سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :11

(پاڪ آهي اهو خدا، جو پنهنجي قدرت سان جيڪي وڻيس ٿو، سو خلقي ٿو ۽ جو پنهنجي طاقت سان جيڪي گهري ٿو سو ڪري ٿو. اي ٻاجهاري ۾ ٻاجهارا تنهنجي ٻاجهه گهرجي.) ان دعا گهرڻ کان پوءِ چوندو هو ته، ”اي خداوند! جيڏي تنهنجي وڏائي آهي، جيڏو تون آهين، تيڏي تو ۾ اميد آهي.“[1] پوءِ حضور ﷺ جن کي يقين ٿيو ته، ايڏو شرف ان دعا جي ڪري مليو هوس. شاهه ڪريم هن کان پوءِ هي بيت پڙهيو:

(85) جهُورِيرا جُهڻڪَنِ،[2] مٿي مَيين مَڱڻا،

سَپَڙَ راتِ سَمَگِيا،[3] ڏِکِيا ڏينہَ[4] ڏسن،

گهر ٿا گهوٽ وڃن، چِندا لٿي چارڻين.

• فرمايائون ته: هڪڙي بزرگ هڪ ڏينهن حجم کان ٿي سنوارت ڪرائي. انهيءَ دوران به بزرگ لا الہ الا الله جو ذڪر ٿي ڪيو، جڏهن چپن جا وار وٺڻ لڳس، تڏهن چيائين ته، ”ٿوري دير وات بند ڪريو، ته متان ٽڪو نه اچي وڃيو.“ بزرگ وراڻي ڏنس ته، ”صبر ڪيئن ڪريان، سج پيو هلي، اهو ڪو بس ڪري ٿو؟ جڏهن اهو هلڻ بس نه ٿو ڪري ته، پوءِ مون کي ڪهڙي طاقت آهي، جو الله جي يادگيريءَ کان غافل رهان.“ ان حڪايت کان پوءِ سيد صاحب هي بيت پڙهيو:

(86) تان ڪي ڳوري ڇُلُ، جان لاڙائو سڄ ٿئو،

هاڙي ڌاري هل، وڃي هوتن[5] جو ٿئو.

• فرمايائون ته: ڪنهن بزرگ کان پڇيائون ته: ”مجازي عشق ڪيئن پچائجي؟“ چيائين ته، ”مجاز مانيءَ جيان پچائجي، جا نه ڪچي رهي نه سڙي وڃي.“ ان کان پوءِ سيد صاحب هي بيت پڙهيو:

(87) مجازي موهي، ڪڏهن[6] ويندَءِ نِڪَري،

اَکَڙيون توهي، مَڇَڻُ وِهين وِسَهي.

• شعلو: فرمايائون ته: هڪ دفعي هڪ واعظ، وعظ ۾ چيو ته جيڪو، ماڻهو 7 ڀيرا الحمد پڙهي، درياهه تي شوڪاريندو، ته ان هنڌان درياهه سڪي ويندو. هڪڙي مزور جيڪو روزانو درياهه ٽپي ڪاٺيون ڪري ايندو هو، هن اهو وعظ ٻڌي، الحمد ياد ڪيو. ان کان پوءِ هو درياهه تي ڦيڻو وجهندو هو، ته درياهه سڪي ويندو هو، ۽ هو لنگهي ويندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ ان ساڳي واعظ کيس اهڙي نموني درياهه ٽپندي ڏٺو، جنهن تي عجب کائي کائنس درياهه جي سڪي وڃڻ جو سبب پڇيائين. کاٺير چيس، ”تو جيڪو طريقو ٻڌايو هو، ان تي ئي ته هلان ٿو.“ واعظ دل ۾ خيال ڪيو، ته ڇونه مان به ائين ڪيان. سو الحمد پڙهي شوڪاري درياهه ۾ گهڙي پيو، ۽ انهيءَ گهڙيءَ درياهه ۾ ٻڏڻ لڳو. گهڻيون ئي دانهون ۽ سڏ ڪيائين، پر ڪجهه به نه وريس. ان کان پوءِ سيد صاحب هي بيت پڙهيو:

(88) ويساهه وارن[7] لنگهئو، اَويساهَنِ تارِ،

ملو وڃي ڪُنَ ڪَرَ، تُنّ ڪُنِرَ[8] ڪوڏِ نِهار.

باب تيرهون

سنڌ جي بزرگن جون حڪايتون

• شعلو: فرمايائون، ته هڪڙي ڏينهن حضرت سيد رڪن الدين مٽيارن واري فرمايو، ”تيرن جي بٿي ڀريو، تيزيءَ مان پيو هڻان. اهي تير ڪن جي ڪنن وٽان، ۽ ڪن جي منهن وٽان لنگهي وڃن ٿا. پر اهڙو ڪارگر نه ٿو ٿئي، جو اهو پٽ تي ڪري، ڪوڪون ڪري، ۽ مجروح ٿي پئي.

• شعلو: فرمايائون، ته مخدوم اسماعيل سومرو فقير به هو ته غني به. کيس ماهيو مال جهجهو هوندو هو. هڪ ڏينهن سندس نياڻيءَ مخدوم عثمان کان پڇيو، ته اسان جون ٻانهيون جڏهن ڏڌ ولوڙينديون آهن، ته ڏڌ جا ڦڙا سندن پيرن کي لڳي وري چاڏيءَ ۾ پوندا آهن، اهي پاڪ آهن يا نه” تڏهن مخدوم صاحب چيو[9]:

• چارئي پَلَوءَ چِڪَ ۾،[10] پڇي پارِيرَ وِٺِ،

اِنَ اِهڙي احتياط سين، ڦٺ پڃاڻا ڦِٺ.

پوءِ چِيائين ته ”بادشاهه جا انعام وٺو ٿا، ۽ وري پڇو ٿا اهڙا مسئلا؟“ سيد صاحب اها ڳالهه ڪري پوءِ هي بيت پڙهيو:[11]

(89) چارَئي پَلَوءَ چِڪ ۾، اديون مُنّ آهين،

ڀانئِڻ جي ڀائين، سي تِرِڪَنِ تَڪَڙي.

• شعلو: فرمايائون، ته هڪڙو فقير هوندو هو، جنهن کي الله تعاليٰ جو وصال نه ٿي ٿيو، ۽ هي بيت پئي ورجايائين:

• اَرّتاسُ مِلاءِ، جِس ملندي[12] مَنُ ملي،[13]

دِيا پيک اُٺاءِ، نيت ڪا ڪپڙا ڪَون

سيد صاحب فرمايو، ته ”ديا“ مان مطلب آهي: الله تعاليٰ ۽ پيڪ مان مراد آهي: قيامت.

• شعلو: فرمايائون، ته هڪڙي ڏينهن هڪ ملامتي بزرگ،[14] قاضي قاضن جي مسجد جي محراب ۾ اگهاڙو محراب طرف پير ڪري سمهيو پيو هو. جڏهن قاضي قاضن کيس ان حالت ۾ ڏٺو، ته درو کڻي پير کان هڻن لڳس. ڇا ڏسي، ته پيرن جي جاءِ تي مٿو آهي. پيرن جي جاءِ ڏانهن ويو، ته وري اتي به مٿو ڏسڻ ۾ آيس. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪيائين. آخر ڏاڍو تنگ ٿيو. ان کان پوءِ ان بزرگ چيس: ”پير جيڏانهن وڻنئي تيڏانهن ڪر، پر دل پنهنجي خالق ڏانهن ڪر.“ ان کان پوءِ درو ڦٽي ڪري خدا جي طالبن مان ٿيو، ۽ هي بيت پڙهائين:

جوڳَي جاڳايوسِ، ستو هوسِ ننڊ ۾،

تِهان پوءِ ٿيوسِ، سندي پريا پيچَري.

• فرمايائون، ته سنڌ جو بادشاهه مرزا شاهه حسن (ارغون) هڪ ڀيري ملڪ جو سير ڪندي اگهم ڪوٽ وٽان اچي لنگهيو، جيڪو نيرن ڪوٽ جي ويجهو آهي. اتي هوٿي اگهمي نالي هڪ بزرگ تڪڙو تڪڙو سندس پٺيان هلڻ لڳو. جڏهن بادشاهه کي اها خبر پئي، تڏهن چيائين: ”شايد زمين جو ڪو ٽڪرو اٿس.“ بادشاهه هلندي هلندي اچي ان زماني جي مخدوم عمر بودلي جي جاءِ وٽ پهتو. عمر بودلي ڏانهنس ڪوبه توجهه نه ڏنو. لاپرواهه ٿيو ويٺو رهيو، ۽ بادشاهه جي ڪابه تعظيم نه ڪيائين. جڏهن بادشاهه کي سندس روش جي خبر پئي، تڏهن چيائين: ”زمين نه هوندس، تڏهن ته اسان جي تعظيم نه ٿو ڪري.“

• فرمايائون، ته سيد علي شيرازي ٺٽي جي مخدوم آچر جو مريد هو. هڪ ڏينهن مخدوم آچر کي ويٺي زور ڏنائين، ته ائين ڪندي مخدوم عبدالحليم (جيڪو درويش دائود جي درگاهه ۾ مدفون آهي) اچي اتان لانگهائو ٿيو. سيد علي شيرازي کي زور ڏيندو ڏسي، مخدوم آچر کي چيائين: ”هُتي هُن طرح ۽ هِتي وري هن نموني؟!!“ ان تي مخدوم آچر جواب ۾ چيو: ”ٻيا گهڻن ۾ ٿورا ۽ هي ٿورن ۾ ٿورا.“ اهو جواب ٻڌي هو هليو ويو. ان کان پوءِ سيد علي شيرازيءَ مخدوم آچر کان انهيءَ سوال جو مطلب پڇيو. انهيءَ تي مخدوم آچر کيس ٻڌايو، ته ”سوال جواب جو مطلب هو، ته هُتي يعني حضور نبي ڪريم ﷺ جي بارگاهه ۾ ڪهڙيءَ نه آزي ۽ نيزاري ۾ هوندو آهين، ۽ هتي وري سندن اولاد کان خدمت ٿو ڪرائين؟! جواب جو مطلب هي آهي، ته گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي چاهين ٿا، ته ٻين مان گهڻي ۾ گهڻو فائدو حاصل ٿئي. اهڙا ماڻهو ٿوري ۾ ٿورا آهن، جيڪي چاهين ٿا، ته اسان مان ٻين کي فائدو حاصل ٿئي. ان جواب مان منهنجي مراد اها هئي، ته زور انهيءَ ڪري ٿو ڏيارايان، ته جيئن زور ڏيندڙ کي مون مان فائدو حاصل ٿئي.

• فرمايائون، ته هڪ ڀيري سيوهڻ جو مخدوم نجم، حضرت مخدوم نوح جي خدمت ۾ آيو، ۽ کائنن پڇيائين، ته ”هينئر ڪهڙي امر ۾ مشغول آهيو.“ جڏهن مخدوم نوح کيس ڪوبه جواب نه ڏنو، تڏهن وڏي آواز سان چيائين: ”هينئر ڇا پيا ڪريو؟“ ان تي مخدوم نوح ڪنڌ مٿي ڪري چيو: ”مخدوم هن وقت ڪجهه به نه ٿو ڪري“ ائين چئي قرآن شريف جي هيءَ آيت پڙهيائين: ”واله خلقکم وما تعملون“- الصّافات- 92 (هو ڏانهن اوهان کي ۽ جيڪي اوهين بنايو ٿا، تن کي الله پيدا ڪيو آهي.)

اها آيت ٻڌي مخدوم نجم خاموش ٿي ويو ۽ ڪجهه پرڀرو وڃي ويٺو.

باب چوڏهون

شاهه ڪريم جي تصرف بابت

• هڪ مخلص جي روايت آهي، ته هڪ ڏينهن حضرت سيد صاحب جن جي زيارت جي خيال کان ٺٽي کان نڪري سندن ڳوٺ آيس، جتان معلوم ٿيو، ته پاڻ ڪيڏانهن ٻاهر نڪري ويا آهن. نااميد ٿي موٽيس ۽ پناهه واهه جي ڪناري تي اچي ڏک ۾ بيهي رهيس، ۽ سڪ سان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳس، اوچتو پري کان هڪ مٿي اگهاڙو سوار ايندو ڏٺم ۽ صحيح ڪري ويس ته حضرت پير صاحب جن آهن. ان وقت الاهي جمال جي بحر ۾ غرق هئا، ۽ عشق جي ڏوريءَ ۾ ايڏو ٻڏل هئا، جو سرير جي سڌ به ڪانه هين، ايتري قدر جو کين اهو به سماءُ ڪونه هو، ته مٿو اگهاڙو آهي، جڏهن مون کي ڏٺائون، تڏهن فرمايائون:

(90) ”مُنّ ڏورائين لکئا، ته هي گهاتوئن وياءُ.“[15]

پوءِ پنهنجي ڳوٺ ڏانهن رخ رکي مون کي فرمايائون، ته فلاڻي هنڌ هڪ شخص منهنجي مهماني ڪئي هئي، اڄوڪو ڏينهن رهڻ لاءِ ڏاڍيون منتون ڪيائين، پر مون نه مڃيو ۽ اٿي هليس، ته ڳوٺ وڃي سهڙان. ان وقت مون کي به بک لڳي هئي، سو هڪ ماني هڙ مان ڇوڙي ڏنائون.

• نقل آهي، ته هڪ دفعي حضرت سيد صاحب جن ڪڪرالي جي ڳوٺ ۾ ڪنهن وٽ وڃي مهمان ٿيا، ۽ ان جي ماني کاڌائون. ڪن ماڻهن کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن انهن کي بڇان لڳي ۽ چوڻ لڳا، ته حضرت پير صاحب کي چورن جي گهر ۾ رهڻ ۽ کائڻ مناسب نه هو. انهيءَ خبر ٻڌڻ تي فرمايائون:

(91) خرقان[16] خوش ڪري، اچي ويٺاسون،

جائين ڏني حسن کي، تائين ڏيندهين[17] مُنّ.

• هڪ موقعي تي فرمايائون، ته حقيقت ۾ مشهوري مصيبت آهي، پر ماڻهو ان کي پسند ڪن ٿا، ۽ گمنامي راحت آهي، پر ماڻهن کي ان مان مزو نه ٿو اچ. مرتبو ۽ عزت ڳولڻ فقيرن کي نه جڳائي. طالب کي بلند همت ٿيڻ گهرجي، بيت:

ونگا ور پاڳن، گهور ابتي گهوٽيين،

سينگڙيين ڀر ڏئو، وئا ڪچ چرن.[18]

• فرمايائون، جيئن تون ٻانهون آهين، تنهنڪري جيڪي مالڪ ڪري ۽ سندس خيال ۾ اچي، ته ان تي راضي رهه، ۽ ائين نه چئو ته هيئن ڇو ڪيائين ۽ هونءَ ڇو ڪيائين، ۽ ڇاجي ڪري ڪيائين. پوءِ هي بيت پڙهيائون[19]:

اِيَ ڪچائي منج تو، جو ته ڀائيو ڪَچُ،

جيڪي سندو سَڄَڻين، سو سڀوئي سَچُ.[20]

باب پنڌرهون: هن ۾ شاهه ڪريم جي وفات جو ذڪر آهي.

باب سورهون: هن ۾ سيد صاحب جي فرزندن جو ذڪر آهي. بيان العارفين جو صاحب آخر ۾ لکي ٿو: مون هي رسالو سنه 1038هه ۾ پورو ڪيو.

هر که خواند دعا طمع دارم- زانکه من بنده گنهگارم.

نوٽ: بابن جي اها سٽا بيان العارفين سنڌي مطابق رکي وئي آهي. بيان العارفين جي فارسي نسخي ۾ ست باب آهن، جن کي بيان العارفين سنڌي ۾ چوڏهن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. ستن بابن کان پوءِ ”خاتمه“ آهي، جنهن کي پندرهين ۽ سورهين باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

اُپٽار

فصل پهريون

معنيٰ ۽ شرح

[اشارا: معنيٰ ۽ شرح ۾ هيٺيون تخفيفون اختيار ڪيون ويون آهن:

پرا     =      پراڪرت                ف    =     فارسي

سن    =      سنسڪرت             م     =     مصدر

ع=            عربي.          : ”يا“ جي نشاني]

ڏکين لفظن جي معنيٰ

آيل= امڙ، جيجل، مان

اُڀُ= (پرا. اڀ، سن. اڀر- اپ= پاڻي+ ڀر= ڀرڻ. يعني ڪڪر، آسمان.) آسمان، آڪاس. (ظرف)، مٿي، اڀو، اچو.

اتر= (سن. اتر- اد= مٿي+ تر= پار پوڻ)، اتر طرف، عيوضو، بدلو.

اپٽڻ= کولڻ.

اُڄَهي= م- اڄهڻ (سن- اُدوهه- اُد= مٿي+ وَهُه= کڻڻ) اڪلڻ، ٿيڻ، پهچڻ، پڄڻ. شاهه لطيف اهو لفظ ساڳيءَ معنيٰ ۾ هن طرح ڪم آندو آهي.

”جي پيا منهن مهراڻ،

تن پانڍين پڳهه نه اڄهي.“

آرا= سن. آرا- آ= تائين+ ر= وڃڻ( دل جو لاڙو، پيار، انگل، ناز، مرضي، ور، وٿ، وهڪرو، گهير، ڪن، چڪر، مهاڙ، اٽي ڏڪر راند ۾ پنجون انگ.

اَرٿ= (سن. اَرٿُ= ڳولڻ) مطلب، معنيٰ، شرح، اشارو، مضمون، ڳالهه، سمجهاڻي، سبب، فائدو.

اَسئُو= (اَ= نه+ سئو= ٻڌ وارو، عقل وارو)، بي عقل، بيوقوف.

اُڪَرِي= م- اڪرڻ، (سن. اُتّڪَرشَڻَ- اُت= مٿي+ ڪُرّش= ڇڪڻ)، ٻاهر ڪڍڻ، پار پهچائڻ، ٻيءَ ڀر لنگهي وڃڻ، پار پوڻ.

الا= (ع. حرف استثناء)، پر، کانسواءِ، غير.

اَلئو= الائي.

اَمڻ= اَ= نه+ من= دل)، بي دليو، بي خيالو.

”اورڪي“ يا ”اورڳي“= م- ”اورڪڻ“، اورڳڻ (پرا. اَوَلَڪکَ، سن. اَوَلَڪُشڻ)، جانچي ڏسڻ، سڃاڻڻ، پڇائڻ، اورانگهڻ.)

اوسِڙُ= م- اوسڙڻ (سن. اوسر: اشڻ. اَشُ= سڙڻ)، اس ۾ رلڻ، اس ۾ سڙڻ، ڀٽڪڻ، انتظار ڪرڻ، اوسيڙو ڪڍڻ،، پاهه ٿيڻ (بک ۾)

اوڳار= اوڳرائي، اوڳارڻ.

اوڳار ڀڃن­= اوڳارڻ بند ڪن.

اُهڃائو= اهنج- (سن. اَسَهُيَه.

اَ= نه+ سَهُه= سهڻ)، ڏکيو، اهنجو، مشڪل، بي نشان.

بجا= وڄا (پرا. وِجّا. سن. وِديا.

وِدُ= ڄاڻڻ)، علم، ڪلا، ڪاريگري، ڄاڻ.

بِلا= (ع. بالله، به= سان+ الله، الله جو قسم)، الله جو سنهن، الله جو قسم.

ٻُجهڻا= م- ٻجهڻ (پرا. ٻُجَهه، سن ٻُڌ. ٻُڌ ڄاڻڻ)، پروڙڻ، سمجهڻ، ڄاڻڻ، سڃاڻڻ. ڀائنڻ.

ڀِاڄُو= ڀڄندڙ، ٽٽندڙ، ڀڳل، ٽٽل. ڀَڪٽِئو= م- ڀڪٽڻ، جهيڙو ڪرڻ، اجايو سجايو ڳالهائڻ.

ڀن= مڇيءَ ڦاسائڻ وارو وڏو ڄار.

ڀير= (سن. ڀَرمَ)، دستو، ڊول، نمونو، ور.

ڀيري= م- ڀيرڻ (سن. ڀرمَڻَ)، ڀير ڪرڻ، ڦيرائڻ، هلائڻ، ورائڻ، وڪڙ ڏيڻ.

ڀيڙيائي= ڀيڪوڙيل، بند ٿيل.

تجريد= (ع) اگهاڙو ڪرڻ، کل لاهڻ، اعراب ۽ نقطا نه ڏيڻ، شڪ ۽ ٻيائي کان جدا رهڻ.

تفريد= (ع) دنياوي شين کان ٽڳا ٽوڙي، پنهنجو پاڻ فنا ڪري، خدا سان وڃي هڪ ٿيڻ.

تجريد تفريد= سلوڪ جي راهه جي هن اصطلاحن جو مطلب آهي، ته طالب کي جڳائي، ته پهريائين پنهنجي دل مان شڪ، وسوسا ۽ ٻيائي جا اکر ڪڍي ڇڏي، ان کان پوءِ ئي سندس دل ۾ سلوڪ جو سوجهرو اچي سگهندو. جڏهن هن پنهنجي قلب مان سموري ڪس ڪڍي ڇڏي، تڏهن هو دنيا جي لڳ لاڳاپن کي ڇڏڻ ۽ پنهنجي نفس کي ضابطي ۾ رکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، ۽ اهڙي طرح وڃي حق سان هڪ ٿيندو.

تُندُ= (ف)، تندي ڪرڻ، شوخي ڪرڻ، ڪاوڙ ڪرڻ، ڇينڀڻ، گهٽ وڌ ڳالهائڻ، برو ڀلو چوڻ.

توهي= م- توهڻ. راضي ڪرڻ.

ٿاءِ ڪُٿَاءِ= هرهنڌ، هر جاءِ، جاءِ بجاءِ.

ٿوڪ= (سن. ستوڪَ) شيءِ، چيز، وکر.

پاٺيون= (سن. پَٽُڪا)، خشڪ، صاف.

پاراڀا= (سن. پَرشٽ ڀَاوَ. پريّش= موڪلڻ+ ڀاوَ= حالت: موڪلڻ جي حالت)، نياپا، سنيها، پيغام.

پاڻيهاري= پاڻي ڀريندڙ عورت.

پاهت= مصلحت، اتفاق، رستو، واسطو.

پٿر= (پرا. پَٿَرَ، سن. پَر ستَرَ)، پاهڻ، پهڻ، فوتيءَ لاءِ غم ڪرڻ جي جاءِ، وڇاڻو، هنڌ، وهڻ جي جاءِ.

پڇاڙيا= م- پڇاڙڻ. (پرا. کالَڻَ، سن. پَر ڪشَالَنَ پَر= گهڻو، چئني طرفن کان+ ڪشَل= صاف ڪرڻ)، ڌوئڻ، زور سان هڻڻ.

پڌر= سن. پَر سِڌَ)، پڌري، ظاهر.

پرياءُ= (سن. پَر يايَه. پَر= چئني طرفن کان+ اِڻ= وڃڻ) ريت، رسم، دستور، خيال، سمجهه، افاق.

پکڻان= (پک+ ”ڻا“ پڇاڙي)

(پرا، پَ کَ، سن، پَڪُشَ= کَنڀُ) پَرَ، تيز، پکي پکڻ

پَڳَهيو= م- پڳهڻ. پرا. پَ ڳَهَه، سن. پَر گَرهَ) پڳهه سان ٻڌي قابو ڪرڻ، قابو ڪرڻ، اٽڪائڻ.

پيو= پيتو.

ڦِٺ= (سن. سِڦُٽ)، جٺ ڦٽ

ڦَڙڪَيون= (ع- فتيلة)، فتيل، چيوٽ، چتين لڳل ڪپڙو.

ڦوڙائون= فراق، جدائي، وڇوڙو.

جاب= (ع. جواب)، سوال جو جواب، ورندي، وراڻي.

جوري= جيرو، جگر.

جِهتِ= (ع)، ڪنارو، طرف، پاسو، سمت، ڏس، رخ.

جُهِڻڪَن= ڪُڻِڪَن، آواز ڪن، تنوارن.

جهوريرا= جهوڙا، جهاٻا، ٽنور، ڇڳا.

چارڻين= چارڻن جي، يعني فقيرن جي.

چندا= چنتا، اڻ تڻ، ڳڻتي، الڪو، فڪر.

ڇاڇَر= تانگهو، ننڍو پاڻي، چِڪَ.

ڇُڳير= (سن. گَڇَ+ ”اير“ پڇاڙي) ڪَلنگيءَ وارا، بهادر، پهلوان، جوڌا، شهزادا.

ڇُلُ= م- ڇلڻ، (سن. اُڇَلَڻ، هلڻ، تڪڙو هلڻ.

ڇيرون= رانديون، لامارا.

حاضر= (ع)، سامهون يا آڏو هجڻ وارو

حبيب= (ع) دوست، يار.

خوش= (ف)، راضي، مزي ۾، فرحت ۾.

داغ= (ف)، نشان، ڌٻو چٽو، ٽڪو.

دم= (ف)، ساهه، حياتي، گهڙي، جهٽ، روح، طاقت، قوت.

ڌات= (سن. ڌرِتَ= جهلڻ)، عادت، نمونو، طرز، ڪم ڪار.

ڏکڙي= ڏکيو، مشڪل، تڪليف ڏيندڙ.

ڏاڻ= (سن دانَ- دا= ڏيڻ)، کاڌو، خوراڪ، بخشيش.

ڌڄڻ= دشمن، ضد: سڄڻ.

ڏکئا= م- ڏکڻ،

(پرا. دِکا. سن. دِيڪشا)، خوش، آسودا، سٺا.

ڏهه =(پرا. ديَس. سن. ديس). ڏيهه، ملڪ، وطن.

دم= (ع. درِهَمّ، پرا. دَمّ، سن. درَمّ)، سڪي جو قسم.

ڏهائين= ڏيهن جهڙو، ملڪن جهڙو.

ڍانڍا= خالي، پورا، کوکلا.

رڏ= رد، بيڪار، اجايو.

روح= (ع)، جان- انسان ٻن جزن جو مرڪب آهي:

جسم ۽ روح. جسم ٻاهريون يا ظاهري پوش، جو مادو آهي، ۽ انسان جي مرڻ کان پوءِ فنا ٿي وڃي ٿو. روح اها طاقت آهي، جا جسم کي هلائي ٿي، ۽ فنا نه ٿي ٿئي.

ساڄ= (ف ساز)، اوزار، سازو سامان.

ساڃائو= (سن. سَجّيانَ) سڃاتل، ڄاتل، پروڙيل، سمجهيل.

ساڙيهه= (سن. سَوديش- سَو= پنهنجو+ ديس= ملڪ) ساڻيهه، وطن، ديس.

ساءُ= مزو، لطف.

سائر= (ع، سائر. سن. ساگَرَ) سمنڊ، وڏو درياهه.

سُڀر= (سن. سَيَلَ، س= ساڻ+ بَلَ=ٻَلُ)، چڱيءَ طرح، چڱي نموني.

سُپڄي= م- سپڄڻ (سن. سُ+ اُتَ= مٿي+ پَدُ= پيدا ٿيڻ)، ڄَمڻ، نپجڻ، رهڻ، ماپڻ، سمائجڻ، ملي، لڀي، هٿ اچي (هتي).

سپڙ= سنڌ جو مشهور سخي مرد، جيڪو سمي گهراڻي مان هو. هن کي شاهه صاحب به ڳايو آهي.

سُڄي= م- سڄڻ. ٻڌجي، سجهي

سر= (ف)، مٿو.

سرا= شراب.

سڳر= (ع. ثَغَر)، سوڙهو لنگهه، اوکو پيچرو، اوٽ، رستو.

سلامي= (ع. سلام)، سلام ڪندڙ.

سلطان= (ع)، حآڪم، بادشاهه مالڪ.

سَمَگئا= م- سمگڻ (سن. سَمَڪَت)، نوازڻ، راضي ڪرڻ.

سُنهون= (پرا. سَندَيس، سن. سَنديَش- سَمُ= ساڻ+ دِش= وڌڻ) پيغام، نياپو، پارانڀو.

سنڀوئي= مڇي ڦاسائڻ جي ڄار جو قسم.

سهڻو= (پرا. سَوَهَڻَ، سن. شوڀَنَ)، خواب.

سهو= م- سهڻ (سن. سَهَنَ.

سَهّه= برداشت ڪرڻ)، سهندڙ، بار کڻندڙ، بردبار.

سينءَ= لاءِ، واسطي، ڪارڻ.

سيڻان= ساڻڻ، انهن سان.

صلح- (ع)، ٺاهه، سلوڪ، ميل ميلاپ.

صورت= (ع)، صورت، تصوير، شڪل.

صوفي= (ع)، سلوڪ جي راهه جو پانڌيئڙو، تصوف جي طريقي تي هلندڙ، حق جو طالب، سچو فقير.

عيد= (ع)، هر اها شيءِ جنهن جي عادت پئجي وڃي، جيڪا شيءِ هر هر اچي، ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو ڏينهن، مسلمانن جي جشن جو ڏينهن يا مذهبي خوشيءَ جو ڏينهن (مسلمانن جون وڏيون عيدون هي آهن:


[1]. ڀٽ ڌڻيءَ چيو آهي:

”جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اوڏي ئي مڱان.“

[2]. جهرڪن (بم)

[3]. سمڪئو (بم)

[4]. ڏان (بم)

[5]. هوتني (جهه)

[6]. ڪي (جهه)

[7]. اويساهي سوار (جهه)

[8]. منر (جهه)

[9]. هي بيت مرزا قليچ بيگ، شاهه ڪريم جو ڄاڻايو آهي.

[10]. کي (جهه)

[11]. هي بيت بيان العارفين جي موجوده نسخن مان ڪنهن ۾ به ڪونهي، فقط ”ق“ ۾ آهي.

[12]. ملاءِ (جهه)

[13]. ميلي (جهه)

[14]. ”بم“ ۽ ”ق“ ۾ اها ڳالهه الٽي آيل آهي. يعني ”ملامتي بزرگ“ جي بدران خود ”قاضي قاضن“ جو نالو آندو ويو آهي. سڀني قلمي نسخن ۾ ائين آهي، جيئن مٿي آندو ويو آهي.

[15]. هي گهاتوئن ويا، مون ڏوريائين لکيا (ق)

[16]. هن مان مراد آهي شيخ ابوالحسن خرقاني، جيڪو ايران ۾ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. سنه 348هه ۾ بسطام جي هڪ ڳوٺ خرقان ۾ سندس ولادت ٿي، ۽ سنه 425هه ۾ وفات ڪيائين.

[17]. ڏيندو (بم، هر)

[18]. هي بيت ٻيو پيرو آيو آهي.

[19]. هي بيت بم ۾ ڪونهي

[20]. شاهه لطيف چيو آهي:

”ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com