شاديءَ بابت رايا
• فرمايائون ته: طالب کي گهرجي، ته ڇڙو رهي، ۽
ڪڏهن به نڪاح نه ڪري. جڏهن ٻڌندو آهيان ته فلاڻي
طالب نڪاح ڪيو آهي، تڏهن گهڻو افسوس ٿيندو آهي، ۽
مٿي ۾ سُورُ پوندو آهي.
• عيال وارو ماڻهو ٻارن ٻچن ۾ ائين ڦاسي پوي ٿو،
جيئن مڇي ڄار ۾. جيئن مڇي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي،
پر نڪري نه سگهندي آهي، تئين هو به ڦاسي پوندو
آهي. ان باري ۾ مثال ڏيندي فرمايائين، ته جڏهن مڇي
ڀن ۾ هوندي آهي، تڏهن نڪرڻ لاءِ ٽپا ڏيندي آهي،
ٻيون مڇيون، جيڪي ڀن جي ٻاهران هونديون آهن، اهي
وسهنديون آهن، ته هن کي ڪو وڏو مال هٿ آيو آهي،
انهيءَ ڪري هو اهو مال حاصل ڪرڻ لاءِ تڪڙو تڪڙو
ڊوڙنديون آهن، ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي، جو وڃي
ڦاسنديون آهن.
• هڪڙي مخلص مريد کان نقل آهي، ته هڪڙي ڏينهن
ڪيترا مريد ۽ خادم گڏجي حضرت سيد صاحب جي خدمت ۾
وياسون. جڏهن حجري وٽ پهتاسون، تڏهن ٻيا سڀ پنهنجي
پنهنجي جاءِ ڏانهن راهي ٿيا، باقي مان ۽ ٻيو هڪ
مريد هڪ حجري ڏانهن وڌياسون. ڇا ڏسون، ته حضرت پير
صاحب حجري ۾ ڪپڙو اوڍيون، پاسي ڀر ليٽيل آهي، ۽
مالڪ جي محبت ۾ مستغرق آهي. ٽي ڏينهن برابر ويٺا
هئاسون، پر اسان کان ڪابه خبر چار نه ورتائون. آخر
اهو خيال ڪري اندر حجري ۾ گهڙيس، ته کين پيرين پئي
موڪلائي وڃان. اوچتو منهن تان چادر لاهي، هٿ هٿ ۾
ڏيئي، احوال ورتائون، ۽ منهنجي ڇڙائيءَ جي تعريف
ڪيائون. ان کان پوءِ چيائون: ”مون ٻڌو آهي، ته
تنهنجي فلاڻي سنگتيءَ ٻي شادي ڪئي آهي، پر حقيقت ۾
طالب کي شادي ڪرڻ نه گهرجي.“ پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(37) مَتارَڪا[1]
ڳَڀَرُو گَرَٿُ[2]
نه ٻڌن گوڏِ،
آئيا اڱڻِ[3]
هوڏِ، سِرُ ڏئو سَرو پَنِ.[4]
هي پارسي بيت به پڙهيائون:
اي جوانِ تاتواني زن مکن- چنبري پر خاک را برسر
مکن
اگر پارساباشد و خوش سخن- نظر برنکوئي وزشتي مکن
اگر زشت باشد زنِ نيکخو- ولي گر زنِ بد خدايا
پناهه
• فرمايائون ته: جيڪو ڀائين، ته مون کي مولا پاڪ
ايتري سگهه ڏني آهي، جو الله تعاليٰ جي ذڪر کان به
غافل نه رهندس، ۽ ٻارن ٻچن سان به پورو رهندس،
تنهن کي نڪاح ڪرڻ درست آهي. جيڪو پاڻ ۾ ايڏي سگهه
ساري نه سگهي ان کي نڪاح ڪرڻ نه جڳائي.
• ڪي چون ٿا، ته شادي سنت آهي. بيشڪ سنت آهي، پر
نبي ڪريم ﷺ جن رات جو ايترو بيهي عبادت ڪندا هئا،
جو سندن پير مبارڪ سڄي پوندا هئا . اها به ته سنت
آهي، پوءِ اها سنت ڇونه ٿا پاڙين؟!
• نقل آهي، ته حضرت سيد صاحب هڪڙي ڏينهن ڪنهن
مريد جي وهاَنوَ تي ويا. واٽ تي هي ٻه ٻيت پڙهندا
ٿي ويا:
(38) جا تو گهيڙي[5]
گَهٽِ،[6]
ما ڪَرِياڙي[7]
مَڇڙَا،
ان ڪُنڍيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پَڇاڙِئا پَٽِ
(39) ڏُورا پَسي ڏورِ، جي وِئين[8]
وِهرو ڪري،
ما ڪَرِياڙي مَڇڙَا، هُندَ[9]
نه وِڌين هور.
علم بابت رايا
• فرمايائون: شَمَةُ مِنَ المَعرِ فةِ خَر مِنَ
کَثُرَتِ الّعِلّمِ“
(معرفت جو هڪ اشارو، علم جي گهڻائيءَ کان بهتر
آهي.)
• فرمايائون ته: علم جا طالب گهڻائي لڀندا، ۽ عليم
جا طالب ٿورا لڀندا، پوءِ قاضي قاضن جا هي ٻه بيت
پڙهيائون:
* ڪَنُزُ قُدُورِي ڪافيا، ڪِ[10]
ڪِينَ پَڙِئو مِ[11]،
سو پارُئي[12]
ٻئو ڪو،[13]
جِئان پِرِي لَڌو مِ.[14]
* لوڪان نَحّوَ صَرّفُ، مُنّ[15]
مُطالعُ سُپرِين،
سوئي پڙهئو سو[16]
پڙهان، سوئي سو حَرّفُ.
• هي بيت به هڪ ڀيري پڙهيائون[17]:
(40) ڪَنُز قُدوري ڪافيا، جي پڙهي پَرُوڙئين سَڀُ.
ته ڪَرَ مَنڊي ماڪوڙي، کوهه ۾ پيئي ڪَڇي
اُڀُ.
• فرمايائون ته: اَلعِلمُ بِلا عَمَلِ کَشجَرِ
بِلا ثَمَرِ (عمل کانسواءِ علم ائين آهي، جيئن ڦَر
کانسواءِ وڻ.)
• فرمايائون ته: منهنجي اچي مرضي ٿي، ته ڪتاب ڪشف
الاسرار جو مطالعو ڪريان. پر صابوءَ سومري، جيڪو
زماني جي عارفن مان هو، چيو ته: ”مطالعي کي ڇڏي،
فقط خدا کي ياد ڪيو.“ سندس انهيءَ نصيحت مان مون
کي گهڻو نفعو حاصل ٿيو. پوءِ قاضي قاضن جو هي بيت
پڙهيائون:
سيئي سيلَ[18]
ٿِئامِ، پَڙئام[19]
جي پاڻان،[20]
اَکَرَ اَڳئان اڀري،[21]
واڳون ٿي وَرِئامِ.[22]
ذڪر ۽ وصال
• هڪ ڀيري هڪ مريد سيد صاحب جي خدمت ۾ آيو. سيد
صاحب کانئس پڇيو: ”ذڪر ڪندو آهين؟“ ان تي چيائين:
”مون کان ذڪر ته ڪونه ٿو ٿئي، پر دل ۾ سو سدائين
ان کي ياد ڪندو آهيان.“ اهو ٻڌي فقير کي چيائين:
”جيڪو جنهن شخص جي طلب رکي ٿو، اهو ڄڻ سدائين ان
کي ياد ڪندو رهي ٿو، ۽ ان جو ذڪر ڪري ٿو. جيڪو رزق
جي طلب رکي، اهو وري ”رزاق“ جو نالو وٺي. الله جو
نالو اهو وٺي، جيڪو دنيا جي جنهجهٽ کان آجو هجي، ۽
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(41) جيڪي گهران مَ وَڃ، جيڪي موٽ مَ سوهَڻي[23]
هيڪڙَيَائي[24]
هٿ ڪَرِ،[25]
ٻُيون،[26]
ڀيري ڀَڃُ[27]
• هڪڙي ڏينهن هڪ مريد سندس خدمت ۾ آيو، ۽ نهٺائيءَ
مان عرض ڪيائين: ”اوهان سڀني کي فيض حآصل ٿيو آهي،
پر عجب جي ڳالهه آهي، ته اڃا تائين مون کي ڪوبه
فائدو نه رسيو آهي. ان تي سيد صاحب چيس: ”ائين چوڻ
نه جڳائي. تڏهن ڀلا توکي هن منزل تي ڪنهن پهچايو.“
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(42) سوئي هيڏاه[28]
سوئي هوڏاه،[29]
سوئي، مَنِ وسي،[30]
تِنهينِ[31]
سندي سوجَهري، سوئي سو[32]
پسي.[33]
• هڪ مخلص مريد ٻڌايو، ته مون سيد صاحب جي مجلس ۾
حضرت سفيان ثوريءَ جو هي قول ٻڌايو: ”انّما حَرَمَ
الّوُصُولُ لِيَقَنَع انّاصُولُ (اهڙي ملاقات حرام
آهي، جيڪا اصول کي ٽوڙي.) اهو ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيا، ۽
ڪيترا ڀيرا اهي ورجايائون. ان کان پوءِ مريدن
ڏانهن منهن ڪري فرمايائون: خدا جي وصال لاءِ چار
اصول آهن:
پاڻ کي گهڻي کائڻ کان روڪڻ، 2- ماڻهن سان ٿوري
محبت رکڻ، 3- ننڊ ٿوري ڪرڻ، 4- الله تعاليٰ جو
گهڻو ذڪر ڪرڻ.
جيڪي طالب انهن اصولن تي نه هلندا، اهي واحد جي
وصال کان وانجهيل رهندا.
شريعت ۽ طريقت
• شريعت خدا جي راهه ۾ دروازي جيان آهي. جيڪو
دروازو ڇڏيندو، اهو گمراهه ٿيندو ۽ واٽ نه لهندو.
جيڪڏهن ڪو بادشاهه جي درٻار ۾ ويندو آهي، ته
دروازي کان ويندو آهي، پر جيڪڏهن دروازو ڇڏي ڀت
ٽپي درٻار ۾ ويندو، ته بي ادب ۽ گستاخ چئبو، ۽ سزا
جي لائق سمجهيو ويندو.
• فرمايائون ته: جيڪي ڪماليت وارا آهن، سي شريعت
جا اهڙا ته پابند آهن، جو جَوَ جيتري وزن جوبه
خيال رکن ٿا:
هما مردي تمامت در تمامي- کند با خواجگي کار غلامي
(اهو مرد انتها کي پهتو، جيڪو بزرگيءَ کان ڀڄي،
غلامي اختيار ڪري ٿو.)
• عابد جي نماز رڪوع ۽ سجدي سان آهي، پُر عارفن جي
نماز وجود وڃائڻ سان آهي.
• خدا جي راهه ۾ هٿن پيرن ۽ زبان سان نه هلجي، پر
دل جي حضور سان هلجي. پر جيڪڏهن دل ۾ ڪو شڪ شبهو
جاڳيس، ته ٻين کان پڇي تحقيق ڪري. پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(43) جي پُڇڻا، سي نه مُنجهڻا، جي پڇن سي وِيرَ،
جو لَکَڻُ[34]
مَنج ماڙُوئين، سو مکڻ
[35] منج
[36] کير.
• فرمايائون ته: محبوب جو راز ظاهر ڪرڻ معنيٰ، سر
سٽيءَ ۾ ڏيڻ، جيئن منصور ڪيو، ۽ ان جو نتيجو
ڏٺائين.
• فرمايائون ته: محبوب توڙي طالب جي انتها نه آهي،
ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن محبوب کي انتها هجي ها، ته طالب
کي به انتها هجي ها. انتها پڻ روحاني منزلن مان هڪ
منزل جو نالو آهي. انهيءَ جي معنيٰ اها نه آهي،
جيئن عام ماڻهو سمجهندا آهن، ته انتها کان مٿي ٻيو
ڪو مقام ئي ڪونهي. ائين سمجهڻ غلط آهي. پوءِ هي
بيت پڙهيائون:
44 ڇاڇَرِ ڇُڳيرَنِ، گهورَ نه اچي گهاتُوئين،[37]
اکيون اُنين سنديون، ڪَڏا ڪَرون پُڇن.[38]
(45) هَنُ تِتَهينِ[39]
هوءِ، اُونِي[40]
۾ اوڙاهه جو،
اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇَرِ ۾ ڇيُرون ڪري.
• مبتدي هجي توڙي منتهي تيستائين ڪابه خبر نه اٿس،
جيستائين راز جي خبر نه اٿس.
• حسب ۽ نسب تي مرڪڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ جو اهو پڻ
دنيا جي اسباب مان هڪ آهي. حقيقت ۾ پنهنجو پيءُ
ڏاڏو پاڻ ٿيڻ گهرجي. اڄ اهو زمانو آيو آهي، جو مري
ويلن جي ڪرامتن تي پٽ پوٽا مرڪن ٿا. پنهنجي جان کي
جفا ڏيئي، ڇونه ٿا پاڻ الله تعاليٰ جي عبادت ڪن.
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(46) جي اُتَرِ جي لاهه،[41]
سڄڻ سڀ پَرکِئا،
ري پاجي[42]
کَٽِئي، سُڀَرُ ٻري[43]
نه باهه.
• شريعت ۾ حقيقت ائين آهي، جيئن کير ۾ مکڻ سمايل
هوندو آهي.
• طالب کي گهرجي، ته جيڪڏهن ڪو کيس ايذاءُ رسائي،
ته دلگير نه ٿئي. اهو سڀ ڪجهه خدا جي طرف کان
سمجهي ۽ ان جي بدلي ۾ تڪليف ڏيندڙ کي ڌڪ نه هڻي.
مثال طور: جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي لڪڻ يا لٺ هڻي،
۽ اهو ماڻهو ان کان لڪڻ يا لٺ کسي ڀڃي ڇڏي، ته اها
بيوقوفي آهي. لڪڻ يا لٺ جو ڪهڙو ڏوهه جو ان کي
ڀڃجي. جنهن ڌڪ هنيس، ان کان ان جو بدلو وٺي، ۽ نه
لڪڻ يا لٺ کان. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
• چَندنُ چُورُ ڪَريِندي، رتو مُہُ ڪُهاڙِ،
سڄڻَ ڏَڄَڻُ نه ٿئي، جي رُسي[44]
سوءُ وارَ،
پَرُوڙِئو پَراڙَ،[45]
ته ڪرهيندي قرب ٿَيي[46]
• جيڪو وڻ خشڪيءَ ۾ هجي، ۽ سڪي وڃي، ته ان جو علاج
ڪري سگهجي ٿو، پر اهو وڻ جيڪو پاڻيءَ هوندي به سڪي
وڃي، ان جو علاج ڪونهي.
• جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ گهڙي ئي ديوانو ٿئي ٿو، تڏهن
به چڱو، ڇاڪاڻ جو اها گهڙي ته خوديءَ کان ڇٽي
پوندو. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(47) قرب ۽ ڪِبرياءُ،[47]
ماءِ ملاقي نه ٿئي
صوفيءَ جي صلح ۾، پورُو اِي پِرياءُ.[48]
• هڪ مخلص جو بيان آهي، ته هڪ ڏينهن حضرت پير صاحب
سان پئي ويس. نصيحت ڪندي فرمايائون:
(48) سڄُڻ جان سَهُو،[49]
ته ڪَر[50]
روح رُچَنديُون
سندو ڪاٺُ ڪَهُو،[51]
ڀُتُوئي[52]
ڀَرُ سهي.
• جيڪي چون ٿا، جيڪي ڪري ٿو، سو خدا ٿو ڪري، اسان
کي طاقت نه آهي، اهي ڀليل آهن. انهن کان ڪو پڇي،
ته جڏهن بک لڳين ٿي، ته کاڌو ڇوٿا گهرن؟ ڇوٿا
ٿانوءُ ڌوئي، ان ۾ پاڻي وجهي، باهه ٻارين؟ ان وقت
ڇونه ٿا چپ ڪري ويهي رهن، ته جيڪي خدا کي وڻندو،
سو ڪندو.
• ظلم سان ورتل هڪ ذرو، حق سان ورتل 70 ذرن کي
نقصان رسائي ٿو.
• نقل آهي، ته جڏهن دنيا وارا ماڻهو وٽس ايندا
هئا، ته انهن کي الاهي راز نه سمجهائيندو هو، پر
دنيا بابت ساڻن ڳالهائيندو هو، ۽ هدايتون ڪندو هو،
ته جيئن دنيا ۾ نيڪ ۽ بلند اخلاق ٿي هلن.
• بي نمازي انهيءَ شخص کي چئجي، جيڪو سنت جماعت کي
نه ٿو رسي. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(49) پَرِ ۾ پَچِي[53]
پَرِيءَ کي، پَسِجي[54]
پَرَڏيهُه،
جتي[55]
ساڄَنُ سُپَڄي،[56]
ساهَه کي سو ساڙيهُه[57].
• طالب کي گهرجي، ته خدا کي سڃاڻڻ جي خواهش نه
ڪري، ڇاڪاڻ جي جهڙيءَ طرح خدا کي سڃاڻڻ گهرجي،
تهڙيءَ طرح ڪوبه ان کي سڃاڻي نه سگهندو. ان کي
گهرجي، ته پنهنجو پاڻ سڃاڻي. ائين ڪرڻ سان جيڪا
معرفت حاصل ٿيڻي هوندس، اها حاصل ٿيندس. پوءِ هي
بيت پڙهيائون:
(50) سَڏَ[58]
نه سلامي[59]
ٿِئا، وَهِيءَ[60]
نه ورئا[61]
جي،
هاڻي تِنين[62]
کي، ناهِه[63]
ماڳُ ملير ۾.
• نقل آندو اٿن، ته هڪڙو فقير هوندو هو، جنهن جي
دل ۾ گهڻا وسوسا هوندا هئا.، اهو فقير هڪڙي ڏينهن
اچي حضرت سيد صاحب جي ڳوٺ وٽان لنگهيو. خادم هٿان
سيد صاحب ڏانهن چوائي موڪليائين، ته ”ڀلائي ڪري ڪو
ڪوزو موڪلي ڏيو.“ سيد صاحب هڪ ڪوزو موڪليس، پر
فقير هي چئي موٽائي موڪليس، ته ”هي پراڻو ۽ ڪم
آندل آهي، ڪو نئون موڪليو“ سيد صاحب نئون ڪوزو
ڏياري موڪليس، ۽ خادم ذريعي هي چوائي موڪليائينس:
”اي وسوسي! تون رڳو ڪوزن کي پوڄيندو آهين ڇا؟ وڃي
ڪي ڏينهن ڪنهن خدا جي مرد جي خدمت ڪر.“ پوءِ هي
بيت پڙهيائون:
(51) پاڻيءَ اُتي[64]
جهُوپَڙا، مورک اُڃَ مَرَنِ،[65]
دانهون ڪن مُٺَنِ جِنءَ،[66]
دَمُ نه سڃاڻن.
• فرمايائون ته: اَلمومَنُ مِرات المومِنُ
(مشڪواه) (مومن مومن جو آئينو آهي.) انهيءَ موجب
جيڪو جيڪڏهن ڪنهن مومن ۾ بدي ڏسي، ته پاڻ ان کان
پاسو ڪري. پر جيڪڏهن ڪنهن مومن ۾ ڪي خوبيون ڏسي ته
اهو اختيار ڪري.
• فرمايائون ته: دنيا چار ڏينهن چار راتيون آهي.
پهريون ڏينهن ۽ رات هي آهي، جيڪي هينئر گذرن ٿا،
ٻيو ڏينهن آهي: هي سڄو جهان، ۽ رات به هڪڙو هي
جهان آهي. ٽيون ڏينهن اهو آهي، جڏهن دم ٻاهر آهي،
۽ جڏهن اندر وڃي ٿو ته رات آهي. چوٿون ڏينهن اهو
آهي، جو پنهنجو پاڻ ۾ فنا ٿجي، ۽ باقي بالله ٿجي.
• الله تعاليٰ سڀني ٻانهن کي بخشي، ۽ ڪرم ڪري جن
چيو: لااِلہ الاالله محمد رسول الله
باب چوٿون
نماز ۽ ورد وظيفا
• فرمايائون ته: فقير کي گهرجي، ته نماز سان گڏ
ورد به پڙهي. ورد کانسواءِ جيڪا نماز پڙهي وڃي ٿي،
اها ائين آهي، جيئن گهه کانسواءِ طعام.
• فرمايائون ته: جنهن کي رزق جي تنگي هجي، اهو
هيءَ ترتيب اختيار ڪري: جڏهن پنهنجي گهر ۾ داخل
ٿئي، ته ٽي ڀيرا قل هوالله سورت پڙهي. ائين ڪرڻ
سان الله تعاليٰ سندس گهر ۾ برڪت وجهندو، ۽ خوشحال
ٿيندو.
• فرمايائون ته: ماني کائڻ کان اڳ ۾ ٻئي هٿ ڌوئڻ
گهرجن.
فرمايائون ته: جيڪو ماڻهو پرائي پوک وٽان لنگهندي،
سلن کي اهڙو نقصان پهچائي ٿو، جو اهي سلا وري نسري
نه سگهن، ته ان جون ايتريون نيڪيون ناس ٿين ٿيون،
جيترن سلن کي نقصان پهچايائين.
• فرمايائون ته: جيڪو سمهڻ وقت ڪلمو پڙهندو، ۽ وري
ننڊ مان اٿڻ وقت ڪلمو پڙهندو، ته ملائڪ ان جي سڄي
ننڊ واري رات عبادت ۾ شمار ڪندا.
• فرمايائون ته: هر ڪنهن مسلمان سان عزت سان پيش
اچجي. جيڪو ائين ڪندو، الله تعاليٰ ان جا گناهه
بخشيندو.
• فرمايائون ته: ان ماڻهوءَ کي وڏو اجر ملي ٿو،
جيڪو ڪنهن ٻي مؤمن جي ڪم لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ بحث مباحثو
ڪري، ان جو ڪم سرانجام ڏئي ٿو.
باب پنجون
سوال جواب
• پڇيائونس: اکين، ڪنن، هٿن ۽ پيرن جو ڪهڙو ذڪر
آهي؟
• فرمايائون: ڪنن سان جيڪي عجيب ڳالهيون ٻڌي، اهي
الله تعاليٰ کان تصور ڪري. اکين سان جڏهن الله
تعاليٰ جي قدرت پسي، ته الله تعاليٰ جي تعريف ڪري،
ته هي سڀ انهيءَ خالق جي خلقت آهي، ٻي ڪنهن کي
قدرت ناهي. هٿن ۽ پيرن جو اهو ذڪر آهي، ته هٿن
پيرن کي جيڪا حرڪت حاصل آهي، اها انهيءَ قادر مطلق
کان سمجهجي.
• هڪ ڀيري کانئس هن بيت جي معنيٰ پڇائون:
• ڪارين ڪَنين ڪَڪَڙا،[67]
ڪَرَهَه وِلاڙَ[68]
وڃن،[69]
ويلو[70]
ڪَنِ نه وِچَ ۾، نه اوڳارَ ڀَڃَنِ.[71]
• فرمايائون ته: ان بيت جون ٻه معنائون آهن: هڪڙي
”ڏينهن ۽ رات هلندا رهن ٿا ۽ بس نه ٿا ڪن،“ ۽ ٻي
”حياتيءَ جا دم يا پساهه، جي تڪڙا تڪڙا هڪ ٻي
پٺيان گذرندا رهن ٿا.“
• پڇيائونس. يقين جي معنيٰ ڇا آهي؟
• فرمايائون: يقين جون ٽي معنائون آهن: 1- علم
اليقين 2- عين اليقين 3- حق اليقين. جڏهن ڪو ٻڌي
ته، فلاڻي وٽ درياهه آهي، ته اهو ٿيو: علم اليقين،
جڏهن درياهه وٽ پهچي ۽ اکين سان ڏسي، ته اهو آهي:
عين اليقين، ۽ جڏهن ان درياهه ۾ مستغرق ٿئي، ته
اهو آهي، حق اليقين.
• پڇيائونس: فقير خدا جي قرب ۽ مشاهدي جي طلب رکن
ٿا، سو ڇو؟ فرمايائون: قرب، مشاهدا ۽ مراقبا گهڻن
ئي نمونن جا آهن، اوهان جو اشارو انهن مان الائي
ڪهڙن ڏانهن آهي؟ متان اهڙو مشاهدو طلبيندا هجو،
جنهن ۾ ڪو مڪر ۽ فريب رکيل هجي، جيئن الله تعاليٰ
فرمايو آهي:
”و مکروا و مکر الله و الله خير الماکرين.“ پوءِ
هي بيت پڙهيائون:
(52) سوئي صلح سَڄَڻين، سوئي ڦوڙائونِ،
والله خرالماکرين، اِي هُي[72]
ميڙائون.
• مخدوم ساهڙ (لنجار) پنهنجي مريدن کي فرمايو، ته
جڏهن دم اندر نيون، تڏهن چئو الله ۽ جڏهن ٻاهر
ڪڍو، تڏهن به چئو الله. پڇيائونس، ته ان مان ڪهڙو
فائدو آهي؟ فرمايائون: ان مان اهو مطلب آهي، ته
هرهڪ دم جو جدا ثواب آهي.
• پڇيائونس، ته مخدوم بلال پنهنجي مريدن کي فرمايو
هو، جڏهن دم اندر نيون، تڏهن ”هو“ چئو، ۽ جڏهن
ٻاهر آڻيو، تڏهن ”اِلا“ چئو، ان جو مطلب ڇا آهي؟
فرمايائون: سڀ انبياء ۽ اولياء پوئين دم لاءِ ٿي
رنا، ته مرڻ وقت دم الائي ڪيئن نڪرندو؟ انهيءَ ڪري
جيڪڏهن آخري دم اثبات سان وڃي، ته اها الله تعاليٰ
جي وڏي مهرباني.
• پڇيائونس: ”عشق ۽ محبت ڇا آهن؟“ فرمايائون: ”ٻئي
هڪ شيءِ نه آهن، پر ٻنهي ۾ فرق آهي.“ چيائونس
”ڪهڙو فرق آهي؟“ فرمايائون: عشق باهه جيان آهي،
جنهن ۾ جيڪي وجهجي، سو سڙي رک ٿي وڃي، محبت جو
مثال هن طرح آهي، ته ڪک، ڪنڊا، ڇيڻا ۽ ڪِرِ هڪ هنڌ
گڏ ڪري اهڙيءَ طرح دونهي دکائجي، جو ان جو ٿورو
ٿورو دونهون ٻاهر نڪري، ۽ ماڻهو ائين وسهن، ته
انهن ڪکن ڪنڊن ۾ توءُ نه آهي، پر جڏهن ان کي
کولين، ته اندر ڳاڙهي باهه ڏسڻ ۾ اچين.
• پڇيائونس، ته شيخ پٺي تي گهڻا ماڻهو اچن ٿا، سو
ڇو؟ فرمايائون: شيخ پٺو نه آهي، پر اها ئي ذات
آهي.
• پڇيائونس: فقير جي معنيٰ ڇا آهي؟ فرمايائون:
فقير لفظ ۾ چار اکر آهن، جن مان ”ف“ مان مراد آهي:
طالب هميشہ (خدا جي) فڪر ۾ رهي، ”ق“ مان مطلب آهي:
هميشہ قرار نه هجيس، ”ي“ مان مقصد آهي: خدا کان
ياري گهري، ۽ ٻي جو خيال نه ڪري، ۽ ”ر“ جو مطلب
آهي: هميشہ رياضت ۾ هجي.
• پڇيائونس: ميران محمد جونپوري جڏهن سنڌ ۾ آيو
هو، ته پاڻ کي مهدي ٿي سڏايائين، پر عالمن مخالفت
ٿي ڪيس، اها ڳالهه ڪيئن آهي؟ فرمايائون: الله
تعاليٰ بزرگن کي رتبا بخشيندو آهي، جي هو ماڻهن
کان لڪائيندا آهن. ميران محمد جونپوري کي به اهڙو
مرتبو عطا ٿيو هو، جو لڪي نه سگهيو. تنهنڪري پاڻ
کي ”مهدي“ جو لقب رکايائين، ته جيئن ماڻهو ان جي
مخالفت ڪن ۽ کيس سڃاڻي نه سگهن.
• پڇيائونس: خدا کي ڪيئن سڃاڻجي؟ فرمايائون: اهو
ڪم تمام ڏکيو آهي، ان جي پهرين آزمائش اها آهي، ته
الله تعاليٰ بندي کي تمام گهڻو مال متاع ڏيندو
آهي. پر جيڪڏهن بندي مال متاع کي ڪجهه به نه
سمجهيو، ته بهشت جي طلب دل ۾ وجهندس. پر جيڪڏهن
بهشت ڏانهن به لاڙو نه رکيائين ته پوءِ ڏانهس هڪ
نور موڪليندو، جيئن سمجهي، ته خدا جو نور آهي.
جيڪڏهن ان تي به نه هر کجي، ته پوءِ وري ان کان به
تيز نور موڪليندس، جيڪو اڳوڻي کان سئوڻو تيز
هوندو. جيڪڏهن ان جي تجليءَ تي به موهت نه ٿو ٿئي
۽ انهن کان منهن موڙي ٿو، ته پوءِ خدا جي راهه ۾
ان لاءِ فقط هڪ پل رهي ٿي. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(53) ڪاڪ وَڻَنِ[73]
ساڻ، اوٺين[74]
نه اورَڳي[75]
جي گَڻَ هُوَنِ گهڻا، ته به راڻا توءِ[76]
رُئندا وئا.[77]
(54) جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجا هَٿَ وِڌاءِ،
تان سڃي سيج پري ري، پُنُو پَٿَرِ ناهِه،
نڪرندي چُئاءِ، گهوڙا گَهرِ نه سُپرَين.
• پڇيائونس: تجلي ڇا آهي؟ فرمايائون: زبان سان ان
جو بيان ڪري نه ٿو سگهجي، پر فقط دل کي ان جي خبر
پوي ٿي. پوءِ چيائون:
|