(55) مورک مور نه ٻجهڻا، هيڏا هوڏا ڪن.
ڪَٽَرَ جن اکين ۾، سي ڪِي پِرِي[1]
مِڙَنِ.[2]
• پڇيائونس: بزرگن چيو آهي، ته طالب کي حاڪم وٽ
وڃڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ سندس نقصان آهي، ۽
اوهان حاڪمن سان ملندا رهو ٿا. اهو ڪيئن آهي؟
فرمايائون: بزرگن سچ چيو آهي. پر اسان انهن وٽ ٻي
جي نفعي لاءِ وڃون ٿا، پاڻ لاءِ نقصان سهون ٿا.
• پڇيائونس: زال سان گڏجڻ وقت به خدا کي ياد ڪرڻ
گهرجي؟ فرمايائون ان وقت به الله کي ياد ڪرڻ درست
۽ چڱو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو خوشيءَ ۽ عيش عشرت جو وقت
آهي. پوءِ هي بيت پڙهيائون.
(56) سا ڪِئو[3]
سائي[4]
ڪنِ، سُپيريان[5]
جي[6]
ڳالَڙِي،[7]
هيڪَڙائي سکئا، ٻي نه اُڄَهِي تَنِ.
• پڇيائونس: فقر جي معنيٰ ڇا آهي؟ فرمائون: فقير
جا ٽي لفظ آهن. ”ف“ مان مراد آهي: فنا، ”ق“ مان
مطلب آهي: ”مولا پاڪ سان قرب“، ۽ ”ر“ جو مطلب آهي:
”حق جي رويت.“
پڇيائونس: خدا تعاليٰ پنهنجي ذات کي هنن صورتن ۾
ظاهر ڪيو آهي، تڏهن ڀلا بدصورت ڪهڙي چئجي؟
فرمايائون سڄو جهان سهڻو آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾
مولاپاڪ ظهورو ڪيو آهي.[8]
• پڇيائونس: هڪ ماڻهو اسان جي اڳيان هي بيت پڙهي
ٿو، پر اسين حيرت ۾ آهيون ۽ معنيٰ نه ٿا سمجهي
سگهون:
• وائي[9]
وڃيم شال، ۽ ڪَنين سين[10]
ڪيَم سُڻان،[11]
جي ڀلو ڪري ڀالَ، ته اکين سين انڌو ٿيان.
• فرمايائون: انهيءَ بزرگ سچ چيو آهي، ته هو خدا
جو دوست آهي، ڇاڪاڻ جو چيو اٿن: العارف لاينظر ولا
يسمع غيره ولا يتفڪر غيره (عارف خدا کانسواءِ ڪنهن
کي به نه ٿو ڏسي، ڪنهن کي به نه ٿو ٻڌي، ۽ ڪنهن به
ٻي جو خيال نه ٿو ڪري.)
باب ڇهون
حلم، تواضع ۽ مجاهدي جي بيان ۾
• نقل آهي، ته حضرت سيد صاحب جوانيءَ جو گهڻو عرصو
هن طرح گذاريو: وڏي صبح جو فجر جي نماز جي بانگ
ڏيندا هئا. تنهن کان پوءِ نماز پڙهي، مسجد ۾ گهڻو
وقت وهندا هئا، ۽ ورد پڙهندا هئا. جڏهن سج نيزي
جيترو مٿي ايندو هو، تڏهن اشراق جي نماز پڙهي گهر
ايندا هئا، ۽ رڌڻ پچائڻ جي ڪم کي لڳي ويندا هئا.
طعام تيار ڪري فرزندن جي اڳيان رکندا هئا. جڏهن
کائي خوش ٿيندا هئا، تڏهن ڪاسو هٿ ۾ کڻي شهر ۾
نڪرندا هئا ۽ پني آڻي فقيرن جي اڳيان رکندا هئا.
انهن کي کارائي خوش ڪري، ڏاند ڪاهي ٻنيءَ تي ويندا
هئا. ٻنيءَ جو ٽڪرو کيڙي ڏاند ڇوڙيندا هئا ۽ پوءِ
جهنگ ۾ ڏاندن لاءِ گاهه ڪرڻ ويندا هئا. ان کان
پوءِ منجهند ٽاڪ جو ڍڳا ڪاهي گهر ايندا هئا. اهو
گاهه ڏاندن کي وجهي، وضو ڪندا هئا ۽ اتي ئي ٻه
رڪعتون نفل پڙهي وڃي ٻيپهريءَ جي بانگ ڏيندا هئا،
۽ سنت جماعت سان نماز پڙهندا هئا. تنهن کان پوءِ
وري هر ڪاهڻ ويندا هئا. ٽيپهريءَ مهل ڏاندن کي
پاڻي پياري گهر ايندا هئا ۽ انهن کي گهڻو گاهه
وجهي، وڃي ٽيپهريءَ جي نماز پڙهندا هئا. ان کان
پوءِ سانجهيءَ ۽ سومهاڻي جي نماز پڙهڻ تائين ويٺا
هوندا هئا. سومهاڻيءَ جي نماز پڙهي وري به اتي ئي
ويٺا رب کي ياد ڪندا هئا، جنهن کان پوءِ اٿي گهر
اچي رڌ پچاءُ ڪري، فقيرن لاءِ پني ايندا هئا، ۽
کائڻ وقت انهن تي نظر رکندا هئا، ته متان ڪو فقير
بکيو نه رهجي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن فقير کي بکيو ڏسندا
هئا، ته پاڻ وارو حصو فقير کي کارائي ڇڏيندا هئا.
جڏهن سندن مريد، خادم ۽ فرزند کائي پي سمهندا هئا،
تڏهن وضو ڪري نفل پڙهندا هئا. تنهن کان پوءِ ڳوٺ
کان ٻاهر نڪري ”راهوٽ“ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ويندا هئا.
جنهن جنهن ڳوٺ ۾ ويندا هئا، ان ڳوٺ جي مسجدن جو
پاڻي ڀريندا هئا ۽ وٽ لاءِ ڀتر آڻي رکندا هئا.
جڏهن ڪنهن مسجد ۾ ڪو مسافر ستل هوندو هو، ته ان کي
زور ڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح ڳوٺن مان ٿيندا، ٻانهن
سان درياهه ٽپي، ٺٽي ايندا هئا. اتي اچي پهريائين
ستين جي آستان (جنهن کي ننڍو گرهه چوندا هئا، ۽
جنهن ۾ ست ڌيئرون نا بالغ ستل آهن)، ۽ شيخ جهنڊي
پاتڻيءَ جي زيارت ڪندا هئا. تنهن کان پوءِ مڪليءَ
ٽڪريءَ تي اچي هرهڪ بزرگ ۽ وليءَ جي جدا جدا زيارت
ڪندا هئا. ان کان پوءِ ٺٽي شهر ۾ اچي، هرهڪ مسجد
جو پاڻي ڀريندا هئا، ۽ وٽ لاءِ ڀتر رکندا هئا.
جيڪڏهن ڪنهن مسجد ۾ ڪو سمهيل ڏسندا هئا ته، ان کي
جهٽ کن لاءِ زور به ڏيندا هئا. پوءِ ”آر“ ڏانهن
ويندا هئا، جتي شيخ پٺي جي مزار آهي. شيخ پٺي جي
زيارت ڪري پوئتي موٽندا هئا. موٽ تي ٻين بزرگن جون
زيارتون ڪندا ويندا هئا. تان جو جڏهن صبح صادق
ٿيندو هو، تڏهن مسجد ۾ اچي صبح جي بانگ ڏيندا هئا.
ماڻهو پاڻ ۾ چوندا هئا، ته حضرت پير صاحب وڏي صبح
جو اچي ٿو بانگ ڏئي، شايد ننڊ ڪانه ٿي اچيس. صبح
جو نماز پڙهڻ کان پوءِ مٿي بيان ڪيل دستور موجب
وري ڪم ۾ مشغول ٿي ويندا هئا.
جوانيءَ ۾ ڪافي عرصو سندن اهو دستور رهيو، پر اها
ڪنهن کي به خبر نه هوندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن کي عجب
لڳي ته هڪ رات ۾ ايترا پنڌ ۽ ڪم ڪيئن ڪندا هئا، ته
اهو چئبو ته اولياء الله جي ڪارنامن کان بي خبر
آهي، جن کي هڪ پير مشرق ۽ ٻيو مغرب ۾ رکڻ جي سگهه
الله تعاليٰ ڏني آهي.
• نقل آهي ته: هڪڙي ڏينهن حضرت سيد صاحب جن هڪ
هنڌان پلي جي مڇي ۽ ماني کائي مريدن، خادمن ۽
فرزندن سان گهوڙين تي چڙهي ڳوٺ اچي رهيا هئا. ساڻن
ٻه ٽي ڪونرا پاڻيءَ جا ساڻ هئا، جن مان جنهن کي اڃ
لڳي ٿي، تنهن پيتو ٿي. پر انهن مان پاڻ پاڻي ڪونه
ٿي پيتائون، تان جو ڏاڍي اڃ لڳن، تڏهن به ڪنهن کي
پاڻيءَ لاءِ ڪونه چيائون. جڏهن گهرن کي اچي ويجها
ٿيا، تڏهن پڇيائون، ته ڪو پاڻيءَ ڍڪ آهي؟ جنهن تي
فقيرن عرض ڪيو، ته جڏهن پاڻي هيو تڏهن توهان چيوئي
ڪونه ٿي، هاڻي ته ڍڪ به ڪونهي. ان تي مريدن کي
چيائون، اڳي اوهان کي انهيءَ ڪري نه ٿي چيم، ته
متان اوهان کي پورو نه پوي.
• هڪ دفعي سيد صاحب جن فرزندن سان گڏجي، پنهنجي
ٻنيءَ ۾ کر چونڊڻ ويا. سنگ چونڊيندي سندن هڪ فرزند
بيهوش ٿي ڪري پيو. گهڻيئي سڏ ڪيائونس، پر جواب ئي
ندارڪ. آخر ائين وسهڻ لڳا ته فوت ٿي ويو الائي ڇا؟
پر گهڻي وقت کان پوءِ سامت ۾ آيو. پڇيائونس ته
ورندي ڇو نه ٿي ڏنيءِ؟ چيائين، ”بک جي غلبي ۾ بي
طاقتيءَ کان جواب نه ٿي نڪتو.“ پوءِ سيد صاحب جن
ڪيترا سنگ مهٽي، ٻوهي کيس ڏنا، تڏهن وڃي هلڻ جهڙو
ٿيو. هڪڙي ڏينهن سندن وڏو فرزند ميان دين محمد
ڪنهن شخص جا جَوَ ڪٽي، اڌ ٽويو ان جو گهر کڻي آيو.
ان کي ڇڙهي ڇنڊي، پيهي پچائي، وڏي شوق سان کائڻ
لڳو، ته ائين ڪندي سيد صاحب آيو. اچي چيائين، ته
مسجد ۾ هڪ بکارو فقير آهي، جيڪڏهن مانيءَ جوٽڪر
هجي، ته ڏيو. ميان دين محمد اها ماني کڻي کين ڏني،
جنهن تي خوش ٿي ماني کڻي فقير کي کارائي آيا. پوءِ
گهر اچي چيائون، ته هينئر اميد ته بک اوهان جي
ويجهو نه ايندي ۽ اوهان جي حالت بهتر ٿيندي. ٿورن
ڏينهن کان پوءِ کين معلوم ٿيو ته سندن غيرآباد
زمينون آباد ٿيون آهن. ان سلسلي ۾ پاڻ هي بيت
پڙهندا هئا:
(57) پِنندي پرين سين، ويلا ڪَندي وَتُ،
ڪو پائِيندُءِ[12]
مانيون، ڪو پائيندءِ[13]
ڀَتُ.
• فرمايائون ته: هڪ ڏينهن احمد آباد جي شهر ۾، جو
گجرات ۾ آهي، هڪ فقير ڏٺم. دل گهڻوئي چيو ته مون
سان الله جي واٽ جون ڳالهيون ڪري، پر ڪجهه به نه
ڪڇيائين. ڪيترو وقت ماٺ ڪيون ويٺو رهيو، آخر آءٌ
اٿي کڙو ٿيس، تڏهن هي بيت پڙهيائون:
هيڪو[14]
جو اکر وِنگڙو،[15]
گَرُ تُسي وڏي،
انڌاري گَهرِ[16]
ديولا،[17]
ڦِرِ ڦِرِ جوت ڪري.[18]
• نقل آهي ته: هڪ سال سنڌ ۾ اچي ڏڪار پيو. ماڻهو
ويچارا بک ۾ باهه ٿيڻ لڳا، پر سيد صاحب جن تازا
توانا هئا. سندن منهن مبارڪ ۾ قحط جو ڪوبه اثر
ڪونه ٿي ڏٺو.
• نقل آهي ته: هڪڙي ڏينهن ڪنهن مظلوم اچي سيد صاحب
جن کي عرض ڪيو ته ”فلاڻو حاڪم منهنجي ڀلي مينهن
زوريءَ کڻي ويو آهي. اوهان الله لڳ ان وٽ هلو ته،
من ڏئي وجهي“ ساڻس گڏجي ان حاڪم وٽ ويا، جنهن سندن
تعظيم ڪئي. هو ڳالهه سمجهي ويو ۽ سيد صاحب جن کي
چيائين ته شايد هن مينهن لاءِ آيا هوندءُ، سا وٺي
وڃو ۽ تڪليف معاف ڪجو. پر ڀلائي ڪري وري نه اچجو.“
تنهن تي چيائونس ته، ”آئين نه چوءُ. جيڪڏهن ڪو
الله جي واسطي ڪم چوندو، ته اسان کي اچڻ نه ڏين،
تڏهن به اينداسين. جيڪڏهن اوهان لڪڻ هڻي ڪڍي
ڇڏيندا، تڏهن به الله جي نالي تي اينداسين.“
• نقل آهي ته: هڪڙيءَ رات بلڙيءَ جا ڪي ڌنار،
درياه جي ڪپ تي باهه ٻاري سمهي پيا. اسر جو سيد
صاحب جن درياهه تي ڙ ڪرڻ آيا. تڙ ڪري جو نڪتا ته،
سيءُ ٿيڻ لڳن، جنهن ڪري باهه جي ڀرسان ويهي توءُ
وٺڻ لڳا. جڏهن ڌنارن جي مٿس نظر پيئي ۽ ڀانيائون
ته، ڪو ڌاريو ماڻهو باهه تي ويٺو آهي، تڏهن ڏاڍي
ڪاوڙ لڳن ۽ مٿن لٺيون وسائڻ لڳا. پاڻ ڪجهه به نه
ڪڇيائون، فقط بيٺا رهيا. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن کيس
سڃاتائون. پوءِ ته پيرن تي ڪري پيس ۽ معافي وٺڻ
لڳس. پاڻ چيائون ته، مون کي اهي لٺيون توهان نه
هنيون آهن، اهو ڄاڻي ٿو، اوهان جو وچ ۾ ڪي ڪين
وڃي. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(58) وهُه نه ڏَمُرِئوءِ،[19]
ڏِٺوءِ[20]
جي ڏاتارَ موهُه[21]
ماڻِڪين[22]
هَٿَ ڀَري، پاڻا آڏو اُسَرِئوءِ.[23]
• نقل آهي ته: هڪ رات حجري ۾ باهه ٻاري سمهي پيا.
ائين ڪندي هڪ شخص اندر لنگهي آيو، جنهن کي پنهنجي
جاءِ ڏنائون ۽ پاڻ ٻي پاسي کان سمهيا. جهٽ نه گذري
ته ٻيو ماڻهو آيو. ان کي به جاءِ ڏيئي ٻي پاسي ٿي
سمهيا. اهڙي طرح ڏهه ماڻهو آيا ۽ پاڻ هرهڪ کي
پنهنجي جاءِ ڏيندا رهيا. صبح جو ڏٺائون ته، سڀني
جي پيرن کان سمهيا پيا آهن.
باب ستون
سخاوت جي بيان ۾
• نقل آهي ته: هڪ دفعي حضرت سيد صاحب ڪن بزرگن ۽
مريدن سان ٿي ويا. واٽ تي جتي منزل ڪندا هئا، اتي
صبح جو جهنگ مان ماني پچائڻ لاءِ ڪاٺيون ڪري ايندا
هئا. سڀ بزرگ کين چوندا هئا ته، اوهان ويهي
رهو،مريد پاڻهي ڪاٺيون آڻيندا. تڏهن به ڪاٺيون
آڻيندا هئا. سندن اهي اخلاق ۽ عادتون ڏسي، بزرگ
پيا شرمسار ٿيندا هئا.
• فرمائيندا هئا ته: مهمان کي ايترو کاڌو ڏجي، جو
ڍؤ ڪري کائڻ کان پوءِ هڪ ماڻهوءَ جي کاڌي جيترو
بچي پوي. جي ائين نه ڪيائين ته، مهماني جو حق بجا
نه آندائين.
• نقل آهي ته: هڪ دفعي ”حاجي سورو“، جو ڳوٺ
”ورهاڪي“ جو ويٺل هو، جو ”جوڻ“ جي طرف آهي، اچي
سيد صاحب وٽ مهمان ٿيو. ان لاءِ قسمين قسمين طعام
آڻي رکيائون. تنهن تي حاجي سوري کين چيو ته، ”ايڏا
طعام ڇو رکيا اَٿَو، اسان ته، هڪ ئي ڇڏائي نه
سگهنداسين.“ ورندي ڏنائون. ”اسانجي رسم اها آهي.
اوهان کي جيڪي وڻي سو کائو.“
• نقل آهي ته هڪ دفعي هڪ مسڪين اچي سوال ڪيو. ان
کي هٽ تي وهاري، ويا شهر ۾ ان لاءِ پنڻ. پن مان ٽي
خرار اَنُ ٿين، جو هڪ گڏهه تي لڏي آڻي ان کي
ڏنائون.
• نقل آهي ته، هڪڙي ڀيري هڪ عورت هڪ ماني کڻي سيد
صاحب جن جي خدمت ۾ آئي. ان کي ڏاڍي عزت ڏنائون، ۽
چيائون ته: ”جنهن کي ڪجهه به نه هجي، تنهن هوندي
به سخاوت ڪري ته، ان جي تعريف ڪرڻ جڳائي. جنهن
گهڻي مال دولت مان ڏنو ته، اها ڪا وڏي ڳالهه نه
آهي.“
باب اٺون
محبت ۽ شوق جي بيان ۾
• سيد صاحب جن اڪثر جهنگ ۾ ويندا رهندا هئا. هڪڙي
ڏينهن هڪ فقير، جو سندن دوست هو، کين صلاح ڏني ته،
جهنگ ۾ نه وڃو ته بهتر، ڇاڪاڻ جو اتي شينهن ۽ ٻيا
ڦاڙيندڙ مرون رهن ٿا. اهو ٻڌي رهندو اڳي کان به
گهڻو وڃڻ لڳا ۽ پري پري ٻيلي جي وچ ۾ وڃي وڏي شوق
سان ٻوڙن کي ڀاڪر پائيندا هئا ته، من شينهن کائين.
پر جتي به ويندا هئا ته، اتان شينهن ۽ مرون ڀڄي
ويندا هئا ۽ ٻوڙا خالي هوندا هئا. ڪڏهن به کين
ڪنهن شينهن يا مرونءَ هٿان ايذاءُ نه رسيو، بيت:
(59) مَتو[24]
واهَڻُ ڪُنَ ڪري، سنبوبين[25]
ساڄَ،[26]
پِرِي نه پئا ڀَنَ ۾،[27]
مُنُ پائيِندي واجهَه.[28]
• نقل آهي ته: فرمايائون ته، ”دل ۾ خيال آيو ته،
مست اگهاڙا ٿي گذاريون، ۽ هيءُ ڦڪائيءَ واري گودڙي
لڱن تان لاهي ڦٽي ڪريون، پر جڏهن وقت جي عارف
مخدوم نوح سان ملاقات ٿي، تڏهن اهو خيال دل تان
لهي ويو.“ بيت:
(60) صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي[29]
ماروئين،[30]
عمر، مُنّ[31]
جي چت، اوطاقون ٿَرَنِ ۾.
• نقل آهي ته: هڪڙي ڏينهن سيد صاحب، صبح جو مسجد
جي ڀت سان رسو ٻڌي، هي بيت به ٿي پڙهيو ۽ زارو زار
رنائون به ٿي. ٻيپهريءَ ڌاري زمين تي ڪري پيا ۽ ڳچ
وقت کان پوءِ مس مس حال ۾ آيا ۽ اٿيا. پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(61) جوري[32]
اتي جَنِ، داغ تُهجو[33]
داسَڙا،
تُنّ ڪِنءَ مٿا تن، چَنيسر چِت کَڻين؟
• نقل آهي ته: سيد صاحب جن فرمايو، ”خدا جي عاشقن
جا حجرا دوزخ جي تري ۾ هوندا.“ بيت:
(62) ڪُلاچِيَ[34]
ڪُنا، موٽي ڪونه آئِيو،
ڪِنين رَڇَ وڃائيا، ڪَنين توبَهَه تاءُ.[35]
• هڪڙي خادم کان نقل آهي ته: هڪ ڏينهن سيد صاحب
پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا، مان به ساڻن گڏ هوس.
الاهي شوق وجد، ۽ محبت ۾ اهڙا ته مستغرق هئا، جو
ٻن پهرن تائين ڪجهه به نه ڪڇيائون. آءٌ پڻ، ماٺ
ڪيون سندن ڪڍ ٿي آيس. انهيءَ استغراق جي حالت ۾
رستي جي پروڙئي نه ٿي پين، مون کي ايتري چوڻ جي
جرات نه ٿي ٿي ته: هن طرف يا هن طرف هلو، تان جو
وڃي گپ چڪ ۾ ڪرياسين، جتان پاڻ ڇڏائي وري هلڻ
لڳاسين. جڏهن ڳوٺ جي ويجهو آياسين، تڏهن به کين
پتو ڪونه ٿي پيو ته، ڪو گهر جي ويجهو آيا آهيون.
پڪ هيم ته، ڳوٺ ڇڏي اڳي وهي ويندا، انهيءَ ڪري
ڊوڙي وڃي سندس اڳ ورتم، تڏهن وڃي هوشيار ٿيا ۽ گهر
ڏانهن هليا. پوءِ هي بيت پڙهيائون.
(63) ڪُن ڪَلاچِيَ[36]
پار، سَڏُ[37]
نه سُڄي[38]
ساٽيين،[39]
گهاتوئين سَندا مَڪُڙا، ڪي[40]
تَڙِ ٻي نهارِ.[41]
• نقل آهي ته: هڪ ڀيري سيد صاحب جن کي امامن سڳورن
جو قصو اچي ياد پيو. ڪيترو وقت زارو زار روئي،
پوءِ مراقبي ۾ ٿي ويٺا. وري ڪنڌ مٿي کڻي امام حسين
جو نالو کڻي، ڳچ مدت پئي هنجون هاريائون. اهڙيءَ
طرح وري وري مراقبي ۾ ٿي ويٺا. وري ڪنڌ مٿي کڻي
امام حسين جو نالو کڻي، ڳچ مدت پئي هنجون
هاريائون. اهڙيءَ طرح وري وري مراقبي ۾ ٿي ويٺا ۽
امام پاڪ جو نالو وٺي گهڙيءَ گهڙيءَ هاءِ هاءِ ٿي
ڪيائون، پر ڏک وچان ڳالهائڻ ئي نه ٿي اڪلين. آخر
هي بيت چيائون:
(64) ڳورِيَ[42]
ٻي نه تاتِ، مِهار ئي مَنَ ۾،
جو[43]
پُڻّ پيئي رات، ته هُو سائِر[44]
هوءَ سوهَڻِي.
• نقل آهي ته، هڪڙي ڏينهن هڪ عورت، سيد صاحب جن جي
خدمت ۾ آئي ۽ پنهنجي مڙس جي گلا ڪرڻ لڳي ته، مون
کي ماري ٿو ۽ نماز پڙهڻ کان جهلي ٿو. ٻڌڻ سان
الاهي شوق جو مٿن غلبو ٿيو، ۽ ڪيترو وقت اکين مان
آب هاريائون. آخر هي بيت پڙهيائون:
(65) هوتُ نه ڏٺائون، ڏوهُه نه ڏيان جيڏيين،
مٿي ڪري هَٿَڙا، هُندَ[45]
مُنّ[46]
جِنءَ[47]
رنائون.
• نقل آهي ته: هڪڙي مريد، هڪ ڏينهن سيد صاحب جن کي
چيو ته، هڪ بزرگ هوندو هو، جو 12 سال لاڳيتو الاهي
محبت ۾ آسمان ۾ اکيون وجهي هڪڙي هنڌ بيٺو هو.
فرمايائون ته، ”جيڪي ان ڏٺو هو، سو جي اسان ڏسئون
ها ته، 24 ورهه ائين بيٺا هجون ها.“ پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(66) مَجا[48]
ڪِئا مُهانِ[49]
ڪُلين[50]
مٿي ڪِينرَا،[51]
سَپَڙُ ڄامَ سيڻانِ،[52]
ويهِي راتِ وِروُهِيو.
• نقل آهي ته: هڪ ڏينهن سيد صاحب جن هڪ هنڌ اڪيلا
ويٺا هئا ۽ هيءُ بيت پئي پڙهيائون:
(67) ڪِہ[53]
سَرَ سندا هَنجَڙا، ڪٿي[54]
ٿا لَمَنِ،[55]
ٻجا مان پون، ته من اڏامن من ۾.[56]
انهيءَ بيت چوڻ شرط محبت ۽ شوق مان اکين مان آب
وهڻ لڳن ۽ روڄ جي ڪري طاقت نه ٿين جو ٻي مصرع
پڙهڻ، ۽ بيت پورو ڪن.
• نقل آهي ته: سيد صاحب جن هي بيت اڪثر گهڻي شوق ۽
محبت جي وقت پڙهندا هئا:
(68) آيَلِ سوهڻو[57]
رَڏ،[58]
سوهَڻي ڪامَ وِسهَي،
سُتي هُئڙا[59]
گڏ، جان جاڳان تان ناهِه پِري.
باب نائون
سماع ۽ وجد جي بيان ۾
• جوانيءَ جي زماني ۾ هڪ دفعي سيد صاحب جن سماع
پئي ڪيو، ته راڳيندڙ هي بيت چيو:
اَکَڙيون ملير ۾، جَنين راتو ڏينہ،
عمر اَسائِنِ سين، هاڻي ڪندي ڪِيءَ.[60]
انهيءَ ٻڌڻ کان پوءِ ايتري قدر وجد ۽ شوق پيدا
ٿين، جو ڪلهن واري چادر لاهي کڻي قوال کي ڏنائون ۽
پاڻ پٺن اگهاڙن سان اندر حجري ۾ وڃي مراقبي ۾
ويٺا. ڳائيندڙ چادر موٽائي آڻي اڳيان رکين، پر پاڻ
فرمايائون، ”موٽائي ڪڏهن به نه وٺنداسين. ڏهه ڪاسا
نانگليءَ جي گهر پيا آهن، اهي به توکي بخشاسون،
ٻيو به جيڪڏهن گهر ۾ هجي ها ته، توکي ڏيون ها.“
پوءِ هڪ مريد کان اهي ڏهه ڪاسا آڻائي راڳيندڙ کي
ڏيڻ لاءِ چيائون.
• نقل آهي ته: هڪڙي ڀيري سيد صاحب جن سماع ٿي ڪيو،
ائين ڪندي هڪ راڳيندڙ بيت ڏنو، جو ٻڌندي ئي زمين
تي ڪري پيا. ايتري قدر استغراق ۾ ٿي ويا، جو نه ڪو
لڱ ئي ٿي چرين، نه ڪو جواب ئي ٿي ڏنائون. مريدن
خادمن ڀانيو ته شايد دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا.
ڪجهه وقت کان پوءِ ڳائيندڙ وري ٻيو بيت ڏنو. جڏهن
آواز ڪن تي پين، تڏهن هوش ۾ آيا ۽ سماع کي لڳي
ويا.
• نقل آهي ته: هڪڙي ڏينهن سماع ڪندي مٿن حال اچي
غلبو ڪيو ۽ الاهي محبت ۽ شوق سندن جثي مبارڪ تي
غالب پيو. ان وقت هي بيت پڙهيائون:
(69) ڏيهُه[61]
ڏِهائين[62]
ناهِه،[63]
جتي پيرُ[64]
نه پکيا،[65]
تتي کاهوڙِيان،[66]
وَرَ ڏيئي[67]
وَڻَ چُونڊئا.[68]
جيڪي به بزرگ ۽ مريد اتي حاضر هئا، تن سڀني چيو
ته، سيد صاحب هن بيت چوڻ سان وڏو ڪمال ڪيو آهي.
جڏهن اهو ٻڌائون، تڏهن کين چيائون ته، اهو بيت
سولو آهي، پر هيءُ سمجهڻ گهرجي:
(70) مُنّ[69]
پِريان[70]
جا پَکَڙا، تِهان پَري ٿئا.[71]
اهو ٻڌي سڀ چپ ٿي ويا.
• فرمايائون ته: سماع پڻ علمن مان هڪ علم آهي،
جنهن ۾ ڪوبه خطرو ڪونهي.
• نقل آهي ته: پيريءَ وارن ڏينهن ۾، اڌ رات جو اٿي
سنڌي بيت چوندا هئا. جڏهن صبح جو حجري ۾ اچي وهندا
هئا، تڏهن فقير ٻاهر اچي سرود سان سماع ڪندا هئا ۽
پاڻ ٻين فقيرن سان ٻڌندا هئا.
باب ڏهون
توحيد جي بيان ۾
• فرمايائون، ته ٽيڏو هڪ شيءَ جي بدران ٻه ڏسندو
آهي. اهو عيب ۽ نقص پاڻ ۾ اٿس، پر ڏوهه ٻين کي
ڏيندو آهي. پوءِ چيائون:
72 پاٺيون جان[72]
نه ڪِجَن، روئي ڌوئي اَکَڙيون،[73]
جَرُ ڪڄَرُ[74]
جن اکين[75]
۾، سي ڪِنءَ[76]
پِرِي[77]
پَسَنِ.
• فرمايائون ته: الله تعاليٰ سج مثال آهي، نبي
ڪريم ﷺ ان جي پرتوي جيان آهن، ۽ ٻي موجودات ان جو
پاڇو آهي. پاڇي جو دارو مدار پرتوي تي، ۽ پرتوي جو
سج تي آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص چوي، ته هيءَ سموري
روشنائي سج کان آهي، ته سچ چيائين. اهڙيءَ طرح
ڪائنات ۾ الله تعاليٰ جي نور کانسواءِ ٻي ڪابه
روشنائي ڪانهي، جتي ڪٿي سندس ئي نور روشن آهي:
• فرمايائون ته: بزرگن فرمايو آهي، ته جيڪي ظهور ۾
اچي ٿو، سو سڀ اهوئي آهي. هن انسان جي لباس ۾ به
پاڻ کي ئي پڌرو ڪيو آهي:
آن پادشاهِ اعظم دربسته بود محڪم
پوشيده دلقِ آدم ناگاه برسر آمد.
(اهو وڏو بادشاهه، جنهن پنهنجو دروازو محڪم بند
ڪيو هو، سو آدم جو جامو پهري، اوچتو ظاهر ٿيو.)
پوءِ قاضي قاضن جوهي بيت پڙهيائون:
* لا لاهيندي ڪَنِ کي، لا مورهين[78]
ناهِه،
بلا[79]
ري پريان، ڪِٿِ[80]
نه ڏسي ڪِين[81]
ٻئو.
ان بيت جي ڀران هي بيت فرمايائون:
(72) لا مَ لوڌي ڪَڍُ، اِلا مَ لاهِه[82]
لِکَ سين،[83]
جو مظهر سندو[84]
ماڙوئين،[85]
تِہِ کي ڪَرِيين وَڍُ.
قاضي قاضن جو هي بيت پڙهيائون:
سائر ڏيئي لَتَ، اوچي نيچِيِ ٻوڙِئي،[86]
هيڪائين هيُڪ ٿئو، ويئي سَڀَ جِهَتَ.
ان جي ڀران هي بيت چيائون:
(73) سائر ڏي نه لَتَ، اوچِي نيچِيءَ سَڀَ ڪِنهن[87]
نابودي نه ٿئي،[88]
اِي نا ديد جِهَتَ.
ان جو مثال اها ساوڪ آهي، جيڪا زمين تي اڀري ٿي،
پر پوءِ درياه جي ٻوڏ هيٺ اچيو نظر کان گم ٿيو
وڃي. حقيقت ۾ ان سلوڪ کي نابود نه چئبو، پر ان کي
هستي آهي، جا درياه جي غلبي سبب گم ٿي وئي آهي.
فرمايائون ته: جڏهن نڙ وارو نڙ وڄائيندو آهي، تڏهن
نڙ جو آواز چوڌاري پکڙجي ويندو آهي. ماڻهو چوندا
آهن، ته نڙ ٿو وڄي. پر اهو ماڻهو، جيڪو نڙ
وڄائيندو آهي، ان کي خيال ۾ ئي نه آڻيندا آهن.
• فرمايائون، ته بي صورت (ذات مطلق) صورت ڪثرت ۾
ظهورو ڪيو آهي. تنهنڪري بي صورت کي صورت ۾ ڏسڻ
گهرجي. حقيقت ۾ هيءَ صورت هرگز نه آهي، پر اهائي
بي صورت آهي. پر بي صورت کي صورت کانسواءِ ڏسي نه
ٿو سگهجي.
تمثيل ڏيئي فرمايائون، ته جيڪڏهن جدا جدا رنگن
وارن شيشن ۾ پاڻي وجهبو ته، هرهڪ شيشي ۾ پاڻي شيشي
جي رنگ وارو ڏسڻ ۾ ايندو، پر حقيقت ۾ سڀني ۾ ساڳيو
بي صورت پاڻي آهي.
• فرمايائون ته: الله تعاليٰ فرمايو آهي، ته اول
ارادو ڪيم، ته پنهنجي صفت ظاهر ڪريان، ته جيئن
منهنجي جمال جو جلوو ظاهر ٿئي. انهيءَ ڪري نبي
ڪريم ﷺ جي نور مان هي جهان خلقيم ۽ ان کي پنهنجو
آئينو بنايم، ته جيئن پاڻ کي ان صورت ۾ پسان. پوءِ
هي بيت پڙهيائون:
(74) ڪا جا پَرِ پِريَن، نه سا ٻُڌي نه سُئي،[89]
مَتيون سَڀِ مُنجهَنِ اِهي[90]
ڏِٺي قضيي.
• فرمايائون ته: الله تعاليٰ فرمايو آهي، کُنُتُ
ڪَنزاً مَخفِياً فَاَحبّبَتُ اَنّ اُعرفَ
فَخَلقَتُ الّخَلَق[91]
(مان هڪ مخفي خزانو هوس، پوءِ مون پسند ڪيو، ته
پاڻ کي سڃاڻرايان. پوءِ مخلوق کي پيدا ڪيم.) پوءِ
هي بيت پڙهيائون:
(75) پاڻ[92]
ئي سلطان، پاڻ[93]
ئي ڏي سَنيهَڙا،
پاڻ[94]
ڪَرَ پاڻ لهي، پاڻ سُڃاڻي پاڻ.
• فرمايائون: الله تعاليٰ جو فرمايو آهي، ”ياايها
الذين آمنوا“ (يعني: اي ايمان وارو) سو اهو خطاب
پاڻ ڏانهن اٿس، ٻي ڪنهن ڏانهن نه سمجهو. پوءِ هي
بيت پڙهيائون:
(76) اسين سڪَهُون[95]
جَنِ کي، سي[96]
تا اسين پاڻ،
هاڻي وَڃُ گمانَ، صحيح[97]
سُڃاتا[98]
سُپَرين.[99]
• فرمايائون ته: ”لا فاعِل في الّوُجُودِ اَلا
الله“ (الله کانسواءِ وجود ۾ ڪوبه ڪم ڪرڻ وارو
ڪونهي.) پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(77) توکي توڙائين، ”لا“ سين لاٿائون،
اڃا پڻ آئون، واريون وجهين وچ ۾.
ان کانسواءِ قاضي قاضن جو هي بيت پڙهيائون:
”لا“ لاهيندي ڪَنِ کي، ”لا“ موراهين[100]
ناهِه،
بلا،[101]
ري پريا، ڪِٿِ نه ڏسي[102]
ڪو ٻئو.
ان جي رد ۾ سيد صاحب هي بيت پڙهيو:
”لا“ مَ لوڌي ڪَڍُ، ”الا“ مَ لاهَه لِکَ سين،
جو مظهر سندو ماڙوئين، تِہِ کي ڪَرِيين وَڍُ.
• فرمايائون ته: اَلَحَقيقَتُ سار فِي الاَ ڪو ان
(يعني: ”حقيقت دنيا جي هر شيءِ ۾ سمائجڻ واري
آهي.)
تنزيہ ۽ تشبيہ
• فرمايائون ته: تنزيہ ۽ تشبيہ هڪ شيءِ آهن، پر
نالا ٻه اٿن. تنزيہ عين تشبيہ آهي، ۽ تشبيہ عين
تنزيہ آهي، پر فقير کي ٻئي گهرجن، ڇاڪاڻ جو پکي هڪ
پَرَ سان اڏامي نه سگهندو آهي. تشبيہ جي معنيٰ
آهي: هن موجودات ۾ جيڪي ٻن اکين سان ڏسجي، ڪنن سان
ٻڌجي، يا جيڪي به قول يا فعل صادر ٿين، اهي سڀ خدا
کان سمجهجن. تنزيہ جي معنيٰ آهي: جهان ۾ جيڪو به
موجود آهي، سو سڀ اهوئي آهي، ٻيو ڪجهه به نه آهي.
• تمثيل: فرمايائون، ته بيابان ۾ ماڻهو پري کان رڃ
ڏسي سمجهندو آهي، ته پاڻي آهي، پر جڏهن ويجهو
ويندو آهي، ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه ايندو اٿس. هي
جهان به رڃ مثل آهي، جنهن کي ماڻهو ڪا شيءِ سمجهن
ٿا، پر حقيقت ۾ ڪجهه به نه آهي، جيڪي آهي، سو پاڻ
آهي.
• فرمايائون ته: پير يا مرشد جي جسم مان مولا کي
پسجي. ان کانسواءِ غير جو خيال بالڪل نه آڻجي.
پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(78) جِہِ[103]
سَرَ سَندو نُورُ، جيلاهُه[104]
سو سونهون[105]
ٿبي،
تيلاهه[106]
لَڀَنِ سپرين، ڳالِ
[107] لَهِجي[108]
مُورُ.
• فرمايائون ته: سُبحانَ مَنّ اَظهَرَ الاشياءَ
وَهُوَ عَينهَا (پاڪ آهي اهو، جنهن شِين کي ظاهر
ڪيو، حالانڪ اهوئي ان جو عين آهي.) پوءِ هي بيت
پڙهيائون[109].
سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي مَنِ وَسي،
تَنهِين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.
• فرمايائون ته: سلوڪ جي واٽ ۾ سڀ عاجز آهن. ڪنهن
به ان جو پرو پاند نه لڌو آهي. جيڪو چوي، ته آءٌ
اهو علم ڄاڻان ٿو، ته پڪ سمجهو ته، ان کي ڪجهه به
نه ٿو اچي. پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(89) آهي اُهڃائو،[110]
پير پريان جو جيڏيون،
جِنين ساڃائو،[111]
تِنين تان نه پروڙئو.
• فرمايائون ته: لهر ۽ درياهه هڪ شيءِ آهن، پرنالا
ٻه اٿن.
• فرمايائون ته: چوندا آهن، ته ڏيو ٻري ٿو. حالانڪ
ڏيو وٽ ۽ تيل کانسواءِ نه ٻرندو آهي. ماڻهو انهيءَ
وٽ ۽ تيل ڏانهن نظر نه ٿا ڪن، ۽ روشنيءَ ئي ڏانهن
منسوب ڪن ٿا. جيڪڏهن ڏئي ۾ وٽ ۽ تيل نه هجي ته
ڪڏهن به نه ٻري.
• فرمايائون ته: کل قول قول الله و کل فعل فعل
الله (يعني: سڀ ڪو قول خدا جو قول آهي، ۽ سڀ ڪو
فعل خدا جو فعل آهي.)
• فرمايائون ته: عارف ٻن قسمن جا آهن: ”عارف قبل
شيءِ“ ۽ ”عارف بعد شيءِ“. عارف قبل شيءِ (شيءِ کان
اڳ سڃاڻو) اهو آهي، جيڪو پهريائين خدا کي سڃاڻي ۽
پوءِ شين کي ڏسي، انهن کي ان ذات مطلق جا مظهر
سمجهي، ۽ ”عارف بعد شيءِ“ (شيءِ کان پوءِ سڃاڻو)
اهو آهي، جيڪو پهريائين شين جو مشاهدو ڪري، ۽ پوءِ
شين کي خدا جو مظهر ڪري سمجهي.
• فرمايائون ته: شيخ ابو طالب مڪيءَ فرمايو آهي،
”اَنا اوّلُ مِنّ رَبِي سَنَتينِ“ (يعني آءٌ
پنهنجي رب کان ٻه ورهه اڳي هوس). پوءِ هي هندي بيت
پڙهيائون:
اي سمنا،[112]
گانٺ[113]
پريم ڪَي، پَڙي[114]
جو ڪيسي پيرِ،
اِيہَ کولي کُلي نهين،[115]
سَڀَ جَڳَ رَهيا اُڌير.
باب يارهون
نبين جو احوال
• شعلو: فرمايائون ته، هڪ ڏينهن حضرت موسيٰ الله
تعاليٰ جي درگاهه ۾ ٿي ويو ته، واٽ تي هڪ جوان نظر
آيس، جيڪو هڪ رنگ محل جي سبزيءَ تي عبادت ڪري رهيو
هو. حضرت موسيٰ جي سلام کان پوءِ هن جواب ڏيئي عرض
ڪيو، ته الله تعاليٰ جي درگاهه ۾ دعا گهرجانءِ ته،
هو منهنجي دل ۾ محبت جو قطرو وجهي. اتي پهچڻ کان
پوءِ هن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي. الله تعاليٰ
فرمايس، ”تو منهنجي دوست جو نياپو وساري ڇڏيو.“
حضرت موسيٰ عرض ڪيو: ”خداوندا، سندس دعا قبول ٿي
وئي.“ موٽ تي ڇا ڏسي ته، رنگ محل ويران ٿي ويو
آهي، ساوڪ سڪي ويئي آهي ۽ اهو شخص بيهوش ۽ بي خبر
پٽ تي پيو آهي. سندس اکيون آسمان ۾ کتل هيون. سجاڳ
ڪري پڇيائينس ته، ”اڳي ڪهڙي حال ۾ هئين ۽ هاڻي
ڪهڙي حال ۾ آهين؟“ ان جوان ته جواب ڪونه ڏنس، پر
الله تعاليٰ جو آواز آيس ته، ”اي حضرت موسيٰ! جنهن
کي منهنجي محبت جو قطرو نصيب ٿيندو آهي، تنهنجو
اهڙو حال ٿيندو آهي. پهريائين جڏهن باغن ۾ عبادت
ٿي ڪيائين ته، اڃا محبت حاصل نه ٿي هيس.“ پوءِ هي
بيت پڙهيائون:
(80) سَڄَڻَ ساعت[116]
هيڪَڙي، جي ٿِينِ[117]
اکيئون[118]
ڌار،
ته ڪَرَ سَڀَ ڄمارَ، ڏٺوسين[119]
نه ڪڏهين.
(81) هنيون نه حاضر جن، پري نه اَکَڙِيَنِ ۾،[120]
ٺلها ڍانڍا سکڻا،[121]
هِيئين[122]
جاڙ جين.[123]
باب ٻارهون
بزرگن ۽ ولين جا نڪتا
• شعلو: فرمايائون ته: هڪڙي ڏينهن عارفن جي
بادشاهه حضرت بايزيد بسطاميءَ، تي الاهي شوق غالب
ٿيو ۽ عرش تي پهچي، چوڻ لڳو: ”اي عرش مون کي خدا
جو ڏس ڏي، جو چيو اٿس ته، ”اَلرّحّمانُ عَلَيٰ
الَعرشِ استَويٰ- طٰہ-5-“ (يعني: رحم وارو الله
عرش تي قائم آهي.) عرش جواب ڏنس، ”جنهن کي تون
ڳولهين ٿو، تنهن کي خاڪين ۾ ڳولهه، ڇاڪاڻ جو
فرمايو اٿس ته، ”اِنّاَ عَرَضنَا اَلا مانَةَ
عَلّي السّماوَاتِ وَالّـاَرّضِ وَالّجِبَالِ
فَاَبَيَن اَنّ يّحّمِلّنَهَا وآشفَقنَ مِنهَا
وَحَمَلَهَا الِانّسانُ اِنّہُ کَانَ ظَلُوماً
جَهُولاً.“- الاحزاب- 72. (اسان آسمانن، زمين ۽
جبلن کي امانت آڇي، پر هنن ان جي کڻڻ کان انڪار
ڪيو ۽ ان کان ڊنا، پوءِ ان کي انسان کنيو، تحقيق
هو پاڻ تي ظلم ڪندڙ ۽ اڻ ڄاڻ آهي.) پنهنجو راز
خاڪي انسان ۾ رکيو اٿس، تنهنڪري تون اتي وڃي
ڳولينس. جيڪي انسانن ۾ آهي، سو ٻي ڪنهن ۾ به نه
آهي.“ پوءِ هي بيت پڙهيائون:
(82) اِنهيءَ ۾ آهي، جي تُنّ ڀائيين جهُوپَڙا،
تاڙي جي لاهي، ته چارو[124]
لوڪ ٿيي.
(83) مُہُ ڪر منجاران،[125]
ٻهر[126]
ڍونڍ مَ ڍور جِنءَ
اُڪرِي آرا،[127]
ڪنڍِيَ پُڄَڻَ ڏاکَڙي.[128]
• شعلو: فرمايائون ته، ڪنهن زماني ۾ هڪڙو فقير ۽
شهزادو پاڻ ۾ دوست هوندا هئا. بادشاهه جي مرڻ کان
پوءِ جڏهن شهزادو تخت تي ويٺو، تڏهن فقير ڪنهن ٻي
ملڪ ڏانهن هليو ويو هو. هڪڙي ڏينهن ان فقير کان
ڪنهن غريب شخص هڪ درهم گهريو، جنهن کي چيائين ته،
”هل ته هلي وقت جي بادشاهه کان وٺي ڏيانءِ، جيڪو
منهنجو دوست آهي.“ آخر صلاح ڪري ٻئي اٿي هليا.
هوڏانهن شهزادي وزير کي چيو ته، ”دينارن جي ڳوٿري
کڻو ته، فقير دوست کي ڳولهي هلي ڏيان.“ شهر کان
ٻاهر نڪتا ته، فقير به ملين. ٻنهي ويهي پاڻ ۾ روح
رهاڻ ڪئي. پوءِ فقير ان شخص لاءِ هڪ درهم جو سوال
ڪيس. بادشاهه جي اشاري تي هڪڙو درهم ان کي ڏنو
ويو، جو هو وٺي موڪلائي رمندا رهيا. وزير حيران ٿي
پڇيو ته، ”بادشاهه سلامت! هيءَ سڄي ڳوٿري فقير
لاءِ کڻائي هليا هيا، سو ڏنوس ڇونه؟“ بادشاهه
وراڻيو، ”جيڪڏهن هو طمع رکي سوال نه ڪري ها ته،
جيڪر هيءَ سڄي ڳوٿري ڏيانس ها، هاڻي جڏهن طمع
رکيائين ته، هڪڙو درهم بس اٿس.“ پوءِ هي بيت
پڙهيائون:
(84) تو ڏانُ توتي ڏاڻُ، هي پاڻ اتي مڱڻو،
اهي پارين اَسئو، ڪو چئي وڃائي پاڻ.
• فرمايائون ته: حضور ﷺ جن جي زماني ۾ هڪ شخص
هوندو هو، جو فاسق ۽ فاجر هو ۽ ساري رات خراب ڪمن
۾ گذاريندو هو. جڏهن مئو، تڏهن حضور ﷺ جن کي خبر
ڏنائون ته، سندس جنازي سان هلو.جنازي پٺيان هلڻ
وقت پاڻ سڳورا پٻن تي هلي رهيا هئا. ماڻهن جي پڇڻ
تي فرمايائون ته، ”آسمان کان ايترا ملائڪ لٿا آهن،
جو زمين تي پير رکڻ جي جاءِ ئي ڪانهي.“ اصحابن کي
عجب لڳو ۽ چوڻ لڳا ته، ”هي شخص ته، ڏاڍو گنهگار
هو.“ موٽڻ کان پوءِ پاڻ ڪريم جن ان شخص جي گهر آيا
۽ سندس پٽن کان پڇڻ لڳا ته، ”هي شخص ڇا ڪندو هو ۽
ڪهڙي عبادت ڪندو هو؟“ هنن کين ٻڌايو ته، ظاهري طرح
وڏو گنهگار هو ۽ ڪيترا ڪچا ڪم ڪيا هئائين، پر سمهڻ
وقت هي دعا گهرندو هو:
سُبّحَانَ الله الّمُقَدِرِ لِمَا يَشَاءُ
بِقُدُرَ تِہ وَ فَعّالُ لِمَا يُرِيّدُ بِعِزُتِہ
بَرَحّمَتِڪَ يَا اَرّحَمَ الرّاحِمِينَ.
|