گاءُ (ڪاموڏ)

شاهه ڀٽائي؛

مهاڻيءَ جي من ۾ نه گيرب نه گاءُ. (ڪاموڏ)

ٻنهي شاعرن جي تمثيل ۾ هڪجهڙائي آهي، فني سٽاءُ جي لحاظ کان ٻنهي جو ڪلام بلند پايي جو آهي.

لطف الله قادري؛

سو سڀوئي حال، پيهي ڪن پروڙ.

شاهه ڀٽائي؛

سو سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

هنن سڀني مٿين شعرن مان خبر پوي ٿي ته شاهه ڀٽائيءَ جن شاهه لطف الله قادريءَ جي عارفانه فڪر ۽ سمجهه کان متاثر هئا، ڇو جو پاڻ شاهه سائينءَ نيڪ ۽ سچن عارفن مرشدن جي تقليد ڪرڻ جي ۽ انهن مان پرائڻ جي تلقين ڪئي آهي.

قاضي قادن جو تمام ٿورو ڪلام مليو آهي ته به هيٺئين شعر جي نموني کي جيڪڏهن ڀيٽ ڪنداسين ته معلوم ٿيندو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جن قاضي صاحب جن جي فن ۽ فڪر جو مشاهدو ضرور ڪيو آهي ۽ کين قاضي صاحب جي شاعريءَ جي چڱيءَ ريت خبر هئي.

قاضي قادن؛

ڪنز قدوري قافيه جي پڙهي پروڙين سڀ،

ته ڪرمنڊي ماڪوڙي، کوھ ۾ پئي ڪڇي اُڀ.

شاهه ڀٽائي؛

اکر پڙهه الف جو ٻيا ورق سڀ وسار،

اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

قاضي قادن جن فرمائين ٿا؛

ڪي ويجها ئي ڏور، ڪي ڏور ئي (اوڏا) ولها،

هو جي جر سالور، لڌي نه (تن) ڪنولاهه ڪر.

شاهه سائين فرمائين ٿا؛

ڪي اوڏائي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،

ڪي سنڀرجن نه ڪڏهين، ڪي وسرن نه مور،

جئن مينهن ڪنڍيءَ پور، تئن دوست وراڪو دل سين.

شاهه ڀٽائي (بردو سنڌي 1 – 8)

هتي به جيڪڏهن تقابلي نظر مان ڏسنداسين ته شاهه سائين ۽ قاضي قادن سائين هڪ ئي نقطي تي ۽ مفهوم کي واضح ڪيو آهي. پرين ڪيترو به ڏور هجي ساهه کي ويجهو آهي، دل جي فريب آهي، ٻنهي شاعرن جي تمثيل ۽ تخيل ۽ فڪر جي بلندي ساڳي آهي. سندن نظر ۾ پربت جي پيچري تي هلڻ لاءِ سالڪ کي من کي اجارڻو آهي. ظاهري علم کان باطن کي سينگارڻو آهي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هم عصرن ۾ ڪيترائي شاعر اچي وڃن ٿا. شاهه عنايت صوفي، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شاهه لطف الله قادري، فقير عبدالرحيم گروهڙي، شاهه عنايت رضوي ۽ سچل سرمست جا نالا قابل ذڪر آهن.

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

شاهه ڀٽائيءَ کان ننڍو هو. سندس علميت ۽ قابليت مشهور هئي. پاڻ شريعت جو پابند هڪ نيڪ انسان هو. سندس عربيءَ، فارسيءَ ۾ لکيل ڪافي ڪتاب آهن ۽ فقه تي لکيل شعر ملي ٿو. سندس وفات شاهه ڀٽائيءَ کان پوءِ ٿي آهي. سندس فرائض الاسلام ۽ ”قوت العاشقين“ ڪتاب الف اشباع واري نظم ۾ لکيل آهن ۽ زاد الفقير ۾ ڊگها بيت يعني ڪبتون آيل آهن. بيتن ۾ پختگي، رنگيني ۽ صنعتن جو سهڻو استعمال آهي.

فقير عبدالرحيم گروهڙي؛

اصل ٿرپارڪر جو ويٺل گرهوڙ شريف جو بزرگ فقير گروهڙي سڏبو هو. سخت مذهبي شخصيت هو. علم فقه ۽ حديث جو صاحب هو. ميرپور رياست جي ٿر واري ڀاڱي ۾ مهاڏيو جي هڪ وڏي مڙهي هوندي هئي ان مڙهيءَ جو مهنت ماڻهن کي جادو ۽ شر جي علم جي زور تي مرتد ڪري ويٺو هو. پاڻ ان جي خلاف جهاد ڪيائين ۽ مهنت کي ماري خود چاليهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ شهيد ٿي ويو. پاڻ شاهه جي هم عصرن مان هو. سندس ڪلام ”ڪلام گروهڙي“ آهي. پاڻ نظمن ۽ ڪبتن کان سواءِ بيت به چيا اٿن، جيڪي تصوف تي مبني آهن.

مٺو مڱي لوڪ، ڪڙو مڱن ڪاپڙي،

جنهين ڏٺو دوس،سي مور نه مڱن ڪينڪي.

شاهه عنايت صوفي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ گروهڙي صاحب جن جي قابليت ۽ علميت شاهه جي دور ۾ مشهور هئي.

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو؛

هيءُ بزرگ پنهنجي وقت جو هڪ ڪامل درويش هو،سندن ڪيترائي ملفوظات ۽ ابيات فارسي، عربي ۽ سنڌيءَ ۾ آهن، جن کي سندس خليفي فقير عبدالرحيم گروهڙيءَ شهيد جن ”فتح الفضل“ جي نالي ڪتاب ۾ جمع ڪيو ۽ ان کان پوءِ علامه دائود پوٽي صاحب جن سندن ڪلام ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان شايع ڪرايو. خواجه زمان جن کان شاهه سائين جن متاثر ٿيل آهن، پاڻ روحاني فيض ۽ طريقت جي ڪل فضيلتن سان سينگاريل هئا.

خواجه زمان؛

الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جبار.

شاهه ڀٽائي؛

الست ارواحن کي، جڏهن جاڳايو جليل.

زمان صاحب؛

ويهي وڃي تن وٽ، قلم جنين جي هٿ ۾،

ميٽي انگ اڳيون، وارئو ٻيو لکن،

پنو سو پاڙهين، جنهن مان پسين پرينءَ کي.

شاهه ڀٽائي؛

اکر پڙهه الف جو، ورق ٻيا وسار،

اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.

مطلب ته ٻنهي سچن عارفن ۽ سالڪن جي ساڳي سلوڪ جي منزل، ساڳيو سوري سورانگهڻ جو سڏ هو.

شاهه عنايت رضوي؛

هيءُ بزرگ شاهه ڀٽائيءَ جو وڏي ۾ وڏو معاصر هو، سندس عصر جو هيءُ صوفي درويش شاعر پهريون شاعر هو، جنهن سرن کي جوڙڻ جو رواج وڌو. سندس رسالو سرن تي مشتمل آهي، جنهن کان پوءِ رسالي جوڙڻ جي ريت پيئي. شاهه ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سندس سرن تي آيل نالن ۾ ڪيترائي رضويءَ وارا ساڳيا آهن. ”عنايت“ سندس تخلص هو. کيس شاهه جي هم عصر ٿيڻ جي ڪري اها مشهوري نه ملي سگهي جيڪا سندس جو شان هئي. سندس تخيل فڪر، طرز بيان ۽ نگارش هن حقيقت جي شاهدي ٿا ڏين ته شاهه ڀٽائي سندس شاعريءَ کي اونهون اڀياس ڪيو هو ۽ کانئس متاثر هو.

جڏهن شاهه ڀٽائيءَ جن شاعري شروع ڪئي ته ان وقت شاهه عنايت رضوي اٽڪل پنجاهه ورهين جو هو.

شاهه عنايت؛

رنڊا جن سين روڙيا، محبت پائي من ۾.

شاهه ڀٽائي؛

محبت پائي من ۾، رنڊا جن روڙياجن.

شاهه عنايت؛

تتيءَ ڪوسيءَ ڪاهه،ڪانهي ويل ويهڻ جي.

شاهه ڀٽائي؛

تتيءَ ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.

شاهه عنايت؛

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي پار.

شاهه ڀٽائي؛

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر جوڳي ڪي پار.

شاهه عنايت جي وائي ۽ شاهه سائينءَ جي وائيءَ ۾ هڪجهڙائي محسوس ٿئي ٿي.

منهنجي سيد سار لهندو، مون کي آهه اميد الله ۾،

امت ڪارڻ احمد اچي، پرمل پاڪ پنندو، مون کي آهه اميد الله ۾.

شاهه سائين فرمائي ٿو؛

سجدي پئيءَ سپرين، زاريون زور ڪريندو.

امت ڪارڻ احمد اُت پرمل پاڪ پسندو.

(سر سارنگ)

معمولي فرق سان ٻنهي جي شعرن ۾ هڪجهڙائي آهي، فڪر ۽ تخيل ساڳيو آهي، مطلب ته اسان غور ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته شاهه ڀٽائيءَ جي دؤر جي بزرگن ۾ فقي حديث قرآن ۽ علم جي ڄاڻ جو اُتساهه هو ۽ کين تصوف تي عبور حاصل هو. اها ديني تعليم ڪتابن ۾ به مروج هئي. جيڪي عارف ۽ ولي گذريا انهن سڀني حقيقي عشق جي اڻانگي سفر ۾ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت کي ئي منزل بنايو آهي. سندن سڄو زور اندر اجارڻ تي ڀريل آهي. شاهه ڪريم کان ڀٽائيءَ تائين ، ڀٽائيءَ کان سچل تائين سڀني جي منزل هڪڙي هئي. شاهه ڀٽائي اڳين بزرگن ۽ سندس دؤر جي هم عصرن جي فن ۽ فڪر جو اڀياس ڪيو آهي ۽ کانئن متاثر پڻ آهي ۽ ڪئين پوءِ شاهه سائينءَ کان متاثر آهن پر هيستائين سندس فن کي ڪير به پهچي نه سگهيو آهي. پاڻ سنڌ جي شاعرن جو سرتاج ۽ ”فاني في الله“ ۽ نيڪ بزرگ انسان هو. سڄيءَ ڀيٽ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته شاهه ڪريم، قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري، شاهه ڀٽائي، خواجه زمان ۽ شاهه عنايت رضوي جن جي شاعريءَ جي تصوف ۾ واٽ ۽ روحانيت جي منزل  ساڳي آهي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com