سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :3

فصل ٻيو

شخصيت ۽ ڪردار

فيض جي پالوٽ

حضرت شاهه عبدالڪريم جي رهڻي ڪهڻي ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، ۽ ڪيترائي پرت جا پهيڙا سندس فيض جي درياه مان چڪي چکي، سلوڪ جي راهه جا پانڌيئڙا ٿيا. سندس مريدن، معتقدن ۽ صحبتن جو وڏو تعداد هو، جن مان ڪيترا ته ڪامل درويش هئا، انهن جو ذڪر هن ڪتاب جي آخر ۾ ملندو.

شخصيت

سندس شڪل شبيهه مان نور پيو بکندو هو. منهن ۾ ڏيا هئس، جو ڏسڻ سان هرڪو متاثر ٿيندو هو، ۽ سمجهي ويندو هو، ته اهل دل بزرگ آهي. ڪپڙا سادا ۽ نير ۾ ٻڏل پهريندو هو. خاص طرح سان ڪاري چادر ضرور هوندي هيس. اڇا ڪپڙا پسند نه ڪندو هو. کاڌو به تمام سادو کائيندو هو. ماني اڻ مکيل ۽ چانور بنان داغ جي کائيندو هو. ڏڪار سڪار ۾ سدائين خوش گذاريندو هو. گداءُ ڪري پاڻ به کائيندو هو، ته فقيرن کي به کارائيندو هو. گداءُ وارو کاڌو ڏاڍو پسند هوس. ايتري قدر جيڪڏهن ڪٿي مهماني ٿيندي هيس، تڏهن به پهريائين گدائيءَ جي مانيءَ مان ٽڪر کائي، پوءِ ميزبان جي ماني کائيندو هو. اهو سڀ ڪجهه محض انهيءَ لاءِ ڪندو هو، ته جيئن نفس هيڻو ۽ هيٺاهون ٿئي.[1]

دل جو ڪشادو ۽ سخي هو. جيڪو هوندو هوس، مسڪينن ۽ فقيرن کي ڏيئي ڏيندو هو ۽ پاڻ گدائي ڪري گذاريندو هو. وقتي پنهنجو کاڌو به فقيرن کي ڏيئي، پاڻ بکون ڪڍندو هو.[2] سندس تحمل جو هڪ مثال هن طرح آهي:

”هڪ ڀيري ڪن حرڪتي ماڻهن سندن ٻنيءَ جي اڏ ڀڃي، پاڻي وهائي ڇڏيو ۽ سندس نار بيهاري ڏاند ڇوڙي ڇڏيا. آخر سيد صاحب کي ڌڪ به هنيائون، تڏهن به صبر ڪيائين ۽ انهن کي ڪجهه به نه چيائين.“[3]

رحمدل به ڏاڍو هوندو هو. پنهنجي ڏاندن کي مارڻ ته، پري رهيو، پر ڇينڀيائين به نه. ٻني کيڙڻ ويندو هو ته، هر به ڪلهي تي کڻي ويندو هو. سڄيءَ حياتيءَ ۾ فقط هڪ دفعو هڪ پٽ کي چماٽ هنيائين، جنهن جو پڇاڙيءَ تائين ارمان هوس. سندس چوڻ هو ته ”شرافت روح کي آهي، ۽ نه بدن کي. شايد هن فرزند جو روح منهنجي روح کان چڱو هجي.“

هڪ دفعي سندس خادم زور ڏيندي آڱر ڀڃي وڌس، پر ڪجهه به نه ڪڇيائين، ۽ نه زورن ڏيڻ کان ئي روڪيائينس. جڏهن خادم جي وڃڻ کان پوءِ ڏاس ۽ مٽي گهرائي ٻڌائين، تڏهن وڃي پتو پيو.

ڳوٺ ۾ هڪ هندو هميشہ بيمار گذاريندو هو. پاڻ ان کان وقت بوقت پڇڻ ويندو هو. جيڪڏهن ڪو مسڪين ۽ منجهيل اچي حال اوريندو هوس، ته اوسيتائين آرام نه ايندو هوس، جيستائين ان جو ڪم پورو نه ڪندو هو. جيتوڻيڪ حاڪمن وٽ وڃڻ نه وڻندو هوس، تڏهن به منجهيل ماڻهن جي واهر لاءِ حاڪمن وٽ هلي ويندو هو،. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪڏهن حاڪم اڻ سهائيندڙ هلندو هوس، ته اهو به برداشت ڪندو هو. ڪوبه ضعيف يا محتاج ڏسندو هو، ته پهريائين ان جي مدد ڪندو هو، پوءِ ڪنهن ٻئي ڪم کي لڳندو هو. هڪ ڏينهن هڪ ڪراڙي ۽ ڪمزور عورت کي تڏو اڻندي ڏٺائين. ڪهل اچي ويس ۽ ڪراڙيءَ کي ڪم تان اٿاري، پاڻ کيس تڏو تيار ڪري ڏنائين. تڏو تيار ڪري رهيو هو ته، اتان مرزا جاني بيگ جو وڏو امير قاسم چرڪس اچي لانگهائو ٿيو، ۽ کيس هٿ ٻڌي بيهي رهيو. پر جيسيتائين تڏو اڻي نه اٿيو، تيسيائين امير ڏانهن ڪوبه توجهه نه ڏنائين.

سماع جو شوق

ننڍپڻ کان ئي سماع[4] جو شوق هوس، جنهن تي سندس وڏي ڀاءُ سيد جلال ڇينڀيو به هوس. پاڻ به سر ۽ الحان سان بيت ڳائيندو هو، ته ٻين کي به سڏي پاڻ سان گڏ ڳارائيندو هو. سماع جون محفلون پاڻ وٽ به لڳارائيندو هو، ته ٻين وٽ به ٻڌڻ ويندو هو. سماع کي ذڪر ۽ عبادت ڪري سمجهندو هو. چوندو هو، ”ڪن علم پڙهيو، ڪن هنر سکيو، پر مون رڳو سماع سکيو، ۽ ٻيءَ ڪنهن شيءِ ڏانهن خيال نه ڪيم.“

سماع وقت وجد ۽ حال جي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هيس. مزوريءَ تي ويندو هو، ته اتي به مزورن کي بيت ڳائي ٻڌائيندو هو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ حجري جي اندران، پرڀات جو، مٺڙي سر سان بيت چوندو هو، جيڪي حجري جي ٻاهران ويهي مريد ٻڌندا هئا، ۽ دل ٺاريندا هئا.

سنڌ ۾ سماع

تاريخ معصوميءَ جي صاحب ان وقت جي سماع جو نمونو هن ريت بيان ڪيو آهي:”ڳچ جيترا ماڻهو اچي هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، جن مان ڪي پنهنجي زبان ۽ سر سان بيت پڙهندا آهن، ۽ ٻيا ان سر موافق سماع ڪندا آهن. سماع ڪندي، ڪن تي حال پوندو آهي، ۽ گهوڙي وانگر پڙ ڪڍندا آهن ۽ مست ٿي ويندا آهن. ويٺلن مان هرهڪ انهن جي چيلهه کي قابو جهلي بيهندو آهي، پوءِ هو نچندا آهن ۽ وڏا آواز ڪندا آهن. ٻن ٽن سماع ڪندڙن جو اهڙو آواز هڪڙي هنڌان اچڻ، عجيب پڙاڏو وجهي ڇڏيندو آهي، ۽ ميل يا وڌيڪ مفاصلي تي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.“[5]

شاهه ڪريم جي درگاهه تي ٿيندڙ سماع

موجوده دؤر ۾ شاهه ڪريم جي درگاهه تي ماهه پهرين سومر رات، حج رات ۽ ميلي واري رات تي ۽ ڏينهن جو سماع ٿيندو آهي. سجاده نشين کان اجازت وٺي، فقير مچ جي چوڌاري حلقو هڻي ويهندا آهن، ڪي فقير بيٺا رهندا آهن. بيٺلن مان هڪ ڄڻو شاهه ڪريم جي بيتن جي هڪ مصرع پڙهندو آهي. ان تي ٻيا سڀ فقيراشهد آڱر مٿي کڻي ”القارعة“ چوندا ۽ ”مالقارعة“ چئي آڱر هيٺ ڪندا. اهڙيءَ طرح بيت پڙهندا رهندا آهن، جيسيتائين سجاده نشين يا ان جي غيرحاضريءَ ۾ سندس ولي عهد اچي ويهي. بيت گهڻو ڪري مارئيءَ ۽ سهڻيءَ جي سر مان پڙهندا آهن.

پير صاحب ٿلهي تي ويهندو آهي، سندس منهن قبلي طرف هوندو آهي. سماع ۾ شرڪت ڪندڙ فقير، حلقي وار، پير صاحب ڏانهن منهن ڪري ڦرندا آهن، پر اهڙيءَ طرح جيئن پير جي نظر مچ کان پري نه ٿئي. ڏهن پندرهن منٽن کان پوءِ پير صاحب اندر ويندو، ته فقير ويڙهي ويندس. ڪجهه وقت کان پوءِ پير صاحب وري اچي ٿلهي تي ويهندو. چڱو وقت ويهڻ کان پوءِ پير صاحب هلندڙ سماع مان اٿي هليو ويندو، ۽ فقير هو ۽ الله هو جو ورد شروع ڪندا.[6]

سنڌ جي سماع جي قديم توڙي موجوده طريقي جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيندو، ته سماع، راڳ جو نالو نه آهي. سماع راڳ کان بالڪل مختلف آهي. سماع خدا جي ياد ۽ تزڪيه نفس جو هڪ تربيتي نمونو آهي.

هي هڪ اهڙو نمونو آهي، جنهن ۾ ماڻهو هڪ منو ٿي پنهنجي مالڪ حقيقي ڏانهن رجوع ٿئي ٿو، ۽ ان جي ذڪر ۽ فڪر ۾ پنهنجي ذات کي بالڪل وساري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ طرح سندس دل ۽ روح جي صفائي ٿئي ٿي.

فصل ٽيون

علمي لياقت ۽ مشرب

علم و فضل

مٿي بيان ٿي ڪو آهي، ته شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کي ظاهري تعليم سان شوق ڪونه هو. ”بيان العارفين“ ۾ سندس زباني آيل آهي، ته فقط ٻه سيپارا پڙهيو. مريدن کي به چوندو هو ته ظاهري تعليم پرائڻ ۾ گم ٿي نه وڃن. الله تعالي جي ذڪر ۽ فڪر کي ظاهري تعليم کان بهتر سمجهندو هو. انهي هوندي به ظاهري عالمن جي صحبت ۾ ويهي گهڻو ڪجهه پرايائين. سندس ملفوظات ”بيان العارفين“ مان معلوم ٿئي ٿو، ته نبين ۽ ولين جي قولن جي کيس وڏي ڄاڻ هئي. وقت جا وڏا عالم جهڙوڪـ؛ مولانا دائود مفتي، مولانا محمد صدر، مخدوم حامد دودائي ۽ ٻيا جڏهن سندس مجلس ۾ کائنس تصوف جا باريڪ نڪتا ۽ معنائون ٻڌندا هئا، ته دنگ رهجي ويندا هئا. ان وقت جو مشهور عالم ميان عبدالرشيد ”بصير“ چوندو هو، ته ”جڏهن حضرت جن وٽان نڪتا ٻڌندو آهيان، تڏهن ڪيترا خيال ۽ معنائون دل تي تري اينديون اٿم. مرضي اٿم، ته حضرت جن جي هر هڪ نڪتي جون ڪيتريون ئي معنائون بيان ڪريان.“

شاهه عبدالڪريم کي سنڌي شاعرن جا بيت به ياد هئا. قاضي قاضن جا بيت به ياد هئا جيڪڏهن شاهه ڪريم جي زباني معلوم نه ٿين ها، ته اسان تائين نه پهچن ها. فارسي ۽ هندي جي به ڪجهه قدر واقفيت هيس.

جيتوڻيڪ سندس خيال هو، ته ظاهري علم مان غرور ۽ هٺ پيدا ٿئي ٿو، جيڪو سلوڪ جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، تڏهن به ظاهري علم کي ننديو نه اٿس. ”بيان العارفين“ ۾ هڪ نقل آيو آهي، ته هڪ ڀيري مريدن اچي کيس چيو:

”ماڻهو چون ٿا، ته اوهين علم ڇونه ٿا پڙهو“؟ پاڻ کين چيائون، ”انهن کي چئو ته دعا ڪريو، ته علم نصيب ٿئي.“

مذهب ۽ مشرب

حضرت شاهه عبدالڪريم عليه الرحمته وڏو صوفي بزرگ هو. سنت جماعت جي طريقي تي هلندو هو. آل اطهر جي محبت دل ۾ هيس، ۽ حضرت امام حسين عليہ السلام جي شهادت تي غم جو اظهار ڪندو هو. سيد بدران فقير سڏائيندو هو. ٻين سيدن کي به چوندو هو، ته فقير سڏايو، ڇاڪاڻ جو فقيري ۾ ”سيدي“ اچي وڃي ٿي. ان جو سبب اهو آهي، جو ٻنهي جهانن جي سردار فقر تي فخر ڪيو آهي. تصوف جي سلسلي ۾ پاڻ کي اويسي[7] سڏيندو هو. شريعت موجب پورو هلندو هو. روزا ۽ نمازون ڪڏهن به نه گسايائين. سندس مقام ۾ منزلت بابت ڪيترن ئي بزرگن جا بيان ”بيان العارفين ۾ آيل آهن.“

فصل چوٿون

سنڌ جون سياسي حالتون

سياسي پس منظر

حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي رح، سمن جي حڪومت (سنه 1351 کان سنه 1521) کان 16 سال پوءِ سنه 944هه (1538) ۾ تولد ٿيو. سندس اک کولڻ وقت سنڌ تي شاهه حسين ارغون جي حڪومت هئي، جو سنه 928هه (1521ع) ۾ تخت تي ويٺو. سنه 927هه (1521ع) ۾ سندس والد شاهه بيگ ارغون سنڌ فتح ڪئي هئي.[8]

ڏهين صدي هجريءَ جي پهرين چوٿائي، ماوراء النهر، خراسان، ايران ۽ سنڌ وڏن وڏن انقلابن ۽ لاهن چاڙهن جي لپيٽ ۾ رهي. پريشاني، بربادي، خون خرابو، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو عجيب و غريب عالم رهيو. ڪيئي خاندان مٽجي ويا، ڪي ئي حڪومتون ناس ٿي ويون، ۽ ڪيترن ئي نين سلطنتن جو آغآز ٿيو. شاهه اسماعيل صفوي پنهنجي نئين سلطنت جو بنياد انهيءَ چوٿائيءَ ۾ وڌو. انهي ئي زماني ۾ محمد خان شيباني پنهنجي خونريزين ۽ لشڪر ڪشين ذريعي ايران، توران ۽ خراسان جي سرزمين کي ڀيليندو، خون جا واهڙ وهائيندو رهيو. آخر انهيءَ چوٿائيءَ ۾ پاڻ به سڀ ڪجهه وڃائي، مارجي ويو. آل تيمور جو آخري چراغ انهيءَ زماني ۾ هرات ۾ هميشہ لاءِ گل ٿي ويو. ڪيترائي شهزادا مارجي ويا، جيڪي بچيا، اهي اهڙا ڇڙوڇڙ ٿيا، ۽ هڪ ٻئي کان اهڙا وڇڙيا، جو ڪڏهن به نه مليا. اهڙو ئي حال آل تيمور جي ٻي شاخ جو فرغانه ۾ ٿيو. بابر پنهنجي بادشاهي وڃائي، توران کان خيبر جي لڪ تائين وادين ۽ پهاڙن جي لاهن چاڙهن ۾ پنهنجي قسمت آزمائيندو رهيو.[9]

سنڌ ۾ به اهڙيون حالتون هيون. صدين کان سهڻي نموني هلندڙ سمه حڪومت، سنڌ جي نامور بادشاهه ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي اک ٻوٽڻ (914 هجري- 1508ع) سان گهرو لڙائيءَ جي نذر ٿي ويئي.[10]

ڄام نظام الدين 25 ربيع الاول سنه 866هه کان 914هه تائين نه فقط ملڪ تي حڪمراني ڪئي، پر ماڻهن جي دلين تي بادشاهي ڪئي. هو نهايت نيڪ، ڪردار ۽ گفتار جو سچو، اعليٰ منتظم، بهادر ۽ خوش اخلاق بادشاهه هو. جاه و جلال، شان و شوڪت، تدبر ۽ فراست ۾ سندس ڪوبه شاني ۽ ثاني ڪونه هو. سنڌ تي اڌ صدي سندس حڪمراني، سنڌ لاءِ سچي رحمت هئي. ملڪ ۾ امن و امان هو، ۽ ماڻهو ريئان کيئان هئا. دنيوي خوشحاليءَ سان گڏ، دينداريءَ جي لحاظ کان به وڏي رحمت هئي. ديني ۽ دنيوي علمن جي اشاعت لاءِ سنڌ جي چپي چپي تي مدرسا ۽ خانقاهون هيون. ڄام نندو پاڻ عالم، فاضل، زاهد ۽ عابد هو. تاريخ ۾ سندس زهد ۽ تقويٰ جون ڪيئي ڪهاڻيون بيان ٿيل آهن. هو گهوڙن جي ڪڙهه ۾ وڃي، انهن جي پٺيءَ تي هٿ گهمائي چوندو هو، ته ”توهان به دعا گهرو، ۽ آءٌ به ٿو دعا گهران، ته خدا اهو ڏينهن نه آڻي، جو سواءِ شرعي سبب جي اوهان تي سواري ڪريان، ۽ سواري ڪندي ڪنهن به مسلمان جو خون منهنجي هٿان نه وهي. سڀني تاريخن سندس اخلاق سندس اخلاق ۽ ڪردار جي تعريف ڪئي آهي.[11]

ڄام نظام الدين کان پوءِ سندس فرزند ڄام فيروز تحت نشين ٿيو، جو ننڍي عمر جو هو. انهيءَ ڪري ڄام فيروز جي هڪ عزيز ڄام صلاح الدين تخت نشين ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. گهرو لڙائي لڳي. گجراتي لشڪر جي مدد سان ڄام صلاح الدين ٺٽي تي حملو ڪيو، جنهن کي ڄام فيروز، محب وطن دولهه دريا خان (ڄام نندي جو وزير) جي مدد سان روڪيو. گجراتين کان سواءِ ڄام فيروز جي زماني ۾ ارغونن جي به اچ وڃ ٿي. دولت شاهي، ۽ نور گاهي ارغون ڀڄي سنڌ ۾ آيا، ۽ لشڪر ۾ شامل ٿي ويا. انهن مان مير قاسم ڪيبڪي سنڌ جي حالتن کان واقف ٿي شاهه بيگ ارغون وٽ ويو ۽ کيس سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ چيائين. شاهه بيگ ارغون سنه 1518ع ۾ ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو. دريا خان سندس مقابلو ڪيو، پر مارجي ويو. سنه 1520ع ۾ شاهه بيگ ٺٽو فتح ڪري، قتل عام جو حڪم ڏنو. پر جلدئي قاضي قاضن خط ذريعي شاهه بيگ کي متاثر ڪري قتل عام کي بند ڪرايو.[12]

آخر ڄام فيروز ۽ شاهه بيگ جي وچ ۾ صلح ٿيو، ۽ شاهه بيگ ٺٽو سندس حوالي ڪيو. موٽ تي سيوهڻ جي ويجهو ٽلٽيءَ جي ميدان تي، سنڌين ۽ شاهه بيگ جي وچ ۾ وڏي لڙائي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي عالم ۽ بزرگ حضرت مخدوم بلال جي چوڻ تي دريا خان جي پٽن ۽ ٻين اميرن حصو ورتو. سنڌ جا سورهيه سر جو سانگو لاهي، جنگ جي ميدان ۾ ڪڏي آيا. وڏي خونريز لڙائي لڳي. ڪي ئي ڪونڌر ڪسي ويا. آخر جڏهن سمورا جوڌا جوان مارجي ويا، تڏهن ميدان شاهه بيگ جي هٿ آيو. شاهه بيگ جي سيوي طرف رواني ٿيڻ کان پوءِ ڄام صلاح الدين ڄام فيروز تي حملو ڪيو. ڄام فيروز، شاهه بيگ کي اطلاع ڏنو، جنهن پنهنجي پٽ شاهه حسن کي روانو ڪيو. شاهه حسن ۽ ڄام صلاح الدين جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين ۽ سندس پٽ مارجي ويا. شاهه بيگ سيويءَ کان سيوهڻ پهتو. شاهه حسن به ساڻس اچي مليو پوءِ ٻئي بکر پهتا. ڌاريجا قوم جي ماڻهن بغاوت ڪئي، ۽ مقابلو ڪيائون، پر ڪيترائي مارجي ويا. سنه 1521ع ۾ شاهه بيگ گجرات فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو، پر اگهم ڪوٽ وٽ 22 شعبان سنه 928هه (1521ع) تي فوت ٿيو. سندس لاش کي دفن ڪرڻ لاءِ مڪه مڪرمه موڪليو ويو.[13]


[1]. تحقته الڪرام، سنڌي ترجمو، ص- 532- بيان العارفين ۽ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص- 24-32.

[2]. ”بيان العارفين“ ۽ ”شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ : ڊاڪٽر دائود پوٽو، ص 24-23.

[3]. مرزا قليچ بيگ: احوال شاهه عبداللطيف، ٻيو ڇاپو، 1982 ص- 56 ۽ رساله ڪريمي، ص-19.

[4]. سماع کي صوفين جائز ته ٺهرايو آهي،پر ان لاءِ ڪي شرط مقرر ڪيا اٿن. امام غزالي عليه رحمته هيٺين شرطن تي سماع کي جائز سمجهي ٿو:

سماع سان گڏ شراب خوري ۽ ساز سرندا نه هجن، جي ماڻهن جي نفساني خواهشن کي اڀارين. سماع اهڙو هجي جنهن مان الله تعاليٰ جو ذوق شوق وڌي.“

حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني عليه الرحمته سماع کي مڪروه ڄاڻايو آهي، شيخ شهاب الدين عمر سهروردي عليه الرحمته ان کي اجتناب فرمايو هو. ۽ شيخ بهاءالدين نقشبند فرمايو هو: ”مون کي ان کان انڪار ته ڪونهي، پر مان اهو ڪم نه ڪندو آهيان.“

حضرت خواجه حسن بصري فرمايو آهي: ”سماع، جيڪو ماڻهو حق سان ٻڌي ٿو، اهو حق رسيده ٿي وڃي ٿو، ۽ جيڪو نفس سان ٻڌي ٿو، اهو ڪافر ٿي وڃي ٿو.“

حضرت ذوالنون مصري (وفات 562هه)، حضرت ابونجيب عبدالقاهر سهروردي (وفات 562هه)، حضرت مخدوم جهانيان جهان گشت بخاري (وفات 785هه) ۽ ٻين صوفي بزرگن جا به سماع جي سلسلي ۾ اهڙائي قول آهن. يعني هو ان ۾ وڏي احتياط جا قائل هئا. حضرت خواجه نظام الدين اولياءَ دهلوي (وفات 785هه) جي ملفضات ”وائد الفواد“ (ص- 95 ۽ 246) ۾ سماع لاءِ هيٺيان شرط رکيل آهن:

[5]. تاريخ معصومي سنڌي، ترجمه ص- 216.

[6] . ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (اڻ ڇپيل) ص- 564 کان 565.

[7]. اويسي طريقو حضرت اويس قرنيءَ جي نالي پٺيان مشهور آهي، جنهن حضور ﷺ کي ڏسڻ کان سواءِ ايمان آندو هو. جڏهن ٻڌائين ته احد جي جنگ ۾ پاڻ ڪريمن جو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو آهي، ته پنهنجا سڀ ڏند ڀڃي ڇڏيائين. انهيءَ خيال کان ته پاڻ سڳورن جو الائي جي ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو؟! صوفين مان جن بزرگن کي براه راست ٻنهي جهانن جي سردار وٽان فيض ملندو آهي، اهي اويسي سڏائيندا آهن.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمته به اويسي مشهور آهي. شاهه صاحب پنهنجي دوست، مشهور عالم ۽ مفڪر مخدوم محمد معين ٺٽويءَ ڏانهن اويسي طريقي جي سمجهائڻ لاءِ خط لکيو هو، جنهن جو جواب ڏيندي، مخدوم صاحب اويسي طريقي جي مفصل سمجهاڻي ڏني هئي. پوءِ ان سوال ۽ جواب کي ترتيب ڏيئي هڪ رسالي ۾ جمع ڪيو ويو، جنهن جو نالو ”رسالو اويسيه“- تصنيف مخدوم محمد معين التتوي رکيو ويو. ان رسالي موجب اويسي طريقي جو تعارف هن طرح آهي:

لفظ اويسي صوفي حضرات جي ڪلام ۾ آيو آهي. ”اويسي“ انهيءَ شخص کي چوندا آهن، جنهن جي تربيت ۽ تڪميل ۾ روح- روان کي دخل هجي. هي روحاني فيض وٺڻ، ظاهري مرشد وٺڻ جي خلاف نه آهي. اهو دستور وڏن درويشن جي حالات ۾ پڻ موجود آهي. ڪيترن ئي اوليائن جي مرشدن جو سلسلو مشهور نه هو. امام يافعي ”روضة الرياضين“ ۾ انهن ولين جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته خواجه حافظ شيرازي جي به ڪنهن کي خبر نه آهي، ته ڪنهن کان باطني علم پرايائين. مولانا جامي جي نفحات ۾ آيو آهي، ته ظاهري مرشد وٺڻ، ولايت لاءِ ڪو شرط نه آهي. انهيءَ ڪري طعنا ڏيڻ ۽ اهڙن بزرگن جي طريقي کي بي بنياد چوڻ گستاخي آهي.

”(هي رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ترجمي سان ”نئين زندگيءَ“ ۾ شايع ڪرايو آهي. ڏسو ماهوار ”نئين زندگي“، بابت ماه نومبر، سال 1953ع، ص-21 کان 22) ان مان معلوم ٿيندو، ته اويسي طريقي وارا گهڻو ڪري باقاعدي مرشد نه وٺندا آهن.

[8]. ”تاريخ معصومي“، سنڌي ترجمو، ص- 137 کان 243.

[9]. تذڪره روضة السلاطين و جواهر العجائب: فخري بن اميري هروي، بتصحيح و حواشي: پير حسام الدين راشدي، 1968ع ص- 24-23.

[10]. ”تاريخ معصومي،“ سنڌي ترجمه، ص- 91

[11]. ”تاريخ معصومي“، سنڌي ترجمو، ص- 89 کان 91- ماثرحيمي، ج- 2 ص- 273.

[12].”تاريخ معصومي“، سنڌي ترجمو، ص- 136.

[13]. ”تاريخ معصومي“، سنڌي ترجمو، ص- 139 کان 152- ترخانه نامه، سيد مير محمد شاهه، باهتمام: سيد حسام الدين راشدي، 1965ع، ص- 12 کان 23.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com