سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: شاهه ڪريم جو ڪلام

 

صفحو :7

سسئي پنهون

وهاڻيءَ ئي وڃ، تو نه سرندي تن ري،

تان سا وڃي ڀڃ، پيئي جا ڪاڻ پرين سين.

جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجان هٿ وڌاءِ،

تان سڃي سيج پريءَ ري، پنهون پٿر ناه،

نڪرندي چئاءِ، گهوڙا گهر نه سپرين.

 

عمر مارئي

ڪاڻياريون ڪيءَ ڪن، عمر اڇا ڪپڙا،

جن جا ٿرن ۾، ور ٿا ويڻ سهن.

سهڻي ميهار

جيڪي گهران م وڃ، جيڪي موٽ م سوهڻي،

هيڪڙيائي هٿ ڪر، ٻيون ڀاڃوءِ جنءَ ڀڃ.

 

مومل راڻو

ڪاڪ وڻن ساڻ، اوٺيين نه او رڳي،

جي گڻ هون گهڻا، راڻا توءِ روئندا وئا.

 

ليلا چنيسر

جوري اتي جن، داغ تو جو داسڙا،

تن ڪِي مٿان تن، چنيسر چت کڻين.

 

پوين شاعرن تي اثر

اهو ته اظهر من الشمس آهي، ته مضمون توڙي هيئت جي لحاظ کان پوين شاعرن، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تتبع ڪئي آهي. اها ڳالهه به ڏينهن ڏٺي جيان چٽي آهي، ته شاهه صاحب جي شعري روايتن جو سرچشمو ڪريم جو ڪلام آهي. انهيءَ ڪري چٽائيءَ ۾ صفائيءَ سان چئي سگهجي ٿو، ته سنڌي شاعرن، شاهه ڪريم جي شعر کي بنيادي پٿر بنائي، سنڌي شعر جي عمارت اڏي آهي. جيتوڻيڪ هو جدت ۽ انفراديت پيدا ڪندا رهيا، پر ان هوندي به ڪريم جو ڪلام جي روايت سان پنهنجو سلسلو منسلڪ رکيائون.

شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف

شاهه لطيف کي ڪريم جي ڪلام سان دلي رغبت هئي. روايت آهي، ته شاهه صاحب سان شاهه ڪريم جو رسالو (بيان العارفين) ساڻ هوندو هو.

اهوئي سبب آهي، جو شاهه جي رسالي جي قلمي نسخن ۽ ڪن ڇپيل رسالن ۾ ڪيترائي شاهه ڪريم جا بيت شاهه لطيف جي بيتن سان گڏيل آهن. مثلاً رواجي نسخن جي پهرين داستان ۾، شاهه ڪريم جا چار بيت آيل آهن.[1] انهن مان هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو[2]:

سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،

تنهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.

اهڙي طرح رواجي نسخن جي سريمن ڪلياڻ جي داستان 3 ۾ هڪ بيت، داستان 5 ۾ ٻه بيت، داستان 7 ۾ هڪ بيت ۽ داستان 8 ۾ ٻه بيت آيل آهن.[3] سريراڳ جي داستان چوٿين ۾ ٻه بيت آيل آهن.[4] سر سهڻي جي داستان 3 ۾ هڪ بيت، ۽ داستان 9 ۾ هڪ بيت آيل آهي.[5] سرديسي جي داستان 6 ۾ هڪ بيت آيل آهي[6].

ان کان سواءِ شاهه لطيف جي ڪن بيتن ۽ واين ۾ شاهه ڪريم جي بيتن جون مصرعون ملايل ملن ٿيون. يعني شاهه لطيف، شاهه ڪريم جون مصرعون تضمين طور آنديون آهن. مثلاً سر کنڀات جي هيٺينءَ وائي جي ٿل جون ٻئي مصرعون شاهه ڪريم جي بيت جون آهن:

سڌين سيڻ نه هون، نيہ نياپي نه ٿئي.

ڪاري رات، رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون،

نيہ نياپي نه ٿئي.

سر کنڀات جي هڪ وائيءَ جي هيٺين بند ۾ هي فقرو ”مون ٻيا در گهڻا نهارئا“، شاهه ڪريم جي هڪ بيت تان کنيل آهي.

”مون ٻئا در گهڻا نهارئا، آهين تونهين تون،

يا الا! تو درئوءِ نه ڇڏيان“

مضمون جي لحاظ کان شاهه لطيف جي شعر تي ڪريم جي ڪلام جو اثر ٻن نمونن جو نظر اچي ٿو. هڪ اهو، ته شاهه صاحب ڪيترا بيت، شاهه ڪريم جي بيتن جي ڀران چيا آهن، جنهن ڪري شاهه ڪريم جي بيت واري مضمون جي وڌيڪ وضاحت ٿئي ٿي. ٻيو هي ته شاهه صاحب شاهه ڪريم جي بيت وارو مضمون پنهنجي بيت ۾ پيش ڪندي، پنهنجي بيت ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪئي آهي. هيٺ ٻنهي قسمن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا:

اي درسندي مڱڻين، اڳي اِيءَ نه هير،

جنءَ ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهين.

(شاهه ڪريم)

شاهه لطيف انهيءَ خيال کي ڏاڍو تفصيل سان بيان ڪيو آهي. سر پرڀاتي سڄو، ۽ سر ڪوهياريءَ جو پهريون فصل انهيءَ سمجهاڻيءَ تي مشتمل آهي. سر پرڀاتيءَ جو هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:

سيرانديءَ ساز ڪئو، سمهين ساري رات،

جاجڪاڻي ذات، اِيَ نه هوِ اڳهنن؟

(شاهه ڪريم)

تون چو الله هيڪڙو، وائي ٻي م سک،

سچو اکر من ۾، سوئي لکيو لک.

(شاهه ڪريم)

انهيءَ نوعيت جا بيت به شاهه لطيف جي رسالي ۾ ڪيترائي ملن ٿا، مثلاً:

وحدهٰ لاشريڪ لہ، ايُ هيڪڙائي حق،

ٻيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسئا.

(شاهه ڪريم)

سوئي هيڏان، سوئي هوڏان، سوئي من وسي،

تنهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.

(شاهه ڪريم)

هن ۾ وحدت الوجود جو فڪر بيان ڪيل آهي. شاهه لطيف انهيءَ فڪر جي ڪيترن ئي بيتن ۾ وضاحت ڪئي آهي. هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:

سو هي، سوهو، سو اجل، سو الله،

سو پرين، سو پساه، سو ويري، سو واهرو.

(شاهه ڪريم)

وائي ٻي م ڀل، مران موران پکڻا،

بلا سندو سڄڻي، هو هلاچو هل.

(شاهه ڪريم)

اهو خيال به وحدت الوجود جي فڪر مطابق آهي. شاهه لطيف اهو خيال هن طرح بيان ڪيو آهي، ۽ شاهه ڪريم جي بيت جي پوئين مصرع تضمين طور آندي اٿس، صرف مصرع جا ٻه ڀاڱا ابتا سبتا ڪيا اٿس:

وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀل،

هو هلاچو هل، با الله سندو سڄڻين.

(شاهه ڪريم)

5- جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي،

من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.

(شاهه ڪريم)

شاهه لطيف اهو خيال هن طرح بيان ڪيو آهي:

تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن،

تندون جي طلب جون، وحدت سر وڄن،

وحده لاشريڪ لہ، اهو راڳ رڳن،

سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت ان جي.

(شاهه لطيف)

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو فرمائي ٿو:

ستي ان شراب، جن سري سي سون ٿئا،

سمهڻ تن ثواب، ڪتڻ تن کي ڪيميا.

(خواجه محمد زمان)

چرئن جنءَ چت ڪري، سڱ سڀئي ڇن،

جي ڀائين پري مڙان، ته مت موجي ڳن.

(شاهه ڪريم)

شاهه لطيف اهو خيال ڪيترن ئي بيتن ۾ بيان ڪيو آهي. هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو، جيڪو هن بيت جي ڀران معلوم ٿئي ٿو:

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سڱ سڀيئي ڇن،

وڃي در دوستن جي، نانگا ڪيم نن،

پٽ تنين جي پن، جن ٻجهي نه ٻجهڻو.

هي مثال نموني طور ڏنا ويا آهن، ورنه ٻيا به ڪيترائي اهڙا مثال ملندا. هي مثال ائين سمجهڻ گهرجن، جيئن ٻار مان ٽويو. فني سٽا جي لحاظ کان شاهه لطيف جي بيتن جو بنياد به شاهه ڪريم جا بيت آهن. شاهه لطيف به ٻن مصرعن وارا بيت چيا آهن، پر گهڻي قدر ٻن کان مٿي مصرعن وارا بيت چيا اٿس. شاهه ڪريم جا فقط ٻه بيت ٽن مصرعن وارا ملن ٿا. انهن بيتن جي خاص خوبي هيءَ آهي، ته انهن جي پوئين مصرع ۾ وچ تي قافيو اچي ٿو. شاهه لطيف جي سڀني اهڙن بيتن ۾، جن ۾ ٻن کان مٿي مصرعون آهن، قافيو پوئين مصرع جي وچ تي اچي ٿو. يعني بيت جي پوئين مصرع جي وچ تي قافيو جو اچڻ سنڌي بيت جي عام روايت ٿي ويئي، جنهن جي سڀيئي بيت جا شاعر پابندي ڪندا اچن. اهوئي سبب آهي، جو شاهه ڪريم کي ”شاهه لطيف جو مبشر“، ”سنڌي ادب جو وهائو تارو“، ۽ ”سنڌي شعر جو چاسر“ چيو وڃي ٿو.

فصل ستون

بيان العارفين

ترتيب

شاهه ڪريم جي ملفوظات بيان العارفين سندس مريد محمد رضا سندس وفات کان 6 سال پوءِ سنه 1038هه (1628) ۾ مڪمل ڪئي. هن مختلف هنڌن تي وڃي، شاهه ڪريم جي حياتيءَ جو احوال، سندس هدايتون، علم ۽ حڪمت جا قول ۽ بيت سندس مريدن کان معلوم ڪري قلمبند ڪيا. اهو احوال ۽ قول فارسي نثر ۾ لکيائين. انهيءَ احوال جي وچ وچ تي سنڌي بيت به آهن، جيڪي شاهه ڪريم انهيءَ احوال هلندي ٻڌايا. انهن بيتن مان گهڻا شاهه ڪريم جا آهن. انهن سان گڏ ڪجهه بيت قاضي قاضن ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا به آيا آهن. ڪي هندي ۽ فارسي شعر به آيا آهن. سنڌي بيت پهريائين قديم زماني ۾ هلندڙ سنڌي رسم الخط ۾ لکيا اٿس، ۽ پوءِ انهن جي هيٺان فارسي نثر ۾ انهن جو ترجمو لکيو اٿس.

هيءَ ملفوظات مقدمه، 7 بابن ۽ خاتمه تي مشتمل آهي. ڪتاب جي منڍ ۾ حمد ۽ نعت کان پوءِ ڪتاب تاليف ڪرڻ جو سبب ڄاڻايو اٿس. ان ۾ هن پنهنجو مختصر تعارف به ڏنو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته سندس نالو محمد رضا هو، مير دريائي ولد داروغه گهر جو پٽ هو، ۽ ٺٽي جو ويٺل هو. سندس وڌيڪ احوال ڪونه ٿو ملي.

منظوم سنڌي ترجمو

عبدالرحمان ولد محمد ملوڪ ڪاٺ ٻنڀڻ، ويٺل ڪڇ ملڪ جو شهر ڀڄ، ان جو الف الشباع جي نظم ۾ سنڌي ترجمو ڪيو، ترجمي جو ڪم ربيع الاول سنه 1213هه (1798ع) ۾ شروع ڪيائين، ۽ يارهن باب ساڳي مهيني جي 20 تاريخ پورا ڪيائين. انهن يارهن بابن کي ”جلد پهريون“ نالو ڏنو اٿس، ۽ پوين پنجن بابن کي ”جلد ٻيو“ ٺهرايو اٿس. باقي پنج باب ڪڏهن ترجمو ڪيائين، ان جي تاريخ نه ڏني اٿس. يعني هن فارسي نسخي جي مقدمه، ستن بابن ۽ خاتمه کي 16 بابن ۾ ورهايو آهي.

فارسي نسخي ۽ سنڌي ترجمي جي ڀيٽا کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو، ته ترجمو اصل مطابق آهي، ۽ ان ۾ ڪابه ڳالهه ڇڏي نه وئي آهي، البته ڪٿي ڪٿي ٿورو مضمون وڌايل آهي، ته جيئن ڳالهه جي وضاحت ٿئي. ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي ڪڇي لاڙي لهجي ۾ ڪيل آهي. ڪڇي لهجو به لاڙي لهجي جي لڳ ڀڳ آهي.

قلمي ۽ ڇاپي نسخا

بيان العارفين جا جيڪي فارسي قلمي نسخا، ۽ منظوم سنڌي ترجمي جا جيڪي قلمي ۽ ڇاپي نسخا ملي سگهيا آهن، انهن جو وچور هن هيٺ جا ٿو:

1ـ پير حسام الدين وارو فارسي نسخو

هي نسخو 22x 17/8 سائيز ۾ آهي، ۽ 414 صفحن تي مشتمل آهي. هر هڪ صفحي ۾ 17 سٽون آهن. هي نسخو پير عبدالباقي ولد حافظ حبيب الله ويٺل هنڱورجا تاريخ 17 صفر 1051هه تي نقل ڪيو. محترم ڊاڪٽر دائود پوٽه جي لکئي موجب هن پنهنجو سڄو ڪتاب فقير ڌڻي پرتي بلڙيءَ واري جي اتاريل نسخي تان جوڙيو، جيڪو 15 صفر سنه 1196هه جو نقل ڪيل آهي. هي نسخو ان کان قريباً ڏيڍ سؤ سال اڳ جو آهي، ۽ معلوم ٿئي ٿو، ته اصل نسخي تان نقل ڪيل آهي. هي نسخو صحيح صورت ۽ صاف اکرن ۾ لکيل آهي.

2ـ پير جهنڊي واري ڪتبخاني جو فارسي نسخو

هن جي سائيز ساڳي آهي. ڪتاب ۾ 448 صفحا آهن، ۽ هر صفحي ۾ 12 سٽون آهن. محمد سعيد عرف الهرکئي سنه 1183هه ۾ نقل ڪيو. نقل ڪرڻ واري ڪٿي ڪٿي روايتون ڇڏيون آهن، ۽ ڪي سنڌي بيت به حذف ڪيا اٿس.

3ـ منصوره ڪاليج وارو فارسي نسخو (م)

هي نسخو 18x 23/8 سائيز ۾ آهي. پويان ٻه ورق ڦاٽل معلوم ٿين ٿا. ڦاتل ورقن کانسواءِ ڪتاب 606 صفحن تي مشتمل آهي، ۽ هر صفحي ۾ 15 سٽون آهن. محمد صالح ڪاتب سنه 1241هه ۾ نقل ڪيو. ڪاتب اصل ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ ڪجهه صفحا فارسي نثر ۽ نظم ۾ پنهنجي طرفان لکيا آهن. انهن ۾ شاهه ڪريم جي زندگيءَ جو مختصر احوال به ڏنو اٿس، ته شاهه ڪريم جي توصيف به ڪئي اٿس. نه فقط ايترو، پر شاهه ڪريم ۽ شاهه ڪريم جي توصيف به ڪئي اٿس. نه فقط ايترو، پر شاهه لطيف ۽ شاهه لطيف جي وفات جون ڪيتريون ئي تاريخون به ڏنيون اٿس.

هي نسخو جيتوڻيڪ گهڻو پوءِ جو لکيل آهي، پر گهڻي قدر صحيح نموني اُتاريل آهي. عبارتون صحيح آهن، ۽ ڪٿي به ڪا ڳالهه ڇڏيل نه آهي.

4ـ سنڌي ادبي بورڊ وارو بيان العارفين سنڌي قلمي (س)

هن جي سائيز 20x 30/8 آهي، ۽ منجهس 277 صفحا آهن. هر صفحي ۾ 17 سٽون آهن. ڪاتب سيد غلام شاهه قادري 4 ربيع الاول سنه 1244 هه تي لکي مڪمل ڪيو. هي فقط پهرين جلد جو نقل آهي. سنڌي تحرير جيتوڻيڪ قديم صورتخطي ۾ آهي. ان هوندي به صاف ۽ چٽي آهي. صحت جو پورو پورو خيال رکيو ويو آهي.

5ـ بمبئيءَ وارو سنڌي ڇاپو (بم)

هي ڪتاب ڏي سائيز جي 296 صفحن تي مشتمل آهي. هر صفحي ۾ ٻه ڪالم آهن، ۽ هر ڪالم ۾ 21 سٽون آهن. هي ڪتاب مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم مخدوم نورنگ زاده، ڪتب فروش ميرپور بٺورو، مطبع مرغوب هرديار بمبئيءَ مان سنه 1293هه (1876ع) ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب لٿو ۾ آهي، ۽ خود ڇپائيندڙ جو ڪتابت ڪيل آهي.

ڪتاب جي پڇاڙيءَ واري نوٽ مان معلوم ٿئي ٿو، ته ڇپائيندڙ اصلوڪي نسخي ۾ ڦيرڦار ڪئي آهي. نتيجو هي نڪتو آهي، جو هن ڇاپي نسخي مان ڪيترا سنڌي بيت حذف ٿي ويا آهن، ڪجهه قول به ڇڏجي ويا آهن، ڪيتريون عبارتون مختصر ٿي ويون آهن، ڪيترن هنڌن تي مضمون اڳي پوءِ ٿي ويو آهي، ۽ ڪن هنڌن تي مورڳو مضمون ئي غلط ٿي ويو آهي. نه فقط ايترو پر قديم ٻولي بدلائي ان وقت جو مروج لاڙي لهجو رکيو ويو آهي، ۽ منظوم ترجمي کي آسان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

هريسنگ وارو ڇاپو

هي ڪتاب وچولي سائيز ۾ ڇپيل آهي، ۽ 246 صفحن تي مشتمل آهي. هر صفحي ۾ ٻه ڪالم آهن، ۽ هر ڪالم ۾ 35 سٽون آهن. هي ڪتاب لٿو ۾ ماستر هريسنگ ڪتب فروش سکر سن 1909ع ۾ اسلامي پريس لاهور مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪاتب در محمد ويٺل لقمان (خيرپور ميرس) آهي، جنهن ڪتابت ۾ موجوده صورتخطي اختيار ڪئي آهي، البته ڪٿي ڪٿي اون اون جي بدران اءٌا ۽ اين جي بدران ا=ا آندو اٿس.

هي ڇاپو بمبئيءَ واري ڇاپي تان نقل ڪري ڇاپيو ويو آهي. البته ڪاتب لاڙي لهجي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري عبارت ۾ مونجهارو ٿيو آهي، ۽ صحت بگڙجي وئي آهي.

(7) بيان العارفين جي ڇاپن کانسواءِ بيان العارفين تان هيٺيان ڪتاب جوڙيا ويا آهن، جن ۾ شاهه ڪريم جا سمورا بيت، ۽ سندس ٿورا قول سنڌي نثر ۾ ڏنا ويا آهن. شروع ۾ شاهه ڪريم جي حياتيءَ جو احوال آهي، ۽ سندس بيتن تي تبصرو آهي.

(الف) رساله ڪريمي

مرتب: مرزا قليچ بيگ، صفحا 20، سال 1904، سائيز 30x20/16 ٽائيپ ۾ ۽ موجود رسم الخط ۾.

(ب) شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

مرتب: ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، صفحا 126، سال 1937، سائيز 18 23/8 ٽائيپ ۾ پيپلس پريس حيدرآباد ۾ ڇپيل.

(ج) ڪريم جو ڪلام

مرتب: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، صفحا 224، سال 1963ع سائيز 18x23/8، پريس: قادري پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻه، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلاميه ڪاليج سکر.

(8) بيان العارفين سنڌي (اڻ ڇپيل)

هي نسخو ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ نئين طرح سنواري سڌاري سنه 1973ع ۾ سنڌي يونيورسٽيءَ کي پيش ڪيو. هن ۾ بيان العارفين سنڌي جي صحيح متن کانسواءِ مقدمه، بيتن جي شرح ۽ تاريخي ڳالهين جي اپٽار آهي.

موجوده ڇاپو

هن ڇاپي جي متن جون هي خصوصيتون آهن:

1ـ سنڌي بيت، مختلف قلمي نسخن ۽ ڇاپي ڪتابن ۾ آيل سنڌي بيتن سان ڀيٽي، ڪوشش ڪري صحيح صورت ۾ ڏنا ويا آهن. حاشيءَ ۾ مختلف پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن.

2ـ بيان العارفين مان فقط اهي قول سنڌي نثر ۾ ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌي بيتن سان لاڳاپيل آهن، ۽ بيتن جي مفهوم جي اپٽار ڪن ٿا.

صورتخطي

موجوده صورتخطي 1853ع ۾ تيار ٿي. ان کان اڳ ۾ سنڌي بيت ۽ الف اشباع ۾ لکيل ڪتاب پراڻي رسم الخط ۾ لکيا ويندا هئا، جنهن ۾ ٺيٺ سنڌي اکرن لاءِ ڪي صورتون مقرر ڪيون ويون هيون. اهي به جدا جدا نمونن جون هيون. بيان العارفين فارسي جي قلمي نسخن ۾ جيڪي سنڌي بيت ڏنا ويا آهن، انهن جي صورتخطي به قديم نوعيت جي آهي. هن هيٺ اهڙو ڀيٽا جو چارٽ ڏنو وڃي ٿو:

بمبئي واري ڇاپي وقت موجوده رسم الخط مروج ٿي چڪي هئي. ان هوندي به مٿين چارٽ مان معلوم ٿيندو، ته بمبئي ڇاپي ۾ ڪي اکر پراڻي رسم الخط ۾ آيل آهن. هن ڪتاب وانگر اهڙي نموني جا ٻيا الف اشباع وارا مذهبي ڪتاب به اهڙي ئي نموني جي صورتخطي ۾ ڇپيل آهن. هيٺ ڏنل ڀيٽا جي چارٽ مان اها ڳالهه واضح ٿيندي.

هاڻوڪي

ح

جهه

م

س

بم

ٻ

ب

ب

ب

ب

ٻ

ڀ

ڀ

بهه، ڀ

ب

ڀ

ڀ

ٿ

ٿ

ٿ

ت

ٿ

ٿ

ٽ

ٽ، ٽر

ٽ

ت

ٽ

ٽ

ٺ

ٽ

ت

ت

ٽ

ٺ

ڃ

ڃ

ڃ

ج

ڃ، ج

ڃ

ڃ

نج

نج

ج، نج

نج

نج

ڇ

ڇ

چ، چ

ڇ، ج

ڇ

ڇ

ڌ

ڌ، د

ڌ

د

ڌ، د

ڌ

ڏ

ڏ

ڏ

د، ڏ

ڏ

ڏ

ڍ

ڊ

ڊ

د

ڊ

ڍ

ڙ

ر، ڙ

ر

ر

ر

ر

ڦ

ق

ق

پ، ف

ق

ق

ڪ

ڪ

ڪ

ڪ، ک

ڪ

ڪ

ک

ڪ، ک

ک

ڪ

ک

ک

ڳ

گ

ک گ

ک

گ

ڳ

ڱ

نگ

نگ

ک

نگ

نگ

ڻ

ن

ن

رُن

ن

ڻ

ئون

وَ

وَ

وَ

وَ

وَ

اين

=

=

=

=

=

 

هاڻوڪي

ت

ب

ن

ص

ي

ج

ڃ

نج

نج

ڃ

ڃ

نج

ڃ

ڄ

ڄ

ڄ

ڄ

ڇ

ڄ

چ

ڌ

ڌ

ڌ

ڊ

ڌ

ڌ

ڌ

ڏ

ڏ

ڏ

ڏ

ڏ

ڏ

ڏ

ڍ

ڍ

ڊ

ڊ

ڍ

ڍ

ڊ

ڙ

ر، ڙ

ڙ

ر

ڙ

ڙ

ڙ

ڱ

ڱ

ڱ

ڱ

ڱ

ڱ

ڱ

اون

وَ

 

 

 

 

 

اين

=

=

=

=

=

=

ان کانسواءِ املا ۾ به اختلاف آهي. انهن ڪتابن ۾ م، نه، ته، لفظن سان اڳيان ملائڻ جا نمونا ملن ٿا، جهڙوڪ: تڪر= ته ڪر، نلکن= نه لکن، تجيڪو= ته جڪر. ”۾“ وري پويان ملايو ويندو هو، جهڙوڪ: خلوت ۾= خلوت ۾، ”سين“ به ڪن ڪتابن ۾ لفظن سان پويان ملايل آهي، جهڙوڪ: اکينسين= اکين سين:

اهڃ

 

نمبر

نسخي جو نالو

اهڃاڻ

1

پير حسام الدين جي ڪتب خاني وارو فارسي قلمي

ح

2

پير جهنڊي واري ڪتبخاني وارو فارسي قلمي

جهه

3

منصوره ڪاليج وارو فارسي قلمي

م

4

سنڌي ادبي بورڊ وارو سنڌي قلمي

س، سنڌ

5

بمبئيءَ وارو ڇاپو

بم

6

هريسنگ ڪتب فروش وارو ڇاپو

هر

7

رساله ڪريمي: مرزا قليچ بيگ

ق

8

شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام: ڊاڪٽر دائود پوٽو

د

9

محمد رضا وارو اصلوڪو نسخو (هن نسخي جون پڙهڻيون ڊاڪٽر دائود پوٽي جي مرتب ڪيل ڪتاب تان کنيل آهن.)

ر

10

فقير ڌڻي پرتي وارو نسخو

د

11

تنبيہ الجاهلين، مطبع ڪريمي بمبئي، 1336هه (1917ع)

ت

12

بدرالمنير: مخدوم عبدالله نرئي وارو، مطبع علوي بمبئي

ب

13

مصلح المفتاح: سيد علي محمد شاهه، مطبع فيض سبحاني ڪوٽڙي، 1322هه (1904ع)

ص

14

معراج نامون، مطبع ڪريمي بمبئي، 1332هه (1913ع)

ن

15

سير بستان (قصص الانبياء)، تصنيف 1070هه، مصنف محمد حسين، مطبع ڪريمي بمبئي، 1331هه (1912ع)

ي

16

مجموعه مدحيات، مطبع ڪريمي بمبئي، 1334هه (1915ع)

ج

متن

باب پهريون

شاهه ڪريم جي ولادت ۽ پيري مريدي

شاهه ڪريم کي ننڍپڻ کان ئي سماع جو ڏاڍو شوق هوندو هو. ننڍپڻ وارن ڏينهن ۾ هڪ ڀيري سماع جي محفل ۾ ويٺو هو، ته ائين ڪندي سندس وڏو ڀاءُ اچي اتي نڪتو. هو کيس چماٽ هڻي اٿاري گهر وٺي ويو، ۽ وڃي والده جي اڳيان حاضر ڪيائينس. والده کي چوڻ لڳو ”مٺڙي امڙ، مون کي، هن کي هدايت ڪرڻ کان منع نه ڪجانءِ. مان ته علم نه پڙهيس، پر هينئر هي به ٿو پري رهي. نبي ڪرم ﷺ جن فرمايو آهي، ته علم کان خالي نه رهجي، ۽ اٻوجهه نه ٿجي. ٻنهي جهانن ۾ علم افضل آهي. هي وري علم پرائڻ ڇڏي وڃي ٿو سماع ۾ مشغول ٿئي. پاڻ کي ائين ڪرڻ نه جڳائي.“ ان تي سيد صاحب پنهنجي ڀاءُ سيد جلال ڏانهن مخاطب ٿي هي بيت چيو:

ان در سندي مَڱڻي[7] اڳي اِيَ نه هير[8]،

جِنءَ[9] ڊگها) ڪري پير، سڄيون راتيون سمهي[10].

باب ٻيو

شاهه ڪريم جي بزرگيءَ جي تعريف ۾

• فقير حاجي سوري فرمايو، ته ان وقت جيڪي بزرگ مون ڏٺا، انهن بزرگن کي واحد سان وصال جو ڪو وقت مقرر هو، پر حضرت شاهه ڪريم پنهنجي مالڪ جي محبت ۾ سدائين مستغرق رهندو هو.

• هڪڙي فقير ٻڌايو، ته حاجي سوري وٽ ويس، ۽ کيس چيم، ته ”حضرت شاهه ڪريم جا مريد چون ٿا ته، حضرت سيد صاحب موليٰ جي مشاهدي ۾ سدائين مستغرق رهندو هو، اها ڳالهه ڪيتري قدر درست آهي.“ حاجي سوري فرمايو ته، اهي فقير پنهنجي قول ۾ سچا آهن. مون پنهنجي وقت جي ايڪويهن بزرگن، جهڙوڪ: مخدوم محمد اسماعيل جاڳو، سيد رڪن الدين جي خدمت ۾ رهيس، پر مون کي اهڙو مقصد حاصل نه ٿيو، جهڙو سيد صاحب جي صحبت مان حاصل ٿيو.

• حاجي صابو سومرو مخدوم نوح جي مريدن مان هو. انهي فرمايو، ته حضرت شاهه ڪريم کي سدائين موليٰ جو مشاهدو حاصل هو. جاڳڻ وقت توڙي سمهڻ وقت هو اهو مشاهدو ماڻيندو رهندو هو.

• مخدوم نوح جي مريد بهاءالدين گودڙي فرمايو، ته هڪ ڏينهن حضرت شاهه ڪريم وٽ ويس ۽ کيس عرض ڪيم، ته مون تي به اهڙي نوازش جي نظر ڪيو، جو مون کي به ائين موليٰ جو مشاهدو نصيب ٿئي، جيئن اوهان کي حاصل آهي.

• حضرت بهاءالدين گودڙي فرمايو، ته حضرت شاهه ڪريم جيڪڏهن سمهي پوي، ته هن جي اها ننڊ به اسان جي عبادتن کان بهتر آهي.


[1]. هوتچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر: شاهه جو رسالو جلد 1. سال 1923 ص 15 مقدمه

[2]. لنڊن ص 323.

[3]. گربخشاڻي: شاهه جو رسالو، جلد 1، ص- 66- 365

[4]. ايضا، ص- 447

[5]. ايضاً، ج 3، ص- 31

[6]. ايضآً ص- 447.

[7]  مڱڻين (ق)

[8]. اڳيئي ته هير (س)

[9]. جي (س)

[10]. هي لفظ (ق) ۾ ڪونهن.

نوٽ: شاهه ڪريم جي بيتن جي اڳيان(1) (2) وغيره نمبر ڏنل آهي.

قاضي قاضن جي بيتن جي اڳيان * نشاني ڏنل آهي.

ٻين شاعرن جي بيتن جي اڳيان • نشاني ڏنل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com