شاهه بيگ کان پوءِ شاهه حسن تخت نشين ٿيو. کيس
معلوم ٿيو ته، ڄام فيروز باغي ٿي ويو آهي. انهيءَ
ڪري ٺٽي طرف روانو ٿيو. ڄام فيروز ڪڇ طرف ڀڄي ويو،
۽ لشڪر گڏ ڪري ٺٽي پهتو. شاهه حسن به اڳي وڌيو.
چاچڪن ۽ راحمن ڳوٺن جي ويجهو مقابلو ٿيو. سنڌي
لشڪر جڏهن مغلن جو لشڪر ڏٺو، تڏهن گهوڙن تان لهي،
مٿن تان پڳون لاهي، سندرا ٻڌائون. سندرن جون ڪنڊون
وري هڪ ٻئي سان ٻڌي، جنگ شروع ڪيائون. ان وقت سنڌي
سورهيائيءَ جو اهو اهڃاڻ هوندو هو، ته جڏهن مرڻ
مارڻ کان سواءِ ميدان نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندا هئا،
ته گهوڙن تان لهي مٿا اگهاڙا ڪري، سندرا هڪ ٻئي
سان ٻڌندا هئا، ته جيئن فولادي ديوار بنجي مقابلو
ڪيو وڃي. آخر سنڌي سورهيه سنڌ تان صدقو ٿي ويا، ۽
شاهه حسن جي فتح ٿي. فتح کان پوءِ هو بکر ڏانهن
موٽيو، ۽ موٽ تي هر جڳهه تباهي مچائيندو آيو. سنه
1525ع ۾ بکر کان ملتان روانو ٿيو. واٽ تي سيورائي،
اچ ۽ دلاور جا قلعا مسمار ڪيائين. اچ جو قلعو ۽
جايون ڊهرائي، سامان ڪڍارائي، ٻيڙين تي کڻائي، بکر
موڪليائين، جيڪو بکر جي قلعي جي نئين سر اڏاوت ۾
استعمال ٿيو. آخر ملتان جي حاڪم محمود لانگاهه کي
شڪست ڏيئي، سنه 1526ع ۾ ملتان به فتح ڪيائين. بکر
موٽي اچڻ تي کيس معلوم ٿيو، ته ڪڇ جو راجا کنگهار
ٺٽو فتح ڪرڻ گهري ٿو. انهيءَ ڪري کنگهار کي شڪست
ڏيئي ٺٽي پهتو.[1]
مٿيان واقعا شاهه ڪريم جي ولادت کان اڳ جا آهن.
شاهه عبدالڪريم عليه رحمته جي ولادت کان ٻه ورهيه
پوءِ سنه 1540ع ۾ شاهه حسن ارغون جي زماني ۾
همايون، شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، لاهور ۽
اچ کان ٿيندو، روهڙيءَ جي ويجهو پهتو. مرزا شاهه
حسن کيس ڀڄائڻ لاءِ اچ کان بکر تائين درياه جا
ڪنارا ويران ڪري ڇڏيا، ته جيئن همايون جي لشڪر کي
رسد نه ملي سگهي. آخر اها حالت ٿي، جو همايون جا
ماڻهو، اٺ ۽ گهوڙا ذبح ڪري کائڻ لڳا. اهو حال ڏسي
همايون، جوڌپور جي راجا مالديو جي لکڻ تي جوڌپور
روانو ٿيو. جوڌپور کان 30 ميلن جي پنڌ تي هو، ته
کيس معلوم ٿيو، ته جوڌپور جي راجا جي دل ۾ کوٽ
آهي. انهيءَ ڪري تڪڙو تڪڙو جيسلمير روانو ٿيو.
جيسلمير جي راجا پاڻي روڪي ڇڏيس. انهيءَ ڪري
عمرڪوٽ آيو، جتي اڪبر ڄايس. ٽن سالن جي رولڙي کان
پوءِ جڏهن همايون قنڌار وڃڻ جو خيال ڪيو، ته شاهه
حسن سندس مدد لاءِهٿ وڌايو ۽ انهيءَ ئي سال هو
قنڌار هليو ويو.[2]
انهيءَ ئي سال شاهه حسن کي اڌ رنگ جي بيماري ٿي
پيئي. سنه 962هه (1554ع) ۾ وفات ڪيائين. ڪن جو چوڻ
آهي، ته سندس زال ماه بيگم کيس زهر ڏئي مارايو.
جيئن ته کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو، انهيءَ ڪري مرزا
عيسيٰ ترخان تخت تي ويٺو، جيڪو سندس نپايل هو. هن
ماه بيگم سان شادي به ڪئي. سال به ڪونه گذريو، ته
محمود خان سان سندس اختلاف ٿي پيو، جيڪو بکر جو
حاڪم هو. محمود خان پاڻ کي خود مختيار ظاهر ڪيو.
سنه 963هه (1555ع) ۾ مرزا عيسيٰ بکر تي حملو ڪري،
گهيرو ڪيو. اڃا گهيرو ئي ڪيون ويٺو هو، ته گوا جي
پورچگيزن ٺٽي تي حملو ڪيو. ٺٽي کي ڦريائون، باهيون
ڏنائون، ۽ آخر ۾ ڪيترن ماڻهن کي قيد ڪري پاڻ سان
وٺي ويا. ايڏي ڦر ڪيائون، جو سندن چوڻ موجب ايڏي
ڦر سڄي ايشيا ۾ ڪانه ڪئي هئائون. اهو احوال ٻڌي
مرزا پوئتي موٽيو. سلطان محمود سندس پٺيان پيو، ۽
سيوهڻ تائين ربيع جا فصل تباهه ڪري ڇڏيائين. آخر
سيد مير ڪلان وچ ۾ پئي صلح ڪرايو.[3]
سنه 967 هه (1595ع) ۾ مرزا جي ٻن پٽن: مرزا محمد
باقي ۽ مرزا محمد صالح جي وچ ۾ تڪرار ٿي پيو. مرزا
عيسيٰ، مرزا محمد صالح جو طرف ورتو، ۽ محمد باقي
شڪست کائي، سوڍن جي رهائشگاهه ونگي ڏانهن هليو
ويو. محمد صالح وڏو بهادر ۽ همت ڀريو هو. سنه
970هه (1562ع) ۾ هڪ بلوچ کيس قتل ڪيو، جنهن جي
پيءُ کي هن مارايو هو.[4]
ان کان پوءِ مرزا عيسيٰ ۽ محمود خان بکريءَ جون
آويزشون هلنديون آيون، تان جو سنه 947 هجري
(1566ع) ۾ مرزا وقت ڪئي. کائنس پوءِ مرزا باقي تخت
تي ويٺو، جيڪو وڏو ظالم هو. هن ماه بيگم کي بند ۾
وڌو، جتي هوءَ اڃن ۽ بکن ۾ مري ويئي. اهڙا ته ظلم
ڪيائين جو ٻڌڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي.
پهريائين ارغون اميرن کي وڏا اختيارات ڏنائين. پر
پوءِ جو ڪاوڙ آيس، ته انهن جي پاڙ پٽي ڪڍيائين. ان
کان پوءِ سلطان محمود بکري، ارغون اميرن جي دانهن
تي مرزا باقي تي چڙهائي ڪري آيو. مرزا جو ننڍو
ڀاءُ مرزا جان بابا ۽ سندس نياڻو مرزا شادمان به
لشڪر وٺي اچي محمود خان سان مليا، پر پوءِ جدا ٿي
ويا. آخر مرزا باقيءَ جي لشڪر کان شڪست کائي ڀڄي
وڃي ڪڪرالي پهتا، جو سمنڊ جي ڪناري تي هو. مرزا
باقي پهريائين سيد علي ثاني شيرازي ٺٽوي جي معرفت
مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين سان صلح ڪيو، ۽ پوءِ
کين قتل ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ محمود خان به
ڪاهيندي اچي ٺٽي کي گهيرو ڪيو. مرزا کي مقابلي جي
طاقت ته ڪانه هئي، پر محمود خان کي معلوم ٿيو، ته
ترسون محمود خان جي ڀائرن اچ جي قلعي تي حملو ڪيو
آهي، انهيءَ ڪري مقابلو ڇڏي موٽي ويو. سنه 993هه
(1584ع) ۾ مرزا باقي چريو ٿي پيو ۽ ترار کڻي پاڻ
کي مارڻ جي ارادي سان، پاڻ کي ڦٽي وڌائين. آخر
انهن ڦٽن ئي سندس موت آندو.[5]
هي اهڙو ته ظالم هوندو هو، جو معمولي ڳالهين تي
سخت سزائون ڏيندو هو، جهڙوڪ: ڏاڙهي پٽڻ، نڪ ۽ ڪن
ڪپڻ، هاٿين جي پيرن سان ٻڌي گهٽين ۽ بازارين ۾
گهمائڻ. پٽ جي موت جو ٻڌي شڪ ۾ محلي جي زالن جي
سٿڻن ۾ ٻليون وجهارائي، سندن ببا وڍرائي ڇڏيائين،
۽ مردن کي هاٿين جي پيرن سان ٻڌرائي گهٽين ۽
بازارين ۾ گهمايائين. بي غيرت وري اهڙو هو، جو
جڏهن اڪبر جي لشڪر حملو ڪيو، تڏهن بادشاهه کي راضي
ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڌيءَ شاديءَ لاءِ دهليءَ ڏياري
موڪليائين، پر بادشاهه، خوني ۽ ظالم جي ڌيءَ سان
شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ۽ هوءَ موٽي پيءُ وٽ آئي.[6]
کائنس پوءِ سندس پٽ مرزا جاني بيگ تخت تي ويٺو.
هيءُ به پيءُ وانگر ظالم هو. هن پيءُ جي خون جي ڪن
ماڻهن تي تهمت رکي، انهن مان ڪن کي ٽوئن ۾ ويڙهائي
ساڙائي ڇڏيو، ڪن جي مٿي کان پيرن تائين ڪرٽ وجهي
ٻه ٽڪر ڪرايو، ۽ هرهڪ اڌ کي ذرا ذرا ڪري، گهٽين ۽
بازارين ۾ اڇلائي ڇڏيو، ڪن کي سنگسار ڪرايائين، ۽
ڪن جي مٿي کان پيرن تائين کل لهرايائين. سندس
حڪومت جي شروع ۾ سندس چاچي مظفر ڪاهه ڪئي، پر کيس
شڪست ملي. ان کان پوءِ هن پيءُ جي سڪي کي رد ڪري،
پنهنجو سڪو چالو ڪيو، ۽ نيون ماپون مقرر ڪيائين.
اڪبر کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن ڪاوڙ لڳس، ۽ کيس
آڻ مڃائڻ لاءِ نواب محمد صادق کي چاڙهي موڪليائين.
هو سيوهڻ تائين پهتو، ۽ هار کائي پوئتي موٽي ويو.
ان کان پوءِ سنه 999هه (1590ع) ۾ مرزا عبدالرحيم
خان خانان چڙهي آيو، جنهن سخت لڙائيءَ کان پوءِ
سيوهڻ فتح ڪيو. انهيءَ وچ ۾ مرزا جاني بيگ ٺٽي کي
باهيون ڏيئي تباهه ڪرائي ڏيو. انهيءَ افراتفريءَ ۾
ڦر به ٿي. سنه 1000هه (1591ع) ۾ خان خانان مرزا
سان صلح ڪري کيس اڪبر جي خدمت ۾ موڪليو. اڪبر سندس
پٽ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪري موڪليو،
جو ان وقت سورهن سالن جو هو. مرزا جاني بيگ کي
دهليءَ ۾ ئي رهائي ڇڏيائين. هن اتي ئي وفات ڪئي، ۽
سندس لاش آڻي مڪليءَ تي دفن ڪيو ويو. مرزا غازي
بيگ جي ڏينهن ۾ به ڪيتريون بغاوتون ٿيون. سنه
1013ه (1604ع) ۾ بادشاهه جي سلاميءَ لاءِ آگري
ويو، جتي بادشاهه کيس رهائي ڏيو. سنه 1014هه
(1605ع) ۾ اڪبر جي وفات کان پوءِ چوريءَ ٺٽي ۾
آيو. پوئتان سندس دشمنن نورالدين جهانگير کي سندس
خلاف اڀاريو، جنهن ڪري هن کيس گهرائي ورتو. آخر
جڏهن وفادار سمجهيائينس، تڏهن کيس قنڌار جو نواب
ڪري موڪليائين، جتي سنه 1021هه (1612) ۾ وفات
ڪيائين. سندس لاش آڻي مڪليءَ تي دفن ڪيو ويو. هو
فارسي زبان جو بلند پايه شاعر هو، ۽ ”وقاري“ تخلص
ڪندو هو. شاعرن جو وڏو قدردان هو. ڪيترائي شاعر
سندس درٻار ۾ هوندا هئا. ايراني شاعر به ڪهي وٽس
ايندا هئا. ذهين به هو، ته سٺو منتظم به. انهن
خوبين سان گڏ منجهس برايون به هيون. وڏو زاني هو ۽
شراب به گهڻو پيئندو هو.[7]
مرزا جاني بيگ جڏهن خانه بدوش ٿي ويو، تڏهن
جهانگير سنڌ کي مرڪز سان ملائي ڇڏيو. پوءِ ٺٽي تي
گورنر مقرر ٿي ايندا رهيا. سنه 1015 هه (1606ع) ۾
خسرو چرڪس سنه 1021هه (1612) ۾ مرزا رستم، سنه
1025هه (1616) ۾ مرزا مصطفيٰ، سنه 1028هه (1618) ۾
مرزا با يزيد بخاري، ان کان پوءِ شريف الملڪ، سنه
1037هه (1627) ۾ مرزا عيسيٰ خان ٺٽي جا گورنر ٿيا.[8]
شاهه عبدالڪريم سنه 1032هه ۾ وفات ڪئي، يعني
انهيءَ زماني ۾ ٺٽي تي شريف الملڪ (شريف خان)
گورنر هو. مٿين احوال مان معلوم ٿيندو، ته شاهه
عبداڪريم جي جوانيءَ جي زماني کان پڇاڙيءَ تائين
سنڌ سان ڪيئي ويل وهيا. مرزا عيسيٰ ۽ محمود بکريءَ
جي خانه جنگي، گوا جي پورچوگيزن جي ڦر ۽ باهه،
مرزا باقيءَ جا ظلم ۽ ڏاڍ مرزا جاني بيگ جا ڪيس
ڪلور ۽ مرزا محمد صادق خان جي چڙهائين ملڪ کي ناس
ڪري ڇڏيو. اهڙين حالتن جي ڪري عوام تي خوف ۽ هراس
ڇانيل هوندو هو. امن امان تباهه ٿي ويو هو. اهڙي
زماني ۾ انسان، تصوف جي پناه ۾ ئي سک جو ساهه کڻي
سگهيو ٿي. اهڙين حالتن ۾ صوفي بزرگن انسان ذات جي
اهم خدمت سرانجام ڏني. هنن نهٺائيءَ واري تعليم
سان انسانن جي دلين کي آرام بخشيو. انهيءَ فطري
تقاضا موجب شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۾
به نهٺائيءَ، صبر ۽ شڪر جو پيغام ملي ٿو.
شاهه عبدالڪريم جيتوڻيڪ حڪومت سان ڪوبه تعلق نه
رکندو هو، تڏهن به خدا جي خلق جي خدمت لاءِ ڪڏهن
ڪڏهن ڪامورن وٽ ڪهي ويندو هو. انسانن جي سک
سلامتيءَ جو کيس وڏو اونو رهندو هو. جيڪڏهن ڪنهن
سان زيادتي ۽ ظلم ٿيندو هو، ته بي اختيار ٿي ويندو
هو. مطلب ته هن اسلامي اصولن موجب انسانيت جو درس
ڏنو، ۽ انسانن جي اخلاق ڪردار جي اصلاح ڪئي.
فصل پنجون
سنڌ جو علم ۽ ادب
علمي حالت
ملڪي حڪومت جي خاتمي ۽ ڌارين جي غلبي سڄيءَ سنڌ کي
کنا کيڙ ڪري ڇڏيو. ارغونن جي اچڻ کان پوءِ درٻيلي
۽ پاٽ جا ڪيترائي عالم بد دل ٿي سنڌ ڇڏي گجرات ۽
مدينه طيبه ڏانهن هليا ويا. انهيءَ ڪري سنڌ جو
علمي نظام درهم برهم ٿي ويو. انهيءَ زماني ۾ وسط
ايشيا ۾ سياسي انقلابن جي ڪري ڪيترائي علمي خاندان
لڏيا سنڌ ۾ آيا، جيڪي ٺٽي ۽ بکر ۾ آباد ٿيا. انهن
مدرسا قائم ڪيا، ۽ علم جي شمع کي روشن ڪيو.
ارغونن جي زبان فارسي هئي. شاهه حسن ارغون فارسي
زبان جو شاعر هو، ۽ ”سپاهي“ تخلص ڪندو هو. انهيءَ
ڪري فارسي زبان ۽ شعر کي فروغ مليو. پر ڏيهي شاعر
به سنڌ ۾ آيا، ته ڏيهي ماڻهن به فارسي ۾ شعر چيو.
ان دور جي فارسي شاعرن مان هيٺين جا نالا قابل ذڪر
آهن:
”مرزا شاهه حسن، مخدوم ميران (وفات) 1542ع) حيدر
هروي، شاهه جهانگير هاشمي، شاهه حسن تڪدري، مولانا
فخري هروي، مير شاهه مسعود صدر.“[9]
فارسي جي بالادستي ترخانن ۽ مغلن جي دور ۾ به قائم
رهي. هن دور ۾ به ڪيترائي فارسي جا شاعر پيدا ٿيا.
خود مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ فارسي جا شاعر
هئا. مرزا غازي بيگ فارسي شاعرن جو وڏو سرپرست هو،
۽ ڪيترائي شاعر سندس درٻار سان وابسته هئا.
هن عرصي ۾ نه فقط ديوان ۽ مثنويون لکيون ويون، پر
فارسي نثر ۾ به ڪتاب لکيا ويا. خاص طرح سان ان دور
۾ سنڌ جي تاريخ تي اهم ڪتاب لکيا ويا، جهڙوڪ: مير
معصوم بکري جي تاريخ سنڌ (1009هه- 1600ع)، ادارڪي
بيگلاري جو ”بيگلارنامه“ (1017هه- 1608)، مير طاهر
نسياني جي ”تاريخ طاهري“ (1030هه- 1620)، ميرڪ
يوسف بن مير ابولاقاسم نمڪين جي ”مظهر شاهجهاني“
(1044هه- 1634ع)، سيد جمال الدين حسيني شيرازي
ٺٽوي جو ”ترخان نامه“ (1065هه- 1654ع)، شيخ فريد
بکري جي ”ذخيرة الخوانين“ (1060هه- 1650ع) وغيره.
مغلن جي زماني ۾ هندوستان مان ڪي اهڙا شاعر به
آيا، جيڪي اردو ۾ شعر چوندا هئا، جهڙوڪ: محمود
صابري، محمد سعيد راهبر، مير علي جعفر بي نوا
وغيره. اهوئي سبب آهي، جو ان دور ۾ فارسي شعر سان
گڏ سنڌين ۾ اردو ۾ شعر چوڻ جو ذوق به پيدا ٿيو. ان
هوندي به مغلن جي دور ۾ به فارسي جي بالادستي
برقرار رهي.
ان زماني ۾ جيڪو سنڌي فارسي ڄاڻندو هو، ان کي قدر
جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. انهيءَ ڪري سنڌين به
فارسي زبان ۽ شعر ۾ دلچسپي ورتي. سنڌي شاعريءَ کي
ڄڻ ته علمي محفلن ۽ اميرن جي درٻار مان تڙي ڪڍيو
ويو. ان وقت فقيرن ۽ درويشن سنڌي شعر کي پنهنجي
جيءَ ۾ جاءِ ڏني. صوفين جي سماع جون محفلون سنڌي
بيتن سان گرم رهيون. ان جو ثبوت ”بيان العارفين“
آهي.
سنڌي شعر
ملڪ جي لاهن چاڙهن جي ڪري شاهه ڪريم کان اڳ جو
سنڌي شعر گهڻو ڪونه ٿو ملي. ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جي هريڙن
جي مصداق سومرن ۽ سمن جي دور جا ڪجهه بيت ملن ٿا،
سي به جيئن ته زباني روايتن ذريعي مليا آهن،
انهيءَ ڪري شڪ گاڏئان آهن. البته تاريخن مان ايتري
پڪي ثابتي ملي ٿي، ته ان زماني ۾ سنڌي شاعر موجود
هئا، ۽ سنڌي زبان ۾ شعر چيو ويندو هو.
ان زماني جو سومرن ۽ سمن سردارن جي سورهيائي، سخا
۽ رومانوي داستان بابت ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جا ڪجهه
بيت مليا آهن. ڪيترا بيت ته گمنام سگهڙن ۽ شاعرن
جا آهن. البت ڪجهه بيت ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ جي
نالن ۾ مليا آهن. سومرن جي دور جي مشهور واقعي
دودي چنيسر جي لڙائيءَ بابت به ان زماني جا ڪجهه
بيت مليا آهن.
سومرن جي دور جي اسماعيلي ملغن جا شعر به مليا
آهن. جن کي گنان سڏيو وڃي ٿو. انهن اسماعيلي بزرگن
جا نالا هي آهن: پير شمس سبزواري (1065ع- 1167ع)،
پير صدرالدين (1290ع- 1409ع) ۽ پير تاج الدين.
تاريخ مان ان زماني جي ڪن شاعرن جا نالا به ملن
ٿا، جهڙوڪ: شيخ حماد جمالي، اسحاق لوهر ۽ راڄو
ستيو دل. سمن جي دور ۾ ساموئيءَ جي ستن درويشن جا
ست بيت مليا آهن. ساموئي درويشن جي شهادت جو واقعو
ڄام تماچيءَ جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو، جيڪو 1375ع ۾
تخت تي ويٺو. انهن ستن بيتن مان به ڪيترا پوئين
دور جا ٺهيل آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو، ته سمن جي
دور ۾ سماع جي محفلن ۾ سنڌي بيت پڙهيا ويندا هئا.
ان کان پوءِ اسان کي شاهه ڪريم جي ملفوظات ”بيان
العارفين“ ملي ٿي، جنهن ۾ قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽
ٻين شاعرن جا بيت محفوظ ڪيل آهن. جيئن ته هي بيت
اسان کي تحريري صورت ۾ دستياب ٿيا آهن، انهيءَ ڪري
هنن بيتن کي سنڌي شعر جي عظيم عمارت جي پيڙهه جو
پٿر چئي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ ڪن ٻين ڪتابن مان
شاهه ڪريم جي ڪن همعصرن جا سنڌي بيت به مليا آهن.
انهن شاعرن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
مخدوم پير محمد لکوي
لکي تعلقي سکر جو ويٺل هو. سنه 1590 يا 1600ع ڌاري
وفات ڪيائين. الف اشباع جي سٽا ۾ سندس هڪ نظم مليو
آهي، جنهن ۾ روضئه اقدس جي ديدار جو اشتياق
ڏيکاريو اٿس. نظم هن طرح شروع ٿئي ٿو:
اي صبا! واءِ صبح جا خاطي خير هٿا
تون ريٻارو رحمان جو ۽ قاصد قريبا
مخدوم نوح
شاهه ڪريم جي مرشد حضرت مخدوم نوح وفات (1590ع) جا
ڪجهه سنڌي بيت مليا آهن. هڪ بيت هت ڏجي ٿو:
سمو به ساٿين گڏ، تون لوچج لڄ کي،
هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪيرت ڪج،
ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي به سوڀ ٿئي.
سيد علي ثاني ٺٽوي
شاهه ڪريم جي پير ڀائي ۽ ٺٽي جي مشهور عالم ۽ فاضل
سيد علي ثاني شيرازي (وفات 1573ع) جو هڪ سنڌي بيت
مليو آهي:
سرتن سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،
آءٌ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو وهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
کهندا ٿيون کارين، ڪانه هلندي هوت ڏي.
انهن کان سواءِ ٻين به ڪن شاعرن جا نالا ملن ٿا،
جهڙوڪ: درس علاوالدين سومرو ٺٽو، سيد ابوبڪر
لڪياري ڳوٺ آراضي سيوهڻ، شاهه خيرالدين جيلاني
سکر، سيد هارون، يوسف سهتو ٺٽو، ڪافي گو شاعر فاضل
بکري ۽ جرڪس فقير هنڱورو.
فصل ڇهون
شاهه ڪريم جي شاعري
ڪريم جو ڪلام
حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي طبع ننڍي
هوندي کان ئي شعر ۽ سماع ڏانهن مائل هوندي هئي.
جڏهن مٿن جذبو طاري ٿيندو هو، ته بي اختيار ٿي بيت
چوندا هئا، ۽ اهي بيت وري مٺي آواز سان سماع ۽ وعظ
جي مجلسن ۾ ٻڌائيندا هئا. کين اڳين شاعرن جو شعر
به ڪافي ياد هو، جو وقت بوقت مجلسن ۾ ٻڌائيندا
هئا. قاضي قاضن جا بيت به شاهه ڪريم جي زباني ئي
معلوم ٿيا آهن.
بيتن جو تعداد
بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جا قول به آهن ته بيت
به. سندس قولن جي وچ تي جيڪي سندس بيت آيل آهن،
انهن جو تعداد 93 آهي. جيڪڏهن انهن مان شيخ پراڙ
وارو بيت به ڌار ڪبو، ته پوءِ ڪل بيت وڃي 92
ٿيندا. ان کان سواءِ هيٺيين بيت بابت به يقين نه
آهي، ته شاهه ڪريم جو آهي يا قاضي قاضن جو. مضمون
۽ سٽا جي لحاظ کان قاضي قاضن جو معلوم ٿئي ٿو. پر
جيئن ته بيت کان اڳ قاضي قاضن جو نالو نه کنيو ويو
آهي، انهيءَ ڪري شاهه ڪريم جو بيت ڪري، شامل ڪيو
ويو آهي.
ڪنز قدوري ڪافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اڀ.
انهن بيتن مان ٻه بيت هڪ مصرع وارا، ٻه ٽن مصرعن
وارا ۽ باقي ٻن مصرعن وارا آهن.
شعر جو وزن
شاهه ڪريم جو شعر هندي شعر جي وزن ”ڇند وديا“ موجب
معلوم ٿئي ٿو.
|