سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :6

شاعريءَ جي فن جي علم کي هنديءَ ۾ ”ڇند وديا“ چيو ويندو آهي. جهڙيءَ طرح ”علم عروض ۾“ اصول ۽ ارڪان آهن، اهڙيءَ طرح هندي ڇند وديا ۾ به آهن. البته فرق اهو آهي، ته علم عروض ۾ اصل ثلاثي (ٽن حرفن وارا)، رباعي (چئن حرفن وارا) ۽ خماسي (پنجن حرفن وارا) ٿيندا آهن، پر ”هندي ڇند“ جا اصول هڪ حرفي (هڪ حرف متحرڪ) ۽ ٻه حرفي (هڪ حرف متحرڪ سان گڏ هڪ حرف ساڪن) ٿيندا آهن. هڪ حرفي اصول کي ”لگهه ماترا“ ۽ ٻه حرفي اصول کي ”گر“ چيو ويندو آهي. علم عروض توڙي ڇند وديا ۾ اصول ارڪان جوڙين ٿا، پر ٻنهي ۾ فرق آهي. علم عروض ۾ حرفن جي تعداد کي اهميت آهي، مثلاً فاعلن ۾ پنج حرف آهن، انهيءَ ڪري اهو رڪن خماسي (پنجن حرفن وارو) چيو ويندو، فاعلاتن ۾ ست آهن، انهيءَ ڪري سباعي (ستن حرفن وارو) سڏيو ويندو. ڇند وديا ۾ رڪن کي ”گن“ چيو ويندو آهي. هر ”گن“ ۾ ٽي ٽي اصول رکيل هوندا آهن.پر انهن جي ترتيب علم عروض جهڙي نه هوندي آهي. ”گن“ هي آهن، جن جي تقطيع ۽ ”لگهه“ لاءِ ”8“ نشاني آهي ۽ ”گر“ لاءِ هيءَ- نشاني آهي. وضاحت لاءِ علم عروض جا ”رڪن“ به ڏنا وڃن ٿا:

1- يگن (- - 8= فعولن) 2- مگن (888= فعل) 3- تگن (8--- = م مفعول) 4- ڀگن (88- فاعل) 5- جگن (8-8= فعول) 6- رگن (-8- = فاعلن) 7- سگن (-88= فعلن) 8- مگن (----= فعلاتن) 9- لگهه (هڪ حرفو=8) 10- گر (ٻه حرفو= -).

ڇند وديا ۾ بحر ٻن قسمن جا آهن. ”ماترڪ“، جن جو سمورو دارومدار اصولن جي تعداد تي هوندو آهي. ”اصول“ کي ڇند وديا ۾ ”ماترا“ چيو ويندو آهي. انهن بحرن ۾ ماترائن جو مقرر ٿيل تعداد نظر انداز ٿيڻ نه گهرجي، باقي اهو ضروري نه آهي، ته حرفن جو تعداد برابر هجي. هيٺ ”سمير ڇند“ جو مثال ڏجي ٿو، جنهن ۾ 19 ماترائون هونديون آهن:

8- -88-8-88-8- - سدا جسم ڦند سون رهه هو اڀيتا

8- - -88- 8-8- - ڀجو جو ميت هي سون رام سيتا

(معنيٰ: هميشہ ملڪ الموت جي چنبي کان بي خوف رهندين، جيڪڏهن تهه دل سان رام سيتا جو ذڪر ڪندين.)

پهرين مصرع ۾ 6 گر ۽ 7 لگهه آهن، يعني ڪل 19 ماترائون آهن. ٻي مصرع ۾ 7 گر ۽ 5 لگهه آهن، جن جو تعداد به 19 ٿئي ٿو. پر پهرين مصرع ۾ 13 ۽ ٻيءَ ۾ 12 حرف آهن.

ڇند وديا ۾ بحرن جو ٻيو قسم آهي: ”ورنڪ“. يعني حرفن وارو. انهن ۾ رڪنن جي پابندي لازمي آهي. يعني ٻنهي مصرعن ۾ هڪ جهڙا ”گن“ هئڻ گهرجن. انهيءَ پابنديءَ جي ڪري فقط ”گر“ ۽ ”لگهه“ ماترائن ۾ مطابقت ضروري نه آهي، پر حرفن جي تعداد ۾ به هڪ جهڙائي هجڻ گهرجي، نموني لاءِ وڌين مالا ڇند جو مثال هيٺ جي ٿو:

_ _ _ _ _ _ _

مومين گنگا ٿاري ڀگتي

_ _ _ _ _ _ _

پاڙهي ايسي ديجئه ڀگتي

(معنيٰ: اي گنگا مون ۾ تنهنجي پوڄا وڌي، اهڙي قوت عطا ڪر.)

هر مصرع ۾ ٻه مگن (- - -) ۽ ٻه گر (-) آهن.

ماترڪ ڇند جي هر بيت ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار پد هئڻ گهرجن، ۽ هر پد ۾ 7 کان 148 تائين ماترائون هجڻ گهرجن.

دوها ڇند

هن ۾ ٻه مصرعون ٿين، جن مان هر هڪ ۾ ٻه پد يا چرن ٿين. پهرين ۽ ٽين پد کي ”وشم“ (طاق) چيو ويندو آهي، جنهن ۾ 13 ماترائون ٿينديون آهن. ٻئي ۽ چوٿين پد کي ”سم“ (جفت) چيو ويندو آهي، جنهن ۾ 11 ماترائون ٿينديون آهن. هندي دوهو نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:

_ 88 _ 8 _ 88 888 88 _ 88 88 _ 8

چم چماٽ چنچل ٽين تج گهونگٽ پٽ جهين

_ _ 8 8   8 8 _ 8 8 8 8 8 8 8 8  8 8 8 _ 8

مانو سر سر تابمل، حل اڇرت يگ مين

13         ،              11

_______________________

13         ،              11

 (چنچل اکيون سنهي رئي جي گهونگهٽ مان اهڙي طرح سان چمڪن ٿيون، جيءَ طرح گنگا نديءَ جي پاڻيءَ مان مڇين جو جوڙو).

دوهي جي هر سٽ کي ”دل“ چيو ويندو آهي، ۽ هر دل جي سٽا ۾ هيٺين ڳالهين جي پابندي ضروري آهي:

”وشم“ پدن (پهرين ۽ ٽين) جي شروع ۾ جگن (8-8) رڪن نه اچڻ گهرجي ۽ ماترائون 13 هجن. آخر ۾ رڪن سگن (-88) يا رگن (-8-) يا نگن (888) اچڻ گهرجي.

سم پدن (ٻي ۽ چوٿين) ۾ 11 ماتائون اهڙيءَ طرح اچن، جو آخر ۾ جگن (8-8) يا نگن (8- -) رڪن اچن. ان کان سواءِ ”وشم“ ۽ ”سم“ پدن ۾ هيٺين ڳالهين جو خيال رکڻ به ضروري آهي:

(الف) جنهن وشم پد جي شروع ۾ (-8) يا (8-) نگن (888) اچي، ان ۾ ماترائن جي ترتيب هن طرح ٿيندي:

-- .2 x3 x2 x3 x3 چوٿون جوڙو، جو ٽن ماترائن جا آهي، ان جي ترتيب هن طرح نه هئڻ گهرجي:(-8)

جنهن وشم جو شروع ۽ سگن (-88) يا (- -) يا (8888) هجي، ان جي ماترائن جي ترتيب هن طرح ٿيندي: 2x3x4x4، پر ان ۾ به ٽين جوڙي جي ترتيب هن طرح جائز نه آهي(-8)

(ج) ”سم“ پدن ۾ ماترائن جي ترتيب يا ته 3 x 4 x 3 ٿيندي يا هن طرح ٿيندي: .3 x 2x 3 x3 ٻنهين ترتيبن ۾ آخري جوڙو هن طرح اچڻ گهرجي:(8-)

ڪڏهن ڪڏهن يگن (88-) جي جاءِ تي جگن (8-8) ايندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ گر لگهه شروع ۾ هجي، تڏهن به اهو دوهو ”سم“ وارو دوهو مڃيو ويندو آهي.

گر ۽ لگهه ماترائن جي گهٽ وڌ ٿيڻ سان دوهي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. انهن مان 123 قسم هندي شاعرن عام جام آندا آهن. البته ايترو آهي، ته هر حال ۾ دوهي جون ماترائون 48 رهڻ گهرجن. نموني ظور دوهي جا قسم هيٺ ڏجن ٿا:

1- ڀرمر (گر 22 x لگهه 4) 2- سڀر امر (گر 21 x لگهه 6) 3- شرڀ (گر 20 x لگهه 8) 4- شيين (گر 19 x لگهه 10) 5- منڊوڪ (گر 18 x لگهه 12) 6- مرڪٽ (گر 17 x لگهه 14) 7- ڪرڀ (گر 16 x لگهه 16) 8- نز (گر 15 x لگهه 18) 9- هٽس (گر 14 x لگهه 20) 10- گيند (گر 13 x لگهه 22) 11- پيودهر (گر 12 x لگهه 24) 12- چل يا بل (گر 11 x لگهه 26) 13- بانر (گر 10 x لگهه 38) 14- ترڪل (گر 9 x لگهه 30) 15- ڪڇپ (گر 8 x لگهه 32) 16- مڇ (گر 7 x لگهه 24) 17- شاردول (گر 6 x لگهه 36) 18- اهور (گر 5 x لگهه 38) 19- بيال (گر 4 x لگهه 40) 20- وڊال (گر 3 x لگهه 41) 21- شوان (گر 2 x لگهه 44) 22- اور (گر 1 x لگهه 46) 23- سرپ (لگهه 48).

سنڌي شاعرن دوهي جي سٽا ته اختيار ڪئي آهي، پر ڇند وديا جي ايتري پابندي نه ڪئي آهي. ايتري قدر جو ڪڏهن ته دوهي جي نموني جي سنڌي بيتن ۾ 48 ماترائن کان گهٽ وڌ ماترائون به ٿين ٿيون.

البته ايترو آهي ته ماترائون لڳ ڀڳ 48 آهن ۽ قافيو ٻنهين سٽن جي پويان اچي ٿو.

شاهه ڪريم جا ڪيترا بيت دوها ڇند مطابق آهن. هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:

چرئن جنءَ چت ڪري، سڱ سڀئي ڇن،

جي ڀائين پريءَ مڙان، ته مت موجيءَ ڳن.

2ـ سورٺا ڇند

هن ۾ به ٻه مصرعون ٿين، ۽ هرهڪ مصرع ۾ ٻه ڀاڱا ٿين. هرهڪ مصرع جي پهرين ڀاڱي ۾ 12 ۽ پوئين ۾ 13 ماترائون ٿين. ٻنهي مصرعن جا پهريان ڀاڱا هم قافيه ٿين:

_ _ _ _ _ _ _ _ 0 _ _ _ _ _ _ _ _

_ _ _ _ _ _ _ _ 0 _ _ _ _ _ _ _ _

شاهه ڪريم جا ڪجهه بيت هن سٽا موجب آهن، پر ماترائن جو ٿورو فرق آهي. هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو، جنهن جي پهرين ڀاڱي ۾ هڪ ماترا کٽل آهي، ته پوئين ۾ وڌيل آهي:

هنج تتهين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاهه جو،

اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.

خاص سنڌي صنف

اسان جي سنڌي شاعرن مٿي بيان ڪيل سٽائن جي ميل جول سان نيون سٽائون به جوڙيون آهن، جي هن ريت آهن:

(الف) ٻن مصرعن واري بيت جي پهرين مصرع ”سورٺا“ جي سٽا جي، ته ٻي مصرع ”دوها“ جي رٿا جي آهي:

_ _ _ _ _ _ _ _        0  _ _ _ _ _ _ _ _

_ _ _ _ _ _ _ _    _ _ _ _ _ _ _ _  0

قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم جا ڪجهه بيت انهيءَ سٽا موجب ملن ٿا. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته اها صنف گهڻو اڳ سنڌ ۾ ايجاد ٿي چڪي هئي. مثال طور شاهه ڪريم جو هڪ بيت ڏجي ٿو:

ڪن ڪلاچي پار، سڏ نه سڄي ساٽئين،

گهاتوئين سندا مڪڙا، ڪي تڙ ٻي نهار.

(ب) ٻن مصرعن واري بيت جي پهرين مصرع ”دوها“ جي سٽا جي ته ٻي مصرع سورٺا جي رٿا جي:

 

_ _ _ _ _ _ _ _         _ _ _ _ _ _ _ _  0

_ _ _ _ _ _ _ _ 0 _ _ _ _ _ _ _ _

شاهه ڪريم جا بيت هن سٽا موجب به ملن ٿا:

ڦٽيون ڪر ڦڙڪيون، ور ونگائي پاءِ،

جا تن اندر کاءِ، سا معلوم محبوبن کي.

(ج) ٻن مصرعن کان مٿي وارن بيتن ۾ پهرين مصرع ”دوها“ يا ”سورٺا“ جي سٽا جي هوندي، ته پوئين مصرع گهڻو ڪري ”سورٺا“ جي هوندي. شاهه ڪريم جي ٽن مصرعن واري بيت ۾ پهرين مصرع دوهي جي سٽا واري، ۽ پوئين سورٺا جي سٽا واري، ۽ وچين دوهي جي سٽا واري آهي:

جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءِ،

تان سڃي سيج پرين ري، پنهون پٿر ناهه،

نڪرندي چئاءِ، گهوڙا گهر نه سپرين.

شعر جي ٻولي

ٻين زندهه زبانن وانگر سنڌي زبان جون به مختلف اپ ڀاشائون يا محاورا يا لهجا آهن، جن جي سٽا ۽ ساخت ۾ ملڪ جي مختلف جغرافيائي حالتن، تاريخي پس منظر ۽ پاڙيسري ملڪن سان تعلقات کي دخل آهي. سنڌي زبان جا هيٺيان لهجا مڃيا ويا آهن:

سريلي يا اترادي، 2- وچولي، 3- لاڙي، 4- ٿري، 5- ڪڇي، 6- لاسي، 7- ڪوهستاني، 8- اورماڙي، 9- گوادري، 10- جدگالي، 11- ڀاڳ ناڙي وارو، 12- جهونا گڙهي يا ڪاٺيا واڙي.

شاهه ڪريم جو شعر لاڙي لهجي ۾ آهي. لاڙي لهجي جون خصوصيتون هيٺ ڏجن ٿيون:

1- علم لسان موجب آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: سر آواز ۽ وينجن، جن کي پراڻي گرامر موجب حروف علت، ۽ حروف صحيح چيو ويندو هو. وينجنن ۾ ادائگيءَ وقت هوا جي ڌوڪ شامل نه هوندي آهي، مثلا پ، ب، ٽ، ت وغيره. اهڙن آوازن کي او سرڳ آواز چيو ويندو آهي. ڪن آوازن ۾ وري هوا جي ڌوڪ شامل هوندي آهي، مثلا ڦ، ڀ، ٺ، ٿ، گهه، ڙهه، ڻهه وغيره. اهڙن آوازن کي وسرڳ آواز چيو ويندو آهي.

لاڙي لهجي ۾ گهڻي قدر وسرڳ آواز جي بدران اوسرڳ آواز اچاريندا ويندا آهن. مثلا گهه جي بدران گ، لهه جي بدران ل، نهه جي بدران ن ۽ ڻهه جي بدران ڻ يا ڙ اُچاريو ويندو آهي. شاهه ڪريم جي شعر ۾ ڪيترن وسرڳ آوازن جي بدران اوسرڳ آواز آيا آهن، مثلاً:

”پريان سندي ڳالڙي، جيڪو ٻي ڪري،“

هت ”ڳالهه“ کي ”ڳال“ ڪري آندو ويو آهي.

يعني الهه وسرڳ جي بدران اوسرڳ ا ل ا آيو آهي. هيٺين مصرع ۾ ”ماڻهو“ جي بدران ”ماڙو“ آيو آهي. يعني ا ڻهه ا جي بدران اڙا آيو آهي:

”سو ماڳو ئي ڦير، جتي ڪوڙ ڪماڙو ئين.“

هيٺين مصرع ۾ ”پنهون“ بدران ”پنون“ آيو آهي. يعني ا انهه جي بدران ا ن ا آيو آهي:

”تان سڃي سيج پرين ري، پنون پٿر ناه“

هيٺين مصرع ۾ ”منجها ران“ جي بدران ”منجا ران“ آيو آهي. يعني ا جهه ا بدران ا ج ا آيو آهي:

”مہ ڪر منجاران، ٻهر ڍونڍ م ڍور جنءَ.“

(2) لاڙي لهجي ۾ ڪن لفظن ۾ ا هه ا جو آواز ئي ترڪ ڪيل هوندو آهي. اهوئي سبب آهي، جو شاهه ڪريم جي شعر ۾ ”منهنجي“ جي بدران ”موجي“ آيو آهي، مثلا:

”مت موجي ڪن ڪري، تہ کي جاب م ڏي.“

”پهرين“ بدران ”پيرين“ آيو آهي، مثلاً:

”پيرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لَہُ.“

”پنهنجي“ بدران ”پاجي“ آيو آهي:

”ريءَ پاجي کٽئي، سڀر ٻري نه باه“

3- سر آواز

وينجن ادا ڪرڻ وقت، هوا کي منهن ۾ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ روڪ رنڊڪ ٿئي ٿي، پر ”سر آواز“ اچارڻۡ وقت هوا کي روڪ رنڊڪ نه ٿئي ٿي. سر آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: ڊگها سر ۽ ننڍا سر. آ، اي، او ڊگها سر آهن، ۽ آ، اِ، اُ انهن ج ننڍا سر آهن. ڪن سر آوازن ۾ گهڻائپ هوندي آهي، جهڙوڪ: آن، اين، اون.

لاڙي لهجي جي ڪيترن لفظن ۾ گهڻائپ ترڪ ڪيل هوندي آهي. انهن کان سواءِ لاڙي لهجي ۾ ڪيترن لفظن ۾ ڊگها سر بدلائي ننڍا ڪيل هوندا آهن، ۽ ننڍا بدلائي ڊگها ڪيل هوندا آهن. معياري لهجي ۾ جيڪي لفظ ”آ“ سان شروع ڪيل هوندا آهن، لاڙي لهجي ۾ ”آ“ کي بدلائي ”اِ“ ڪيو ويندو آهي. هيٺ شاهه ڪريم جي شعر مان اهڙا لفظ ڏنا وڃن ٿا، جن ۾ معياري لهجي کان سر آواز تبديل ٿيل آهن:

نوٽ نشاني د جو مطلب آهي:..... بدلجي..... ٿيو آهي.

4- پد

سر آواز غ وينجن گڏجي پد ٺاهين ٿا، ۽ پدن مان لفظ جڙن ٿا. لاڙي محاوري ۾ لفظ جي هر ٻي پد تي (اَ) سر استعمال ٿيندو آهي. اهوئي سبب آهي جو شاهه ڪريم جي شعر ۾ ”هڪڙو“ بدران ”هيڪڙو“ آيل آهي.

لاڙي لهجو             معياري لهجو          تبديلي

تن                     تون                    اون<اُن

جنءَ                    جيئن                  اين<اِ

پِئو                     پَيو                     اَ<اِ

لُہُ                      لوه                     او<اُ

پري                    پرين                   اين<اي

تِہ                      تنهن                   اَن<اِ ۽ اِن<اِ

جاب                   جواب                  وا<اَ

جِہِ                     جي                    هه<ي

مُن                     مون                    اون<ا

ٻهار                    ٻاهر                    آ<اَ ۽ اَ<اَ

ٻَهر                    ٻاهر                    آ<اَ

ڪِہِ                    ڪنهن                 آن<اِ ۽ اِن<اِ

مُہُ                      منهن                  اُن<اُ

ٻئي                    ٻي                     اِي<اِئي

تِهين                  تَهين                  اَ<اِ

جني                   جنين                   اين<اي

انين                    اونهي                  او<اُ ۽ هي<اين

پاهجي                 پنهنجي               ان<آ ۽ اِن<اِ

ڪِنءَ                   ڪيئن                 اِي<اِ

مٿا                     مٿان                   آن<آ

هُندَ                    هوند                   اون<اُن

ڪِجن                  ڪَجن                  آ*<اِ

نڪَري                 نڪري                 آ<اِ

هون                    هجن                   ج*<وَ

چُئان                   چوان           اُ<اُ ۽ و گم ڪيل آهي

پوئي                   پوي                    آ<او

آن                      اوهان           و هه گم ٿي ويو آهي.

چُئاءِ                    چيائين         اَ اُ، ء د ي ۽ ئين د اَ

سڪهون               سڪئون               ئون د هون

وڃهون                 وڃئون                  ئون د هون

انهن ڳالهين کان سواءِ مخصوص لاڙي لفظ به استعمال ٿيل آهن، جن جي معنيٰ ۽ شرح اپٽار واري ڀاڱي ۾ ملندي.

شعر جو مضمون

شاهه ڪريم جي شعر جو مضمون تصوف جي تعليم مطابق آهي. هو ذهن نشين ڪرائي ٿو، ته ڪائنات جو مالڪ ۽ خالق الله آهي، جيڪو هڪ آهي، ۽ سندس ڪوبه شريڪ ڪونهي. هر شيءِ مان ان ذات جو جلوو عيان آهي:

وائي ٻي م ڀل، مرئان موران پکڻان،

بلا، سندو سڄڻين، هو هلا وهل.

طالب کي تصوف جي واديءَ جي واٽن جي پرک ۽ پروڙ ٻڌائيندي سمجهائيندي ته هي اهو پنڌ آهي، جنهن کي طئي ڪرڻ ۾ عقل ۽ هوش، علم ۽ فهم ڪم نه ايندو، پر سڪ ۽ محبت مان عشق جي راهه ۾ وک وڌائڻي آهي. يعني لوڪ جا لاڳاپا لاهي، معرفت جي منزل ڏانهن وڌبو، ته اوکي واٽ به سولي نظر ايندي:

متيون ميڙي کانءِ، واچا کجي وچ پُو،

جو تو سائر ڀائيو، سو هر ٻوئي ناهه.

هو ان ڳالهه کي به پسند نه ٿو ڪري، ته طالب ڪم ڪار ڇڏي، سنڌن سڪو ٿي، وڃي جهنگ وسائي. هو سمجهائي ٿو، ته دنيا جو ڪاروبار به ڪندو اچجي، ۽ پنهنجي مالڪ حقيقي سان به تعلق قائم رکجي:

هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،

کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.

پر زندگي جو مقصد ”سپرين جي سڪ“ کي سمجهجي، ۽ نه لوڪ جي لاڳاپي کي. يعني دنيا ۾ محو ٿي، ان کي پنهنجي منزل ۽ مقصد ڪري نه وٺجي:

ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪِنِہ نه نيا پاڻ سين،

پهاڪا ۽ چوڻيون

انهن خوبين کانسواءِ شاهه ڪريم جي شعر جي وڏي خوبي اها آهي، ته هن زندگيءَ جي تجربن ۽ انساني نفسيات کي نظر ۾ رکي، حقيقتون سمجهايون آهن. اهوئي سبب آهي، جو سندس اهڙا بيت پهاڪا ۽ چوڻيون ٿي پيون آهن، مثلا:

زندگيءَ جي اها هڪ وڏي حقيقت آهي، ته جيستائين پاڻ وڃي پنهنجي سر ڪم نه ٿو ڪجي، تيستائين نياپي سنيهي تي ڪم ڪونه ٿو ٿئي:

”نيہ نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون.“

اهڙيءَ طرح اهو به زندگيءَ جي تجربي جو نپوڙ آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن ڪم لاءِ پاڻ ڪوشش نه وٺبي، پر فقط پنهنجي سنگتي ساٿيءَ تي لاهي پائي رکبو، ته ڪجهه نه ورندو. شاهه ڪريم اها حقيقت هن طرح سمجهائي آهي:

جي اُتر جي لاهه، سڄڻ سڀ پرکئا،

ري پاجي کٽئي، سڀر ٻري نه باه.

سياڻن جو چوڻ آهي، ته جيڪڏهن ماڻهو مشڪل وقت ۾ ڪنهن سونهين کان صلاح وٺندو، ۽ پڇا ڳاڇا ڪندو ته اڙيو نه رهندو، ۽ وڃي منزل مقصود کي رسندو. شاهه ڪريم اها حقيقت هن طرح آندي آهي:

”جي پڇڻا، سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير“

اها انساني نفسيات جي تقاضا آهي، ته راز اوستائين راز آهي، جيستائين پنهنجي دل ۾ آهي. ٻاهر ٻاڦ نڪتي ته پوءِ اهو لڪ لڪي نه سگهندو. شاهه ڪريم اها ڳالهه هن طرح بيان ڪئي آهي:

مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جہ اپٽي ته واءِ،

جو پڌر وڌي ڳالڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.

اها انساني فطرت آهي، ته جنهن ڳالهه ۾ گهڻي دلچسپي هوندي اٿس، ننڊ ۾ به ان جي تات تنوار هوندي اٿس، شاهه ڪريم ان ڳالهه ڏانهن اشاروڪري چيو آهي:

جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي،

من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.

صنعتون

شاهه ڪريم جو شعر، نه فقط قدامت جي لحاظ کان ارفع ۽ اعليٰ آهي، پر زبان ۽ بيان جي خوبين جي خيال کان به مٿاهون آهي. مضمون کي موثر بنائڻ لاءِ تشبيهن ۽ تمثيلن کان ڪم ورتو اٿس، ۽ اهي تشبيهون پنهنجي وطن جي رسمن رواجن، ڌنڌن ڌاڙين ۽ ڏيکن ويکن مان کنيون اٿس. لوهار کي سنداڻ تي ڌڪ هڻندو ڏسي چوي ٿو ته، لوهه کي جڏهن سنداڻ تي ڌڪ لڳن ٿا، ته ورچي وڃي ٿو، پر منهنجي دل جيئن ته، پنهنجي محبوب کي ياد ڪندي رهي ٿي، انهيءَ ڪري ورچي نه ٿي وڃي، توڙي جو ان کي دنيا جي حرص و هوا جا ڌڪ لڳن ٿا:

ڌڪين ڌات پئو، هينئڙو لہ سنداڻ جنءَ،

سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه وئو.

ڳوٺاڻي عورت کي ٻه دلا مٿي تي کڻندو ڏسي، ۽ پکيءَ کي پاڻيءَ تي ترندو ڏسي، چوي ٿو، ته جهڙي طرح عورت جي مٿي تي رکيل ٻه دلا هڪٻئي سان مليل آهن، ۽ پاڻيءَ تي ويٺل پکي پاڻيءَ سان مليل آهي، اهڙيءَ طرح منهنجي دل به پنهنجي محبوب سان مليل آهي:

پاڻيهاري سر ٻهڙو، جر تي پکي جنءَ،

اسان سڄڻ تنءَ، رهيو آهي روح ۾.

هيٺين بيت ۾ مڇ کي استعاري طور آندو اٿس. جهڙيءَ طرح مڇ لالچ جي ڪري ڪنڍيءَ ۾ ڦاسندا آهن، اهڙيءَ طرح مادي شين جو طالب به دنيا جي مهاڄار ۾ ڦاسي پوي ٿو:

جا تو گهيڙي گهٽ، ماڪرياڙي مڇڙا،

ان ڪنڊيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙئا پٽ.

ڇاڇر معنيٰ ننڍو پاڻي. هيٺين بيت ۾ ڇاڇر مان مراد آهي: دنيوي يا مادي شيون. اونهي پاڻيءَ مان مطلب آهي: معرفت جي مام. ڇڳير مان مطلب آهي: دنيا جو طالب. گهاتو مان سندس مطلب آهي: معرفت جي منزل ماڻيندڙ:

ڇاڇر ڇڳيرن، گهور نه اچي گهاتوئين،

اکيون انين سنديون، ڪڏا ڪرون پڇن.

ساڳي نموني هيٺين بيت ۾ ”هنج“ مان سندس مطلب آهي: حق جو طالب، ۽ ڪانيرو مان سندس مراد آهي: دنيا جو طالب:

هنج تتهين هوءِ، اونهي ۾ اوڙاه جو،

اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.

اهڙيءَ طرح ملڪ جي نظارن جي ترجماني ذريعي زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سڦلو بنائڻ جا اعليٰ اصول نهايت سولي ۽ اثرائتي نموني بيان ڪيا اٿس. يعني سندس شعر زندگيءَ جي تجربن، مشاهدن ۽ سچ جي ساڃاهه جو آئينه دار آهي.

علم بديع جي لحاظ کان سندس بيت ”پاڻيهاري سر....“ تشبيہ جو سهڻو مثال پيش ڪري ٿو. ان کان پوءِ آيل ٻن بيتن ۾ استعاره باالڪنعايہ استعمال ٿيل آهي، جنهن موجب ”مشبہ بہ“ مخفي رکيو ويندو آهي. هيٺين بيت ۾ به استعاره استعمال ٿيل آهي:

”ٺلها ڍانڍا سکڻا، هنئين جاڙ جين.“

هيٺين مصرع ۾ مجاز مرسل ڪم آيل آهي:

”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ.“

هتي ”هنئين“ مان مراد ”محبت“ ورتل آهي. يعني مڪان مان مڪين مراد ورتل آهي، ڇاڪاڻ ته محبت هنئين (دل) ۾ رهي ٿي. هن مصرع جي ٻي لفظ ”لڱ“ مان ”ڪم ڪاريون“ معنيٰ ورتل آهي. هن حالت ۾ ”لڱ“ آهن سبب، ۽ ڪم ڪاريون آهي، ان جو نتيجو.

هيٺين بيت ۾ صنعت جمع بالتفريق ڪم آندل آهي، جنهن موجب: پهريائين ٻن يا وڌيڪ جنسن کي هڪ معنيٰ ۾ شريڪ ڪري، پوءِ انهن جو فرق يا تفاوت ڏيکاريو ويندو آهي. هن بيت ۾ پهريائين سڀني پاڻيءَ وارين کي هڪ ڏيکاري، پوءِ ٻي مصرع ۾ انهن جو فرق ڏيکاريو ويو آهي، ته ڪا سڄڻن لاءِ ٿي ڀري، ته ڪا پورهئي ڪاڻ ٿي ڀري:

پاڻيهاري سڀ ڪا، جا سر گهڙو ڀري،

ڪا ليءِ سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.

هيٺين بيت ۾ صنعت جمع بالتقسيم استعمال ٿيل آهي، جنهن موجب پهريائين ٻن يا وڌيڪ جنسن کي هڪ معنيٰ ۾ شريڪ ڪري، پوءِ اهي ڌار ڌار ڪري ڏيکاريون وينديون آهن.

هن بيت ۾ پهريائين ڀنڀور مان پاڻ سان کڻي وڃڻ ۾ ٻن شين کي شريڪ ڪيو ويو آهي. پوءِ ٻي مصرع ۾ اهي شيون ”سڪڻ سپرين کي“ ۽ ”لاڳاپوسين لوڪ“ جدا جدا ڪري ڏيکاريون ويون آهن:

ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪہ نه نيا پاڻ سين،

سڪڻ سپرين کي، ۽ لاڳاپو سين لوڪ.

هيٺين بيت ۾ صنعت ارصاد ڪم آيل آهي. ارصاد جي لغوي معنيٰ آهي: ”چوڪيدار ڪري بيهارڻ.“ هن صنعت موجب پهرين مصرع ۾ ڪوبه قافيو آڻي، ٻيءَ مصرع ۾ اهڙا لفظ ڪتب آڻبا آهن، جو انهن جي ٻڌڻ سان ٻڌندڙ بنااٽڪ چئي، ته ٻيءَ مصرع جو فلاڻو قافيو ٿيندو. هن بيت ۾ ٻيءَ مصرع جي ٻڌڻ سان، ٻڌندڙ پاڻيهي چوندو: ”ڀت“.

پنندي پريءَ سان، ويلا ڪندي وت.

ڪا پائيندءِ مانيون، ڪا پائيندءِ....

رومانوي داستان

شاهه ڪريم جي شعر جي هڪ خوبي هيءَ به آهي، ته هن پنهنجا افڪار ۽ الاهي اسرار روماني ڪهاڻين جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي وغيره ذريعي بيان ڪيا آهن. سندس تمثيلي انداز اشاراتي آهي. يعني هو ڪهاڻي بيان نه ٿو ڪري، پر ان جي ڪنهن واقعي ڏانهن اشارو ڪري، پنهنجو مقصد نروار ڪري ٿو. شاهه ڪريم کان پوءِ انهيءَ انداز بيان کي شاهه عبداللطيف اختيار ڪيو، ۽ ان کي وڌيڪ موثر بنايو. ان کان پوءِ اها سنڌي شاعريءَ جي روايت بڻجي ويئي، جنهن جي پيروي سمورا شاعر ڪندا آيا آهن.

شاه ڪريم جا اهي بيت هيٺ ڏجن ٿا، جيڪي سنڌ جي مشهور رومانوي داستانن موجب چيل آهن:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com